سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/  1956ع

 

صفحو :4

 تنوير عباسي

آس

ڏيهه جي ڏاٽن سان اميدن جا سر ويا ڪاٽجي،

ڏاڍ جي ڏاندن جي پيرن هيٺ ويا چيڀاٽجي؛

ته به اڃا تائين جئڻ جي آس آهه،

زندگيءَ جي ڳاهه ۾-

اچ ڳهون!

 

ماڳ ڏي وڌندا رهياسين جهڙپ جهولن جي سهي،

پنهنجي عظمت اک اُسن سان ٿي ملائيندي رهي؛

ها، اڃا تائين هلڻ جي آس آهه،

زندگيءَ جي راهه ۾-

اچ هلون!

 

تيز طوفانن جي پيٽن ۾ ئي پلندا ٿا رهون،

هنس جان سينو ڪڍي لهرن تي لڙهندا ٿا هلون؛

ها، اڃا تائين وهڻ جي آس آهه،

وقت جي واهه ۾-

اچ وهون!

جيئن پچڻ جو پهه ڪيوسين، ڪئي ڀڀڙ ڀڙڪي پيا،

نيٺ سهڻيءَ جي گهڙي وانگر پچي ٿياسين پڪا؛

ها، اڃا تائين پچڻ جي آس آهه،

زندگيءَ جي باهه ۾-اچ پچون !

اچ پچون !

 

زندگي ڇڪتاڻ کان مايوس ڪڏهين ٿي نه آهه،

هير جان هلندي آ هر دم، پر ڪڏهن ٿڪبي نه آهه؛

ها، اڃا تائين رهڻ جي آس آهه،

وقت جي وڻراهه ۾-

اچ رهون !

”نياز“ همايوني

زندگي! مان ڪيئن تنهنجي رام کي ريجهائيان!

 

صبح کان توکي ٿو اربيلي ڀنڀلائيان،

هانوَ تي پاهڻ رکي ٿو تنهنجو سر سرچائيان،

اردلي تنهنجي ته ناهي، بزگري پنهنجي به آهه:

پنهنجي دل وندرائيان، يا تنهنجو من وندرائيان-

ڪڇ، ته پوءِ مان هڪ ڪرو ٿي هڪڙي ڀر ورسائيان!

زندگي، مان ڪيئن تنهنجي رام کي ريجهائيان!

ٻال اوستا لاءِ ٿي ٻارن جئان روئندي رهين،

چنڊ ۽ تارن جي آڻڻ لاءِ ٿي ڌوندي رهين؛

هي انگل تنهنجا ته منهنجي وس نه آهن دادلي،

اٿ مٿي، ڇو ٿي ڌڌڙ ۾ پيرڙا هڻندا رهين-

ڏس ته توکي ڪيئن ٿو ڳل ميچ سان پرچائيان!

زندگي، مان ڪيئن تنهنجي رام کي ريجهائيان!

آس رانديڪي جئان تنهنجي اڳيان حاضر ڪيم،

حوصلا چاٻي ڏئي چالو سندءِ خاطر ڪيم؛

نانگ وانگي ور وڪڙ کاڌام تنهنجي حڪم تي،

پاڻ ڪيري توکي چاڙهيم، ڇا نه تو ڪاتر ڪيم-

تو مڙڻ جي ڪانه ڪئي، ڏک ٿو اهو ورجائيان!

زندگي، مان ڪيئن تنهنجي رام کي ريجهائيان!

جڳ ته ماڙي ناهه مومل جي جو توکي بم ڏئـِي،

تنهنجي جهٽ جهٽ جي ڪروڌن کي رهان مان جم ڏئـِي؛

جڳ عمر جو ڪوٽ آهي جنهن ۾ هيجان ٿيون هڄن،

ڌيان ڪر ڇو ٿي وڃائين پاڻ، دل کي غم ڏئي-

وس ڪري ٿڪجي پيس ڪيئن وس ۾ توکي آڻيان!

زندگي، مان ڪيئن تنهنجي رام کي ريجهائيان!

ڀاڳ تنهنجو تنهنجي مٺ ۾ دم منجهائي ٿو پيو،

ڄڻ ته ڪو ڦاسيءَ جو قيدي وٽ کائي ٿو پيو،

ڇڏ پچر هن جي ته ويچارو وڃي ڪنهن ڪم لڳي،

ڍَڪ ۾ واڙيل ڍور جان لوڙها پَٽائي ٿو پيو-

هل سڌي ٿي تون، ته هن کي مان ٿو سنئين دڳ لائيان!

