سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/  1956ع

 

صفحو :9

گهر پهچڻ سان ئي ڪنڌ هيٺ ڪري هو کاڌي تي ويهي ويندو هو. کاڌو هن جو وري ڪهڙو! شـُروي جا تڪڙا تڪڙا ڍڪ سـُرڪي، بصرن سان، وڏي گوشت کي پٽڻ ويهي رهندو هو. کيس ذائقي جي پرواهه ڪانه هوندي هئي. جيڪي ڪجهه آڏو ايندو هوس، مکين ۽ ٻين غلاظتن سميت کائي پيٽ ڀري، وڃي مٿي چڙهندو هو. جڏهين سمجهندو هو ته سندس پيٽ ۾ کاڌي لاءِ وڌيڪ جڳهه نه آهي، ته اٿي کڙو ٿيندو هو، ۽ مس قلم کڻي گهر لاءِ آندل نقل نويسيءَ جي ڪم کي لڳي ويندو هو. جڏهين سرڪاري ڪم نه هوندو هوس، ته ڪا به هڪڙي دلچسپ لکپڙهه کڻي، خالص پنهنجي دل وندرائڻ لاءِ ويهي نقل ڪندو هو. اهڙيءَ لکپڙهه ۾ سندس دلچسپيءَ جو مدار انجي عبارت جي سونهن ۽ سٺائيءَ تي نه هو، مگر هن کي هر انهيءَ لکيت ۾ نقل ڪرڻ جو شوق وٺندو هو، جيڪا ڪنهن نئين ماڻهوءَ يا ڪنهن خاص وڏي ماڻهوءَ ڏانهن لکيل هوندي هئي.

جڏهن پيٽرس برگ جو آسمان ڪڪرن سان ڇانيل هوندو هو، جڏهين هر ڪو ماڻهو موڪل جي موڊ ۾ هوندو هو، جڏهن سڀ ڪلارڪ پنهنجي پسنديءَ موجب ۽ پنهنجي پگهار آهر سٺي ۾ سٺو کائيندا پيئندا هئا، جڏهين ڪلارڪ هر روز جي پورهئي کان فرصت پائي آفيس جي گوڙ گهمسان کان دور ۽ پنهنجن ۽ ٻين ماڻهن جي ڪمن ڪارين کان فارغ ٿي آرام ڪندا هئا، جڏهين ڪلارڪ پنهنجي فراغت جي وقت کل خوشيءَ ۾ گذاريندا هئا، ڪي ناٽڪ تي ويندا هئا، ڪي رستن تي رلندا هئا ۽ ڌارين عورتن ڏانهن گهوريندا هئا، ڪي وري پنهنجي ڪنهن واقفڪار حسين ڇوڪريءَ جي وڃي سلامي ڀريندا هئا، ۽ ڪي پنهنجن يارن دوستن وٽ ڪنهن ٽينءَ يا چوٿينءَ ماڙيءَ تي ٻن اڍائن ڪوٺين واري ڪنهن فئنسي سامان سان سينگاريل گهر ۾ ويهي يٽ شٽ هڻندا هئا- جڏهين ڪلارڪ پنهنجن دوستن جي هنن ننڍڙن ۽ سادن گهرن ڏانهن ڇڙو وڇڙ ٿي هڪ ٻئي سان ٺاشا ماشا ڪري آخر پيسڪوٽ راند ۾ مشغول ٿي ويندا هئا- چانهه بسڪوٽ جو چشڪو وٺندا هئا، ڪاٺ جي پائيپ مان خوب سوٽا ۽ دونهين جا ڪڪر ڪڍندا هئا، يا پتن راند کيڏندي کيڏندي ڪنهن جي گلا غيبت جو مزو وٺندا هئا (جنهن جي لطف کان وس پڄندي ڪو به روسي پاڻ کي محروم نه رکندو آهي)، يا گفتگو لاءِ جيڪڏهن ٻيو ڪو موزون بيان نه هوندو هون ته هڪ ٻئي کي ڪمانڊنگ آفيسر جي باري ۾ هميشه وارو ٽوٽڪو ٻڌائيندا هئا، ته ”فال ڪونيسٽ“ مقبري تي سندس گهوڙي جو پڇ ڪيئن ڪپيو ويو هو: مطلب ته جڏهين هر ڪو پاڻ کي وندرائڻ ۾ محو هوندو هو، تڏهن اڪاڪي اڪاڪـِيوچ اُهوئي پنهنجي نقل نويسيءَ جي ڪم ۾ مشغول ڏسبو هو. هن کي ڪنهن به دعوت يا پارٽيءَ ۾ ڪو نه ڏٺو ويو. گهڻي ڪم ڪرڻ کان پوءِ ماٺ ڪري سمهي رهندو هو، ۽ سمهندي ئي سوچيندو هو ته ”نه معلوم سڀاڻي خدا ڪهڙو نقل نويسيءَ جو ڪم موڪليندو؟“ ۽ اهو سوچيندي سوچيندي دل ئي دل ۾ خوش ٿيندي ننڊ پئجي ويندو هو. اهڙيءَ طرح هو سانتيڪي زندگي بسر ڪندو هو؛ ۽ خدا جي رضا، پنهنجي قسمت، ۽ چار سـَو ربل پگهار تي راضي هو. هنجي زندگي ٻڍاپي تائين آرام سان گذري ها، جيڪڏهين دنيا جون مصيبتون، جيڪي هر غريب يا امير جي حياتي ڪڙي ۽ بي مزي ڪنديون آهن، هن جي زندگي زهر ڪري، وقت کان اڳي کيس وٺي وڃي موت جي منهن سامهون نه ڪن ها.

پيٽرس برگ جي ٿڌ، تندرستيءَ لاءِ بلڪل موزون، پر غريب ۽ گهٽ پگهار واري جي دشمن چئي ويندي آهي. صبح جي اٺين نوين بجي پاري جي جهڙپ کان شل خدا بچائي. ويچارن آفيس ويندڙ ڪلارڪن جي نڪ جون چوٽيون ٺري برف ٿي وينديون آهن. اهڙي وقت، جڏهين اميرن جو نرڙ به ٿڌ کان سُور ڪندو آهي ۽ پاري جي زوم کان سندن اکين مان ڳوڙها نڪري ايندا آهن. ويچارن ٿوري پگهار وارن غريب ڪلارڪن جو ڪهڙو حال هوندو؟ سندن بچاءُ صرف اهو هوندو آهي، ته ڦاٽل ۽ سنهي اووَر ڪوٽ ۾ پنجن ڇهن گهٽين مان زور سان ڊوڙي، ٻاهرئين دربان جي ڪوٺيءَ ۾ وڃي هٿ پير چڱيءَ طرح گرم ڪن، جيستائين ڪ سندن دماغي لياقتن ۽ جسماني قوتن ۾ وري گرمي ۽ تازگي اچي، جو هو پنهنجي نوڪري چڱيءَ طرح سان ڏيئي سگهن.

