باب پهريون
نـيـاڻـيءَ جـو فـڪـر
اَرهڙ جا ڏينهن هئا، صبح جو سج اُڀري سنئون ٿيو هو.
بختاور ٻهاري سهاري ڏيئي بس ڪئي هئي، ۽ ٿانو ٿپو ملي پئي
بورچياني ۾ رکيائين، مائي شهربانو، سرائي فتح خان
مرحوم جي زال، صفي ۾ منجي وجهيو ويٺي هئي.، ڏندڻ –
پاڻي ڪري بس ڪيو هئائين. اتي ئي ماٺ ڪيو، ڳلن تي
هٿ ڏيو، ڪنهن خيال ۾ ويٺي هئي. سندس نياڻي زينت
بانو پاسي واريءَ ڪوٺيءَ جي اڳيان ٻاهر پينگهي ۾
ويٺي قرآن جو دور ڪيو، ۽ سندس پٽ حامد علي، ڪتاب
ڪڇ ۾ ڪري اسڪل ڏي روانو ٿيو هو.
گهر جا ڀاتي انهيءَ حالت ۾ هئا، ته در جو کڙڪو ٿيو، بختاور نڪري
ٻاهر ويئي، ۽ ستت هڪڙي ننڍي ڪمانگري صندوق مٿي تي،
۽ هڪڙي ڇٻي ميوي جي هٿ ۾ کڻي آڻي مائيءَ جي آڏو
تڏي تي رکيائين.
مائي شهربانوءَ پڇيو ته ”بختاور، هيءُ ڇا آندو اٿيئي؟“ بختاور
چيو ته ”مائي، سيٺ گل محمد جي گهران، دعائون سلام
به ڏنا اٿن ۽ هيءَ سوکڙي به موڪلي اٿن، وٽن ڪو
تازو مال ٻاهران آيو آهي.
ائين چئي، بختاور بورچيخاني ڏي هلي ويئي. جهٽ ۾ وري موٽي آئي،
ته به مائي ائين ئي ڳلن کي هٿ ڏيو ويٺي هئي، ۽
سوکڙيون ائين ئي تڏي تي رکيون هيون. تڏهن چوڻ لڳي
ته ”ڇو مائي، اڄ ڪهڙي فڪر ۾ ويٺي آهين؟ جيئي
تنهنجو اولاد، توکي ڪهڙُ فڪر هئڻ گهرجي؟“
شهربانوءَ چيو ته ”بختاور، ڇو نه فڪر هوندو، هڪڙو ته (الله
رهيس) سرائيءَ جي گذرڻ کان پوءِ سڄو بار مون تي
ليٽي پيو. قضيي کي ٻارهون مهينو ٿو ڏسجي، ته به
آءٌ ائين ٿي سمجهان ته ڄڻ سرائي ڪالهه مئو آهي. جا
خوشي اڳي گهر ۾ ڏسندي هئينءَ، سا ڪا ڏسين ٿي؟ تو
به اسان وٽ عمر آندي آهي، ۽ گهر جو ڀاتي ٿي رهي
آهين. ٻيو زينت جي ڳالهه مون کي ڪک ۾ ڪان لڳي بيٺي
آهي. خير جي هيڏي ساري ٿي آهي، خدا ڪري ته وڃي
پنهنجي گهر تڙ واري ٿئي، ته پاڻ به خوش رهي ۽ اسين
به ڳڻتيءَ کان ڇٽون. هينئر ماڻهن ۾ حال ڪونه وڃي
رهيو آهي – نه اميرن مان نه فقيرن مان ٿا ٽرن، گلا
ڪندي هنن کي دير ڪانه ٿي ٿئي، اشراف ته هينئر
پنهنجو ڪنڌ لڪايو وتن گذاريندا.“
بختاور چيو ته ”مائي، سچ ٿي چوين – اولاد جو فڪر مائٽن کي نه
هوندو ته ٻيو ڪنهن کي هوندو؟ خدا ڪندو ته زينت
سگهو ئي وڃي سُکي ٿيندي. پر مائي، اوهين به
اُڪلاءُ ڪونه ٿا ڪريو. مائٽيءَ لاءِ ته تمام چڱا
چڱا ماڻهو چون ٿا، اوهين الائجي ڇو هام نٿا ڀريو،
پهرين هن سيٺ جو گهر ڪو ننڍو آهي، جتي هزارن جو
مال پيو اچي وڃي! يا محمد رمضان وڪيل ڪو گهٽ آهي،
جنهن جي هينئر سڀڪائي ٿي هلي.!“ شهربانوءَ چيو ته
”اُهي به چڱا آهن، پر پنهنجا ڪي وري بڇڙا آهن؟ ادي
الهداد جو جوان پٽ ويٺو آهي – پنهنجو رت آهي،
پنهنجو هڏ آهي – پر بختاور، آءٌ ڇتي ٿي پيئي
آهيان، ڪيئن ڪريان. نه وري نينگريءَ جي مون کي ڪا
خبر ٿي پوي. ڏينهن – ٻن ۾ تون ڪو سماءُ لهي ڏينم –
ته سندس ڇا خيال آهي، تو نپايو اٿس، توکان پنهنجو
حال ڳجهو نه رکندي آهي.“
انهن ڳالهين ڪندي بختاور ڇٻي مان بمبئيءَ جو تازو آيل ميوو ڪڍي
تڏي تي رکيو- لال ڪيوڙو هو، انناس هئا، انب هئا،
پپنوس هئا، ۽ صندوقڙي ته مائيءَ پاڻ کولي – منجهس
چڱا چڱا ريشم جا ٽڪرا هئا، هڪڙي جوڙي سچن موتين جي
دٻليءَ ۾ پيل هئي، ۽ ڏهه – ٻارهن سونيون چوڙيون
هيون. اهي ڏسي، مائيءَ کان وڌ بختاور خوش ٿي، ٻاهر
ڀرو ٿي سڏ ڪري زينت بانوءَ کي چيائين ته ”امان
زينت، هيءُ ته اچي ڏس، ڪهڙيون نه مزي جون شيون
آيون آهن.“
پر زينت پنهنجي دؤر ڪرڻ ۾ مشغول هئي، تنهن ڪري اکيون مٿي کڻي
دائيءَ ڏي ڏسي وري به پڙهڻ کي لڳي رهي. مائيءَ
بختاور کي چيو ته ”هيءَ صندوقڙي کڻي وڃي اندرينءَ
وڏي صندوق ۾ رکي اچي، ۽ ميوو ٿالهيءَ ۾ وجهي، مٿي
جاري تي نيئي رک.“
بختاور ائين ڪيو. سگهوئي وري آئي، ۽ سويرڪي ڳالهه چوري، وري به
چوڻ لڳي ته ”مائي، شابس آهي ويچاري گل محمد کي،
ڏيڻ وٺڻ اهڙو ٿو ڪري، جهڙو مائٽ ڪن. مون کان پڇين
ته محمد رمضان وڪيل کان هيءُ سو ڀيرا چڱو آهي، وري
ويچارو ذمو به کڻي ٿو ته پئسا خرچ ڪري حامد کي به
پرڻائي ڏيندس!“
شهربانوءَ ورندي ڏني ته منهنجي نظر ۾ ٻيئي هڪجحڙا آهن. چڱا آهن
ته ٻيئي چڱا آهن، نه ته ٻيئي چڱان ناهن؟“
بختاور پڇيو سو ڀلا ڪيئن؟“