زندگي، مان ڪيئن تنهنجي رام کي ريجهائيان!

جنجل ۽ جنجهٽ ۾ تنهنجي شام آئي زندگي!

ڇڏ هي تيرهن تال، سـِک ڪا سيبتائي زندگي!

ڪيستائين پاڻ کي کاري کپائيندينءَ ڀلا؟

ڪجهه ته سڌرڻ جي ڪري، ٿي پئو سجائي زندگي!

مان وڃي ٿو موت کي منٿون ڪري ترسائيان!

زندگي، مان ڪيئن تنهنجي رام کي ريجهائيان!

گوورڌن محبوباڻي ”ڀارتي“

 

زندگيءَ جي راهه تي

غم الم سارو ڀلائي زندگيءَ جي راهه تي-

هل خوشيءَ جا گيت ڳائي زندگيءَ جي راهه تي.

دل اندر اتساهه، اکڙين ۾ ڌري آشا گهڻي،

ڪشٽ جو بوجو  ڪلهن تي هيج مان تون هل کڻي،

آس جو آڌار ٺاهي زندگيءَ جي راهه تي-

هل خوشيءَ جا گيت ڳائي زندگيءَ جي راهه تي.

درد جون چاڙهيون چڙهي، ۽ موج جون لاهيون لهي،

مهر جا ميدان، توڙي ڪوهه قهرن جا ڪهي،

تيز تڪڙي وک وڌائي زندگيءَ جي راهه تي-

هل خوشيءَ جا گيت ڳائي زندگيءَ جي راهه تي.

هيبتن جو هل هلاچو، بي ڊپا! چپ چاپ سڻ!

شادمانن ۾ به تون ڌيرج ڌري آلاپ سڻ!

خوف خطرن کي هٽائي زندگيءَ جي راهه تي-

هل خوشيءَ جا گيت ڳائي زندگيءَ جي راهه تي.

رڪ نه راهي! تون ڪڏهن آڏو مصيبت کي ڏسي،

مست هي هل جهومندو، هن راهه تي او ساهسي!

موت کي منزل بنائي زندگيءَ جي راهه تي-

هل خوشيءَ جا گيت ڳائي زندگيءَ جي راهه تي.

”بشير“ مورياڻي

صبح جو انتظار

داستان دل جو مان بيان ڪريان،

آس پنهنجي کي پڻ عيان ڪريان،

ذري ذري کي همزيان ڪريان،

پنهنجي همت جو امتحان ڪريان:

ليڪن اونده جو هاڻي آهي شباب،

روشنيءَ تي غبار طاري آهه،

۽ ستارن جو خوف جاري آهه،

صبح ڪٿ دور آهي محو خواب:

روشنيءَ جي مان آرزو ڪريان،

زخمِ دل کي لهو لهو ڪريان،

صبح جي دل سان جستجو ڪريان،

پر اڃا رات، رات آ ساٿي،

نطق تي ۽ لبن تي پهرو آهه؛

صبح جو انتظار گهرو آهه،

ليڪن اوندهه حيات آ ساٿي!

پر خزان کي بهار ڪرڻو آهه،

آس کي آشڪار ڪرڻو آهه،

صبح جو انتظار ڪرڻو آهه.

ڪمل ”پياسي“

ترس پکيئڙا . . .

اسين هتي ٿا سون – پنن مان نيلم ڏولي ٺاهيون،

سرڳ هلڻ لاءِ سهڻي سهڻي اڏند کٽولي ٺاهيون،

هتان هلو ڪو دور اڏامي پنهنجو سرڳ بنائڻ،

سرڳ ۾ پنهنجيءَ راحت جا ڪي پنهنجا محل بنائڻ:

هل ته هلون آڪاس ۾ هاڻي پنهنجو اوج منائڻ-

ترس پکيئڙا، اسين اَچون ٿا توسان گڏجي اڏامڻ!

مون نه ڪڏهن ساگر جي ڪپ تي ڪُو ڪُو گيت گنجايو،

مون نه ڪڏهن آ لڏي وڻن تي خوشيءَ منجهان مشڪايو،

مون نه ڪڏهن آ مئنا، بلبل، ڪوئل سان ڳالهايو،

ڪانؤ ڪبوتر جهرڪين سان مون من نه ڪڏهن وندرايو:

هاڻ اَچون ٿا پنهنجي آشائن جو ساز گنجائڻ-

ترس پکيئڙا، اسين اَچون ٿا توسان گڏجي اڏامڻ!