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ اڄ پنهنجي اوورڪوٽ هوندي ۽ هميشه وارو رستو وڌ ۾ وڌ تيزيءَ سان ڊڪندي به، پنهنجي پٺيءَ ۽ ڪلهن تي ٿڌ جي لهس محسوس ڪئي، ۽ سمجهيائين ته ضرور ڪوٽ ۾ ڪا خامي آهي. گهر جي اڪيلائيءَ ۾، ڪوٽ جي جائزي وٺڻ مان معلوم ٿيس ته پٺيءَ ۽ ڪلهن وٽان ڳري پروڻ ٿي ويو آهي، جو ڪپڙي جي آر پار نظر پئجي ٿي سگهـِي، ۽ ڪپڙي مان ڌاڳا نڪرندا ٿي آيا. پڙهندڙن کي معلوم هئڻ کپي ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو ڪوٽ اهڙو ته ردي ٿي ويو هو، جو اڳ ئي ڪلارڪن جي ٺٺولين ۽ چٿرن جو نشان هو. هو چوندا هئا ته اهو ڪوٽ نه آهي، ”کــُٿل ٽپڙ“ آهي. اوور ڪوٽ جي سلائي به عجيب نموني جي ٿيل هئي. ڪالر هر سال ننڍو ۽ سوڙهو ٿيندو ٿي ويو،ڇاڪاڻ ته ان مان ڪپڙو ڪڍائي ڪوٽ تي ٻئي هنڌ چتيون لڳايون وينديون هيون- ۽ چتيون به ڪي سبتيون ڪي ابتيون ته ڪي وري خود ڦاٽل هيون، جنهنڪري ڪوٽ ويتر بڇڙو ۽ بدزيبو پئي لڳو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پنهنجي اوور ڪوٽ جي معائني ڪرڻ کان پوءِ سوچيو ته ان کي ”اُٿلائڻ“ لاءِ پيٽرووچ درزيءَ وٽ کڻي وڃي، جو پٺئين پاسي چوٿينءَ ماڙ تي رهندو هو. پٽيرووچ کي منهن تي ماتا جا داغ هئا، ۽ هڪ اک کان ڪاڻو هوندي به ڪلارڪن جي پتلونن ۽ ڪوٽن جي اٿلائڻ ۽ ٽوپي ٽنگڙ ۾ ڀڙ هو- مگر تڏهين، جڏهين ڪنهن موچاري رخ ۾ هوندو هو ۽ ٻيو ڪو ڪم ڪار نه هوندو هوس. هن درزيءَ جي باري ۾ هتي ڪجهه چوڻ ضروري نه آهي، مگر اڄ ڪلهه جي قاعدي موجب هر نئين اداڪار جو ڪجهه نه ڪجهه بيان ڪرڻ لازمي آهي، ۽ پيٽرووچ سان مختصر نموني ۾ واقفيت ڪرائي وڃي ٿي. اوائل ۾ هو ڪنهن سکر ماڻهوءَ جو زرخريد ٻانهو هو ۽ ”گرگري“ سڏيندا هئا. بعد ۾ هن کي آزادي ملي ۽ پيٽرووچ نالو پيس. هو هر ڪنهن وڏي خواه ننڍي ڏڻ تي شراب پئندو هو. بس، ڪئلينڊر ۾ جنهن ڏينهن تي به منڌيئڙي جو نشان ڏٺائين، هن جي شراب جو دور چالو. مطلب ته ابن ڏاڏن جي رسم کي ڌام ڌوم سان نڀائيندو هو. جڏهين به زال سان چـَپ پوندو هو، ته گارين جا دس ٻڌائيندو هوس. جنهن صورت ۾ هـِن جي زال جو به نالو کڻي ويٺا آهيون، تڏهين اهو ضروري آهي ته ان جو به ٿورو احوال ڏيون- مگر افسوس جو اسان کي سندس زياده خبر نه آهي. هن سان فقط ايتري واقفيت آهي ته پيٽرووچ جي زال هئي. هوءَ مٿي ۾ رومال نه پر ٽوپي پائيندي هئي. شڪل جي ڪا خاص ڪانه هئي. بس ماڻهن جهڙو ماڻهو هئي. البت سولجر هن ڏانهن معنى خيز نظرن سان نهاري، مڇن کي تاءُ ڏيندا هئا ۽ سينڍون وڄائيندا هئا!

