سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/  1956ع

 

صفحو :11

چوڌاري دانهن ٿي ويئي. نه رڳو غريبن ۽ گهٽ پگهار وارن، مگر شاهوڪارن ۽ وڏن آفيسرن به شڪايتون ڪيون، ته هنن مردو اڄ هـِتي ڏٺو ۽ اڄ هـُتي ڏٺو، ۽ هنن کان اوور ڪوٽ لهرائي ورتائين ۽ ٿڌ ۾ ڏڪندا گهر پهتا. پوليس کي حڪم پهتا ته تڪليف ۽ پئسي جو خيال نه ڪري، جيئري يا مئل مردي کي ڪنهن به حالت ۾ هٿ ڪن ۽ هن کي چيچلائي چيچلائي مارين، جئـَن ٻين لاءِ سبق ٿئي! پوليس جي ڪوشش ۽ جان فشانيءَ وڃي هڻي هنڌ ڪيو. ڪريو شڪن ۾ پوليس ٿاڻي جي هڪ سنتريءَ اصل وارادت واريءَ جڳهه تي مردي کي وڃي پڪڙيو، جڏهين هو هڪ پوڙهي موسيقار کان، جيڪو پنهنجي جوانيءَ ۾ دل سوز بنسري وڄائيندو هو، برک جي ڪپڙي جو اوور ڪوٽ کسي  رهيو هو. هن مردي کي ڪالر کان جهلي پنهنجن ٻين ساٿين کي هڪل ڪئي، جي به اچي هن سان مددگار ٿيا. اِتي سنتريءَ کي ناس جي ٻاڙ لڳي، ۽ خيال ڪيائين ته ناس جي دٻلي، جا بوٽ ۾ رکي هئائين، ڪڍي، هن فتح جي خوشيءَ ۾ ڪو ناس جو دگاڙو لڳائي؛ سو اهو سوچي، پنهنجي ٻين ساٿين جي حوالي ڪيائين. پر ناس شايد اهڙي ته تکي هئي، جو ان جو تيز اثر مردو به برداشت ڪري نه سگهيو. سنتريءَ اڃا پنهنجي ناسن ۾ ناس جي چپٽي مس لنگهائي ته مردي هنن ٽنهي جي اکين ۾ اهڙي زور سان وٺي نڇ ڏني، جو سندن اکيون پورجي ويون ۽ مردو غائب ٿي ويو- ڄڻ ته هنن مردي کي پڪڙيو ئي ڪونه هو؛ ۽ کين اهڙو ته خوف ٿيو، جو اڳتي جي واسطي هو هن جي ڀرسان به نه ويندا هئا، ۽ صرف پري کان پيا رڙيون ڪندا هئا- ”ڏس! ڏس! هو ٿي وڃيئي. ڀڄ، ڀڄ!“ ۽ مردو هنن گيدين کي وڌيڪ ڊيڄارڻ لاءِ ڪالنڪن برچ جي ٻئي طرف کان ڏيکاري ڏيئي، هڪ ڀيرو وڌيڪ ڊيڄاريندو هو، ۽ پوءِ انهيءَ رات هو سندن نگاهن کان غائب ٿي ويندو هو!

