سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: زينت

 

صفحو :3

 

باب چوٿون

سجاڳ ڇوڪري

پهرئين باب ۾ چيو ويو آهي ته مائي شهربانو ۽ بختاور، زينت بانو جي شاديءَ بابت جا گفتگو پئي ڪئي، تنهن جي زينت بانوءَ کي خبر ئي ڪانه هئي، جو  هن پري ويٺي قرآن جو دؤر ڪيو. جڏهن هوءَ دؤر ڪري اٿي، تڏهن دستور موجب صبح جا ٻه – ٽي ڪلاڪ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪيائين، پوءِ ڪارچوب ڪڍي ويهي هڪڙي ٽوپي ڀرڻ لڳي. پوءِ ته سگهوئي ماني تيار ٿي ۽ حامد علي به اسڪول کان آيو، ۽ ماءُ، پٽ، ڏيءَ ٽنهي گڏجي ويهي ماني کاڌي.

ماني کاڌي کان پوءِ حامد چيو ته ”مون علي رضا وٽ وڃڻ جو اڄ انجام ڪيو آهي سو وڃان ٿو،  هو ڪنهن صاحبلوڪ وٽان ٻه – ٽي ڪتاب آڻيندو، جن ۾ ولايت جي عمارتن ۽ ڪارخانن جون تصويرون نڪتل آهن، سي گڏجي ڏسنداسين.“ ائين چئي هو اٿي هليو.

هلندي مهل ڀيڻس چيس ته ”ادا جي اهي ڪتاب ٿوري تائين ملي سگهنئي ته کنيو اچجئين، ته آءٌ به ڏسان.“ هن چيس ته ”چڱو“.

مائي شهربانو ته ٻي ڪوٺيءَ ۾ وڃي سمهي پيئي، جو گرميءَ جا ڏينهن هئا، ۽ بختاور جنهن زينت کي خلاصي وقت ۾ ملڻ جو وجهه پئي ڳوليو، سا ڪيوڙي جون ٻٽي ڦريون ۽ انناس رڪابيءَ ۾ وجهي ڪپ مٿانئس رکي، زينت بانو جي ڪوٺيءَ ۾ کڻي آئي. پوءِ ته سندس وچ ۾ هيٺين گفتگو هلي:

زينت – دائي، ڇا آندو اٿئي؟

بختاور – امان، ڦريون آهن.

زينت – ڪٿان آيون آهن؟

بختاور – ڇو امان، صبح جو ڪين ڏٺو هيئي، جو سيٺ گل محمد جو ماڻهو در تي آيو هو، ۽ هيترو سارو ميوو ۽ هڪڙي سهڻي پيتي مال جي آءٌ کڻي آئي هيس، اجها اندر رکي آهي.

زينت – (البت منهن ۾ گهنڊ وجهي)، امان به زورآور آهي، ماٺ ڪيو پراون ماڻهن جون سوکڙيون وٺيو رکي.

بختاور – ڇو امان، نيٺ اهي پراوا آهن، جي پنهنجا ٿيندا آهن، اهو جهان جو دستور آهي.

زينبت – دائي، تون الائجي پا ٿي چوين، آءٌ ته نه ٿي سمجهان.

بختاور – ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن، جو ويچارو سيٺ سوکڙيون پاکڙيون پيو موڪلي. هڪ ٻه ڀيرو آءٌ وٽن ويئي آهيان ته مون کي ايتري آبرو ڏني اٿن، جو حد کان ٻاهر.

زينبت – دائي، اڄ تون الله ۽ رسول جي تعريف ڇڏي اچي انهيءَ سيٺ جي تعريف ۾ پيئي آهين، ٻيو خير ته آهي.

بختاور – امان! جيڪي وڙن وارا هوندا، تن جا ته وڙ ڳائبا، سندس پٽ ڊوڙي مون وٽ آيو، اچي مون کي ڀاڪر پائي مليو ڏاڍو ملوڪڙو ٻار آهي. ماشاء الله وڏي هوندي ته موتيءَ جو داڻو ٿيندو.

زينت – پوءِ تنهنجو ڇا؟

بختاور – خدا ڪري ته زينت تون به اهڙي سکئي گهر ۾ وڃي سکي ٿين.

زينت – دائي، واه واه، اڄ تون سنڀري مون کي گاريون ڏيڻ آئي آهين ڇا؟ آءٌ. توکي ماءُ وانگي ڄاڻي گستاخي ڪري، توسان چرچا گهٻا ڪندي آهيان، متان انهيءَ ڪري سنڌو سيڙهو وڃائي ڇڏيو اٿئي ڇا؟ هونءَ ته سياڻي هوندي هئينءَ اڄ ڇا ٿيو اٿيئي؟

بختاور – زينت امان، انهيءَ ۾ ڇا آهي؟ ڌيون نيٺ پرايون آهن. تون سمجهه واري آهين، توکي خبر ناهي ته سدائين هن گهر ۾ ويٺي ڪين هوندينءَ، نيٺ ڪنهن سکر جو گهر وسائيندينءَ؟

زينت – سو ته سچ آهي، مگر دائي، تون دعا ڪر ته ڪنهن سچي  پچي لائق ماڻهوءَ سان پلئو اٽڪي، جو ساري ڄمار انهيءَ سان رهڻو ٿيندو. هونءَ ته مون کي حيا ٿو ٿئي، پر جڏهن اڄ تون بيحيا ٿي بيٺي آهين، ۽ اهڙي ڳالهه سڌي مون سان چورين ٿي، تڏهن آءٌ به توکي بي حجاب ٿي سچ ٿي چوان.

بختاور – ڇو مائي، سيٺ گل محمد جي گهر ۾ ڪا گهٽ آهي؟ سندس گهر جيڪڏهن تنهنجو وڃڻ ٿئي، ته هزارن جا ڳهه ڳٺا پائين، مون جهڙيون ڏهه دايون تنهنجي اڳيان ڪمائين. دنيا ۾ اهڙي سکي زال پوءِ جيڪر ڪا مشڪل ملي.

