سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2019ع

باب:

صفحو:13 

گوهر سنڌي

 

 

 

 

وائي

 

مليا ڪيئي ڏک،

سنڌ نه سنڀري ڏک،

اُڀري سج لهي ويا.

پاڻي ناهي سنڌوءَ ۾،

ٿي وئي آهي سُڪ،

اُڀري سج لهي ويا.

ساڙي ٻاري ٻيلا،

پئي اُڏامي رَکَ،

اُڀري سج لهي ويا.

سوڪهڙي جي مُند،

ساڙي پئي لُڪَ،

اُڀري سج لهي ويا.

هلڻ هارا سپرين،

کڻان ڪيئن مان وِکَ،

اُڀري سج لهي ويا.

سڪ نه لهي سُٿري،

پيل ٻانهن ۾ ٻَکَ،

اُڀري سج لهي ويا.

سنڌڙيءَ جا ويري،

روز هڻن پيا جَکَ،

اُڀري سج لهي ويا.

ڪوڙن ڪانئرن مٿان،

اجايا نه رکُ ڪَکَ،

اُڀري سج لهي ويا.

خوشحال سنڌ ’گوهر‘،

ماڻهو مرن ٿا بُکَ،

اُڀري سج لهي ويا.
 

غزل

 

سڪيءَ کي سڪائڻ چڱي ڳالهه ناهي،

محبت کي ڀلائڻ چڱي ڳالهه ناهي.

ڏئي درد دل کي ڏکائين پيو،

ڪا دلڙي ڏکائڻ چڱي ڳالهه ناهي.

نڀائڻ جو مون سان وچن تو ڪيو هو،

وچن کي مٽائڻ چڱي ڳالهه ناهي.

حق سچ جي راهه تي هلندو هل،

راهه تان هٽائڻ چڱي ڳالهه ناهي.

مان کليل ڪتاب آهيان اڳيان تنهنجي،

ها کڻي اُڇلائڻ چڱي ڳالهه ناهي.

گهڻو ئي ’گوهر‘ جڳ کي آ آزمايو،

وري وري آزمائش چڱي ڳالهه ناهي.

 

وائي

 

سچ، سونهن، سنڌ،

منهنجي جان جند،

وسري ڪيئن وجود مان.

مرڻ جيئڻ جنهن سان،

آهي اهو هنڌ،

وسري ڪيئن وجود مان.

آءٌ سادو سچو،

ڄاڻا نه ڦير ڦند،

وسري ڪيئن وجود مان.

سودو جنهن جو سچ،

مڙس اِهو آ رند،

وسري ڪيئن وجود مان.

علم ادب ۽ پيار،

روح جي آ تند،

وسري ڪيئن وجود مان.

ساجن مون سڃاتو،

پيئندي پيئندي مَنڌ،

وسري ڪيئن وجود مان.

حق خاطر ’گوهر‘،

کِلندي ڏنو ڪنڌ،

وسري ڪيئن وجود مان.

 

ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ

 

 

 

غزل

 

دل سان اڪثر درد جو رشتو عجب،

محبتي مَنُ جو وري رستو عجب.

جل پرين جو ناز ڇا چئجي هتي،

سونهن ورونهن جو ڄڻ ته گلدستو عجب.

ڪابه ساڳي جان من ليليٰ نه آ،

دان لئه پوءِ به کنيل ڪشتو عجب.

هر تمنّا، آس ۽ اميّد جو،

چؤطرف سودو ٿيو سستو عجب.

هڪ سوال جو مون جواب جنهن کان گُهريو،

تَنهن ڏنو آ، جواب برجستو عجب.

عشق جي گاڏي اچي پئي دوستو،

تنهنڪري ٽيشن تي آ، چلتو عجب.

قرب قابو ڪڙي منجهه جيئن ڪڙو،

نينهن جو ناتو عجب سرشتو عجب.

 

غزل

 

محبوب وفادار هجي يار نرالو،

دنيا ۾ ڪري پيار سان دلدار اُجالو.

شعراء به ساراهه ۾ اشعار لکن ٿا،

محقق به وري خوب لکن ڌار مقالو.

سينگار ڪري سورنهن سڄڻ سونهن وڌائي،

خوش ڇونه ٿئي حسن تي جيدار جيالو.

سڪ، قرب، محبّت ۽ مِلن جيءَ ۾ جايون،

هرجاءِ هجي پيار جو منٺار حوالو.