شهربانوءَ چيو ته ”سو هينءَ ته سيٺ گل محمد چڱو ماڻهو آهي ۽
سندس ننڍو پٽ به غريب ٿو ٻڌجي، پر جيتوڻيڪ پڄنديءَ
وارو آهي ۽ بخت زور اٿس، تڏهن به اصل جي توکي خبر
آهي ته ذات جو ميمڻ آهي. جي اسين ساڻس اهڙو پير
کڻنداسين، ته ماڻهو اسان تي کلندا ته پئسن جي لالچ
تي اهو ڪم ڪيائون، يا چوندا ته جڏهن مڙس مري ويا،
تڏهن زالن ٽڪن تي پنهنجو ٻار وڪيو. سو ويچاري مئي
تي مون کي خلق کلائڻي ناهي.“
بختاور چيو ته ”مائي، اهو سچ ٿي چوين، پر وٺ سک کي – ٻار ته وڃي
سکيو ٿيندو، اسين پاڻ به سکيا ٿينداسين. اگرچ خير
جو وقت چڱو پيو گذري، تڏهن به جي دور پاڻ اڳي ڏٺا
آهن، سي ڪي هينئر آهن؟ جيسين اسان جو حامد خدا
حياتي ڏئيس – کٽڻ ڪمائڻ جهڙو ٿئي، تيسين هن رستي
سان اسان جي زندگي مزي جهڙي پيئي گذرندي.“
شهربانوءَ چيو ته ”اڙي، اهڙي گذر کان پنهنجو غريباڻو ٽڪر چڱو.“
بختاور چيو ته ”محمد رمضان وڪيل جي به ته ايتري ئي ڳالهه آهي.“
مائيءَ ورندي ڏني ته ”هائو، انهيءَ جي بابت به منهنجو اهڙوئي
اعتراض آهي. هو هينئر وڏو ماڻهو آهي ۽ هزارن جو
ڌڻي آهي ته ڀو ڪونهي، پر توکي خبر آهي ته پڻس رڳو
مسيت جي ٽڪرن تي پليو، ۽ رڳو ڪڪڙ وانگي ٻانگون
ڏيئي لولا ڇڏائيندو هو. وري انهيءَ وڪيل کيه ڪڙي
زال ته اڳيئي آهي، سو پهاڄ تي ڪنهن کي کُٽيءَ کنيو
آهي جو پنهنجو ٻار ڏيندو!“
بختاور چيو ته ”اهو جيڪي چوين ٿي، غلط ڪونهي، اهو مون کي به نٿو
وڻي، باقي سيٺ جي گهر ۾ سو مون کي عيب ڏسڻ ۾ ڪونه
ٿو اچي؟“
شهربانوءَ چيو ته ”مون کي ته ڏسڻ ۾ اچي ٿو، مون کي پنهنجي ڀاءُ
جي اولاد جو خيال آهي. پنهنجن هوندي پراون کي ڪير
ڏيندو؟ ادي الهداد کي نياڻي آهي، سا منهنجي حامد
کي ڏيندو ، ۽ سندس پٽ اميد عليءَ کي آءٌ کڻنديس.
اهڙي چڱي ڳالهه ٻي ڪهڙي؟“
بختاور ورندي ڏني ته ”اهو مائي سچ آهي، اها ته کير ۾ کنڊ
آهي.مون رڳو سکيي گذران لاءِ ٿي چيو، نه ته جيئي
تنهنجو ڀائٽيو، جواڻ جماڻ آهي، منجهس ٻي گهٽتائي
ڪانهي.“
مائيءَ چيو ته ”گذران خير جو پيو ٿيندو، جي ادو شاهوڪار ناهي،
ته اسان کان غريب به ناهي، باقي اميد علي گونگو
آهي، ته ڀو ڪونهي، پيءُ جو گهر سنڀاليو ويٺو هوندو
پر جهڙو هجي، تهڙو وري به پنهنجو جگر آهي، تنهن کي
ڪونه ڇڏبو؟ الله ڪندو ته سندس ننڍڙي ڀيڻ چڱي
ٿيندي، سڀاڳي سدوري ٿيندي!“
بختاور چيو ته ”مائي،سرائي اميد علي چڱو آهي، جوان آهي، پر
منهنجي زينت سان ڪٿان مٽ ٿيندو؟ مائي، پنهنجي ڀاءُ
جي پاران چڙين ته ڀلي پيئي چڙ – سندس بدران ڏهه
نياڻيون ملن، ته به آءُ ساڻس مٽ نه ڪريان، پر وڏي
ڳاهه امي دعلي کٽڻ ڪمائڻ جهڙو ڪٿان ٿيندو. سڄو
ڏينهن گهر ويٺو هوندو، اٽلندو اسان جي زنيت سندس
خدمت چاڪريءَ ۾ هلاڪ هوندي! سرائي الهداد کي جيڪا
پينشن ملي ٿي، سا مٿان ئي واڻيان قرض ۾ کنيو وڃن،
باقي ٻي ڪهڙي پيدائش اٿس، جنهن تي اسان جي زينت کي
سکيو رکندا؟“
شهربانوءَ چيو ”سو سچ آهي، پر بختاور! ڏک سک به پنهنجن ۾ چڱو،
پراون جو سون به گهوريو. مون کي به اهي ئي ڳڻتيون
آهن، جن ۾ پيئي ٻڏان چڙهان. اهوئي خيال هوم جنهن ۾
موڙهي ويٺي هيس. خدا ڪري ته خير سان نينگري وڃي
شينهن ڪلهي چڙهي، ته اسان کي به آرام ٿئي. چڱو،
هاڻ ياد ڪري مون کي زينت جو سماءُ لهي ڏج. رڌڻ
پچائڻ جي مهل به ٿي آهي، وڃي تنهن جو بلو ڪر. جيڪا
الله گهري هوندي، سا پيئي ٿيندي.“ ائين چئي، مائي
پاڻ اُٿي پيرن ڀر ٿي، ۽ بختاور بورچيخاني ڏي هلي
ويئي.
باب ٻيو
سرائيءَ جو گهر
انهيءَ گهر جو جيڪو ذڪر مٿي ڏنو ويو اهي، تنهن جي پوريءَ طرح
سمجهڻ ۾ هتي مختصر طرح بيان ڪرڻ ضروري ڏسجي ٿو.
سرائي فتح خان، سنڌ جي هڪڙي قديم خاندان مان هو. سندس پيءُ، مير
غلام علي خان ٽالپر جي ڏينهن ۾ مشهور بهادر ٿي
گذريو هو ۽ هڪڙي جنگ ۾ وڙهندي مارجي ويو هو. سرائي
فتح خان پاڻ به مير مراد علي خان وٽ معتبر ۽ عزت
وارو ماڻهو هو. ٽالپرن جي حڪومت وئي کان پوءِ هن
کي هڪ سو رپيا انگريز سڪار مان پينشن ملندي هئي،
جيڪڏهن نوڪري ڪري ها، ته سرڪار مان هن کي وڏي
آبروءَ جهڙي جڳهه ملي ها، پر هن نوڪريءَ کان عار
ٿي ڪيو ۽ پاڻ کي گذريل حڪومت جو نمڪ خوار ڄاڻي،
خانگي گذران کي فخر ٿي سمجهيائين.