اسين وڃي ٻين ڳالهه ۾ پياسين ۽ ”پهچ واري صاحب“ کي بلڪل وساري ڇڏيوسين، جيڪو هن روئداد جو سبب ۽ اڪاڪيءَ جي موت جو ڪارڻ هو. ڌڪ دشمن جو به نه وڃائي. ”پهچ وارو صاحب“ هروڀرو اهڙو برو نه هو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي اهڙي زوردار ڇينڀ ڪڍڻ کان پوءِ هن کي گهڻو افسوس ٿيو. هو ايڏو سخت دل ۽ ڪٺور نه هو. آخر ته انسان هو، هن جي دل ۾ به همدردي هئي، رحم هو ۽ انسانيت لاءِ عزت هئي، مگر هن جي وڏي عهدي ۽ بالا عملداريءَ اهڙن احساسن ظاهر ڪرڻ کان هن کي مجبور پئي ڪيو. سندس دوست جي وڃڻ کان پوءِ هو اڪاڪيءَ جي حال تي رحم کائي، هن جي نماڻيءَ حالت تي ويچار ڪرڻ لڳو، ۽ ان ڏينهن کان پوءِ اڪاڪيءَ جو خيال هن جي دماغ ۾ گهر ڪري ويهي رهيو، هو پنهنجي ڪئي تي پڇتائڻ لڳو. اهڙن ويچارن ۽ خيالن کان تنگ اچي آخرڪار اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڏانهن ڪلارڪ موڪليائين ته ڏسي ته هو طبيعت ۾ ته ٺيڪ آهي، ۽ جيڪڏهين سچ پچ هو هن کي ڪا مدد ڪري سگهي ٿو، ته هو هر حالت ۾ حاضر آهي؛ ۽ پوءِ، ان منحوس خبر، ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ بخار ۽ بيهوشيءَ ۾ مري ويو، هن جي دل ۾ ڪنڊو چڀي ڇڏيو، ضمير هن کي ملامت ڪئي، ۽ هو سارو ڏينهن اداس ۽ بيچين رهيو. خيالات مٽائڻ ۽ غم غلط ڪرڻ خاطر هو شام جو پنهنجي هڪڙي دوست وٽ ڪچهريءَ لاءِ ويو. اتفاق سان هتي سڀ خانداني ۽ شان مانَ وارا ماڻهو ۽ وڏي ڳالهه ته سڀ هڪڙي عهدي جا آفيسر ويٺا هئا. هن گهڻيءَ آزاديءَ سان گفت و شنيد ۾ بهرو ورتو ۽ چرچن گهٻن ۾ هنن سان رلي ملي ويو، جو اڪاڪيءَ کي بيگناهه ڇينڀڻ، هن جي نماڻي صورت ۽ هن جي موت جهڙا ملامت ڪندڙ خيال في الحال هن کان وسري ويا. مطلب ته هن جي شام کلي خوشيءَ ۽ مزي ۾ گذري. رات جو هن شمپين جهڙي اعليٰ قسم جي شراب جا ٻه گلاس پيتا ۽ هن جي اکين ۾ خمار، دل ۾ بهاري، خيال ۾ سڪون، دماغ ۾ بي اوناهي ۽ مـُنهن ۾ خنڪي پيدا ٿي. شراب نيٺ پنهنجو اثر ظاهر ڪيو ۽ هن خيال ڪيو ته اڄ گهر وڃڻ بدران ڪرولينا اوئنونا سان، جا جرمن نسل جي عورت هئي، وڃي موج ماڻي. ڪرولينا اوئنونا سان هن جا ڪافي وقت کان دوستانا تعلقات هئا. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ”پهچ وارو صاحب“ چڱي عمر جو ڪرڙوڍ، مهربان پيءُ ۽ جوابدار مڙس هو. کيس ٻه پُٽ هئا، جن مان هڪڙو سندس ئي آفيس ۾ ڪم ڪندو هو. هڪ سورهن سالن جي نوجوان ڌيءَ به هيس، جنهن جو ننڍڙو نڪ چتونءَ جي چهنب وانگر وريل هو. هوءَ هر صبح جو اچي سندس سلام ڪندي هئي ۽ هٿ چمي چوندي هئي، ”منهنجو پيارو بابا“. سندس زال به اڃا ننڍي نيٽي هئي، ۽ شڪل شبيهه جي به ملوڪ هئي. هوءَ هن کي پنهنجو هٿ چمڻ لاءِ ڏيندي هئي، ۽ بعد ۾ هن جو هٿ چمندي هئي. اهڙيءَ طرح جيتوڻيڪ هن کي پنهنجي گهر ۾ هر قسم جو آرام ۽ فرحت جو سامان موجود هو، تڏهين به هن اها ضرورت محسوس ڪئي ته شهر جي ڪنهن ٻئي پاڙي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي معشوقه جو هئڻ لازمي آهي. سندس سنگتياڻي سندس زال کان نه ته عمر ۾ گهٽ ۽ نه وري صورت ۾ موچاري هئي. پر هي ڪو دنيا جو دستور هوندو آهي ته پنهنجي کان پرائي ۾ وڌيڪ مزو هوندو آهي. خير اسان جو ڪم نه آهي ته ڪنهن تي بيهي نڪتي چيني ڪريون. ”پهچ وارو صاحب“ ڏاڪڻ تان لٿو ۽ اچي پنهنجي گسڪڻيءَ گاڏيءَ ۾ سوار ٿيو، ۽ ڪوچوان کي حڪم ڏنائين ”ڪرولينا اوئنونا جي گهر هل!“ هو قيمتي گرم فر جي اوور ڪوٽ ۾ ملبوس، بيپرواهيءَ ۽ بيفڪريءَ جي عالم ۾ هو، ۽ دماغ تي زور ڏيئي هروڀرو ڪجهه سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ تيار به نه هو، مگر خوشيءَ ڀريان ۽ رنگين خيالات خودبخود هن جي دل و دماغ کي وڌيڪ لطف ۽ فرحت بخشي رهيا هئا. هن کي اهي شام جون دل وندرائيندڙ گهڙيون ۽ اهي دلچسپ اصطلاح ۽ جملا، جن جي ٻڌڻ سندس سنگت جا سڀ يار دوست کلي کلي کيرا پئي ٿيا، وري وري ياد پئي آيا، ۽ اهي محاورا آهستي آهستي چپن ۾ اچاري پاڻ وري وري پئي کليو. واهه جو انهن ۾ مزو ۽ لطف هو! مگر هوا جي ڇوٽ جهوٽن هن کي سخت هلاک ڪيو. هوا جي زور تي برف جا ڳنڍا هن جي مٿان پئي وسيا، ۽ سندس ڪوٽ جو ڪالر هوا سان ڀرجي اٽي جي ڳوڻ وانگر ڦوڪجي پئي ويو،۽ هن جي منهن ۽ نرڙ تي زور سان پئي سٽڪو ڪيائين، ڄڻڪ پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هلچل هلائي ڏني هئائين. ايتري ۾ ”پهچ واري صاحب“ کي ڪنهن پٺيان اچي گردن کان پڪڙيو، منهن ورائي ڏٺائين ته هڪڙو قد جو بندرو ميرن ڪپڙن ۾ ڍڪيل ماڻهو هو. هن کي سڃاتائين ته هو اڪاڪي هو! هيبت ۾ هن جا لڱ ڪانڊارجي ويا. ڪلارڪ جو منهن اڇو برف جهڙو ۽ سڪل هو، جهڙو ڪنهن مردي جو هئڻ گهرجي. ”پهچ واري صاحب“ جي خوف ۽ هراس جي ڪا حد ئي ڪانه رهي، جڏهين ڏٺائين ته مردو منجهيل لفظن ۾ ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش رهيو آهي. مردو کلي چوڻ لڳو ”ها، ها، ها! ها! سو نيٺ تون منهنجي چنبي ۾ اچي وئين ۽ نيٺ مون توکي ڪالر کان پڪڙيو. مون کي تنهنجو اوور ڪوٽ گهرجي! تو مون کي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو! تو مون کي گاريون ڏنيون! ان جي عيوض پنهنجو اوور ڪوٽ لاه! منهنجي حوالي ڪر!“ ويچارو ”پهچ وارو صاحب“ اڌ مئو ٿي پيو. آفيس ۾ زيردستن تي جيڪڏهين ڪو هن جو ضابطو ۽ رعب ڏسي ها، يا جيڪڏهين ڪو هن جي اُتي جي مردانگيءَ ۽ شخصيت مان واقف هجي ها ته ضرور هن جي ساراهه جا ڍڪ ڀري ها ۽ بي اختيار چوي ها، ”واهه ڪهڙي نه رعبدار شخصيت آهي هن جي!“ مگر هو هن وقت رواجي ماڻهوءَ وانگر ڊپ ۾ ڪنبي رهيو هو. هن هڪدم ڪوٽ لاهي کڻي ڦٽو ڪيو، ۽ ڪوچوان کي رڙ ڪري گهٻرايل آواز ۾ چيائين، ”گاڏي موٽاءِ! هڪدم گهر هل!“ ڪوچوان ”پهچ واري صاحب“ جو آواز جو نمونو بدليل ڏسي، سهي ڪيو ته ڪوئي خطرو آهي، ۽ پنهنجا ڪلها ڪنن تائين ڍڪي، جانورن کي ٻه ٽي چهبڪ وهائي ڪڍيائين ۽ ائين ڀڳو ڄڻ تير ڪمان مان ڇٽو ۽ ڇهن منٽن جي ٿوري عرصي ۾ اچي گهر پهتو. گهٻرايل خوفزده ۽ اوور ڪوٽ کان سواءِ، هو ڪرولينا اوئنونا جي گهر جي بدران پنهنجي گهر اچي نڪتو، ۽ سڌو پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ وڃي ڊٺو، ۽ ساري رات حيران ۽ پريشان هو. صبح جو نيرن جي وقت ڌيڻس کي ڪجهه خوف محسوس ٿيو، جنهن پڇيس، ”بابا! ڇو اڄ اوهان لهڪاريل ٿا ڏيکارجو؟“ مگر ڇوڪريءَ جو پيءُ بلڪل خاموش رهيو ۽ ڪنهن کي به نه ٻڌايائين ته هن سان ڪهڙي ويڌن هئي، رات جو ڪٿي هو، يا ڪيڏانهن پئي ٿي ويو؟ هن واقعي جو هن تي گهرو اثر ٿيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ اهي هميشه وارا جملا ته ”تنهنجي اهڙي همت؟ توکي خبر آهي ته مان ڪير آهيان؟: تون ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهي؟“ پنهنجي زيردستن سان ورلي ڪم آڻڻ لڳو، ۽ ٻين سان گفتگو ڪرڻ جي وقت، اهي ڪڏهين به استعمال نه ڪندو هو، جيستائين ڪ مسئلي جي ساري حقيقت نه ٻڌندو هو.

