سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2019ع

باب:

صفحو:10 

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

 

 

 

شڪارپور جو قيام ۽ ثقافتي اُهڃاڻ

ماضي ۽ حال جي آئيني

شڪارپور شهر، ان جا در ۽ ديوارون، محل ماڙيون، قلعو ۽ ان جا دروازا، روڊ رستا بازار ۽ مزار لاشعوري طور تي مون کي چئي رهيا آهن ته آءٌ انهن جي طلسمي رنگ، سونهن ۽ ثقافت کي بار بار ورجايان. هڪ سنڌي هجڻ جي ناتي هيءُ منهنجو به شهر آهي. هن شهر جي ثقافت، مٽي، موسم، عمارتون ۽ ماڻهو منهنجي جسم ۽ جان سان چهٽيل خوشبوءِ جيان آهن.

آءٌ هن شهر جي ڪهاڻي، اُتان ٿو شروع ڪريان جتان هن شهر جي اڏيندڙن جي محبت ۽ پيار جي انتها ٿئي ٿي. انهن هرحال ۾ هن شهر جي سنڀال ڪئي ۽ هن شهر کي شاد ۽ آباد رکيو. آءٌ جيڪب آباد کي جيالن جو شهر ٿو ڪوٺيان. شهر جي گهٽين ۾ گهمندي لڳندڙ هوا کي، ڏکڻ جي ٿڌڙي هير جي جُهوٽي جيان سمجهندي، لاهور جي وڻڪاري گهٽين ۾ گُهلندڙ هوا کان بهتر ٿو سمجهان. اها عقيدت ۽ نياز جي ڪهڙي حد آهي!! اُها ڪهڙي دهلي هئي جيڪا مرزا غالب جي سيني ۾ ساهه بڻجي ڌڙڪندي هئي. مَروند جي رهواسي سيد عثمان مروندي کي ڪهڙي خوشبوءِ موهي سيوهڻ جو اِستعارو بڻائي ڇڏيو. عباسي خاندان جو فرد، دجله ۽ فرات جي پاڻيءَ جي وارياسي مٽيءَ سان تراشيل امير بهادرخان دائودپوٽو ڪيئن هن شهر شڪارپور جي ريت، روايت ۽ ادب جي سڃاڻ بڻجي پيو. شڪارپور جي قيام کان صرف ٽيهه سال بعد 1646ع ۾ امير صادق محمد خان، امير بهادر خان جي پوٽي شهر جي تقدس، ننگ ۽ ناموس بچائيندي، نور محمد ڪلهوڙي ۽ مرزا عسڪري (نادرشاد جي عيوضي) پاران مڙهيل لڙائيءَ کي منهن ڏيندي پنهنجو حرم، ٻار ٻچا ڪُهي کوهه ۾ وجهي، پاڻ به شهيد ٿي ويو. جتي اُهي حرم جون عورتون قتل ٿيون ان کي ماهو ڪوٺين ٿا. اُها جاءِ، کوهه ۽ پاڙو اڄ به شڪارپور ۾ موجود آهي. جنگ جو فيصلو امير صادق محمد جي حق ۾ آيو، پر سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هو. امير جو پٽ امير بهاول خان، انهن شهادتن کان پوءِ شڪارپور آيو ۽ هن پنهنجي والد کي اباڻي قبرستان ۾ دفنائي، پاڻ سدائين لاءِ شڪارپور ڇڏي، بهاول پور رياست جا رڻ وڃي وسايا.

هن شهر وڏا ويلَ سَٺا- کرڙي جي جنگ به مٿن مڙهي ويئي. اها جنگ احمد شاهه ابداليءَ جي پوٽي شاهه شجاع ۽ ميرن جي وچ ۾ 1248هه ۾ کرڙي جي ميدان تي لڳي، جنهن ۾ شڪارپور جا بهادر ۽ دلير پٽ دشمن سان وڙهندي شهيد ٿي ويا. هن جنگ ۾ تمام گهڻو جاني نقصان ٿيو هو، تنهنڪري ان دور جي وڏن شاعرن- خليفي نبي بخش لغاري، آخوند محمد عالم ۽ ڪوٽ ڏجي ويجهو هڪ ڳوٺ ٽنڊي شاهه جي رهواسي ميان آندل فقير ماڇي، ٿيل لڙائيءَ تي ڪيڏارا لکيا ۽ شاعريءَ ذريعي بهادر سپوتن جا نالا تاريخ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا.

ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن جي وڏن مان جنهن بزرگ کي امير بڻائي ڄام جو لقب ڏنو ويو، سو امير محمد چيني خان هو، جنهن کي ٻه پٽ محمد مهدي ۽ محمد دائود هئا. پيءُ جي وصيت موجب پهرين کي ترار ۽ دستار عطا ٿي جڏهن ته ٻي کي تسبيح ۽ مُصلو مليو. پهرين جو اولاد ڪلهوڙا سڏجن ٿا ۽ ٻي جو دائود پوٽا آهن.

چون ٿا ته شڪارپور جي قيام جي تاريخ تي به اختلاف ليفٽيننٽ اليگزينڊر برنس (Alexander Burns) جو پيدا ڪيل آهي جنهن پهريون ڀيرو پنهنجي سفرنامي ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو 1906ع جي گزيٽيئر ۾ درج ٿيل آهي. هُو لکي ٿو ته: شڪارپور 1026هه مطابق 1617ع ۾ وجود ۾ آيو. لکيدر جي ٻاهران حاجي فقير الله علويءَ جي مسجد ۾ هڪ ڪتبو موجود آهي، جنهن تي فارسي لفظ ’غوک‘ درج آهي ۽ ابجد جي حساب سان انهن حرفن جو تعداد 1026هه (1617ع) ٿئي ٿو ۽ اها انهيءَ شهر جي قائم ٿيڻ جي تاريخ آهي.

شڪارپور جي قائم ٿيڻ بابت پروفيسر سيد محمد سليم پنهنجي هڪ مقالي ۾ برنس جي بيان سان اختلاف ڏيکاريندي، ان کي دليلن سان رد ڪيو آهي. هُو لفظ ’غوک‘ (ڏيڏر) واري ڪتبي کي به غير مستند سمجهي رد ڪري ٿو. پنهنجي راءِ ۾ دليل ڏيندي لکي ٿو: ”شڪارپور جو قيام شهزادي معزالدين جي ملتان ۾ حاڪم مقرر هئڻ کان بعد ممڪن ٿي سگهي ٿو (1106هه/ 1694ع کان بعد). وڌيڪ لکي ٿو ته اسان اهو ثابت ڪري چڪا آهيون ته شڪارپور جي باني (امير بهادرخان (ثاني) جي وفات 1111هه/1700ع ۾ ٿي آهي، انڪري شڪارپور جو قيام 1106هه- 1111هه يعني 1694ع جي وچ ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. منهنجي خيالن ۾ پروفيسر سيد سليم جي ڪيل طويل بحث ۾ مدلل سچايون بيان ڪيل آهن؛ انڪري شڪارپور جي قيام جي تاريخ به سندس بيان ڪيل شمار ڪرڻ گهرجي.

چون ٿا ته شڪارپور شهر جي آباد ٿيڻ کانپوءِ واپاري سهولتن جي ڪري ڪيترائي هندو ڪٽنب لڏي پلاڻي اچي شڪارپور ۾ ويٺا. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد لکي ٿو ته هتي هندن جون کوڙ ذاتيون آيون، جن مان آهوجا، بجاج، جماڻي، چاولا، ڇاٻڙيا، ڄيٺملاڻي، راجپال، کٽر، گانڌي، لُلا ۽ ماٽا وغيره مشهور آهن. انهن مان بنمل آهوجا جي مشهور حويلي لکي در اندران آهي، جڏهن ته قلات مان آيل ڀاٽين جي آڪهه مان ڦيرومل ناليرو ٿي گذريو آهي. انهن جي پونئرن کي ڦيرواڻي سڏيو ويندو هو. انهيءَ خاندان جو هڪ مشهور پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي ٿي گذريو آهي، جيڪو گروڪل يونيورسٽيءَ بمبئيءَ ۾ 1913ع کان 1924ع تائين پروفيسر ٿي رهيو. هن 1908ع ۾ سيٺ اڌلداس سان گڏجي هتي ڪل تي هلندڙ ڪپڙن اُڻڻ جو جديد پهريون ڪارخانو لڳايو. ان کان اڳ ۾ 1890ع ۾ سيٺ اڌلداس دوارڪاداس ڀاٽيا هتي پهرين سِلڪ مِل به لڳرائي هئي. ٻنهي ملن جو مال ڏيساورن تائين موڪليو ويندو هو.

