سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اُهي ڏينهن اُهي شينهن

 

صفحو : 10

 

لاڙڪاڻو

نئين ديري جا مشاهير

وڏيرو رسول بخش خان ڀٽو

سنڌ جي اميرن جو شان ڪنهن کي ڏسڻو هوندو هو ته نئين ديري وڃي، مرحوم مغفور وڏيري رسول بخش خان ڀُٽي جو ديدار ڪري ايندو هو.

قداور ۽ ڪُوپو مڙس، منهن گول، ڀورو، ڀرون جاڙيون، ڏاڙهي ڪتريل. چوندا هئا، جوانيءَ ۾ آگوٺي جي زور سان رپئي تان انگ اکر ميساري ڇڏيندو هو.

سخي مرد هو. سٺ هزار ايڪڙ آباد زمين جنهن مان آمدني اٿاهه، پر هٿ ايتريقدر ڪشادو جو آمدنيءَ کان سندس خرچ هميشه وڌيل رهيو.

دل جو ايتريقدر صاف، جو فقط در پيهي اچڻ جي دير هوندي هئي. پسگردائيءَ جا ماڻهو ساڻس ڪيترين بيهودگين ڪرڻ بعد، ڪم پئي وٽس لنگهي ايندا هئا ته نامراد ٿي ڪو نه موٽندا هئا. عام چوڻي هوندي هئي ته ”رسول بخش خان جي ڪاوڙ ڪکن جي باهه مثل آهي: گهڙيءَ جو شعلو، ان کان پوءِ ٿڌي خاڪ.“

اکين جي لڄ ۽ حضور شرمي ايتريقدر، جو ڪنهن سان به انڪار ڪري ڪونه سگهندو. سندس ان خصوصيت جو ڪيترن ئي ماڻهن ناجائز فائدو پئي ورتو. پر هو صاحب پنهنجي طريقي تان ڪونه هٽيو. ڇَتي نالي هڪ ٻرڙو سندس زمينداريءَ اندر رهندو هو. ان بزرگ جو ڌنڌو اهو هوندو هو ته رسول بخش خان خلاف آفيسرن ڏانهن ڪوڙيون درخواستون موڪليندو رهي، ۽ ساڻن ملاقاتون ڪري رسول بخش خان خلاف چغليون هڻي. رسول بخش خان کي اها ساري حقيقت معلوم هئي، مگر ان هوندي به ڇَتي ٻرڙي جي هر وقت نه فقط حاجت روائي، پر باقاعده پرورش ڪندو رهيو. ڇَتو خان قداور، هڪ اک کان ڪاڻو، اڻپڙهيل، پر پنهنجي ڌنڌي اندر پنهنجو مثال پاڻ هو. جنهن وڏيري وٽ لنگهي ويندو ته وڏيري کي ڏڪڻي وٺي ويندي.

رسول بخش خان جي رهڻي ڪرڻي، شوق شغل، رياست جي والين جهڙا هوندا هئا. جنهن به شخص اچي وٽس ملازمت ڪئي، تنهن کي اولاد وانگر پاليائين، ۽ ايتريقدر ڏنائين، جو هو هميشه لاءِ اڏجي ويو. جهڙو پاڻ ڍڪيائين، اهڙو ئي ان کي به پهرايائين. عبدالمجيد ۽ ڇمڪي نالي سندس عام مانورا ملازم هوندا هئا، جن جي ڏِک عام زميندارن کان به ٿورو زياده هوندي هئي.

شڪار سندس زندگيءَ جو تنها مشغلو رهيو. نه سنڌ کان ڪڏهن ٻاهر ويو، نه وڏن شهرن گهمڻ جو ئي شوق هوس. جو وقت هوندو، سو شڪار بلي صرف ٿيندو.

ڪُتن جون لوڌون، شڪارين جون پلٽڻون، بندوقن جا انبار، ڪارتوسن سان توشا خانا ڀريل، سواريءَ لاءِ اُٺن جا وڳ ۽ گهوڙن سان طنبيلا ڀريل، اٺن ۽ گهوڙن جي پٺين تي ريشم جا سَنج ۽ ڳچين ۾ پَٽ جون ڳانيون ۽ چانديءَ جون سريون. تيار ٿي ڪيڏانهن نڪرندو ته پاڻ اُٺ تي، ۽ اڳيان پويان گهوڙيسوارن جون قطارون. بوقت سواري، انگريزي طرز جا، سواريءَ جا ڪپڙا پهريندو: خاڪي قميص ۽ ڪوٽ، ساڳئي ئي رنگ جي برجيس، جنهن تي پٽيون ٻڌل هونديون، پير ۾ لانگ بوٽ، مٿي تي سرديءَ ۾ بالڪلاوا ٽوپي ۽ گرميءَ ۾ سولا هئٽ.

اڏامندي پکيءَ کي بندوق هڻڻ ۾ سندس ثاني مون اڄ تائين ڪونه ڏٺو. پَري ۾ هلي بيهندو ته مشڪل سان ڪو پکي بچي نڪرندو. هميشه ٻه بندوقون پاڻ سان رکندو هو: هڪ پنهنجي هٿ ۾، ٻي لوڊر ماڻهو ڀريو سندس ڀر ۾ جهليو بيٺو هوندو هو. ٻنهي بندوقن کي ايتريءَ ڦڙتائيءَ سان استعمال ڪندو هو، جو هڪ ئي پير تي چار پکي ڪيرائي وجهندو هو. سندس شڪاري عملو ايتريقدر تجربيڪار هوندو هو، جو پکين کي اهڙي طريقي تي اُٿاريندا هئا، جو سمورا پکي ٻين شڪارين کان پاسو ڪريو، سڌا وڃي رسول بخش خان مٿان پوندا هئا.

سنڌ جي ڪيترن ئي ٻيلن ۾ سندس مستقل مهاڙيون رکيل هونديون هيون، جن جي سنڀال لاءِ شڪاري مقرر هوندا هئا. جنهن ڏينهن ست ڦاڙها ماريائين، يا ٻن گراٺين يا ان کان مٿي سڱن وارو ڦاڙهو مئو، ان ڏينهن شڪارين مٿان انعامن اڪرامن جا مينهن وسي ويندا.

سندس شرافت جو ڪجهه ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي، ان جا ڪجهه وڌيڪ مثال ٻڌو.

منهنجي ڏاڏي مرحوم ۽ سندس وچ ۾ ڪنهن زماني ۾ تلخي هوندي هئي. همسائگيءَ جون رقابتون هيون، ۽ شخصيتون ٻنهي بزرگن جون زوردار! هڪ ئي ٻيلي اندر ٻه شينهن رهن، سرو ذرا مشڪل هو.

عين ان تلخيءَ جي زماني اندر، ڏاڏي مرحوم تي هڪ سرڪاري معاملو ٿي پيو. معاملي جي نوعيت هيءَ هئي: مرحوم کي ڪنهن پاسي پوسٽ ڪارڊ لکڻو هو. ٽپال آفيس پسگردائيءَ ۾ ڪانه هوندي هئي. انجنيري کاتي جي ڪنهن ملازم آڻي کيس هڪ پوسٽ ڪارڊ ڏنو، جنهن تي پاڻ ڪجهه لکي ڪري ٽپال ۾ وڌائين. اهو ڪارڊ ”سروس“ پوسٽ ڪارڊ هو. پر ڏاڏو مرحوم انگريزي پڙهيل ڪونه هو، تنهنڪري کيس خبر پئجي ڪانه سگهي ته عام پوسٽ ڪارڊ ۽ سروس پوسٽ ڪارڊ ۾ ڪهڙو فرق ٿئي ٿو. ٽپال ۾ پوڻ بعد ڪارڊ پڪڙيو، ۽ پوسٽ ايڪٽ هيٺ مرحوم مٿان مقدمو داخل ٿيو.

عام دنيا جي دستور موجب، رسول بخش خان کي، پنهنجي دشمن خلاف ان موقعي جو هر طرح فائدو وٺڻ کپندو هو. پر هن صاحب ڪيو ڇا؟ حاضريءَ کان هڪ ڏينهن اڳ، چانديءَ جي رپين سان هڪ ڳوڻ ڀري اچي ڏاڏي مرحوم وٽ پهتو. چيائينس:”ميان پير شاهه سائين، پنهنجا معاملا پاڻ ۾ پيا فيصل ڪنداسين. هيءُ ٻاهريون حملو آهي، ان ۾ جيڪو به خرچ ٿيندو سو آءٌ پاڻ ڪندس، توکي ڪرڻ ڪونه ڏيندس.“

معاملو ته پهرينءُ ئي حاضريءَ تي ختم ٿي ويو، ڇو ته سرڪار پاڻ ئي ڪيس ڪڍائي ورتو. پر رسول بخش خان جي شرافت جو هڪ وڌيڪ غير فاني مثال ملي ويو.

انهن ساڳين ئي ڏينهن جو ذڪر آهي: جڏهن ٻنهي بزرگن جي وچ ۾ سخت جنگ ڇڙيل هوندي هئي، تڏهن به سندن سلوڪ هڪٻئي جي اولاد سان بلڪل مختلف قسم جو هوندو هو.

مرحوم رسول بخش خان ابي مرحوم سان ۽ ڏاڏو مرحوم رسول بخش خان مرحوم جي فرزند احمد خان (بعد ۾ خانبهادر احمد خان) سان مربيانه سلوڪ ڪندو رهيو. تحفا تحائف ڏيڻ، اچڻ وڃڻ، شوق شڪار ۾ شرڪت، مطلب ته دوستيءَ ۽ محبت جا سمورا لوازما پورا ٿيندا ٿي رهيا. چوندا هئا: ”مڙسن جا وير ٻچن کان نه وٺبا آهن.“

سردار واحد بخش خان ڀٽو

عمر وفا ڪانه ڪيس. اٺاويهن - اوڻٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ ئي انتقال ڪري ويو - نه ته گهڻن ئي همعصر وڏيرن ۽ سرمائيدار سياستدانن جي صفائي ڪري ڇڏي ها.

اميراڻي طرز تي رهڻ ۽ هلڻ ڪو کانئس سکي ها! زمينداري وڏي ۽ دولت ڪافي هيس، پر اُن جو ڏيکاءُ اصلي مُوڙيءَ کان به زياده پيو ٿيندو هو. اڌ سنڌ جي وڏيرن کي دوستيءَ جي دام ذريعي پنهنجيءَ سنگت ۾ شامل ڪري ڇڏيائين. مشڪل سان ڪو اهڙو ضلعو هو، جت ڪو نه ڪو سندس سر ڦِريو سنگتي موجود نه هوندو هو. دوستي گهڻو ڪري جوان مردن ۽ همت وارن ماڻهن سان رکندو هو. نه وري سندس دوستي ٺلهي يا رُکي قسم جي ئي هوندي هئي. پنهنجن دوستن سان انتهائي ڪشاده دليءَ جو سلوڪ ڪندو هو. جيڏانهن نڪرندو، سنگتين جو ٽولو ساڻ وٺي هلندو. انهن جي خدمت ۽ خاطري ايڏي پيماني تي پئي ٿيندي، جو هلندي هلندي مهينا گذري ويندا، پر ڳوٺ ياد ڪونه پوندن. شئل شڪار، سير تفريح، کانا گانا، سڀ شي موجود: پوءِ ڪير اهڙو بي سمجهه هوندو، جو اهي مزا ڇڏي وڃي پنهنجن گهرو معاملن ۾ مبتلا ٿئي ها؟

الله تعاليٰ ڪن ڪن ماڻهن ۾ اهڙيون خصوصيتون رکي ٿو، جن جو اثر ته محسوس ٿيندو رهي ٿو، پر انهن کي ڪنهن معين نالي سان سڏي نٿو سگهجي. مثلاً، واحد بخش خان مرحوم ۾ هيءَ خصوصيت هوندي هئي ته جتي موجود هوندو، اتي ميلو لڳو پيو هوندو - نه فقط سندس رهائش واريءَ جاءِ تي، پر ان ساري شهر مٿان بسنتي رُت ڇانيل هوندي - ڳليءَ ڪوچي، وڻ ٽڻ مان ائين پيو بکندو ته اڄ ڪو غير معمولي ماڻهو آيل آهي.

ڪجهه عرصي جي پيڙهه ٻڌڻ کان پوءِ، مرحوم پنهنجي اصلي مطمح نظر، يعني سياست طرف هلڻ شروع ڪيو. سينٽرل اسيمبليءَ جون چونڊون شروع ٿيون. پاڻ سنڌ جي زميندارن جاگيردارن واريءَ سيٽ لاءِ اميدواريءَ جو اعلان ڪيائين. سندس شخصيت ۽ تعلقات ۽ دولت جو اڳ ۾ ئي اهڙو پَرتو پيل هو، جو ڪنهن کي به سندس مقابلي ۾ بيهڻ جي مجال ڪانه ٿي. وقت آئي هر ٻيو اميدوار ڀڄي ويو. دهليءَ پهچڻ بعد پڻ سندس طريقو ساڳيو ئي رهيو. اٿڻي ويهڻي، رعب ۽ تاب ۾ هندستان جي نوابن ۽ راجائن سان ڪلها گسائيندو رهيو. سياسي علم گهڻو ڪونه هوس، تنهنڪري اسيمبليءَ اندر تقرير ڪرڻ جو سوال پيدا ڪونه ٿي ٿيو، پر ٻاهران ٻاهر ڪافي فضا پيدا ڪريو ويٺو رهيو. سينٽرل اسيمبليءَ جي ٽرم پوري ٿيڻ بعد بمبئي ڪائونسل جو ميمبر منتخب ٿيو، پر وري به بنا مقابلي.

همت ۽ هستيءَ ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو. جنهن جي مخالف ٿيو، ان جي ننڊ حرام ٿي. سخت کان سخت مقابلو ڪندي به هرگز باز نه ايندو. خوددار هو، تنهنڪري وقت جا ڪامورا گهڻو ڪري ساڻس ڪونه ٺهيا.

هڪ دفعي مٿس ڏاڍو نازڪ ڪيس ٿي پيو. ڇَتي ٻرڙي جو ذڪر، وڏيري رسول بخش خان ڀٽي سان تعلق رکندڙ مضمون ۾ اچي چڪو آهي - ان ڇتي جي زال ڀڄي ويئي. ڇتي وڃي گور والا نالي لاڙڪاڻي ڊويزن جي هڪ جوشيلي نوجوان پارسي اسسٽنٽ ڪليڪٽر کي درخواست ڏني ته سندس زال کي گم ڪرائڻ ۾ واحد بخش خان جو هٿ آهي، ڇو ته واحد بخش جي ساڻس دشمني آهي. گور والا وڏيرن جي خلاف هوندو هو، موقعي ملندي ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ جي آبرو ريزي ڪندي ڪونه مڙندو هو، تنهن اها درخواست جاچ لاءِ ضلعي جي ڪپتان مسٽر جج ڏانهن رواني ڪئي. جج جو سڀ کان زياده معتمد سب انسپيڪٽر، عبدالله خان نالي هڪ پٺاڻ هوندو هو. اهو عبدالله خان، پنهنجي مٿي، هڪ وڏو ڪيريڪٽر هو. ڪيترا سال رتيديري ۾ صوبيدار رهي چڪو هو. پوليس جو ڪاروبار هلائڻ ڪو کانئس سکي ها. مجال آهي ڪنهن چور کي جو ساڻس سچو احوال نه ڪري، يا وري عبدالله خان جي حد اندر، عبدالله خان جي آئي کان پوءِ، ڪو ڏوهه ڪري وجهي. هوندو فقط صوبيدار هو، پر ڏِک اڳوڻن مغل نوابن جهڙي پيو ڏيندو. رپورٽن لکڻ يا ڪيس تيار ڪرڻ ۾ استاد جو درجو حاصل هوس. قاعدي قانون جو زبردست ماهر هو. پنهنجن آفيسرن يا ڪنهن عدالت اڳيان بيهي ڪنهن ڪيس جو تجزيو ڪيائين، ته ڪنهن کي مجال ڪانه هوندي جو ان سان اختلاف ڪري سگهي. جنهن انگريز پوليس ڪپتان سان واهپو ٿيس، سو سندس عاشق ٿي پيو.

ڇَتي ٻرڙي جي درخواست جاچ لاءِ ان عبدالله خان جي سپرد ٿي، ته ماڻهن کي يقين ٿي ويو ته هينئر واحد بخش خان ڏانهن خير ڪونه ٿيندو. آخر ٿيو به ائين. بدقسمتيءَ سان جاچ هلندي، اُها عورت (جنهن جو نالو هو مسمات خانزادي) مري ويئي، جڏهن پوليس وڃي سندس قبر کوٽي، تڏهن ڏٺو ويو ته قبر مان لاش تازو نڪتل آهي.