هن کان پوءِ مرحوم منشي اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو روح ڀٽڪندو نظر نه آيو. شايد جنرل جو اوور ڪوٽ هن کي پورو اچي ويو. پوءِ ڪنهن به اوور ڪوٽ کسجڻ جي شڪايت ڪانه ڪئي. پر تنهن هوندي به ڪي ماڻهو چوڻ لڳا ته مردو اڃان به شهر جي ڏوراهن پاڙن ۾ ڏيکاري ڏئي ٿو. مثلاً هڪڙي دفعي ڪالومنا جي هڪ سنتريءَ مردو هڪ گهر جي پٺ ۾ ڏٺو، مگر ڇاڪاڻ ته هو قدرتاً هاٺيءَ جو ڪمزور هو . . . . ايتري قدر، جو هڪڙي دفعي جيئن هڪڙو سـُوئر ڀر واريءَ جاءِ مان نڪتو، تيئن هن کي داسو هڻي ڪيرائي وڌائين ۽ ڪوچوان، جي ڀرسان بيٺا هئا، هن جي چوڌاري مڙي آيا ۽ خوب چيڙايائونس، ۽ پوءِ هن اهڙي گستاخيءَ جي عيوض هنن کان ناس لاءِ ٻه ڪاپيڪ ورتا، . . . تنهنڪري مردي کي پڪڙڻ جي هو همت نه ساري سگهيو، تنهن هوندي به هو ڳپل پنڌ اونداهيءَ ۾ مردي پٺيان ويو- جيستائين ڪ مردي ڪنڌ ورائي ٺونشو ڏيکاريندي چيس ”ڇا گهرجئي؟“ سنتريءَ جواب ڏنو ”ڪجهه به نه!“ ۽ پوءِ سنتري واپس پنهنجي ماڳ تي موٽي ويو. ايترو سو هو، ته هيءُ مردو مڙيوئي ڪي قدر قد ۾ ڊگهو ۽ وڏين رعبدار مڇين سان هو، ۽ سڌو آيو هو برج پاسي، جيڏانهن شهر جي غريب خلق گهڻو رهندي هئي، وڃي رهيو هو ۽ اوڏانهن ويندي ويندي هو رات جي انڌيري ۾ غائب ٿي ويو.

اصل انگريزيءَ ۾، نورا رچرڊس جو

سنڌيڪار: سراج

اڪبر جي حياتيءَ جو هڪ ڏينهن

(ٽن منظرن وارو هڪ ناٽڪ)

منظر پهريون

1

مقام: فتحپور سڪري   وقت؛ بهار جو هڪ صبح

ڪردار

اڪبر- مغل شهنشاهه؛ راجا توڏر مل- وزير زراعت؛ هڪ ٻيو وزير؛ ٽي عملدار؛ ڪنڀر؛ کٽي؛ هڪ بيواهه؛ راجپوت؛ برهمڻ؛ ٻه هاري؛ ۽ چوبدار، وغيره

 

] اڪبر جي محل جو ديوان عام- پٺيان وچ تي شاهي مسند آهي، جنهن جي ساڄي پاسي کان چئن پنجن ڏاڪن سان هڪ اوچو ٿلهو آهي. ان جي پويان وري محل ڏانهن وڃڻ لاءِ ٿلهن پردن سان ڍڪيل دروازو آهي- مسند جي هيٺان ٻه عملدار بيٺا آهن. [

پهريون عملدار- ڀلا، اڄ درخواستون ڪي گهڻيون آهن ڇا؟

ٻيو عملدار- ايتريون گهڻيون ته ڪينهن. جيڪي تمام ضروري هيون، سي گڏ ڪري رکيون اٿم.

پهريون عملدار- ڇا جون آهن؟

ٻيو عملدار- هڪڙي ته جزيي جي خلاف اپيل آهي، ۽ هڪڙو زمين جي ماپ بابت جهڳڙي جو فيصلو آهي. هڪ تپيدار جو به فرياد آهي.

پهريون عملدار- پهرين جزيي کي کڻنداسون، ۽ پوءِ تپيدار جي سوال کي. زمين جي ماپ وارو جهڳڙو ته تڏهن کڻبو، جڏهن راجا توڏر مل ايندو: اڄ سندس اچڻ جي اميد آهي- بادشاهه سلامت کي پنهنجو نئون ايجاد ڪيل ”جريب“ ڏيکارڻو اٿس. راجا صاحب جيڪو ڍلن جو نئون طريقو ڳولي ڪڍيو آهي، سو شايد ان تي به بحث مباحثو ٿيڻو آهي. پر ٻيون درخواستون ڪينهن ڇا؟

ٻيو عملدار- آهن ته کوڙ، پر اهڙيون ضروري ڪينهن: هڪڙو برهمڻ آهي، جو ”سـَتـِي لڪڙيءَ“ جي سڌاري خلاف ڏاڍو جوش ۾ آهي، ۽ اعتراض پيش ڪرڻ لاءِ سهي سنبري آيو آهي.

پهريون عملدار- ڀلي آيو، جيءُ آيو.

ٻيو عملدار- خيرات لاءِ به گهڻيون ئي درخواستون آهن: هڪڙي غريب بيواهه زال تيرٿ- ياترا جي محصول لاءِ پريشان آهي؛ ٻيو ڪنڀر آهي، جنهن ويچاري جا سمورا ٿانو پچڻ کان اڳ مينهن ۾ ناس ٿي ويا آهن؛ هڪڙو کٽي آهي، جنهن جي ڪکائين ڇت باهه ۾ سڙي ويئي آهي- ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا به گهڻائي آهن.

پهريون عملدار- اڄ اسان کي ايتريون ساريون درخواستون داخل ڪرڻ نه گهرجن، جو راجا توڏر مل جي اچڻ سان ڍلن بابت اهم ڳالهه ٻولهه ٿيڻي آهي.

ٻيو عملدار- ته پوءِ خيرات جون گهڻيون درخواستون پيش ڪريون؟

پهريون عملدار- اهي ئي اٽڪل چار يا پنج؛ ٻين وڏين درخواستن مان ٻن کان وڌيڪ نه هجن ته چڱو: زمين وارو تڪرار ۽ تپيدار جي فرياد، اهي ٻه مسئلا ئي ڪافي ٿيندا.

ٻيو عملدار- ۽ پنڊت؟ سندس سـَتي لڪڙيءَ واري سڌاري خلاف اعتراض . . . . . . “

پهريون عملدار- هائو، هائو؛ ڀلي ته اهو به اچي. هاڻ وڃ ۽ آڻي کين حاضر ڪر.

(ٻيو عملدار وڃي ٿو)

(ٽيون عملدار داخل ٿئي ٿو)

ٽيون عملدار- مون کي هيءُ چوڻ لاءِ موڪليو ويو آهي ته ”شهنشاهه سلامت جي مرضي آهي ته درخواستون تڪڙيون تڪڙيون پيش ڪيون وڃن، جئن راجا توڏر مل سان ڍلن واري رٿ تي بحث مباحثي لاءِ جلد واندا ٿي سگهن“.

