سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: زينت

 

صفحو :8

 

 

باب سورهون

سلطان وٽ

استنبول يا اسلامبول، جنهن کي قسطنطنيه به چوندا آهن، سو وڏن شهرن مان هڪڙو آهي. اهو روم يا ترڪستان جي سلطان جو تختگاهه آهي ۽ مسلمانن جي وڏي بادشاهت جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اهو هڪڙو قديم شهر آهي ۽ گهڻين ڳالهين ڪري دنيا ۾ مشهور آهي.

انهيءَ شهر ڏسڻ جي خواهش علي رضا کي گهڻن ڏينهن کان هئي. تنهن جو هڪڙو ته سبب هيءُ هو، جو اهو تمام سهڻو ٻڌل شهر مشهور آهي، ٻيو ته مسلمانن جي گادي ۽  اسلامي دين ۽ علم جي خاص جاءِ آهي، ٽيون  ته اهو علي رضا جي پيءُ ۽ ڏاڏي جو اصلوڪو وطن هو، ڇالاءِ جو علي رضا جو ڏاڏو پاڻ ترڪ هو ۽ سرحدي پرڳڻي جو رئيس هوندو هو، جو پوءِ زماني جي گردش ڪري اچي نيٺ سنڌ ۾ نڪتو هو ۽ اتي رهي وڃڻ ڪري پنهنجي اصلوڪن مائٽڻ سان واسطو ٽٽي ويو هوس، (جيئن مٿي ٽئين باب  ۾ ذڪر ڪيل َآهي) علي رضا ڀانئيو ته  جڏهن خدا وسعت ڏني آهي ۽ وجهه ڏنو آهي، تڏهن ابي – ڏاڏي جي ڄمڻ جي جاءِ ڏسان، اگرچه  پڪ هيس ته سندس پيءُ سسانگي سان سنڌ ۾ ويهي ويو ۽ پوئيوارن سان واسطو ڪونه رکيائين، تنهن ڪري سندس عزيزن کي هٿ ڪرڻ مشڪل ٿيندو، تڏهن به رڳو اصلوڪن وطن ڏسڻ جي هن کي سُڀائي سڪ هئي ۽ اتي جي رڳي هوا مانه هن کي لذت اچڻ جي اميد هئي.

استنبول ۾ انگريز سرڪار جي طرفان هڪڙو وڏو ڪانسل رهي ٿو، انهيءَ جي  نائبيءَ تي علي رضا  بغداد مان بدلي ٿي آيو هو. هو پنهنجي عهدي جي چارج وٺي دخلڪار ٿيو.

پوليٽيڪل ڪم هاڻ  هن کي نئون ڪين هو. ٻارهن مهينا بغداد ۾ به ڪيو هئائين. اگرچه هتي انهيءَ هنڌ کان گهڻو ڪم هو، تڏهن به علي رضا ڪو ڪم کان ڊڄڻ وارو نه هو. اهڙيءَ چالاڪيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪيائين جو ٿورن ئي ڏينهن ۾ ڪانسل صاحب منجهانئس خوش ٿيو. ٻيو وري هن جا آفرين ناما ۽ هن جي وڏ ماڻهپ ۽ هوشياريءَ جا ڪاغذ جي ڏٺائين، تن هيڪاري هن جي دل تي چڱو اثر پيدا ڪيو. سو هن کي زيردست ڪين ڄاڻندو هو ۽ تمام گهڻي عزت  ڏيندو هوس.

هن کي پهريائين ترڪي ٻولي نه ڄاڻڻ ڪري البت ٿوري مشڪلات ٿي، پر ڇهن مهينن جي اندر هن شوق رکي،اها ٻولي سکي. فارسي ۽ عربيءَ ۾ هوشيار هو ۽ ترڪي هن جي وڏن  جي زبان به هئي؛ تنهنڪري انهيءَ جي سکڻ ۾  هن کي گهڻ آساني ٿي. تيستائين هن کي ڪم ۾ ڪا حرڪت نه ٿي.  آفس جو ڪم گهڻو ڪري انگريزيءَ ۾ هلندڙ هو ۽ سلطان جي سرڪار سان جيڪو ڪم ڪار ٿيندو هو، تنهن جو اُڪلاءُ هو فارسي زبان ۾ ڪندو هو.

اهو ڪم اهڙي ڊول جو هو، جنهن ڪري سگهوئي هن کي سلطان جي اميرن ۽ ٻين عهديدارن سان آمد رفت ۽ گفتو  ڪرڻي پئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن  ته خود سلطان جي درٻار ۾ به اچڻو پيو . انهيءَ ڪري هي پنهنجي ڦڙتائي ۽ هوشياري ڏيکاري مشهور ٿي  ويو.

انهيءَ عهدي تي علي رضا ڪل ٻه ورهيه رهيو. پر انهن ٻن ورهين ۾ جهڙو انگريز سرڪار کان، تهڙو ترڪي سرڪار کان هن کي آفرين ناما ۽ انعام مليا. انهيءَ عرصي ۾ زينت بانو به پنهنجي سر محنت ڪرڻ ۾ ڪين گهٽايو. مڙس کي ترڪي پڙهندو ڏسي، کيس به شوق ٿيو. سا  به هاڻي ترڪي ٻولي ڳالهائڻ توڙي لکڻ – پڙهڻ سکي ۽ جن وڏن ماڻهن سان اتي رهڻ ڪري هي واقف ٿي ويا هئا،تن سان اٿڻ – ويهڻ لڳا.

هتي جي زالن کي ايتري علميت نه هئي، جيتري زينت بانوءَ کي هئي، پاڻ هن ۾ ٻين مسلماني ٻولين سان گڏ انگريزي  ٻولي ڄاڻڻ جو ڳڻ وڌيڪ هو، تنهن ڪري سڀ زالون زينت بانوءَ کي هڪڙي وڏي هوشيار ۽ علامه ڪري ليکينديون هيون. انهيءَ جو وجهه ڏسي زينت بانوءَ پاڻ کي مشهور ڪرڻ ۽ هنن کي فائدي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي.

پهرين ارادو هوس ته جيئن بمبئيءَ ۾ ڪيو هئائين، تيئن هتي به هڪڙو  زنانو مڪتب جاري ڪري، پر انهيءَ لاءِ هن کي ٻه اعتراض هئا: هڪڙو ته هتي ماڻهو (خاص زالون) انگريزي ٻوليءَ سان ٿوري گهڻي نفرت ڪندڙ هئا ۽ انهيءَ ڪري ڪنهن کي سکڻ جي خواهش نه هوندي  هئي. ٻيو ته هتي هي امير ماڻهو ليکيل هئا ۽ اميراڻي اُٿ – ويهه ڪندا هئا، تنهنڪري ڄاتائون ته اهڙي بندوبست ڪري اسين وڃي عام مُلن ۽ آخوندن سان مٽ پونداسين ۽ ائين به چوڻ  ۾ ايندو ته انهيءَ رستي پئسي اماڻڻ جي رٿ ڪئي اٿن.

تنهن ڪري هنن وچون ٻي رٿ ڪئي. زينت بانوءَ هڪڙي پردي واري مجلس مقرر ڪئي، جتي هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو جمعي جي ڏينهن شام جو سڀ بيبيون،  جي هن سان واقف هيون ۽ ٻيون به جن جي خواهش  ٿيندي هئي، سي اچي گڏ ٿينديون هيون. انهيءَ زنانيءَ مجلس ۾ زينت بانو اٿي ڪنهن خاص مضمون تي گفتگو ڪندي هئي. ڪلاڪ – ٻه اتي گذاري، پاڻ ۾ صحبت ڪري، وري هليون وينديون هيون، ۽ وري اٺين ڏينهن گڏ ٿينديون هيون.

اهي اميرن جون زالون ۽ ڌيئون هيون، تنهن ڪري هنن جو اچڻ وڃڻ پردي وارين گاڏين ۾ ٿيندو هو ۽ اها جاءِ به انهيءَ ڪم لاءِ هن سرڪاري طرح هٿ  ڪئي هئي، جنهن جي  چوڌاري هڪ عجيب باغ هو، جنهن ۾ شام جو  مجلس جي ڪم لهڻ کان اڳي يا پوءِ هنن کي گهمڻو ڦرڻو  ۽ کلڻو ڳالهائڻو ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ ۾  مناسب ۽ شائستيون رانديون ڪنديون هيون؛ ڪڏهن ڪڏهن ته اتي چاءِ يا هلڪي کاڌي جو بندوبست ٿيندو هو.

مطلب ته  اهو ڪلاڪ ٻه جيڪو اينديون هيون، سو هنن جو خوشيءَ ۾ گذرندو هو. سڀڪا بيبي پنهنجي گهر ۾ خوش گذاريندي هئي، جهڙو هتي ٻين سهيلين جي سنگت ۾؛ تنهنڪري هو سڀ سڄو ئي هفتو انهيءَ ڏينهن جي لاءِ منتظر رهنديون هيون. اها خبر هين ته انهيءَ بندوبست ڪرڻ واري زينت بانو آهي ۽ وري هن کي مسافر ۽ ڌارئين ملڪ جو ٿي ڄاتائون، تنهن ڪري هن کي پاڻ زياده عزت ڏينديون هيون.

انهيءَ انتظام مان رڳو اهو فائدو نه نڪتو ته پردي وارين اشراف زالن کي مناسب  طرح صحبت ڪرڻ، خوش گذارڻ ۽ دل وندرائڻ جو چڱو وجهه مليو، پر هنن جو ديني ۽ دنيوي سڌارو به ٿيڻ لڳو. ڇالاءِ جو زينت بانو انهيءَ ڪم لاءِ چونڊي مختصر طرح جدا جدا مضمونن جي يادداشت پاڻ وٽ  رکي پوءِ هڪڙي – هڪڙي مضمون تي واري واري سان گفتگو ڪندي هئي. هن کي انهيءَ ڪم لاءِ اڳيئي تيار ٿيڻو پوندو هو، تنهن ڪري پنهنجي منهن فارسي، هندستاني ۽ انگريزي ۽ ترڪي ڪتاب اٿلائي – پٿلائي ضروري ڳالهيون  ڪاغذ  تي اٽڪائي ايندي هئي  ۽ اهي مضمون خاص ڪن ديني ڳالهين ۽ زنانن اخلاقن ۽ نيڪي جي ڪمن بابت  هوندا هئا ۽ اڪثر حجت ۽ دليلن لاءِ هن کي قرآن جون آيتون ۽ حديثون شاهديءَ ۾ آڻڻيون پونديون هيون. ۽ انهن جي سمجهاڻي ڏيڻي پوندي هئي.