سياري جي موسم هئي. هڪ شام جو اوچتو هيءَ خبر لاڙڪاڻي ۾ پکڙجي ويئي ته پوليس واحد بخش خان کي گرفتار ڪري، ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ جي ڪورٽ اڳيان چالان ڪري رهي آهي. آءٌ به ڊوڙي وڃي ڪورٽ ۾ پهتس. هشام ماڻهن جا تماشي ڏسڻ لاءِ موجود هئا. ٿوريءَ دير ۾ عبدالله خان واحد بخش خان کي گرفتار ڪري، ڪورٽ ۾ وٺي آيو. ڪورٽ بند ٿيڻ تي هئي، مگر ماجسٽريٽ ان هوندي به ڪورٽ کولي ويهي رهيو. ضمانت لاءِ درخواست پيش ٿي، ڌرين جي وڪيلن تقريرون ڪيون، ماجسٽريٽ درخواست رد ڪئي، پر ان هوندي به واحد بخش خان کي ڪورٽ ۾ ويهاريو ويٺو رهيو، ڇو ته کيس ٻڌايو ويو هو ته ضمانت جي ٻي درخواست سيشن ڪورٽ اڳيان پيش ٿي رهي آهي ۽ ان جي نتيجي نڪرڻ تائين واحد بخش خان کي جيل ڏانهن نه موڪليو وڃي. ان وچ ۾ رات پئجي ويئي، ڪورٽ جي اهلڪارن ڊڪي ڊوڙي گاسليٽ سان ٻرندڙ بتيون هٿ ڪري آڻي ڪورٽ ۾ رکيون. واحد بخش خان مرحوم، منهنجي قريب، ڪرسيءَ تي ويٺو رهيو. سندس چهري تي ڪنهن به قسم جي پريشانيءَ جا آثار ڪين هئا، پاڻ پوليس عملدارن ڏانهن ڏسندو ۽ پنهنجن شهپرن تي هٿ ڦيرائيندو ٿي رهيو. اٺين بجي ڌاري سيشن ڪورٽ وٽان سندس ضمانت تي آزاديءَ جو حڪم آيو، ۽ پاڻ اٿي پنهنجي بنگلي تي آيو. بعد ۾ معلوم ٿيو ته سيشن جج، (مرحوم سر شاهنواز خان ڀٽي جي چوڻ تي، ٽينس جي راند ڇڏي، اچي پنهنجي ڪورٽ کولي هئي، ۽ اتي خود سر شاهنواز خان ڀٽي کي ضامن وٺي، واحد بخش خان جي رهائيءَ جو حڪم ڪيو هئائين.)

ڪيس هلندي ساري سنڌ ٿرٿلي ۾ هئي. هر ڪنهن جون اکيون ان مقدمي تي کتل هيون. سرڪار، خاص ان ڪيس هلائڻ لاءِ، آغا غلام حسين کي اسپيشل ماجسٽريٽ مقرر ڪيو. آغا غلام حسين وڏي رعب سان ڪيس هلايو. ٻنهي طرفن کان وڏا وڏا وڪيل پيروي ڪندا رهيا. واحد بخش خان جو وڪيل مسٽر ٽي. جي. الفنسٽن ٿيو، جو انگريز هو ۽ سنڌ جو پبلڪ پراسيڪيوٽر پڻ هو. انهن ڏينهن ۾ پئسي وارا وڪيل ڪري ايندا هئا. اهي انگريز وڪيل قانوندانيءَ ۾ ڪيترن ديسي وڪيلن کان گهٽ هوندا هئا، پر اڇي چمڙيءَ جو وڏو مانُ هوندو هو ۽ ديسي ماجسٽريٽ سندن گهڻو خيال رکندا هئا.

آغا غلام حسين اوائلي جاچ ختم ڪري، ڪيس سيشن ڪورٽ ڏانهن ڪمٽ ڪيو. ڪيس حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ۾ هلڻو ٿيو. ڪيس کي اڳ ۾ ئي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو. انگريز جج هو، تنهن ڪيس جو هڪ حصو هلائي، جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو. ان فتويٰ کي ڏسي، بمبئي گورنمينٽ ڪيس جو ٻيو حصو، جنهن ۾ واحد بخش خان پاڻ ماخوذ هو، پاڻ وٿڊرا (Withdraw) ڪرائي ورتو ۽ ان طرح مرحوم واحد بخش خان، ڪيتري عرصي جي پيڙا بعد وڃي آزاد ٿيو.

انهن ڏينهن ۾ ”سنڌ آبزرور“ نالي (1) هندن جي هڪ روزانه اخبار ڪراچيءَ مان نڪرندي هئي. ڪي. پنيا نالي هڪ سخت متعصب مدراسي هندو ان جو ايڊيٽر هوندو هو. ان اخبار جي پاليسي هوندي هئي ته هر طريقي سنڌ مان مسلمانن جو زور ڀڳو وڃي. تنهن، واحد بخش خان جي ڪيس جي خارج ٿيڻ جو ٻڌي، هڪ سخت ايڊيٽوريل لکيو (2) جنهن ۾ بمبئي سرڪار تي هيءُ الزام لڳايو هئائين ته هن سر ڀٽي جي سياسي اثر هيٺ اچي، واحد بخش خان، سندس سؤٽ تان ڪيس ڪڍائي قانون ۽ انصاف سان سخت هاڃي ڪئي آهي. ان ايڊيٽوريل ڪري چوٻولو گهڻو پيدا ٿيو، ۽ خود بمبئي ڪائونسل جي اجلاس اندر به بحث مباحثو ٿيو، پر مقدمو اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪو هو.

اهو مقدمو، مقدمو نه هو، هڪ مستقل مصيبت هئي. پر واحد بخش خان مرحوم جو حوصلو ڪڏهن به پست ڪونه ٿيو - ساڳيو شان، ساڳي لاپرواهي، ۽ ساڳيون چئلينجون دشمنن کي. البت، پس پرده، ياد خدا ۽ نماز جي ادائگي خاص خيال سان ٿيندي ٿي رهي.

مرحوم ڪنهن به پاڻ جهڙي انسان اڳيان هٿ ڊگهو نه ڪيو، باقي پنهنجي آقا اڳيان نوڙت ڪندي، يا ان سان حاجت بيان ڪندي، ڪنهن به شرم يا حجاب جو ڪو سوال پيدا ڪونه ٿي ٿيو.

ڪپڙي لٽي ۽ ساز سامان جو مرحوم کي بيحد شوق هوندو هو.

انڊين اسيمبليءَ ۾ چونڊجي دهلي ويو. اتي ڳاڙهي رنگ جي هڪ تازي آيل شاهي موٽر ڪار، پئڪارڊ، ورتائين - جيڪا اوستائين ٻئي ڪنهن به راجا راجواڙي وٽ ڪانه هئي. ان ۾ وري هڻايائين وڏيون وڏيون شمعون ۽ غير معمولي قسم جا هارن، جن مان موسيقيءَ جا آواز ٿي نڪتا. پوئينءَ سيٽ جي اڳيان، هوا کي روڪڻ لاءِ وڏو شيشو هڻائي، ان تي وڏن اکرن ۾ پنهنجو نالو لکارايائين، ته جيئن ڏسندڙن کي موٽر سان گڏ موٽر جي مالڪ جو نالو به معلوم ٿيندو رهي. جڏهن اها موٽر ڪراچيءَ ۾ هلندي هئي، ته ماڻهن جا هشام مڙي ويندا هئا. پاڻ لباس به راجائن جهڙو ئي پهريندو هو. راجپوت قسم جي، پاسي تي آهليل رنگا رنگي پڳ، سوٽ يا شيرواني ۽ شلوار، ڪڏهن ڪڏهن شلوار سان گڏ ريشمي گلدار پهراڻ ۽ زريءَ سان ڀريل جُتي. ڌڻي تعاليٰ صورت به ڏسڻ جهڙي ڏني هيس، جنهن تي هر قسم جو ڪپڙو پيو ٺهندو هو- قد ڊگهو ۽ موزون، چهرو موڪرو، شهپر وڏا، ڀرون جاڙيون، ۽ رنگ کليل.

پنهنجي ڳوٺ (ڳوٺ پير بخش ڀٽو تعلقو رتو ديرو) اندر، رهڻ واريءَ جاءِ کي محلات جي نموني تي سينگاريائين. روشني ۽ پکن هڻائڻ لاءِ خاص پنهنجي خرچ تي بجليءَ جو جنريٽر هڻارايائين. نوڪرن چاڪرن، بٽلرن ۽ ڊرائيورن کي مونوگرام سان ورديون ڏنائين. جنهن صورت ۾ حڪومت اڃا کيس ڪنهن به وڏي خطاب ڏيڻ لاءِ تيار ڪانه هئي، تنهن صورت ۾ هن صاحب پاڻ ڀٽي قوم کي گڏ ڪري، انهن جي سرداري قبول ڪئي. ان ڏينهن کان پوءِ، عام ماڻهو کيس سردار واحد بخش خان سڏڻ لڳا. پسگردائيءَ جا غريب ۽ نوڪر چاڪر کيس ”نواب صاحب“ سڏيندا رهيا. نوابن کي سڱ ڪونه ٿيندا هئا، جيڪڏهن واحد بخش خان نوابيءَ جي لائق ڪونه هو، ته سنڌ اندر يقيناً ٻيو به ڪو نوابيءَ جي لائق ڪونه هو.

سندس قضيو، جو شروع جوانيءَ ۾ ٿيو، ضلعي جو سخت درد انگيز واقعو هو. مرحوم چڱو ڀلو بمبئيءَ ويو، ۽ اتان موٽندي رستي ۾ نمونيا ٿيس. لاڙڪاڻي جي مقامي ڊاڪٽرن علاج ڪيس. پر ڪامياب ڪونه ٿيو. انهن ڏينهن ۾ نمونيا لاءِ هاڻي وارا علاج اڃا تجويز ڪين ٿيا هئا، نه ائنٽي بايوٽڪس هوندا هئا، نه پينسلين. الله تعاليٰ جون سندس روح مٿان رحمتون هجن! سخي مرد هو، سوَن هزارن نادارن، بيوهه عورتن ۽ يتيمن جي پرورش ڪندو رهندو هو.

نبي بخش خان ڀٽو

واحد بخش خان مرحوم کان پوءِ سندس ورثو سندس ڀاءُ نبي بخش خان سنڀاليو. قدرت ٻنهي ڀائرن جون طبيعتون متضاد خلقيون هيون - واحد بخش خان جي طبيعت جيتريقدر هنگامه خيز پسند هئي، اوتريقدر نبي بخش خان جي طبيعت صلح پسند، خاموش ۽ فقيرانه هئي.

نبي بخش خان اڃا حيات ۽ موجود آهي. اهڙو سانتيڪو، سچو، شريف ۽ اڻ ڏکوئيندڙ انسان مون سنڌ جي زميندار طبقي اندر ٻيو ڪونه ڏٺو آهي. ڪو ماڻهو سخت ڏک پهچائيندس ته به ٻاهر ٻڙڪ ڪانه ڪڇندو. ساريءَ عمر اندر شايد ڪنهن سان به تکو اکر ڪونه ڳالهايو اٿس. ڪم گوئيءَ ۽ خاموشيءَ جو هيءُ عالم، جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو هوندو، ۽ جيستائين ٻيو ڪو ساڻس نه ڳالهائيندو، پاڻ ڪونه ڪڇندو. سندس وعدو سون جو سِڪو، سندس ڪئريڪٽر قطعاً بيداغ، پاليٽڪس ۾ ورهين جا ورهيه رهيو، پر ڪڏهن به سياست کي پنهنجن غرضن جي پوري ڪرڻ لاءِ اوزار طور استعمال نه ڪيائين.

سر شاهنواز خان جي بمبئي وڃڻ کان پوءِ نبي بخش خان لاڙڪاڻي ضلعي جو پريزيڊنٽ چونڊيو، ۽ تقريباً اَٺ ورهيه کن ان منصب تي رهيو. سندس ايمانداري بطور ضرب المثل استعمال ٿيندي رهي. ٽي - چار سال بمبئي ڪائونسل جو ميمبر، ڏهه سال سينٽرل اسيمبليءَ جو ميمبر، ۽ اٺ - ڏهه سال سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو، پر ڪڏهن به نه پارٽي بدلايائين، نه سرڪار جو ڇاڙتو بڻيو، نه خطاب ورتائين، نڪي وزارت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، جنهن سان وعدو ڪيائين، توڙ نباهيائين.

33-1934ع ۾، انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. انهن ڏينهن ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس پڻ اسيمبليءَ ۾ گهڙي پئي هئي، جنهنڪري اسيمبلي، سرڪار ۽ ڪانگريس جي وچ ۾، ڪرڪيشترا جو ميدان بڻجي پئي هئي. گهڻن ئي ڏسڻن وائسڻن ميمبرن پاڻ کي سرڪار سان وابسته ڪري، پنهنجا ڪيترائي ڪارج پئي سَڌ ڪيا. مگر نبي بخش خان قطعاً لاطمع ٿيو ويٺو رهيو، ۽ بلڪل آزاديءَ سان ووٽ استعمال ڪندو رهيو.

سرڪار ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ سڀ کان پهريون مقابلو اسيمبليءَ جي صدارت جي چونڊ تي ٿيو، سرڪار جي همدردي هئي مرحوم سر عبدالرحيم سان، جيڪو جناح صاحب جي انڊپينڊنٽ پارٽيءَ طرفان اميدوار بيٺو هو. ٻيءَ ڌر طرفان، ڪانگريسي اميدوار مسٽر شيرواني هو. کٽ يا هار جو مدار فقط هڪ - ٻن ووٽن تي هو. تنهنڪري ميمبرن تي وڏا زور بار اچڻ لڳا. نبي بخش خان دهليءَ پهچڻ شرط ئي پنهنجي ووٽ جو وعدو شيروانيءَ سان ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ مٿس قسم قسم جي اثرن هلائڻ جي ڪوشش ٿي، پر سندس واعدي ۾ ڦيرو ڪو نه آيو. انهن ڏينهن ۾، سندس خلاف داخل ٿيل اليڪشن پٽيشن ساڳيءَ هندستان سرڪار جي اڳيان زير غور هئي. ڪيترن سرڪاري ڇاڙتن کيس دڙڪا ۽ لالچون ڏنيون، چي، ”جيڪڏهن ووٽ سرڪار طرف ڏيندين ته تنهنجي اليڪشن پٽيشن ابتدا ۾ ئي رد ٿي ويندي، ٻيءَ حالت ۾ اليڪشن پٽيشن کي منهن ڏيڻ تي اوترو ئي خرچ ڪرڻو پوندئي، جيترو خرچ اليڪشن تي ٿيو اٿئي“، وغيره وغيره. مگر نبي بخش خان تي ڪو اثر ڪونه ٿيو. سندس ووٽ شيروانيءَ کي ئي مليو. البت، هڪ ٻئي سنڌي ميمبر ان موقعي جو چڱو ئي فائدو ورتو. ان بزرگ اوائل ۾ واعدو به شيروانيءَ سان ڪيو، پر جڏهن جنگ جو ميدان گرم ٿيو، تڏهن سرڪار سان پنهنجون صلح صفايون ڪري، پنهنجو ووٽ مخفي طرح وڃي سرڪاري اميدوار کي ڏنو. فرق هڪڙي ئي ووٽ جو هو- اهو ووٽ سر عبدالرحيم، سرڪاري اميدوار کي مليو، جنهنڪري شيرواني هڪ ووٽ تي هارايو.

سينٽرل اسيمبليءَ اندر ٻي يُڌ لڳي هڪ سرڪاري بل تي، جنهن جي مراد هئي ته سرڪار کي اختيار ڏنو وڃي ته ڪنهن به انقلابي ماڻهوءَ کي بغير ڪيس هلائڻ جي ڪيتري به عرصي لاءِ جيل ۾ بند رکي سگهي. سر نرڀندراناٿ سرڪار، لا- ميمبر هو، تنهن اهو بل اسيمبليءَ اڳيان آندو. بل جي فائدي ۾ سر نرڀندرا جي ڪيل تقرير طوالت جي لحاظ سان ان اسيمبليءَ جي تاريخ اندر رڪارڊ هئي. بل پيش ٿيڻ بعد هڪ طرف اها تقرير شروع ٿي، ۽ ٻئي طرف بل جي فائدي ۾ ووٽن حاصل ڪرڻ لاءِ سرڪاري ڪوشش. ڪانگريس پارٽي ته اڳ ۾ ئي اهڙن بلن جي مخالف هئي، پر غير ڪانگريسي ميمبرن به ان بل جو وجهه وٺي، سرڪار کي بلئڪ - ميل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ڪن پنهنجي ووٽ جي قيمت خطابن جي صورت ۾ گهري، ڪن کي عهدا گهربا هئا، ڪي رٺا ٿي، ۽ ڪي وري ووٽ جي قيمت وڌارائڻ جي نيت سان دهلي اندر لڪندا وتيا ٿي. غرض ته جنهن صورت ۾ سرڪار کي ڪاميابيءَ جو يقين ڪونه ٿي ٿيو، تنهن صورت ۾ سر نرڀندرا جي تقرير هلندي رهي، حتاڪ دهليءَ جو اجلاس ختم به ٿي ويو، مگر تقرير جي پڄاڻي ڪانه ٿي.