ننڍڙيون ننڍڙيون کنڀڙيون پنهنجيءَ ڇاتيءَ کي چنبڙائي،

اينداسين سڀ تيز هوا ۾ پنهنجو جسم اڏائي،

اُتي وري آڪاس فخر سان کولي پنهنجون جهوليون،

ڪندو اسان سان اُتي خوشيءَ ۾ تڙڦي آنکمچوليون:

کڻي اچون ٿا مرليون باجا وڄ سان تان ملائڻ-

ترس پکيئڙا، اسين اَچون ٿا توسان گڏجي اڏامڻ!

ڪکن ڀريل آکيري ۾ ڏس راحت ڪيڏي آهي،

ڊپ نه چور جو ۽ نه لچايون، فرحت ڪيڏي آهي،

تنهنجي قسمت جي هيءَ آهي اصل انوکي ليلا،

سڀن جيان هت اسين به تنهنجي ڪوشش تي خود شيدا:

ترسو سرڻيون، باز ۽ ڪٻريون اچون ٿا دل بهلائڻ-

ترس پکيئڙا، اسين اَچون ٿا توسان گڏجي اڏامڻ!

ياد اٿم هڪ پنهنجي جيوت جو جهونو افسانو،

جڏهن ڏنو هو دادا مون کي ڀيٽ ۾ هڪ نذرانو،

اهو هو طوطو سائو سهڻو چال ۾ خود مستانو،

افسوس! ڪيو مون ٽوڙي ان کي مٽيءَ ۾ ويرانو:

مون کي ان کان اچڻو آهي پنهجو ڏوه بخشائڻ-

ترس پکيئڙا، اسين اَچون ٿا توسان گڏجي اڏامڻ!

لطف الله بدوي

 

ٻه التجائون

(1)

تابشِ نورِ جمال،

يا ته ڇڏ مون کي جلائي، يا چمڪ ڏي لازوال؛

طور منهنجي دل بڻائي، ڏي ڪليمي حال و قال:

تابشِ نورِ جمال،

منهنجي دامن کي ڀري، ڪو موتين سان بي مثال؛

تابشِ نورِ جمال،

چنڊ کان ڀي ڏي زياده، منهنجي نيڻن کي ڪمال؛

تابشِ نورِ جمال،

پرت ۾ تنهنجي پيو پڄران اِهو گهرجي وصال؛

تابشِ نورِ جمال،

يا ته ڇڏ مون کي جلائي، يا چمڪ ڏي لازوال!

 

(2)

موتين جو گهر آ دريا، اُڀ ستارن جو جهان،

پر نماڻو دل جو هي گهر، آ محبت جو مڪان-

جنهن کي تو سمجهيو نه آ، پرده نشين!

 

اُڀ ۽ دريا بيڪران، پر دل منهنجي تن کان وسيع،

عشق منهنجو نور، دريا آسمان کان بيڪران!

جنهن کي تو سمجهيو نه آ، پرده نشين!

 

دل ڪشادي آهه، ان ۾ رک قدم اي دلنواز،

عشق جو آ گهر اهو، هر آرزو اُن جي جوان-

جنهن کي تو سمجهيو نه آ، پرده نشين!

صالح محمد يار محمد سمو

مارئيءَ جي ڀيٽ

هـِتي مون کي عمر آڻي ڪيو قابو تو ڪوٽن ۾،

هُتي مارو سڀئي منهنجا هوندا گرتاڻ  کيٽن ۾.

هـِتي ماڙين ۽ محلن ۾ ٿئي ماندو ٿو من منهنجو،

هُتي هوندا ڏکـِي ڏوٿي ڪڙهي  تن لئي ٿو ڪن منهنجو.

هـِتي آءٌ ٿـِي ڪوٽن ۾ ڪريان جن لاءِ ڪاڙهيانا ،

هُتي مارو منهنجا هوندا ڪندا مالن جا ميڙيانا .

هـِتي آيو نه اوٺـِي ڪو ڏسـِي تنهنجا عمر ٿاڻا،

هُتي هوندا سڀئي سانگي ادا ويٺا سي ويڳاڻا.

هـِتي تنهنجا نٿا مون کي وڻن تازي طبيلن ۾،

هُتي آهن آيون منهنجون پـَهون  پاهيون پنهوارن ۾.

هـِتي ڪوٽن ۽ ڪنگرين سان جئين آهن تنهنجون ماڙيون،

هُتي تؤنرن کي توراڻيون؛ ٻيون آهن وڏيون واڙيون.