اگرچه اڳوڻي وڏ ماڻهپ جي هلت چلت ڇڏي به نه سگهيو، تنهن ڪري
البت ڏکيائي هوندي هيس، تڏهن به هو ڏاهو ۽
آزمودگار ماڻهو هو. بلڪل چڱيءَ تجويز سان هلت ڪندو
هو. پهرين ڏينهن ۾ ته جيڪي پنهنجا قيمتي زيور ۽
مڻا هئن، سي ڳاري، ٺاهه ٺوهه رکندو ايندو هو. جڏهن
اُهي سڀ کپي ويا، تڏهن خرچ گهٽائڻ لڳو. اهڙيءَ طرح
جو پينشن کان وڌيڪ خرچ نه ٿيندو هوس. اهڙيءَ رٿ
ڪري، هو پاڻ کي قرض کان بچائيندو آيو هو، نه ته
اهڙيءَ حالت ۾ اڳوڻي وقت جا ڪيترا خاندان هن کان
اڳي خراب ٿي ويا هئا.
هن سرائيءَ ٻيون به ٻه ٽي چڱيون ڳالهيون ڪيون، جنهن مان معلوم
ٿئي ٿو ته هو پنهنجيءَ قوم جي ٻين ماڻهن کان هر
طرح زياده عقل وارو هو: هڪڙو ته شادي رڳو هڪ زال
سان ڪئي هئائين، جنهن ڪري گهر جي ريڙهه پيڙهه ۽
اندروني معاملن کان به ڇٽي پيو ۽ خرچ جي ڪفايت به
ٿيس.
ٻيو ته اگرچ پاڻ اڳئين زماني جو هو، ته به اڳ ڳڻتي ڪري هاڻوڪي
زماني جي مناسب طرح واٽ وٺڻ لڳو. پنهنجي پٽ حامد
عليءَ کي ننڍي ئي هوندي اسڪول ۾ پڙهائڻ
ويهاريائين، جو پهرين سنڌي ۽ پوءِ انگريزي به پڙهڻ
لڳو. اگرچه انهيءَ ڪري سندس عزيز ۽ پاڙيسري مٿس
کلڻ ۽ ٽوڪون ڪرڻ لڳا، ته به انهيءَ جي پرواهه نه
رکيائين، پٽ جي ته ڳاهه ڇڏيو، پر پنهنجي نياڻي
زينت بانوءَ کي به گهر ئي گهر ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. ڪي
سندس ڪوشش سان، ڪي حامد جي سنگت مان، ۽ ڪي هڪڙي
پير مرد آخوند جي پڙهائڻ ڪري، هوءَ قرآن ۽ ديني
ڪتابن ۾ توڙي سنڌي فارسي پڙهڻ ۾ اهڙي چالاڪ ٿي
ويئي، جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر.
هن سرائيءَ جا اهي سڌريل رستا پنهنجا ئي پنهنجا هئا، سندس قوم
جي رستن کان بلڪل ٻيءَ طرح جا هئا، تنهن ڪري سندس
ويجها مائٽ به مٿس کلندا هئا، ۽ هن کان گوشو ڪندا
هئا، يا ته شهر ۾ انهن ڳالهين ڪري جيڪا سندس
تعريف ٿيندي هئي، تنهن تي حسد ڪندا هئا. انهيءَ
سبب هن کي لاچار ٿيو،. پنهنجي منهن پنهنجو رستو
وٺڻ ۽ رڳو ظاهري پنهنجن عزيزن سان اُٿ ويهه جو
رستو رکڻ. هو حيدرآباد جي پسگردائيءَ ۾ ڪوهه کن
پنڌ تي رهندو هو، تنهن ڪري ٻهراڙيءَ ۾ رهي شهر جي
سڌاري مان فائدي وٺڻ جو هن کي چڱو وجهه مليو.
اڳي ته وٽن گهڻائي ٻانها ٻانهيون هوندا هئا، پر صاحبيءَ ڦرڻ کان
پوءِ باقي هڪڙو شيدي شنگور نالي ۽ هڪڙي حبشياڻي
بختاور نالي وڃي رهيا هئن، پر شنگور به مري ويو
هو، باقي بختاور هوندي هئي، جا هنن کي گهڻي ڪم جي
هوندي هئي. هن ٻارن کي ننڍو ڪري نياپو هو،تنهن ڪري
هو هن کي ماءُ وانگي ڄاڻندا هئا. پيدائش پوري پني
هين،تنهن ڪري سرائي، ٻيو نوڪرنه رکيو هو. انهيءَ
ٻانهيءَ منجهان سڀ ڪم جو پورائو ڪندو هو.
آخر ٻاهٺ ورهين جي عمر ۾ سرائيءَ وفات ڪئي. هن مرڻ مهل پنهنجي
گهر جي ڀاتين کي سڏي روبرو ويهاريو ۽ هڪ هڪ کي
آئيندي جي هلت ڪرڻ لاءِ نصيحتون ڏنائين، جي هنن کي
مرڻ گهڙيءَ تائين دل تي ڄميون بيٺيون هيون،
سندس مرڻ کان پوءِ سرڪار پينشن سو رپيي مان گهتائي پنجاهه ڪري،
سندس زال، مائي شهربانوءَ جي نالي ڪئي، جنهن تي
هنن جو گذران ٿيندو هو؛ تنهن کان سواءِ اها مائي
پاڻ، توڙي سندس ڌيءَ زينت بانو، سبڻ ڀرڻ جي ڪم ۾
هوشيار هونديون هيون. بختاور ڪڏهين ڪڏهين شهر ۾
وڃي پاٽولين يا ٻين واڻين کان ڪپڙا وٺي ايندي هئي،
۽ تيار ڪرائي هنن کي ڏيئي، پئسا وٺي ايندي هئي.
انهيءَ طرح سرائيءَ جي مرڻ کانپوءِ به هنن جو ڪارخانو اندران
ئي اندر اهڙو پئي هليو، جو آسپاس وارا حيران هئا
ته هي الائجي ڪيمياگر آهن ڪينءَ، جو آبروءَ سان
گذران ڪندا اچن ۽ اندر ٻاهر جو خرچ پکو هميشه
وانگي چڱي طرح هلائيندا اچن.
حامد علي اچي سورهن سترهن ورهين جو ٿيو هو، پر اڃا انگريزي
اسڪول ۾ پڙهندو هو. زينت بانو چوڏهن پندرهن ورهين
جي جوان ڇوڪري هئي. جي سندس باطني سيرت جي اسان
مٿي تعريف لکي آهي، ته سندس ظاهري صورت به گهٽ
ڪانه هئي. پردي واري گهر جو ٻار هو ۽ سک سان پليو
هو، تنهن ڪري هوءَ ڏاڍي نازڪ بدن هوندي هئي. رنگ
تمام اڇو نه هوس، ته به نهايت وڻندڙ هوس، ليڪن
مهانڊا ته اهڙا هئس جو ڏسندڙ جي دل ۾ چپي ويندا
هئا.
طبيعت اهڙي چڱي هيس، جو اهو ڪونه هوندو، جنهن سان هن مرڪڻ ڌاران
ڪڏهن ڪي ڳالهايو هوندو، گهر جو خرچ پکو ۽ حساب
ڪتاب جيڪو ٿيندو هو، سو سندس پيءُ جي ڏينهن ۾ ئي
هن وٽ رهندو هو. جيڪي پڙهيو هئائين يا ٻڌو هئائين،
تنهن مان هن کي هيترو فائدو حاصل ٿيو هو، جو هوءَ
پنهنجي وقت سجايو ڪم آڻيندي هئي. مهل تي لکندي
پڙهندي هئي ۽ مهل تي سبندي ڀريندي هئي.
