سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2019ع

باب:

صفحو:3 

ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو

 

 

 

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾

’تجنيس مضارع‘ جو جائزو

اڀياس جو پس منظر:

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ لفظن جي جڙاوت جا مثال انيڪ آهن، اهڙي لفظي جڙاوت ۽ گهڙاوت ۾ مولوي صاحب جي جوڙ جيس جو ڪو شاعر ڪونـ هي.  اها سنڌي ادب جي بدقسمتي آهي جو مولوي صاحب جي ڪيل ڪم تي درست رخ سان ڪو تنقيدي يا تجزياتي ڪم ٿيو ڪونـ هي. جس هجي پروفيسر ضرار رستماڻيءَ کي جنـ هن پنـ هنجي هڙان وڙان، جـ هنگ جـ هر جـ هاڳي مولوي صاحب جي شاعريءَ کي ذميواريءَ سان سـ هيڙي يڪجا ڪيو آهي ۽ لفظ لفظ تي غور ڪري ان جي تصحيح پئي ڪئي/ ڪرائي آهي.  جيڪو ڪم ادارن کي ڪرڻ کپندو هو، جيڪو ڪم هڪ جوڙيل ڪاميٽي ڪري سگـ هي، اهڙو ڪم هن مرد مجاهد، گوڏو کوڙي ۽ نور نچوئي، چند ماڻـ هن جي مشورن سان پنـ هنجي سِر ڪيو آهي. کيرون لـ هڻي اهڙو ماڻهو، جيڪو پنـ هنجي حال سارو ڪم ڪري پاڻ کي قوم ۾ زنده رکيو آهي.

مولوي صاحب جي فن ۽ فڪر تي ڪم ڪرڻ جا پاسا ڪافي آهن. مان بنيادي طور تي لسانيات جو شاگرد آهيان، تنـ هن هوندي به مون فرض سمجـ هيو ته هن وساريل بزرگ شاعر جي فن تي پنـ هنجي حصي جو ڪم ڪري،
 پنـ هنجي قوم ۾ جيئدان حاصل ڪريان.

صنايع بدايع هڪ پيچيدو علم آهي ۽ ان جا منجـ هيل پيراميٽر ٿين ٿا. منـ هنجي ڪوشش رهي آهي ته انـ هن پيراميٽرن جو دائرو بيان ڪندي، ان اندر مولوي صاحب جي شاعريءَ تي نظر ڌريان. مولوي صاحب جي فني خوبين آهر چند تجنيسن تي ڪم ڪري چڪو آهيان. هتي مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مضارع  مقصود آهي. تجنيس مضارع مان مراد  اهڙا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ همجنس لفظ، جن جو ڪو هڪ اکر تبديل هجي ۽ شڪل ملندڙ جلندڙ هجي. جيڪڏهن اکر جي بنيادي شڪل ساڳي هوندي ته ان کي تجنيس خطيءَ ۾ شمار ڪيو ويندو آهي.

اڀياس جا سوال:

تجنيس مضارع مان ڇا مراد آهي؟

o     ڇا اکر جي ساڳئي گهر واري تبديليءَ کي تجنيس مضارع ۾ شامل ڪري سگهبو؟

o     اکر جي تبديليءَ ۾ حرف علت به شامل آهي ته ڇا اعراب کي به شامل ڪري سگهجي ٿو؟

o     ڇا ان تجنيس جو دارومدار آواز تي آهي يا اکر تي؟

تجنيس مضارع جي تجنيس خطي، حرفي ۽ مطرف سان ڪيتري قدر مماثلت آهي؟

اڀياس جو عمل:

ڪنـ هن شعر يا بيان ۾ تجنيس مضارع تڏهن سڏجي ٿي، جڏهن ان ۾ اهڙا همجنس لفظ ڪم آيل هجن جن جو، ڀيٽ جي صورت ۾، هڪ اکر تبديل ٿيل هجي. مٿين سوالن جي روشنيءَ ۾ ڄاڻايل تجنيس جي اکيڙ ڪجي ٿي:

تجنيس مضارع جي معنى ۽ مفهوم:

جامع سنڌي لغات موجب: تجنيس مضارع: ث: شعر ۾ ساڳئي آواز ليڪن معنيٰ ۽ صورتخطي مختلف هئڻ واري صنعت ’لال لب لعل کان پڻ لال مٺا توکان ٿيا‘. (بلوچ،  1981ع، 591)

جامع سنڌي لغات واري وضاحت تز ۽ مناسب ناهي. بيشڪ ڄاڻايل مثال ’لال ۽ لعل‘ ۾ هڪ اکر جي تبديليءَ کي صورتخطيءَ جو ئي فرق سڏبو، ليڪن شعر ۾ ساڳئي آواز واري ڳالـ هه ڪنـ هن ٻي تجنيس ڏانـ هن اشارو ڪري پئي. تجنيس مضارع ۾ هڪ اکر توڻي آواز جو فرق رهندو آهي.

ان حرفت بابت مرزا قليچ بيگ ڄاڻائي ٿو: ”ڪي تجنيس خط ۽ مضارع هڪ ڄاڻندا آهن، ڪي ٻنـ هي جي وچ ۾ هي تفاوت رکندا آهن ته ٻن همجنس لفظن جي منڍ يا وچ يا پڇاڙيءَ وارو حرف مختلف ٿيندو آهي، يا هڪڙي حرف علت جي بدران ٻيو ايندو آهي.

مرد ڪامل جي زماني کي نه هو ڪرڻو مون کي،

ڇو ٿي ’نادانيءَ‘ ۽ ’ناداريءَ‘ جو درجو ڪيئن عطا.

هڪڙو ڄڻ ’گلخن‘ آهي، ٻيو ’گلشن‘،

هڪڙو ’ڪفران‘ آهي، ٻيو ’غفران‘.