ٻيو اجلاس شملي ۾ ٿيو. ان وچ ۾ نبي بخش خان تي مقامي عملدارن جي ذريعي پڻ ڪيترائي زوربار آندا ويا، مگر هو صاحب ڪونه مڙيو. هن اوائل ۾ ئي فيصلو ڪيو هو ته ووٽ سرڪاري بل جي مخالفت ۾ ڏبو، تنهنڪري آخر گهڙيءَ تائين ان اصول تي قائم رهيو. سر نرڀندرا جي تقرير شملي واري اجلاس اندر به ڪيترن ڏينهن تائين هلندي رهي. بل جو آخر ڪهڙو حشر ٿيو، سو هينئر ياد ڪونه اٿم.

سنڌ اسيمبليءَ اندر پڻ نبي بخش خان جي پاليسي ساڳي ئي رهي. ڪيترائي ميمبر حضرات پنهنجا وعدا ٽوڙيندا، پارٽيون ۽ اصول بدلائيندا، عهدا ۽ فائدا وٺندا رهيا، مگر نبي بخش خان جنهن بينچ تي پهرئين ڏينهن اچي ويٺو، پوئين ڏينهن تائين ان تي ئي ويٺو رهيو. ذاتي فائدو ڪو نه ورتائين، پنهنجي ضمير، اصول ۽ ايمان کي پڻ مجروح ٿيڻ ڪونه ڏنائين، صاف هٿن سان آيو هو، ۽ صاف هٿن سان پنهنجي ميمبريءَ جو عرصو پورو ڪري ٻاهر نڪتو.

سنڌ جي سياسي تاريخ اندر نبي بخش خان جهڙا ماڻهو مشڪل سان نظر آيا. خانبهادر کهڙي جهڙي ماڻهوءَ جيڪڏهن ڪا به اليڪشن هارائي ته اُها نبي بخش خان جي مقابلي ۾. سر شاهنواز جي سنڌ مان رواني ٿي وڃڻ بعد، ضلعي لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي جي پريزيڊنٽي خالي ٿي. ان جاءِ لاءِ کهڙي صاحب ۽ نبي بخش خان جي وچ ۾ مقابلو ٿيو، ۽ مقابلو به مقابلن جهڙو. ساري سنڌ ٿرٿلي ۾ اچي ويئي. ميمبر صاحبن جي کڻي الله تعاليٰ ٻڌي. ڪڏهن هڪ اميدوار جي ڪئمپ ۾، ڪڏهن ٻئي جا مهمان. ٻه مهينا کن هنگامو هليو، آخر نبي بخش خان ئي ڪامياب ٿيو.

ان کان پوءِ ستت ئي سينٽرل اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. ٻن جاين لاءِ ٽي اميدوار بيٺا: سر عبدالله هارون مرحوم، شيخ عبدالمجيد صاحب سنڌي، ۽ نبي بخش خان ڀٽو. ساريءَ سنڌ کي ووٽ ڏيڻا هئا. عبدالله هارون اڳ ۾ ئي ميمبر رهندو آيو هو، تنهنڪري سندس لڳ لاڳاپا، ورڪر ايجنٽ موجود هئا. شيخ عبدالمجيد صاحب جي هٿ ۾ هئي ”الوحيد“ اخبار، جا سنڌ جي مسلمانن جي تنها روزانه اخبار هئي ۽ خلافت تحريڪ جي ڏينهن کان وٺي هلندي ٿي آئي. ساريءَ سنڌ جي مسلمانن مٿان ان اخبار جو اثر هو، ۽ ان جا خاطو ۽ مددگار، جن کي ”الوحيدي ٽولو“ سڏيو ويندو هو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکيڙيا پيا هئا. ٽي - چار مهينا ورڪ هليو، پنهنجي وس پڄندي ڪنهن به اميدوار ڪونه گهٽايو. آخر نبي بخش خان پهرئين نمبر ۾، ۽ سر عبدالله هارون ٻئي نمبر ۾ ڪامياب آيو، شيخ عبدالمجيد صاحب هارايو. شيخ صاحب بعد ۾ اليڪشن پٽيشن داخل ڪئي، جا پڻ رد ٿي.

نبي بخش خان جو ٽيون مقابلو ٿيو قاضي فضل الله سان، سنڌ اسيمبليءَ جي رتيديري - ميرو خان تعلقن واريءَ سيٽ تي. اها اليڪشن به سخت هنگامي خيز هئي. اِهو اُهو ئي تڪ هو، جتي اڳ ۾ سر شاهنواز خان هارائي چڪو هو. مگر هن دفعي نبي بخش خان ڪامياب ٿي ويو ۽ قاضي فضل الله شڪست کاڌي.

نبي بخش خان جي هڪ ٻي چونڊ نهايت دلچسپ قسم جي ٿي گذري.

سينٽرل اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجڻ بعد، نبي بخش خان اسيمبلي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دهليءَ پهتو. آءٌ به ساڻس گڏيو ويس. منهنجا ساڻس تعلقات هئا، پاڙيچائيءَ جو سوال هوندو هو، جنهنڪري هر چونڊ، هر مقابلي ۽ هر معاملي ۾ سندس طرفان مون کي ئي انتظام ڪرڻو پئي پيو.

دهليءَ پهچڻ بعد، نبي بخش خان کي خيال ٿيو ته پهرين هندستان جي ريلوي ايڊوائزري ڪاميٽيءَ جو ۽ بعد ۾ سينٽرل ايڊوائزري ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي.

انهن ڪاميٽين لاءِ گهڻو ڪري پارٽين طرفان ئي اميدوار بيهندا هئا، ۽ پارٽيون محض پنهنجن سينيئر کان سينيئر ميمبرن کي انهن اعزازن لاءِ کڙو ڪنديون هيون. اسيمبليءَ اندر مکيه پارٽيون ٽي هيون: سرڪاري پارٽي، ڪانگريس پارٽي ۽ مسٽر جناح جي انڊپينڊنٽ پارٽي (انهن ڏينهن تائين مسٽر جناح اڃا مسلم ليگ پارٽي شروع ڪانه ڪئي هئي). نبي بخش خان انهن مان ڪنهن به پارٽيءَ جو ميمبر ڪونه هو. چونڊ ۾ سينٽرل اسيمبليءَ جي سمورن ميمبرن کي ووٽ ڏيڻو هو، ۽ جايون جملي ست هيون.

نبي بخش خان جي فائدي ۾ مون ورڪ ته شروع ڪيو، مگر ورڪ لاءِ گنجائش تمام گهٽ نظر آئي. اسيمبليءَ جو هر هڪ ميمبر پنهنجيءَ جاءِ تي ڪُهن سال کک، ۽ کائي - پِي چڙهيل هو، تنهن تي نبي بخش خان جهڙي نو آموز ۽ نئين آيل نوجوان جو اثر پوي ته پوي ڪهڙيءَ طرح؟ ان اپرانڌ، سندس تعلق ڪنهن پارٽيءَ سان به ڪونه هو، تنهنڪري ڪنهن پارٽيءَ طرفان سندس اميدوار بيهڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿي ٿيو. کانئس سواءِ، سنڌ مان ٻيا ٽي ميمبر هئا (سر غلام حسين هدايت الله، سر عبدالله هارون، ۽ مسٽر لالچند نولراءِ)، پر انهن ۾ به مدد جي اميد ڪانه هئي. سر غلام حسين ۽ سر عبدالله هارون جي تازين چونڊن ۾ مخالفت ڪري چڪا هئاسون، ۽ لالچند نولراءِ پاڻ اميدوار هو.

سڀ کان اول آءٌ ۽ نبي بخش خان وڃي قائداعظم (رحمتہ الله عليه) جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين. ساڻس ٿوري گهڻي شناسائي اڳ ۾ ئي هئي، پاڻ پير صاحب پاڳاري واري پهرئين ڪيس جي سلسلي ۾، بطور وڪيل، سنڌ ۾ ڪيترا مهينا اچي رهيو هو ۽ ان دوران ۾ منهنجي ساڻس چڱي واقفيت پيدا ٿي چڪي هئي. مون کي آسرو هو ته شايد ان ڏيٺ ويٺ ڪري کيس اسان جو ڪو لحاظ پئجي وڃي.

پاڻ (جناح صاحب عليہ الرحمت) ”ويسٽرن ڪورٽ“ جي هڪ ڪمري ۾ رهيل هو. ويسٽرن ڪورٽ هڪ هوٽل هوندي هئي، جا سرڪار طرفان اسيمبلي ميمبرن جي رهائش لاءِ قائم ڪيل هئي. ٽيليفون ذريعي کانئس ٽائيم ورتو ويو. مقرر وقت تي آءٌ ۽ نبي بخش خان ٺهي ٺڪي، سوٽ ڪوٽ پهري، وڃي وٽس پهتاسون. حالِ دل عرض ڪيو ويو. ٺڙٺپ جواب ڏيئي ڇڏيائين. چي، ”ناممڪن، ناممڪن! اها تمنا واهيات (absurd)آهي، انهن جاين لاءِ پارٽين طرفان اميدوار بيهندا آهن، ۽ سي به تمام سينيئر ميمبر. اسان جي پارٽيءَ پاران مولانا شوڪت عليءَ جي پايي جا ماڻهو اميدوار آهن، ٻين پارٽين به ساڳيءَ طرح پنهنجن مکيه ليڊرن کي ميدان ۾ آندو آهي، تنهنڪري ٻئي ڪنهن به ٻاهرئين اميدوار لاءِ قطعاً ڪا به گنجائش ٿي ڪانه ٿي سگهي.“ انهيءَ فرمودي بعد، پاڻ هڪدم اٿي کڙو ٿيو ۽ انگريزيءَ ۾ خدا حافظ چئي، اسان کي رخصت ڪري ڇڏيائين. هلندي هلندي، مون کان به رهيو ڪونه ٿيو، منهن ورائي چئي ڏنومانس: ”مسٽر جناح، الله تعاليٰ گهريو ته انهن ڳالهين هوندي به نبي بخش خان ضرور ڪامياب ٿي ويندو، ۽ اوهان جي ذڪر ڪيل ليڊر اميدوارن مان ڪي نه ڪي پَٽ تي پيل نظر ايندا.“

ان چئلينج بازيءَ بعد، معاملي سخت نازڪ صورت اختيار ڪئي. اسان جي به نوجواني ۽ ناتجربيڪاري هئي، ان تي مستزاد تازين اليڪشني ڪاميابين جو نشو، تنهنڪري حوصلو هارائي پوئتي موٽڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿي ٿيو.

مون اليڪشين جو نقشو تيار ڪيو، ۽ سو به سنڌي ڍنگ ۽ معيار تي.

اسيمبليءَ اندر، جهڙيءَ طرح مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، مکيه ٽي پارٽيون هونديون هيون. انهن مان هر هڪ پارٽيءَ ۾ ٻن قسمن جا ميمبر هوندا هئا: هڪڙا ليڊر يا سينيئر ميمبر، جي ساريءَ فضا تي ڇايا رهندا هئا، ۽ ٻيا جونيئر ميمبر، جن غريبن کي گهڻو ڪري ڪو پڇندو به ڪونه هو. انهن جونيئر ميمبرن جي ڊيوٽي هوندي هئي ته اجلاس ۾ اچي شامل ٿين، پنهنجن ليڊرن جي پٺيان بينچن تي ويهي رهن، ۽ جيڏانهن حڪم ٿئين، ان پاسي ووٽ ڏين.

منهنجي نظر انهن يتيم قسم جي ميمبرن تي وڃي پئي. جڏهن سندن لسٽ تيار ڪيم، تڏهن ڏٺم ته اسيمبليءَ اندر مجموعي طرح اڪثريت انهن ئي يتيمن جي وڃيو ٿي ٿئي. مون خيال ڪيو ته جيڪڏهن انهن ڇورن ٻارن تي اڳواٽ هٿ رکيو ويندو، جن کي عام طرح ڪو پڇي به ڪونه پيو، ۽ ساڻن سٺا دوستانا تعلقات پيدا ڪيا ويندا، ته ممڪن آهي ته منجهانئن گهڻا مخفي طرح اسان کي ووٽ ڏيئي وڃن. ووٽ بذريعي بئلٽ ٿيڻو هو، جنهنڪري ڪنهن جي به راز افشا ٿيڻ جو امڪان ڪونه هو.

پوءِ ته انهيءَ لائين تي ئي اچي ڪم شروع ٿيو. ڳولي ڳولي دهليءَ جي ننڍين ننڍين هوٽلن مان وڃي انهن نڌڻڪن ميمبرن کي لڌوسون. سندن مهمانداريءَ ۽ خوش آمد برآمد جو سلسلو هڪدم چالو ٿي ويو. سوکڙيون پاکڙيون، سنڌ جا حلوا، ڊنرون، قواليون، سڀ فراهم. هر شام هوا خوري، هر رات محفل! شال نه منجهانئن ڪو بيمار ٿي پوي، خبر گيري ۽ تيمارداريءَ ۾ مائٽن کان به لنگهي ٿي وياسون.

ان ورڪ جي دوران جا ٻه واقعا قابل ذڪر آهن: سرجيمس گرگ، انهن ڏينهن ۾، انڊيا گورنمينٽ جو فنانس ميمبر هوندو هو. وڏي اثر ۽ وڏي نالي وارو هو. سندس اعزاز ۾ ڊنر جو بندوبست ٿي ويو. نبي بخش خان جي بورچيءَ کي هدايت ڪئي ويئي ته ڪا شيءَ اهڙي تيار ڪري، جا معزز مهمان کان ساريءَ عمر ۾ نه وسري. بورچيءَ هڪ پڪل ڇيلو اهڙي ڍنگ سان تيار ڪيو جو جڏهن ٽيبل جي وچ تي آڻي رکيو ويو، تڏهن ائين پئي معلوم ٿيو ته گويا بلڪل زنده آهي ۽ گاهه پيو چري. ان ڇيلي جي پٺيءَ تي هيءَ عبارت لکيل هئي:”سرجيمس کي مهمان ڏسي، مون به اچي سندس خدمت ۾ پاڻ کي پيش ڪيو آهي!“

اهو نظارو ڏسي، سر جيمس گرگ جي منهن مان گگ وهڻ لڳي. انگريز هو، ۽ نُڪته شناس - مٿس ڏاڍو اثر ٿيو. سندس زيردست سرڪاري ميمبر ٻيا به ڪيترا ساڳيءَ ئي ٽيبل تي موجود هئا. سر جيمس جو اهو حال ڏسي، کين يقين ٿي ويو ته نبي بخش خان سان سندس ڏاڍي دوستي آهي. سردست اسان کي به ايترو ئي گهربو هو.

ٻيو هڪ سرڪاري ميمبر هو، سر لانسلاٽ گراهم، جو ان وقت ليجسليٽو کاتي جو سيڪريٽري هوندو هو ۽ بعد ۾ جدا سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ٿي آيو. بطور سيڪريٽري ليجسليٽو ڊپارٽمينٽ، اسيمبليءَ اندر سرڪاري پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ سمورا معاملا سندس حوالي هوندا هئا، ۽ ووٽنگ جي معاملي ۾ ”وِپ“ (Whip) يا ميمبرن تي فرمائش ان صاحب طرفان ئي صادر ٿيندي ٿي رهي. اسان جي مقصد لاءِ وڏي اهميت ٿي رکيائين، پر اجلاس هلندي سندس مصروفيت جو هيءُ عالم هو جو جڏهن به ڪنهن ڊنر جي کيس دعوت ڏيو ته مشغوليءَ جي بنا تي معذوري لکي پيو موڪليندو هو. آخر ان جو علاج ٿئي ته ڪهڙو؟ سوچ ويچار بعد، سندس ملازمن سان واقفيت پيدا ڪئي ويئي. انهن جي ذريعي معلوم ٿيو ته فلاڻيءَ تاريخ تي صاحب طرفان هڪ وڏي ڊنر ڏنل آهي، جنهن ۾ سرڪاري پارٽيءَ جا سمورا ميمبر مدعو ٿيل آهن. جنهن شام تي اها ڊنر ٿيڻي هئي، ان ڏينهن جي صبح تي، نبي بخش خان ۽ آءٌ شڪار تي چڙهي پياسون. آگري واري رستي تي، دهليءَ کان پنجويهن - ٽيهن ميلن جي فاصلي تي ڪافي ڪاريهر هرڻ ملندا هئا. شڪاريءَ “ بيل گاڏيءَ جو بندوبست اڳواٽ رکيل هو. موٽر ۾ چڙهي وڃي شڪار واريءَ جاءِ تي پهتاسون،منجهند تائين ٻه - چار سروان ڪاريهر هرڻ ڪيرائي وڌاسون. اهي کڻي دهليءَ پهتاسون، ۽ منجهانئن هڪ، نبي بخش خان جي وزيٽنگ ڪارڊ ساڻ گڏي، سر لانسلاٽ گراهم جي بنگلي تي پهچائي ڏنوسون، جو شام جو سندس دعوت ۾ ڪم آيو. موقعي جي سوکڙي هئي، سر گراهم سخت متاثر ٿيو. ڪيترن ئي مهمانن سان نبي بخش خان جي شرافت جو ذڪر ڪندو رهيو. (انهن ڏينهن نبي بخش خان جي خلاف شيخ عبدالمجيد جي داخل ڪيل اليڪشن پٽيشن پڻ سر لانسلاٽ گراهم اڳيان ئي ويچار لاءِ پيل هئي، ۽ اهو فيصلو کيس ئي ڪرڻو هو ته پٽيشن منظور ڪري ٽربيونل ويهاري وڃي، يا مورڳو ابتدائي قانوني اعتراضن جي بنياد تي رد ڪري ڇڏجي. اها درخواست پوءِ سر لانسلاٽ ستت ئي رد ڪري ڇڏي ۽ ٽربيونل جي خرچ ۽ مصيبت کان بچي پياسون).