هيءُ واپارين جو شهر هو، جيڪي پوريءَ دنيا ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪري چڪا هئا. شڪارپور کي تڏهن ضلعي جي حيثيت حاصل هئي، سنڌ جا ٻيا ٻه ضلعا- ڪراچي ۽ حيدرآباد هئا. شڪارپور جا واپاري هتان اناج، سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو، تازو ۽ سڪل ميوو، عاج، سون ۽ جواهر ڏيساور موڪليندا هئا. اهي ڏاڍا سيبتا ۽ سياڻا واپاري هئا. ٻاهريون مال ڪمائي اچي شڪارپور ۾ خرچ ڪندا هئا. انڪري ڏينهون ڏينهن شهر جي سونهن، بنگلا، ماڙيون، باغ بستان به قائم ٿيندا رهيا ته واپار ۾ به اضافو ايندو رهيو.

هتان جا گهر جوڙيندڙ اوستا، در، درين ۽ ڇتين تي ڪاٺ جي اُڪر ۽ جنساريءَ جو ڪم ڪندڙ ڪاريگر ۽ ٽامي توڙي پتل جا ڀانڊا ۽ ديڳيون ٺاهيندڙ ٺاٺارا ۽ ڀرت توڙي ٽڪ ۽ هرمچ جو ڪم ڪندڙ گهريلو عورتن، سڀ جو سڀ پنهنجي حصي جو ڪم هن شهر جي ترقيءَ لاءِ ڪندا رهندا هئا.

هتان جا ماڻهو ڏاڍا دياوان ۽ ديالو هئا. سماجي ڀلائي، تعليم ۽ صحت لاءِ کين سدائين اونو رهندو هو. راءِ بهادر اڌوداس تاراچند کي ڪير وساريندو، جنهن اسپتال ٺهرائي عام و خاص لاءِ ارپي ڇڏي، نماڻائي ۽ انڪساري ايڏي جو پنهنجو نالو اسپتال ۾ داخل ٿيڻ واري ڏاڪڻ ۾ لکرائي ڇڏيو هو، اسپتال ۾ جيڪو گهڙندو هو، انهي اڪريل نالي مٿان پير رکي پوءِ اندر داخل ٿيندو هو.

ان وقت ٻيا جيڪي سماجي، مذهبي ۽ تعليمي ادارا هئا مسجدون، مندر، ٽڪاڻا، گردوارا، ڌرمشالائون، گئوشالائون، اسڪول ۽ ڪاليج سڀ خيراتي ۽ ڌرمائو هئا. مندرن ۽ ٻين هنڌن تي پکين ۽ ٻين گگدامن لاءِ روٽين جا ڍڳ ۽ اناج جا ڍير ۽ پاڻي جا حوض ٺهرايل هئا.

سيٺ چيلا سنگهه سترامداس ۽ سيتلداس تيرٿداس جهڙا ديالو منش ڳوليا لڀندا، جن گڏيل سهڪار سان سي.اينڊ ايس.ڪاليج جي عاليشان عمارت جوڙائي، سيتلداس تيرٿداس پنهنجي پتني ايشوريا ٻائي جي ياد ۾ هڪ اسڪول به ٺهرايو هو. منگهن مل سرتومل، واڌومل ويڙهومل گوڪلاڻي، ديوان پوڪرداس ٿانورداس (ڪتابن وارو) ڀائي ويرومل بيگراج ۽ خوبسنگهه، لکيدر وارو پرائمري اسڪول جنهن کي هندو سنڌي اسڪول نمبر اول چيو ويندو هو، انهن جي ڏنل پئسن مان جوڙيو ويو. هاٿيدر واري پرائمري اسڪول جي عمارت شڪارپور جي مشهور وڪيل ديوان بهادر مرليڌر پنجابي پنهنجي پتني شيامي ٻائيءَ جي پوتر ياد ۾ ٺهرائي ڏني هئي. گوڪلاڻي واڌومل هوپ پُل اڪيڊميءَ جو پايو وجهندڙ هو. ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو لکي ٿو ته: اردو صدر پرائمري اسڪول سنه 1942ع ۾ برپا ڪيو ويو. هن اسڪول جي عمارت ڪاڪي سوڀراج تيار ڪرائي، هريجن قوم لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. ڪاڪي نه صرف اسڪول جي بلڊنگ تعمير ڪرائي ڏني، پر ان سان گڏ اسڪول لاءِ فرنيچر پڻ تيار ڪرائي ڏنو.