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ، پيٽرووچ جي گهر وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ تان چڙهندو پئي ويو. ڏاڪڻ تي ايترو ته پاڻي هاريل هو، جو ڳاٽي ٽوڙ ترڪڻ ٿي پئي هئي ۽ پوسل جي ڪري ايڏي ته بدبوءِ هئي، جو ساهه ٿي نڪتو. هيءَ ماجرا پيٽرس برگ جي هر ڪنهن گهر جي پٺين ڏاڪڻين سان لاڳو آهي. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ اڳي ئي ڳڻتيون کائيندو پئي ويو ته ”نه معلوم پيٽرووچ هن رواجي ڪم جو ڪيترو اجورو گهرندو!“ بهرحال هن دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو ته هن کي ٻن ربلن کان زياده نه ڏيندو. گهر جو دروازو کليل هو. پيٽرووچ جي زال مڇي تري رهي هئي ۽ رڌڻو ايڏو ته دونهين سان ڀريل هو، جو ڀتين تي گهمندڙ ڦرندڙ ٽنڊڻ ۽ ماڪوڙيون به مشڪل سان نظر اچن. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ، پيٽرووچ جي زال جي نظر بچائي، رڌڻو پار ڪري، ڪوٺيءَ ۾ آيو، جتي پيٽرووچ هڪڙي وڏيءَ ڪاٺ جي کهريءَ ميز تي ڄنگهون گوڏن هيٺان ورائي، آرام سان ويٺو هو- ڄڻڪ ترڪيءَ جو ڪو بيپرواهه بادشاهه ويٺو آهي! ٻين درزين وانگر هن جا به پير اگهاڙا هئا. پهرين شيءِ جنهن ڏانهن اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو ڌيان ڇڪيو، اهو هو پيٽرووچ جي پير جو وڏو پٻ، جنهن جي آڱرين جا نـُنهن بيڊولا ۽ اهڙا هئا، جهڙا ڪُمـِيءَ جي هڏي جا ٽُڪر. سندس ڳچيءَ ۾ ريشمي ڍيريءَ جو ڌاڳو لٽڪيو پيو هو، ۽ سندس گوڏن تي اڳڙين جا ڍير لڳا پيا هئا. پاڻ ڪجهه وقت کان سـُئيءَ ۾ ڌاڳي وجهڻ جي ناڪامياب ڪوشش ڪري رهيو هو. سـُئيءَ جي پاکي مان سڳو لنگهيو ئي نٿي. اوندهه، سـُئي ۽ سڳو سندس غضب ۽ غصي جو شڪار هئا، ۽ چپن ئي چپن ۾ مٿن ڇوهه ڇنڊي رهيو هو: ”نٿو وڃين منحوس؟ تو منهنجي بيک ئي ڪڍي ڇڏي آهي . . . . بدمعاش! جهنگلي!“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ سوچيو ته پيٽرووچ هن وقت چڱي رخ ۾ نه آهي، ۽ هن کي اهڙي وقت اچڻ کپندو هو، جنهن وقت هو ڪنهن موچاري خيال ۾ هجي ها، يا جڏهين هن مٿان هيءُ ڪاوڙ جو ڀوت سوار نه هجي؛ ڇو ته اهڙين خوش مزاجيءَ جي حالتن ۾ پيٽرووچ هميشه پئسن ۾ گهٽ وڌ ڪري، مڙيوئي گراهڪ کي واپس وڃڻ نه ڏيندو هو؛ پاڻ انهن کي نوڙي سلام ڪندو هو- جيتوڻيڪ بعد ۾ سندس زال رڙيون ڪندي ايندي هئي، ته هن جو مڙس پـِيتل هو ۽ نشي جي حالت ۾ پئسا چيا هئائين. مگر ان جو علاج به سولو هو. ڏهن ڪاپيڪن جو سـِڪو سندس هٿ تي رکڻ سان اُتي جو اُتي خاموش ٿي ويندي هئي. پر هن دفعي اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جا ظاهر هو ته هوش حواس پختا ۽ باخبر هئا؛ پاڻ ڪجهه رکو ۽ چڙيل ٿي ڏٺو، ڄڻ سودي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هو. اڪاڪي گهٻرائڻ لڳو ته معلوم نه آهي ڪيترا پئسا چوندو؟ ذري گهٽ واپس وڃڻ تي هو، مگر حالتون اهڙيءَ حد تائين پهچي چڪيون هيون، جو کيس موٽڻ مناسب نه لڳو؛ ڇاڪاڻ ته ترت ئي ڏٺائين ته پيٽرووچ پنهنجي واحد اک ڦاڙي ڏانهس گهڻي غور سان نهاري رهيو هو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ مجبور ٿي چيو، ”سلام ٿئي، پيٽرووچ!“ پيٽرووچ جواب ۾ چيو، ”سلام ٿئي!“ ۽ ٽيڏيءَ اک سان اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي هٿن ڏانهن ڏسي رهيو هو، ته ڇا کڻي آيو آهي؟

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ چيو، ”پيٽرووچ! مان توهان ڏانهن آيو آهيان......“ پڙهندڙن کي ياد رکڻ گهرجي ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ۾، پنهنجي مطلب تي اچڻ کان اڳ ۾ گهڻين منٿن ڪرڻ ۽ معافين وٺڻ جي عادت هئي. جملي شروع ٿيڻ کان پوءِ، ”سچ پچ!“ يا ”اوهان کي خبر هوندي!“ جهڙا بي معنيٰ لفظ بار بار ڪم آڻيندو هو، جنهنڪري پنهنجيءَ ڳالهه کي پاڻ منجهائي ڇڏيندو هو؛ ۽ ائين چـِچ مـِچ ڪندي ڪندي، ڳالهه جي معنيٰ مطلب جو منهن مٿو ئي بنهه وڃائي ڦٽي ڪندو هو.

پيٽرووچ پڇيو، ”ڪهڙو معاملو آهي؟“ ۽ ساڳئي وقت هر درزيءَ جي عادت موافق پنهنجيءَ هڪڙيءَ ئي تيز اک سان اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي ساري وردي ڪالر کان ٻانهن، پٺيءَ، ۽ ڪاڄن تائين چڪاسيائين، جن کان هي اڳيئي واقف هو- ڇو ته اُهي سندس ئي اٿلايل هئا. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ رکي رکي آخر شروع ڪيو: ”هي منهنجو اوور ڪوٽ . . . . ڪپڙو . . . . ڏس . . . سارو مضبوط آهي! ٿورو ميرو آهي جنهنڪري . . . . جهونو ٿو لڳي. هونئَن بلڪل نئون آهي! فقط پٺيءَ تي . . . . هڪ هنڌ . . . ٿورو . . . . ۽ ٿورڙو هن ڪلهي تي . . . . . ۽ ڪجهه . . . هن ڪلهي تي . . . . ڳريل آهي. بس . . . . ڏسو ٿا . . . . ڪو زياده ڪم ڪونه آهي.“

پيٽرووچ، ”کٿل ٽپڙ“ پنهنجي هٿ ۾ ورتو، ۽ ميز تي وڇائي ساري کي گهڻي وقت تائين تپاسيائين. پنهنجو مٿو لوڏيائين ۽ ڀر واري ڪٻٽ مان گول ناس جي دٻلي ڪڍيائين، جنهن جي پڙ تي هئي ته ڪنهن جنرل جي مورت اڪريل، مگر پڪ سان چئي نه سگهبو ته ڪنهن جي! اهو انهيءَ ڪري، جو جنهن هنڌ مورت جو منهن هو، تنهن هنڌ پيٽرووچ جي هٿ جي آڱر اچي ويئي هئي، ۽ ان هنڌ ٽنگ کي چورس ڪاغذ جو ٽڪر به چنبڙايل هو. پيٽرووچ ناس جي چپٽي کنئي، ۽ ”کٿل ٽپڙ“ کي هٿن ۾ جهلي روشنيءَ ۾ چڪاسيائين ۽ ٻيهر ڪنڌ لوڏيائين؛ ابتو ڪري وري جاچيائينس ۽ ٽيهر مٿو لوڏيائين. دٻليءَ جو پڙ وري کوليائين ۽ ناس جي چپٽي سڻڪيائين، دٻلي بند ڪري ڪٻٽ ۾ رکيائين، ۽ چيائين، ”نه . . . . ڪپڙو بنهه بـُهه ٿي ويو آهي. هي اوور ڪوٽ منهنجي اٿلائڻ کان زور آهي!“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو اهي لفظ ٻڌي ذريعي ذري گهٽ هنياءُ ٻڏي ويو. هن ٻار وانگر ليلائيندي چيو، ”ڇو نه ٺهي سگهندو؟ ٿورو پٺيءَ ۽ ڪلهن وٽان ته ڳريل آهي. توهان وٽ ننڍڙا ڪپڙي جا ٽڪر ته هوندائي.“