دنيا ۾ ڪجي ڇو نه ديدار جي خاطر،

هڪ وار ته ڇا يار لئه سؤ بار ڪشالو.

محبوب بلاشڪ ٿي وفا قرب جو پتلو،

ڳائي ٿو وفائن جو ته سنسار جمالو.

هر حال ۽ هرهنڌ ۽ هر جاءِ سدائين،

’عادل‘ سان جڙيل رهندو سندس پيار جو نالو.

 

غزل

 

جهنگ جهر جاني جواني ڳوليان ٿو،

جوت جوڀن جي نشاني ڳوليان ٿو.

هڪ اڪيلائي ٻي تنهائي وڪوڙيو،

ماضي واري شادماني ڳوليان ٿو.

جيب خالي، مال پاڻي ناهه جاني،

پيٽ پاپي لاءِ ماني ڳوليان ٿو.

هر اکر، جملا، سٽون ٿيون اوپريون سڀ،

لفظ هاڻي مهرباني ڳوليان ٿو.

ساٿ هر پل ٿئي سڳنڌ جهڙو جهان ۾،

همسفر همدرد جاني ڳوليان ٿو.

ڪارو، ڳاڙهو ڪين ناسي يا گلابي،

رنگ پر مان آسماني ڳوليان ٿو.

محبتي اظهار ٿي پيو هاڻ مشڪل،

عاشقن لئه ترجماني ڳوليان ٿو.

پاسداري هرجڳهه قانون جي ٿِئي،

اهڙي سنڌ ۾ حڪمراني ڳوليان ٿو.

پُرفضا ماحول ٿئي ’عادل‘ ميسّر،

هر ادائون جاوداني ڳوليان ٿو.

 

غزل

 

ڏيهه منهنجو سماج منهنجو آ،

جڳ جو هر تخت تاج منهنجو آ.

نظرياتي هيءَ ڳالهه آ، ساري،

ڪالهه منهنجو ۽ آج منهنجو آ.

محبتي گيت، بيت ۽ وائي،

هر غزل ۾ مٺاج منهنجو آ.

سونهن جي نت بقا سلامتي لئه،

هر دفعي احتجاج منهنجو آ.

سنڌ جا فصل ۽ پوکون پيارا،

ميوا، ڀاڄيون، اناج منهنجو آ.

دل ڏيڻ دل وٺڻ به ڄاڻان ٿو،

عاشقانه مزاج منهنجو آ.

ڊاڪٽر يا حڪيم ڇا ڄاڻِن،

پيار بلڪل علاج منهنجو آ.

محبتون عام خاص ۾ ’عادل‘،

سچ ورهائڻ رواج منهنجو آ.

 

ايوب الستي رند

 

 

 

ڪافي

 

هرجاءِ وسين تون سائين،

مشتاقان دا عرض اگهاوين.

عيب اساڏي ڍڪين تون ڍوليا،

توڪل تئين تي اساڏي موليٰ،

بي رنگ ڪون تون رنگرا لاوين.

حال اساڏي ٿي ڳئي هيڻين،

درد مليي هن ٻيڻي ٽيڻي،

ڏکڙي اساڏي آپ مٽاوين.

عشق اندر وچ مچ مچايا،

بار برهه دا سِر تي چوايا،

جان جگر وچ ٻلديان باهين.

’ايوب‘ دا تون ئين دين ايمان،

اِٿان گهڙي سوا دا هي مهمان،

ذات بقا تيڏي رحم فرماوين.

 

ڪافي

 

همٿ سان هلنديس ڏونگر سارو ڏورينديس،

سور سلي سورن سندي وَرُ پنهنجو ووڙينديس.

لئي لستون ماري مستيون مهل ماڙيون ڇڏينديس،

پنڌ ڀاري منزل ماري وَرَ ڏانهن وينديس.

ڇڏي سيج وينديس ڪيچ ثمر سِر تي کڻنديس،

قرب ڪٺي محبت مٺي جند جان گهورينديس.

سور سارا آهن پيارا سيني اندر سهنديس،

’ايوب‘ رند وَرَ مٿان سِر ساهه گهورينديس.

 

غزل

 

عشق تنهنجي ۾ ائين جڪڙي ويو هان،

جيئن ڪا هرڻ ڦاسي دام ۾.

پرين جي اڳيان وڃي پيش پيم،

جيئن ڪو ستايل پوي سام ۾.