(قليچ، 2016: 101)

ٻن اڍائي لفظن جي تبديليءَ سان ظفر عباسي پڻ مرزا قليچ بيگ واري وضاحت جيئن جو تيئن ڏني آهي، هُو لکي ٿو: ”ڪي ماڻهو تجنيس خط ۽ مضارع کي هڪ سمجـ هندا آهن، ڪي ٻنـ هي جي وچ ۾ اهو تفاوت رکندا آهن ته ٻن هم جنس لفظن جي منڍ يا وچ يا پڇاڙيءَ وارو حرف مختلف ٿيندو آهي. يا هڪڙي حرف علت جي بدران ٻيو ايندو آهي.

هن ’روح‘ خدا جي مان ٿي خوش خلق خدا جي،

هن ’راح‘ خدا جي مان ’زمين‘ خوش ۽ ’زمان‘ خوش. (قليچ)

(ظفر، 2007ع، ص 415-416)

مرزا قليچ جي مثالن مان همجنس لفظن: ’ناداني-  ناداري‘ ۾ن ۽ ر  جي تبديلي، ’گلخن-  گلشن‘ ۾’خ ۽ شجي تبديلي، ’روح-  راح‘ ۾ ’و ۽ ا‘) حرف علت) جي تبديلي،زمين-  زمان‘ ۾ ’ي ۽ ا) ’حرف علت) جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع سڏجن ٿا.

اصطلاح  تجنيس‘ مان مراد ئي اهڙا لفظ هوندا جيڪي جنس ۾ ملندڙ جلندڙ هجن. اهڙي حالت ۾ ڪي به ٻه يا وڌيڪ لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ هڪ ئي شعر يا ان جي سٽ ۾ جاچيا يا ڪم آندا ويندا آهن. مضارع لفظ عام طور مشترڪ هجڻ جي معنى ۾ پڻ ڪم ايندو آهي، جيئن: ’زمان مضارع‘ ۾ زمان حال ۽ مستقبل جو گڏيل تصور موجود هوندو آهي. ’تجنيس مضارع‘ جي لفظي اکيڙ، فيروز اللغات عربي- اردوءَ جي مدد سان هيٺين ريت پيش ڪجي ٿي:

تجنيس مضارع جو اشتقاق:

        تجنيس مُضارِع: ]تجنيس-  تَفعِيل-  مصدر[ جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + مُضارِع-  مُفاعِل-  اسم فاعل (ضَرَعَ = سج لـ هڻ جي ويجـ هو ٿيو-  هو ٻئي جـ هڙو ٿيو-  هو ڀيٽ ۾ ويجـ هو ٿيو) ڀيٽ رکندڙ-  حال ۽ مستقبل جي معنى ڏيندڙ-  مثل، جـ هڙو، شريڪ، ويجـ هو-  علم عَروض جو هڪ بحر (مفاعيلن فاعلاتن مفاعيلن فاعلاتن)، جيڪو سالم ڪم نه آندو ويندو آهي] تجنيس جي اها صورت جيڪا ڪنـ هن ٻي تجنيس سان ويجـ هڙائپ رکي، جيئن: مرد-  فرد، قرب-  قلب، ڪاٺ-  ڪال  وغيره.

تجنيس مضارع جو دائرو:

تجنيس مضارع مان مراد اهڙا همجنس لفظ، جن جي پاڻ ۾، هڪ اکر جي تبديليءَ سان،
مشابـ هت هجي ۽ اکرن جي تعداد ۾ فرق نه هجي. اهڙي مشابـ هت جا ٽي رخ ٿي سگـ هن ٿا:

        پهرئين اکر جي تبديليءَ سان، جيئن: ’درد- سرد وغيره.

        وچئين اکر جي تبديليءَ سان، جيئن: ’اکر- امر وغيره.

        آخري اکر جي تبديليءَ سان، جيئن: ’شـ هر- شـ هد وغيره.

مٿيان مثال آواز/ اکر جي نسبت وينجن نسبت ڏيکاريا ويا آهن، جن جي پـ هرئين مثال ۾ پـ هريون اکر/ وينجند ۽ س، ٻئين مثال ۾ ٻيون اکر/ وينجنک ۽ م  ۽ ٽئين مثال ۾ آخري اکرر ۽ د جي تبديلي واقع ٿي رهي.

ان کان سواءِ اها ڳالـ هه به اهم آهي ته لفظ ۾حرف علت: ا، و ۽ ي جي تبديليءَ سان بهتجنيس مضارع جو مثال سمجـ هيو ويندو؛ ڇاڪاڻ ته ’حرف علت: ا، و ۽ ي‘ به اکر آهن، جيڪي صورتخطيءَ ۾ وينجن (Consonant) توڻي سُر (Vowel) لاءِ به ڪم آندا ويندا آهن

اها ڳالهه واضح هجڻ گهرجي ته ڪنـ هن به لفظ ۾ پـ هريون اکر، توڻي جو حرف علت (ا، و ۽ ي) هجي، وينجن (Consonant) طور ئي ڪم آندو ويندو آهي. جڏهن ته ’حرف علت: ا، و ۽ ي‘ جو استعمال لفظ جي وچ ۾ گهڻي قدر ڊگـ هي سُر (Vowel) طور ڪم ايندو آهي.

حرف علت  (ا، و ۽ ي) جي تبديليءَ سان ’تجنيس مضارع‘ جي مشابـ هت صرف ٻن رخن سان ٿي سگـ هي ٿي:

        وچئين حرف علت (ا، و ۽ ي) جي تبديليءَ سان، جيئن:

        الف جي تبديلي: ’پار-  پور-  پير وغيره

        واؤ جي تبديلي: ’کوٽ- کاٽ- کيٽ وغيره

        يي جي تبديلي: ’سير- سار- سور وغيره.