هـِتي جيئن ٿا ڦرن چوڪيءَ تي چوڪيدار چوڌاري،

هُتي اَوڙا اَباڻن جا ۽ ڀـَونڪن ڀور ٿا ڀاري.

هـِتي فانوس جيئن تنهنجا مـَٿي چوڪن جي چمڪن ٿا،

هُتي چؤنرن اڳيان چلهه تي سدائين ٽانڊا ٽمڪن ٿا.

هـِتي جيئن گهنڊ گهاٽن جا تنهنجا واهي وڄائن ٿا،

هُتي سنڀار ساين جا تئن ٻيلن کي ٻرائن ٿا.

هـِتي راڻيون رهن تنهنجون ٿيون ماڙين ۽ محلن ۾،

هُتي ٿيون تيئن چوڙيليون سدائين رهن چؤنرن ۾.

هـِتي تنهنجي حويليءَ ۾ جئن راڻيون روح ريجهائن ٿيون،

هُتي سرتيون ته سارو ڏينهن لـِزن جا ولر وارن ٿيون.

هـِتي جيئن سومريون آهن سهيلين سان سدا سرهيون،

هُتي پڻ ائين عمر آهن پنهواريون پاڻ ۾ پرهيون.

هـِتي دايون آهن مايون، ٻيا در تي رهن گولا،

هُتي آهن سهيليون سڀ وڃن ڪم تي ڪيو سيلا.

هـِتي بنگلن اڳيان باغن ۾ گولا ٿا لڳائين گل،

هُتي کيٽن ۾ کاهڙ جي ڦـُٽا ڦوڳن جا آهن ڦـُل.

هـِتي هاٿين ۽ گهوڙن کي ڏين دربان ٿا داڻو،

هُتي ڇيلا چرن ٿا ڇيڪ ؛ کـَٽـِي کـِيرول ۽ لاڻو.

هـِتي ٿا پان ۽ پڪوان ٻيا طرحين رجهن جي طعام،

هُتي آلو اَباڻن وٽ پـِين سنبار سرتيون جام.

هـِتي تنهنجا ٽـِجوڙين ۾ عمر آهن پيا ناڻا،

هُتي آهن ڀٽن جي ڀر ڀٽارين سان ڀريا ڀاڻا.

هـِتي تنهنجا جيئن آهن وهاڻا هنڌ ۽ بوڇڻ،

هُتي مارن جا منجڻ  تي آهن اوڍِ يا عمر اوڇڻ.

هـِتي ٽامي ۽ چانديءَ جا تنهنجا آهن ڍڪيا ڍومڻ،

هُتي آهن عمر اويـُون کـَلـِيـُون اِيزَڪَ بـَڊِيـُون باسڻ.

هـِتي جيڪي ٿو مون کي تون عمر آڇين، سومارن،

هُتي وارن جُوالَنِ ۽ نـَڪـِي مٽ مـُور کارن جي.

هـِتي سينگار حاڪم هار تنهنجا ريشم نَه پائينديس،

هُتي جـِي آهي لوئي جا لڱن تان سا نه لاهينديس.

هـِتي سرها نـَه لائي تيل وارن کي ڪنديس وينڍو،

هُتي جي مان مـِٽي لاهي نـَه موراهين ڪنديس مينڍو.

هـِتي ٿي اُونگهـَرڻَ کي مان بـُرو بيحد عمر سمجهان،

هُتي تڙڳڻ تراين  ۾ ترڻ مان ٿي سکر سمجهان.

هـِتي منهنجي اچڻ کان پوءِ وُٺو آ ملڪ مارن جو،

هُتي ساڻيهه ٿيو هوندو سڄو سرڇو سنگهارن جو.

هـِتي آزي ڪري توکي عمر آءٌ ٿـِي ٻاڏايان،

هُتي جي ڏي مون کي موڪل وڃي سرتين کي ساڱايان.

هـِتي آئي ٿيا آهن عمر ڪي ڏينهن اَباڻن کان،

هُتي جـِي هـِت نه ڪنهن آندي ”سما“ سڌ ڪا سنگهارن کان.

آزاد نظم

شيخ ”اياز“

هر قدم تي زندگيءَ جو جامِ زهر

ڪنهن نئين سقراط جو آ منتظر!

هر گهڙيءَ سوري سڏي

ڪنهن نئين منصور کي:

ٿي ٻري شمعِ حيات،

آ جلڻ جنهن تي پتنگن جي نجات!