”ها، ها! ڪپڙي جا ٽڪر ملي ويندا، مگر تنهنجي اوور ڪوٽ کي ڳنڍ ٽوپو نه ٿي سگهندو. ڪپڙو سڙيل آهي. جيڪڏهن سبڻ لاءِ سئي هلائبي، ته رهندو ڦاٽي پوندو.“

”ڦاٽي ته پيو ڦاٽي، زوراور؛ مگر چتيون ضرور لڳائينس.“

”ڪجهه هجي به ته چتي هڻان! ڪپڙو سئيءَ ۽ ڌاڳي جو زور سهي ئي ڪونه سگهندو. ڪپڙوختم ٿي چڪو آهي. ان کي ڪپڙو چوڻ به گناهه آهي. صرف ڦوڪ تي اڏامي ويندو.“

”مهرباني ڪريو- ڪنهن به نموني ٿورو مضبوط ڪري ڏيو. سچ پچ هي مون تي وڏي . . . . . .“

”نه نه، ڪجهه به نه ٿي سگهندو. ڪپڙو بلڪل ڳريل آهي، منهنجي صلاح وٺين، ته هن مان پنهنجي ڄنگهن جي ويڙهڻ لاءِ پٽيون ٺهراءِ، ڇاڪاڻ ته تنهنجن انهن جرمنيءَ جي ٺهريل جورابن ۾ ڪا گرمي ڪانه آهي؛ جرمنن کي ته رڳو پئسو ڪمائڻو آهي (پيٽرووچ کي جرمنن جي گلا ڪرڻ ۾ مڙيوئي مزو ايندو هو)، ۽ صاف ظاهر آهي ته توکي اوور ڪوٽ نئون خريد ڪرڻو پوندو.“

لفظ ”نئون“ ٻڌڻ سان ئي اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڍڪرجي ويو. سندس اکين آڏو انڌارو اچي ويو. ڪوٺيءَ ۾ پيل شيون ڌنڌليون نظر اچڻ لڳيس. پيٽرووچ جي ناس جي دٻليءَ تي ڪاغذ جي ٽڪر سان منهن ڍڪيل جنرل کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين ڏسي ٿي سگهيو.

”نئون اوور ڪوٽ!“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ تعجب ۾ چيو، ڄڻ ته گهري ننڊ ۾ هو. ”ائين ڀلا ڇو؟ مون وٽ ڪوٽ خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ته آهن ئي ڪونه!“

”هائو، نئون ڪوٽ!“ پيٽرووچ بيرحميءَ سان چيو.

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ چيو ”ڀلا جيڪڏهين مان نئون اوور ڪوٽ خريد ڪيان، ته ڪيترو . . . . . . ؟“

پيٽرووچ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو جملو اڌ ۾ ڪاٽيندي، وراڻيو، ”تنهنجو مطلب آهي ته ڪيترا پئسا کائيندو نه؟“

”جي.“

پيٽرووچ پنهنجا چپ چٻاڙيندي جواب ڏنو، ”اوور ڪوٽ خريد ڪرڻ لاءِ توکي گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ربلن جي نوٽن تان هٿ کڻڻو پوندو.“ پيٽرووچ اهڙيءَ طرح اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي وڏي رقم ٻڌائي، منجهائي، ٽيڏيءَ اک سان پئي تاڙيو ته هن تي ڪهڙو اثر ٿو پوي؟

”هڪ سو پنجاهه ربل اوور ڪوٽ واسطي!“ اڪاڪيءَ کان چيخ نڪري ويئي. هن جي زندگيءَ ۾ اهو پهريون دفعو هو، جو بي اختيار رڙ نڪري ويس، ورنه هو جهيڻي ۽ هلڪي آواز ۾ ڳالهائڻ جو عادي هو.

پيٽرووچ لاغرضيءَ سان جواب ڏنو، ”هائو، جهڙو مال تهڙي مٺائي. جيڪڏهين ڪالر ۾ ”مارٽن“ وجهائيندين، ته ٻه سؤ ربل کائيندو.“

پيٽرووچ جون هي اڻ سونهندڙ ڳالهيون ٻڌي، اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جا حوصلا خطا ٿي ويا، ۽ نيزاريءَ سان چيائين، ”پيٽرووچ! مهرباني ڪري ڪيئن به ڪوٽ کي ٺاهي درست ڪريون، جيئن ڪجهه وڌيڪ وقت هلي.“

پيٽرووچ ڇڙڪ جواب ڏنس، ”ناممڪن. تنهنجي اوور ڪوٽ تي ڪم ڪرڻ محنت، وقت ۽ پئسي جو زيان آهي.“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ نااميد ٿي ويو، ۽ سندس ٻاهر هليو وڃڻ کان پوءِ ۽ پنهنجي ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ پيٽرووچ ڳپل وقت فاتحانه نوع ۾ بيٺو رهيو ۽ دل ئي دل ۾ کڳيون هڻي رهيو هو ته چڱو ٿيو جو هن پاڻ کي ايڏو ذليل ثابت نه ڪيو ۽ پنهنجي درزڪي ڪم جو وقار نه وڃايو.