پهريون عملدار- درخواستون مون چونڊي رکيون آهن؛ فريادين کي گهرايو اٿم. وڃ ۽ وڃي عرض ڪر ته ”هـِت ڪا دير ڪانهي؛ اسين شهنشاهه سلامت جن جي انتظار ۾ آهيون“.

(ٽيون عملدار وڃي ٿو)

(ٻيو عملدار وري هڪڙيءَ زال ۽ سندس ننڍڙي نينگريءَ سان گڏ اچي ٿو)

پهريون عملدار- ادي، اچ! ڪڪي، تون به اچ! . . . هتي ويهي رهو!

(کٽي، ڪنڀار ۽ راجپوت اچن ٿا)

اوهين ٻئي هت ويهو! (هو ٻئي زال جي ڀرسان ويهي رهن ٿا) ۽ تون- جنهن جي مرضي آهي ته توتان محصول معاف ٿئي- تون به اچ . . . .  وڃي انهن سان ويهه، جن کي دان وٺڻو آهي.

راجپوت- دان! مون کي دان ڪونه گهرجي. مون کي نياءُ گهرجي: آءٌ هنن کان جدا بيهندس.

ٻيو عملدار- چڱو، ته جدا ٿي ويهه! تنهنجي شنوائي هنن کان پوءِ ٿيندي.

(ٻه هاري داخل ٿين ٿا)

پهريون هاري- هر سال اسان لاءِ اهوئي ساڳيو جهڳڙو! پر سال تو منهنجي زمين تي ٻج پوکيو هو . . .

ٻيو هاري- ۽ هيل . . . . تو اُنهيءَ منهنجي زمين تي ٻج پوکيو آهي!

پهريون هاري- اها زمين منهنجي آهي . . .

ٻيو هاري- آءٌ چوان ٿو اها زمين منهنجي آهي، مون اڃا ڪالهه ماپي آهي!

پهريون هاري - ۽ مون ڇهه مهينا اڳ ماپي آهي؛ آءٌ ٿو چوان ته اها منهنجي آهي!

پهريون عملدار- خاموش، خاموش! اوهان جو مقدمو دير سان فيصل ٿيندو. (ٻئي عملدار کي) هنن ٻنهي کي جدا ڪري بيهار.

(تپيدار داخل ٿئي ٿو. هن جي پويان هڪڙو هاري، ۽ هڪ برهمڻ داخل ٿين ٿا.)

(ٻيو عملدار سڀني کي ٽولين ۾ ورهائي بيهاري ٿو؛ ۽ مقدمن وارن کي دان گهرندڙن کان جدا ڪري بيهاري ٿو).

پهريون عملدار (راجپوت کي)- تو وٽ ته ڪا لکيل درخواست ئي ڪانهي. توکي حقيقت ۾ دان گهرندڙن سان گڏ وڃي ويهڻ گهرجي.

راجپوت- آءٌ وري به چوان ٿو ته مون کي دان ٻان ڪونه گهرجي؛ مون کي نياءُ گهرجي- انهيءَ ڪري آءٌ ته هتي ئي بيهندس.

ٻيو عملدار (برهمڻ کي)- تو وٽ به ڪا لکيل درخواست ڪانهي. تون به وڃي انهن سان ويهه جن کي دان گهرجي.

پنڊت- دان! آءٌ ته پنهنجا حق گهرڻ آيو آهيان!

ٻيو عملدار- چڱو، چڱو . . . . اوهين ٻئي هتي ٿي بيهو. (هو ٻئي عملدار سان گڏجي ساڄي پاسي ٿي بيهي ٿو)،

کٽي (عورت ڏانهن مخاطب ٿي)- ادي، تون ڪيئن آئي آهين؟

عورت- ادا، آءٌ هڪ وڌوا آهيان. پنهنجي وَرَ جون هاٺيون ڪاشيءَ کڻي ٿي وڃان. پر انهيءَ کان اڳ مون کي پنهنجي تيرٿ ياترا لاءِ ڏن به ڏيڻو آهي- مون غريب وٽ پئسا ڪٿان اچن جو ڏن ڀريان!

پنڊت- تون پاڻ، او ڪلنڪني، هن وقت تائين رک هئڻ گهرجين ها! تون چـِتا تي ڇو نه چڙهيئـَن؟

عورت- ان ڪري جو شهنشاهه سلامت جي پنڊتن کي روڪ آهي ته هو اسان اٻلائن کي زوريءَ چتا ۾ اڇلائي نه ڇڏين.

پنڊت- ها، اسان جي شهنشاهه جي برابر اسان تي روڪ آهي- ۽ انهيءَ ڪري ئي آءٌ هتي آيوآهيان. ڏسو ته سهي، ودوائون هر هنڌ چتا تي چڙهڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن!

راجپوت- پنڊت جي، اوهان لاءِ ته اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي ٿي: هاڻ اوهين هيرا جواهر ۽ زيور ڪٿان گڏ ڪري سگهندؤ؟

پنڊت- هاڻ انهن پرلوڪ سڌريل آتمائن جو ڇا ٿيندو، جن کي دشٽ ڪايائون وڪوڙي ويئون هونديون؟ هاءِ هاٰءِ، ڪهڙي ڪلجڳ ۾ اچي پيا آهيون! هري رام، هري رام! سمو ڏاڍو خراب آهي!

راجپوت- اهو ته سچ آهي، پر اوهين وڌوائن کي جلائي، سمي کي مرڳو وڌيڪ خراب ڪري رهيا آهيو! توهان کي هنن جي پيڙا مان ته فائدو ٿو پهچي.

پنڊت- اسين ته هنن لاءِ مريادا ٿا حاصل ڪريون: هندو استري جات جي مان- مريادا!

ٽيون عملدار- بس بس، خاموش! شهنشاهه سلامت جن تشريف فرمائي رهيا آهن.

(ٻه چوبدار داخل ٿين ٿا)

(چوبدار پردي مان اندر لنگهي، دروازي اڳيان پنهنجون لٺيون جهلي بيهن ٿا)

پهريون چوبدار- خاموش، خاموش! با ادب با ملاحظه هوشيار!

ٻيو چوبدار- شهنشاهه سلامت جن تشريف فرمائين ٿا!

(هو پردي کي کولين ٿا؛ ۽ رستو ويڪرو ڪري، هڪڙو هڪڙي پاسي، ٻيو ٻئي پاسي بيهي رهي ٿو- گهڙيءَ کن لاءِ ماٺ ٿي وڃي ٿي)

(اڪبر داخل ٿئي ٿو)

(اڪبر هڪڙي وزير سان گڏ اچي ٿو، ۽ سندس پويان خادم داخل ٿين ٿا- انهن مان ٻه ڄڻا ٻنهي پاسي کجيءَ جي ڊگهن هٿين وارا پکا لوڏي رهيا هئا. عرضدار ۽ مقدمن وارا احترام ۾ بيٺا آهن- بادشاهه وهي ٿو. ٻه عملدار وڏي مسند جي پائي تائين اچن ٿا، ۽ ڪورنش بجا آڻي، پوئتي هٽي بيهن ٿا.)