ان ڏينهن جي هٿ ڪيل هرڻن جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو کِل جهڙو واقعو ٿي گذريو. سرڪاري ميمبرن ۾ هڪ ٻيو بااثر ميمبر هو، جنهن جو اسيمبليءَ جي ڪاروبار متعلق سرڪاري پاليسين جي ٺاهڻ ۾ وڏو هٿ هوندو هو. ان جو نالو هينئر مون کي ياد ڪونه ٿو پوي، پر مدراسي هندو هو، ۽ ريلوي کاتي سان تعلق هوندو هوس. سرڪار پاران وڏيون وڏيون تقريرون ڪندو هو، ۽ هر روز پيو سوالن جا جواب ڏيندو هو. سندس ”گُڊوِل“ حاصل ڪرڻ اسان جي ”ڪاروبار“ لاءِ سخت ضروري سمجهي ٿي ويئي، تنهنڪري هڪ ڪاريهر هرڻ موٽر ۾ وجهي، آءٌ وڃي سندس بنگلي تي پهتس. پاڻ موجود ڪونه هو. اسان هرڻ لاهي، فخريه انداز ۾، کڻي سندس بنگلي جي ورانڊي ۾ رکيو. اسان کي اها سُڌ ئي ڪانه هئي ته هو ڪو چِند برهمڻ، ڪٽر ويشنو آهي، ۽ تنهنڪري جيوَ هتيا ۽ ماس کان سخت ڀڳل آهي. اسان جو هنگامو ٻڌي، سندس ڌرم پتني اندران نڪري آئي. هوءَ مئل هرڻ جي صورت ڏسندي ئي، دانهون ڪندي اندر ڀڄي ويئي. اندران وڃي نوڪر موڪليائين، جنهن جي هٿان چوارايائين ته ”اوهان قهر ڪري ڇڏيو، اسان برهمڻ ماڻهو آهيون، خون ٿيل ۽ رت ڳاڙيندڙ جانور اسان جي گهر ۾ آڻي، اسان ساڻ ظلم ڪري ڇڏيو اٿوَ! هينئر ورانڊي مان اِهو رَتُ ڪيئن ويندو، ۽ اسين ڪيئن ان گهر ۾ رهي سگهنداسون؟ خدا واسطي ان بلا کي هڪدم اتان ڪڍي وڃو!“

وٺڻ جي بدران ڏيڻو پئجي ويو، آئي هئي سڱن لاءِ پر وڍائڻا ڪَن به پئجي ويس. هرڻ ته موٽائي کڻي وڌوسين موٽر ۾، پاڻ پاڻيءَ جون باڙديون گهرائي ورانڊو ڌوئڻ لڳي وياسينّ! ان ڏينهن کان پوءِ، وري ان ميمبر جو پاسو ئي ڪونه ورتوسين.

گهڻي ۾ گهڻا يتيم هوندا هئا، انڊپينڊنٽ پارٽيءَ ۾. انهن جي طبيعت تي ڪرڙ جي ڪوئلن مان ٺهيل ڪاري سنڌي حلوي خاصو اثر ٿي ڪيو، تنهنڪري حلوي جا دٻن پٺيان دٻا تقسيم ٿيندا رهيا. ان حلوي جي هيءَ خصوصيت هئي ته توڙي جو، ”فرهنگ جعفريءَ“ جي لکڻ موجب، ان جو مزاج گرم خشڪ هو، مگر بصورت اثر جي سخت قبض ڪشا واقع ٿيو هو - ۽ دهليءَ جي هوٽلن مان ماني کائيندڙ ميمبرن کي ، گهٽ ۾ گهٽ ان زماني اندر، قبضيءَ جي سخت شڪايت رهندي هئي.

رهي ڪانگريس پارٽي. ان جي هڪ حصي کي اڳ ۾ ئي نبي بخش خان لاءِ چڱي راءِ هئي، ڇو ته صدارت جي چونڊ وقت هن ڪانگريس اميدوار شيروانيءَ کي ووٽ ڏنو هو.

چونڊ واري ڏينهن آءٌ اسيمبليءَ جي گئلريءَ ۾ وڃي ويهي رهيس. ووٽنگ پوري ٿي، نتيجو ظاهر ٿيو - نبي بخش خان شايد پهرئين يا ٻئي نمبر ۾ ڪامياب ٿيو! ٽنهي پارٽين جي اندازن ۽ آسرن ۾ خلل پئجي ويا، ڪن جا مکيه اميدوار مورڳو ڪِري پيا. اسيمبليءَ جي تاريخ ۾ اهو پهريون واقعو هو، جڏهن ميمبرن پنهنجين پارٽين جي فيصلي خلاف وڃي هڪ ٻاهرئين ماڻهوءَ کي ووٽ ڏنو.

اليڪشن جي نتيجي ظاهر ٿيڻ بعد قائداعظم پنهنجي سيٽ تان اٿي ٻاهر وڃڻ لڳو، آءٌ هڪدم گئلري ڇڏي اچي ورانڊي ۾ سندس رستو جهلي بيهي رهيس. جڏهن منهنجي سامهون آيو، تڏهن وڌي کانئس پڇيم: ”صاحب! چونڊ جو نتيجو ڪهڙو نڪتو؟“ ”توکي خبر آهي!“ - ائين چئي، منهن ڦيرائي هليو ويو.

دهليءَ جو انهن ڏينهن ۾ وڏو اؤج هوندو هو. لارڊ ويلنگڊن جهڙو مٿير مڙس، وائسراءِ هو. ڪانگريس پارٽيءَ ۽ سرڪار جي وچ ۾ جهيڙو زور شور سان هلندو ٿي رهيو. ڪانگريس پارٽيءَ جو اسيمبليءَ اندر ليڊر، بولا ڀائي ڊيسائي، بمبئيءَ وارو مشهور وڪيل، هوندو هو. سندس تقريرن جي شهرت ساري هندستان اندر پکڙيل هئي. مون سندس ڪيتريون تقريرون ٻڌيون. زيربحث مسئلي جو تجزيو چڱيءَ طرح ڪيائين ٿي، سرڪار تي نڪته چيني ڪرڻ ۽ جذبات کي اپيل ڪرڻ ۾ پڻ ڪافي ڀڙ هو، مگر علمي لحاظ سان سندس تقريرون قطعاً بي نمڪ هونديون هيون. زبان جي رواني گهڻي هيس. مگر ان جي دوران گرامر جو ڪو خيال ڪونه ٿي ڪيائين، البت اثر جي لحاظ سان سندس تقريرون هر وقت ڪامياب ٿي رهيون. سندس پارٽيءَ جو سيڪريٽري، مدراس جو، ستيا مورتي هو. ستيا مورتي غضب جو نڪته چين واقع ٿيو هو. سارو وقت بکئي بگهڙ وانگر سرڪاري بينچن کي اکئين لايو ويٺو هوندو هو. وجهه جو ملڻ، ۽ سندس سرڪار تي پَرٽجي پوڻ - پوءِ ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو سرڪار جا ڇوڏا لاهيندو هو. سوالن وقت ته شال نه ستيا مورتي سان ڪنهن جو پاند اٽڪي. سپليمينٽري سوالن جو اهڙو ٻيو ماهر، ان زماني اندر، اسيمبليءَ ۾ بنهه ڪونه هو. انگن اکرن جي معاملي ۾ وري پنڊت گوبند بلب پنٿ جو ڪم ڏسڻ وٽان هو. سارو واندو وقت ويٺو لئبرريءَ ۾ ڪتاب ۽ ڪاغذ اٿلائيندو ۽ نوٽ وٺندو. اسيمبليءَ جي گهنٽي وڄندي، ۽ پاڻ اندر اچي بينچ تي ويهندو. تقرير لاءِ اٿيو ته ڄڻ ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو، جنهن جا شعلا پيا سرڪاري بينچن تي ڪِرندا ۽ کين ساڙيندا ٻاريندا. سر هينري ڪريڪ، هوم ميمبر، جي بيتابي ڏسڻ وٽان هوندي هئي. عام طرح سان ڪريڪ ايتريقدر ٿڌو، خاموش ۽ جذبات کان خالي هوندو هو، جو ائين پيو سمجهبو هو ته ڄڻ برف جي ناديءَ مان ماڻهوءَ جو بت اڪيري آڻي بينچ تي رکيو ٿن. پر، بلب پنٿ جي تقرير برداشت ڪري ڪونه ٿي سگهيو. ڪڏهن ڪڏهن ته غصي ۾ ڳاڙهو ٿي مورڳو اسيمبليءَ کان نڪري، وڃي لابيءَ ۾ ويهي رهندو هو. لالا شام لال هڪ ٻيو ڪانگريسي ميمبر هوندو هو، ان جو ڪم هوندو هو ته مذاقي قصن ڪهاڻين جي وسيلي سرڪاري ڪاروبار جو واهياتپڻو ظاهر ڪري. سندس تقرير وقت سنجيدي کان سنجيدا ميمبر به، سنجيدگي ڇڏي، کِل مذاق جي ميدان ۾ ٽپي پوندا هئا. دهليءَ جو بئريسٽر آصف علي، انهن ڏينهن ۾ ڦوهه جوانيءَ ۾ هو. شڪل وڻندڙ، ڪپڙا کاڌيءَ جا، پر سهڻي ۽ فيشنبل بيهڪ سان. انگريزي چڱي ڳالهائيندو هو، پر تقرير ۾ دليلن کان وڌيڪ غصو ۽ غرور هوندو هوس. سندس تقرير وقت سندس گهر واري، مسز آرونا آصف علي، اڪثر اچي گئلريءَ ۾ ويهندي هئي. مائي هندو گهراڻي جي هئي، ۽ عشق مان اچي آصف علي سان شادي ڪئي هئائين. سونهن ۽ سينگار ۾ پڻ پنهنجو مثال پاڻ هوندي هئي. سندس موجودگيءَ جو اثر آصف علي جي تقرير مان چڱيءَ طرح پيو ظاهر ٿيندو هو. جنهن وقت مائي صاحبه گئلريءَ ۾ ويٺل هوندي هئي، ته اسيمبليءَ جي ميمبرن خواهه گئلريءَ ۾ ويٺل ماڻهن جون اکيون پڻ، ڦري ڦري، گهڻو ڪري ان طرف ئي وڃي کپنديون هيون. حسن، جواني ۽ سياسي شهرت جي گڏيل حملي کان ڪير ٿي محفوظ رهي سگهيو! خان عبدالقيوم خان سرحد وارو پڻ، تازو ڪانگريس ٽڪيٽ تي چونڊجي آيل هو. سرحد متعلق سوالن تي چڱيون چڱيون تقريرون ڪندو ٿي رهيو.

مسلمان اسيمبلي ميمبر مختلف حصن ۾ ورهايل هئا. خود جناح صاحب انهن ڏينهن تائين اڃا مسلم ليگ پارٽي ڪانه ٺاهي هئي. اسيمبليءَ اندر پاڻ گڏيل انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جو ليڊر هوندو هو، جنهن ۾ نرم يا لبرل قسم جا ميمبر شامل هئا. ان پارٽيءَ جا ٻيا مکيه ميمبر هوندا هئا - سر عبدالرحيم (جو بعد ۾ اسيمبليءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيو)، سر ڪائوسجي جهانگير، مولانا شوڪت علي، ڪي. ايل. گابا، پروفيسر عمر علي شاهه مدراسي، سيٺ عبدالستار اسحاق سيٺ (جو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سفير مقرر ٿيو). ڪي. ايل. گابا، لالا هرڪشن لعل مشهور لاهور جي واپاريءَ جو وڏو پٽ هو، بئريسٽر، مفڪر ۽ مصنف هو. هڪ مسلمان ڇوڪريءَ جي عشق ۾ اچي مسلمان ٿيو، ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪيائين ۽ حضور پاڪ عليہ الصلوات والسلام جي سوانح تي ڪتاب لکيائين. پنجاب جي مسلمانن پاران سينٽرل اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي اچي دهليءَ پهتو هو. سوالن پڇڻ ۽ تقريرون ڪرڻ جو شوق هوندو هوس. جناح صاحب جي پارٽيءَ پاران مکيه ڳالهائيندڙ هو. (هندستان پاڪستان جدا ٿيڻ کان پوءِ گابا وري وڃي هندو ٿيو.)

انهن مکيه ٻن پارٽين کان ٻاهر پڻ ڪيترا مسلمان غير جانبدار بڻجي ويٺا هوندا هئا، انهن جو ڌنڌو هوندو هو ته هر نازڪ وقت جو فائدو وٺي، پنهنجو ووٽ سرڪار کي ڏيئي، لقب ۽ عهدا حاصل ڪندا وڃن. انهن بزرگن جي نالن ڏيڻ جي هروڀرو ضرورت ڪانه آهي، ايترو عرض ڪرڻ ڪافي ٿيندو ته منجهانئن هرهڪ پوءِ نواب ۽ سر بڻيو.

دهليءَ جي مشاهيرن مان خواجه حسن نظاميءَ سان اسان جا خاصا تعلقات قائم ٿي ويا هئا. وڏن ماڻهن جو پير، پروپئگنڊا جو ابو، ۽ اردو تحرير جو ڏاڏو هوندو هو. عيدن جي موقعي تي دهليءَ ۾ موجود سمورن مسلمان مشاهيرن کي دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گهرائيندو هو. اسان کي به ٻه - ٽي دفعا گهرايائين. انهن موقعن تي حضرت خواجه نظام الدين اولياءَ جي درگاهه تي عجيب رونق لڳي ويندي هئي. حسن نظامي، نبي بخش خان وٽ به ڪڏهن ڪڏهن پيو ايندو هو. قوالين ٻڌڻ ۽ ٻڌارائڻ جو ڪوڏيو هو. هڪ دفعي ولايت خان قوال کي اسان جي جاءِ تي وٺي آيو. ولايت خان جو راڳ واقعي ٻڌڻ وٽان هو. مون فرمائش ڪيس ته دهليءَ جي آخري مغل تاجدار بادشاهه ”ظفر“ جو آخري غزل ٻڌائي. هڪدم شروع ڪيائين:

ڪڀي بن سنور ڪي جو آگئي،
تو بهارِ حسن دِکا گئي.

سندس چوڻي ڇا هئي، باهه جي ڄڀي هئي! اڄ تائين پيئي ان جي حرارت محسوس ٿئي.

خواجه صاحب مرحوم قداور مڙس هو. جسم ڇڙڪ، زلف ڊگها، ڏاڙهي ڊگهي، جسم تي دهليءَ وارن جو لباس، مٿي تي ٽوپي يا مختصر پڳ، هٿ ۾ لَڪڙ. گفتگو ڪندو ته ڄڻ طوطو پيو ٻولي. انهن ڏينهن ۾ ڪوشش ٿي ڪيائين ته چندو گڏ ڪري، ”غالب“ جو مقبرو اعليٰ پيماني تي نئين سر تعمير ڪرائي.

*      *      *

نبي بخش خان جو قصو ڪندي، قلم ڪٿان هلي وڃي ڪٿ پهتو آهي! ڪيڏانهن پير بخش ڀٽو ۽ رتوديرو تعلقو، ۽ ڪيڏانهن دهلي ۽ خواجه حسن نظامي ۽ غالب جو مقبرو!

نبي بخش خان وارن جو هڪ عزيز، نصير محمد خان نالي، سندن ڪم ڪار ۾ هوندو هو. ڳوٺاڻو هو، ۽ تعليم فقط سنڌي هيس. مگر سندس مدبرانه خاموشي، سمجهه جي ڳوڙهائي ۽ تيز فهمي قابل ديد، ۽ گفتگو وقت سندس ڊپلومسي قابل شنيد هئي. ڪيڏي به ڊگهي تقرير سندس اڳيان ٿئي، پاڻ جواب فقط ٻن اکرن ۾ ڏيندو، مگر انهن ٻن اکرن وسيلي هر ڪنهن کي منجهائي ماري ڇڏيندو. رهڻي ڪرڻي بلڪل سادي ۽ صورت مولوين جهڙي هوندي هيس. سندس نياز ۽ نوڙت ڏسي، ماڻهوءَ کي ڪهل پئي ايندي. مگر شال نه ڪنهن ڪم جي پٺيان روانو ٿئي. اهڙا سنجيده ۽ دنيوي ڪاروبار جا هشيار سنڌي اڄ بلڪل نظر ڪونه ٿا اچن.