انهيءَ رستي مسلماني دين ۾  جيڪي ڀرم ۽ وسوسا ۽ ٻيون اعتراض جهڙيون ڳالهيون ماڻهن جي اڻ سمجهائي ۽ عالمن جي فضوليءَ کان پئجي ويون هيون، تگن سڀني جيبرخلاف هن کي ثابتيءَ ڏيڻ جو چڱو وجهه مليو. تنهنڪري چئبو ته انهيءَ مجلس مان  زالن  لاءِ دين جو سڌارو، علم  جو  سڌارو،  عقل جو سڌارو انهيءَ سان گڏ جسم جو سڌارو ۽ دل ۽ دماغ  جو سڌارو ٿيو؛ تنهنڪري اهي سڀ زينت بانوءَ جون شڪرگذار ٿيون.

زينت بانو  ٿورو ٿورو ڪري ٻين به  ٻن – چئن بيبين کي اهڙي قسم جي گفتگو ڪرڻ لاءِ پنهنجو شاگرد ڪيو، جو هو به ڪڏهن ڪڏهن گفتگو ڪنديون هيون. پوءِ  ته گهڻن ئي کي انهيِءَ جو اچي شوق ٿيو ۽ هيترن جي وچ ۾ اچي گفتگو ۽ چڱي مضمون ۽ چڱي حجت آڻ لاءِ اڳيئي علم جو تحصيل ڪرڻ ۽ ڪتاب مطالع ڪرڻ جو هوس جاڳيو هو؛ نتهنڪري اها ڳالهه شهر ۾ مشهور ٿي ويئي ته علي رضا جي بيبيءَ جي آئي استنبول جي زناني عالم ۾ هر طرح جو سڌارو ٿيو آهي ۽ جتي ڪٿي مڙسن خواه زالن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه نڪرندي هئي، ته فلاڻي بيبي به انهيءَ زناني مجلس جي شريڪ آهي ته سڀڪو چوندو هو ته ”تڏهن ڀلا ڇونه اها پڙهيل ۽ نيڪ ۽ لائق زال  هوندي“.

اها مشهوري سلطان جي ڪنن پيئي، جنهن هڪڙو  چڱو انعام علي رضا جي بيبيءَ لاءِ ڏياري موڪليو. انهيءَ کي هي فخر سمجهندا هئا، جو انهيءَ ڪري زينت بانو گويا اسنبول جي اميرن جي بيبين کان درجي ۾  واڌو ليکجي ويئي.

ڪي اهڙي مشهوريءَ ڪري ۽ ڪي سلطان ۽ سندس اميرن جي لالچائڻ تي، علي رضا جي خواهش ٿي ته نائب ڪانسل جي نوڪري ڇڏي  ڏيان ۽ سلطان وٽ اميريءَ جي جاءِ قبول ڪريان پر اوچتو استعيفا ڏيڻ هن کي به مناسب نظر نه آئي، تنهنڪري اهڙو بندوبست ڪيائين، جو سلطان جي طرفان انگريزي ڪانسل کي منٿ ڪرڻ ۾ آئي ته جڏهن علي رضا مسلمان ۽ آبروءَ وارو ۽ پڙهيل ماڻهو آهي  ۽ انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ عمر آندي اٿس، تڏهن هن کي موڪل ڏجي ته سلطان وٽ اميريءَ جو عهدو قبول ڪري، جو انهيءَ ڪري انهيءَ حڪومت کي به فائدو ٿيندو ۽ انگريزي سرڪار سان به دوستي پڪي ۽ قائم ٿيندي.

علي رضا ته اڳيئي انگريز سرڪار وٽ برک هو، تنهنڪري هن کي انهيءَ ڪم جو هر طرح لائق ڄاتائون؛  سو لکپڙهه سان انگريز سرڪار جي معرفت علي رضا اچي سلطان وٽ ٿيو. انهيءَ تجويز مان علي رضا کي هڪڙي ٻئي فائدي  جي به اميد هئي، ڇالاءِ جو ڄاتائين ٿي ته اڪثر خود مختار بادشاهه جڏهن ڪاوڙبو آهي، تڏهن گهڙيءَ ۾ امير کي لاهي آڻي فقير ڪندو آهي ۽ جڏهن راضي ٿيندو آهي، تنهن گهڙيءَ ۾ فقير کي چاڙهي نيئي امير ڪندو آهي؛ سو متان ٻين اميرن جي حسد ڪري يا ٻيِءَ طرح مون سان به اوچتو اها جُٺ ٿئي، تنهنڪري جي منهنجي مقرري انگريز  سرڪار جي معرفت ۽ ان جي هٿان ٿيندي ته وري به وڏو بچاءُ ٿيندو ۽ اهڙو آسانيِءَ سان مون کي ستائي نه  سگهندا.

انهيءَ طرح پنهنجو پڪو بندوبست ڪري،  علي رضا  سلطان وٽ حاضر ٿيو ۽ سندس مقربن مان هڪڙو ٿيو. اڪثر اندرين يا ٻاهرين ملڪي ڪمن ۾ هن جي صلاح مصلحت پڇڻ ۾ ايندي هئي، خاص ڳالهه جيڪا انگريز  سرڪار سان واسطو رکندڙ هئي،تنهن ۾  به هن جي صلاح ضرور پڇڻ ۾ ايندي هئي.

اگرچه  هيءُ ڌاريو هو ۽ انگريز سرڪار جي ملڪ جو هو، ته  به سلطان کي هن جي نمڪ حلاليءَ ۾ ايتري اميد هئي ته هي  مسلمان آهي، ديندار آهي، نيڪ آهي، پڙهيل آهي، آزمودگار آهي ۽ ٻنهي حڪومتن جو چڱيِءَ طرح واقفڪار آهي؛ تنهن سان جو آءٌ هيتري مهرباني ڪريان ٿو ۽ هيتري عزت ڏيانس ٿو، سو نمڪ حراميءَ ڪري ڪا خراب صلاح نه ڏيندو، پاڻ فائدي جهڙي مصلحت  ڏسيندو. حقيقت ڪري هو ڪندو به ائين هو. ڪيترن ئي ڪمن ۾ اهڙيءَ طرح جي  پورائي ڪئي هئائين. مطلب ڳالهه جو ته علي رضا ۽ سندس بيبيءَ جو درجو سلطان وٽ وڌندو ويو ۽ هنن جي عزت زياده ٿيندي ويئي.

هڪڙي ڀيري ڪو چڱو اتفاق ٿيو، جنهنڪري علي رضا وڃي اوج کي پهتو.  هڪڙي ڏينهن صبح جو سوير سلطان پنهنجي وڏي حرمخاني ۾ نماز پڙهي اچي ويٺو هو ته هڪڙي ٻانهيءَ هڪڙو بند ٿيل  ڪاغذ آڻي  ڏنس. چيائين ته ”محلات جي پاسي ۾ ٻاهر پيو هو.“مٿانس اکر لکيل ڪونه هو، جي ڪو هو، ته به رات جي وقت گهم ‎ ۾ جو ٻاهر پيو هو يا لتڙ ۾ آيو هو، سو اکر ڊهي ويا هئا. ٻانهيءَ لنگهندي  پٽ تان کنيو هو، ڀانيائين ته متان ڪنهن سرڪاري ڪم بابت هجي، يا سلطان جي کيسي مان ڪريو هجي، سو کڻي آڻي ڏنائينس.

سلطان کولي ڏٺو ته منجهس هن طرح لکيل هو؛ يارو! سڀني کي خوشخبري هجي. پنج – اٺ ڄڻا ٻيا به اسان سان شامل  ٿيا آهن. باروت جو به اوهان اڳيئي ٿورو گهڻو انداز پهچايو هوندو. ٻيو اسان موڪليو آهي، سو قابو رکجو. اوهان جي  اطلاع اچڻ تي ٻيو به پيا موڪلينداسين، جيسين ڪه انهيءَ م حلات کي سندس ڀاتين سوڌو اڏائي وڃي آسمان تائين پهچائينداسين. ايندڙ جمعي ڏينهن ضرور اسان سان ملجو، جو اڳتي لاءِ ڪا ٻي وڌيڪ صلاح ڪرڻي آهي. خدا حافظ.

اهو خط گونگو لکيل هو. نڪا مٿان عبارت هيس، نڪا هيٺان  ڪا صحيح هيس؛  جنهن مان خبر پوي ته ڪنهن، ڪنهن ڏي لکيو. سلطان ته  خط پڙهي کڻي کيسي ۾  وڌو؛ پوءِ ويٺو ڳڻتي ڪرڻ  ته هن جو مطلب ڇا هوندو، ۽ اهڙو ڪاغذ خود منهنجي گهر جي اندر ڪيئن آيو هوندو! ڄاتائين ته  يا ڪنهن جو بيخبريءَ کان ڪري پيو آهي، يا ته ڪنهن ڄاڻي واڻي منهنجي نظر تي آڻڻ لاءِ اتي ڦٽو ڪرايو آهي. باروت ۽ محلات جي اشارن مان هن کي دل جو خطرو به جاڳيو ته متان ڪن دشمنن ڪو منصوبو ڪيو هجي!

هي ڳچ تائين فڪر ۾ رهيو، پاڻ ظاهر ڪرڻ به مناسب نه ڄاتائين. ۽ جلد  سماءُ وٺڻ يا بندوبست ڪرڻ به ضرور سمجهيائين؛ تنهن ڪري پهريائين ته پاڻ حرمسراءِ جي اندر سڀني حرمخانن ۾ گهمڻ ويو ۽ هيڏي هوڏي جون  جايون گهمي ڏٺائين، ته متان ڪا  اهڙي خرابي جهڙي شئي  لڪي پيئي هجي.

اندر جي ماڻهن کي پاڻ حيرت ورتو، ته اڄ سلطان ڪيئن ڪنڊ ڪنڊ ڪري ٿو حويلي گهمي! پر سلطان ظاهر ڪيو ته محلاتن جي عمارتن ۾ ڦير گهير ۽ پڃ گهڙ ڪرائڻي اٿم، تنهن ڪري گهمي ٿو ڏسان. سو اهو ڏينهن ته سڄوئي هن کي انهيءَ ڪم ۾ گذريو،  پر ڪوبه پتو نه پيس. شام جو مناسب ڄاتائين ته علي رضا بيگ سان انهيءَ باتب صلاح ڪريان، جو هن جي چالاڪيءَ ۽ ايمانداريءَ تي گهڻو ڀروسو هوس.