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ، پيٽرووچ جي گهر کان نڪري گهٽيءَ ۾ بدحواسيءَ جي حالت ۾ پهتو، ڄڻ ته نيم خوابيءَ ۾ هو ۽ پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو، ”سو اهو ائين آهي. مون کي سچ پچ اهڙو گمان به نه هو.“ ۽ ٿوري ٽپيءَ کان پوءِ وري ويچارڻ لڳو، ”ته اها ڳالهه ائين آهي. آخرڪار اهو قصو ائين ئي ٿيڻو هو. مون کي ته خيال ۾ به نه هو ته ائين ٿيندو . . . . . “ گهڻي خاموشي بعد وري وڦلڻ لڳو، ”آخر ائين ئي ٿيو. بنهه اڻ ٿيڻي ڳالهه . . . . . . ڪنهن ٿي ائين سوچيو؟ مگر حالتن جي مجبوري . . . . . “ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ خيالن ۾ ايڏو ته غلطان هو، جو پنهنجي گهر جو رستو ڇڏي ڪنهن ابتيءَ سڙڪ سان وڃي رهيو هو. رستي ۾ ڪارهن سان ڀريل واچوڙي هن جا ڪلها ڪارا ڪري ڇڏيا ۽ هڪڙي گهر جي ڪوٺي تان گپ گارو ڪريو، جو هن جي مٿان ٿڦجي ويو، مگر هي هوش ۾ نه آيو. آخر جڏهن هڪ سنتريءَ سان، جو پنهنجو ڀالو هڪ پاسي رکي پنهنجي ڄٽڪيءَ سڱيءَ مان ناس ڪڍي تريءَ ۾ وجهي رهيو هو، وڃي ٽڪريو ۽ هن جي مٿان آئڙيو ۽ جڏهين انهيءَ سنتريءَ تڙي ڪڍيس: ”بيوقوف! انڌو آهين ڇا؟ ٻين ۾ ڇو ٿو گهڙندو اچين. هيڏو سارو رستو پيو اٿئي“- تڏهين ڪجهه اکين کليس ۽ هوش ۽ الٽو رستو ڇڏي گهر جو طرف ورتائين ۽ بيسود بَڪ بند ڪيائين. البت واجبي سـُس پـُس اڃا به پنهنجو پاڻ سان پئي ڪيائين- جيئن ڪنهن گهري ۽ عقلمند دوست سان ڪنهن پيچيده ۽ مکيه مسئلي تي آهستي آهستي بحث مباحثو ڪبو آهي! ”نه نه، پيٽرووچ سان هاڻي ڳالهائڻ ٺيڪ نه آهي، هن وقت هوسچ پچ . . . . . نه، جوڻس شايد پئسو ڏوڪڙ ڏئيس ٿي، جو هيئـَن منهنجي پئسن کي ٺڪرايائين! مون کي هن ڏانهن آچر ڏينهن صبح جو وڃڻ گهرجي، جڏهين کيس شراب لاءِ پئسا گهرجن. هو نشي ۾ هوندو، ۽ مان ڏهه ڪاپيڪ ڪڍي هٿ ته رکندوسانس، ته هو ڪوٽ به ٺاهيندو ۽ راضي به ٿيندو.“

اهڙيءَ طرح پنهنجي دل ئي دل ۾ دليل بازي ڪندي خوش پئي ٿيو. پوءِ ٻئي آچر تي، پيٽرووچ جي زال کي پري کان ئي گهر مان ٻاهر نڪرندو ڏسي، هڪدم وڃي پيٽرووچ جي سامهون پيش ٿيو. سچ پچ هو گهڻو پيتل هو ۽ اهڙا ته گهيرٽ ۽ جهوٽا پئي کاڌائين، جو پنهنجو ڪنڌ به نٿي جهلي سگهيو. مگر ڪاوڙ جو ڀوت اڃا سوار هوس. جڏهين اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڪوٽ جي ڳالهه ڪڍيس، تڏهن شوخ ٿي چيائين، ”مون کان نه پـڄي، توکي نئون اوور ڪوٽ ٺهرائڻو پوندو.“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ هڪدم ڏهن ڪاپيڪن جو سڪو ڪڍي هن جي هٿ تي رکيو. پيٽرووچ ڪجهه نرميءَ سان چيو، ”تنهنجي وڏي مهرباني. مان پـِي توکي دعائون ڪندس. مگر اوور ڪوٽ لاءِ مون کي نه چئو. تون مون تي ڀروسو رک مان توکي نئون اوور ڪوٽ بلڪل چڱيءَ طرح سبي ڏيندس.“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پراڻي ڪوٽ درست ڪرائڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ چوڻ چاهيو ٿي، مگر پيٽرووچ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري سمجهائڻ لڳس، ”تون مون تي اعتبار ڪر. مان توکي اوور ڪوٽ ضرور ٺاهي ڏيندس، ۽ ڪالر کان وٺي ٻيڙن تائين ان ۾ جديد فئشن رکندس، ۽ سلائي به پهريون نمبر ڪندس.“