نه رڳو ايترو، پر اڪثر پنهنجي دائيءَ بختاور کي رڌڻ پچائڻ ۾ به
مدد ڏيندي هئي؛ ۽ جيڪڏهن هوءَ بيمار ٿي پوندي هئي،
ته پوءِ سڄو بار سندس سر تي ايندو هو. انهيءَ
هوندي به پوشيد گائي حد کان وڌيڪ هوندي هيس. ڪپڙو
گندي ته سٺو رکندي هئي، پر گهر مان جا هڪڙي ڪوٺي
خلاصي کيس مليل هئي، جنهن ۾ ڀاڻس حامد به اچي
رهندو هو، تنهن ۾ شيءِ شڪل اهڙيءَ تجويز سان
پنهنجي پنهنجي جاءِ تي رکيل هوندي هئي، جو جيڪو
پاڙي اوڙي جو ماڻهو ڪڏهن اتي ويندو هو ته سندس
سگهڙپائيءَ جي تعريف مان ڍاپندو ئي ڪين هو.
اهڙين ڳالهين جي ڪري، هن گهر جي و اکان ڳوٺ مان هلي شهر جي
ماڻهن تائين وڃي پهتي هئي: پوءِ اهڙيءَ ٻانهن جي
لاءِ ڀلا ڪهڙو اشراف ۽ عزت وارو ماڻهو خواهشمند نه
ٿيندو؟ سرائيءَ جي جيئري ئي انهيءَ نسبت ۾ ٿورو
گهڻو چوڻ چائڻ ٿيو هو، پر سندس ميئ کان پوءِ پاڻ
ماڻهن کي ڪوشش ڪرڻ سولي ٿي. خاص ڪري جڏهن سڀني کي
خبر هئي ته سرائيءَ سان سندس عزيز به ايتريقدر ساز
۾ نه آهن.
سيٺ گل محمد ميمڻ هڪڙو وڏو شاهوڪار هو، جنهن جي ڪوٺي حيدرآباد ۾
هئي، ۽ سندس گماشتا ڪراچيءَ، بمبئيءَ ۽ ٻين پاسي
هوندا هئا،؛ تنهن پنهنجي پٽ جي لاءِ مٿا پئي هنيا
۽ اوير سوير سوکڙيون سڙيون پي موڪليندو هو. نه رڳو
ايترو، پر بختاور کي به ڏيڻ وٺڻ سان پنهنجو ڪري
ڇڏيو هئائين.
پر ميان محمد رمضان وڪيل هو، تنهن کي وري پنهنجي طمع هئي ۽ اگرچ
هڪ زال اڳي به هيس، ته به ڇوڪريءَ جي تعريف ٻڌي،
وڏ گهري ڄاڻي، پئي مٿا هنيائين ته سکرن مان ٻانهن
وٺي، آءُ به وڏو ماڻهو ليکجان. جيتوڻيڪ هو اصل
غريب ماڻهو، ذات جو ميربحر هو، ۽ پڻس مسيت ۾ ملپي
ڪندو هو، ته به هاڻ وڪالت ڪري اچي بخت لڳو هوس، سو
هينئر تمام وڏو ماڻهو ليکجڻ ۾ ايندو هو.
پر اسان مٿي ڏٺو آهي ته، مائي شهربانوءَ کي هن سان مائٽي ڪرڻ ۾
البت اعتراض هو، اگرچ بختاور سيٺ جي فائدي ۾ گهڻو
ڳالهايو ٿي. مائيءَ جي اعتراض آڻڻ جو هيءُ به سبب
هو، جو هن کي پنهنجي ڀاءُ الهداد جي پٽ سان ڌيءَ
جي شادي ڪرڻ جو ارادو هو ۽ اگرچ اهو گونگو هو،
ڪنهن به طرح ڪمائيءَ ڪرڻ جهڙو نه هو، پر ويجهو
مائٽ هوس، تنهنڪري جيئن اڪثر زالن جو خيال ٿيندو
آهي، ته ڌاريا ڪهڙا به لائق هجن، ته اهي ڇڏي به
پنهنجا نالائق عزيز پسند ڪنديون آهن. تيئن هن کي
به خيال هو. وري ڀاڻس کي ننڍي ڌيءَ ٽن ورهين جي
هئي، سا ڀانيائين ته حامد کي وٺي ڏيان، انهيءَ ڪري
ٻين سڀني رٿن کان اها رٿ وڌيڪ پسند هيس.
ليڪن اڃا دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪونه ڪيو هئائين، پئي ڳڻتيون کاڌائين
ته ڪيئن ڪريان،. ڪنهن ٻاهرئين ماڻهوءَ سان صلاح
ڪرڻ لاءِ دل نه چوندي هيس. سندس صلاحڪاريون هيون
هڪڙي بختاور ۽ ٻي سندس جوان ۽ پڙهيل ڌيءَ زينت
بانو. پر اهڙين ڳالهين ۾ زينت بانوءَ کان پڇڻ ڳاڇڻ
هن مناسب نٿي ڄاتو، تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن بختاور سان
ڳالهه چوريندي هئي، نه ته پنهنجي منهن پئي پهه
پچائيندي هئي. انهن ڳڻتين کائيندي به ڪي ڏينهن
لنگهي ويس.
باب ٽيون
پٽ جي ڳڻتي
حيدرآباد جي ڪچي ۾ علي نواز خان نالي هڪڙي مغل جو گهر هوندو هو.
هو ميرن جي صاحبيءَ ۾ خراسان کان آيو هو ۽ واپاري
ماڻهو هوندو هو. هن مغل جي گهر جو اسان جي ڳالهه
سان جيڪو واسطو آهي، تنهن جي بيان ڪرڻ کان اڳي
بهتر آهي ته هن جي سنڌ ۾ اچڻ جو بيان ڏيون.
هو اصل جو ترڪ هو. هن جو پيءُ ترڪستان جي سرحد واري هڪڙي جابلو
پرڳڻن جو رئيس هو ۽ روس جي شهنشاهه جو ڍل ڀرو هو.
انهن ڏينهن ۾ روس ۽ ايران جي وچ ۾ اڪثر لڙايون
ٿينديون هيون ۽ هو ٻيئي هڪٻين جي ملڪ تي ڪاهه ڪري
ڦرون لٽون ڪندا هئا. هڪڙي اهڙي لڙائيءَ ۾ ڪن سببن
ڪري، ايران جو لشڪر فتحياب ٿيو ۽ روسي لشڪر کي
شڪست آئي.
روس جي لشڪر ۾ سندس هٿ هيٺ وارن ڪيترن ئي ننڍن حاڪمن جو لشڪر
مدد لاءِ آيل هو. انهن ۾ علي نواز جو پيءُ به
پنهنجي لشڪر سوڌو حاضر هو. انهيءَ لڙائيءَ ۾ ڏاڍي
خونريزي ٿي ۽ روس جي طرف جا گهڻا ماڻهو ماريا.
جيڪا ڦر مار ٿي، تنهن ۾ ڪيترائي مڙس ۽ زالون ۽ ٻار
قيد ٿيا. علي نواز جو پيءُ پنهجي زال ۽ ٻن پٽن
سوڌو به قيد ٿي پيو. ۽ ذري گهٽ ماريائونس ٿي، پر
هن گهڻا حيلا حوال ڪري، پاڻ کي موت کان بچايو. اهو
جيئدان جو هن کي مليو، سو خاص سندس زال ۽ ننڍن
ٻارن جي منٿن ڪري، جن جي ليلائڻ تي فتحمند غنيم کي
قياس اچي ويو،تنهن ڪري هنن کي ٻين قيدين سان گڏ
ايران ڏي وٺي آيا. هي چار ڄڻا اگرچ پرڏيهه ۾ قيدي
هئا، تڏهن به گڏ رهڻ ڪري پاڻ کي چڱي نصيب وارا
سمجهندا هئا.