علي رضا به خط ڏسي گهڻو ڊنو. پڪ ٿيس ته ڪا خرابي درپيش آهي، پر لفظن مان معلوم ڪيائين ته اها  خرابي جي هوندي، ته گهڻن ڏينهن کان پوءِ ٿيڻي آهي، هڪڙي – ٻن ڏينهن ۾ ڪين ايندي. تنهن ڪري مخفي طرح جاچ ڪرڻ جو وقت پيو آهي،  هن پاڻ سلطان کي صلاح ڏني ته اها ڳالهه ظاهر نه ڪجي،  متان ڪنهن درٻار جي امير جو انهيءَ ۾ هٿ  به هجي.

علي رضا دل ۾ ڄاتو ته اهڙو ڪاغذ، جو حرمخاني جي اندر لڌو آهي، سو ضرور ڪنهن زال ماڻهوءَ جو به انهيءَ ۾ هٿ آهي. انهيءَ جاسوسپ  لاءِ پاڻ ته مڙس ماڻهو ٿي جاچ ڪري سگهي، تنهن ڪري سلطان کي عرضءِ ڪيائين ته ”سائين! اجازت ملي ته منهنجي بيبي ڪي ڏينهن حرمسراءِ ۾ اچي رهي ۽ مخفي جاچ ڪري، ۽ آءٌ ٻاهر جاچ ڪندس؛ اميد آهي ته ڪو پتو ڪڍي ڏينداسين؛  ته پوءِ وري ڪا ٻي صلاح ڪنداسين.“

ٻئي ڏينهن سوير زينت بانو اچي اندر ٿي، ۽ سندس لاءِ سلطان تاڪيد ڪري ڇڏيو، ته اسان انهيءَ بيبيءَ کي اندر رهڻ ۽ حرمن سان محبت ڪرڻ لاءِ گهرايو آهي، تنهن  جي چڱيءَ طرح سنڀال رهي ۽ هن کي پوري عزت ۽ آبرو ملي.“

 زينت بانوءَ کي مڙس سمجهائي ڇڏيو هو ته اندر وڇي سڀني  زالن سان ، جهڙو سلطان جي بيبين سان تهڙو ٻين خدمتگارن حد کان وڌيڪ ميلاپ ۽ گهرائي رکج جنهن ڪري انهن سان ڳالهين  ڪندي ڪا ٻاڦ ٻاهر نڪري پوي ته چڱو.

زينت بانوءَ ڏاڍي  استادي ڪئي: سلطان جي سڀني حرمن وٽ ويئي، انهن سان ڏاڍو ميلاپ رکيائين. هن جي تعريف اندر به پهتي هئي، ۽ خبر هين ته عزت واري امير جي زال آهي ۽ ڏاڍي هوشيار آهي، تنهن ڪري هنن پاڻ هن سان صحبت ڪرڻ جي گهڻي خواهش ڪئي.

اٺن – نون ڏينهن  جي گهرائي ۽ جاچ مان هن نيٺ پڪو پتو هٿ ڪيو. سلطان کي ٻن حرمن مان پٽ هئا، وڏو  پٽ ڏاڏيءَ پوٽيءَ مان ۽ ننڍو پٽ ڪرد قوم جي هڪڙيءَ زال مان. ڪرد ماڻهو ايران جي سرحد تي هڪڙي جابلو پرڳڻي، ڪردستان جا رهاڪو آهن. هو گهڻو ڪري جهنگلي ماڻهو آهن ۽ ڦرمار تي به گذران ڪندا آهن. انهن ترڪستان جي سرحد تي لُٽ جي لاءِ ڪاهه ڪئي هئي. اڳيان ترڪي لشڪر سامهون ٿين، تن هنن کي ڀڄائي  ڪڍيو، ڪن کي ماري وڌائون ۽ ڪن کي قيد ڪيائون.

قيدين ۾ ٻه – ٽي زالون به هيون، جي مڙسن سان گڏ ڏاڍيءَ بهادريءَ  سان وڙهيون هيون.انهن کي سلطان وٽ آندائون. انهن مان هڪڙي تمام جوان ۽ حسين ۽ همت  ڀري هئي ۽ پرڻيل  به نه هئي. انهيءَ جو نالو فتنه خانم هو. اُها سلطان کي پسند آئي.  زال جي مرضيءَ پٺيان سلطان انهيءَ سان نڪاح ڪيو ۽ هن کي حرمسراءِ ۾ آندائين.

هن سان ايتري دل ٿي ويس، جو ڪي ڏينهن ته ٻيا حرم ئي وسري ويس؛ انهيءَ مان هڪڙو پٽ به ڄائس.هن کي هتي رهئي ست – اٺ ورهيه گذري ويا هئا ۽ هن جي معرفت سندس خدمت لاءِ سندس قوم جون ٻه – ٽي زالون به اچي رهيون، ۽ ٻه – ٽي نوڪر به سلطان وٽ پگهاردار ٿيا.

زينت بانوءَ کي اندر پنهنجي جاچ مان  معولوم ٿيو ته هن زال  جي سلطان جي وڏي گهر يعني ڏاڏي پوٽيءَ  زال ساڻ گهڻي اڻبڻت هئي، جو هڪ ٻئي جو گهڻو شڪوو ڪندو ٻڌو هئائين.

هيءَ به ڳالهه معلوم ٿيس ته هڪڙي ڪرد زال بيبي فتنه خانم کان ظاهر ڪري رُسي، اچي سلطان جي وڏي گهرواريءَ محلات ۾ رهي هئي، اُها پهرين ڏينهن ۾ اصل فتنه خانم ڏي ڪين ويندي هئي. پر پوءِ اڪثر پئي ويندي هئي، مگر رهندي انهيِءَ محلات جي هڪڙي پاسي واري ڪوٺيءَ ۾ هئي. ۽ سلطان جي وڏي بيبي به هن کي پنهنجي پهاڄ جو ماڻهو ڄاڻي، هن سان مهرباني ڪندي هئي. انهن مٿين ٻنهي ڳالهين تي زينت بانوءَ گهڻو ويچار هلايو، ۽ پنهنجيءَ پر ۾ باريڪ جاچ ڪرڻ لڳي جنهن جاءِ ۾ اها ڪرد ٻانهي رُسي اچي رهي هگئي. اتي ٿورن ڏينهن تائين رهڻ جي لاءِ زينت بانوءَ ارادو ڪيو.  ظاهري عذر ڪيائين ته ”اها گوشائتي جاءِ آهي ۽  هوادار آهي، اتي آءٌ به پيئي رهنديس.“ اگرچه پهرئين ڏينهن انهيءَ ٻانهي کي زينت بانوءَ جو اتي رهڻ ڳرو لڳو، پر زينت بانو ته ڏاڍي خوشطبع ۽ ميلاپڻ هئي، تنهن هن کي پنهنجي سنگت ۾ خوش ڪري ڇڏيو.

 

 

 

باب سترهون

منصوبو

زينت بانو جنهن  ڏينهن انهيءَ جاءِ ۾ آئي، انهي  ڏينهن ڪچيءَ سومهڻيءَ جو پاڻ وڃي پنهنجي هنڌ تي ليٽي. ننڊ جي خمار ۾ هئي، ته ڏسي ته هڪڙي زال ٻاهران آئي ۽ هن ڪردن ٻانهيءَ سان آهستون ڳالهيون ڪري، پاسي واري ڪوٺي، جنهن کي ڏينهن جو ڪلف آيل هو،  سا کولي اندر  ويئي،  وري ٿوريءَ ويرم کان پوءِ نڪري آئي ۽ وري به هن سان سس ڦس ڪري هلي ويئي.

زينت  بانوءَ ڀانيو ته ڪا حرمسراءِ جي ٻانهي آهي، جا اتي  ايندڙ آهي، پر ساري هلت ڏسي، هن کي البت شڪ پيو، صبح جو اٿي جاچ ڪيائين: معلوم ٿيس ته انهيءَ پاسي واري ڪوٺيءَ مان هيٺ محلات جي تهخاني ڏي وڃن  جو رستگو آهي. انهن ملڪن ڏي گهرن جي هيٺان تهخانن جوڙڻ جو دستور آهي، جتي سياري جي موسم ۾ رهڻو ٿيندو آهي.  اها ڪردڻ ٻانهيءَ واري ڪوٺي به سياري ۾ کلندي هئي ۽ ڪم ايندي هئي، نه ته بند ٿي پيئي هوندي هئي.

انهيءَ هنڌ جي هيٺان تهخاني هئڻ جي ڳالهه ٻڌڻ شرط زينت بانوءَ کي زياده شڪ پيو. انهيءَ سان راتوڪي زال جي اچڻ جو ڪوبه ذڪر نه چوريائين. مگرهن کي  گهنتري ٻڌي چيائين ته ”مائي، مون  ڪڏهن سلطان جو تهخانو ڪونه ڏٺو آهي، ڀلائي ڪري مون کي ڏيکاريندينءَ؟“ هن غذر وراڻيو ته ”بيبي! هنن ڏينهن ۾ اندر گرمي ۽ اونداهي هوندي،  متان ڪا بلا ڀٽون نه هجي.“ ۽ ٻيون ڪي اهڙيون نٽائڻ جون ڳالهيون ڪيائين؛ پر زينت بانوءَ پنهنجو گهڻو شوق ڏيکاريو ۽ چيائين  ته ”ڀلا، آءٌ سلطان جي وڏي بيبيءَ کي عرض ٿي ڪريان ته مون کي تهخانو گهمائي ڏيکارڻ لاءِ حڪم ڪري؟“

اتي هن ٻانهيءَ ڏٺو ته هيءَ معتبر زال آهي، ائين سوچي، هلي ڪوٺيءَ جو در پٽيائين. ڪوٺيءَ مان وري هيٺ  ڏاڪڻ هلي، سا اچي هيٺ تهخاني ۾ بيٺي. اندر انڌارو برابر هو، ليڪن معلوم ٿي سگهيو ٿي ته وڏي ڪشادي جاءِ آهي، جا خود محلات جي هيٺان گهڙي وئي آهي. هڪڙي پاسي کان اٽڪل ويهارو کن  ڪاٺ جا پيپ بند  پيل هئا ۽ اڀرندي پاسي کان وري تازو کوٽيل سوڙهو رستو موريءَ وانگي ٻاهر نڪتل  ڏٺو ٿي، جتان ٿوري روشنائي به پئي آئي.