زينت – اهڙو سک ڪهڙي ڪم جو؟ هوڏي ٿي چوين ته سيٺ جو پٽ اڃا گرانٺ جيڏو آهي، سو تون متان اٺ سان گهنڊڻي ٻڌڻ سنڀري آهين؟

بختاور – هان مائي، اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو. تون به ته اڃا ڪالهه ايڏي هئينءَ، اڄ ته ڏس، زالن جيڏي زال ٿيو ويٺي آهين.

زينبت – دائي، دنيا سازيءَ جي سک لاءِ اهي هزار ۽ لک ڪنهن ڪم جا ڪين آهن. اهو سون روپو اڄ هوندو ته سڀاڻي ڪونه هوندو، زال کي آسرو سون روپي جو ته ڪونهي، انهيءَ ماڻهو  جو آهي جنهن سان سندس پلئو ٿو  ٻڌجي. انهيءَ  جي جڏهن اڃا خبر ئي ڪانهي ته چڱو ٿيندو يا بڇڙو ٿيندو، سڌرندو يا کرندو، تڏهن انهيءَ جي آسري ڇا لڳبو؟ پر دائي سچ ته چؤ، تون اڄ پاڻهي مون سان اهو ذڪر ٿي چورين، يا امان ڪو اشارو ڏنو اٿئي؟ سچ چئج – آءٌ توکان پنهنجو حال ڳجهو ڪين رکندي آهيان.

بختاور – امان، سچي پڇين ته مون کي پنهنجي منهن به گهڻو فڪر هو، پر مائيءَ انهيءَ بابت مون کي چيو آهي.

زينت – تڏهن دائي سچ ته ٻڌاءِ،  امان هنن سان هائو ته نه ڪئي آهي؟

بختاور- نه امان، هائو ته نه ڪئي اٿس، مگر انهن ڏي توڙي ٻين ڏي خيال بيشڪ ا ٿس.

زينت – ٻيا ڪهڙا

بختاور – ڇو اڳئين جمعي رات شربت ۽ گلاب جا شيشا ڪين ڏٺا هيئي؟ محمد رمضان وڪيل موڪليا هئا. اهو ويچارو به پيو مٿا هڻي.

زينت – ڇا دائي، اهو وڪيل جنهن بابت انهيءَ رات مانيءَ مهل حامد ڳالهه ڪئي ته ڪنهن مجلس ۾ ماڻهن سندس گلا پئي ڪئي ته پئسا ججها اٿس ۽ وڏو ماڻهو آهي، مگر اهڙو ڪنجوس آهي، جو  کاڻي مانيءَ تان کل به نه لاهي ۽ پائي به خدا جي واٽ ۾ نه ڏئي، غرين کي دڙڪا تاب ڏيو ڦريو پنهنجو گهر پيو ڀري، ۽ ٻيو ته شراب پيئڻ جي به عادت اٿس، جو اڪثر شراب پي مست ٿي پوءِ اچي پنهنجي زال ۽ گهر جي ٻين ڀاتين کي وٺي.

بختاور – هائو امان، اوهو.

زينت – واه  دائي واه، اهڙي ڪميني ماڻهوءَ جا ٿيون نياپا نڙا توهين ٻڌو! اهڙي خسيس ماڻهوءَ جون ٿيون سوکڙيون سڙيون وٺو! شرم جي ڳالهه آهي، جو سکر اشراف ٿي اهڙي نيچ آدميءَ جون گاريون جهليو. وري جڏهن هن کي هڪڙي زال اصلي آهي ۽ اها به اهڙي سکي آهي، تڏهن ٻي ڪهڙيءَ کي انهيءَ کڏ ۾ پوڻ تي دل چوندي؟

بختاور – نه امان نهن هڻينس گڏ ۾، مائيءَ کي به انهيءَ جو خيال ڪونهي، مگر مائيءَ جي مرضي گهڻي تنهنجي ماروٽ اميد عليءَ ڏي آهي.

زينت – مائي منهنجو ماروٽ هجي ته ڀلي هجي، جنهن کي ڳالهائڻ به نٿو اچي، چٽ گونگو آهي تنهن جي حوالي مون کي ڪندا ڇا؟ امان اهڙو قهر ڪيئن ڪندي؟ تنهن کان مون کي زهر جو ڍڪ ڏئي ته پي پاڻ کي به عذاب کان ڇڏايان ۽ ٻين کي به.

بختاور – دائي صدقي، خير گهُر! خدا توکي پٽن پوٽن وارو ڪندو، تنهنجون مرادون اسان کي ڏيکاريندو. پر امان، کريا  به پنهنجا، ٻريا به پنهنجا. پنهنجي مامي جو پٽ اٿئي، پنهنجو رت اٿئي. جيئي سندس پيءُ، کٽڻ ڪمائڻ جي ڪهڙي پروا ٿيندي؟ جهڙو پاڻ کائيندا، اهڙو توکي پيا کارائيندا.

زينت- دائي، خدا خدا ڪر، نڪي پيءُ – ماءُ جي حياتي جٽاءُ  ڪندي، نڪي سندن ڪمائي، ڪم سڀ کي پنهنجو ڪمائي ايندي. جنهن کي پنهنجي فضيلت ڪابه ڪانه هوندي سو پاڻ دنيا ۾ ڪيئن گذاريندو ۽ ٻين کي ڪيئن پاريندو. نه دائي نه، خدا جي واسطي انهيءَ مرض کان مون کي ڇڏائجئين. اهڙي شاديءَ کان بک چڱي، اهڙي شاديءَ کان ڏک چڱو، مون کي کاڌي پيتي جي ڏکيائي ڪانهي، پنهنجي ابي جي گهر ۾ سکي ويٺي آهيان. جي امان ۽ ادي منهنجي سنڀال نه لڌي، ته پنهنجن بازن جي پورهئي ۽ سئيءَ جي ڪمائيءَ تي پيٽ پيئي پاريندس، پر انهن عذابن کان ڇٽي پئي هونديس.