انهيءَ طرح هنن کي قيد ۾ ٻه – ٽي مهينا گذريا. روسي لشڪر جنهن
شڪست کاڌي هئي، تنهن کي وري تازي ڀرتي ملي، سو
هاڻي نئين سر تياري ڪري ايرانين سان وڙهڻ لاءِ
سنڀري آيو ۽ ڪاهه ڪري اچي ويجهو پيو هو. علي نواز
جي پيءُ جڏهن خبر ٻڌي ته سندس ملڪ جو بادشاهه
ڪاهي اچي ويجهو ٿيو آهي ۽ اڳيئي پيو خيال پچائيندو
هو، ته وجهه ملي ته ڀڄي وڃي هن سان شامل ٿيان، سو
هاڻي ڪنهن حيلي سان پنهنجي وڏي پٽ سوڌو، جو سورهن
ورهين جي ڄمار جو جوان هو، ڀڄي نڪتو ۽ پنهنجي
سرحدي قوم گڏ ڪري اچي روسي بادشاهه سان گڏيو.
اگرچه هن پنهنجي وطن ۽ قوم جي طرفان ايمانداري ۽ بهادري ڏيکارڻ
۾ ڪين گهٽايو، پر تڏهن به سندس حياتي اچي پوري ٿي
هئي، سو پٽ سوڌو دشمن سان جنگ ڪندي مارجي ويو.
هيءُ جو هن طرح ٺڳي ڪري ڀڄي ويو ۽ وري وڃي ايران سان سامهون
ٿيو، تنهن ڪري ايران جي سرڪار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي
ويئي. هن جي زال ۽ ننڍي پٽ علي نواز کي دڙڪا
ڏنائون ته اهو وير اوهان کان وٺنداسون يا غلام
ڪري وڪڻي ڇڏينداسون. هن ڊپ ۽ شرم کان علي نواز جي
ماءُ هينءَ ڪيو، جو رات جو سمهڻ مهل زهر ذرو کائي
ڇڏيائين.
صبح جو ننڍو پٽس معصوم اٿي ڏسي ته هنڌ تي امان مئي پيئي آهي.
جيڪا حالت هن ڇوڪري سان ٿي گذري هوندي، سا لکي نٿي
سگهجي، البت آسانيءَ سان خيال ۾ اچي سگهندي: چار
ڏينهن اڳي هن پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ خوش
پئي گذاريو. هاڻي پيءُ ۽ ڀاءُ ته ڀڄي ويا،باقي
ماءُ بچي هيس جا پرڏيهه ۾ هيڏڙي ٻار جي انگل کڻڻ
واري هئي، سا به ويندي رهي. هي يتيم علي نواز تڏهن
ڏهن ورهين جي عمر جو مس هو.
انهيءَ وقت کان پوءِ سگهوئي حڪم جاري ٿيو ته ننڍيءَ عمر وارن
قيدين ۽ قيدياڻين کي غلام ڪري وڪڻي ڇڏجي. ڪيترا سو
ٻارن جا روز ٿورا ٿورا ڪري، ٻانهن جي بازار ۾
وڪڻندا هئا. هڪڙي ڏينهن علي نواز جو به وارو آيو.
هن کي هڪڙي ايرانيءَ خريد ڪيو، جنهن وٽ هو پنج –
ڇهه مهينا رهيو. پوءِ وري اهو ماڻهو ڪنهن ٻئي پاسي
ٿي ويو،تنهن هن کي دلال جي حوالي ڪيو ته وڪڻي
ڇڏيس.
اها ٻانهن جي بازار هفتي ۾ کلندي هئي، ۽ تڏهن خريد و فروخت
هلندي هئي. سو انهيءَ هفتي علي نواز وري ٻيو مالڪ
ڪيو. انهيءَ طرح ٻن ورهين جي اندر، هن ڇوڪر پنج
ڀيرا انهيءَ بازار جو منهن ڏٺو، آخر هڪڙي وڏي
سوداگر جي هٿ ۾ آيو، جتي هن البت آرام پاتو.
هن جي هلت چلت تمام چڱي هوندي هئي، ۽ شڪل جو به موچارو هو، تنهن
ڪري سندس ڌڻي ۽ ان جي گهر جا ماڻهو ڏاڍو پيار
ڏيندا هئس. هتي هن کي تعليم به ملي، قرآڻ پڙهڻ
سکيو ۽ جيئن وڏو ٿيندو ويو، تيئن پنهنجي ڌڻيءَ کي
سندس ڌنڌي ۾ مدد ڏيندو رهيو. هتي رهي هيءُ گهر جو
ڀاتي ٿي ويو، ۽ هن جي ايمانداري ڏسي سڀڪنهن هن کي
آفرين پئي ڪئي.
جڏهن اهو سوداگر بيمار ٿيو، ۽ مرڻ جو وقت ويجهو ڏٺائين، تڏهن
وصيت ڪري پنهنجو مال پنهنجي اولاد کي ورهائي
ڏنائين، ۽ علي نواز کي ڳچ جيترا پئسا ڏيئي آزاد
ڪري ڇڏيائين.
ڌڻيءَ جي مرڻ کان پوءِ به علي نواز پنج – ڇهه مهينا انهيءَ گهر
۾ هو. پوءِ پنهنجي منهن سوداگريءَ جي سانگي
خراسان ۾ آيو. خراسان ۾ تن ڏينهن ايران جي ماڻهن
جي گهڻي آمدرفت هوندي هئي، تنهنڪري هن کي اتي اچي
پنهنجو واپار هلائڻ ۾ ڏاڍي سولائي ٿي. هتي رهڻ ڪري
هو مشهور ٿي ويو، ۽ واپار جي ڪم ۾ ڏاڍو هوشيار
ٿيو.
خراسان مان وري علي نواز، ڪي سير ڪرڻ لاءِ ۽ ڪي واپار جي سانگي
سنڌ ۾ آيو. سنڌ تن ڏينهن ٽالپرن اميرن جي هٿ ۾
هئي، ا نهن جي دربار ۾ هن جو رستو ٿي ويو، جنهن
ڪري هن کي جهڙو واپار ۾ تهڙو عزت ۾ واڌارو ڏسڻ ۾
آيو ۽ انهيءَ سبب هو اتي رهي پيو.
علي نواز جو واپار دڪان ڪڍي ويهڻ سان نه هلندو هو. هن جي معرفت
مير صاحبن ۽ سندن درٻار جي اميرن سان هوندي هئي.
هو معتبر، هوشيار، پڙهيل ۽ چالاڪ ماڻهو هوندو هو،
تنهن ڪري سڀڪنهن وٽ هن کي گهڻو مان ملندو هو. هن
کي ڳچ جيترا پئسا ڏيئي موڪليندا هئا، جو بمبئي ۽
ڪلڪتي، توڙي بغداد، ايران ۽ ٻين ولايتن ڏي وڃي.
خاصو خاصو مال سودي سندن لاءِ ايندو هو؛ ۽ انهيءَ
تڪليف کڻڻ لاءِ چڱو محنتاڻو ۽ انعام اڪرام ملندو
هوس. اهڙن فائدن کان هو سنڌ ۾ رهي پيو، ۽ پنهنجو
وطن به وسري ويس.
ايترن ورهين رهڻ ڪري ۽ هيترن ماڻهن سان واسطي رکڻ ڪري هو هاڻي
هر طرح سنڌ جو ماڻهو ليکجڻ ۾ ايندو هو. هن کي ڪنهن
سکر گهر مان ٻانهن ملي ويئي، تنهن سان شادي ڪري
پنهنجو گهر ٺاهي ويهي رهيو. ميرن جي صاحبيءَ وئي
کان پوءِ به هو اتي رهندو آيو، ۽ اگرچ اڳيون اوج
پوءِ ڇڏائي ويس، تڏهن به مناسب سوداگري ڪري، هو
پنهنجو گذران عزت آبروءَ سان پيو ڪندو هو.