ڪوئي عيسى، ڪوئي گوتم، ڪوئي گانڌيءَ جي صفات!

زندگيءَ جي سينڌ جو جهومر ٿيو-

جنهن سان جرڪيو حسن ذات!

سراج

”ڪراچي“

 

- اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار، اي روحِ وطن،

تنهنجي ’ماضيءَ‘ کي سلام!

تنهنجي ماضيءَ – منهنجي ماضيءَ – کي سلام!

ها، اهو ماضي جو بيحد روشن و تابان هيو-

جنهن ۾ روشن ها اميدن جا چراغ؛

آروزئن جا هزارين چنڊ اڀريا ۽ اميدن جا ستارا جاڳيا؛

امن و آزاديءَ سندي آڪاش تي!

ڪلپنائن ۽ امنگن جي ٿڌيءَ چانڊاڻ ۾،

هلڪي هلڪيءَ جوت جي مانڊاڻ ۾،

مٺڙا مٺڙا گيت ٿي مرڪيا هتي-

ڄڻڪ هي ڪو ديس ئي گيتن جو هو،

گيتن ۽ نغمن جو ديس!

گيت اهڙا جن ۾ هو

ڪنهن سهاڳڻ سندريءَ جي نرگسي نيڻن جو ڪيف-

ڇلڪندڙ آبِ حيات!

 

- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،

اي ستارن جي زمين، اي اَپسرائن جا وطن،

تنهنجي مٽيءَ جي مٿان

اڄ به آهن چمڪندڙ ماضيءَ جا نقش:

تنهنجي مٽيءَ مان اچي ٿي جا سڳنڌ،

سا ٻڌائي ٿي هزارين داستان:

اڄ به تنهنجون ”بلڊنگون“ ٿيون ساک ڏين،

اڄ به تنهنجا ”گلڪدا“ ٿا ڏُسڪندي ڏڪندي چون:

(جن جي بنيادن تي بيٺل هي ”تجارت گاهه“ ٿا

کوکلي تهذيب جي چغلي هڻن!)

سنڌ جي ماضيءَ جي عظمت تون هئينءَ،

تون هئينءَ سنڌ جي تهذيب جو سورج مکي:

ڄڻ هئينءَ تون ”شاهه“ جي هڪ سورمي!

مذهبي ويڇن کان دور،

تو ۾ هو ڄڻ امنِ عالم جو مثال-

زندگيءَ جي عزم جي تابندگي،

آدميت جو سهاڳ!

 

- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،

اڳ به تون سوداگرن جو شهر هئينءَ،

اڄ به تون سوداگرن جو آن وطن-

پر ٻنهي ”سوداگرن“ ۾ فرق آهه!

اڳ جا سوداگر ڪندا ها صرف هڪ سوداگري-

سـِرُ ڏئي پنهنجي وطن کي ’غير‘ کان ڳنهندا هئا:

اڄ جا سوداگر ته پيا نيلام ڪن پنهنجو وطن،

’ڪڻڪ جي مٺ‘ تي وڪامي ٿو ’بهشت‘ !

 

- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،

تنهنجو هي ماحول ڏس ڪيڏو نه آهي اجنبي!

تنهنجو ساگر ڪيترو مايوس آهه!

هر گهٽيءَ ۾ لٽجي پيو ٿو آدميت جو سهاڳ-

سون چانديءَ جي سجايل جانڊهن ۾،

اندران ئي اندران ڏس زندگي پسجي پئي؛

آبرو لٽجي پئي،

امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظهور !

’غير‘ ڏس ڪيڏو نه آهي سر بلند،

ڪيترو مضبوط آ هت سامراج !

 

- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،

تنهنجي رنگينيءَ جي پردي ۾ لڪل

ڏسجي ٿو ڪو انقلاب!

وقت جون واڳون ورڻ لاءِ بيقرار !

تنهنجي رستن مان اچي ٿي سرمدي رت جي پڪار-

گلشنن جا گل ٿا ڏسجن خونچڪان،

تنهنجي خاموشين ۾ شايد ٿو هـُري سڏڪن جو ساز !

ڪيستائين رهندو آخر هي فريب:

مدّتن کان آ زمانو منتظر،

ڪر ٿو موڙي هت نئون ڪو دور ڏس-

ڏس ته ڏورانهين افق تي پرههِ آ جاڳڻ لڳي،

چاڪ ٿيندو ظلمتن جو پردهء تاريڪتر،

هر طرف روشن ’حقيقت‘ ٻهڪندي،

سر بلند ٿيندو وري هت لوڪراج،

سر نوائي نيٺ ڀڄندو سامراج !