بختاور – امان زينت، سچ ٿي چوين، پر تنهنجي ماءُ جي سا اها مرضي آهي.

زينت – دائي، وس پڄندي تون نه گهٽائج. تون مون کي ماءُ وانگي ڀائيندي آهين، ڀلائي ڪري امان کي انهيءَ ڳالهه تان لاهه. اگرچ ماءُ جي حڪم کان ڌيءُ کي پير ٻاهر ڪڍڻ مناسب ناهي، تڏهن به ههڙن ڪمن ۾ جڏهن نڙيءَ تي لت ايندي، تڏهن ڌيءَ کي به دانهن ڪرڻ کان ڪو عيب ڪونهي، سو اهڙو ڪو بلو ڪج جيئن ايتري حد تي ڳالهه نه وڃي.

بختاور- ڌيءُ! تڏهن تنهنجي مرضي اصل ڪانهي؟ توکي خبر آهي ته هيڏي ساري ٻار کي گهر ۾ ويهارڻ جو وقت ڪونهي. پنهنجي  مائٽن ۽ پاڙي وارن جي حال جي توکي خبر آهي ته کلڻ ۽ ٽوڪن ڪرڻ جا وجهه پيا ڳولين. ڪنهن جي نياڻي ٻه – ٽي ڏينهن  وڌيڪ ويهي ٿي، ته  جهان پيو چوندو آهي ته ”فلاڻيءَ جي لاءِ گهوٽ ڪونه ٿو لڀين.“ انهيءَ ۾ وري به امان، اسان جي گلا آهي. آخر اهو جهان جو دستور آهي. خدا ۽ رسول جو حڪم آهي، سو ته پورو ڪرڻ حق آهي.

زينت – بيشڪ اهو ضرور آهي، مگر ڏسي وائسي کوهه ۾ ٽپو به نه ڏجي.

بختاور – تڏهن پوءِ نيٺ ڪيئن ڪجي؟ توکي الائجي ڪهڙي قسم جو گهر، ڪهڙي قسم جو ماڻهو چڱو نظر ٿو اچي، اسين ته اجهي اهڙا ٿا ڏسون جهڙا ٻڌئي.

زينت – دائي، گهر جو به گهڻو فڪر ڪونهي. غريب هوندو ته ڇا! دليادار هوندو ته ڇا! پئسن ڏي ڏسڻو ناهي، غريبت ۽ شرافت ڏي ڏسڻو آهي. پوري پُني گذران وارو هجي، مگر آبرو ۽ شرافت وارو هجي، چڱيءَ چال وارو هجي، علم ۽ هنر وارو هجي، پوريءَ عمر وارو هجي، پر امير جو پٽ نه  هوندو ته به عيب ڪونهي. اهڙي ماڻهوءَ سان حياتيءَ جون ٻه – ٽي گهڙيون گذاري ته سگهبيون. ڪتابن ۾ پڙهيو اٿم ته زال مڙس جي وچ ۾ صحبت وارو سلوڪ هئڻ گهرجي، اهڙي صحبت جنهن مان ٻنهي کي خوشي حاصل ٿئي، ٻنهي جي حالت سڌري، ٻنهي جو وقت چڱو گذري. اهڙيءَ صحبت ڪري سڄو گهر به پيو کلندو. جتي اهڙو مزو ۽ سلوڪ ناهي، اتي سڄو گهر دوزخ جي ڏيکاري پيو ڏيندو. چؤ دائي سچ آهي ڪ ڪوڙ؟ تو به گهڻا زمانا ڏٺا آهن.

بختاور – جيجل، سچ ٿي چوين. جهڙي تون ڏاهي آهين، اهڙو گهر وارو الله شال توکي ملائيندو. چڱو امان، آءٌ مائيءَ سان ڳالهه چوري ڏسنديس.

ائين چئي بختاور هلي ويئي ۽ زينت بانوءَ به اٿي اڳئينءَ جي نماز جو سعيو ڪيو. ذري کان پوءِ مائي به اٿي. گهر جو ڪم ڪار ڏهاڙيءَ وانگي هليو. پوياڙيءَ مهل حامد علي به آيو؛ ٻه وڏا ڪتاب پاڻ سان آندائين، جي انهيءَ مهل ڀاءُ – ڀيڻ ٻنهي گڏ ويهي ڏٺا، حامد، ماءُ کي سڏ ڪري چيو ته ”امان! سڀاڻي پاڻ وٽ مهمان ايندا.“

ماڻس پڇيس ته ”ابا ڪهڙا؟“

حامد وراڻيو ته ”اڄ آءٌ علي رضا وٽ ويو هوس، هلڻ مهل اندران چوائي موڪليائون ته پنهنجي گهر خبر ڪج ته سڀاڻي اسين اوهان وٽ اينداسين ۽ اچي ڏينهن گذارينداسين، جو ٻه – ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن، ته نه آيا آهيون.“

ماڻس چيو ته ”ابا ڀلي اچن.“ پوءِ ته خير جي رات آئي، ماني ٽڪي کائي سڀيئي سمهي پيا. بختاور سڀ کان پوءِ سمهندي هئي، جو گهر جو ڪم ڪار ٿيندو هوس. سمهڻ مهل مائيءَ کي جاڳندو ڏسي اچي پيرن کي به زور ڏيڻ لڳس ۽ آهستي چوڻ لڳس ته ”مائي اڄ ڏينهن جو مون ۽ زينت پاڻ ۾ ڏاڍي چٽا ڀيٽي کاڌي آهي.“