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ويچارو نااُميد ٿي ويو، ۽ سمجهيائين ته نئون اوور ڪوٽ ٺهرائڻو ئي پوندو. مگر پئسو ته هن وٽ هو ئي ڪونه. ڪپڙو ڪٿان اچي ۽ ڪوٽ ڪيئـَن سبجي؟ کيس ڪجهه ”بونس“، اٽڪل چاليهه ربل، ته ملڻو هو، مگر انهيءَ رقم جي خرچ جو تخمينو هن اڳي ئي لڳائي ڇڏيو هو- انهن پئسن مان هن کي پتلون وٺڻي هئي، ڪجهه سوچيءَ جي جهوني رهيل اوڌر ادا ڪرڻي هئي، درزياڻيءَ کان ٽي قميصون سبائڻيون هيون، ۽ ٻيون ڪجهه چيزون پڻ، جن جو هتي بيان ڪرڻ مناسب نه آهي، خريد ڪرڻيون هيون. مطلب ته سندس تخميني مطابق رقم اڳي ئي خرچ ٿي پئي هئي. جيڪڏهين ڊئريڪٽر هن تي مهربان به کڻي ٿئي ها، تڏهين به هن جو ”بونس“ وڌ ۾ وڌ چاليهن ربلن مان وڌائي پنجيتاليهه يا پنجاهه ربل ڪري ها، ۽ هن کي فقط پنج يا ڏهه ربل ڪٿيل خرچ کان وڌيڪ ٿين ها، جيڪا رقم واقعي دريا ۾ هڪ قطري مثل هئي. هن کي ته سڄو سارو اوور ڪوٽ سبائڻو هو. هو پيٽرووچ کان واقف هو ته هو ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن کي اجايا وڌيڪ پئسا ٻڌائيندو هو، ۽ اهڙن موقعن تي جوڻس پڻ ڏنڀيندي هيس- ”ماريو ڇسو ڀوڪ! هاڻي ته چريو ٿي پيو آهي. ڪڏهين ته ماڻهن جا ڪم مفت پيو ڪري، ۽ اڄ وري پنهنجي بڇڙائيءَ تي چڙهيو آهي؛ ۽ ڪين جهڙي ڪم لاءِ هيڏي ساري رقم ٿو گهري- ڦڪو به ڪونه ٿو ٿئي!“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ سمجهيو ٿي ته زور رکبس ته پيٽرووچ اوورڪوٽ جا لاچار اسي ربل به وٺندو؛ مگر هيڏا سارا اسي ربل به آخر اچن ڪٿان؟ هن رقم جو شايد اڌ يا ٿورڙو مٿي پٽ سٽ ڪري، هٿ ڪري وجهي ها؛ مگر باقي اڌ پئسا ڪٿان اچن؟ هتي پڙهندڙن کي ٻڌائڻ ضروري آهي ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڪيئن پٽ سٽ ڪري ها يا ڪٿان آڻي ها. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ۾ گهڻي وقت کان عادت هئي ته جڏهين به هڪ ربل خرچ ڪندو هو، ته ٻه ڪاپيڪ هڪ ڪلف لڳل ننڍڙيءَ پيتيءَ ۾، جنهن ۾ پئسن وجهڻ لاءِ مٿان ننڍڙو چير هو، رکندو ويندو هو. ڇهين ڇهين مهيني هو پيتيءَ کي کولي، ٽامي جي سڪن کي ٻـُڪ کي چانديءَ جي سڪن ۾ تبديل ڪندو هو. اهڙيءَ طرح بچت ڪندي هن کي چڱو وقت ٿي ويو هو، ۽ ٻن ٽن سالن جي عرصي ۾ هن وٽ چاليهه ربل ته گڏ ٿي ويا هئا. مگر باقي چاليهه ربل ڪٿان اچن؟ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ في الحال ته گهريءَ سوچ ۾ پئجي ويو، ۽ نيٺ فيصلو ڪيائين ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ روزاني خرچ پکي ۾ تخفيف آندي وڃي- شام جو موم بتي نه ٻارجي، ۽ جيڪڏهين ڪم ڪار ڪرڻو هجي، ته جاءِ جي مالڪياڻيءَ جي بتيءَ تي ڪيو وڃي؛ گهٽين مان ويندي خبرداريءَ سان ۽ بلڪل آهستي آهستي نرميءَ سان پٻن تي، پٿر ۽ سـِرن جي رستن مان گهمڻ گهرجي، جيئن جوتو جلدي ڦاٽي نه پوي ۽ ڪجهه وقت زياده هلي؛ ڪپڙن کي ڌوٻيءَ ڏانهن دير دير سان موڪلڻ گهرجي، ۽ آفيس مان گهر موٽي اچڻ تي انهن کي لاهي، جهونو رواجي سنهو سوٽي چوغو پهريو وڃي، جيئن جلدي ڳري نه وڃن. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي شروع ۾ پاڻ کي هنن نون نيمن ته هيرڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿي، مگر ڪجهه وقت کان پوءِ انهن سختين تي هري ويو. نه رڳو ايترو بلڪ رات جو فاقن ۽ بکن ڪڍڻ جو به عادي ٿي ويو. انهن تڪليفن جي مقابلي ۾ نئين اوور ڪوٽ جا خيال هن کي روحاني طراوت ۽ طاقت پهچائيندا رهيا، ڄڻ ته هن جي اڻپوريءَ زندگيءَ جي پورائي ٿي چڱي هئي، ڄڻڪ هن جي ڪا شادي ٿي هئي ۽ هاڻي هو اڪيلو نه هو بلڪ هڪ کان ٻه ڄڻا ٿي پيا هئا، ڄڻ ته هن جي ڪنهن دل گهرئي دوست زندگي ڀر هن سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي دوش بدوش هلڻ جو قسم کنيو هو. هن جو اهو دل گهريو دوست ۽ ساٿي ڪير هو؟ اهو سندس نئون اوور ڪوٽ هو. اوور ڪوٽ جي خيالن ۾ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي وڌيڪ مردانو، بردبار ۽ ارادي جو پڪو بنايو- ڄڻ ته ڪنهن وڏي مقصد تي قابو پائڻو هوس. ارادي جـِي ڪچائي، گهٻراهٽ ۽ ٻيون سڀ اجايون خراب عادتون هن جي طبيعت مان غائب ٿي ويون. ڪڏهين ڪڏهين هن جي اکين ۾ چمڪ ۽ دل ۾ اوچا ۽ بلند خيال ايندا هئا، ۽ سـَڌون ڪندو هو ته ”ڇو نه ڪالر ۾ ”مارٽن“ وجهايو وڃي؟“ اهڙن پهن پچائڻ ۾ هو اهڙو ته غلطان ٿي ويندو هو، جو ڪڏهين ڪڏهين  پاڻ کي به وساري وهندو هو. هڪڙي دفعي ڪا لکپڙهه نقل ڪري رهيو هو ۽ اِنهن ويچارن ڪندي اهڙو ته بي خيالو ٿي ويو، جو چـُڪ پئجي ويس، ۽ رڙ نڪري ويس- ”اوه!