هن کي هڪڙو پٽ به خدا ڏنو هو، جنهن جو نالو علي رضا رکيو
هئائين، تنهن کي ننڍي هوندي کان هن چڱي تعليم
ڏياري هئي. سو سنڌي ۽ فارسي پڙهي ته هوشيار ٿيو
هو. پر انگريزيءَ ۾ به چالاڪ هو. اگرچ پڙهيو رڳو
سنڌي اسڪول ۾ هو، مگر ذهين طبع جو هو ۽ ڳالهائڻ
ٻولهائڻ جي آزمودي ڪري زياده هوشيار ڏسڻ ۾ ايندو
هو.
علي نواز پنهنجي پٽ کي ڪنهين نوڪريءَ ۾ نه رکيو، نه ڪنهن واپار
۾و ڌائينس، مگر جيڪي صاحبلوڪ سنڌي يا فارسي يا
هندستاني پڙهندا هئا، انهن وٽ منشي يا ماستر ڪري
رکيائينس، انهيءَ ڪري انگريزيءَ ۾ هن جو مايو وڌي
ويو هو، ۽ صاحبلوڪن کي به پڙهڻ ۾ گهڻي سولائي
ٿيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪراچيءَ تائين به وڃي
اهو ڪم ڪندو هو. انهيءَ طرح پڙهائڻ جي ڪم مان هن
کي سٺ – ستر رپيا پيدا ٿيندا هئا.
ٻيو وري علي نواز خان پاڻ سوداگري ڪندو هو، تنهن ڪري هنن جو
گذران تمام چڱو پيو ٿيندو هو. هو به اصل ولائتي
ماڻهو اٽڪل وارو هو، گهر ۾ ڀاتي پورا پنا هئن. پاڻ
هو، پڻس هو، سندس زال هئي، جنهن جو نالو جان بيبي
هو، ۽ پورهيت هين، جا گهڻن ورهين کان وٽن رهندي
آئي ۽ گهر جو ڀاتي ٿي ويئي هئي، ۽ انهيءَ جو نالو
مريم هو.
جنهنن وقت جي ڳالهه اسين ڪريون ٿا، تنهن کان ٻه ورهيه کن اڳي
علي نواز خان وفات ڪئي هئي، ۽ گهر جو بار سڄو ئي
علي رضا تي هو، جو هينئر چوويهن ورهين جو جوان
ماڻهو هو، هو تمام چڱيءَ شڪل وارو ۽ ڳوري رنگ جو
هو. هلت چلت سندس تمام پسنديءَ جهڙي هئي، جو سندس
پيءُ جي انهيءَ ڳالهه تي خاص نظر هوندي هئي. ٻيو
هن جي اٿ – ويهه رڳو سکرن سان هئي، تنهن ڪري
لياقت ۽ فضيلت به گهڻي هوندي هيس. طبع جو تمام
حليم هو؛ اهڙو جو شهر جا هندو خواهه مسلمان سندس
صحبت لاءِ مشتاق هوندا هئا.
صاحبي ڦرڻ جي تفرقي کان پوءِ به، جن اميرن ۽ وڏن ماڻهن سان علي
نواز خان جو رستو هوندو هو، سو هو وٺيو آيو، ۽
هنن سان پاڻ وقت بوقت شادي مراديءَ ۾ اُٿ ويهه
ڪندو هو، توڙي سندس گهر جا ماڻهو ايندا ويندا
هئا. هر طرح هو هنن کي دوستن يا عزيزن وانگي
سمجهندا هئا.
سرائي فتح خان جي گهر سان به هنن جو اهڙو ئي رستو هو. ٻيو وري
فتح خان جو پٽ حامد ۽ علي رضا ڪي ٿورا ڏينهن هڪ
اسڪول ۾ گڏ به پڙهيا هئا، تنهن ڪري هنن جو وري پاڻ
۾ خلاصو رستو دوستيءَ جو ٿي ويو هو.
علي نواز ۽ فتح خان جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ انهن جي گهرن جو پاڻ
۾ رستو هوندو هو، سو سندن مئي کان پوءِ به سندن
پوين جي وچ ۾ هليو آيو، ۽ هي، ٻئي طرف، هڪ – ٻئي
وٽ ايندڙ ويندڙ هئا. ڪنهن آچر تي حامد هنن وٽ
ايندو هو، جو ٻئي ڄڻا ٻاهر لانڍيءَ ۾ ويهي صحبت
ڪندا هئا. ڪنهن آچر تي علي رضا هنن وٽ ايندو هو.
۽ اهڙيءَ طرح هو ٻئي هڪٻئي جي گهر ايندا ويندا
هئا. انهيءَ طرح هنن جون مائون به ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي
جي گهر اچي ڏينهن گذارينديون هيون. تنهن ڪري هڪ
ٻئي جي حال جي ۽ هلت چلت جي پوري خبر هين.
جان بيبيءَ کي پنهنجي پٽ جي شاديءَ جو خيال گهڻن ڏينهن کان
هوندو هو. هو کٽڻ ڪمائڻ وارو هو ۽ جوان هو، مڙس
مئي کان پوءِ ڳڻتي واڌو ٿيس، جو ڀايائين ته
منهنجي مڙس جو نسل باقي رهي. هڪڙي – ٻه ٻانهن به
هٿ ڪئي هئائين، پر هو انهيءَ تي نه بيٺو. پيو
چوندو هو ته آءٌ ننڍو آهيان، اڃا شادي ڪرڻ جو وقت
پيو آهي. اهو سندس نٽائڻ ڪي حجاب ۽ ڪي حيا کان هو
۽ ڪي وري انهيءَ کان هو، جو هو انهن ماڻهن سان
چڱيءَ طرح واقف هو ۽ اهي ٻانهون لکي پڙهي نه
ڄاڻنديون هيون. انهيءَ سبب ڪري هڪڙي ڀيري ته سندس
ماءُ ساڻس تکو ڳالهائي رنج به ٿي هئي. پوءِ جڏهن
اها ڳالهه ياد پوندي هيس، تڏهن اڪثر انهيءَ ڏک
کان رئندي هئي، ته شايد نيٺ آءٌ مري وينديس ۽ جهان
وانگي پنهنجي پٽ جي مراد ڪانه ڏسنديس.