مائيءَ پڇيو ته ”ڇا تي؟“

بختاور چيو ته ”ٻيو ڇا تي، اجهو انهيءَ ڳالهه تي جنهن جو تاڪيد ڪيو هوءِ.“ شهربانوءَ پڇيو ته ”پوءِ نيٺ شير ڪي لوغان؛ ڪهڙو خيال ڏٺئي ڇوڪريءَ جو؟“

بختاور چيو ”مائي، هوءَ ته هٿ ڇهڻ کان پري بيٺي آهي.، اهي ٻه – ٽي جايون، جن جي پاڻ ڪالهه صبح جو رٿ پئي ڪئي، سي ته هتي نظر ۾ ئي ڪين آهن.“

شهربانو وري پڇيو ته ”نيٺ ڇا ٿي چوي؟“

بختاور ورندي ڏني ته ”چوي ٿي ته هونءَ ته ماءُ مالڪياڻي آهي- وڻيس ته ڌيءَ کي تاري، وڻيس ته ٻوڙي، مگر اهڙي ڪم ۾ ڌيءُ جي   ڳالهه مڙيئي ٻڌڻ گهرجي. چوي ٿي ته اهڙي ڪم ۾ سون رپي ۽ عزيزي خوشيءَ ڏي اوترو ڏسڻو ناهي، پوريءَ عمر ڏي، اشرافت، لياقت، غريبيءَ، چڱي هلت چلت، موچاري کٽڻ ڪمائڻ جي لياقت، علميت ۽ هوشياريءَ ڏي ڏسڻو آهي – سو اهي خاصيتون انهن ماڻهن ۾ ناهن.“

شهربانوءَ چيو ته ”بختاور! ڏس اڄوڪو زمانو پٽ ته پنهنجي وات وڪيل ٿيا آهن، پر هاڻي ڌيئون به پنهنجي وات وڪيل! گهوڙا گهوڙا! حق تي برڪت ملڪ مان ويئي آهي، حق تي آهن سهانگو نٿو ٿئي. هاڻي وڃي پڙهو گهمائجي ته ههڙن پارن وارو ڪو گهوٽ هجي ته اچي، نه ته بس!“

بختاور چيو ته ”مائي تنهنجي ڳالهه سچي آهي، مگر تنهنجي ڌيءَ به ڪوڙ نٿي چوي. ويچاريءَ مون سان پنهنجو سڄو حال  ونڊيو. پهريائين ته حيا کان ڪڇيائين ڪين ٿي، پر جڏهن تنهنجي چئي تي مون زور رکيس، تڏهن مون سان حجت دليل ڪرڻ لڳي. اگرچه منهنجو خيال به پهريائين اهڙو هو جهڙو تنهنجو آهي، مگر زينت بانوءَ جي ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ ڄاڻان ٿي ته اهڙي اجائي بندوبست ڪري اسان جي مهل في الحال سا خوشيءَ سان گذرندي، باقي پوءِ جي خبر ناهي ته نينگريءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو. اسين ٻارهوئي جيرا ڪين هونداسين، نڪي ساڻس گڏيا وتنداسين، نڪي پئسا جٽا ڪندا، نڪي زال مڙس جا مائٽ کين ڪم ايندا. پنهنجي سر پاڻ ۾ حياتيءَ دم تائين پيا ڳن ڏيندا؛ سو جي ٻئي چڱا هوندا ته غريبيءَ  منجهه به پاڻ ۾خوش رهندا ايندا ۽ جي ٻيءَ طرح ته پوءِ ٻنهي کي جٺين جو گذران ڪرڻو پوندو.“

مائي شهربانو چيو ته ”اهو سچ آهي بختاور، مگر اهڙي به ڪالهه اچي پئي آهي. ائين ڪندي ڪندي ته نينگريءَ جي هيڏي ڄمار اچي ٿي آهي. پڻس هليو ويو، آءٌ به اڄ سڀاڻ هلي وينديس پوءِ الائجي ڪنهنجن هٿن ۾ ڳالهه ايندي – انهيءَ جو مرم ٿو مون کي ماري.“

بختاور چيو ”مائي! خدا سڀ خير ڪندو. تون شال پنهنجي اولاد جون مرادون ڏسندينءَ. اسان جي زينت خدا جي مهربانيءَ سان اهڙي سڌريل ڌيءُ آهي جو ڪنهن وٽ ڪا ٿوري  هوندي.  جڏهن ڪين جهڙن جون ڌيئون وڃي سکيون ٿين، تڏهن پڪ آهي ته ههڙو املهه ماڻڪ رهجي ڪين ويندو. خدا تي کڻي رک، پاڻهي پنهنجا ڪم ڪندو. دل ۾ ڪوبه فڪر نه ڪر.“

شهربانوءَ چيو ته ”هائو مائي، الله تي لڄ آهي.“

پوءِ ته بختاور  اٿي ويئي ۽ شهربانو ٿوري تائين خيال پچائي پچائي سمهي رهي. خواب ۾ ٿي ڏسي ته سرائي، سندس گهر وارو ٻاهران ڪنهن سفر کان آيو آهي – ٻه – ٽي ڳنڍڙيون ڪپڙن جون کڻائي آيو آهي ۽ هڪڙو ڪنو مٺائي جو به. زال کي ٿو  چئي ته ”توکي زينت جي ڳڻتي رهندي آهي،  هاڻي سندس شاديءَ جو سعيو ڪر. آءٌ توکي چوندو آهيان ته انهن پنهنجن کان پراوا چڱا اٿئي ۽ پراون مان جن تي ڀاڙيو اٿئي سي ڪنهن ڪم جا ناهن. جيڪو هاڻ مون بندوبست ڪيو آهي سو چڱو آهي، پر جنهن کي ڏک ڏولاوا نصيب ۾ هوندا تنهن سان ڪو ڪنهن جو وس؟ ماٺ ڪري کڻي هائو ڪر.“ اتي شهربانوءَ جي اک پٽجي ويئي. وري اچي خواب جي لڳس، ڪڏهن دل ۾ چوي ته زال جي خواب جي تعبير ابتڙ  ٿيندي آهي سو الائجي ڇا ٿيندو. ڪڏهن چوي ته مئو ماڻهو خواب ۾ ڏسبو آهي ته الائجي ڪهڙو حال ٿيندو آهي. انهن ڳڻتين ۾ وڃي  بختاور کي اٿاريائين، جا ٽپ ڏيئي اٿي. هن کي آهستي پاڻ وٽ وٺي ويهاريائين ۽ خواب جي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس ۽ چيائينس ته ”مون کي فڪر ٿي بيٺو آهي.“