وزير- شهنشاهه سلامت، شهنشاهه هندستان، غريبن جو نگهبان، عادل حڪمران، درخواستون ٻڌڻ لاءِ تيار آهن. عرضدارن ۽ خيرات وٺندڙن کي پيش ڪيو وڃي . . . . .

پهريون عملدار- لکـُو ڪنڀر، حاضر ٿئي!

لکــُو ڪنڀر- عاليجاهه! بي مندائتن مينهن منهنجي ڪرت کي بنهه ٻنجو ڏيئي ڇڏيو آهي: منهنجا سمورا اڻ پڪ ٿانو پـُسي ناس ٿي ويا. انهيءَ کان سواءِ، پيٽ گذر جو ڪو به واهه وسيلو ڪو نه اٿم. اي غريبن جا رکپال! منهنجو عرض اگهاءِ، مون کي پنهنجي سخاوت جي گنج مان فقط ٻه اشرفيون عنايت ڪر . . . . !

اڪبر- بس، وڌيڪ نه چئو . . . . هن کي ڏهه اشرفيون ڏيو!

لکو- خدا حضور کي هميشه هميشه زنده ۽ سلامت رکي! (وڃي ٿو)

پهريون عملدار- رام ڏتو ڌوٻي، حاضر ٿئي!

رام ڏتو- عاليجاهه، مسڪينن جا مددگار! منهنجي ڪکائين جهوپڙي باهه ۾ سڙي ناس ٿي ويئي آهي. منهنجا سمورا ٽپڙ ٽاڙي، . . . ۽ ڪي ڪپڙا- جي مون ڌوئي ٺاهي تيار ڪري، ڌڻين کي پهچائڻ لاءِ رکيا هئا- سڀ سڙي ويا. منهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ مون کي اڳي ئي محتاج ڪري ڇڏيو آهي- آءٌ ڏاڍو لاچار آهيان. اي عاليجاهه، منهنجي مدد فرماءِ!

اڪبر- اها باهه لڳي ڪيئن؟

ڌوٻي- حضور، منهنجي ته ملائڪن کي به خبر ڪانهي: گهر ۾ پهر ئي ڪانه هئي، آءٌ به ڪپڙا رسائڻ ويو هوس- ۽ بٺيءَ تي سو کـُنڀ چاڙهي ڇڏيو هوم . . .

اڪبر- اها ته سياڻپ ڪانه چئبي. ٿوري هوا لڳڻ سان تنهنجي ڪکن کي باهه وڪوڙي ويئي هوندي.

ڌوٻي- پر جيئـَندا قبلا، جيڏيءَ مهل آءٌ گهران نڪتو هوس، اوڏيءَ مهل ته واءُ ڪو نه ٿي لڳو؛ ۽ جڏهن موٽيس، تڏهن سڀ ڪجهه ڦلهيار ٿيو پيو هو!

(پنهنجا هٿ نيزاري ڪرڻ لاءِ مٿي ٿو کڻي)

اڪبر- هن کي ويهه اشرفيون ڏيو!

پهريون عملدار- زيارت- محصول معاف ڪرائڻ واري عورت، حاضر ٿئي!

(عورت اڳتي وڌي ٿي. ٻارڙو چولي ۾ چنبڙيو پيو اٿس. خاموشيءَ سان هٿ جوڙي نمسڪار ڪري ٿي.)

اڪبر- چئه، اي غريب مائي، توکي ڇا گهرجي؟

عورت- حضور، محصول جي معافي: ياترا جو محصول معاف ڪريو. آءٌ وڌوا آهيان- ڪاشيءَ ٿي وڃان، گنگا ماتا تي، پنهنجي پتيءَ جون هاٺيون کڻيو! واٽ تي غريباڻو داڻو پاڻي آءٌ پاڻ پنهنجو ڪري سگهنديس- پر محصول، محصول اڃا ڏيڻو اٿم. اي ان داتا، اي سخي شهنشاهه، پنهنجي سخاوت سان اهو مون تان معاف ڪر!

اڪبر- (سوچيندي) محصول . . . زيارتي محصول. ڌيءَ تو اڳ گهڻا ڀيرا ياترا ڪئي آهي؟

عورت- ٽي ڀيرا، حضور! مٿرا، بندراين ۽ گوڪل- ۽ هاڻ ڪاشيءَ هاٺيون کڻيو ٿي وڃان.

اڪبر- ڌيءَ، تنهنجو محصول اسين پاڻ ڀرينداسون. هن زيارتيءَ کي ٽي مهرون ڏيو! منهنجي ڌيءَ، تون بيشڪ ڪاشيءَ وڃي سگهين ٿي.

عورت- هريءَ جي ڪرپا ٿيندوَ! (موٽي ٿي)

اڪبر (وزير کي)- درخواستن کي اڪلائي وٺو. مابدولت کي وقت تمام گهٽ آهي.

وزير- جو ارشاد، حضور! (عملدارن کي) هاڻ درخواستن وارن کي پيش ڪيو وڃي.

پهريون عملدار- ٻه فريادي اڃا به آهن، حضور. هڪڙو فرياد ته جزيي جي خلاف آهي، ۽ ٻيو ستـِي رسم جي حڪم خلاف.

اڪبر- اسين انهن کي ٻڌڻ گهرون ٿا.

پهريون عملدار- او برهمڻ پنڊت، وڌي اڳتي اچ!

(پنڊت اڳتي وڌي ٿو، ۽ هٿ ٻڌي ڪورنش بجا آڻي ٿو)

اڪبر- اي پنڊت، توکي ڪهڙو دان گهرجي؟

پنڊت- دان نه، حضور- مون کي ته پنهنجا حق گهرجن!

اڪبر- چؤ، ڪهڙا حق؟

پنڊت- وويڪ جي مـُڪتي؛ ضمير جي آزادي- اي اڪبر، اهو تنهنجو پهريون اصول آهي: پر تنهن هوندي به، حضور جن اهو حڪم فرمايو آهي ته ڪا به وڌوا سندس مرضيءَ جي خلاف پنهنجي مڙس جي چتا تي نه چڙهندي- پوءِ اسان جي ضمير کي آزادي ڪٿي آهي؟ اسين، جيڪي اهو مڃون ٿا ۽ سکيا ڏيون ٿا ته مري ويل ماڻهوءَ جي آتما جي شانتيءَ لاءِ . . . . .

اڪبر- بس بس، مابدولت وڌيڪ ڪجهه به نه ٻڌندو. غير انساني ريتيون رسمون ختم ٿينديون،- پوءِ ڀل کڻي اوهين ڇا به مڃو، يا ڇا به سيکاريو: جيسين اسان ۾ روڪڻ جي طاقت آهي، تيسين ڪا به وڌوا پنهنجي مري ويل مڙس جي چتا تي زندهه نه جلائي ويندي!

پنڊت(هٿ جوڙي)- حضور! آءٌ وينتي ٿو ڪريان ته . . . . .

اڪبر (رعب سان)- بس بس، اهو اسان جو حڪم آهي! هڪدم هتان نڪري وڃ . . .

پنڊت (نيزاري ڪندي)- حضور . . . . . . . .

(ٻه عملدار هن کي مسند وٽان گهلي وٺي وڃن ٿا)

پهريون عملدار- جزيي خلاف درخواست! او مانسنگهه راجپوت، تون اوري اچ!