        آخري حرف علت  (ا، و ۽ ي) جي تبديليءَ سان، جيئن:

        الف جي تبديلي: ’چڙا- چڙو- چڙي وغيره

        واؤ جي تبديلي: ’سٺو-  سٺا-  سٺي وغيره

        يي جي تبديلي: ’سري-  سرا-  سرو وغيره.

اهو به واضح هجڻ گهرجي ته ’تجنيس مضارع‘ ۾ ’حرف علت‘ وارن اکرن جي ڀيٽ ’حرف علت‘ جي اکرن سان ئي مناسب آهي.

تجنيس مضارع ۽ خطيءَ ۾ فرق:

مرزا قليچ بيگ جي ڄاڻايل ڳالهه موجب ’تجنيس مضارع‘ ۽ ’تجنيس خطي‘ ۾ فرق آهي. اهو فرق هڪاکر جي بنيادي شڪل‘ وارو آهي. جيڪڏهن هڪ اکر جي تبديليءَ باوجود ’اکر جي بنيادي شڪل‘ ۾ مشابـ هت رهندي ته ’تجنيس خطي‘ سڏبي ۽ جيڪڏهن اکر جي تبديليءَ سان ’اکر جي بنيادي شڪل ‘ ۾ ڪو فرق رهندو ته ان کي ’تجنيس مضارع‘ ڪوٺيو ويندو. اهڙي چال کي هيٺئين انداز ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو:

مشابـ هت:

اهڙا همجنس لفظ، جن جي وچ ۾ هڪ اکر جي تبديلي واقع هجي، ليڪن ان تبديل ٿيل ’اکر جو بنيادي گهر‘ ساڳيو هجي، ڀلي ان جي ٽٻڪن ۾ فرق هجي، ان صورت ۾ ان کي تجنيس خطي ڪوٺيو ويندو، جيئن: ڪاٺ ۽ ڪات-  پير ۽ ٻير وغيره

فرق:

اهڙا همجنس لفظ، جن جي وچ ۾ هڪ اکر جي تبديلي واقع هجي، ليڪن ان تبديل ٿيل ’اکر جو بنيادي گهر‘ ساڳيو نه هجي، ان صورت ۾ ان کي تجنيس مضارع ڪوٺيو ويندو، جيئن: ڪاٺ ۽ ڪال-  پير ۽ ڦير وغيره.

تجنيس مضارع ۽ خطيءَ ۾ خاص فرق ’اکر جي بنيادي شڪل‘ جو آهي. مٿي جيڪي مثال ڏنا ويا آهن، تن ۾ ’ڪاٺ  ۽ ڪات ۾ هڪ اکر جو فرق آهي. ڄاڻايل مثال ۾ٺ  ۽  ’ت جي بنيادي شڪل يا لکت ساڳي آهي، ان بنياد تي ان کي ’تجنيس خطي‘ ۾ شامل ڪبو؛ ليڪن ’ڪاٺ‘ ۽ڪال‘ ۾ٺ ۽ ’ل‘
جي بنيادي شڪل يا لکت ۾ فرق آهي، ان سبب ان کيتجنيس مضارع ۾ ڳڻيو ويندو.

ياد رهي ته انهن تجنيسن ۾ ’رسم الخط‘ تي خاص نظر رکي ويندي آهي، جيئن: ’ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ‘ بنيادي ساڳي شڪل يا لکت وارا اکر آهن، صرف ٽٻڪن جو فرق ٿئي ٿو. ان کان علاوهن، ڻ، ي ۽ همزو‘ به صورتن جي مٽجڻ سان ساڳي شڪل يا لکت وارن اکرن ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا، جيئن: مَٽڻ، مئڻ، ميڻ وغيره. اهڙي صورت ۾ اکر جي ساڳي شڪل يا لکت واري صورت سبب ان کي تجنيس خطيءَ ۾ شمار ڪبو، ليڪن جڏهن اکر جي بنيادي شڪل مٽيل هوندي ته تجنيس مضارع ۾ ڳڻي ويندي، جيئن: ناداني-  ناداري، ڪفران-  غفران وغيره. هن ۾ ٻن هم جنس لفظن جي منڍ، وچ يا پڇاڙيءَ وارو حرف مختلف ٿيندو، يا وري حرف علت ’ا، و ۽ ي‘جي تبديلي رهندي. ياد رهي ته حرف مختلف به اهڙو ٿيندو، جنـ هن جي بنيادي شڪل مٽيل هجي. جيئن: د، ر-  د- گ- ک، ڪ- م وغيره.

تجنيس مضارع ۽ تجنيس حرفيءَ ۾ مماثلت:

جيئن ته تجنيس مضارع جي همجنس لفظن ۾ شروعاتي، وچئين يا آخري اکر جي تبديلي هوندي آهي، ان سبب شروعاتي تبديليءَ کي ڇڏي باقي وچئين ۽ آخري اکر جي تبديليءَ کي تجنيس حرفيءَ جو مثال چئي سگهجي ٿو، جيئن:

اڳ ’مَرڻ، تنهن لڳ ’مِلڻ، مَخرج لَهين ري کان، نه لام،

ڪنهن مشائخ ايئن مون کي، مَذڪور موچارا ڏنا.

ان شعر ۾ ’مرڻ‘ ۽ ’مِلڻ‘ وارن لفظن ۾ ’ميم‘ اکر جي ساڳيائپ سبب تجنيس حرفيءَ جا به مثال آهن.

دوست جي دَم سان، قَدم سان، ديد سان، ديدار سان،

دل سندم آزاريل، ’آزار‘ کان ’آزاد‘ باد.