“ پيٽرووچ هر مهني اوورڪوٽ بابت ڳالهائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو دفعو ضرور ويندو هو، ۽ سوالن مٿان سوال پڇندو هو: ”ڪپڙو ڪهڙي دڪان تان چڪائجي؟ ڪپڙي جو رنگ ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ ڪپڙي جا اگهه ڪهڙا آهن؟“ وغيره. هونئن ته موٽندي ڳڻتيون پاڻ سان کڻي ايندو هو، پر اميد به وڏي چيز آهي- سو دل کي آٿت ۾ رکيو ايندو هو ته نيٺ ڪپڙو وٺبو ۽ نيٺ نئون اوور ڪوٽ ٺهي تيار ٿيندو. هلندي هلندي، حالتن اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو ساٿ ڏنو، ۽ تعجب ته ڊئريڪٽر به هن کي سٺ ربلن جو ”بونس“ ڏياريو، معلوم ناهي ته ڊئريڪٽر کي کڻڪ هئي ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي وڏي ڪوٽ جي گهرج آهي، يا اهو ڪو اتفاق هو، جو قسمت هن سان وَڙ ڪيو ۽ سڄا ويهه ربل، چاليهه ربلن جي ڪٿيل خرچ کان وڌيڪ مليس. ٻين ٻن ٽن مهنن جي فاقا ڪشيءَ کان پوءِ اڪاڪيءَ وٽ سچ پچ اسي ربل جي رقم گڏ ٿي ويئي ۽ هن جي دل خوشيءَ ۾زور سان دڪ دڪ ڪرڻ لڳي. پهرئين ئي ڏينهن هو پيٽرووچ سان گڏجي بازار ويو، ۽ ڪپڙو خريد ڪيائون. انهيءَ ۾ ڪا تعجب جي ڳالهه ئي ڪانه آهي ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي ڪنجوسائيءَ هوندي به ڪپڙي جي خريداري ايڏو جلد ڪئي ويئي، ڇاڪاڻ ته ڪپڙي خريد ڪرڻ جو ڇهن مهينن کان ارادو هون ۽ اڪثر ڪري هر مهني بازار جي اگهن جي پڇا ڳاڇا پيا ڪندا هئا. ڪپڙو واقعي لاثاني هو، ۽ پيٽرووچ پاڻ ظاهر ڪيو ته هن کان زياده سٺو ڪپڙو سڄي بازار ۾ نه ملندو. اَستر واسطي هنن ”ڪئليڪو“ سٺو سادو سوٽي ڪپڙو خريد ڪيو، جو ڏسڻ ۾ ڏاڍو مضبوط ۽ سهڻو هو، ۽ پيٽرووچ جي زبانيءَ موجب سلڪ کان به بهتر هو. ڪالر لاءِ ”مارٽن“ هنن نه ورتو، ڇو ته بلڪل مهانگو هو، ۽ ان جي بدلي ”فرڪئٽ“ خريد ڪيائون جو پري کان ڏسڻ ۾ مارٽن جهڙو ئي هو. پيٽرووچ ٻه دفعا ڪوٽ سبڻ ۾ مشغول رهيو. ڪوٽ جلد تيار ٿي وڃي ها، مگر ان ۾ گهڻائي ڪاڄ رکيا ويا هئا، جن ڪافي وقت ورتو. پيٽرووچ سلائيءَ جا ٻارهن ربل چيا. هن کان گهٽ ٿي به نه سگهي ها، ڇاڪاڻ ته سڄي ڪوٽ کي ريشم جي ڌاڳي سان ٻٽي سلائي ڪئي ويئي هئي. يقين سان چئي نٿو سگهجي ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو- مگر اڪاڪيءَ جي زندگيءَ ۾ هڪڙو وڏو خوشيءَ جو ڏينهن هو، جڏهين پيٽرووچ نئون اوور ڪوٽ تيار ڪري، صبح جي وقت ڪلارڪن جي آفيس جي وقت کان ٿورو اڳ ۾ کڻي آيو. اوور ڪوٽ ايڏو جلدي نه سبيو وڃي ها، مگر سيءَ قهر جا هئا، ۽ اڃا به وڌيڪ شديد پارن پوڻ جو امڪان هو. اڄ پيٽرووچ ۾ ڳرائي هئي- ڳرائي به ڇو نه ڪري؛ هيڏو سارو ڪم چند ڏينهن ۾ جو پورو ڪري ورتو هئائين. هو ڪو رواجي درزي ته ڪونه هو. اڄ هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو ڳنڍ ٽوپي وارن درزين مان نه هو بلڪ نوان ڪپڙا به سبي ٿي سگهيو. هن اوور ڪوٽ رومال مان ڇوڙي ٻاهر ڪڍيو (اهو سندس رومال تازو ڌوٻيءَ وٽان ڌوپي آيو هو)، ۽ رومال کي وري خيال سان تهه ڪري کيسي ۾ آئنده ڪم آڻڻ لاءِ وڌائين. اوور ڪوٽ کي کولي، ٻنهي هٿن ۾ جهلي ان ڏانهن فخر سان نهارڻ لڳو، ۽ ڦڙتائيءَ سان اڇلي اڪاڪيءَ جي ڪلهن تي وڌائين، ۽ ڪوٽ کي اڳيان پٺيان ڇڪڻ ۽ ٺاهڻ لڳو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ عمر رسيده ماڻهو هو ۽ ٻانهون به پائي ڏسڻ ٿي چاهيائين. پيٽرووچ پوءِ هن کي ٻانهن پارائڻ ۾ مدد ڪئي، ڪوٽ اڪاڪي اڪاڪيوچ جي بدن تي بلڪل ٺهڪي آيو. سڀڪنهن پيٽرووچ – جي ساراهه ڪئي، ۽ داد ڏنو ته ڪوٽ لاجواب آهي! پيٽرووچ به موقعو هٿان نه وڃايو ۽ چوڻ لڳو، ”مون اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي اوور ڪوٽ بلڪل سستو ۽ رواجي پئسن ۾ سبي ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجو دوست ماڻهو آهي، ۽ هن سان گهڻي زماني کان ڄاڻ سڃاڻ آهي. انهيءَ کان سواءِ منهنجو دڪان به ننڍڙيءَ ڳليءَ ۾ آهي، ۽ اُن تي ”سائن بورڊ“ به ڪونه لڳايو اٿم، جنهنڪري ماڻهن جي نظرن ۾ منهنجي سلائي ۽ ڪاريگريءَ جي ڪا وقعت ڪانه آهي- ورنه نيوسڪي پراسپيڪٽ ۾ اڪاڪي گهٽ ۾ گهٽ پنجهتر ربل رڳو سلائيءَ جا ڀري ها.“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پيٽرووچ جي اهڙين ٻٽاڪن کان تنگ اچي ويو هو ۽ هونئن به اهڙين وڏين رقم جا نالا ٻڌي گهٻرائجي ويندو هو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ هن کي سلائيءَ جا پئسا ادا ڪيا، ۽ ڪوٽ پائي آفيس وڃڻ لاءِ راهي ٿيو. پيٽرووچ به هن جي پٺيان ويو ۽ رستي تي چڱو وقت بيهي هن پري کان ڪوٽ جي پٺيءَ جي بيهڪ ۽ فٽنگ ڏ‎ٺي، ۽ تنهن کان پوءِ ٻيءَ گهٽيءَ مان رستو مٽائي، تڪڙو تڪڙو وري به ساڳئي رستي تي آيو ۽ لڪي لـِڪي ڪوٽ جي سامهين جهول نظر مان ڪڍيائين.