راجپوت (سلام ڪندي)- جئه رام جي ڪي! اي اڪبر اعظم، اي راجپوتن جا شهنشاهه، اسان جي سر تي جيڪو محصول مڙهيل آهي، اهو هٽاءِ . . . . پنهنجي محصول اڳاڙيندڙن کان اسان کي بچاءِ!

اڪبر- جيڪڏهن تون اسان جي لشڪر ۾ داخل ٿين ها، ته پاڻ کي انهيءَ کان بچائي سگهين ها!

راجپوت- آءٌ هڪ راجپوت آهيان، جنهن جا هٿيار ۽ جسم فقط وڙهڻ لاءِ آهن- اهو ته هڪ سودو ٿيو: جيڪڏهن آءٌ پنهنجي سر جو سودو ڪري ڇڏيندس، ته پوءِ آءٌ وڙهي ڪيئـَن سگهندس! اسين راجپوت انهيءَ محصول کي ڌڪاريون ٿا ۽ انهيءَ ڪري آءٌ ڀرڻ کان انڪار ڪريان ٿو! . . . .

وزير (اڳتي وڌي ٿو ۽ هن کي روڪڻ لاءِ پنهنجو هٿ مٿي کڻي ٿو)- نادان ادب سان ڳالهاءِ!

اڪبر (وزير کي روڪيندي)- نه نه، ڇڏينس ته اسين هن کي ٻـُڌون، پٽ، تون چئو- جيڪي من ۾ اٿئي، سو بيڌڙڪ چئي ڏي!

راجپوت- هڪ راجپوت ۽ ڊپ؟ اڻٿيڻي! اهو صحيح آهي ته آءٌ پنهنجا ٻنيون ٻارا سک سلامتيءَ سان پيو پوکيان، پر هڪ جنگي جوڌي جو خون منهنجي رڳن ۾ ڊوڙندو رهي ٿو: جيڪڏهن آءٌ اوهان کان ڊڄان ها، ته پوءِ اوهان جي محصولين جي آزار کي منهن ڏيان ها ڇا؟ ۽ وري اوهان جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيڻ ۽ اوهان خاطر وڙهڻ کان انڪار ڪريان ها ڇا؟ نه نه! آءٌ هڪ هندو آهيان، جنهن جي سر تي محصول جي چٽي مڙهيل آهي- ڇا آءٌ هڪ راجپوت ٿي ڪري، هن ڌڪاريل محصول جي عيوض، پنهنجي سر جي آزادي وڪڻي، انهيءَ حڪمران طاقت لاءِ بيهي وڙهان، جنهن اسان تي اها چٽي مڙهي آهي؟ نه نه، آءٌ اهڙي سوديبازي هر ڪين ڪندس. منهنجو سـِر، هڪ راجپوت جو سـِر آهي؛ ڪو واپاريءَ يا سوداگر جو سـِر ڪونهي!

اڪبر- منهنجا پٽ، جيڪڏهن آءٌ هندو هجان ها، هڪ راجپوت هجان ها، ته آءٌ به يقيناً ائين ئي محسوس ڪريان ها، جيئن تون ٿو ڪرين . . . . . . اسان کي برابر هي محصول بند ڪرڻ گهرجي. تون دلجاءِ ڪر، اسان جا محصول اڳاڙيندڙ آئندي توکي پنهنجيون ٻنيون ٻارا امن سان پوکڻ کان ڪين روڪيندا- تون آزاد آهين!

راجپوت- پوءِ عاليجاهه، آءٌ تنهنجي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيندس: جنهن ڏينهن تي هيءُ ڌڪاريل ڏن بند ٿيو، ان ڏينهن ئي آءٌ اوهان جي فوج ۾ شامل ٿيندس!

اڪبر- توکي انهيءَ لاءِ گهڻو ترسڻو ڪين پوندو. ان وقت تائين تنهنجي زندگي پُر امن رهندي.

راجپوت- ۽ توکي، اي اڪبر، هميشه فتح نصيب ٿيندي!

جئه رام جي ڪي! (پوئتي موٽي وڃي ٿو)

پهريون عملدار- تپيدار، تون اوري اچ!

تپيدار (هڪڙي هاريءَ کي گهليندو اڳتي اچي ٿو، ۽ جهـُڪي ڪورنش ڪري ٿو)- اي عاليجاهه، شهنشاهه اعظم، ظل الله تعالى، مون کي تنهنجي مدد جي ضرورت آهي! هيءُ شخص . . . . .

اڪبر- هن مقدمي کي مهمل ڪريو. اڄ وقت ٿورو آهي، اسين انهيءَ کي ٻئي ڪنهن ڏينهن تي ٻـُڌنداسون.

تپيدار- حضور . . . (ٻيو عملدار کيس گهلي وٺي ٿو وڃي)

پهريون عملدار- زمين جي ماپ جي تڪرار وارا هاري . . . . اچو اچو- اوهين اڳتي اچو!

اڪبر- چئو، اوهان جو ڇا تي تڪرار آهي؟

پهريون هاري- اي عاليجاهه، هن شخص منهنجي زمين تي آبادي ڪئي آهي.

ٻيو هاري- اي انصاف جا نگهبان، اها زمين هن جي نه، پر منهنجي آهي.

پهريون- زمين منهنجي آهي . . . . مون پاڻ ماپي آهي!

ٻيو هاري- مون به ماپي آهي، اها منهنجي زمين آهي!

اڪبر- ترسو، هي مقدمو اهم آهي! درٻار کي خالي ڪريو، اسين انهيءَ کي خيال سان فيصل ڪنداسون- تيسين ڀلي ته راجا توڏر مل به اچي.

(فريادي ۽ عرضدار وڃن ٿا)

راجا توڏر مل داخل ٿئي ٿو)

توڏر مل- توڏر مل خدمت ۾ حاضر آهي؛ اڪبر، تسليم!

اڪبر- تسليم، اي دوست! تون عين موقعي تي پهتو آهين- هنن هارين کان پڇ ته ڇا تي ٿا وڙهن؟

پهريون عملدار (هارين کي)- اوهين ڌيان ڏيئي ٻڌو. (هاري راجا توڏر مل کي هٿ جوڙي سلام ڪن ٿا)

توڏر مل- دوستو، اوهان سان ڪهڙي ماجرا آهي؟ ڇا تي تڪرار اٿوَ؟

پهريون هاري- هن منهنجي زمين ۾ آباديءَ لاءِ ٻج پوکيو آهي، حضور!

ٻيو هاري- اها منهنجي . . . . .

توڏر مل- خاموش، تون صبر ڪري بيهه . . . (پهرئين هاريءَ کي) ها، سو هن تنهنجي زمين تي ٻج پوکيو آهي . . . .

ٻيو هاري- حضور، آءٌ . . . . .

توڏر مل (هن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ هٿ مٿي کڻندي)- تنهنجي زمين جي پکيڙ گهڻي آهي؟

پهريون هاري- مڙئي ويهه ايڪڙ، سائين.