بختاور چيس ته ”مائي! اسان جو سرائي اسان سڀني جو دعاگو آهي، خير سان خوشيءَ جي خبر آندي اٿس جو توکي انهيءَ پاسي جو انتظار هو. ٻيو سڀ خير آهي، الله ڪندو سگهوئي سبب ٿيندو!“ انهيءَ دلاسي ڪري مائي شهربانوءَ جي هانو تي ڇنڊو پيو ۽ دل کي تقويت آيس. ماٺ ڪري ڪلمو پڙهي وري سمهي رهي ۽ بختاور به وڃي پنهنجي جاءِ تي ستي.

 

 

باب پنجون

نئون پيغام

رات گذري صبح ٿيو. گهر جا ڀاتي اٿي ڏهاڙيءَ وارو ڪم ڪار ڪرڻ لڳا. زينت بانو نماز پڙهي وڃي قرآن جي دؤر تي پينگهي ۾ ويٺي. حامد اسڪول ڏي سنڀريو. بختاور کي مائي شهربانوءَ سڏي چيو ته ”اڄ مائي جان بيبي اچڻي آهي، سو سويري وڃي ڀاڄي ڀتي وٺي آءُ، گوشت سرس آڻجئين ته سوير ئي رڌڻ پائڻ جو ڪم ٿئي“، ۽ ڌيءُ کي به سڏي چيائين ته ”امان! بختاور کي پئسا ڏيئي، سمجهائي روانو ڪر ۽ پوءِ مانيء ٽڪيءَ جي نظر رکجئين متان مون کي اٿڻ جو وقت نه ملي.“

زينت انهيءَ مهل قرآن ٺپي، بختاور کي سڏي جيڪو  سامان آڻڻو هو، تنهن جو سمجهايو ۽ پئسا ڏيئي هن کي روانو ڪيائين. پاڻ وري ويهي قرآن پڙهڻ لڳي. بختاور ڪلاڪ کن ۾ سامان وٺي آئي ۽ اچي رڌڻ پچائڻ جو ڪم شروع  ڪيائين. ايتري ۾ زينت بانو قرآن پڙهي اٿي ۽ هميشه وانگي ڪپڙو کڻي جاءِ جي شين جي صفائي ڪري، پوءِ پنهنجي ڪم کي لڳي.

نائين بجي ڌاري در تي هڪڙي گاڏي آئي جنهن ۾ برقعي سان هڪڙي زال ويٺل هئي ۽ هڪڙي پورهيت ساڻس هيس ۽ ساڻس گڏ هڪڙو جوان ويٺل  هو – ٽيئي لٿا. اها مائي جان بيبي ۽ سندس پورهيت مريم هئي، جن کي علي رضا اماڻڻ آيو هو. هنن کي سرائي فتح خان جي گهر اماڻي، علي رضا وري ساڳيءَ گاڏيءَ تي چڙهي پٺتي موٽي ويو.

علي نواز مغل اهو دستور ڪري ڇڏيو هو ته جڏهن ڪڏهن سندس زال ڪيڏي ٻاهر ويندي هئي. جيئن پردي وارن ماڻهن جو دستور آهي ته جي ٿورو پنڌ هوندو هو ته پيادي ويندي هئي ۽ ساڻس سندس پورهيت ۽ سندس عزيزن مان هڪڙو مڙس ماڻهو ويندو هو ۽ جي پرڀرو پنڌ هوندو هو ته گاڏي ڀاڙي ڪري آڻيندا  هئا، انهيءَ ۾ ويندا هئا. برقعو به ايراني يا پٺاڻڪي ڊول جو هوندو هون، نه سنڌي ڊول جو. ميرن جي صاحبيءَ ۾ ته هنن کي به ڪجاون ۾ چڙهي وڃڻ جو  لاچار هو. ڇالاءِ جو هنن جو گهڻو واسطو حاڪمن سان هو، تنهن ڪري رسم به انهن جي تي هلندا هئا. صاحبيءَ وئيءَ کانپوءِ ٿورو ٿورو ڪري ڪجاوا ڇڏي، ڏوليءَ ۾ چڙهڻ جي رسم ورتي هئائون؛ پر جيئن غريب ٿيندا ويا ۽ ڏوليءَ جو به کٽراڳ ڏسندا ويا تيئن انهيءَ کي به ڇڏي هاڻي اچي پنهجي پيرن جي پنڌ ۽ ڀاڙي جي گاڏيءَ تي بيٺا هئا. علي نواز خان ڏاهو ماڻهو هو ۽ ٻيو وري ولايتي ماڻهو هو، تنهن کي ولايتي مسلمانن جون رسمون سجهيون ٿي، تنهن ڄاتو ته جنهن کي پردو چئجي سو مطلب هن مان ئي ٿو نڪري تڏهن پاڻ کي ٻيڻي تڪليف ۽ خرچ ۾ وجهڻ جو ڪهڙو ضرور؟

فتح خان جي گهر سان اهو حال نه هو. هو سرائي ماڻهو هئا، هنن جو پردو وڌيڪ سخت هو. جيڪو دستور ميرن جي صاحبيءَ کان هليل هو، سو هليو آيو. هنن ۾ زال ماڻهو پهريائين ته گهڻو ڪري ٻاهر نڪرندي ڪين هئي. جڏهن ڪڏهن ضرور پوندو هو تڏهن قنات ۽ پوش واري ڪجائي کان سواءِ ڪين نڪرندا هئا،  پوءِ ڀلي پنڌ تمام ٿورو هجي ته به جتي ڪجائي جي جاءِ نه هوندي هئي اتي لاچار ڏولي ڪم آڻيندا هئا.