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي خوشيءَ جي ڪا انتها نه رهي. هو گد گد پئي ٿيو ۽ هر منٽ ۾ ڪوٽ کي وري وري پئي ڏٺائين. ڀلا خوش به ڇو نه ٿئي. هڪ ته ڪوٽ گرم هو، ۽ ٻيو ته سلائي به پنهنجو مٽ پاڻ هئي، آفيس تائين مفاصلي ته اڄ هن کي ڏِک ئي ڪانه ڏني. اک تڏهين پٽيس جڏهين اوچتو ڏٺائين ته منزل تي پهچي ويو آهي. محافظ جي ڪوٺيءَ ۾ ڪوٽ لاهي، هن جي سنڀال ۾ ڏنائين. ڪنهن نه ڪنهن طرح سڀني ڪلارڪن کي پتو پئجي ويو ته اڪاڪي اڪاڪـِيوچ نئون اوور ڪوٽ سبرايو آهي ۽ پراڻي کٿل ٽپڙ کي استعفا ملي آهي. سڀئي ڊوڙي محافظ جي ڪوٺيءَ ۾ ويا، ۽ نئين اوور ڪوٽ جو معائنو ڪيائون. چوڌاري واڌاين جو وارو وري ويو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڪڏهين مشڪيو ٿي، ته ڪڏهين شرمايو ٿي. سڀني مجبور ڪيس ته هو ڪوٽ پائي ڏيکاري، ۽ نئين اوور ڪوٽ جي خوشيءَ ۾ سڀني کي دعوت کارائي. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ اچي ڦاٿو. هن جو دماغ چرخ ٿي ويو. سمجهه ۾ نٿي آيس ته هن مصيبت کي منهن ڪيئن ڏجي. آخر تنگ اچي، هنن کي ابتا سبتا بهانا ڏنائين ۽ چيائين ته ”ڪوٽ نئون نه آهي، پراڻو آهي!“ مگر آڏو به مڇڏو هئا. ايتري ۾ ننڍي هيڊ ڪلارڪ، ڏيکارڻ لاءِ ته هو ايڏو مغرور نه هو ۽ ٻين ڪلارڪن سان اٿڻ ويهڻ ۾ عار نٿي ڪيائين، چيو: ”چڱو، اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي بدران مان توهان سڀني جي اڄ شام جو دعوت جهليان ٿو، قسمت سان اڄ منهنجي سالگرهه به آهي.“ ڪلارڪن ننڍي هيڊ ڪلارڪ کي مبارڪباد ڏني ۽ دل و جان سان سندس دعوت قبول ڪئي. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ دعوت ۾ وڃڻ کان گهڻو ئي نٽايو ۽ عذر بهانا ڪيا مگر سڀ ورائي ويس- ”اها بدتميزي آهي. توکي شرم اچڻ کپي. انڪار ڪرڻ کان توکي ٻڏي مرڻ کپي.“  آخرڪار هن دعوت قبول ڪئي، ۽ سوچيائين ته گهٽ ۾ گهٽ پارٽيءَ ۾ وڃڻ سان هن کي اوور ڪوٽ پائي ٻاهر وڃڻ جو موقعو ملندو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ واسطي سارو ڏينهن گويا عيد جو ڏينهن هو. آفيس کان موٽيو ۽ ڪوٽ لاهي ڪليءَ ۾ ٽنگي، دل ئي دل ۾ ڪوٽ جي ڪپڙي ۽ استر جي تعريف ڪرڻ لڳو. تنهن کان پوءِ، پنهنجو پراڻو ”کٿل ٽپڙ“ ڪڍي، نئين ڪوٽ سان ڀيٽڻ لڳو. ڀلا پراڻو ڦاٽل ڪوٽ، نئين جديد فئشن تي سلائي ٿيل اوور ڪوٽ جو ڇا مقابلو ڪري سگهندو! رات ڏينهن جو سنڌو هو! اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کان کل نڪري ويئي، ۽ ڪيتري وقت تائين کلندو رهيو. هن منجهند جي ماني کاڌي، ۽ کائڻ کان پوءِ ٻيو ڪجهه به ڪم نه ڪيائين. ڪنهن به ڪاغذ پـَٽ کي هٿ نه لاتائين، ۽ نه وري ڪنهن لکپڙهه جو نقل ئي ڪيائين. اڄ آرام ۽ خوشيءَ جو ڏينهن هو، ۽ هن بستري تي ليٽي ڪجهه وقت لاءِ ڄنگهون ساهيون. جڏهن سج لهي ويو ۽ منهن مير اونداهه ٿي، تڏهن هي پنهنجو نئون اوور ڪوٽ پهري، ننڍي هيڊ ڪلارڪ جي دعوت تي وڃڻ لاءِ راهي ٿيو. ياد نٿو اچي ته ميزبان جو گهر ڪٿي هو يا سندس پتو ڪهڙو هو- بهرحال هو پيٽرس برگ جي ڪنهن سٺي محلي ۾ ۽ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي گهر کان مڙيوئي گهڻو دور رهندو هو- سو گهران نڪرڻ سان اڪاڪيءَ کي اهڙيون گهٽيون لتاڙي پار ڪرڻيون هيون، جتي نه ته ڪو روشنيءَ جو پورو بندوبست هو ۽ نه وري ڪا وسـِهن ئي هئي. رستا سڃا هئا، جتي ماڻهوءَ جي بوءِ به ڪانه هئي، ۽ چوڌاري ڪڪڙو ڪو لڳي پيئي هئي. مگر جئن منزل مقصود کي ويجهو پوندو ٿي ويو، تئن سامهون روشني وڌيڪ تيز ايندي ويس، ۽ رستن تي چهل پهل ۽ ماڻهن جي اچ وڃ زياده نظر آيس ۽ آهستي آهستي عورتن جي به رستن تي آمدرفت ڏٺائين. هن پسگردائي ۾ ٻُسي ڪاٺ جون ٺهيل ۽ گلٽ جي ڪوڪن سان جڙيل گسڪڻيون گاڏيون گهٽ پئي ڏٺيون، مگر چٽيل، پالش ڪيل ۽ هر طرح سينگاريل گسڪڻيون، رڇ جون کلون ڍڪيل خوش مزاج ۽ مخملي ٽوپين پهريل ڪوچوانن سان عام جام برف تي ڪرچ ڪرچ ڪنديون پئي آيون ۽ ويون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com