ڊاڪٽر هڪڙو صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: 1889ع ۾ پريتم ديوشرما جي ڪوششن سان پريتم ڌرما سڀا اسڪول کوليو ويو، جنهن ۾ گرمکي، هندي ۽ ديوناگري جي وديا ڏني ويندي هئي. نيو ايريا هاءِ اسڪول، هندو جنرل پنچايت پاران مينگهراج منشاراماڻي جي سرپرستيءَ ۾ 1932ع ۾ قائم ٿيو.

شڪارپور پنهنجي اوج واري زماني ۾ سنڌ جو پئرس سڏبو هو. هتان وهندڙ شهر جي اتر ۾ ڇوهي شاخ، اوڀر ۾ رئيس ڪئنال ۽ ڏکڻ ۾ سنڌ ۽ بيگاري واهه اهڙا ته ثقافتي ۽ تفريحي ماڳ آهن، جتي دجله ۽ نيل ندي جيان سدائين رونقون رهيون. بيگاري واهه تي زنانو اشنان گهاٽ ڍڪيل ۽ پردي سان هوندو هو. ڀر ۾ شاهي باغ هو ۽ ان جي ڀرسان جتي افشان سئنيما آهي، اتي هانڊو هوندو هو. جتي وڏا وڏا گويا ۽ راڳي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. هاڻي انهيءَ پرستان ۾ نه گوين ۽ گائڪن جي مٺي گونج پئي ٻُڌجي ۽ نه وري اپسرائن ۽ نرتڪين جا ناچ ۽ نخرا ڏسڻ ۾ پيا اچن. سنڌ واهه تي دسهڙي ۽ ڏياريءَ جي ڏهاڙن تي واهه جي رونق هوندي هئي. ماڻهو موج مستي ڪندي ڏينهن گذاري ڇڏيندا هئا.

ورهاڱي کانپوءِ شڪارپور جي هندو آبادي لڏي پلاڻي، پنهنجا محل نما گهر ۽ حويليون ڇڏي هندستان هليا ويا. انهيءَ لڏپلاڻ ڪري جتي تهذيبي خلا پيدا ٿيو، اتي وري ساڳي وقت لڏي آيل مهاجرن جي نئين ثقافت ڪري کوڙ سارن ثقافتي، سماجي ۽ معاشي نون روين جنم ورتو ۽ نتيجي ۾ شڪارپور اندر ٻيا شڪارپور جُڙندا ويا. ورهاڱي کان پوءِ جتي ڪاروبار بدليا، ڪاروباري بدليا اتي انگريزن جا پاليل فيوڊل ۽ پوءِ وري صنعتڪارن ۽ لينڊ مافيا اچي جاءِ والاري.

انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته شهر جي ٿيل پلاننگ ۽ سونهن کي ٻاهران آيل ماڻهن جي بي واجبيءَ ڪري هاڃو رسيو، پر پنهنجن به گهٽ ڪونه ڪئي. ڳوٺن کان لڏي آيل ماڻهن ۽ لينڊ مافيا شڪارپور جي سونهن ۽ سڀيتا سان گهٽ ڪونه ڪئي. مسڪين شاهه محلو، انڙ محلو، سنجراڻي پاڙو، ريلوي ڪالوني، بروهي محلو ۽ ٻين پاڙن ۽ ڪالونين هن شهر جي شڪل کي مٽيءَ جي دز ۾ لَٽي ڇڏيو آهي.

ماضيءَ ۾ اسٽول گنج، قاضي محلو، کٽ وارو گرداس مندر، شيخ محلو، گگراڻي گهٽي،
لکي
در، هاٿي در، واڳڻودر، صدر، ڪڙي نواب خان، ڪڙي عطا محمد، سڪ پل، سامي شير، صديقي ۽ سومرا پاڙن، ڀٽي، ميراڻي ۽ جهُلڻ محلن ۽ فوجداري ڪالوني تائين شهري آبادي هوندي هئي، نيڪاسي آب سان گڏ صفائي سٿرائيءَ جو به هتي سٺو انتظام ٿيل هو. شهر جا ماڻهو هيٺ محبت سان گذاريندا هئا. سندن ٻوليءَ جو ميٺاج ۽ لهجي جو منفردانداز ڏاڍو سيبائتو ۽ پنهنجائپ وارو هو. شڪارپوري پنهنجي خاص ادا سان مَن، ’دِل‘، ’ڀائو‘ ۽ ’ني‘ چئي، سچ پچ من کي موهي ٿا وجهن.