هڪ دفعي مون کانئس پڇيو ته ڪهڙيءَ طرح هو پنهنجي جذبات تي ايتريقدر قابو رکي سگهي ٿو، جو انتهائي بدتميزيءَ ۽ غصي ڏياريندڙ گفتگو جي مقابلي ۾ به کيس قطعاً چڙ ڪانه ٿي اچي؟

چيائين: ”ماڻهوءَ جو ڪم ڪم سان، ڌيان اصلي مقصد تي هجڻ گهرجي، وچ جي ڳالهين ڏانهن پنهنجي ڌيان کي ڇو وڃڻ ڏجي.“ - اصول جي اُونهائي غور طلب آهي!

رتيديري جا مشاهير

رتيديرو تعلقو، لاڙڪاڻي ضلعي جو اهم ترين حصو هوندو هو. وڏن وڏن ماڻهن جا منجهس وٿاڻ هئا. ڀُٽا، جلباڻي، گهانگهرا، طيب جا ديوان، رتيديري جا سيٺيون، نئين ديري جا عريضي نويس، شاهه جي ڳوٺ جا پير، جتوئي ديري، بنگلديري ۽ پنجو ديري جا هندو ڪامورا: غرض ته ڇپن مٿان ڇپون. هلندي هلندي اهڙي علائقي تي پڻ هڪ نظر ڦيرائڻ مناسب ٿيندي.

گلو ۽ جيسو

گلومل ۽ جيسارام ٻئي ڀائر هئا، نئين ديري جا رهاڪو، ڌنڌو هوندو هون عريضي نويسي. ڪاروبار هڪٻئي کان جدا، تڪرارن ۽ فسادن وقت هڪ ڌر جو مددگار گلومل ته ٻيءَ ڌر جو معاون جيسومل، سرائون(1) کوليو ويٺا هوندا هئا، تعلقي اندر جنهن تي به ڪو معاملو بڻيو ته پهرين ساهي اچي اتي پٽيندو.

گلي مل جو اجلاس ڏسڻ وٽان هوندو هو. پڪي، وڏي، موڪري سراءِ هيس، جنهن ۾ چؤطرف کٽون پيل هونديون هيون. کٽن جا به ٻه قسم هوندا هئا: جن کٽن تي فراسيون وڇايل هونديون، سي هندن ۽ معزز وڏيرن جي ويهڻ لاءِ هونديون، باقي خالي ۽ پري پيل کٽن ۽ مُوڙن تي عام مسلمان اچيو ويهندا. وچ ۾ پيل هوندي گلي مل جي پنهنجي کٽ. ان کٽ مٿان، گلي مل کان سواءِ، قاعدي جا ڪتاب، پراڻا ڪاغذ، عريضين لکڻ جا پنا، اخبارون، قلمدان وغيره سٿيا پيا هوندا. ان مرڪزي کٽ جي سامهون هڪ شاهي چلم رکيل هوندي، جنهن ۾ ٽنبيل ڊگهو نَڙ ساريءَ محفل اندر ڦرندو رهندو (پر مسلمانن لاءِ نه، ڇو ته مسلمان کي حق نه هوندو هو ته هو هندوءَ جي چلم کي چپ لائي). گرميءَ جي موسم ۾ فرش تي واري وڇائي مٿس پاڻي ڇڻڪاريو ويندو هو. منجهند ڌاري جهَلي جهُلڻ شروع ٿيندي، جنهن جي ڇڪڻ لاءِ ٽڪي يا وڌ ۾ وڌ هڪ آنڪ جي مزوريءَ تي بزار مان ڪو نه ڪو ڇوڪرو آيل هوندو.

صبح ته هوندو ڪورٽ، بزار يا ٻئي ڪم ڪار جي حوالي، منجهند ڌاري واندا ٿي اچي سراءِ ۾ ويهندا. اوڀاريون لهواريون ڳالهيون شروع ٿينديون ۽ وقت جي واقعات تي تبصرو ٿيندو رهندو. آخري لفظ گلي مل جو هوندو - ٻڌندڙن لاءِ وسهڻ جو سبب هوندو ته گلي مل جي معلومات مڪمل ۽ خطا کان خالي هوندي. گلي مل جي نِڙي ويٺل هوندي هئي، ڳالهائيندو هو ته ائين سمجهبو هو، ڄڻ ڦٿل نَڙ مان آواز نڪري رهيو آهي.

شروع قصو ڪيسن جي ڳالهين ٻولهين سان ٿيندو:

”فلاڻي رَن ڀڄائڻ واري ڪيس ۾ مختيارڪار رتيديري جي راءِ خراب پئي نظر اچي، جوابدار شايد سزا کائي ويندا“.

”شاهه جي ڳوٺ واري فلاڻي پير تي ڪليڪٽر صاحب وٽ وري نئين سر پوڪار ٿي آهي، شايد ڪارروائيءَ جو حڪم ٿي وڃي.“

”وڏيري رسول بخش خان تي ڇتي ٻرڙي(1) وري ڪا نئين عريضي ڪئي ٿي ٻڌجي“.

”فلاڻي وڏيري، فلاڻي سيٺ کان نئين سر پنج رپيا سيڪڙي دوماهه وياج سان قرضو ورتو ٿو ٻڌجي، قرض عيوض زمين قطعي وڪرو ڪري ڏني اٿس، زباني موٽ(1) جي شرط سان پر خرچائو وڏيرو آهي - نئين رن ويهاري اٿس، جنهن جي سڄي آڪهه پالڻي پئي پويس - قرض ڪٿان لاهي سگهندو؟ زمين وياج ۽ وياجن تي وياج ۾ غرق ٿي وينديس.“

“فلاڻي زميندار جي ڀاءُ يا پٽ خلاف ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب تڪڙي جانچ شروع ڪري ڏني آهي، اظهار هلي رهيا آهن، شايد بدمعاشيءَ ۾ رجوع ٿي وڃي. صوبيدار به ڪاوڙيل اٿس. پاڻ کي به ”ٿاٻي جي ٽونڪر“ اٿس. فلاڻي پاٿاريدار يا ڪاٽڪوءَ تي هٿ ڏيو ويٺو آهي. فلاڻو ”روپوش“ جوابدار بنهه لڪوئي وٽس پيو آهي. ڦڪڙ ته ڦاٽو گونگيءَ عريضيءَ جي آڌار تي، جيڪا وڃي ڊپٽي صاحب وٽ پهتي. هاڻي ڊپٽي صاحب ڪٿان ٿو مڙي؟ اڳ ۾ ئي ساريون خبرون پئجي ويل اٿس“.

”فلاڻي ڳوٺ ۾ ڌاڙو لڳو ٿو ٻڌجي. ڌاڙو به ڌاڙن جهڙو. چوڻ وارن جو چوڻ آهي ته فلاڻي ٽولي، فلاڻي وڏيري جي چُرچ تي هنيو آهي. انسپيڪٽر صاحب پاڻ چڙهي پيو آهي. اڃا تائين ته ڇَڙهي مارا ماري پئي هلي، سڳ جو پتو ڪونه آهي.“

”ڪالهه رات ٻڌئون ٿا ته پنجوديري واري رستي تي به ڦُر ٿي آهي. چون ٿا ته بندوقن جا ٺڪاءَ ڪري، ڪهاڙيون ۽ لوڙيون ڏيکاري، ٽانگو ڦُري ويا آهن. پيراڍو، پير کڻي ريل جي رستي تائين پهچائي، پوءِ پير وڃائي موٽي آيا آهن. پيرن جو لاڙو اوڀر طرف نظر آيو اٿن. هينئر پيراڍو ڪَچي وارو پاسو پيا پيرن لاءِ آهوڙن.“

”ٽينءَ رات ٻيلي وارن دوسو ٻيلي مان چورايل سرڪاري ڏاڪَ جون ويهه گاڏيون پڪڙيون آهن. ڪالهه تائين ته اڃا ڪونه ڇڏيون هئائون. ڦالسٽر (رينج فاريسٽر) ڏانهن ماڻهو موڪليو اٿائون. ست ستاءُ به گهڻو پيو هلي. پر””ڏني پُٽ ڇُٽي“ کان سواءِ ڪٿان ٿي جند ڇٽين؟ ٻيلائي ڪامورا به راڄ تي تَتا ويٺا آهن. اڳئين مهيني ۾ ڊويزنل صاحب (ڊويزنل فاريسٽ آفيسر) جي منزل ٿين ته راڄ وارا رسائيءَ کان ڪنگڻ ڪڍي ويهي رهيا هئن. هينئر الله ٻُڌي اٿن، جو واٽ ويندي اهڙو شڪار هٿ اچي ويو اٿن.“

”ڪوڙي ڪَنين پيو ٻڌجي ته ديوان صاحب (مختيارڪار) جي به بدلي ٿيڻ واري آهي. سندس جاءِ تي ديوان لالچند جي اچڻ جا هاواڻان آهن. ڪالهه ڪليٽريءَ ۾ به ڏاڍا هُل هئا. ڪن جو ته وري اهو چوڻ هو ته ڪليٽر صاحب ديوان صوڀراج کي گهرائڻ لاءِ لکپڙهه ڪئي آهي. ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي؟“

”فلاڻي سيٺ جي فلاڻيءَ ڌر خلاف وڌل دعويٰ به هينئر نيٺ اچي ڪن ڪڍيا آهن. مدعيءَ ديوان ويرو سنگهه - صاحبسنگهه(1) وارن کي وڪيل ڪيو آهي. مدعا عليه پاران ديوان لالچند(2) آهي. چڱي چڪري لڳندي. هزارن مُنهين فيئون هليون آهن. دعويٰ جنهن به کٽي، پر دعويٰ هلندي ڌريون ٻئي فيئن ۽ خرچن وگهي ڳري وينديون.“

”فلاڻي انجڻ واري يا ڀلاوڻي واري کي ڳاٽي ڀڳو ٽوٽو پئجي ويل ٿو ٻڌجي. هن سال ۾ چڻن جي خريداري به هٻڇ سان ڪئي هئائين. هوڏانهن وري اوچتو چڻن تان ڪراچيءَ جي ڇِڪ لهي ويئي. هن سال راليءَ (3)  وارن مورڳو چڻن کڻڻ کان انڪار ڪيو آهي. مٿان اچي پيو آهي مينهن، گدامن ۾ پئي پئي چڻا انگور ڪڍي آيا آهن. شايد ڏينهن جو ڏيڱو ٻارڻو (4) پويس“.

منجهند تائين ان ڍنگ جي گفتگو پئي هلندي. هر ڪو پيو ٻڌل سئل حال احوال ويٺلن سان ونڊيندو. گلومل پاڻ ٿورو ڳالهائيندو، پر اهڙي اعتماد سان جو ٻڌندڙن تي اهو پيو اثر پوندو، ڄڻ تعلقي جي ساري ڪائنات گلي مل جي مرضيءَ مطابق ۽ اجازت سان پئي هلي.

ان کان پوءِ رسوئي يعني ماني ايندي. مسلمان هڪدم ٻاهر نڪري، وڃي ورانڊي ۾ ويهندا. هندو اٿي وڃي ڪنڊ ۾ رکيل مٽ مان پاڻيءَ جون گَڏون ڀري هٿ ڌوئندا. هر ماڻهوءَ جي سامهون آڻي جدا پتل جي ٿالهي رکندا. ٿالهيءَ ۾ پتل جون ننڍيون ننڍيون ڪٽوريون پيل هونديون. وڏ ڀري ”تسريءَ“ ۾ چانورن جي کچڻي هوندي. ننڍين ڪٽورين مان ڪنهن ۾ دال (دال جو هجڻ هر وقت لازمي هوندو)، ڪنهن ۾ ميهن يا هرٻي يا پالڪ جي ڀاڄي، ڪنهن ۾ پٽاٽن يا بيهن جي ڪچرين جا تريل ڳترا، (گيارس جو ڏينهن نه هوندو ته ) ڪنهن ۾ تيوڻ (يعني ليلي جي گوشت جو ٻوڙ)، ۽ ڪنهن ۾ کٽاڻ جو ڇوڏو. ٿالهيءَ جي هڪ پاسي تي ٻه يا ٽي ڦلڪا، ۽ هڪ اڌ پڪل پاپڙ، پيئڻ لاءِ لسيءَ جو لوٽو.

مسلمانن لاءِ چانورن جي ٿالهي ۽ ڪنهن به هڪ قسم جي ڀاڄي ايندي. پر کاڌو پيل هوندو اينامل يا چينيءَ يا سنڌي ڪاشيءَ جي ٿالهين ۾، پتل جي ٿانون ۾ کائڻ جو اعزاز فقط هندن لاءِ مخصوص هوندو. ساڳيءَ طرح پاڻي، هندو پاڻ گڏونءَ يا لوٽي مان پيئندا، ۽ مسلمانن کي شيشي جي گلاس ۾ ڏيندا.

هندن مان هر ڪو جدا جدا پيو پنهنجيءَ ٿالهيءَ مان کائيندو. ڪنهن زماني ۾ ته هڪٻئي ڏانهن پُٺي ڏيئي کائيندا هئا- پر پڇاڙيءَ ۾ اهو دستور نڪري ويو. کاڌي جو مقدار ايترو ايندو، جو مهمان لاءِ مشڪل سان پورو ٿيندو. کاڌي جو بچي پوڻ اجايو نقصان سمجهندا. هڪ ماڻهوءَ جو بچايل کاڌو ٻيو ڪو به نه کائيندو، ڇو ته اهو ”جوٺو“ ٿي چڪو هوندو. کاڌي وقت گهڻو ڪري گفتگو بند رهندي. رَسويو موجود هوندو، هر ڪنهن کان پيو پڇندو ته ”گهرڻو هجئي ته گهري وٺ“. هڪ ڦلڪو کاڄي ختم ٿيڻ تي ايندو، تڏهن ئي ٻيو آندو ويندو.

کاڌي پڄاڻان، مڪمل آزاديءَ سان وچ ڪچهريءَ اندر رياحن جو اخراج ٿيندو، ۽ هر آواز تي رام - رام پيو پڪاربو. پوءِ ٿيندو چلم جو چڪر چالو- هرڪو نَڙ ڦيرائي ٻه - چار بڙڪا هڻي، نڙ ٻئي ڏانهن چَلتو ڪري ڇڏيندو. (هندن مان ڪنهن شخص آپت ۾ خراب ڪم ڪري وڌو ته پنچائت گڏ ٿي، کيس ”نڙ تان لاهي“ ڇڏيندي، يعني آئندي لاءِ ڪو به هندو کيس چلم جي آڇ نه ڪندو. اها سزا ڳري ۾ ڳري ليکجڻ ۾ ايندي هئي.)

منجهند جو آجهاپ، خاص طرح سان گرمين ۾، ضرور ٿيندو، ٻپهري - ٽپهريءَ جي وچ ۾ ڀنگ جو ڪونڊو تيار ٿيندو. جنهن کي ”سُکو“ سڏيندا. هرڪو، سکي جي سُرڪ ڀريندو، ڪم حاج سان يا پنهنجي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيندو ويندو.

گلي مل رتيديري تعلقي جي اؤج جو سڄو زمانو اکين سان ڏٺو، مقامي معاملن ۾ اثرائتو حصو ورتو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، وڏيءَ عمر کي رسي، سرڳواسي ٿيو. اسٽيشن تان ريل تي چڙهندي ڪِري پيو، ۽ مٿانئس ريل وهي ويئي. آرام سان رهيو، عزت سان زندگي بسر ڪيائين. عريضي نويس هو، پر بدمعاش قسم جو نه، جيڪو ماڻهن ۾ هٿ وٺي فساد وجهرائي، پيو پنهنجو گهر سائو ڪري.

سندس ننڍو ڀاءُ جيسو مل کانئس وڌيڪ چالاڪ هوندو هو. پر اُن جي هلندي يا عزت ايتري نه هئي، جيتري گلي مل جي. رهڻي ڪرڻيءَ جو نمونو ٻنهي ڀائرن جو ساڳيو هو. انڊين پينل ڪوڊ، ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ ۽ سول پروسيجر ڪوڊ جا حافظ هوندا هئا - ڪتابن ڏٺي بنا، پيا قلم پڙهيو ٻڌائيندا. دستاويز  يا درخواست لکندا، ته ڄڻ تير ڪمان مان نڪري ويو.