توڏرمل- نه نه، منهنجو مطلب آهي ته اها ڪيتري ايراضي آهي، جنهن تي هن زوريءَ قبضو ڪيو آهي؟ (ٻيو هاري وچ ۾ دخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو) صبر ڪري بيهه! . . . . ها، تون ٻڌاءِ ته اها گهڻي ايراضي ٿيندي؟

پهريون هاري- ڏهه جريب کن.

توڏر مل- ۽ تو ان جي ماپ به ڪئي آهي؟

پهريون هاري- هائو، مون ماپي آهي.

توڏر مل (ٻئي هاريءَ کي)- توکي ڇا چوڻو آهي؟

ٻيو هاري- حضور، مون هن جي زمين تي بنهه ٻج ڪونه پوکيو آهي: اها زمين ته منهنجي پنهنجي آهي؛ مون ماپ ڪري ڏٺي آهي.

توڏر مل- تو ڪڏهن ماپ ڪئي هئي؟

ٻيو هاري- ڪالهه، سائين!

توڏر مل- ۽ تو . . . . . تو ڪڏهن ماپي هئي زمين؟

پهريون هاري- ڇهه مهينا اڳ . . . . مون کي اهو ڏينهن به ياد آهي، حضور! مينهن پئي پيو: انهن ڏينهن، رات ڏينهن پيو مينهن وسندو هو؛ پٽ سڄو گپ ٿيو پيو هو- تپيدار خود اتي موجود هو . . . . ۽ هن ئي مون کي حد بندي ڪري ڏني هئي.

توڏر مل- تو ماپ ڇا سان ڪئي هئي؟

پهريون هاري- سرڪاري جريب سان.

توڏر مل- هون . . . . مون کي ڏيکاري سگهندين اهو سرڪاري جريب؟

پهريون هاري- ڇو ڪين؟ اجهو، هي وٺو. (چادر جي پلاند مان هڪ سڻيءَ جي نوڙي ڪڍي هن کي ڏئي ٿو)

اڪبر (کلندي)- سرڪاري جريب! راجا صاحب هاڻي اوهان پنهنجو ”جريب“ کڻي ڏيکاريو- سرڪاري جريب کي کڻي ڦٽو ڪريو.

توڏر مل (کلندي)- هائو، هائو حضور، مون کي پنهنجو جريب آڻڻو ئي پوندو. (پهرئين عملدار کي) وڃ، منهنجي خادم کي وڃي چئه ته مون وارو ”جريب“ کڻي اچي. پاڻيءَ ڀريل ڪو ٿانو به آڻجانءِ!

(پهريون عملدار وڃي ٿو)

اڪبر- ويچارن ماڻهن کي سرڪاري جريب مان ڪيڏي نه مصيبت سهڻي پئي آهي!

توڏر مل- منهنجا دوست، اوهين ٻئي صحيح آهيو- پر ٻئي غلط به آهيو!

(هڪڙو ماڻهو بانس جي هڪ لٺ کڻي اچي ٿو،جنهن جي ٻنهي پاسن ته لوهي ڪڙا چڙهيل آهن. ان جي پويان ٻيو ماڻهو پاڻيءَ جو ٿانو کڻي اندر اچي ٿو. اڪبر مسند تان ويجهو ٿي جانچي ٿو.)

توڏر مل (بانس جي لٺ کي پنهنجي مٿان موڙيندي)- چڱو، دوستو، ٻڌايو ته هي ڇا آهي؟

ٻئي هاري (گڏجي)- حضور، هڪ لٺ.

پهريون هاري- پر اهي لوهي ڪڙا ڇو چاڙهيل اٿس؟

توڏر مل- اهو لٺ جو هڪڙو نئون نمونو آهي!

اڪبر (کلندي)- هڪ سرڪاري لٺ!

ٻيو هاري- سائين، اها ڏوهارين کي مارڻ لاءِ آهي ڇا؟

توڏر مل- نه نه، هيءُ ڪو ماڻهن مارڻ لاءِ نئون هٿيار ڪونهي، پر زمين جي ماپ جو نئون اوزار آهي! هن لٺ جي ڪري اوهان جي جهيڙي جهڙا سمورا تڪرار ختم ٿي ويندا. هن ڊيگهه جـِي ڏهوڻ برابر آهي هڪ جريب جي. هاڻ اوهين نوڙيءَ کي اوترا ڀيرا وراڪا ڏيئي، يعني ان جو ڏهون حصو هن بانس سان ملائي ڏسو. (ٻئي هاريءَ کي لٺ ڏئي ٿو- ۽ پهرئين کي نوڙي) هاڻ ماپيوس. (پنهنجي خادم کي) هنن کي ماپڻ ۾ مدد ڪر. (نوڙيءَ کي ڏهن حصن ۾ ورهائي بانس سان ماپين ٿا)

توڏر مل- ها، نوڙيءَ جي ڏهين پتي هن بانس جي ڊيگهه برابر آهي يا نه؟

پهريون- هائو سائين، بلڪل برابر!

توڏر مل- هاڻي نوڙي مون کي ڏي. (ٻيو هاري کيس نوڙي ڏئي ٿو) ڏسجو، آءٌ نوڙيءَ کي پاڻيءَ ۾ ٿو پسايان. (نوڙي ٿانو ۾ وجهي ٿو) اوهان مان هڪڙي زمين ڪالهه ماپي هئي نه؟

پهريون هاري- ها، مون ماپي هئي.

توڏر مل (ٻئي هاريءَ کي)- ۽ تو ڇهه مهينا اڳ آلي نوڙيءَ سان ماپي هئي . . . . نوڙي آلي هئي ڪي نه؟

ٻيو هاري- هائو حضور، آلي ته برابر هئي.

توڏر مل (پاڻيءَ مان نوڙي ڪڍندي)- هاڻي هن پسيل نوڙيءَ سان ماپي ڏسو. (هاري آليءَ نوڙيءَ سان ماپي ٿو) ها، هاڻي ٻڌاءِ ته ماپ ساڳي آهي؟

ٻيو هاري- حضور، هيءَ ته گهٽ آهي!

توڏر مل (ٻئي هاريءَ کي)- سڪل ۽ آليءَ نوڙيءَ جي تفاوت جي ڏهوڻ اوري تنهنجي حد هئڻ گهرجي: تنهنڪري منهنجا دوست، (پهرئين هاريءَ کي) تو جيڪا ڪالهه ماپ ڪئي هئي، سا برابر هئي؛ ۽ تو (پهرئين هاريءَ کي) جيڪا ڇهه مهينا اڳ ماپ ڪئي هئي، سا غلط هئي- پر توکي ان جي خبر ڪانه هئي!