مطلب ڳالهه جو ته مائي جان بيبي پورهيت سميت اچي سرائي فتح علي خان جي گهر لٿي. هوءَ گهر جي ڀاتين سان ملي، پوءِ وڃي سڀ صفي ۾ ويٺيون. مايون ٻيءَ هڪڙي کٽ تي ويٺيون. زينت بانو وري پاسي ۾ ٻيو کٽولو پيو هو تنهن تي ويٺي ۽ مريم سڀني جي اڳيان تڏي تي ويهي رهي. اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪيائون. ٻه ٽي ڏينهن لنگهي ويا هئا جو هو مليانه هئا، تنهن ڪري هڪٻئي ڏي ڏک ڏوراپا  ڪڍيائون.

مائي جان بيبي ۽ مائي شهربانو پاڻ ۾ ويٺي ڳالهايو – تيتري ۾ زينت بانو اٿي بورچيخاني ۾ ويئي ۽ بختاور کي رڌڻ پچائڻ  ۾ مدد ڏيڻ لڳي. ٻه پهر اچي قابو ٿيا هئا، تنهنڪري همت ڪري ٻه – ٽي چلها کڻي چاڙهيائون؛ ٻه – ٽي طعام هُن پچايا، ٻه – ٽي هُن، جهٽ ۾ ماني تيار ٿي ويئي.

زينت بانو پاڻ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ فرش ڪري، دسترخوان وڇايو ۽ پاسي واري ٻاهرئين در مان ڳچ جيترا ڍاڪو رکي ويئي. پوءِ صفي ۾ ماءُ کي چيائين ته ”امان ماني تيار آهي“ پر انهيءَ کان  اڳي هڪڙي ننڍي خونچي ۾ ڪي ڍاڪون رکي، مٿانئس دسترخوان وجهي ٻاهر در تي موڪليائين، جو سندس ڀاءُ حامد به اسڪول کان موٽي آيو هو ۽ اوطاق واري لانڍيءَ ۾ ويٺو هو ۽ علي رضا به پنهنجي ڏهاڙيءَ جي نوڪري ڏيئي موٽي اُتي آيو هو – جو ٻنهي يارن پاڻ ۾ وري ٻاهر ويٺي صحبت ڪئي.

بختاور سڀني جا هٿ ڌئاريا، ٽيئي ڄڻيون مانيءَ تي ويٺيون، مريم ۽ بختاور پاسي کان بيهي پکو هڻڻ لڳيون. سڀني پريندي ”بسم الله“ ڪئي ۽ جان بيبيءَ ته پنهنجي هميشه جي دستور موجب ”لا يلاف“ به پڙهيو – پوءِ کائڻ لڳيون.

جان بيبيءَ چيو ته ”مائي شهربانو! هيڏي تڪليف ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور هو، هيتري ماني ڪير کائيندو؟“

شهربانوءَ چيو ته ”مائي ڪهڙي تڪليف – ماني، گوشت ۽ چانور – اهو ڏهاڙي پيو کائجي، ٻيو وڌيڪ وري ڇاهي؟“

جان بيبي چيو ته ”هان! مائي، چادر جيڏو دسترخوان ڍاڪن  ۽ رڪيبين سان ڀرجي ويو آهي؛ اڃا به ٿورو آهي! آءٌ ته کائيندي آهيان ٻه – ٽي گرنهن، ههڙو سڻڀو طعام ته ڏينهن ٿيا آهن، مون اکئين به ڪونه ڏٺو آهي. منهنجي گهر واري کي ٻيو ورهيه ٿو لنگهي ته مون کي نه سجهي ته مون پيٽ ڀري ماني کاڌي. هيءُ مريم رڌڻ پچائڻ واري  بيٺي آهي، کڻي پڇينس.“

شهربانوءَ چيو ته ”مائي، اهو خيال ڇو نه آهي – گهر واري جو وڏو آسرو آهي، وڏي خوشي آهي؛ ادي، منهنجو به اهڙو ئي حال آهي، بس گذر ڪرڻو آهي، حياتيءَ جو دم لنگهائڻو آهي.“

جان بيبيءَ چيو ته ”زينت امان، تو به ڪين گهٽايو آهي. مون کي سُجهي ٿو هيءُ چاشني، پلاءُ ۽ کيرڻي، توڙي هي حلوو تنهنجو رڌل آهي. ڪهڙو نه چڱو سواد منجهس رکيو اٿئي! پر ناحق منهنجي خاطر اڄ بورچيخاني جو سيڪ جهليئي.“

شهربانوءَ چيو ته ”مائي، ڪڏهن ڪڏهن اُهئين به وڃي بختاور کي مدد ڏيندي آهي، اڄ مهمانن جي لاءِ جي ائين ڪيائين، ته ڇا ٿيو.“ زينت، جنهن ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺي کاڌو. تنهن چيو ته ”مائي! اوهان کي منهنجو رڌل کاڌو پسند آيو ته منهنجو پورهيو سجايو ٿيو.“

”جان بيبيءَ چرچو ڪري چيس ته ”سو ته چڱو پر جي اهڙو طعام اسان کي کارايئي ته اسين ڏهاري ڀڳا بيٺا هونداسين.“

زينت ورندي ڏني ته ”مائي! آءُ حاضر آهيان، اوهين ڀلي اچو، جيءُ اچو.“

انهيءَ طرح ڳالهيون به ويٺي ڪيائون ۽ ماني به ويٺي کاڌائون. نيٺ کائي بس ڪيائون،، جان بيبيءَ دعا گهري، ۽ سڀ اٿي کڙا ٿيا. بختاور ٻاهر در تي مڙس مانڻهن جي سماءَ تي ويٺي هئي، تنهنڪري مريم ڪونرو  ۽  چلمچي کڻي هٿ ڌئارين. زينت وري ميز جي خاني مان سوپاريون ۽ ڦوٽا ڪڍي هنن کي ڏنا. بختاور موٽي آئي، سا ۽ مريم ٻيئي ٿانو کڻي بورچيخاني ۾ وييون، اتي ويهي وري هو گڏ ماني کائڻ ۽ پاڻ ۾ صحبت ڪرڻ لڳيون.