زينت بانوءَ کي شڪ پيو ته گمنام خط ۾  باروت جو ذڪر هو، سو متان اهي پيپ يا باروت جا آهن. ويجهو چڪاس ڪرڻ مان معلوم ٿيس ته باروت ٿورو گهڻو هاريل به پيو هو، جو انڌاريءَ ۾ چٽو نٿي ڏٺو. هن کي پنهنجي جان جو  به اچي خوف ٿيو، سو سگهوئي وري پٺتي موٽي.

ٻاهر اچي انهيءَ زال کي چيائين ته ”مائي، مون  ڀانڀيو ته بادشاهن جي تهخانن ۾ ڏاڍو ڪو اسباب پيو  هوندو، پر هتي ته گهڻو ڪچرو پيو هو!“ ۽ پڇيائينس ته ”اهي پيپ ڇا جا هئا؟“ هن چيو ته ”خبر ناهي ڇاجا آهن، مون به تو وانگر ڏٺا، شايد ڪو بادشاهي سامان هوندو، جو وجهي ڇڏيو اٿن، وري جڏهن ڪم پوندن، تڏهن ڪڍندا!“

خير، زينت بانوءَ ته ڳاله نٽائي ڇڏي، نڪي پڇيائين ته اندرين کوٽيل موري ڇاجي هئي  ڪيئن ٿي، انهيءَ لاءِ ته متان ڪو شڪ پويس.  هڪڙو – ٻه ڏينهن ٻيو به رهي نڪري آئي.

پڪ ٿيس ته جنهن ڳالهه جي  پٺيان هيس، تنهن جو پتو پيم ۽ اها شيءِ به لڌيم، مگر هيٺين ڳالهه جي اڃا صفائي ڪانه ٿي ته اها زال رات جو ڪير آئي هئي،  جا انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ ويئي ۽ اهي باروت جا پيپ   اندر محلات جي پيٽ ۾ ڪيئن آيا ۽ ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن جو اندر يا ٻاهر واسطو آهي، اهو خط جو لڌو، سو ڪنهن جو هو ۽ ڪيئن اتي آيو.

هن  جيڪو پتو هٿ ڪيو هو، سو اچي مڙس کي ٻڌايائين علي رضا ڏاڍو خوش ٿيو. سلطان سان خلوت ڪيائين، هن کي  سڄو حال ڏنائين ۽ چيائين ته ”منهنجي بيبيءَ ايترو حال معلوم  ڪيو آهي، باقي ٻاهر  جو ڪم، سو مون تي آهي، پاڻيهي آءٌ ڪندس.“

سلطان کي عرض ڪيائين ته ”قبلا! خدا جي مهربانيءَ سان هيتري ڳالهه معلوم ٿي ته انهيءَ تهخاني ۾ باروت گڏ پئي ٿيو آهي، انهيءَ لاءِ ته ٺهرايل وقت تي انهيءَ کي باهه ڏيئي، محلات کي اڏائي ڇڏين ۽ سائين جن جي دشمنن کي آل عيال سوڌو ناس ڪن؛ ڪهڙن ماڻهن جو اهو ڪم آهي، سو جاچ ڪري پوءِ عرض ڪرڻ ۾ ايندو، في الحال اڳ ڳڻتي ڪري انهيءَ جي نظر رکائجي  يا انهيِءَ کي بند ڪرائجي ۽ ايتري به خبرداري رکجي ته اها ڳالهه ڳجهي رهي، ظاهر نه ٿئي ته ڀلي ڏوهاري به هٿ اچي وڃن.“

سلطان اها خبر ٻڌي، گهڻو خوش ٿيو ۽ علي  رضا ۽ خصوصاََ سندس بيبيءَ جو شڪرگذار ٿيو ۽ هن کي آفرين ڪيائين ۽ دلاسو ڏنائين ته ”سگهوئي آءٌ اوهان کي انهيءَ نمڪ حلاليءَ جو انعام ڏيندس.“

علي رضا جي  صلاح سان سلطان يڪدم هڪڙي نه ٻئي عذر سان انهيءَ ڪردن ٻانهيءَ کي ڪڍائي، سندس ڌياڻيءَ فتنه خانم ڏي موڪليو ۽ انهيءَ تهخاني جي دروازي کان ڪوٺيءَ ۾ ٻيا پنهنجا ماڻهو ويهاريائين، جن تي اعتبار  هوس.  تهخاني مان جو ٻاهرموريءَ واري رستي جو ڏس مليو هوس، تنهن جي پنهنجيءَ پر ۾  جاچ ڪرائي معلوم ڪيائين ته  ڪوٽ جي اوڀارين ڀت جي ٻاهران ٿورو ويجهو هڪڙو سڃو گهر هو، جنهن مان زمين کوٽي محلات ڏي موريءَ جهڙو رستو ٺاهيو  هئائون.

اهو گهر ڏينهن جو بنديل رهندو هو،تنهن ڪري آسانيءَ سان اهڙي جاچ ڪئي ويئي. سلطان انهيءَ  هنڌ زياده پهرو رات – ڏينهن جو رکارايو؛  پراها سڄي رٿ اهڙي تجويز سان ڪئي ويئي، جو اندر يا ٻاهر ڪنهن کي به گمان ڪونه پيو، ته تهخاني ۾ ڪو باروت لڌو آهي ۽ جيڪي دشمن انهيءَ ڪم ۾ شامل هئا، تن کي به پوريءَ سنڀال رهڻ ڪري اوستائين وڃڻ جو وجهه ڪونه مليو.

اهو بندوبست پورو رکائي، علي رضا سلطان کي هڪڙي ٻي رٿي ڏني: عرض ڪرڻ لڳو ته ”سائين! اوهين سڀاڻي ڪنهنه عذر سان  ظاهر ظهور مون تي رنج ٿي مون کي درٻار مان لوڌائي ڪڍيو ۽ نوڪريءَ کان برطرف ڪري ڇڏيو،  جو انهيءَ ڪري پنهنجي مطلب  حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي اوهان جا دشمن هٿ  ڪرڻ ۽ انهن سان دوستي رکڻ سولي ڳالهه ٿيندي. پوءِ اگرچه انهيءَ ۾ جان جو به جوکو آهي، پر جي بادشاه سلامت هجي ته رعيت مٿانس قربان آهي.“

اگرچه سلطان کي ائين ڪرڻ اهنجو ٿي لڳو، تڏهن به هن پنهنجو امير جو مطلب چڱيءَ طرح پروڙيو ۽ هن جي چئي تي هلڻ لاءِ ڪم ٻڌائين.

ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن درٻار گڏ ٿي، تڏهن سلطان سڀني جي اڳيان علي رضا کي سڏي ناشائستو ڳالهايو ۽ ڪاوڙ ڪيائينس ۽ چيائينس ته ”ٻاهرين حڪومتن جون هيتريون ضروري لکپڙهون تنهنجي  حوالي ڪيون ويون هيون ۽ توکي تاڪيد ڪيو ويو هو ته انهن جو جلد نيڪال ڪر، پر تو ڄاڻي واڻي انهيءَ ۾ دير وڌي ۽ انهيءَ ڪري اسان جي دشمنن کي پنهنجي مطلب پوري ڪرڻ جو وجهه مليو، جو هو اسان جي سرحدي ڀاڱن ۾ پيا دل ڪن ۽ اسان کي معلوم ٿيو آهي ته تنهنجي انهن سان ڪا رساڪاري آهي ۽ اسان ڏي تون سچو نه رهيو آهين، انهيءَ ڪري تون وڏيءَ سزا جو لائق آهين، پر جڏهن هيترا ڏينهن نوڪري  ڪئي اٿئي  ۽ انگريز سرڪار جي معرفت اسان وٽ آيو آهين، تڏهن اسين توسان  ٻيو نٿا ڪريون، حڪم ٿا  ڏيون ته يڪدم اسان جي درٻار مان نڪري وڃ، اڳتي اسان جو نوڪر ناهين.“

علي رضا ڪڇيو ڪين، ماٺ ڪري سر نوائي هليو ويو. حاضر  اميرن مان گهڻن علي رضا جي تعريف ۽ سفارش ڪئي، پر سلطان قبول نه ڪئي. سڀني کي هن اوچتي خراب اتفاق ڪري  ڏاڍو ارمان ٿيو. ههڙي مشهور امير جي بيعزتيءَ جي خبر جهٽ چوڌاري پکڙجي وئي.

انهيءَ جو وجهه ڏسي علي رضا زينت بانوءَ کي پُٽ جي پارت ڪري پاڻ سفر تي سنڀريو. هن کي هيتري پڪ ٿي هئي ته انهيءَ منصوبي ۾ ڪرد ماڻهو شامل آهن؛   ڇالاءِ جو زينت بانوءَ کان هن کي معلوم ٿيو هو ته فتنه خانم ڪردڻ جي سلطان جي وڏي بيبيءَ سان دشمني آهي ۽ ٻيو ته تهخاني واري ڪوٺيءَ ۾ هوءَ ڪردن رهندي هئي، جنهن جو  پڻ انهيءَ ڪم ۾ بيشڪ هٿ هو، ٽيون ته ڪوٽ جي  ٻاهران سُڃي جاءِ هئي، جنهن مان اندر محلات ڏي سرنگهه جو رستو نڪتل هو. انهيءَ مان به معلوم ٿيو ته اڪثر سلطان جا ڪردين وڪر رهندا هئا ۽ اهي ڪرد وقت بوقت سلطان کان موڪلائي پنهنجي وطن  ايندا ويند اهئا؛ تنهن ڪري علي رضا  به آسانيءَ سان انهن ڪردن نوڪرن جي واهر سان استنبول ڇڏي ڪردستان ڏي آيو.

هنن کي پڪ هئي ته هن کي سلطان بيعزتي ڪري ڪڍيو آهي، سو ضرور سلطان جي برخلاف هوندو ۽ هيءُ به ظاهر ظهور ڪوڙ ڪري سلطان کي اجايو سجايو ڳالهائڻ لڳو. انهيءَ رستي هي هنن سان ملي ويو.