اڪبر- اوهين ٻئي برابر آهيو. تڪرار جو هاڻي ڪو به سبب نه رهيو آهي. اها چـُڪ، سڻيءَ جي نوڙيءَ واري سرڪاري جريب جي هئي؛ ڇو ته آلي ٿيڻ تي اها سسيو ٿي وڃي. اسين انهيءَ جريب کي رد ڪنداسون: اڄ کان هي بانس جو ”نئون سرڪاري جريب“ جاري ڪيو ويندو! اڳئين سرڪاري جريب ڪري، جو اوهان ٻنهي کي تڪليف ٿي آهي، ان ڪري اوهان کي پنج پنج مهرون عيوضي ڏنيون وينديون- اها نئين جريب جي به شڪريه ادائي آهي . . . . . راجا صاحب، اچو ته باغ ۾ هلي هماليه جي برف پيل شربت پي پاڻ کي تازو توانو ڪريون- ۽ پوءِ اوهان جي ايجاد ڪيل نظام موجب زرعي سڌارن جهڙي اهم ڪم تي غور ڪنداسون. (هارين کي) اوهين- اي ڪاشگارو، پنهنجي محسن راجا توڏر مل جا ٿورا مڃو، جنهن اوهان جي مدد ڪئي آهي!

هاري (راجا جي اڳيان جهڪندي)- توتي لک لک سلامتيون هجن- خدا ڪندو تنهنجي آل اولاد کي وڏي ڄمار نصيب ٿيندي! (مسند ڏانهن وڃي، اڪبر کي ڪورنش ڪن ٿا) اي عاليجاهه، شال اوهين هميشه زنده سلامت رهو!

اڪبر- راجا صاحب، اچو ته هلون. (ڦري، محل ڏانهن وڃي ٿو.)

]راجا توڏر مل به مسند جي ڏاڪن ڏانهن وڌي ٿو. جئن ئي اڳتي اچي ٿو، ته هاري وڌي کيس پيرين پون ٿا.[

(پردو ڪري ٿو)

منظر ٻيو

2

ڪردار

شهنشاهه اڪبر؛ ابوالفضل- زبردست عالم ۽ اڪبر جو همراز دوست؛ هڪ عيسائي پادري؛ هڪ قاضي؛ هڪ برهمڻ؛ ۽ هڪ ٻوڌي راهب.

(اڪبر جي محلات جو عبادتخانو- ساڳئي ڏينهن جي شام- اڪبر ۽ ابوالفضل ويٺا آهن)

ابوالفضل- اوهان اڄ راجپوت سان جيڪا گفتگو ڪئي هئي، سا مون ٻڌي آهي. جيڪي ڪجهه ”ديوان عام“ ۾ وهي واپري ٿو، ان جي خبر مون کي پئي پوندي آهي.

اڪبر- اسان کي جزيو بند ڪري ڇڏڻ گهرجي. اهو واقعي ظلم آهي. سمورا غير مسلم انهيءَ کي ڌڪارين ٿا- ۽ ائين ڪرڻ ۾ هو بلڪل حق بجانب آهن. زيارتي محصول به بند ٿيڻ گهرجي. انهن محصولن مان سرڪاري خزاني ۾ ته برابر دولت ٿي اچي- پر ان هوندي به اهي محصول ختم ڪرڻ گهرجن.

ابوالفضل- عاليجاه، منهنجو به اهوئي خيال آهي ته اهي ٻئي محصول ڏاڍا ڏکوئيندڙ آهن- اهي ضرور بند ٿيڻ گهرجن.

اڪبر- فضل، عجب آهي ته مون کي ”ديوان عام“ ۾، مسجد جي بنسبت، خدا جي ويجهڙائيءَ جو احساس وڌيڪ گهرو محسوس ٿيندو آهي . . . . اهو ڪفر ته ڪونهي.

ابوالفضل- اها ته پاڻ ايمان جي هڪ صورت آهي! جيتوڻيڪ ڪو مولوي انهيءَ کي هرگز ڪو نه مڃيندو. اهو هڪ نئون ايمان آهي.

اڪبر- نئين ايمان ۾ وري نئون مذهب سمايل آهي!

ابوالفضل (کلي)- نه نه، ائين وري ڪيئن؟ مون کي ته اهڙي اميد ڪانهي: مذهب اسان وٽ اڳي ئي شمار کان ٻاهر آهن، ۽ هر ڪو مذهب ٻئي خلاف اهڙي ته دليلبازي ڪندو ٿو رهي، جو لڱن جا وار ئي ڪانڊارجيو وڃن.

اڪبر-اها ئي ته افسوس جي ڳالهه آهي: فضل! ٻڌ، ”ديوان عام“ منهنجي مسجد آهي، منهنجو مندر آهي: اهائي منهنجي ديول، منهنجي خانقاه آهي! آءٌ فقط توکي ائين ٻڌايان ٿو، جو تون انهيءَ کي سمجهي سگهندين- پر ٻڌاءِ ته سهي، ڇا آءٌ درٻار جي قاضيءَ کي اهي لفظ چئي سگهان ٿو؟

ابوالفضل- ڇو ڪين؟ ڇا اسان جا فلسفي جا سمورا بحث ائين ئي رائگان هليا ويا!

اڪبر- فضل، ٻڌ- ديوان عام ۾ آءٌ نڪي مسلمان آهيان، نڪي هندو، نڪي عيسائي: اتي آءٌ صرف انسان آهيان . . . . اهو عجيب معاملو آهي!

ابو الفضل- انهيءَ ۾ عجب وري ڇا جو؟ اهو ته هڪ فطري نڪتو آهي: تنهنجو مقصد نيڪي آهي- ۽ تنهنجو مذهب ”انسانيت“ آهي!

اڪبر- هائو فضل، ڪجهه وقت کان آءٌ به اهو محسوس ڪري رهيو آهيان ته نيڪي منهنجي منزل آهي، نيڪي منهنجو خدا آهي: ايتري قدر جو عبادت ۾ آءٌ خدا جي بدران نيڪيءَ جو لفظ اُچاريندو آهيان- ائين ڪرڻ سان آءٌ پنهنجو پاڻ کي بهتر سمجهڻ لڳندو آهيان. تون به آزمائي ڏس- انهيءَ مان شايد تنهنجي دهريت جو ڪو علاج ٿي پوي.

ابو الفضل (کلي)- منهنجي دهريت! منهنجو خدا کان انڪار!

اڪبر- تو ۽ مون، جو اهو فيصلو ڪيو آهي ته ”خدا“ جو لفظ هروڀرو ۽ خوامخواه ذري ذري ڪونه اچارينداسون- انهيءَ جو مطلب اهو ڪونهي ته ڪو اسين بي خدا آهيون.

ابوالفضل- جيڪڏهن تون خدا جي بدران نيڪيءَ جو لفظ استعمال ڪندين، ته توکي به دهريي جو خطاب ملندو.

اڪبر- پر ”خدا محبت آهي“- اهو عيسائين جو قول آهي . . . ۽ محبت ”نيڪي“ آهي. هر هڪ مذهب جو مقصد به اهو ئي آهي- پوءِ ڪي نيڪي ڪن ٿا هـِن دنيا جي واسطي، ته ڪي هـُن ٻيءَ دنيا لاءِ!

ابوالفضل- گهڻو تڻو سڀ ٻيءَ دنيا لاءِ!

اڪبر- ديوان عام ۾ منهنجو مقصد هـِن دنيا جي نيڪي آهي.

ابوالفضل- انهيءَ ڪري ته آءٌ چوان ٿو ته تنهنجو مذهب ”مذهب انسانيت“ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com