جان بيبي ٿوري دير تائين زينت جي ڪوٺيءَ ۾ بيٺي ۽  جيڪي گل ۽ تصويرون، ڪتاب ۽ ٻيو سامان چڱي ڊول سان  جاءِ ۾ رکيل هو، سو ڏسي تعريف ڪرڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي ته ”مائي زينت به پنهنجي جاءِ کي اهڙو سينگاريو آهي. جو ڇا چئجي! اسان جي علي رضا جو به ساڳيو ئي ڊول آهي پنهجي ويهڻ جي جاءِ ٺاهي اٿس. تنهن ۾ هن وانگي چڱيون شيون ۽ ڪتاب رکي ڇڏيا اٿس. سڄو ڏينهن انهيءَ ۾ پوريو پيو آهي.“

پوءِ وري ٽيئي ڄڻيون اچي صفي ۾ ويٺيون ۽ هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ڪرڻ لڳيون.

جان بيبيءَ چيو ته ”امان زينت، تون به ذري تائين ته اچي منهنجي ڀر ۾ ويهه، صبح کان وٺي پئي ڊوڙي آهين، تو سان کلي ڳالهائي ڍو ته ڪريان.“

زينت اٿي وڃي جان بيبيءَ جي پاسي ۾ ويٺي، ۽ جان بيبي سندس تعريف ڪرڻ لڳي ته ”امان! تو جهڙي پڙهيل  هوشيار  ۽ هنر واري ۽ نيڪ ڌيءَ خدا شال جهان کي ڏئي. جنهن گهر ۾ تون هوندينءَ، انهيءَ گهر جو وڏو نصيب هوندو. تون ڌيءَ ناهين، تون پُٽن جو مَٽ آهين. آءٌ خوشامند نٿي ڪريان. مريم کان پڇي ڏس ته ڪيترا ڀيرا اسين تنهنجون ڳالهيون ڪنديون آهيون، ۽ جڏهن جهان جي پُٽن ڌيئن جو ذڪر نڪري، تڏهن آءٌ چوندي آهيان ته مون به گهر گهڻا ڏٺا، پر اهڙي سگهڙ ۽ نيڪ ڌيءَ ڪنهن امير جي گهر ۾ مشڪل هوندي.“

زينت ته حيا کان ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺي هئي ۽ جواب ڪونه ڏنائين. شهربانوءَ چيو ته ”مائي! الله شال جهان جو اولاد صالح ڪري، ڇا پٽ، ڇا ڏيءَ“

اتي بختاور زينت کي ڪنهن ڪم لاءِ سڏ ڪيو، سا ويئي اوڏي، ۽ جان بيبي وجهه ڏسي چيو ته ”مائي شهربانو! مون کي ڪو ٿورڙو عرض ڪرڻو آهي.“

شهربانوءَ چيو ته ”مائي ڀلي چئو“

جان بيبيءَ چيو ته ”مائي، توکي خبر آهي ته اسان ٻنهي گهرن جي وچ ۾ جيڪو رستو آهي، سو مائٽن کان به وڌيڪ آهي. خدا سرائيءَ کي بهشت نصيب ڪري ۽ منهنجي گهرواري کي مرهي، سي جڏهن حيات هوندا هئا، ۽ پنهنجو به دور هوندو هو، تڏهن ته توکي ياد هوندو ته ڪهڙي نه پاڻ ۾ اٿ – ويهه  ڪندا هئاسين. اڄ اجهو ائين آهي، ڪڏهن ڪڏهن ٿو ملڻ ٿئي. منهنجو مڙس به اصل پرديسي هو، پر هاڻ ته اسين سڀ ديسي ٿياسون. جهڙا اشراف توهين آهيو، تهڙا اسين آهيون. اسان کي اوهان کان عار ڪونهي، اوهان کي اسان کان عار نه اچڻ گهرجي. منهنجي مرضي آهي ته منهنجي نينگر علي رضا کي تون پنهنجو ڪرين ته چڱو؟ هو غريب آهي، چڱي چال وارو آهي. اسان جي حال جي توکي ساري خبر آهي- توکان ڳجهو ڪين آهي.  آءٌ نٿي چوان ته اسين اوهان جا مائٽ آهيون، اسين اوهان جا غلام آهيون، ائين ڄاڻي تون کڻي منهنجي علي رضا سان ننگ ڪر.“

جان بيبيءَ بس ڪئي، ڀانيائين ته ڏسان شهربانو ڇا ٿي چوي، پر هن کي ته انهيءَ مهل اهڙي ڳالهه ٻڌڻ جو ته خيال ئي ڪونه هو، تنهنڪري چپ کڻي ڪيائين، ماٺ ڪيو پئي ٻڌائين.