هڪڙي ڀيري رات جو جان بيبي جي ننڊ اچي ڦٽي، پئي ٿڌا ساهه
کنيائين ۽ اُٿلي پٿلي. مريم جا ويجهو ستل هيس، سا
به جاڳي، چوڻ لڳيس ته ”مائي ڇو اڄ توکي ننڊ نٿي
اچي؟“
جان بيبيءَ چيو ته ”بس مريم، زمانسازيءَ جون ڳالهيون اچي دل تي
چڙهيون اٿم؛ تنهن کان ننڊ ڦٽي ويئي ا ٿم.“
مريم چيو ته ”مائي! سي ڪهڙيون ڳالهيون؟“
جان بيبيءَ ورندي ڏني ته ”پهرين علي رضا جي شاديءَ جي – هيڏو
سارو اچي ٿيو آهي، جهان جون مائون ڏکن سان پٽ
پالينديون آهن، انهيءَ لاءِ ته هنن جون مرادون
جيئري ڏسن، شايد منهنجي قسمت خراب آهي، جو جڏهن
آءٌ هن جي اڳيان اهڙي ڪا ڳالهه ڪريان، تڏهن منهن
پاسي ڪري ويهي رهي يا ابتا سبتا جواب ڏيئي هليو
وڃي.“
مريم چيو ته ”هائو مائي، هي زمانو هاڻ اهڙو اچي لڳو آهي.“
علي رضا، جو ٿورو پرڀرو سمهيو پيو هو، تنهن جي به انهيءَ ڳالهه
تي اک پٽجي ويئي، ۽ جڏهن پنهنجو نالو به ٻڌائين،
تڏهن پاڻ سجاڳ ٿيو، رڙهي اچي ويجهو ٿين ۽ چوڻ لڳو
ته ”امان جيجي! خير ته آهي، اڄ وري ننڊ ڦٽائي، اچي
انهن قصن کي لڳا آهيو؟“
جان بيبيءَ البت رنج مان جواب ڏنس ته ”بس ابا، اسان جي خدا ننڊ
ڦٽائي هوندي ته ڪو ڪنهن جو وس!“
مريم چيو ته ”ابا، مائي سچ ٿي چوي، تون ته ڏاڍو زورآور آهين،
ماڻهن جا ٻار اڃا ڪمائڻ جهڙا نه ٿين، ته مائٽ
انهن کي پرڻائي پنهنجون آسون ۽ اميدون پوريون ڪن ۽
انهن جو خانو آباد ڪن، تون اچي هيڏو سارو ٿيو
آهين، ته به بحث ڪري ويهي رهيو آهين ته شادي ڪين
ڪندس.“
اتي جان بيبيءَ وري رنج مان چيو ته ”ڇڏينس مريم، اڳي ٿورا مٿا
هنيا اٿم جو هاڻ ٻڌندو، ماٺ ڪري ويهي رهه، خوشي
سنديس، هي ننيگر ڀانئي ته امان به مري ته پوءِ
پنهنجي منهن جتان اچي اتان وڃي شادي ڪريان.“
علي رضا ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي چيو ته ”امان، ائين نه چئو، خدا
توکي سلامت رکي، تون رنج نه ٿيءُ. هونءَ ته جيڪي
اوهين مون کي چوندؤ ائين ڪندس، اولاد کي ڇا اختيار
آهي مائٽ جي مرضيءَ کان ٻاهر وڃي؟ مگر مائٽ تي به
حق آهي ته اولاد جيڪي واجبي چوي سو ٻڌي ۽ ان تي
خيال ڪري.“
جان بيبي پڇيو ته ”هاڻ ابا تو ڪهڙي واجبي ڳالهه ڪئي جا مون نه
ٻڌي؟ اها واجبي ڳالهه ٿو ڪرين ته آءٌ اڃا ننڍڙو
آهيان، آءٌ اڃا ٿورو ٿو ڪمايان. اڇي ڏاڙهي ٿيندءِ،
ته پوءِ پرڻبين؟ يا قارون جو خزانو هٿ ايندءِ،
پوءِ شادي ڪندين؟“
علي رضا ورندي ڏني ته ”امان! جڏهن سچ وچ عمر جو ننڍو هوس ۽
ڪمائڻ جهڙو نه هوس، تڏهن ته بيشڪ منهنجو اهڙو
اعتراض هو، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ ننڍيءَ عمر ۾ اڪثر
شاديءَ جو گهڻو شوق ٿيندو آهي، مگر جيڪي پڙهيو اٿم
۽ ڏٺو اٿم، تنهن موجب ڄاڻان ٿو ته ننڍيءَ ڄمار ۾
شادي ڪرڻ مان ڇا حاصل آهي. پهرين ته ماڻهو جڏهن
پاڻ مائٽن تي بار آهي، تڏهن وري زال پرڻجي وڌيڪ
بار ڇالاءِ ٿجي؟ تنهن کانسواءِ، ننڍيءَ وهيءَ جي
شاديءَ ڪري سڌاري جا ڪم جيڪي سکڻا آهن سي ڇڏايو
وڃن، ۽ ننڍي وهيءَ جا ٻار جيڪي ڄمن ٿا، سي اڪثر
ضعيف ٿا ٿين، ۽ ننڍيءَ وهيءَ جي شاديءَ ڪري ماڻهو
پاڻ به جلد پيريءَ ۽ ضعيفيءَ کي پهچي ٿو. وري
جيستائين پنهنجو کٽيو ڪونهي، تيستائين شادي رڳي
فضولي آهي. چوندا آهن ته ’پاڻ نه پاري ڪتا ڌاري‘
خدانخواسته اوکو سوکو وقت اچي مٿان پوي، ته هونءَ
رڳو پنهنجي ڳڻتي وٺي، هوڻءَ ٻين جي به انهي ڳالهين
ڪري مون ته ’نه‘ پئي ڪئي، پر هاڻ جڏهن خدا
تعاليٰ اهي سڀ عذر لاٿا آهن، تڏهن آءٌ پاڻ راضي
آهيان، جيڪا اوهان جي مرضي!“
جان بيبي،. جنهن هي سڀ ڳالهيون ماٺ ڪري ويٺي ٻڌيون، تنهن چيو ته
”ابا، هاڻي اڳوڻيون ڳالهيون ته کڻي ڇڏ، ٽي – چار
مهينا مس ٿيا هوندا، جو مون توکي شهباز خان
ٺيڪيدار جي نياڻيءَ يا علي بخش شيخ جي ڌيءَ جي
نالي چيو هو، جو پڻهين جا واقف هئا ۽ انهيءَ ڳالهه
تي نيٺ بيهن به ها، پر تون رؤ ڪڏائي بيهي رهئين.
اهو ساڳيو تون آهين ڪو ٻيو، جو هاڻ ٿو چوين ته
جيڪا اوهان جي مرضي؟ منهنجي مرضي ڪهڙي آهي! هينئر
انگريزي آئي مائٽن جي مرضي ويئي، هينئر مرضي ٿي
ڇوڪرن جي. منهنجي هلي ها، ته اڄ آءٌ پوٽن پڙپوٽن
واري هجان ها.“
علي رضا چيو ته ”جيجل، مون کي معاف ڪجئين، انهن ٻانهن تي
منهنجو هي اعتراض هو: هڪڙو ته پاڻ انهن ماڻهن جا
رڳو نالي جا واقف آهيون، انهن ٻانهن جا ته اوترا
به واقف ناهيون؛ نه خبر ته هو شڪل جون ڪهڙيون، لکڻ
پڙهڻ جون ڪهڙيون؟ رڳو سندن مائٽ سکر آهن يا هوند
وارا آهن ايتري ڳالهه بس ناهي.
اوهان کي جيڪا خبر پوندي، سا به وچ وارن جي معرفت سو جيڪا شيءِ
هڪڙن کي پسند ايندي، سا ٻين کي نه ايندي. مون کي
ته ٻين سڀني ڳالهين سان گڏ، انهيءَ ڳالهه جو به
ضرور آهي ته لکڻ پڙهڻ ايندو هجيس ۽ نيڪ زال هجي ۽
آءٌ پنهنجي سر انهيءَ ٻانهن جو واقف هجان، ۽ جي
امڪان هجي ته اها منهنجي ڏٺل هجي ته چڱو.“
جان بيبي خفي مان چوڻ لڳي ته ابا، تڏهن وڃي سنئون ٿي سمهي رهه.