لکيدر جون رونقون ۽ هاٿيدر جا هوڪا، پراڻن ماڻهن کان ڪڏهن به ڪونه وسرندا، ديوان جي هوٽل جون مٺايون، ڦالودو قلفيون ۽ سوڍا وائيٽ روز جون بوتلون پيئڻ لاءِ ماڻهن جون قطارون هونديون هيون. لکي در کان ڍڪ بازار ڏانهن ويندي واٽ تي هڪ چبوترو ايندو هو، جتي مٺائيءَ جا وڏا وڏا دوڪان هوندا هئا. اتي بادامين، پستن ۽ انبن جي ڦارن جو مائو سچي گيهه ۽ نج کير سان ٺاهيو ويندو هو. هاٿي در تي مٺائيءَ مان گڏ لذيذ ۽ گرما گرم دال ۽ آلو جون شاميون به وڪامنديون هيون. هڪ ڀيري اهي سڀ شيون منهنجي استاد پروفيسر تاج محمد مگسيءَ، ڪنهن دوڪان تي ويهاري کارايون هيون.

هري ولڀ ٽاڪيز وٽ هاشم ڪبابيءَ جا ٽانڊن تي پڪل ڪباب ۽ ڦلڪا، ٽڪي ٽڪي ۾ ملندا هئا. سائين انيس انصاري پنهنجون يادگيريون بيان ڪندي لکي ٿو، ته هاشم ڪبابيءَ جي بڻايل ڪباب جهڙو ڪباب مان اڄ تائين ناهي کاڌو.

ڪاروباري ماڻهو شام جون ٺڪر جي ماٽين ۾ ملائي پيڪ ڪرائي، چوڌاري موتئي جي گلن جا گجرا ويڙهائي گهر کڻي ويندا هئا. رڌل مٺا گوگڙو ۽ دال به واهه جو سوادي هوندي هئي. انهن جي جاءِ تي هاڻي فاسٽ فوڊ جا ريسٽورنٽ ۽ چڪن بروسٽ جا دوڪان جا بجا کُلي ويا آهن ۽ ماڻهن جي کائڻ پيئڻ جو رجحان به اوڏانهن وڌي ويو آهي.

شڪارپور جي هر چوڪ تي چدي واريون مٺيون کاريون بوتلون ۽ سُڪي فروٽ پاتل نج کير جي دُنگين بدران هاڻي ڪوڪ ۽ پيپسي جي ڀرمار آهي. موتيي ۽ گلاب جي اصلي گلن وارا هار ۽ گجرا هاڻي ڳچيءَ ۾ پائڻ ۽ هٿن ۾ کڻڻ بجاءِ قبرن، درگاهن ۽ تصويرن جي زينت بڻجي رهيا آهن.

هن شهر جي علم ۽ ادب جي واڌ ويجهه ۽ ثقافتي سونهن ۽ سينگار ۾ هندن سان گڏ ڪيترن مسلمان خاندانن جو به وڏو حصو رهيو آهي. انهن مان ڪجهه خاندان آهن- صديقي، علوي، بدوي، سرهندي، سومرا ۽ هَڪڙا خاندان ڪجهه ناليوارا عالم، بزرگ ۽ شاعر هيٺ ڏجن ٿا شاهه فقيرالله علوي، خليفو ڪرم الله، ملا اويس، خليفو نصرالله، امير حيدر سرهندي، پير نظام الدين سرهندي، مير حفظ الله علوي، مير فخرالدين علوي، مولانا محمد حيات صديقي، مولانا محمد شريف صديقي، مولانا عبدالصمد صديقي، محمد عارف صنعت، ميرعلي نوازعلوي، مولانا فيض محمد هڪڙو،پروفيسر لطف الله بدوي، فقير غلام علي مسرور، سامي چين راءِ لنڊ، بولچند ڇاٻڙيا، کيئل داس فاني، سوامي پرمانند، محمد بخش ڪوجهي، نماڻو فقير، آغا غلام نبي، آغا عبدالنبي عليگ، شيخ اياز، امام بخش خادم، نورالدين سرڪي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، سنڌي، پروفيسر احسان بدوي، ڊاڪٽر عبدالخالق راز، پروفيسر نظير احمد صديقي، پروفيسر سيد محمد سليم، پروفيسر غلام احمد اوحدي، حافظ محمد، غلام نبي مير شڪارپوري، پروفيسر محمد امين علوي، پروفيسر لجپت گانڌي، حبيب الله مولابخش ڀٽو، نعمت الله ڀٽو، عبدالقيوم طراز، خليل مورياڻي، ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو، پروفيسر اسرار احمد علوي، بيدل مسرور بدوي، نقش ناياب منگي، صوفي جهامنداس، نذير شاڪر بروهي، ارباب عادل چوهاڻ، اياز ابڙو، همير چانڊيو، امير چانڊيو ۽ ٻيا علم ادب جي شمع سدائين روشن رکندا آيا آهن.