ان شعر ۾ ’آزار‘ ۽ ’آزاد‘ وارن لفظن ۾ ’الف-  مد‘ اکر جي ساڳيائپ سبب تجنيس حرفيءَ جا به مثال آهن.

مٿيان مثال شروعاتي اکرن جي ساڳيائپ سبب تجنيس مضارع ۽ تجنس حرفيءَ جا يڪسان مثال آهن. ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته تجنيس مضارع جو هڪ حصو ڇڏي، باقي ٻه حصا تجنيس حرفيءَ سان مماثلت رکن ٿا.

تجنيس مضارع ۽ مطرف ۾ مماثلت:

تجنيس مضارع جي همجنس لفظن ۾ شروعاتي، وچئين يا آخري اکر جي تبديلي شمار ڪئي ويندي آهي. تجنيس مضارع جا اهڙا مثال جن جي آخر ۾ تبديلي ڏيکاري ويندي آهي، سي ’تجنيس مطرف‘ جا پڻ مثال ٿي سگهن ٿا، جيئن:

رات ڏينهن تنـ هنجو رڳــــــــوئــــــــــي، راڳ رڳ رڳ روح ۾،

تنـ هنجون تــــــن مـــــــــــن ۾ تنوارون، ’تـــون‘ ڪري ٿي تند تند.

مٿئين شعر ۾رات ۽ راڳ تجنيس مضارع توڻي مُطرَّف جا يڪسان مثال آهن.

تجنيس مضارع جو آواز ۽ اکر سان لاڳاپو:

اها ڳالهه طئي ٿيل آهي ته ’آواز ۽ اکر‘ ۾ فرق رهي ٿو. آواز جو سڌو سنئون لاڳاپو ’ڳالهائڻ واري ٻوليءَ‘ سان آهي، جڏهن ته اکر جو لاڳاپو ’لکڻ واري ٻوليءَ‘ سان آهي. فرض ڪريو ته لکت يا صورتخطيءَ جي نسبت ’تِڏِ ٻه اکرو لفظ آهي، جڏهن ته ان جو آوازي ڇيد ڪرڻ سان چئن آوازن (ٻه وينجن ۽ ٻه ڇوٽا سُر) وارو لفظ بيـ هندو. ان خيال کان ’آواز ۽ اکر‘ ۾ فرق ٻڌايو ويندو آهي. تجنيس مضارع ۾ خاص طور اکرن کي مرڪوز رکيو ويندو آهي، جيئن ’حرف علت‘ جا صرف ٽي اکر ٻڌايا ويندا آهن، جيڪي صورتخطيءَ موجب ’وينجن (Consonant) ۽ سُر‘ (Vowel) ٻنهي ۾ ڪم ايندا آهن ۽ سُرن ۾ به صرف ڊگهن سُرن (Long Vowels) ۽ دُهرن سُرن (Diphthong) کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن. حرف علت مان مراد ئي اکر آهي، آواز ناهي، ان نسبت انهن کي اکرن ۾ شامل سمجهيو ويندو آهي.

آواز جي نسبت،نون گهُڻي ۽نون وينجن جي اکر جي جاچ:

علم عَروض پٽاندر شعر جي تقطيع ۾ ’نون گهُڻي‘ کي حذف ڪيو ويندو آهي. ان ڪارڻ اها خاص ڳالهه نوٽ ڪئي وئي آهي ته آوازن جي نسبت ’نون گهُڻي (Nasal Vowel)‘ ۽نون وينجن (Consonant)  واري فرق کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي. ان صورت ۾ ’نون گهُڻي‘ جي ڀيٽ به ’نون گهُڻي‘ واري لفظ سان ئي ٿيندي.

جيئن: رنگ ۽ سنگ-  ٻانگ ۽ سانگ دُونهون ۽ سُونهون

ڄاڻايل لفظن ۾ ’رنگ ۽ سنگ‘ ۾ ’اَن‘ جو گهُڻو ڇوٽو سُر آهي، ’ٻانگ ۽ سانگ‘ ۾ ’آن‘جو ڊگهو گهُڻو سُر آهي، جڏهن ته ’دُونـ هون ۽ سُونهون‘ ۾ ’اُون  گهُڻو سُر آهي. ان صورت ۾ ’نون گهُڻي‘ جي اهڙي ڀيٽ جو خيال رکيو ويندو. ائين ڪونه ٿيندو ته هڪ لفظ ۾ ’نون وينجن‘ هجي ته ڀيٽ جي صورت ۾ ٻئي لفظ جينون گهُڻي‘ کي شامل ڪري سگهبو! جيئن:

رنڙ ۽ رنگ/ رنج

مٿين لفظن ۾ بيشڪ ’رنڙ ۽ رنگ/ رنج  ۾ اڳيان ٻه اکر ساڳيا آهن ۽ آخري اکر جو فرق آهي، ليڪن ان کي هن تجنيس ۾ شامل نه ڪبو، ڇاڪاڻ ته ’رنڙ‘ لفظ ۾ ’نون وينجن‘ آهي، جڏهن ته ’رنگ/ رنج‘ لفظن ۾نون گهُڻو‘ (Nasal Vowel)  آهي. اهڙي حالت ۾ اهي لفظ همجنس ڪونه سڏبا ۽ تجنيس مضارع ۾ شامل نه سمجهيا ويندا. البت، زير-  زبر جي فرق کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي. هتي ’نون گهُڻي‘ جي حوالي سان مولوي صاحب جو هڪ شعر خيال خاطر رکجي ٿو، جن ۾ مناسب لفظن جو استعمال آهي:

جيئن کڻين خوني اکيون، خنجر هڻين تيئن ٿو وڻين،

جيئن هڻين تيئن ٿو وڻين، تيئن ٿو وڻين تيئن ٿو وڻين.