تڏهن جان بيبيءَ وري چيو ته ”ادي! تون خفي نه ٿجئين، منهنجي ڳالهه ناشائستي هجي ته مون کي معاف ڪجئين. مون کي خبر آهي ته اهڙي مائٽي جي ڳالهه کي هتي جا ماڻهو گار سڏيندا آهن ۽ انهيءَ تي پاڻ ۾ گهڻا جهيڙا ڪندا آهن. پر سرائي مرحوم جي توڙي اوهان سڀني جي هلت چلت ٻين عام ماڻهن جهڙي ناهي. اوهين سمجهو عقل وارا آهيو – ڄاڻو ٿا ته زماني جو اهو دستور آهي، نبين ولين به پنهنجن ٻارن جا اهڙا بندوبست پئي ڪيا آهن، تڏهن پاڻ ڪير آهيون. هاڻي منهن مٿي ڪري مون کي ڪو دلاسو ڏي، ته منهنجي دل کي ڏڍ اچي.“

تڏهن لاچار شهربانوءَ منهن مٿي ڪري چيو ته ”ادي! تون منهنجي ڀيڻ آهين، مائٽن وانگي آهين. اهڙن ڪمن ۾ مون کي توکان عيب ڪونهي، توکي مون کان عيب ڪونهي. مگر  مون کي خيال به ڪونه هو ته اڄ تون رڳو انهيءَ لاءِ پنڌ ڪري اچي اهڙي ڳالهه مون سان ڪندينءَ!“

جان بيبيءَ چيو ته ”ادي! ائين متان چوين، آءٌ رڳو انهيءَ ڪم لاءِ نه آيس. ڪيترا نه ڏينهن ٿي ويا آهن، جو پاڻ  نه مليا آهيون، تنهنڪري ڄاتم ته اچي اوهان جو منهن به ڏسان ۽  جيڪو حال هوم سو به توسان ڪريان، جو توکان سواءِ هتي مون کي صلاح مصلحت ڏيڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟“

شهربانوءَ ورندي ڏني ته ”ادي، چڱو ڪيئي، پر توکي خبر آهي ته منهنجا مائٽ پاسي ۾ ويٺا آهن، نينگريءَ جو مامو آهي، چاچو آهي، ٻيا ڪيترا مائٽ آهن، انهن کي به نيٺ مائٽيءَ جي ڳالهه دل ۾ هوندي. وري جيئي شل منهنجو حامد به ويٺو آهي، جوان اچي ٿيو آهي، تنهن جو به نيٺ بلو ڪرڻو اٿم. اڄ ته مائٽ به چون ٿا ته ”اٽي تي اٽو، کارو نه کٽو، هڪڙي هٿ ۾ ڏيو ٻئي هٿ ۾ وٺو، سو جي آءٌ کڻي اهڙو پير توسان ڀريان، ته مائٽن کان به مور وينديس ۽ منهنجو ڇوڪرو به رهجي ويندو.“

جان بيبيءَ چيو ته ”مائي، سچ ٿي چوين، اها ڳالهه برابر آهي، تنهنجي پٽ جو به توکي خيال نه هوندو، ته ٻيو ڪنهن کي هوندو. الله انهيءَ کي به کڻي گهوٽ ڪندو. لائق پٽن جي لاءِ لائق زالون جهجهيون آهن. قسم کڻي ٿي چوان ته جي مون کي نياڻي هجي ها ته آءٌ پهرين انهيءَ کي تنهنجي جهوٺيءَ ۾ وجهان ها، پر منهنجو وس ڪونهي. تنهنجو پٽ، سو منهنجو پٽ آهي. جهڙو آءٌ علي رضا جي شاديءَ ۾ خوش ٿينديس، تهڙو حامد جي. جيترو پنهنجي پٽ لاءِ ٿي سعيو ڪريان، تنهن کان وڌ تنهنجي حامد لاءِ ڪنديس، پوءِ هٿ وس خدا جي آهي.“

شهربانوءَ چيو ته ”مائي! اهي تون پنهنجا لائق ٿي ڪرين، مگر وري به زمانيسازيءَ ۾ سڀڪنهن کي اهڙن ڪمن لاءِ گهڻيون ڳالهيون ڳڻڻيون آهن.“

جان بيبيءَ چيو ته ”ادي شهربانو، تڏهن مون کي نااميد ٿي ڪرين؟ منهنجو غرض قبول نه ڪيئي،. منهنجي اڇي مٿي ڏي نه ڏٺئي؟“

شهربانوءَ ورندي ڏني ته ”ادي! آءٌ ائين ڪين ٿي چوان، مون چيو ته اهڙن ڪمن جي لاءِ خيال ڪرڻ ۽  اڳ – پوءِ ڳڻڻ ضروري آهي، سا ڳڻ ڳڻي پوءِ توکي جواب ڏينديس.“

جان بيبيءَ چيو ته ”تڏهن ڀلائي ڪج، وسارج نه، مون کي رات، ڏينهن توڏي ڌيان هوندو.

اتي زينت به وري آئي، تنهنڪري هنن کڻي بس ڪئي. پوءِ سڀيئي وري کٽولن تي ليٽي پيون، ۽ ٿورو آرام ڪري اٿيون، وري وضو ڪري اڳئينءَ جي نماز پڙهيائون. پوءِ زينت جيڪي ٽوپيون ۽ چولا ڀريا هئا سي آڻي مائي جان بيبيءَ کي ڏيکاريائين، جي ڏسي هوءَ هيڪاري خوش ٿي.

اتي ڏينهن به ٺريو، ۽ علي رضا هلڻ جو وقت ڏسي، شهر ڏي وڃي گاڏي وٺي آيو هو، تنهن در تان ماءُ ڏي  چوائي موڪليو ته ”گاڏي  تيار آهي، هاڻي اچو.“ مائي سنڀري ۽ برقعو مٿان وڌائين، شهربانوءَ کان موڪلايائين، ۽ هلڻ مهل به آهستو چيائين ته ”منهنجي ڳالهه نه وسارج“ ۽ زينت کي وري به هلڻ مهل سڏي ڀاڪر پائي پيشانيءَ تي  چمي ڏنائين ۽ چيائينس ته ”امان، اسين ته تنهنجي گهر پيا اچون، تون الائجي ڪهڙي ڏينهن اسان جي گهر ايندينءَ!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org