هي ابروءَ وارو ماڻهو هو، تنهن جي هنن گهڻي خاطري ڪئي. هو پاڻ خوش ٿيا  ته هي اسان جو گهڻو مددگار ۽ صلاحڪار ٿيندو. تن هوريان هوريان پنهنجي سڄي منصوبي  مان هن کي واقف ڪيو. چيائونس ته :”اسين سڀ فتنه خانم جي طرف جا آهيون، اسان مان گهڻا ته هن جا عزيز  آهن. راڻيءَ سان سلطان جي گهڻي دل آهي ۽ منجهانئس هڪڙو پٽ به اٿس. مگر سلطان کي پهرئين حرم مان وڏو پٽ آهي،تنهن ڪري سلطان کان پوءِ تخت انهيءَ کي ملندو، انهيءَ سان اسان جي راڻيءَ جيگ هڻي اڻبڻت آهي. تنهنڪري هن جي اشاري سان اسان رٿ ڪئي آهي ته بادشاه کي سندس وڏي راڻيءَ ۽ وڏي پٽ سوڌو کپائي ڇڏيون ته پوءِ ضرور تخت اسان جي راڻيءَجي پٽ کي ملندو ۽ بادشاه جي مرڻ جي ڪري جلد اهو ملندو. اهو شهزادو اڃا ته صغير آهي، تنهنڪري جيسين وڏو ٿيندو، تيسين حڪومت جي واڳ راڻيءَ جي هٿ ۾ رهندي،. پوءِ اسين سڀ چڱي حال ۾ گذارينداسين ۽ اسان کي يقين آهي ته  جهڙي امير کي راڻي فتنه خانم پنهنجو اڳوڻو درجو ڏيندي،  خاص جڏهن ٻڌندي ته تو اسان سان ڏاڍي مددگاري ڪئي آهي.“

علي رضا چيو ته آءٌ راڻي تان قربان آهيان. اهڙي بيقدر سلطان جي نه هئڻ ۾ آءٌ گهڻو خوش آهيان. اوهان جي صلاح مون کي گهڻو  پسند آهي. مون کان جيڪي پڄي سگهندو، سو آءٌ ڪندس ۽ جيڪو ڪم اوهين مون تي رکندؤ، انهيءَ جي پورائيءَ لاءِ ڪوشش ڪندس، پوءِ جيڪا خدا گهري هوندي، سا ٿيندي. مگر اوهين مون کي ٻڌايو ته سهي ته ڪهڙيءَ طرح بادشاهه ۽ سندس راڻي ۽ پٽ کي  کپائڻ جي رٿ ڪئي اٿو؟“

هنن چيو ته ”سلطان جي وڏي حرم واري محلات، ڪوٽ جي ٻاهرينءَ ڀت کي ويجهي آهي، انهيءَ ڀت جي ويجهو ٻاهران ڪردن جي اوطاق آهي، انهيءَ مان زمين جي هيٺان کوٽي کوٽي اسان انهيءَ محلات جي تهخاني تائين سرنگهن سان رستو جاري ڪيو آهي، جڏهن سج لهي انڌيرو ٿيندو آهي، اسين هتان هُتان  داروءَ جا پيپ  سودي، انهيءَ اوطاق ۾ گڏ ڪندا آهيون. اها موري اهڙي لاهين آهي، جو سندس منهن تي پيپ کڻي رکي ڌڪيون ته هيٺ وڃيو ٺڪاءٌ ڪري ۽ تهخاني کي  وڃيو ويجهو  پوي.  وري ٻن – ٽن ڇوڪراٽن کي زنانا ڪپڙا  ڍڪائي، سانجهيءَ جي ويل سلطان  جي ڪردي ٻانهين سان گڏي اندر موڪليندا آهيون، جي اندر تهخاني ۾ گهڙي،  اُهي پيپ گهلي، تهخاني ۾ سلطان جي محلات جي هيٺان رکي ايندا آهن. اسان انهيءَ ڪم  ۾ ٻه مهينا پورهيو ڪيو آهي ۽ اڃا مهيني کن جو ڪم آهي. اهڙيءَ طرح محلات کي هڪڙي ڌڪ سان اڏائي ڇڏڻ لاءِ به ملڪ جو باروت گهرجي. جڏهن تهخاني جو گهڻو ڀاڱو ڀرينداسين، تڏهن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي، رات جو انهيءَ  کي باهه ڏينداسين ته پوءِ رقم ئي پوري! صبح جو هلي  نئين ڪارخاني تي بيهنداسين.“

علي رضا اها ڳالهه  ٻڌي ڍونگ ڪري حيرت ۾ پئجي چيو ته ”يارو! آفرين آهي اوهان شينهن مڙسن کي، جن ههڙو ديون جهڙو پورهيو  ڪيو آهي. خدا ڪندو ته اوهان کي انهيءَ پورهئي جو جلد اُجورو ملندو. هاڻي مون تي به جيڪو ڪم رکو، سو ڪريان؟“

هنن چيو ته ”تون اسان جو وڏو مربي آهين، سايتن توکي  کڻڻ اپائڻ جهڙي خسيس ڪم ۾ ڪين لڳائينداسين. جڏهن سڀ ڪم ڪار تيار ٿيندو، تڏهن توکي اڳڀرو هتان هلائينداسين ته رات جو باهه ڏيارڻ جو بندوبست پورو رکائين.“ هن گهڻي خوشيءَ سان قبو ل ڪيو.

ائين ڪندي هڪڙو ڪرد سوار استنبول مان آيو، جنهن کي هنن ٻه ڏينهن اڳي اوڏي موڪليو هو، تنهن کان پڇيائون ته ”ڪاڪا، ٻيو ته خير آهي؟“ هن چيو ته ”ٻيو سڀ خير آهي. ظاهري ڪري ته اسان جي رٿ جي ڪنهن پکيءَ کي به خبر ڪانهي، باقي محلات جي چوڌاري سو اڳي کان پهرو زياده آهي ۽ اندران به تهخاني ۾ وڃڻجو رستو بند آهي، جو ڪنهن سبب ڪري اسان جي ماڻهوءَ کان اها ڪوٺي ڇڏائي،ٻئي هنڌ ويهاريو اٿن.“

هنن پڇيس ته :”اسان جي سنگتي پهلوان خان کان اسان جي ڪاغذ جو جواب آندءِ؟“

هن چيو ته ”پيپ صحيح سلامت اندر وڃي اوطاق مان هيٺ داخل ڪياسين. پوءِ آءٌ پاڻ به اندر ويو  هوس، تهخاني ۾، جو پيپ ڌڪي وڃي گڏ ڪيم. مگر اهو ڪاغذ ڪٿي وٺ – پڄ ۾ ڪيرائي ڇڏيم، ڀانيان ٿو ته پيپن گهليندي اندر تهخاني ۾ ڪري پيو!“

هنن چيوته ”جيسين اسان کي پڪ نه ڏيندين ته ڪاغذ ٻاهر نه رهيو، تيسين اسين سمجهنداسين ته ضرور اسان جو هيترن ڏينهن جو پورهيو ڪُٽ ٿيندو.“ پر هن پڪ ڏنين ته ضرور اتي ڪريو آهي.“

هڪڙي ٻئي چيو ته ”ادا! جي ڪنهن لڌو ته منجهس ڇا لکيل آهي، ڪو نالو ڪو نشان، ڪنهن کي کڻڪ ئي ڪانه هوندي ته پوءِ ڇا سهي ڪري سگهندو. خدا ڪندو ته سڀ خير ٿيندو.“

اتي علي رضا  کي پڪ ٿي ته سلطان کي جيڪو خط هٿ لڳو هو، سو اهو هو،  جو انهيءَ جوان زناني ويس ۾ رات جو اندر ٿي نيو ۽ رستي ۾ ڪري پيس، پر هو ٿي سمجهي ته اندر ڪريو.

خير، هنن في الحال ٻيا پيپ سودڻ بند ڪيا ۽ ٻيو هڪڙو ماڻهو سماءَ تي موڪليائون ته جاچي اچي ته اوطاق تائين وڃڻ يا پيپن نيڻ جو وجهه آهي يا  نه ۽ اندر وڃڻ جو ڪو اپاءُ آهي يا نه” اٺن ڏينهن کان پوءِ هو  وري آيو؛ اچي ظاهرڪ يائين ته ”اندر وڃڻ جو  رستو بند آهي. جي ڪنهن عذر سان وڃبو ته به شڪ پوڻ يا  ڳالهه ظاهر ٿيڻ جو ڊپ آهي. باقي ٻاهرينءَ اوطاق ۾ پنهنجي سر اچي وڃي سگهجي ٿو، مگر پيپن جهڙي شيءِ آڻڻ ۽ نيڻ هيڏي پهري جي اندر مشڪل آهي.“ ۽ هيئن به چيائين ته ”راڻي فتنه خانم چوائي موڪليو آهي ته  چنڊ جي پهرينءَ تاريخ کان وٺي، ٽي ڏينهن برابر سلطان جو وڏي حرم وٽ رهڻ جو  وارو آهي. اوهان کي ڪا ٻاڻي هجي ته ٻاريو، متان دير پوڻ ڪري وڌيڪ مشڪلات نه درپيش اچي.“

هي پيغام ٻڌي، سڀ اچي گڏ ٿيا ۽ صلاح ڪرڻ لڳا. ڪن جي صلاح هئي ته ”گڏ ٿيل باروت شايد پورو نه پوي ۽ ساري رٿ فيصل نه ٿئي، تنهن ڪري بهتر آهي ته ٻه – ٽي جوان ڇڏجن ته وجهه ڏسي، وڃي ترار سان ڪم نباهين.“ پر انهيءَ ۾ هڪڙو ته ائين ڪرڻ وارا پنهنجا سر سهسائين، ٻيو وري اها مشڪلات هئي ته جن ٽن ڄڻن کي شڪار ڪرڻ لاءِ سنبريا، تن کي گڏ ڪيئن پورو ڪن، جو اندر حرمسراءِ ۾ وڃڻ ۽ اهڙو ڪم ڪرڻ بلڪل اهنجو هو.

علي رضا صلاح ڏني ته ”جيترو باروت اوهين چئو ٿا ته گڏ ٿيو آهي، سو جي چڱي طرح سوڙهو ڪري بند رکبو ۽ دکائبو ته انهيءَ کان به وڏي محلات کي اڏائي ڇڏيندو، تنهن ڪري بهتر آهي ته دير نه ڪجي، رٿ ڪري ڪو ڏينهن مقرر ڪري، انهيءَ  مال مان پورائي ڪجي. جي فتح ٿي ته بس، نه ته وري ترار سان مارڻ جي يا ڪا ٻي رٿ پوءِ ڪبي. جي اسان جو بندوبست پورو هوندو ته ڪنهن کي خبر ڪانه پوندي ته اها حرڪت ڪنهن ڪئي، پوءِ وري به اسان کي صلاح مصلحت ڪرڻ کان جهليندو ڪو  ڪونه.“

هنن سڀني رايون ورتيون، غلبي راءِ علي رضاجي رٿ ۾ ويئي، تنهن ڪري سڀئي الله اڪبر چئي اٿيا. ٺهراءُ ڪيائون ته چنڊ جي پهرينءَ تاريخ اتي گڏ ٿجي ۽ ٻيءَ تاريخ رات جو اڌ رات مهل اندر باهه لڳائجي. هي پاڻ ۾ گهڻا ڄڻا هئا. سي سڀ ته انهيءَ اوطاق ۾ وڃي نه سگهن، تنهن ڪري صلاح ڪيائون ته ڏهاڪو ڄڻا هڪڙو – ٻه ڪري اڻ لکا وڃي اوطاق ۾ ظاهر ٿين، باقي ٻيا شهر  جير لشڪري قهوه خاني جي اتر ۾ جا سراءِ آهي، سا هلي والارين، جو انهيءَ حادثي گذرڻ بعد سڀئي اچي اتي گڏ ٿين.