پنجوءَ جا ديوان

پنجو ديرو، نئين ديري کان ٽن ميلن جي پنڌ تي، هندو ڪامورن جو هڪ مکيه شهر هوندو هو. شهر جي وڏيرپ ته هوندي هئي ڇڄڙن وڏيرن جي نالي ۾، پر اصلي اقتدار جا مالڪ هوندا هئا هندو عامل، جن مان ڪيترا انگريزي پڙهي سرڪاري نوڪرين ۾ گهڙي پيا هئا ۽ باقي رهيل ڳوٺ ۾ رهي پيا زمينداري ڪندا هئا- سڏبا سڀ ”پنجوءَ جا ديوان“ هئا- چڱي ”خنڪي“ هوندي هُين.

اهي ڏينهن هوندا به ڪامورن جي زور جا هئا. رساين، رشوتن ۽ مهمانين وسيلي ڪافي رقمون ڪمائيندا ٿي رهيا. انهن رقمن مان پنهنجي اباڻي ڳوٺ اندر وڏيون وڏيون ماڙيون اڏايائون. اهي ماڙيون ڇا هيون، قلعا هئا. ڪجهه چورن ڌاڙيلن جو خوف هون، ڪجهه همسايي ڪامورن کان مالداريءَ جي مظاهري ۾ گوءِ کڻڻ جو خيال.

پر چورن به پڇاڙيءَ تائين ڪونه ڇڏين. جيترا ڏينهن ماڙين جي تعمير جو ڪم پيو هلندو، اوستائين اهي چور مزدوري ڪريو پيا پيٽ پاليندا. تعمير جو ڪم بند ٿيو، ته ٻاهرين ڌاڙيلن سان بندوبست ڪري، ساڳين ماڙين ۾ ڌاڙا هڻائيندا ۽ اُن لٽ ڦر جي مال مان پيا گذران ڪندا. ڪڏهن ڪڏهن ته ڌاڙيل محلن جي مالڪن کي ماري به وجهندا هئا. هڪ - ٻه دفعا محلاتن کي مورڳو باهيون ڏيئي ساڙي به ڇڏيائون.

مگر ديوانن کي ديس سخت پيارو هوندو هو. انهن سڀني صعوبتن سهڻ کان پوءِ به ديس  نه ڇڏيندا، ۽ نه لڏي وڃي ڪنهن وڏي شهر جو پاسو وٺندا- مرندا ته به ديس اندر، مري سڙندا ته به مٽيءَ کي ديس جي دز سان ئي پيوست ڪري ڇڏيندا.

ديوان تولا رام نالي هڪ شخص ترقي ڪري وڃي مختيارڪار ٿيو. رٽائر ڪرڻ بعد موٽي اچي پنهنجي اباڻي ڳوٺ پنجوديري ۾ رهڻ لڳو. هڪ دفعي ملڪ ۾ پليگ پيئي، هرڪو ماڻهو شهر ڇڏي ڀڄي وڃڻ لڳو. تولا رام پنهنجي آڪهه وٺي، رڙهي اچي ريلوي اسٽيشن نصرت جي ملازمن جي ويران ڪوارٽرن ۾ رهڻ لڳو. پنڌ فقط هڪ ميل جيترو هو. اسٽيشن جي پلئٽفارم تان پنجوديري جون ماڙيون پيون نظر اينديون هيون. تولا رام سڄو ڏينهن پلئٽفارم تان پنجوديري جي ماڙين کي اکئين ڪريو ويٺو هوندو هو. مون پڇيس- چيائين:

”پليگ جو زمانو آهي، ڪنهن وقت به بيماريءَ جو حملو ٿئي ۽ آءٌ مري وڃان، تنهنڪري گهُران ٿو ته پويون وقت پنهنجي وطن پنجوديري ڏانهن ڏسندي، اکيون ٺاريندي پورو ڪريان.“

ٻيا ماڻهو چريو سمجهندا هئس. پليگ گذري ويئي. ديوان تولا رام صحيح سلامت ڳوٺ رسيو. سندس مرتيو به اتي ئي ٿيو. ان زماني جي ديوانن وانگر ڏاڙهي رکندو هو ۽ مٿي تي سلڪ جي هلڪي پڳ ٻڌندو هو.

هندن پاران شهر جي مکيائپ ديوان آسنداس جي حوالي هوندي هئي. هو، فقط زميندار هو، ۽ بطور زميندار، چڱي شان سان رهيو. آنرري ماجسٽريٽ ۽ ڪمشنر سنڌ جو درٻاري به ٿيو. فقيراڻي ۽ صوفي طبيعت جو انسان هو. سندس خاندان ڪنڊڙيءَ واري روحل فقير جي خاندان جو مريد هو. سجاده نشين جي سر تان ساهه صدقو هوندو هون.

سندس ڀاءُ، ديوان جوتو مل، پليڊر جو امتحان پاس ڪري، لاڙڪاڻي ۾ رهي وڪالت ڪندو رهيو. وقت جي حالتن جي پوري ڄاڻ هيس. عدالتي ڪاروبار ۾ وڪالتي فن يا قاعدي قانون کان وڌيڪ اثر رسوخ، رس رسائي، لڳ لاڳاپي ۽ ”ياري باشيءَ“ کي دخل هوندو هو. جوتو مل ان راز کي چڱي طرح ٿي سمجهيو. هڪ وڪٽوريا گاڏي پاڻ وٽ موجود رکيائين. جيڪو به مختيارڪار يا ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ آيو ته اها گاڏي هڪدم وڃي سندس در تي بيهندي. صبح جو صاحب پاڻ ان گاڏيءَ ۾ سوار ٿي ڪورٽ ڏانهن ويندو. شام جو سندس ڪِڪيون، هار سينگار ڪري، هواخوري ۽ سيئو بازار جو سير فرمائينديون رهنديون. آيو ويو پيو ڏسندو ته مختيارڪار يا ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ جي آڪهه جوتو مل جي وڪٽوريا ۾ چڙهيو پئي گهمي. چڱو پڙلاءُ ۽ پرتاب پئجي ويندو. ڪيسن ۾ ڦاٿل ماڻهو، ان تعلق مان فائدي وٺڻ خاطر، وڏيون وڏيون فيون ڏيئي اچيو پيا ديوان جوتو مل کي وڪيل ڪندا. ڇو ٿو ديوان جوتو مل ٿوري في وٺي؟ پهرين ته مورڳو ڪيس وٺڻ کان ئي انڪار ڪندو. چي، ”اسان کي ڪم گهڻو آهي، واندڪائي ڪانه ٿي رهي، ان کان سواءِ اڳ ۾ ٻيءَ ڌر پاران اچي پيغام پهتو آهي ته اسان سندن وڪيل ٿيون، وٽانئن في به وڏي ملڻي آهي، ان کان وڏي ڳالهه اها ته ڪيس اوهان جي ڌر کي اڳيئي وڪوڙي ويو آهي، اوهان جو ڇٽڻ ناممڪن پيو نظر اچي، پوليس جو زور آهي، ڪالهه رات ڊپٽي صاحب اسان جي ماني موڪلائي هئي (يعني اسان کي ڊنر ڏني هئي)، ات اوهان جي ڪيس جي به ڳالهه نڪتي، ڊپٽي صاحب اوهان تي سخت ڪاوڙيل ٿي نظر آيو، تنهن کان سواءِ مختيارڪار يا ريزيڊنٽ صاحب اسان جو ذاتي دوست آهي، اسان وڪيل هونداسين ته کيس مخالف فيصلي ڏيندي پيو شرم ٿيندو، تنهنڪري اسان اهڙي دوست جي وويڪ تي ڇو اجايو بوجهو وجهون.“

جوتو مل جي اها تقرير ٻڌي، اصيلن کي ڏڪڻي وٺي ويندي. زالن جا زيور بلڪ زمينون به گروي رکي، آڻي جوتو مل کي سندن مقرر ڪيل ”فينسي في“ ادا ڪندا.

سال 21-1920ع ڌاري سنڌ اندر آنرري بينچ - ماجسٽريٽن جو سلسلو شروع ٿيو. هر هڪ تعلقي اندر معزز زميندارن جون ٻه يا ٽي ”بينچون“ مقرر ڪيون وينديون هيون، جن کي ٻئي درجي جي ماجسٽريٽ جا اختيار ڏنل هوندا هئا. زميندارن کي قاعدو قانون ته ايندو ڪونه هو، تنهنڪري منجهانئن هر هڪ کي ڪو نه ڪو وڪيل بطور صلاحڪار رکڻو پيو ٿي، جيڪو کين پس پرده قانون جون گهاتيون سمجهائيندو رهي. گهڻو ڪري مقدمن جا فيصلا به اهڙن وڪيلن کان ئي پيا لکائيندا هئا. ضلعي لاڙڪاڻي جي بينچ - ماجسٽريٽن جي استاديءَ جو ڪم جوتو مل پنهنجي سر تي هموار ڪيو. ماجسٽريٽ صاحب مقدمي چالان ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيندا هئا ته جوابدار کي ڇڏڻو آهي يا سزا ڏيڻي آهي. فتوا ٻنهي حالتن ۾ جوتو مل کان لکرائي، موجود رکي ويندي هئي.

سنڌ اندر آنرري ماجسٽريٽيءَ جو ڪاروبار ڪهڙيءَ طرح ٿي هليو، تنهن جو هڪ مثال، جو حيدرآباد ضلعي سان تعلق ٿو رکي، لکڻ مناسب آهي.

هڪ آنرري ماجسٽريٽ صاحب جي اڳيان پوليس - چالان پيش ٿيڻ بعد شاهديون هلڻ کپنديون هيون، وڪيلن کي مکيه پڇا ۽ آڏي پڇا جو وجهه ملڻو هو، ان کان پوءِ تقريرون ٿيڻيون هيون، ۽ تقريرن بعد جوابدار تي چارج رکي سندس بچاءَ جا شاهد وٺڻا هئا. بچاءَ جي شاهدن جي زبانين بعد وڪيلن جون آخري تقريرون ٿيڻيون هيون، ۽ ان بعد ئي وڃي ماجسٽريٽ کي فتوا ڏيڻي هئي ته جوابدار سزا جي قابل آهي يا نه. اهي هيون لازمي قانوني ضرورتون مگر ان مقدمي ۾ ماجسٽريٽ صاحب جيئن ملزم جو منهن ڏٺو، تيئن فيصلو ڪيائين ته دستوري ڪارروائي هلائڻ غير ضروري آهي، ملزم کي هڪدم سزا ٻڌائي جيل اماڻڻو آهي.

ماجسٽريٽ صاحب جي اها نادري راءِ ٻڌي، ملزم جو وڪيل بنهه وائڙو ٿي ويو. ماجسٽريٽ صاحب کي گهڻا ئي قاعدا قانون ڏيکاريائين، پر هو صاحب پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو. وڪيل کي هڪدم حڪم ڪيائين ته ”اُٿي تقرير ڪر!“

وڪيل: ”پر صاحب، اڃا ڪيس هليو ئي ڪونه آهي، اُن کان اڳ آءٌ ڪهڙي تقرير ڪندس؟“

ماجسٽريٽ: ”اوهان کي ڪورٽ سڳوريءَ جو حڪم ضرور مڃڻو آهي ۽ تقرير ڪرڻي آهي، ڇو ته اسان کي هاڻي جوابدار کي سزا ڏيڻي آهي.“

وڪيل: ”ڪورٽ سڳوريءَ کي اهڙي حڪم ڏيڻ کان اڳ هيءُ ويچار ڪرڻو پوندو ته اها ڪارروائي بيقاعدي ٿيندي، ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ ۾ اهڙيءَ دٻڙ دونس لاءِ ڪو به قلم ڪونه آهي.سيشن ڪورٽ خواهه صدر ڪورٽ سخت ناراض ٿينديون.“

ماجسٽريٽ: ”ديوان وڏا، توهان کي تقرير ضرور ڪرڻي پوندي. اسان کي صدر توڙي شيشم (سيشن) ڪورٽ جي ڪا به پرواهه ڪانه آهي. الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان گونر (گورنر) صاحب اسان جو دوست ۽ ڪمينر (ڪمشنر) صاحب اسان جو يار آهي. اسان کي تنهنجن ڪوٽن (ڪوڊن) ٻوٽن جي ڪا پرواهه ڪانه آهي.“

بحالت مجبوري، وڪيل اٿي تقرير ڪئي، پر مختصر. چيائين:

”اڳ ٻڌندا هئاسين ته “ڪورٽ سڳوريءَ جي شهر اندر ڇوڪرا گڏهيون ڊوڙائيندا وتندا آهن، پر اڄ ڏٺوسين ته هيءَ ڪورٽ سڳوري گڏهين وانگر ملڪ جي قاعدي قانون کي ڊوڙائيندي رهي ٿي. انهن حالتن اندر، تقرير فقط ايتري ئي ٿي سگهي ٿي. باقي ڪورٽ سڳوريءَ جي سر بخت جو خير!“

ماجسٽريٽ تقرير ٻڌي، منهن ورائي سرشتيدار کي چيو “شيشدار (سرشتيدار)، تقرير ٻڌي ويئي، جوابدار کي ڇهه مهينا جيل ڏيو. فتوا لکي، مٿانئس اسان جي مهر هڻي ڇڏيو.

اهڙيءَ عام فضا اندر جوتو مل جي رهنمائي لاڙڪاڻي ضلعي جي بينچ ماجسٽريٽن لاءِ وڏي اهميت ٿي رکي. وٽانئس قاعدي قانون سکڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ۽ ڪنهن مقدمي سان پنهنجي دلچسپي هوندي هين ته فتوا جوتو مل کان لکارائيندا هئا. انهن خدمتن عيوض جوتو مل جي پرئڪٽس پڻ پکڙندي ويئي.

وڏا زميندار پاڻ ۾ وڙهي پوندا ته جوتو مل وچ ۾ هوندن. پهرين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندن، پر ان هوندي به جيڪڏهن جهيڙو زور وٺي ويو، ته پوءِ هڪ نه هڪ ڌر تي احسان ڪرڻ خاطر ان جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندو.

هڪ دؤر اهڙو آيو، جنهن اندر هندو ڪامورن کي تصوف يا ”صوفيپڻي“ سان خاص دلچسپي پيدا ٿي پيئي. لاڙو ان طرف اڳ ۾ ئي هون، قديمي ايام کان مسلمانن سان گڏ رهڻ ۽ فارسي ۽ عربي پڙهڻ ڪري کين تصوف ۽ پيري فقيريءَ جي ڄاڻ هميشه کان هوندي هئي. منجهانئن ڪيترن تصوف جي ڪتابن جا ترجما ڪيا، فارسيءَ ۾ شعر لکيا، ۽ ڪن ته خود ڪلام مجيد  جو مطالعو به ڪيو. پر انگريزن جي آئي کان پوءِ جيبِن جيئن سندن قوم تي مغربيت طاري ٿيندي ويئي، تيئن تيئن کانئن پراڻا ورق وسرندا ويا.

جنهن وقت جو آءٌ هينئر ذڪر ڪري رهيو آهيان، ان وقت سنڌ جي سوچيندڙ هندن ۾ دوباره تصوف ڏانهن موٽڻ جو خيال پيدا ٿي چڪو هو. سنڌ جون چار - پنج مکيه درگاهون هيون جن مان ڪنهن نه ڪنهن سان هو پاڻ کي  وابسته ڪندا ٿي ويا: (1) جهوڪ شريف جا صوفي، جن جي سلسلي ۾ عمر ڪوٽ وارا صوفي صاحب به شامل هئا، (2) شاهه دراز، (3) نصير فقير جلالاڻن وارو، (4) ناڙي وارا بزرگ، سائين رکيل شاهه وارا، جن جو پويون سجاده نشين ميان چيزل شاهه هو، (5) ڪنڊڙيءَ وارا صوفي صاحب، جن جو مورث اعليٰ روحل فقير هو ۽ پوئين زماني ۾ سجاده نشين فقير غلام علي، ۽ (6) حيدرآباد اندر جهانيان پوٽا.

جوتو مل جي خاندان پاڻ کي ڪنڊڙيءَ جي بزرگن سان وابسته ڪيو ۽ ان درگاهه جي مريدن ۽ معتقدن جي خود تعداد وڌائڻ جي ڪوشش ڪيائين. درگاهه تي ميلو لڳڻو ٿيو ته جوتو مل يار دوست، واقفڪار ڪاموري ڪڙي کي حرصائي همٿائي وٺي وڃي ڪنڊڙيءَ ۾ حاضر ڪندو. سال ۾ ٻه - چار دفعا فقير صاحب کي دعوت ڏيئي پاڻ وٽ به آڻي مهمان ڪندو هو. انهن موقعن تي دعوتون ڏيئي، وقت جي هندو ڪامورن کي فقير صاحب جي محفل ۾ گڏ ڪندو هو. ان طرح سان سندس پنهنجو به هڪ چڱو خاصو حلقو پيدا ٿي پيو. جوتو مل فقير صاحب جو ”خليفو“ ليکجڻ لڳو، ۽ جنهن کي به فقير صاحب سان دلچسپي پيدا ٿي، تنهن لاءِ جوتو مل جي عزت ڪرڻ لازمي ٿي پئي!