هڪ ٿي ويندينءَ سنڌڙيءَ سان اي ڪراچي نيٺ تون،

روح پنهنجي جسم سان ملندو وري!

اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار اي روحِ وطن،

اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن!

شيخ عبدالرزاق ”راز“

زمان و مڪان

- ڇڏي ڏي منهنجي جان، زمان و مڪان جا هي قصا پراڻا ڇڏي ڏي-

اسان هن زمان و مڪان جا ته پابند ناهيون، ٻڌين ٿي؟

جواني اسان جي مشقت ۽ محنت ۾ گذري وئي آه،

گوارا خدا کي نه محنت اسان جي رهي آ،

نه محنت اسان جي، محبت اسان جي،

ٿئي ٿي شب و روز ذلت اسان جي!

هي انسان جيڪو امانت خدا جي-

ٿو سوچي ڪنهين جي غريبيءَ تي سوچي!

سڄو هي زمانو فريبِ گلستان،

فريبِ گلستان فريبِ نظر آه-

هلون دور ٻيئي،

زمان و مڪان جا هي قصا پراڻا ڇڏي ڏي!

 

- مگر اي منهنجي جان، خدا جي زمين هيءَ سموري زمين آه،

اتي ڀي خدا آه، هتي ڀي خدا آه-

غريبن جي دنيا هيءَ بيمار دنيا،

هيءَ بيمار، مدقوق، لاچار دنيا،

غريبن جي دنيا، جتي موت جي سيج تي ڀي خدا کي پڪاري رهي آه،

غريبن جي بيوس ۽ بيمار دنيا پڪاري رهي آه!

ڏسين ٿي منهنجي جان! هي زنده جنازا؛

مگر اي منهنجي جان! خدا دور آهي-

غريبن جون آهون وڃي عرش تان پوءِ موٽي اچن ٿيون،

خدا وٽ به شايد علاجِ مصيبت نه آهي- ٻڌين ٿي؟

ڏسين ٿي، هو توکي ۽ مون کي ڏسن ٿا،

شرافت جا صاحب، فضيلت جا مالڪ-

محبت اسان جي گوارا نه تن کي، خدا جو قسم!

اسان گويا ڪنهن جي خدائي کسي آه،

زماني جي غيرت، ڏسين ٿي ته جاڳي پئي آه:

پراڻي روايات جا هي جواري، فقط بيڪسن ڏي نهاري رهيا ٿـِي-

غريبن کي عشق و محبت جي مهلت، ڪٿي ٿي ملي هن جهان بيڪران ۾-

غريبن جي قسمت ۾ روزِ ازل کان،

مشقت ۽ محنت، سونهري حروفن ۾ لکجي وئي آه؟

هلي آ هلون دو ٻيئي،

زمان و مڪان جا هي قصا پراڻا ڇڏي ڏي-

زماني جي خوف و خطر کان پري، ۽ زماني جي هوش و نظر کان پري هل؟

خدا وٽ به شايد نظامِ محبت نه آهي- ٻڌين ٿي؟

اسان هن زمان و مڪان جا ته پابند ناهيون- ٻڌين ٿي؟

نيون طرزون

”بشير مورياڻي سانيٽ

تون جو آئينءَ . . . . . . .

تون جو آئينءَ ته بهارن مون کي آواز ڏنو،

تون جو آئينءَ ته ستارن جي صراحي ڇلڪي؛

روح ۾ رچجي وئي چاندني هلڪي هلڪي-

رات جي مست هوا هٿ ۾ مون کي ساز ڏنو!

 

تون جو آئينءَ ته نئين رت کي به ورتيون آئينءَ،

تون جو آئينءَ ته نوان رنگ ڄميا، رنج ويا؛

دل ٿي ڀرپور خوشيءَ سان ۽ سڀئي ڏنج ويا-

منهنجي جيون ۾ نئون رنگ به ڀرتيون آئينءَ !

 

تون جو آئينءَ ته ارادن کي نئون زور مليو،

تون جو آئينءَ ته امنگن ۾ نئين جان پـَئي؛

تون جو آئينءَ ته سندم دل جو سڪل ڦول کليو-

تون جو آئينءَ ته تمنا نئين پوشاڪ ڪئي!