هيءُ به ٺهراءُ ڪيائون ته انهن ڏهن ڄڻن مان هڪڙو – ٻه اندر وڃي پيپ ٽوڙي، باروت جي ناڙي اوطاق تائين آڻي ڇڏين، جو انهيءَ کي دکائڻ سان باهه اها ناڙي ڏيئي، ڊوڙي وڃي اندر باروت جي انبار کي لڳي.

علي رضا پاڻ تي اهو ذمو کنيو ته ”ٻيا سنگتي سڀ وڃي گڏ ٿي پنهنجن جاين تي ويهن. آءٌ ٻه – ٽي ڏينهن اڳي شهر ڏي هلندس، واءٌ سواءُ پيو لهندس؛  انهيءَ رات سنجهي مان ڪردن واريءَ اوطاق ۾ ايندس، پوءِ اڌ رات جو هو ڪم شروع ڪنداسين. اوهين سڀ اشاري وهيڻا ويٺا هججو.“ انهيءَ صلاح تي سڀ ڪمر ٻڌي سانباهو ڪرڻ لڳا.

چنڊ جي پهرين تاريخ به اچي ويجهي ٿي. علي رضا ٻه – ٽي ڏينهن اڳي روانو ٿيو. هن اچي ڳجهيءَ طرح سلطان کي مبارڪ ڏني ته  ”منهنجي محنت خدا صاب وڌي، خدا تعاليٰ اوهان جو سر بچائيندو ۽ اوهان جي دشمنن جو خانو خراب ڪندو.“ پوءِ ته پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس.

تنهن کان پوءِ رٿ ڪيائون ته برجستو لشڪر پيادن ۽ سوارن جو تيار رکجي،  جو انهيءَ ”مقرر ڪيل رات“ جو سنجهو ٽاري، هڪڙي ٽولي وڃي اوچتو ڪردن جي اوطاق ۾ پوي ۽ ٻي قهوه خاني جي ڀر واريءَ سراءِ ۾، ۽  جيڪي ماڻهو  اتي حاضر هجن، انهن کي گرفتار ڪري، جو اهي سڀ انهيءَ منصوبي ۾ شامل آهن.

سلطان اهڙي خوفناڪ منصوبي جو ذڪر ٻڌي ۽ ان جي خراب نتيجي تي خيال ڪري ڏڪي ويو ۽ اهڙي  بلا سر تان ٽريل ڏسي، خدا جو شڪرانو ڪيائين ۽ علي رضا کي آفرين ڪيائين.

آخر چنڊ جي ٻي رات آئي، جنهن کي انهن فسادين پنهنجي گفتگو ۾ حشر جي رات پئي سڏيو. انهيءَ حشر جي رات، سڀ فسادي، ڪيل انجام موجب ٺهرايل جاءِ تي اچي گڏ ٿيا. اوطاق وارا ڪرد علي رضا جي لاءِ منتظر ويٺا هئا. ڪن پئي ماني کاڌي، ڪن پئي اشارن ۽ پرولين ۾  هڪٻئي سان انهيءَ خوفناڪ واردات جا چرچا ڪيا.

خبر تڏهن پيئي، جڏهن سرڪاري سوار ۽ پيادا اوچتو وڪوڙي وين. يڪدم اندر ڪاهي پيا ۽ سڀ ماڻهو  قيد ڪري وڌائون. هڪڙو به ڪونه ڀڄي سگهيو. هو  سامهان ٿيا سهي، پر تراريون ۽ بندوقون ساڻ نه هين، جو هنن کي ڪنهن لڙائيءَ جو خيال به ڪونه هو. جن وٽ وري هيون، تن انهيءَ مهل ڪنڊ پاسي رکي ڇڏيون هيون،  جنهنڪري هو آسانيءَ سان وٺجي پيا.

يڪدم محلات جي چوڌاري پهرو بيهي ويو، ۽ انهن فسادين کي آڻي قيد خاني ۾ زنجير وجهي سوڙهو ڪيائون ۽ مٿن سخت پهرو بهاريائون. انهيءَ دم راڻي فتنه خانم ۽ سندس ڪردي زالن کي توڙي مڙسن کي به جدا جاءِ ۾ پهري هيٺ بند ڪيائون.

شهر ۾ غلغلو پئجي ويو. ساري رات ماڻهن ننڊ ڪانه ڪئي، انهيءَ واقعي جي پچار هئي. صبح ٿيو، دستوري پڇا ڳاڇا هلي، تهخاني کي کوليائون ۽ اندر قهر جو باروت هٿ لڳو. سرنگهه هلي ڪردن جي ٻاهرينءَ اوطاق تي بيٺي.

انهن فسادين تي مقدمو هليو، مٿن ڏوهه ثابت ٿيو، فتوا ملي ته انهن سڀني کي توب جي منهن ۾ ڏجي، زالن کي شهر نيڪالي ڏيئي روانو ڪجي ۽ راڻي فتنه خان کي طلاق ڏيئي، وري جهڙي قيدڻ هئي، اهڙي ڪجي. باقي هن  جو پٽ، اڃا صغير آهي ۽ بي قصور آهي، نتهن کي الڳ ڪري انهيءَ جي  خلاصي تعليم جو بندوبست ڪجي.

نيٺ انهيءَ فيصلي جي تعميل ٿي، جن فسادين سلطان ۽ سندس راڻي ۽ پٽ لاءِ جو باروت سنبرايو هو، تنهن سان اهي پاڻ اڏامي ويا، ۽ جن انهيءَ ڪم ۾ واهر ٿي ڏني، سي به آخر سزا ياب ٿيا.

 

 

 

باب ارڙهون

وڏن وٽ

جڏهن اهو وڏو واقعو خير سان پورو ٿيو، تڏهن سلطان هڪڙي خاص دربار گڏ ڪئي، جنهن ‎ ۾ هن علي رضا بيگ افندي ۽ سندس بيگم جي گهڻي تعريف ڪئي ۽ چيائين ته ”هن اسان جي  جان بچائڻ لاءِ گهڻو مٿو هنيو آهي، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي اٿن، تنهن ڪري اسين هنن جا گهڻو شڪرگذار آهيون. ۽ اڳي جو اسان علي رضا بيگ افنديءَ کي دربار  مان لوڌي ڪچيو هو ۽ ڪاوڙجي نوڪريءَ مان خارج ڪيو  هو، سو فقط وقت، صلاح ۽ تجويز لاءِ ۽ سندس مرضيءَ پٺيان. اسان کي اميد آهي ته جيڪي اسان جا رعيتي ماڻهو ۽ نمڪخوار آهن، سي به هن امير وانگي پنهنجي نمڪحلالي ڏيکاريندا.“

انهيءَ تعريف ڪرڻ کانپوءِ هن علي رضا کي اميريءَ جي وڏي درجي تي آندو ۽ انعام اڪرام ڪيائين، وڏي درجي جا نشان ۽ ٻلا عطا ڪيائين ۽ ”مقرب السلطان“ جو لقب ڏنائينس.

تنهن کانپوءِ حڪومت جي سڀني ڪمن ۾ هن جي راءِ پڇي ويندي هئي، ۽ سڀ ڪم تي هن جي اهڙي نظر هوندي هئي، جو  انهيءَ ڪري ڪيترا ڏينهن حڪومت جو سارو ڪارخانو سانت ۽ صلح سان پئي هليو، ۽ هر طرح جو سڌارو ملڪ ۾ پئي ٿيو. وري خوشمزاج ملنسار ۽ خليق اهڙو جو جن ٻين اميرن کان چڙهي مٿي آيو هو، تن سان به اهڙي دوستي رکيو آيو، جو اُهي به مٿانئس سر گهوري  بيٺا هئا، ۽ ذرو به مٿس حسد نٿي نيائون. هينئر علي رضا وڏي اوج تي هو. مسلماني بادشاهيءَ ۾ بادشاهه کان گهٽ جيڪو وڏو درجو هو، سو هاڻ هن کيد هو. وڌيڪ جي هن کي اميد به ڪانه هئي. انهيءَ وزيريءَ جي عهدي تي هو پنج  ورهيهه رهيو.

انهيءَ عرصي ۾ هو ٻه ڀيرا وڇي زال.، ماءُ ۽ دائيءَ سوڌو حج به ڪري آيو،جو اتان مڪو ۽ مدينو سڻاوا هئا، ۽ اڪثر سلطان جا امير سال بسال اوڏي ويندا هئا. پويون حج ڪري  رهيا هئا،تنهن کان پوءِ اڃا مديني ۾ ئي هئا، ته علي رضا جي ماءُ جان بيبي، جا هاڻ اچي ٻڍي ٿي هئي، تنهن وفات ڪئي، انهيءَ کي هنن اُتي دفن ڪيو.

انهيءَ ماءُ جي لاءِ علي رضا توڙي زينت بانو ۽ مريم کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ڀلا انهيءَ سان سفرن ۾ هنن جي سنگت هئي، وڏو مائٽ هئي، گهرجي لاءِ وڏي  آڌر هئي، هن پنهنجي اولاد جي لاءِ گهڻوئي ڪيو ۽ سندس اولاد نيٺ صالح ٿيو ۽ وڏي درجي کي پهتو، ۽ پٽ جو اولاد  اکين سان ڏٺائين، سي وڃي پنهنجيءَ وارا به ٿيا. خدا هن جا سڀ مطلب  پورا ڪيا، خدا  هن جون سڀ مرادون پڄايون. هيءَ پاڻ ديندار ۽ نيڪ زال هئي،تنهن جي نيٺ  پڇاڙي سُرهي ٿي، ۽ مئي کان پوءِ به چڱي ۽ پاڪ جاءِ نصيب ٿيس.