غرض ته جوتو مل وٽ ٽَڪن جا ڍير ٿيندا ويا، خاص پنهنجي رهڻي ۽ پوشاڪ سادي هوندي هيس. ڪپڙا پراڻا ٿي ويندس، ته به انهن جي پچر نه ڇڏيندو. هڪ دفعي مون ڏٺو ته ٽانگي تي چڙهندي سندس پتلون تي زور پيو ۽ اها پتلون نازڪ جاءِ وٽان ڦاٽي پيئي. پتلون کي ڇڏڻ يا بدلائڻ بدران، ان کي ٽوپا ڏياري وري به پهريندو رهيو. مٿي جي کل ۾ خشڪي پيدا ٿي پيس، سڄي مٿي مان مٽي ڇڻندي رهيس، پر ڌنڌو ڇڏي علاج ڪرائڻ لاءِ ڪراچيءَ تائين به ڪو نه ويو. هميشه مٿي ۾ سرهن جي تيل جون لَپون وجهي پنهنجو ڪاروبار هلائيندو  رهيو.

پنجو ديري جي مسلمانن مان، اتانهون جا ڊکڻ ڪاريگر ڏاڍا مشهور هوندا هئا، ڪاٺيءَ تي رنبيءَ جو ڪم نهايت اعليٰ قسم جو ڪندا هئا- هڪ آرٽ هو، جنهن جو انهن ڏينهن ۾ خاص قدر هوندو هو. زميندار ۽ سيٺيون، وڏا خرچ ڪري، گهر جي شهتيرن ۽ دروازن تي رنبي سان اُڪر ڪرائيندا هئا. آرٽ ۾ پنجو ديري جي ڊکڻن جو ثاني ڪونه ٿيو. افسوس آهي ته گرڊرن ۽ لوهي دروازن جي رواج پوڻ کان پوءِ سنڌ جو اهو خاص آرٽ مري ويو.

حاجي بيگ

پنجو ديري جو حاجي لاڙڪ وفا، دوستيءَ ۽ محبت جي معاملي ۾ وقت جو امام هو.

ڏسڻ ۾ صفا دو دستو ڳوٺاڻو- قداور، ڀورو، هڏ ڪاٺ مضبوط، مون سان جڏهن واقفيت پيدا ٿيس ته ڏاڙهي اڇي ۽ ڊگهي هيس. شروع جوانيءَ جي زماني ۾ ”ڏاڍو مڙس“ ليکيو ويندو هو، هلندڙ ريل گاڏيءَ مان ڪپڙن جون ڳٺڙيون اڇلائي، کڻي وڃي سگهندو هو. خوددار هو، پاڙي پنبي جي وڏ وڏيري رخ نه ڏنس ته وري منهن نه ڏسندس. پر جنهن سان ”ٻول ٻڌس“ ڄڻ جيءُ جڙي ويس. اهو ماڻهو پاڻ ڀڄي وڃي ته ڀل، مگر حاجي بيگ پويان گهلبو رهندس. دوستيءَ جو فيصلو هڪڙي ئي دفعي ڪيل هوندس، باقي عمر ان فيصلي کي پيو پاڻي ڏيندو. دوست ڪيتريقدر به بيوفا يا بيڪار ثابت ٿئي، پر حاجي بيگ نه ٻڙڪ ڪڇندو نه ٻئي ڪنهن جي واتان ڪا گلا ٻڌڻ لاءِ تيار هوندو- ڪنهن لبڪشائي ڪئي ته هڪدم ڇڙٻ ڏيئي ڪڍندس: ”چپ ڪر، نالائق، وات سنڀال، ڇا پيو منهن مان ڪِرئي!“ غيبت ڪندڙ جي واتان ڪا گلا ٻڌڻ لاءِ تيار هوندو ته منهن ويڙهي، بنهه مجلس مان اٿي ويندو. پڇاڙيءَ ۾ پوڙهو ٿي ويو، پر مون کي سندس محبت جو اعزاز آخر تائين حاصل رهيو. هڪ دفعي ووٽ ٿيا، خبر پيس ته منهنجي دلچسپي هڪ خاص اميدوار سان آهي. نه مون چيس، نه ڏانهنس پولنگ واري ڏينهن ڪا سواري ئي رواني ڪري سگهيس. پاڻ بيمار هو، هلڻ چلڻ کان معذور، مگر پولنگ واري ڏينهن، پيرين پنڌ، ڪيترا ميل لٺ جي ٽيڪ تي هلي، پاڻهرتو اچي ووٽ داخل ڪري ويو. آءٌ ڪراچيءَ لڏي ويس، جڏهن به ڀاڙو هٿ ايندس، ته ريل ۾ چڙهي، اچي مون سان ملندو. مون بدقسمت انسان کي وقت سر ساڻس ڳالهائڻ جو موقعو نه ملندو، ته به پاڻ فاصلي تان ويهي به منهن ڏسندو رهندو. چوندو هو:

”پير، تون بيقدرو يار ٿي پئين! وڏن ماڻهن سان پيو وقت وڃائين. اهي ڪوڙا ڪُلال، ڳڻچور، ڳنڍيڇوڙ اٿئي. رهاڻ ڪرڻي اٿئي، ته اسان جهڙن سرويچ غريبن سان ڪندو ڪر. نماز روزي تي ڪو ڌيان ڏي. دنيا دورنگي اٿئي، سارو ڪمام ڪوڙ تي ٻڌل اٿس. ڇا گذري آهي، ڇا گذري ويندي! اهو ڪي ڪر، جو ڪم اچئي!“

ساڻس خوش طبعي ڪندي، مان چوندو هوسانس:

”حاجي، ست ڪوئا کائي ٻلي حج تي هلي آهي. جوانيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ڪيئي، سو به ياد ڪر!“

مرحوم کلي ويهندو-

”پير! ڏاڍو زوراور آهين. انڌ جي گهوڙي تي چڙهيل آهين - دنيا جهان جي خبر ڪانه ٿي پويئي - پر چونداسين ته ڪاوڙجي پوندين - ڌڪا ڏياري ڪڍي ڇڏيندين، تنهنجي ڏسڻ لاءِ به سڪندا وتنداسين - تنهنڪري تو کي سچ چئي به ڪونه ٿا سگهون.“

پهرين هڪ پٽ وٺي آڻي منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ پيش ڪيائين، ان کان پوءِ ٻيو پٽ، عمر نالي - ٻنهي کي فرمائش اها ڪيل هيس ته لالچ نه رکجو، مري وڃجو پر در نه ڇڏجوس.“ غريب وٽ اها ئي وٿ هئي، جا آڻي دوست جي نذر ڪيائين.

پڇاڙيءَ ۾ مرڻ جو فيصلو ڪيائين. مشوري لاءِ مون وٽ آيو:

”پير، هاڻي ڏينهن پورا ٿيڻ تي آيا آهن، هن ملڪ ۾ مرڻ ڪونه ٿو گهران، مديني وڃي مرڻو اٿم.“

مون چيس:

”ميان، اڃا ته ڏنڊو ڏوٽو آهين، منهن مان رت پيو ڇڻئي، اهي ڪهڙيون بڇڙيون وايون کنيون اٿئي!“

”....... تنهنجون اهي ئي ڏاڍائيءَ واريون ڳالهيون! مديني وڃڻ، مرسل مير جي چانئٺ چمڻ، ان دلبر جي در اڳيان دم ڏيڻ، اهي ٿيون بڇڙيون وايون؟ سٺيون وايون  اهي آهن ته سنڌ ۾ رهي سور پرائجن؟ تو وٽ اچجي ته تنهنجو ڏسڻ به مهانگو، ڳوٺ وڃجي ته ڏچن پٺيان ڏچا. دنيا ۾ هاڻي ڪهڙي موچارائي وڃي رهي آهي. دغا، دولاب، ڪوڙ بدوڙ، بيوفائي، بيحيائي، نه پاڙي جو شرم، نه وڏ ننڍائيءَ جو ويچار. ننڍي پوش ته جاٿي ڪاٿي مورڳو لولي لانگڙ لاهه ٿي بيٺي آهي، نه وري وڏن ۾ ئي ڪا وڄا بچي آهي، لوڀ لالچ انڌو ڪري ڇڏيو اٿن. وڏيرا آهن ته رشوا (رشوت) تي سندرو ٻڌي بيهي رهيا آهن. غريبن پاڙيوارن تي هٿ ڏيڻ بدران، پنهنجن هٿن سان پيا انهن جا گهر ڀڃائين ۽ لوڙها لتاڙائين. جي ڪو سيٺ يا ديوان وڃي بچيو آهي، ته رڳو شودو، وڏي ماس کائڻ کان به ڪونه پيو مڙي. مريدن مان مراد، سيدن پيرن مان پرين واري پيچري جي پڇاڻ ختم. ڪاموري ڪڙي جو سندرو ظلم تي ٻڌل. خان خدا جي خوف کان خالي. سڀ ڪم رشوا، شفارش، چؤ چوائت تي پيو هلي. غريب مسڪين جي ڪو ڪونه پيو ٻڌي يا سڻي. ڪلجڳ اچي ويو، چوڏهين صدي آهي، ڪوڙ پيو ڪمائجي، ڪوڙ پيو کائجي، قيامت جا نشان ظاهر آهن. اڳ ٻڌبو هو ته فقط هڪ دجال پيدا ٿيڻو آهي، پر هينئر ته ڏسون پيا ته ڳوٺ ڳوٺ، گهر گهر ۾ اچي ڪئين دجال ساماڻا آهن، امام مهدي4 هاڻي اکئين نه پيو ڏسجي.“

”...... سو، پير هاڻي نه جهل نه پل، ڇڏ ته وڃي ڪنهن منهن مهاڙ جا ٿيون، نه ته ويٺي ويٺي ويل وهي ويندي، نه هيڏانهن جا رهنداسون، نه هوڏانهن جا ٿينداسون.“

”...... باقي ٻچن جي سا پارت اٿئي. منهنجا پٽ سڀ حلالي اٿئي، منهنجي قبر ڪانه لڄائيندا، سو انهن تئون هٿ نه لاهجان“.

اهو هو ست تت مرحوم جي آخري ڏينهن وارين تقريرن جو. حج جو زمانو آيو- ٽپڙ ٻڌي، تيار ٿي، اچي ڪراچيءَ پهتو. گهڻو جهليوسونس، گهڻو پليوسونس، پر اندر جي اڪير مچ مچائي بيٺي هيس، سو زوريءَ وڃي جهاز ۾ سوار ٿيو.

”مون چاڙهيندو وڃ، ٻيڙائتا ٻيڙن وارا!“

ان وقت ائين ڪونه ٿي سمجهيم ته سندس اهو سفر ڪو آخري سفر ثابت ٿيڻو آهي.

حج پورو ٿيو، حجاج موٽيو، پر حاجي بيگ ڪونه آيو:

”اڄ نه پکي آئيا، ٿين واهيري جي ويل!“

واجهائيندي ورهيه گذري ويا، پوءِ وڃي پيئي ڪل ته پنهنجا قول پاڙيائين! حج پڙهي، فارغ ٿي، دلبر جي در اڳيان دم ڏيئي، پاڻ کي ساڳيءَ ئي خاڪ پاڪ جي سپرد ڪري ڇڏيائين، جنهن جي آغوش ۾ خود آقاءِ دوجهان آرامي آهن.

“ جنهن خوشنصيب کي رحمت اللعالمين جي دائمي همسائگي حاصل ٿي ويئي، تنهن ڏانهن هينئر آءٌ گنهگار، سنڌ مان ويٺي دعائن ۽ رحمتن جون ڪهڙيون سوغاتون موڪليان:

پاڻ کڻان يا پنبہ هڻان!

البت، ڪڏهن ڪڏهن، رکيو رکيو، دل مان دانهن پيئي نڪري:

هتڙي اسان جا هي حال، ڙي يار!
تو کي پنهنجا سانگ سيباڻا!

ڀائي ڏاسو مل

ڪپڙن جو گهورڙيو، ڀائي ڏاسومل، پڻ پنجوديري جو هڪ خاص سمپل هو. زنانن ڪپڙن جا تاڪيا خريد ڪري، ڳٺڙين ۾ ٻڌي پاڙي جي خاندانن وٽ کڻي ويندو هو. هڪ ڳٺڙي پنهنجي پٺيءَ ڏانهن ڇڪي ٻڌندو، ٻي ڳٺڙي پُٽ کي کڻائيندو، لوهي گزي هٿ ۾، گرميءَ ۽ ٿڌ کان مٿي کي محفوظ رکڻ خاطر، چڱي پڳ سر تي ٻڌل، مهينين ٻي مهينن مڙيو ئي اچي پيو منهن ڪڍندو. نفعو ٿورو رکندو، جيئن موڙيءَ جي ڦير گهير تڪڙي ٿيندي رهي. ڪجهه بروقت وٺندو، ڪجهه اوڌر تي، اها اوڌر موسم پڄاڻي ديرن ۾ پيئي وصول ٿيندي. پرده نشين مستورات مان هر هڪ کي ڪهڙي قسم جو ڪپڙو وڻي ٿو، تنهن جي پروڙ ڏاسي مل کي ٻاهر ويٺي پيل هوندي. ڀيري ڀيري ان در تي ايندو ته انهيءَ ئي قسم جي ڪپڙي جا ٻه - چار نوان نمونا کنيو ايندو، جيئن بنا ”ڏني ورتي“ موٽڻو نه پويس. مردن لاءِ پڻئي (جنهن کي مسلمان محمودي سڏيندا هئا)، بافتي، يا ململ جو هڪ - اڌ تاڪيو هوندس، باقي بارود زنانيءَ پسند جو: ڏوريا(1) ، بوند، هيرا ساکڙي، نوريئڙا، قناصرا، شبنما، چيرا، ڦول بيگ، گلبدن، چڪنا، گاجرا، موٺڙا، رنگارنگي پَٽ، وغيره. سستائيءَ جا ڏينهن هوندا هئا، قيمتن جا حساب آنن ۾ ٿيندا هئا، رپيو ته بلڪل وڏي شيءِ هو، جنهن جو نالو ادب سان ورتو ويندو هو. ڪپڙي جي ماپ هٿن پيرين ٿيندي هئي. هٿ کان گهٽ ماپ کي ٻاڪون، گرانٺ، يا ”ڇارڪ“، پيرين ڦِلائيندا هئا. ڏاسو ايندو ته گهر گهر ۾ چرپر پئجي ويندي. مرڪزي جاءِ تي کٽ وڇائي، بڊڙيون ۽ بڊڪون کولي، تاڪيا وڇائي، ٽيمپرري هٽ کولي ويهي رهندو. زالن کي هرکائڻ لاءِ مٿانئن چمڪندڙ رنگارنگي ڪپڙي جا تاڪيا رکندو پهرينءَ ۽ آخري قيمت جي وچ ۾ آني - ٻٽي جو فرق رکندو، ڇو ته کيس معلوم هوندو ته بنا ڇڏ ڇوٽ ڪرائڻ جي ڳوٺ جي زالن جي تسلي ڪانه ٿيندي. ڪپڙي جي ڪئالٽيءَ تي زالن جي ٽيڪا ٽپڻي ٻڌڻ وٽان هوندي. رنگ ڦِٽڻ ۽ ”سوس“ (ڌوپ ۾ ڪپڙي جو سسڻ) جي امڪان جو خاص خيال رکنديون. تسلي نه ٿيندين ته پاڻيءَ ۾ پسائي، رنگن کي اڇي ڪپڙي تي گَهي ڏسنديون ته رنگ لهيس ٿو يا نه. سؤس جي چڪاس لاءِ ڪپڙي جي ڪنڊ پاڻيءَ ۾ پسائي، سج تي سڪائي ڏسنديون.

جيستائين جيئرو رهيو، پسگردائيءَ جي ڳوٺن اندر چهچٽو لائيندو رهيو.

واهڙ جي وٽ سان، ٻٻرن جي جهلي هيٺان

سنڌي ڳوٺاڻن جي سرويچ سنگتين ۽ غير فاني دوستين جا ٻول ٻجهندا آهن، نه اميراڻن ڊرائنگ رومن ۾، نه سرمائيدارن جي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن اندر، پر واهن ۽ واهڙن جي وٽ تي، ٻيرن ۽ ٻٻرن جي جهَلن هيٺان: نه زير سرپرستي يو - اين، پر زير سايه آسمان: نه بوسيله تمسڪات، پر بذريعي حرف زبان!

سينا سينن سان مليا، اکيون اکين سان اٽڪيون، دليون دلين سان ڳنڍيون، پڳون مٽجي ويون، پيچ پئجي ويا، جيءَ جڙجي ويا، مرندي گهڙيءَ تائين جا سوٺا کڄي ويا!

انسان جي روحاني زندگيءَ لاءِ خوراڪ فراهم ڪرڻ ۽ مجموعي حياتيءَ کي معنيٰ بخش جو ڪم پڻ ان قسم جون دوستيون ڪن ٿيون، باقي دوستيون، دوستيون نه، ”درآمدي ۽ برآمدي“ قسم جي تجارت آهن.