مٿئين شعر ۾ ’جيئن- تيئن، ’کڻين- هڻين- وڻين‘ پـ هرئين اکر جي تبديليءَ سان، نون گهُڻي جي نسبت تجنيس مضارع جو مناسب مثال آهي.

حرف علت ۽ وينجن جي تبديلي:

آوازن جي نسبت اها ڳالهه به واضح هجڻ گهرجي ته حرف علت جي وينجن اکرن سان ڀيٽ ڪمزور مثال ۾ ڳڻي ويندي. جيئن:

وَصل جي وس نه ٿي، وس ۾، ٻيا وڻ ٽڻ وسيا ته به ڇا،

سڄڻ ڌاران سڄي ڏائي، سڄا سج چنڊ پسيا ته به ڇا.

مٿئين مثال ۾’سڄڻ‘ ۽ ’سڄا‘ لفظن ۾ آخري اکر جي تبديلي ضرور آهي، ليڪن پـ هرين لفظ ۾ڻ‘
وينجن آهي، جڏهن ته ٻئي لفظ ’سڄا‘ ۾ حرف علت (Vowel Letter) آيل آهي. ان سبب، تجنيس مضارع نسبت، ان کي همجنس لفظن ۾ شامل نه سمجهڻ گهرجي. جامع سنڌي لغات ۾ ڄاڻايل ’لال ۽ لعل‘ مثال بهتجنيس مضارع‘ جو انتـ هائي ڪمزور مثال آهي. حقيقت ۾ ’لال ۽ لعل‘ واري ڀيٽ ’تجنيس لفظ‘ جو مثال آهي، جنـ هن بابت هتي واضح ڪرڻ مناسب ناهي.

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس مضارع جو جائزو:

شروعاتي اکر/ حرف جي تبديليءَ سان

پڙهيم  لاتقنطُوا ’فرمان، گئي احمد اُتان ’ارمان،

مِلي دل دي دوا ’درمان، ڪلما پاڪ پروَر دا.

شروعاتي اکر/ حرف جي مٽجڻ سان هم جنس لفظن ’فرمان-  ارمان-  درمان‘ پٽاندر تجنيس مضارع ڪوٺيو ويندو.

واهه، سانـوَڻ ’ڏينـ هن، ساوڪ مينـ هن، سانوَل ســـــاڻ ’نينـ هن،

يار ڀيڙو، باغ بلبل، بُوند بار و بار گڏ.

شروعاتي اکر/ حرف جي مٽجڻ سان همجنس لفظن ’ڏينـ هن-  مينـ هن، نينـ هن‘ پٽاندر تجنيس مضارع آهي.

سڄڻ، تـــــو ري اڀـــــــــا ســـــــــــج چنڊ، اُلهن اڀرن اکين سامـ هان،

ڏٺي تن کي طبعيت جي، کُلي طاقي ته باقي ڇا.

لفظن جي اڳئين اکر/ حرف جي مٽجڻ سان همجنس لفظن ’طاقي-  باقي‘ کي تجنيس مضارع جو مثال سڏبو.

سڄڻ سڏيَم، شَڪر يا سَڪر گهرجي،

ويـ هي ايءَ ڳالهه ويچاريَم فڪر سان.

مٿئين شعر ۾ ’شڪر، ’سڪر‘ ۽ ’فڪر‘ همجنس لفظ تجنيس مضارع جو مثال آهي.

اکيون ’احمد‘ اُتر ترسن، بـ هاريون بوند سان برسن،

دڙي تان دوست جو درسن، اٿم دل جي دوا البت.

مٿئين شعر ۾ ’ترسن، برسن، درسن‘ اڳئين اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

ڏسو قدرت سندي قادر، ته صحبت جت ٿئي صادر،

نظر سان نازنين نادر، ٻڍي مان ٻار ٿي آيس.

مٿئين شعر ۾ ’قادر، ’صادر‘ ۽ ’نادر‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.

ٿڌا ٿاڪ ٿر جا، جتي ٿين  ٿوڪ،

رهيا راڄ، راڄا، رهي ڪانه روڪ،

لکين قسم لايون، لُڻن پوک لوڪ،

مٿي مينـ هن مارن وسن اوڪ موڪ،

ڀــــڄــــي ڪينَ ڀـــيــــرو بـ هارن سندو.

مٿئين بند ۾ ’ٿوڪ، روڪ، لوڪ ۽ موڪ‘ اڳئين اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

وچئين اکر/ حرف جي تبديليءَ سان:

اڳ ’مَرڻ، تنـ هن لڳ ’مِلڻ، مَخرج لَـ هين ري کان، نه لام،

ڪنـ هن مشائخ ايئن مــــــون کــــــــــي، مَذڪور موچارا ڏنا.

مٿئين شعر ۾مَرڻ ۽ مِلڻ، وچئين اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

هُت ’وڃڻ‘ ويري نه ڏينَم، هِت ’وَرڻ‘ واري نه ڪا،

هَٿَ کڻان هيڏي ڪِ هوڏي، پير چوريان؟ چوريان چور ٻَئي.

مٿئين شعر ۾ ’وڃڻ ۽ ورڻ، وچئين اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

هن وار جو، سڏ پار جو، سرڪار جو، ڏاتار جو،

اڄ   يار  جو، ’دلدار جو، ’دادار‘ جو ديدار آههِ.

مٿئين شعر ۾دلدار ۽ دادار وچئين اکرل ۽ ا جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

ٿيَم   دل شاد،   دل  آزاد آباد،

ويَم اندر منجهان ارمان انديش.

مٿئين شعر ۾آزاد ۽ آباد وچئين اکر ’ز ۽ ب‘ جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

تا  اسُر  ٻاريان   اگر  ۽  عود  اهنجي   آسري،

ڪن پکين ڏي پرهه ۾، پانڌين پڇان پيغام خاص.