 

تون جو آئينءَ ته نئين صبح جي اميد به ٿي،

رات آ سخت انهيءَ ڳالهه جي تائيد به ٿي؛

”رشيد“ لاشاري

”ٻولي“

]”لولي“ يا ”لوريءَ“ جي صنف، سڀڪنهن ٻڌي هوندي، جا مائرون پنهنجي ٻارن لاءِ ڪم آڻينديون آهن؛ پر اُتر سنڌ جي سرائڪي ٻوليءَ ۾ ٻاهراڙيءَ جي نوجوانن ۽ ريڍارن ۽ ٻڪرارن اِنهيءَ صنف مان هڪ نئين صنف ايجاد ڪري، اُن کي ”محرم لوليءَ“ جو نالو ڏنو آهي.

        لولي، جدا جدا مضمون جي ٿئي ٿي ۽ وراڻي جو اصل مضمون سان ڪو به واسطو نٿو رهي. جئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اِها صنف اَڄ ڏينهن تائين نه چئي ويئي آهي، تنهنڪري، مان انهيءَ ڏس ۾ پنهنجي پهرين ڪوشش وٺي، وراڻيءَ ۾ ڦير ڦار آڻڻ سان، هڪ نئين شي پيش ڪريان ٿو، ۽ اُن جو نالو رکان ٿو ”ٻولي“. ”ٻوليءَ جو لفظ هڪ جامع ۽ وسيع لفظ آهي، جو نه فقط زبان لاءِ پر هر هڪ اُنهي ڪلام لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جو ٻوليو يا ڳالهايو وڃي. ٻوليون جدا جدا حالتن ۽ جذبات مطابق ٻوليون وينديون آهن- جيئن ته درد جي ٻولي، غم جي ٻولي، خير جي ٻولي، وغيره.[

(1)

ٻولي ته ٻولـِي، ٻولي ٻئي جي نه ڄاڻان،

ڌاريا ڌڪاري، وڃي پنهنجا سڃاڻان،

ٻولي ٻئي جي نه ڄاڻان . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي! توتي هيرن جي هولي.

(2)

ٻولي ته ٻولي، منهنجي مِٺڙن جي ٻولي،

مـِٺڙن جي دَر تي هجي هيرن جي هولي،

منهنجي مٺڙن جي ٻولي . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي! توتي هيرن جي هولي.

(3)

ٻولي ته ٻولي! ٻولي ٻولي ”ڀٽائي“،

”سامي“، ”سچل“ سان هئي جنهن جي سچائي،

ٻولـِي ٻولي ڀٽائي . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي! توتي هـِيرن جي هولي.

(4)

ٻولي ته ٻولي، ٻولي ”سنڌڙي“ سـَڏائي،

ڌارين جي سـَٿ ۾، وتي پنهنجا پـُڇائي،

ٻولي سنڌڙي سڏائي . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي! توتي هـِيرن جي هولي.

(5)

ٻولي ته ٻولي، ٻولي گنگن بِگاڙي،

گـِدرن جي واڙي، اَچي گڏهن اُجاڙي،

ٻولي گنگن بگاڙي . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي! توتي هـِيرن جي هولي.

(6)

ٻولي ته ٻولي، ٻولي ٻئي جي نه گولي،

گولي اُنهيءَ جي، ڏئي جنهن کي ٿي لولي،

ٻولي ٻئي جي نه گولي . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي! توتي هـِيرن جي هولي.

(7)

ٻولي ته ٻولي، ٻولي اَهنجي پرولي،

سچ ٿي ٻڌايان، ٻولي لڄ پت جي چولي،

ٻولي اهنجي پرولي . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي! توتي هـِيرن جي هولي.

(8)

ٻولي ته ٻولي، ٻولي جن ٿي ٻـُڌائي،

پنهنجا وساري، ٿيا ڌارين جا ڀائي،

ٻولي جن ٿي ٻڌائي . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي! توتي هـِيرن جي هولي.

(9)

ٻولي ته ٻولي، ٻولي بمبئي گهـُمي ٿي،

پنهنجا ڏسي ٿي، اَچي چپڙا چمي ٿي،

ٻولي بمبئي گهمي ٿي . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي: توتي هـِيرن جي هولي.

(10)

ٻولي ته ٻولي، ٻولي اجمير ويندي،

دردن جون دانهون، وڃي خواجا کي ڏيندي،

ٻولي اجمير ويندي . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي: توتي هـِيرن جي هولي.