تنهنجون ڳالهيون ائين پچاريان پيو،

جيئن پکي ٻولي پيو لام ۾.

دلبر عشق سان دل وندرايون،

جيئون پيا عشق جي جام ۾.

اچي محبت ۾ مون سان جي ملندين،

’الستي‘ دعائون ڏيندئي انعام ۾.

 

غزل

 

جو دم دلڙي جيئري آهين،

ڏکن سورن سان پئي نڀاءِ.

 

پنهنجي غريبي حال ۾ تون،

سڀ کي ڀائج سڳو ڀاءِ.

 

سور مَن جي سڳي ۾ مڙهي،

تون ڪن ٿو سمجهي ڳل ۾ پاءِ.

 

ملندئي ڏک پرين طرفان،

تن کي ڏجئين جيءَ ۾ جاءِ.

 

هن زماني ۾ سورن سان،

’الستي‘ پنهنجو نينهن لاءِ.

 

’وفا‘ منظور چوهاڻ

 

 

 

مزاحيات

ڳالهه نه پُڇُ

پاپي پيٽ جي ڳالهه نه پُڇُ،

وڌيل ريٽ جي ڳالهه نه پُڇُ.

ڪيڏو کائڻ جو ڪُڌو ڏِسُ،

يار پليٽ جي ڳالهه نه پُڇُ.

مار مهانگائي ٿي ماري،

يار بجيٽ جي ڳالهه نه پُڇُ.

ملڪ سڄو ڏس پاڻي ڇر،

آيل ليٽ جي ڳالهه نه پُڇُ.

ڦلئو ڦاٽيو، وڌندو ڇا؟

بار ويٽ جي ڳالهه نه پُڇُ.

سڀ تي ٺڪاءُ بم، هُو نه سَهي،

جمبو جيٽ جي ڳالهه نه پُڇُ.

ملڪ جوا، آڪڙا جي وَرَ،

پرچي نيٽ جي ڳالهه نه پُڇُ.

 

جهٽ پٽ آهي

جيون منهنجو رڻ پٽ آهي،

شهر ڏسو ڄڻ جهٽ پٽ آهي.

ويران حويلي جي در تي،

آفت ڪا ڪئي کٽ کٽ آهي.

سوچيم سندر سهڻي ملندي،

ماسي آندي ڳور پٽ آهي.

هيبت جهڙي شڪل نڀاڳي،

پيٽ سندس ڪو مٽ مٽ آهي.

زال ڪري ته وڪالت سڀ ۾،

ڪورٽ ۾ پيل رٽ رٽ آهي.

بلڪل آهه عقل جي کوٽي،

موٽر ڪاري ڦٽ ڦٽ آهي.

پئجي يار ڳچي ۾ ته وئي،

سُرڪڻ ڦاهي ڳٽ ڳٽ آهي.

يار ’وفا‘ آ، ويل ۾ هاڻي،

جيون سارو چٽ چٽ آهي.

 

عابد ’نياز‘ ميمڻ

 

 

 

غزل

 

حسرتن جي هار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو،

ڪو پريتم پيار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو.

گيت سَرگم ساز جي آواز ۾ مُڌر رهيو،

پو وري سنسار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو.

ڪوششون هرڪنهن ڪيون منزل تي پهچڻ واسطي،

جيت جي ڪو هار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو.

ديد جي قابل هيوڳوڙهو جو اکين مان هو ڪِريو،

بي سبب رُخسار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو.

مسڪرائي وسوسن ۾ زندگي کي ويو وِجهي،

سِرُ هي پنهنجو دار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو.

لُڙڪ موتي جي مِثل بازار ۾ وڪڻڻ ويو،

جيئن ويو روزگار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو.

ٽڪرا ٽڪرا زندگي جو ٿي ويو دامن ’نياز‘،

هو مقامِ يار جي ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو.

 

غزل

 

حق حقي آواز بيدل تي هيو،

سوز ۾ هڪ ساز بيدل تي هيو.

روح کي راحت به محفل ۾ ملي،

هڪ نئون انداز بيدل تي هيو.

موج ۾ هردم مگن هو من وري،

چاهه جو آغاز بيدل تي هيو.

هو پريتم ياد جي آغوش ۾،

پيار جو پروانو بيدل تي هيو.

من جو منظر ٿيو عيان ’عابد‘ اڳيان،

پو کُلي ويو راز بيدل تي هيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org