مٿئين شعر ۾اسُر ۽ اگر وچئين اکر ’س ۽ گ‘ جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي

دوستو، واندا دعا کان، دم نه ويـ هجو دائما،

بلڪ باري بي پِسر ۽ بي پِدر کي سڏ ڪجا.

مٿئين شعر ۾ ’پسر ۽ پدر‘ وچئين اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

مليَم پيغام مُحڪم، وَهُوَ   مَعَڪُم اَينَ ما ڪُنتم،

مون کي خِلوت ڪنان کاريو، خيالن خَر خَسن خامن.

(مٿئين شعر ۾ ’محڪم ۽ معڪم‘ وچئين اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.)

آخري اکر/ حرف جي تبديليءَ سان:

دوست جي دَم سان، قَدم سان، ديد سان، ديدار سان،

دل   سندم   آزاريل،   ’آزار‘    کان   ’آزاد‘   باد.

مٿئين شعر ۾آزار ۽ آزاد، آخري اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

نه ’محروم‘ ڪر، بلڪ مرحوم ڪر مون،

مَرڻ ڏي مسافر کي منجهه مُلڪمحروس‘.

مٿئين شعر ۾محروم ۽ محروس، آخري اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

واهه، ’سانوَڻ‘ ڏينهن، ساوڪ مينـ هن، ’سانوَل‘ ساڻ نينـ هن،

يار ڀيڙو، باغ بلبل، بُوند بار و بار گڏ.

مٿئين شعرن ۾۽ ’سانوَڻ ۽ سانوَل، آخري اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

قديمن جو قدر وڌيو قدم سان،

ڏيئي خدمت ڪيئون خوش خادم خويش.

مٿئين شعر ۾قدر ۽ قدم‘ آخري اکر ’ر ۽ م‘ جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

اچي آباد ڪيائون آستانو،

ڪري اڄ ڇو نه ’احمد‘ عيد ۽ عيش.

مٿئين شعر ۾عيد ۽ عيش‘ آخري اکر ’د ۽ ش‘ جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

اسان کي عيش عشرت عيب ’احمد،

فقيرن جو فخر فاقي فقر سان.

(مٿئين شعر ۾ ’عيش ۽ عيب‘ آخري اکر ’ش ۽ ب‘ جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.)

حرف علت (ا، و ۽ ي) جي تبديليءَ سان:

وچئين اکر جي تبديليءَ سان

ڏِس ته ڏينـ هن ۾ هو اڇو، ڪهڙو عمر جو ڪوٽ ڪالهه،

رات‘ ۾ روئندي رتــــــولــــــن کــــــي لـڳو ڪنـ هن ’ريت‘ رَت.

ڳَڻيان ڳُڻ، ڳَڻڻ ساڻ ڳَڻيا نه ڳَڻجن،

ڪيَـــــس ’لاس‘ ڪنـ هن لَهــــــر، لاهــــــيــــــو لــــــڱــــــن ’لُــــــوس.‘

 

ناز نخرا نازُ ڪن جا، ’نوش‘ دارُون، ’نيش‘ نانگ،

ان اُليرن تي اَلڙ کي، ٿو لڳي البت عجب.

هو گهڻو هان هان ۽ هُون هُون تي هِنيون هِريل حبيب،

سوز‘ کان اڄ سُر منڊل جا، ٿا لڳن ناساز ’ساز.‘

 

سوڄ‘ سِيني تي چڙهي مُون، تُون ڪرين سُک ’سيڄ‘ تي،

تو سوا ڪهڙي طبيبن کي طبعيت جي تميز.

 

عُود خوشبوءِ عيد وانگر، آبپاشي عطر عام،

جابجا جهلڪار جَلوا، جام جاري پوش پوش.

 

هئا هندي نه سنڌي جي، هندورن ۾ لڏن هاڻي،

اَٺين پُريين نه اُٺ هٿ ۾، اهي اُڀ تي اُڏن هاڻي،

ڦريا قيوم قادر کان، قبن تي ٿا ڪڏن هاڻي،

ٻلي جيئن ٻوڙ تي ’ٻوڙا، لُڏن ’ٻيڙا‘ ٻڏن هاڻي،

متــــــو مهراڻ، مانــــــگر مــــــڇ جــــــي، مُنـ هن ۾ مــــــارڪــــــا آيا.

 

دولتون دانائيون دنيا دوائون دان دين،

در مــــــٿــــــان دادار ڏي ٿــــــو، هــــــر مـ هــــــل جيڪــــــي مڱــــــو.

 

مِينـ هن نــــــيــــــو ۽ نَئــــــي وهــــــي، نَئين سج نياپا نِــــــت نوان،

وَر وطن ۾ وس، وَليَن ڪيا ’ويس، وٺندي ’واس‘ وَت.

مٿين شعرن ۾رات-  ريت، لاس-  لُوس، نوش-  نيش، سوز-  ساز، سوڄ-  سيڄ، عُود-  عيد ، ٻوڙا-  ٻيڙا، دان-  دين ۽ ويس-  واس‘ لفظن جي وچين حرف علت جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جا مثال آهن. جيڪڏهنويس‘ جي ڀيٽ ’ويش‘سان ڏيکاريل هجي ها، ته ان کي تجنيس خطي سمجهيو وڃي ها، ليڪن مٿئين شعر ۾ ’ويس‘ جي ڀيٽ ’واس‘ سان ڏيکاريل آهي، ان سبب ان کي مضارع چئجي ٿو. اهوئي سبب آهي جو مضارع کي خطيءَ جي قريب سمجهيو ويندو آهي.

آخري اکر جي تبديليءَ سان:

ساهه مان  ڀَرجي  سڄو،  آيس سلاميءَ لئي سوارَ،

هاءِ گهوڙا، هڪ گهڙي، گهوڙو بيـ هارڻ کان به وئين.