(11)

ٻولي ته ٻولي، ٻولي ٻولي وڻن تي،

وڇڙيل جا والي، وري اِيندا وطن تي،

ٻولي، ٻولي وڻن تي . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي: توتي هـِيرن جي هولي.

(12)

ٻولي ته ٻولي، ٻولي ڪانگل ٿو ٻولي،

مـِٺڙا جي ماڻهو، ٻولي تن کي ٿي ڳولي،

ٻولي ڪانگل ٿو ٻولي . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي: توتي هـِيرن جي هولي.

(10)

ٻولي ته ٻولي، ٻولي ٻولي ٻـُڌايون،

گــُنگا ڏسي، ڇو ٻولي پنهنجي لـِڪايون،

ٻولي ٻولي ٻڌايون . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي: توتي هـِيرن جي هولي.

(14)

ساريون لـُڻن ٿا، مـِٺا ماڻهو نچن ٿا،

ڏاٽا ڏيکاري، دل منهنجي وڍن ٿا،

مٺا ماڻهو نچن ٿا  . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي: توتي هـِيرن جي هولي.

(15)

هارين کي هـَر جي، لڳي هارين کي هر جي،

ڪڻڪن جي ناڙي، مند ڄانڀي مـَٽر جي،

لڳي هارين کي هـَر جي . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي: توتي هـِيرن جي هولي.

(16)

سارين جو ديرو، کڻو سارين جو ديرو،

بچندو نه ڪاسو، کڻي ويندو وڏيرو،

کڻو سارين جو ديرو . . . . .

ٻولي ڙي ٻولي: توتي هـِيرن جي هولي.


[1]  غلطان-رڌل.

[2]  کٽڪو-اوسـِيڙو، اُلڪو.

[3]  ڳڻتيون-فڪر، پاڻ ڳارڻ، ڪڙهڻ، جهوريءَ ۾ جهڄڻ.

[4]  مال ڏهڻ ۽ ڦر ڌارائڻ.

[5]  ٻڪريون

[6]  رڍون.

[7]  ريڍو مال.

[8]  گهر جي اندرئين پاسي چوڌاري مينهن جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ ڏنل ٻنون.

[9]  مال لاءِ ڍنگر جا لوڙها

[10]  مال يا ٻنيءَ جي لوڙهي اندر مرن جي بچاءِ لاءِ ماڻهوءَ جو بهاريل مصنوعي بوتو.

[11]  ڪتي جو هڪ قسم.

[12]  چـَڙا.

[13]  سائي رنگ واريون ٻڪريون.

[14]  ننڍڙا ڇيلا ۽ ڇيليون.

[15]  ويس وڳن سان پهريل، ٺهيون ٺـُڪـِيون، سينگاريل.

[16]  قطارون.

[17]  ڇـُڙواڳ- کليا گهمن، ڦـِٽا، بنا جهل پل جي.

[18]  وَلِ جو نالو.

[19]  تازو ڏڌل کير.

[20]  کٽي ڏڌ ۾ تازو کير (آلو) وجهبو ته سندس ملاوت جو نالو سـُنبارُ ٿيندو.

[21]  چار ننڍيون ٿوڻيون اُڀيون کوڙي تن جي مٿان ڊگهيون ڪاٺيون رکي مٿانئـُس هنڌ بسترا وهاڻا اوڍي رکندا آهن، ان کي منجڻ چون.

[22]  برتن-باسڻ، ٿانءُ.

[23]  پاڻيءَ جون سانداريون- ننڍيون مشقون.

[24]  ننڍيون سانداريون جن ۾ ڏڌ يا کير وجهي کڻجي.

[25]  ڏڌ ولوڙڻ جي سانداري.

[26]  اَٽي وجهڻ جي سانداري- منجهس سنهون سامان سڙو به رکن.

[27]  ڏاس مان ٺهيل ڳوڻ وانگر ٻورو، جنهن ۾ اَنُ ۽ ٻيو سامان رکن.

[28]  وارن جو وانگـُوڙو.

[29]  ڳتيل وار، لوڻن کان ٽن سـَرُنِ سان ويڙهيل وار.

[30]  وهنجڻ- تـَڙُ ڪرڻ

[31]  ننڍي پاڻيءَ ۾ راند ڪرڻ ۽ تڙ ڪرڻ- جيئن ٻار ڪندا آهن.

[32]  ننڍا ٻنا يا کيٽ، جي مهنو اڌ ميهانڻو پاڻـِي جهلين.

[33]  آباد- سائو، سڻائو، سـَوَلو.

[34]  سڃاڻان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com