علي رضا، يا جنهن کي هاڻ حاجي علي رضا بيگ افندي، مقرب السطان، وزير ڪل ممالڪ  دخليه و خارجيه وغيره ڪري سڏيندا هئا، تنهن کي هميشه هڪڙي آرزو دل ۾ هوندي هئي، جنهن لاءِ هو پيو خيال پچائيرندو هو؛ هن کي خبر هئي ته منهنجو پيءُ علي  نواز خان اصل ترڪ هو ۽ سندس پيءُ ترڪستان جي سرحد واري پرڳڻي جو رئيس هو، جو جڏهن روس ۽ ايران جي لڙائيءَ ۾ ماريو، تڏهن ايرانين پڻس علي نواز خان کي غلام ڪري وڪيو هو، جتي  سانگو ڏسي حاڪمن جي مهربانيءَ جي ڀروسي تي رهي پيو ۽ وطن وسري ويس.

جڏهن اڃا اميريءَ جي درجي تي هو، تڏهن علي رضا جي مرضي هئي ته ڪوشش ڪري پنهنجو اصلوڪو وطن وڃي ڏسان، ۽ جي ٿي سگهي ته پنهنجي پيءُ جي ڪن عزيزن کي ڳولي لهان. پر هڪڙو ته هن اڃا ڳالهه پنهنجي پيءُ  جي غلاميءَ ۽ خواريءَ جي شرم کان ڪنهن سان نه ڪئي هئي، ۽ ٻيو وري اهو پرڳڻو روس جي بلي هو، تنهن ڪري اتي وڃڻ گهڻن سببن ڪري هن کي  مناسب نٿي آيو.

آخر  شوق جي گهڻائي کان هن هڪڙي ڀيري  سلطان سان ڳالهه چوري ۽ مختصر طرح ٻڌايائينس ته ”منهنجو ڏاڏو اصل ترڪ هو ۽ روس واري سرحدي پرڳڻي جو رئيس هو، ۽ منهنجو  زماني جي تفرقي ڪري اتان نڪري اچي سنڌ ۾ رهي پيو هو، جتي آءٌ پاڻ پيدا ٿيس ۽ جتي هن وفات ڪئي. منهنجي دل جي مرضي آهي ته آءٌ پنهنجو اصلوڪو وطن گهمي ڏسان، سو مون کي ڪي مهينا رخصت ملي؟“

سلطان اها ڳالهه ٻڌي خوشي سان قبول ڪئي، پاڻ جيڪا ضروري مدد گهربل هيس سا ڏنائينس، ۽ جڏهن ته اها روس جي حد هئي، تڏهن سندس نسبت ۾، اهڙو خط به اطلاع لاءِ روس جي شهنشاه ڏي موڪليائين، جنهن انهن سرحدي پرڳڻن ۾  حڪم پڌرو ڪرائي ڇڏيو هو ته ”سلطان جو فلاڻو وڏو امير گهمڻ اچي ٿو، تنهن کي حرڪت ڪانه پهچي.“

انهيءَ بندوبست سان هي پنهنجي بيبي ۽ دائيءَ سوڌو انهيءَ سفر تي نڪتو. ساڻس ڪي خدمتگار ۽ سرڪاري ماڻهو به هئا. آخر سرحد  وارا جابلو ملڪ جهاڳي، انهن پرڳڻين ۾ آيو.

جيڪا پيءُ جي يادگيري هيس ۽ جيڪو احوال تاريخن پڙهڻ مان معلوم ٿيو هوس، تنهن جي ڀيٽڻ کان پوءِ هن کي خبر پئجي سگهي ته ڪهڙي سال ۾ اها ايران ۽ روس واري لڙائي ٿي هئي، جنهن ۾ سندس ڏاڏو، جو رئيس هو، سو روس جي لشڪر سان گڏ  ايرانين سان لڙيو هو ۽ مارجي ويو هو. هو انهيءَ بابت پڇا ڪرڻ لڳو.

جيڪي ماڻهو انهن پرڳڻن ۾ پير مرد ۽ پڙهيل هئا، تن کان هن کي معتبر احوال ملندو ويو.

انهيءَ هنڌ  ڌاري پنج – اٺ اهڙا به پرڳڻا هئا، آخر هڪڙي ۾ هن کي  پڇا ڳاڇا سان معلوم ٿيو، ته سندس پيءُ  واري ڳالهه  ملي آئي. تڏهن پڪ ٿيس ته انهيءَ پرڳڻي جو رئيس سندس ڏاڏو هو.

پوءِ پڇا ڪرڻ لڳو ته ”انهيءَ رئيس جي اولاد مان ڪو آهي؟“

ٻڌايائونس ته ”اهو پاڻ ته وڏي پٽ سوڌو لڙائيءَ ۾ مارجي ويو، باقي سندس زال ۽ ننڍو پٽ قيد ٿي ايران ڏي ويا، جتان وري نه موٽيا. پوءِ سندس گاديءَ تي سندس ننڍي ڀاءُ کي ويهاريائون، جو پڻ سگهوئي اهڙيءَ هڪڙي لڙائي ۾ وڙهندي مري ويو. انهيءَ جو پٽ وري سندس جاءِ تي ويٺو، جو اڃا تائين انهيءَ پرڳڻي جو رئيس آهي، جنهن جو نالو عمردراز خان آهي.“

انهيءَ کي ڏسڻ  علي رضا اٿي هليو. پڇائي وڃي اتي پهتو. هي جابلو ملڪ هو، تنهن ۾ ڪو شهرن جهڙو بندوبست رکيل نه هو. جهڙيءَ طرح ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ٿيندا آهن، جي راڄ ڪري ويهندا آهن، ۽ راڄ هڪڙو وڏيرو يا چڱو مڙس هوندو آهي، انهيءَ جي چئي  چائي ۾ رهندا آهن، ۽ پاڻ هنن سان مليو پيو گذاريندو آهي،  تهڙيءَ طرح هنن جو بندوبست به هو.

هي وڃي رئيس عمردراز خان وٽ نڪتو. هن  هن کان خبرون چارون پڇيون. هن چيس ته ”آءٌ سلطان جو هڪڙو امير آهيان، هن جابلو پرڳڻن جي آبهوا جي تعريف ٻڌي سير تي نڪتو آهيان.“

عمردراز کي ٻين رئيسن وانگي روس جي شهنشاهه جو اطلاع مليل هو، تنهن هن  جي گهڻي آڌرڀاءُ ڪئي، ۽ سندس حد ۾ جيڪي چڱا چڱا باغ، جبلن جون واهيون، نيون ۽ ٻيون اهڙيون ڏسڻ جهڙيون جايون هيون، سي هن کي گهمائي ڏيکاريون ويون. پوءِ هڪڙي ڏينهن ماني کائي، پاڻ ۾ ويٺي صحبت ڪيائون، ته گذريل وقت جي ڳالهه اچي چري، ايران ۽ روس واري لڙائيءَ جو ذڪر نڪتو.

آخر ڳالهين ڪندي وجهه ڏسي، علي رضا ٻڌايس، ته ”منهنجو  ڏاڏو ۽ تنهنجو ڏاڏو ٻيئي ڀائر هئا، آءٌ وڏي ڀاءٌ جو پوٽو، تون ننڍي ڀاءُجو  پوٽو.“ هيءَ ڳالهه جا ظاهر ٿي تنهن ڪري سڀني کي حيرت وٺي ويئي، سڀئي هن کي اڳي کان وڌيڪ آبرو ۽ پيار ڏيڻ لڳا،   جو هينئر سندن عزيز ظاهر ٿي پيو.

هونءَ ته انصاف ڪري اها گادي حق علي رضا جو هئي،  جو وڏي ڀاءُ جو اولاد هو، پر هيءُ پاڻ به وڏي درجي تي هو ۽ رڳو پنهنجي پيءُ جي ملڪ ۽ عزيزن کي ڏسڻ آيو هو،  تنهنڪري عمردراز کي ڪو ڊپ ملڪ کسجڻ جو ڪونه ٿيو،  پاڻ هن جو احسانمند ٿيو. نڪا ٻي شڪ جي ڳالهه رهي، ڇالاءِ جو هي معتبر ماڻهو هو.

پوءِ زالين مڙسين علي رضا ۽ زينت بانوءَ  سان گڏجي پيا، جيئن مائٽ مائٽن سان ملندا آهن. هن کي سندس ڏاڏي جي هٿن جون شيون ڏيکاريائون،جن مان هڪڙي ترار ۽ هڪڙو  ڀالو نشانيءَ لاءِ هن ساڻ کينو.

هن پنهنجي ڏاڏي جي قبر جو پڇيو ته ”ڪٿي آهي ته هلي زيارت ڪريان“  پر هنن ٻڌايس ته :”هو جتي لڙائي ۾ ماريو، اتي پوري ڇڏيائونس.“ ۽ چيائونس ته ”اسين جنگي ماڻهو آهيون، اسان جو ملڪ ٽڪر آهي،  اسان جو هٿيار ترار آهي، ۽ اسان جي قبر جنگ جو ميدان آهي.“

علي رضا هنن کي پنهنجو ۽ پنهنجي پيءُ جو بيان ڪري ٻڌايو، سو ٻڌي هنن کي ارمان به ٿيو ۽ خوشي به ٿي. هيءُ هنن وٽ ٻه- ٽي مهينا رهيا، انهيءَ وچ ۾ هو هنن سان اهڙا ٺهي ويا، جو هنن کي ڇڏين ئي نه.

علي رضا هنن کي چيو ته ”اوهان مان ڪي جوان هلن ته آءٌ سلطان وٽ هن کي چڱيون جايون وٺائي ڏيان.“ پر هنن چيس ته ”اسين جبل ۾ خوش رهندا آهيون، ۽ اگرچه قوم ترڪن جي آهيون، مگر ابي – ڏاڏي کان روس جا ڍل ڀرو آهيون، تنهن ڪري نئون رستو رکڻ اسان کي پسند نٿو اچي.“

نيٺ علي رضا جن موڪلايو.  راڄ مانگ هڻائي ماڻهو رئيس سوڌو هنن سان گڏجي هليا. پنهنجي حد ته لنگهيائوسن، پر ٻين پرڳڻن مان به اماڻي روس ۽ ترڪستان جي سرحد تي  آڻيد ڇڏيائونس، پوءِ موڪلائي ويا.

اهو سفر ڪري پنجين – ڇهين مهينن کان پوءِ علي رضا وري اچي استنبول پهتو، ۽ سلطان کي پنهنجي سفر جو بيان ڪري ٻڌايائين. هو  ڏاڍو خوش ٿيو، جو هن پنهنجن وڏن جا مائٽ ڳولي وڃي لڌا.