مٿئين شعر ۾ ’گهوڙا (ظلم، ڏاڍ) ۽ گهوڙو (جانور‘) آخري حرف علت جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

هر زماني، هر زمين ۾، ڪارگر قابل ڪروڙ،

ڪئين شيون ميڙي ملائي، ڪا جڏي جوڙين جوڙ،

ڏهه دفعا ڏينهن ۾ ڦِٽي، تختو نه تختي ساڻ توڙ،

ڪينَ مان ’ڪُن‘ سان ڪرين، ڪم ڪار تون هڪ، ٻيو نه ڪير.

مٿئين بند ۾ همجنس لفظ: ’تختو‘ ۽ ’تختي‘ آخري حرف علت جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

قافين ۾ تجنيس مضارع:

مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ لفظ جي بازيگري ڪمال جي آهي، ايتريقدر جو سندس قافين ۾ به تجنيس مضارع جا مثال ملن ٿا. قافين ۾ آخري حرف کي ’حرف رَوي‘ ڪوٺيو ويندو آهي، باقي قافين ۾ اڳين اکرن جي تبديلي لازمي سمجهي ويندي آهي. هيٺ قافين جي نسبت شروعاتي اکر جي تبديليءَ وارا مثال پيش ڪجن ٿا:

شروعاتي اکر/ حرف جي تبديليءَ سان:

جتي روح ريڌو، اتي روز رَک،

ڪڍي قلب ٻئي ڏي قياماً نه ڪک.

سبيَم ساهه هڪ سان، سوين مَر سڪن،

چڱا ڪير چوندو ٻيائيءَ کي ٻَک.

سڄڻ ساڻ صف ۾ صفا ٿي بيهن،

انهن جا اجايا وڃن ميٽ مَک.

اِرم ۾ نه آرام ان ري اچيم،

پرينءَ پار پهچان ڪري پير پَک.

ڏيکارين جن کي ڏکويو هجيم،

مٺا، مفت مون سان رکن کار کَک.

ويـ هڻ وهــــــه ٿيم، واٽ ڪـ هڙي وڃــــان،

نه لانگهو نه ليڪو نڪو لڙهه نه لَک.

ڪندي خرچ خذمت سندن ۾ رسان،

ته لک دل نه لوڙهيان، لڳن خواهه لَک.

احــد ســــــــاڻ ’احمد‘ جــــــو عـ هدو الست،

ٻيو جڳ ڀلين جام ماري پيو جَک.

مٿئين غزل جي قافين ۾ ’رَک-  ڪَک-  ٻَک-  مَک-  پَک-  کَک-  لَک-  جَک‘ ۾ اڳئين اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

نه ڪرهو ڪاڪ تي آيو، اُڏر ڪاغذ کڻي ’ڪانگا،

سلامـــــــي ٿي سَنيـ هو ڏج، ڇڏيان ڪـ هڙي سبب ’سانگــــا‘.

رهاڻيون روح ۾ رهنَم، رسڻ سان رڻ ڪيَئي راڻا،

لڳان اڄ لوڪ ۾ ليزم، ٿيا لازم مٿم لانگا.

سَڙيم سورن ڪنان صورت، سوا تو سيج ٿي سوري،

ونـ هيَل، ويـ هي وهايــــــــــم رات، اٿــيـــا ٻانگ تي ٻانگا.

نه واهي ڇو نماڻي نار، نارا نِير نيڻ مان،

جڏهن ناموس وارا نَـــــــر، نـ هـــــــوڙي نينـ هن ڪـــــــيا نانگـا.

پَٽوريون پَٽ مٿي اُڇليان، پٿر پَٿراڻين بدران،

نه بـــــــاغـــــــن ۾ بـ هاريــون اڄ، ٿـــــــيـــــــا ڦـــــــوڙاءِ ۾ ڦانگـــــــا.

ميارن مارڙي آهيان، معافي مينڌرا، گهرجي،

روان رت، ٿي روانو هت، روا راڻا، نه رُوسانگا.

نه ڄاڻي مينڌري مُنـ هن موڙيو، مومل جـــي مــــــاڙيءَ کان،

احد گهرجي ته ’احمد‘ رک، نه اندر تون به اَلانگا.

ڪانگا-  سانگا-  لانگا-  ٻانگا-  نانگا-  ڦانگا‘ وارن قافين ۾ پـ هرئين اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

اَپر اُڪنڊي عمرَ، آهيان، اکين مان آب اوهيڙا،

وسـايم مِينـ هن ماتــم جا، ٿيَم مُنـ هڙي تي موهيڙا.

لڱن تي لال لڙڪن ساڻ، لوئي لال وئي لُڙجي،

سدا منجهه سوگ سانگين جي، ڇڏيم سينگار سوهيڙا.

اباڻن عاج، اطلس عيب، انهن جو آبرو ان ۾،

نه ٻڌجي ٻانڌڻن سان دل، ڏهوڻون ڏوهه ڏوهيڙا.

ٿيئي ساڻيـ هه ســـــــــانــــوڻ مند، ســــاوا گـــاهه ساماڻا،

رُوان ڏينهن رات رت ريلا، رهن منجهه روح روهيڙا.

وچينءَ ويلي ولر وارن، ولوَلڙو ولهارن ۾،

ڀليون سي ڀانيم باتيون، ڀَلين ڀانئين نه بوهيڙا.

نه وڻ وانگي، نه جهَڻ جهانگي، نه سڏ اوڏا سڄڻ سانگي،

هنجون هت هِير تي هاريان، هنئين لئي هار اوهيڙا.