“ نه وري اها وٿ ڪا اهڙي وٿ آهي، جا ماڻهو پئسا ڏيئي بازار مان خريد ڪري سگهي. سچيءَ مشڪ جي نافي وانگر، ان جو ميسر ٿيڻ ڏاڍو مشڪل ٿئي ٿو، ۽ محض اتفاق طور، سو به نه محلن جي مسڪينن اميرن ڪبيرن وٽان، بلڪ ”ڪلهن ڦاٽل ڪنجرن“ پهريندڙ گودڙين ۽ گوڏرين وٽان، جي ڏسڻ ۾ ته ڪنگال پر حقيقت ۾ وفا واري مشڪ ختن جا مالڪ هوندا آهن.

سنگت ڪرڻ ۽ سنگت ۾ سر تائين ڏيئي ڇڏڻ، سنڌ وارن جي تاريخي ميراث هئي، ۽ سندن ڪئريڪٽر جو چمڪندڙ جزو! پر جيئن جيئن ٻاهرين جو تجارتي اثر مٿن پوندو ويو، ۽ سندن ڏيٺ ويٺ ٻاهرين ماڻهن سان ٿي، تيئن تيئن اها ميراث سندن هٿان نڪرندي ويئي. منهنجي پنهنجي ڏسندي ڏسندي، ڪيڏو نه فرق اچي ويو! وڏن ماڻهن، اميرن، پيرن، سردارن، عملدارن منجهان ته خارجي اثرن ۽ غلاميءَ جي پهرينءَ ئي سَٽ سان اها وٿ بنهه موڪلائي ويئي. سندن دوستي ٺڳي، ۽ سندن واعدو ۽ انجام پاڻيءَ جا ليڪا بڻجي پيا. صبح کان شام تائين ڌنڌو ئي ڪوڙ بدوڙ، ٿوري لالچ ملين ته مٺن پيارن جو مٿو وڃائي وڃي ٻاهر چڙهيا! اهو شيوو اڳوڻن سنڌين جو هرگز نه هوندو هو. اُنهن دوستيءَ جو دم هنيو ته آخري قدم تائين قائم رهيا، سام جهليائون ته سر ڏنائون، سنگت رکيائون ته توڙ نباهيائون، زبان مان ڪو اکر نڪتن ته ڄڻ صحيفو آسماني لهي آيو، جنهن ۾ ڪنهن به ردبدل ٿيڻ جو امڪان نه رهندو.

جنهن زماني جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، ان ۾ اها خصوصيت اڃا تائين غريب ڳوٺاڻن ۾ موجود هوندي هئي. سندن دوستيءَ ۽ سچائيءَ ذريعي جو روحاني اطمينان ميسر ٿيندو هو، سو اڄ دنيا جي وڏي کان وڏي ماڻهوءَ جي تقرب مان به حاصل ڪونه ٿو ٿئي. مون چڱيءَ پر تجربو ڪري ڏٺو آهي. سنڌ ته ساري ڏٺي اٿم، بلڪ همعصر ٻاهرينءَ دنيا جي به گهڻن ئي مشاهيرن سان پاند اٽڪيو اٿم، پر محبت ۽ وفا جي معاملي ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻن جو همپايي ماڻهو نظر ڪونه چڙهيو اٿم. جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا - وڏا ماڻهو، ۽ وڏا غرض، وڏا مرض- وفا ۽ محبت لاءِ وٽن ڪٿان ايندي گنجائش؟

قادر بخش

قادر بخش خروس هڪ مسڪين ڳوٺاڻو هو، منگين تعلقي ڳڙهي ياسين جو رهاڪو. ابتدا ۾ ”ڏاڍو مڙس“ ليکيو ويندو هو. پاڻ ڳالهيون ڪندو هو ته ڪيترن ڌاڙن ۾ به شريڪ رهيو هو. اصول هوندو هوس ته دوستن جي ”بيگر“ وهجي، ڏکئي وقت ۾ سندن ساٿ ڏجي، بنان لالچ ۽ بنا مقصد، پوءِ سر وڃي ته ڀل وڃي: اهو مڙسيءَ ۽ مردانگيءَ جو لوازمو آهي، ان اصول کان جو هٽيو، تنهن کي زنانو رئو ڍڪي، پردي پٺيان لڪي، گهر ۾ ويهي رهڻ گهرجي، مڙسن اڳيان مرڪي منهن ڏيکارڻ جو کيس ڪو حق ڪونه آهي. اهو به چوندو هو ته دوست گهڻا رکڻ وڏي غلطي آهي، يار فقط هڪ - ٻه رکجي، جنهن جي دوستيءَ جا حق به چڱيءَ طرح ادا ٿي سگهن.

اوائلي ڏينهن ۾ مٿس هڪ ڏکيو وقت اچي ويو. سندس نانءُ، بطور جوان مرد جي، مون اڳ ۾ ئي ٻڌو هو. محمد پناهه خان ڊکڻ ۽ سندس عزيزن جي وچ ۾ جهيڙو لڳي پيو هو. مرڻ مارڻ تائين نوبت اچي ويئي. هر هڪ ڌر کي سرويچ ساٿين جي ضرورت محسوس ٿي. محمد پناهه خان قادر بخش کي ڪوٺ ڪئي، قادربخش ڪهاڙي کڻي وڃي موجود ٿيو. جيستائين جهيڙو هليو، نه جان ۽ نه جيل جو خيال ڪيائين. اهڙي ماڻهوءَ تي احسان ڪرڻ مون پنهنجو فرض سمجهيو. بيشڪ غريب هو، نظر بظاهر ڪنهن ڪم جو به ڪونه، مگر ”مڙس“ هو. ويل آئي مڙس ئي مٿا ڏيندا آهن - ۽ نه وري ويل پڇي ئي ايندي آهي. ٻهراڙيءَ ۾ رهڻو هو ته انهن ئي اصولن تي هلڻو هو، تنهنڪري مون قادربخش سان وک کڻي ڇڏي.

ان کان پوءِ، ٽيهن ورهين تائين قادر بخش مرحوم، اُن هڪ احسان عيوض، مون وٽ گروي پيو رهيو. مان گهڻو ئي کانئس پاسو ڪريان، پر هو ڪٿان ٿو مون کي ڇڏي! ڪجهه سالن کان پوءِ مون تي به هڪ مصيبت اچي ويئي. قادربخش مرحوم جي گهر ۾ جيڪو به ٽپڙ ٽاڙي هو، سو بازار ۾ وڪڻي، پئسا کڻي اچي موجود ٿيو. پوئتي ٻچن لاءِ فقط رليون ۽ گودڙيون ڇڏي آيو. جنهن وقت به خطري جي گهنٽي وڳي ته سندس سر تريءَ تي هوندو. مرڪندو، مشڪندو اڻ ڪوٺيو، پاڻهي پاڻ ميدان ۾ هليو ايندو. نه حساب ڪندو، نه ڪتاب. نه اڳ جي پڇندو، نه پوءِ جي خبر لهندو. اکيون ٻوٽيو پيو يارن سان ياريءَ جا حق نباهيندو، عيوض، لوڀ ۽ لالچ جو ته ڪو سوال ئي ڪونه هوندو.

مان ڳوٺ ڇڏي سکر ويس، ۽ سکر کان پوءِ وڃي ڪراچيءَ رهيس، مگر مرحوم ڀيرو نه ڀڳو. فقط ڀاڙي جيترا پئسا هٿ ايندس، ته جهٽ اچي سکر يا ڪراچيءَ ۾ منهن ڪڍندو. شوق فقط اهو هوندس ته گهڙي - پهر ويهي مون سان روح جي رهاڻ ڪري.

پنهنجي وت آهر، سواليءَ کي خالي نه موٽائيندو هو. مون ۾، ڪنهن وقت، ماڻهن جا گهڻا ڪم پوڻ لڳا. سفارش لاءِ در پيهي، جنهن به وڃي قادر بخش کي سوال ڪيو ته مرحوم ساڻس گڏيو ايندو.

واجبي ڪواجبيءَ جو ڪو خيال ڪونه ڪندو. سندس اصول هو ته ”اڙئي موڙهئي“ کي اڌ ۾ ڪونه ڇڏڻو آهي. سواليءَ جي حق ۾ مون سان خوب جهيڙا ڪندو. رسي ويهي رهندو، مانيءَ تائين موٽائي ڇڏيندو. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪاوڙجي، بنا موڪلائي واپس به هليو ويندو. پر ڳوٺ رسڻ بعد، ڪنهن ٻئي سواليءَ اچي صدا ڪيس ته وري ان سان گڏيو ايندو. چوندو هو ته ”پير، توکي ته سنگتيءَ ساٿيءَ جي لڄ ڪانه ٿي پوي، پر اسين به بيحيا آهيون جو وري وري اچيو توکي ستايون. پر ڪيؤن ته ڪيؤن ڇا؟ ماڻهو اچيو ٿا الله جو نانءُ وجهن، الله جو نانءُ ڏاڍو ڳورو ٿئي ٿو!“

پوءِ مير علي مراد خان، والي خيرپور، جو قصو ٻڌائيندو - سفارشي وٺي ايندو هو. هڪ دفعي تنگ ٿي، مير صاحب کيس چيو ته ”فقير صاحب! هن دفعي اوهان جو ڪم ڪريون ٿا، پر ان شرط قِي ته اوهين ڏاڙهي ڏيو ته وري ڪنهن جي سفارش نه آڻيندا.“ فقير ڏاڙهي ڏيئي، سواليءَ جو ڪم پورو ڪرائي، اڃا ڳوٺ مس پهتو ته ٻيو سوالي موجود ويٺو هو. الله جو نانءُ وجهي، فقير کي آڻي مير صاحب اڳيان پيش ڪيائين. مير صاحب پڇيس:

”خير محمد، تون ته ڏاڙهي ڏيئي ويو هئين ته وري سفارش نه آڻيندين، هينئر ٻه ڏينهن مس گذريا آهن ته وري موٽي آيو آهين!“

”خير محمد وراڻي ڏنيس:

”مير صاحب، اهو صحيح آهي ته مان توکي ڏاڙهي ڏيئي ويو هوس ته وري توکي اچي تڪليف نه ڏيندس. پر ڳوٺ پهتس ته هن سواليءَ اچي الله تعاليٰ جو نانءُ وڌو. پوءِ ترازيءَ جي هڪ پڙ ۾ پنهنجي ڌاڙهي ۽ ٻئي پڙ ۾ الله تعاليٰ جو نانءُ وڌو. ڏٺم ته منهنجي ڏاڙهيءَ کان الله تعاليٰ جو نانءُ ڳورو هو. تنهنڪري، ڏاڙهيءَ جو خيال نه ڪري، ڌڻيءَ خاطر، ۽ سندس ساڳيو مٺو نالو وٺي، اچي تو وٽ پهتو آهيان - اڳتي تنهنجو اختيار، مير صاحب ڳالهه سڃاڻندو هو، فقير صاحب جي حڪم جي تعميل ڪري ڇڏيائين.“

قادربخش مرحوم خاص پنهنجي وجود يا مقصد لاءِ ڪڏهن ڪو سوال ڪونه ڪيو، حالانڪ آءٌ سندس غير معمولي عزت ڪندو هوس. وڏي کان وڏا ماڻهو ملڻ لاءِ ايندا ۽ ساڳئي وقت قادر بخش به آيل هوندو، ته آءٌ پهرين وڌي وڃي قادربخش کي ڀاڪر پائي گڏبس، ۽ ان کان پوءِ ئي انهن وڏن ماڻهن سان هٿ ملائيندس.

هڪ ڀيري اهڙو واقعو ٿيو جو جنهن وقت قادربخش آيو، ان وقت سندس پاڙي جا وڏا ماڻهو به اچي رسيا. انهن وڏن ماڻهن مان هڪ محمد پناهه خان ڊکڻ به هو، جو قادربخش جي علائقي جو مکيه ۾ مکيه حاڪم ليکيو ويندو هو. پر مون هٿ پهرين وڃي قادربخش کي ڏنو، بلڪ ساڻس ڀاڪر پائي به مليس. محمد پناهه خان اها ڳالهه سخت محسوس ڪئي.

ڪجهه وقت بعد ڏوراپو ڏنائين. چي، ”تو وٽ اسان معززن کان وڌيڪ عزت ۽ قدر قادروءَ جهڙن لاءِ آهي.“ مون عرض ڪيس:”جا موڙي قادربخش جهڙن مسڪينن وٽ آهي، سا اوهان وڏن ماڻهن وٽ ڪٿان آئي. يعني غير مشروط محبت ۽ غير محدود وفاداري!“

سندس پنهنجي غريباڻي حلقي اندر، سندس دوست پڻ ساڳيءَ طرح سرويچ هوندا هئا. عام چوڻي هوندي هئي ته قادر بخش جو دوست ويلَ ڪڏهن نه وڃائيندو، يار ڪڏهن نه مَٽائيندو، سِر مال جو سانگو بنهه ڪونه ڪندو. سندس ڀاڻيجو سُکيو مرحوم پڻ قادربخش وانگر بهادر، وفادار ۽ دوست لاءِ انتهائي قرباني ڪندڙ شخص هو.

جهڙيءَ طرح مٿي عرض ڪيو اٿم، اوائلي سنڌ ۾ انهن ڳڻن جو ڏاڍو قدر هوندو هو. ان زماني اندر ڳوٺاڻي سوسائٽيءَ جو ڪاروبار ئي انهن ڳالهين جي بنياد تي هلندو هو. حڪومت غير همدرد هوندي، يا غير ملڪي هوندي، يا اهڙي جنهن جي اصولن ۽ قانونن، ۽ مقامي ماڻهن جي پيدائشي قدرن ۽ بنيادي احساسن جي وچ ۾ ڪابه مناسبت يا يڪرنگي نه هوندي، ته پوءِ مقامي ماڻهن کي خود پاڻ تي ڀاڙڻو پو ي ٿو، ۽ پنهنجي حفاظت ۽ زندگيءَ لاءِ پاڻ اصول ٺاهڻا پون ٿا. انهن اصولن جو مدار وري ڪن اخلاقي قدرن تي ٿئي ٿو، جن قدرن جي ڪوڊ اندر وفاداريءَ جي ڳڻ کي سڀ کان مٿانهون مقام حاصل رهي ٿو.

سنڌ جي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو به هميشه کان ڪنهن نه ڪنهن جابر حاڪم يا خارجي فاتح جي لتن هيٺان لتاڙبا پئي رهيا آهن، تنهنڪري انهن لاءِ ضروري هو، ۽ ضروري آهي ته هو پنهنجي حفاظت لاءِ به اهڙا اصول ۽ قدر ٺاهي انهن تي هلندا رهن. منهنجي پنهنجي ڏسندي ڏسندي، حالتن ۾ گهڻو ڦير اچي ويو هو، پر ان هوندي به اڃا تائين سارو ملڪ سڃ ٿي ڪونه ويو هو. قادربخش جي سنگت جهڙيون سنگتون ڪٿ نه ڪٿ پيون نظر چڙهنديون هيون، جن جي رڳ ريشي اندر، صبح و مسا، وفا جو خون صفا گردش ڪندو ٿي رهيو.


(1)  پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اها اخبار مسٽر کهڙي ورتي، ۽ 1948ع کان 1953ع تائين آءٌ ان جو ايڊيٽر ٿي رهيس.

(2)  ان ايڊيٽوريل جي هيڊنگ هئي: A Scandal of the First Magnitude.

(1)  مسلمان جي مهمانخاني کي اوطاق، ۽ هندوءَ جي بيٺڪ کي سراءِ سڏيو ويندو هو.

(1)  ڇَتي ٻرڙي جو ذڪر وڏيري رسول بخش خان ڀُٽي ۽ سردار واحد بخش خان ڀُٽي جي سلسلي ۾ ٻين جاين تي اچي چڪو آهي.

(1)  ان زماني ۾ دستور هو ته هندو وياجخور قرض عيوض زميندارن کان سندن زمين قطعي وڪري طور لکرائي وٺندا هئا، فقط زباني شرط ڪندا هئا ته جيڪڏهن قرض موٽيو ته زمين به واپس ڪئي ويندي. ان وچ ۾ قبضو مقروض وٽ ئي رهندو.

(1)  ويرو سنگهه ۽ صاحبسنگهه ٻئي ڀائر لاڙڪاڻي جا مشهور سول وڪيل هوندا هئا.

(2)  ديوان لالچند نولراءِ لاڙڪاڻي جو ٻيو مشهور وڪيل هو.

(3)  رالي برادرس، اناج جا وڏي ۾ وڏا ايڪسپورٽرس هوندا هئا.

(4)  کُٽل واپاري ڏينهن جو ڏيئو ٻاري ويهندو هو.

(1)  ڪپڙا سڀ ولائتي ٺهيل هوندا، جن تي محض نالا سنڌي عورتن جا چسپان ڪيل هوندا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org