ٻي خبر چار سڀڪا پڇڻ سان پئجي سگهندي، ۽ اهڙي خبر
اسان کي اڳيئي آهي ته، پڙهڻ لکڻ جو ته اصلي هتي
اشرافن ۾ دستور ڪونهي، نڪا مون کي ڪا سجهي. نڪا
وري ڌين کي ڪا منشگيري ڪمائڻي يا سرڪار جي نوڪري
ڏيڻي آهي، جو مائٽ پڙهائينن. پڙهي پڙهي قرآن ۽
نماز پڙهنديون، سو ته اهي نينگريون به ڄاڻنديون
هيون. باقي رهي ڏٺي جي ڳالهه، سو ابا، ڪنهن کي
کُٽي کنيو آهي جو ڌيءُ به توکي ڏين ۽ اڳواٽ به
ڏيکاري ڏين!“
اتي مريم به کلي چيو ته ”ٻڙا ابا، خدا خدا ڪر، توکي چون ته اچي
ڏس، پسند پويئي ته وٺ نه ته بس!“
جان بيبيءَ چيو ته ”نڪو مريم، هن کي شادي نصيب ۾ ڪانهي. مون
اڳهين سمجهو ٿي ته اسان جي گهر جو در پوربو. سو
اهڙا صالح پٽ آهن، ته سگهو ئي ائين ٿيندو.“
علي رضا حجت ڪري چوڻ لڳو ته ”امان! سچ تان چڙو ته ڀلي چڙو. آءٌ
هن گهڙيءَ جو رنج اوهان جو کڻندس ته حرڪت ڪانهي،
مگر هينئر اوهان کي خوش ڪري زال پرڻجي، مرڻ گهڙيءَ
جو سودو ڪري، پوءِ پشيمانيءَ ۾ سڄي ڄمار وڃايان سو
مون کان ڪين ٿي سگهندو.“
اتي مريم وچ ۾ پئي چيو ته ”مائي، لکڻ پڙهڻ واري ٻانهن به هڪڙي
ته من کي سُجهي ٿي. ڇو، سرائي فتح خان جي ڌيءَ ڪين
لکي پڙهي ڄاڻي؟ جڏهن ڪڏهن پاڻ هلنديون آهيون، تڏهن
هن جو ڪم اهو لکڻ پڙهڻ سان هوندو آهي. ڪا گهڙي سبڻ
ڀرڻ جو يا ٻيو ڪم ڪري ته ڪري، نه ته اها ڪوٺي اها
پاڻ.“
جان بيبيءَ چيو ته ”مريم تون سچي آهين، هوءَ لکڻ پڙهڻ ۾ برابر
هوشيار آهي، پر ماڻهو ته انهيءَ تان به پيا کلندا
اٿس. هونءَ ٻانهن به ملوڪ آهي، جهڙو شڪل شباهت ۾،
تهڙو لڄ حيا ۾.“
مريم چيو ته ”مائي، مون بختاور کان ٻڌو هو ته اها ٻانهن به
اٿارڻ ۾ آهن؛ وڏا وڏا ماڻهو پٺيان هئن، ۽ هڪ ليکي
ته سيٺ گل محمد جي پٽ جو نالو به مٿس پيو آهي، ته
شڪ ناهي.“
جان بيبيءَ چيو ته ”مائي، جهان لاءِ ٻانهون گهڻيون ئي چڱيون
پيون آهن، هن جي لاءِ ڪا آسمان مان حور اچي، تڏهن
اسان جو رئيس پرڻجي. انهيءَ ڇوڪري زينت بانوءَ ۾
بيشڪ گهٽ ڪانهي، پر وٺ انهيءَ ڳالهه کي ته جڏهن هو
هن رئيس کي آڻي ڏيکارين ۽ هي پسند ڪري، تڏهن
چئجي.“
تڏهن علي رضا به منهن مٿي ڪري چيو ته ”امان! جي اها ٻانهن اوهان
کي پسند آهي، ته مون کي به پسند آهي. انهيءَ گهر
جا اسين چڱيءَ طرح واقف آهيون. اها ٻانهن هڪ ڀيري
مون ڏٺي به آهي، مون کي گهڻو پسند آهي.“
مريم پڇيو ته ”سو ابا ڪيئن ڏٺيئي؟“
علي رضا چيو ته ”دائي، اٽڪل ٻه مهينا ٿيندا جو آءٌ حامد عليءَ
وٽ ويو هوس، حامد ڪنهن ڪم سان نڪري ٻاهر ويو، آءٌ
در تي لانڍيءَ ۾ ويٺو هوس، انهيءَ وچ ۾ اندر دانهن
ٿي ۽ مائي بختاور ڊوڙي در تي آئي، مون کي چيائين
ته ”ابا! اندر ڪوٺيءَ ۾ نانگ نڪتو آهي، سو اچي
مار، آءٌ اندر ڊوڙيس. اگرچ بختاور پري کان پاسي
پاسي به ڪيو، پر هل ۾ سندس چوڻ هنن کي برابر ٻڌڻ ۾
نه آيو، ۽ آءُ بختاور جي پٺيان وڃي ڪوٺيءَ ۾
گهڙيس، جتي سرائيءَ جي نياڻي بيٺي هئي، ۽ سڄي ساري
منهنجي نظر پئجي ويئي، هوءَ به شرم کان منهن پاسي
ڪري صفي ڏي لنگهي ويئي جتي سندس ماءُ هئي، ۽ آءٌ
به دهلجي بيهي رهيس. پوءِ ته مائي بختاور صفي ۽
ڪوٺيءَ جي وچ وارو در ڏيئي ڇڏيو، ۽ ڪوٺيءَ جي ڪنڊ
۾ بلا ماري، لٺ تي لڙڪائي در تي نڪري آيس. اها
ڪوٺي به شايد سرائي جي نياڻيءَ جي هئي، جنهن جي
ڳالهه مريم ٿي ڪئي، ڇالاءِ جو لکڻ پڙهڻ جو سامان
گهڻو ئي اتي پيل هو ۽ جاءِ جو ٻيو سامان به ڏاڍي
پوشيدگائيءَ سان رکيل هو. انهيءَ وقت کان وٺي،
منهنجي دل ۾ يقين ٿيو ته سرائي جي ڌيءَ بيشڪ صورت
واري به آهي، لکڻ پڙهڻ واري به آهي، ۽ سگهڙپائيءَ
واري به آهي!“
مريم به شاهدي ڏني ته ”ابا، آهي به ائين.“
علي رضا شوق مان چيو ته ”تڏهن امان هاڻي دير نه ڪريو، هاڻي
اوهان جي وس آهي، متان پوءِ وري مون تي ڏوهه رکو،
پرڻايونس ٿا، پر پرڻجي نٿو.“
جان بيبيءَ جواب ڏنو ته ”ابا، سو ته چڱو، پر جي هنن سيٺ جهڙي
مڙس سان اڳئي هائو ڪئي هوندي، ته پوءِ ڪيئن ڳالهه
ٿيندي.“
علي رضا چيو ته ”پوءِ خير، پر مون کي بيشڪ ارمان ٿيندو، جو اهڙي
ٻانهن مون کي وري آسانيءَ سان نظر نه ايندي.“
جان بيبيءَ چيو ته ”چڱو ابا، ڏينهن – ٻن ۾ ڪنهن عذر سان آءٌ
سرائي جي گهر وينديس ۽ وجهه ڏسي ڳالهه چورينديس،
پوءِ جيئن لکيو هوندو، ائين ٿيندو.“
اتي ڳالهين ڪندي، هنن کي اچي ڏينهن ٿيو، مريم اٿي ٻهاري سهاريءَ
جي ڪئي، ۽ علي رضا ۽ جان بيبيءَ به اٿي نماز پڙهڻ
جو سعيو ڪيو. |