عمرَ، انشاءَ الله تون، نه کِيندين انب اميدن جا،

پڄاڻي جاچ، پوکين تون، ڪلر ۾ ڪوهه ڪوهيڙا.

اَڀُونئين هت آهيان ’احمد‘ اباڻن پاس آباديون،

ٻڌم هن ٻن ڪنن سان، ڏوٿين جا ڏور ڏوهيڙا.

قافين ۾ اڪثر اڳيان اکر تبديل ڪيا ويندا آهن، ’اوهيڙا، موهيڙا، سوهيڙا، ڏوهيڙا، روهيڙا، بوهيڙا، ڪوهيڙا‘ ۾ شروعاتي اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

ڌُرائين دوست هڪ سان دل ٻَڌم خاص،

لَڙي لَڪ تان لقا لالڻ لَڌم خاص.

ڪُنڍو نڪ، ڪان جي قد، ڪونج جيئن ڪنڌ،

پرينءَ جي پاڪ پيرن ۾ پَدم خاص.

هلي زاريءَ بنا ڇا زور تن سان،

ڀلا جن ساڻ لشڪر لک پَدم خاص.

کُلي درٻار جو در يارَ، مون تي،

ته خدمت ۾ رهان خادم خدم خاص.

ڪڏهن اُو ڏينهن ايندو يا الاهي،

جڏهن چُمندس قريبن جا قدم خاص.

ٿيو احمد مٿي احوال روشن،

ته آدم آهه دَم ڪو يا عَدم خاص.

ٻَڌم- لَڌم-  پَدم-  خَدم-  قَدم-  عَدم‘ قافين ۾ شروعاتي اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.

مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ اهڙا کوڙ سارا مثال ملندا جيڪي قافين جي صورت ۾تجنيس مضارع جا مثال بيـ هن ٿا. هي چند غزل خيال خاطر پيش ڪيا ويا آهن.

حاصل مطلب/ اختصار/ نتيجو:

        تجنيس مضارع مان مراد شعر ۾ اهڙا همجنس لفظ، جن ۾ هڪ اکر جو فرق هجي. اهو فرق لفظ جي اڳيان، وچئون ۽ آخري ٿي سگهي ٿو، جيئن:

        پـ هرئين اکر جي تبديليءَ سان، جيئن: ’درد -  سرد وغيره.

        وچئين اکر جي تبديليءَ سان، جيئن: ’اکر-  امر وغيره.

        آخري اکر جي تبديليءَ سان، جيئن: ’شـ هر-  شـ هد وغيره.

        اهڙو فرق حرف علت جي نسبت به ٿي سگهي ٿو، ياد رهي ته حرف علت (Vowel letter) صرف لفظ جي  وچ ۽ آخر ۾ ئي ٿيندو آهي،  جيئن:

        وچئين حرف علت (ا، و ۽ ي) جي تبديليءَ سان، جيئن:

        الف جي تبديلي: ’پار-  پور-  پير وغيره

        واؤ جي تبديلي: ’کوٽ-  کاٽ-  کيٽ وغيره

        يي جي تبديلي: ’سير-  سار-  سور وغيره.

        آخري حرف علت  (ا، و ۽ ي) جي تبديليءَ سان، جيئن:

        الف جي تبديلي‘: چڙا-  چڙو-  چڙي وغيره

        واؤ جي تبديلي‘: سٺو-  سٺا-  سٺي وغيره

        يي جي تبديلي‘: سري-  سرا-  سرو وغيره.

        تجنيس مضارع ۽ تجنيس خطيءَ ۾ مماثلت ضرور آهي، ليڪن ان ۾’اکر جي بنيادي شڪل‘ تي نظر ڌرڻي پوندي آهي. جيڪڏهن همجنس لفظن ۾ هڪ اکر جي تبديليءَ سان ’بنيادي اکر جو گهر‘ ساڳيو آهي ته تجنيس خطي سڏبي، جيئن: ڪات- ڪاٺ وغيره. ٻي صورت ۾ تجنيس مضارع تصور ڪيو ويندو، جيئن: ڪاٺ-  ڪالُ

        تجنيس مضارع ۾ نون گهُڻي کي نون گهُڻي واري لفظ سان ئي ڀيٽ ڏئي سگهبي، ’نون وينجن‘ جي حيثيت الڳ رهندي، جيئن: ’رنگ ۽ سنگ‘ جي ڀيٽ ته ڄاڻائي سگهبي ۽ ان کي تجنيس مضارع ۾ شامل سمجهبو، ليڪن ’رنگ ۽ رنڙ‘ جي ڀيٽ مضارع ۾ شامل نه رهندي.

        تجنيس مضارع ۾ ’حرف علت‘ جي ڀيٽ ’حرف علت‘ جي اکرن سان ئي مناسب آهي، جڏهن تهوينجن‘ اکرن جي ڀيٽ وينجن سان ئي مناسب رهندي، نه ڪي حرف علت سان! جيئن: سڄڻ ۽ سڄا جو مثال ڪمزور ليکيو ويندو.

        مولوي احمد ملاح جي شاعري اهڙن مثالن سان ڀرپور رهي آهي، ايتريقدر جو قافين ۾ اهڙا کوڙ سارا مثال ملن ٿا.

حوالا/ ذريعا:

        بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1981ع)، جامع سنڌي لغات، جلد: 2.  ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

        رستماڻي ضرار، پروفيسر (2017ع)، (ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح (ڀاڱو پهريون ۽ ٻيون، ڪنڊيارو:  روشني پبليڪيشن.

        عباسي ظفر (2007ع)، سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون، حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

        فيروزالدين (1979ع)، فيروز اللغات-  عربي اردو، لاهور  فيروز سنز لميٽيڊ.

        قليچ بيگ، مرزا، (2016ع)، علم عَروض، ڄام شورو:  مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي.

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org