موجوده دور جي اديبن ۽ شاعرن ۾ شريف شاد، وحيد محسن، اياز سائر، زبير سومرو، عاجزمنگي، عبدالجبار عبد، گوهر سنڌي، غلام محمد غازي، آدرش، نذير ڊيهو، آغا ثناء الله، زاهد نون، سلطان رند، ضياء شاهه، مٺل مسڪين جمالي، حبيب ناياب، نيازمسرور، مٺل مسرور، باري منگي، عبدالجبار عبد، مشتاق بخاري، هارون چنو، آزاد بخاري، غلام علي چنو، وفا منظور چوهاڻ، حاڪم گل، عابد نياز ميمڻ، سيد سراج، رحمت الله سومرو، مظهراڄڻ، مرتضيٰ ابڙو، آفتاب سومرو، امتياز منگي، انور شيخ ۽ ٻيا شڪارپوري راڳ ۽ ساز جا به دلداده رهندا آيا آهن. هنن کي راڳ جي به پرک هئي. بهار جي مند ۾ هر سال هتي راڳ جون محفلون سجايون وينديون هيون، جنهن ۾ پوري هندستان جا گويا ۽ راڳي ايندا هئا. ماضي قريب جي ڳائڻن ۾ خانصاحب هادي بخش خان ميمڻ، خانصاحب عبدالرزاق شاهه، عبدالغفور سومرو، فقير غلام علي مسرور بدوي جي راڳ ويراڳ جي خدمتن کي ڪڏهن به نٿو وساري سگهجي.

هاڻوڪي ڳاڻن ۾ وزير علي شاهه، شاهد ڀٽو ٽي وي موسيقار، بيدل مسرور بدوي، ميران بخش بدوي، شمن ميرالي، رحمت ۽ همت ميرالي، شمن فقير سومرو ۽ ٻيا فني طور تي وڏي مڃتا ماڻي چڪا آهن.

چون ٿا ته هڪ ڀيري خانصاحب هادي بخش ۽ خان صاحب عبدالرزاق شاهه، لطيف سرڪار جي وائي/ ڪافي سُر ميان جي ملهار گڏجي ڳاتي، تنهن ويل آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ پلر پلٽجي پيو. استاد سيندو خانه به حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ پنهنجي سوٽن اُستاد جمال خان ۽ استاد گامڻ خان سان گڏجي، سدائين لاءِ اچي شڪارپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي.

آخر ۾ مان اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته، جيڪو شڪارپور اسان جا ابا ڏاڏا، اسان جي حوالي ڪري ويا، چئن صدين گذرڻ بعد اهوئي شڪارپور، اسان پنهنجي نسلن جي حوالي ڪري رهيا آهيون يا ان کان وڌيڪ ترقي يافته ۽ صاف سٿرو!!؟؟

خبر ناهي ته ڇو اسان اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن. ترقي ۽ ترويج جي نالي بنا پلاننگ جي ڀڃ ڊاهه ڪري، شهر جو فطري حسن ۽ تاريخي نشان ميساريا پيا وڃن، پر پوءِ به شڪارپور پنهنجن پراڻن بنيادن آڌار ڪر کنيو بيٺو آهي ۽ پنهنجن ٻچن کي ارداس ڪري رهيو آهي ته مون کي بچايؤ ته ڄڻ سنڌ بچايؤ.

حوالا:

1- مهر، غلام رسول: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور (جلد پهريون ۽ ٻيو).

2. قانع، علي شير، مير: تحفة الڪرام.

3- قليچ بيگ، مرزا: قديم سنڌ ان جا شهر ۽ ماڻهو.

4- سورلي، ايڇ- ٽي: گزيٽيئر آف سنڌ.

5- کهڙو، ايم.اي: اي اسٽوري آف سفرنگس آف سنڌ.

6- ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر: شڪارپور- ماضي، حال.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org