علي رضا استنبول ۾ اميري پئي ڪمائي، ته سندس پٽن مان وڏي محبوب علي باريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو.  هي پٽن   سان لکپڙهه پيو ڪندو هو، هنن کي وقت بوقت خرچ پکو پيو پهچائيندو هو.

محبوب عليءَ جي مرضي هئي ته ”بمبئيءَ ۾  وڃي باريسٽريءَ جو ڪم ڪري.“ ۽ علي رضا کي به اها ڳالهه پسند هئي، جو  اتي هنن گهڻا ڏينهن گذاريا هئا، سندس گهڻا واقف هئا، سندس ڌيءَ اتي هئي، تنهن ڪري محبوب علي ولايت مان بمبئيءَ آيو.

پر هو ڇڙهو ڪين هو، هو ولايت ۾ هڪڙي منڊم سان پرڻيو هو، سا به هو پاڻ سان وٺي آيو هو. هيءُ گهڻا ورهيه ولايت ۾ رهيو ۽ ڪنهن جوان منڊم سان واقف ٿي ويو هو. آخر جڏهن امتحان پاس ڪيائين، تڏهن يڪدم هن سان کڻي شادي ڪيائين، شادي ڪرڻ کان اڳي پيءُ کي طالاع ڏنو هئائين ته هڪڙي جوان  منڊم سان مون کي شادي ڪرڻ جو ارادو آهي.  علي رضا البت  اعتراض آندو. هڪڙو ته پاڻ چڱو مسلمان هو ۽ مسلمان قوم سان اُٿڻ – ويهڻ جو ارادو ڪيو هئائين، ٻيو وري هن اڳ ڳڻتي ڪري پوءِ خيال ڪيو ته منڊم  سان شادي ڪرڻ ڪري زال مڙس پاڻ ۾ بيشڪ خوش گذايندا ۽ گهر چڱو هلائيندا، مگر ٻين مائٽن مٽن سان توڙي پنهنجي قوم وارن سان هنن جو گذران اهڙو نه ٿيندو جهڙو ٿيڻ گهرجي تنهن کان سواءِ وري جي انهن کي اولاد ٿيندو، ته  انهن جي مذهب، انهن جي هلت چلت، انهن جي حق  وراثت وغيره ڪري  گهڻو خلل ٿيڻ جو امڪان آهي. هن اهي ڳالهيون پٽ کي  ڏيکاريون، پر پٽس جي هن منڊم سان دل گهڻي هئي ۽ ولايت ۾ رهڻ  ڪري سڀ طرح  جا ديني يا دنيوي خيال اڳي کان بدليل هئس، تنهن ڪري هنن اڳي شادي ڪري ڇڏي.
انهن جي شاديءَ ۾ محبوب عليءَ جو ننڍو ڀاءُ منصور علي، جو ساڻس گڏ ولايت  ۾ ڊاڪٽريءَ جو ڪم سکندو هو، سو به راضي نه هو. هن جي طبع به پيءُ جهڙي هئي ۽ هن جي راءِ به پيءُ وانگي هئي. پر محبوب  علي نه رهيو، شادي ڪيائين ۽ سگهوئي زال سوڌو روانو ٿيو ۽ اچي بمبئيءَ نڪتو.

بمبئي ۾ هن پنهنجو ڪم  شروع ڪيو. هو چالاڪ ۽ هوشيار هو، تنهن ڪري سگهوئي مشهور ٿي ويو. هن جي پيءُ جي معرفت گهڻن سکرن سان هوندي هئي، تنهنڪري ماڻهو هن ڏي گهڻو رجوع  ٿيڻ لڳا، جنهنڪري ٿورن ئي ڏينهن ۾  هن گهڻوئي پئسو ڪمايو، ۽ هو هاڻي پنهنجون جايون جڳهيون وٺي ٿانيڪو ٿي بمبئيءَ ۾ ويهي رهيو.

علي رضا جڏهن پنج  ورهيه وزيري ڪمائي رهيو، تڏهن هن جي دل ۾ پيو ته هاڻي هتان موڪلائي هلجي. هينئر اچي پيريءَ کي ويجهو ٿيو هو، پنجاهي ورهين جي عمر هيس. اولاد جو انتظار ڪونه هوس، سڀڪنهن کي چڱي رستي تي آڻي ڇڏيو هئائين. هيءُ طبع جو سالم ۽ ديندار ماڻهو هوندو هو.

هن چيو ته گهڻائي ورهيهه دل جي خوشيءَ ۽ دنيا جي لالچ تي هيڏي هوڏي گهمياسين. خدا تعاليٰ پنهنجي فضل سان اسان تي هر طرح مهرباني ڪئي آهي، ۽ اسان  جي سڀڪا گهرج پلي آهي، تنهنڪري بهتر آهي ته هاڻي عمر جي پڇاڙيءَ ۾ ڪو آرام به وٺجي ۽ انهيءَ جي عبادت به پوريءَ طرح ڪجي.“

هن جي زال زينت بانو  به  اهڙي ئي ديندار هئي، تنهن کي اها صلاح بڇڙي نه لڳي. هنن ڄاتو ته بمبئيءَ ۾ اسان جو پٽ اڳيئي پنهنجو ڪارخانو مچايو ويٺو آهي.  ڪي ڏينهن هلي  اتي رهون، پوءِ  ڪو شهر کان ٻاهر  زمين جو ٽڪر هٿ ڪري، وڃي اتي گوشه نشين ٿي ويهون.

علي  رضا کي اتان نڪرڻ لاءِ شايد ڪو ٻيو به  ڳجهو سبب هو: تمام وڏي عهدي کي پهچڻ ڪري هن اتي جي ڪن اميرن کي پنهنجو حاسد ڏٺو، ۽  ٻن – چئن وقتن تي هن کي معلوم ٿيو ته هنن کيس نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر فتحياب ٿي نه سگهيا هئا. هن کي پنهنجي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ تي ايترو ڀروسو هو، جو اهڙن  حاسدن جي پرواهه ئي ڪانه هوندي هيس، نڪي ڪڏهن سلطان ئي کي پاڻ ڏي منهن مٽيل ڏٺائين، پر تڏهن به هن جي دل ۾ آيو ته ”آءٌ ڌاريو ماڻهو، جو اچي خدا جي مهربانيءَ سان هتي وڏي درجي کي پهتو آهيان، سو هتي اصل جا اميرمون مان گهڻو خوش ڪين هوندا، ڪا مهل نه ڪنهن جهڙي، متان ڪا حرڪت ٿي نه وڃي، تنهن ڪري  متل ڪارخانو ڇڏي هلجي ته عزت آبرو رهجي  اچي!“  هن کي هيءَ به خبر هئي ته ”بادشاهن جي طبيعت رنگين ٿيندي آهي. گاهي بسلامي برنجند و گاهي بدشنامي خلعت دهند. اڄ  سلطان مون تي هيترو مهرباني آهي متان سڀاڻي حاسدن جي  گلا تي  ۽ دشنن جي چور تي منهن کڻي مٽي، ته عجب ڪونهي.“ اگرچه هن اهڙي پڪائي  ڪئي هئي، جنهنڪري ٻين وانگي هن کي اهڙو وٺ- پڄ ۾ ڪو نقصان نه پهچي ها، تڏهن به  هن ڄاتو ته جڏهن هاڻ هر طرح خير سان عزت آبروءَ سان ڪم پيو هلي ۽ وسعت  به خدا موچاري ڏني آهي ۽ نيٺ مون کي هتان وڃڻو به آهي، تڏهن بهتر آهي ته هينئر ئي موڪلائجي.“

اهو پهه پچائي، هن سلطان کان اچي موڪلايو، ۽ ٻه –ٽي  عذر ٺاهي ٻڌايائينس ته هنن سببن ڪري مون کي بمبئيءَ ڏي وڃڻ لاچار ٿيو آهي. سلطان جي دل ته هن ڏي صاف هئي ۽ سندس محبت هن سان گهڻي هئي تنهن  هن کي گهڻو زور لاتو ته نه وڃ. پر هن ادب سان چيس ته آءٌ جيڪر اهڙي مهربان ڌڻي کي ڇڏي ڪين  وڃان، پر مون کي وڃڻ تمام ضروري آهي. آءٌ جتي هوندس، اتي حضور جو نمڪ پرورده غلام هوندس ۽ حضور جي اقبال کي دعا ڪندو رهندس جي ٿي سگهيو، ته وري به اچي ڪنهن وقت حاضر ٿيندس، نه ته پنهنجن پٽن مان هڪڙو سائينءَ جي خدمت ۾ ڏيندس.“

انهيءَ طرح هن مٿان  مونا هڻي موڪلايو.  سلطان هن کي هلڻ مهل گهڻا انعام اڪرام ڪيا. سڀ امير امراء هن جي وڃڻ ڪري ناراض هئا، جو هن سڀني سان رس رهايو هو، جيڪي هن جا ڳجها حاسد هئا، سي به ظاهري ڪري هن کي ويندو ڏسي ارمان ڪرڻ لڳا. نيٺ هي موڪلائي نڪتو، ۽ پنهنجي عيال سوڌو اچي بمبئيءَ پهتو.

بمبئيءَ ۾ هي پريندي پنهنجي پٽ محبوب علي باريسٽر سان اچي گڏ رهيو. هو پنهنجي پيءُ – ماءُ کي گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڏسي خوش ٿيو. هيءُ به پنهنجي نونهن منڊم کي ڏسي گهڻو خوش ٿيا. محبوب علي جو بنگلو وڏو هو، تنهن ڪري اڌ بنگلي جو هن پيءُ – ماءُ کي رهڻ لاءِ ڏنو ۽ اڌ ۾ پاڻ رهڻ لڳا.

علي رضا ۽ سندس بيبيءَ جي اچڻ  جو ٻڌي، سڀئي سکر ماڻهو جن جو هنن سان رستو هو، سي خوش ٿيا ۽ هنن وٽ آيا، ۽ سلطان وٽ وڏيءَ جڳهه تي رهڻ  ڪري هن کي مبارڪون ڏنائون. پوءِ به هو هن وٽ  وقت بوقت ملاقات لاءِ  پيا ايندا هئا، ۽ هيءُ به انهن وٽ پيو ويندو هو، جو اڳي واقف هون ۽ هنن سان گهڻي رهائي هئائين، انهيءَ طرح هنن کي بمبئيءَ ۾ ڪي ڏينهن گذريا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org