سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اُهي ڏينهن اُهي شينهن

 

صفحو :4

 

پير ميان ڪرم علي شاهه مرحوم

پير ڪرم علي شاهه مرحوم دل جو صاف هو، تنهنڪري قدري طبيعت جو تيز هو. جي رُسيو ته رڻ ٻاري ڏيندو- اٿندي ويهندي پيو ياد ڪندو ۽ پنهنجي مخصوص انداز ۾. پر جي وڃي پرتو ته ٻيڙائي ٻاهر، اوهان وٽس وڃو يا نه وڃو، پاڻ هر روز پيو ڀيرو ڪندو. سندس مهربانيءَ حاصل ڪرڻ جو آسان طريقو ِاهو هوندو هو، ته سندس ”انجمنِ اسلام“ جا ميمبر بڻجو، ميان پير بخش واريءَ انجمن اسلام کي غير - نمائنده سمجهو، شام جو گهڙي - سوا وڃي سندس ڪچهريءَ ۾ ويهو، ۽ جن ماڻهن تي پاڻ ناراض هجي، تن کان بيزاري ڏيکاريو! ساڻس دوستي ڪريو يا نه، پر سندس دشمنن جا ضرور دشمن هجو - ۽ اهو هو معموليءَ کان معمولي شرط  سندس مهرباني حاصل ڪرڻ جو.

زود رنج ۽ تيز طبع سببان جيتريءَ ترقيءَ جو لائق هو، اوتري ترقي حاصل ڪري نه سگهيو - ورنه ڪجهه زمانو ته شهر اندر ڏاڍي هلندي هيس. پنهنجي جذبات اڳيان بلڪل مجبور هو ۽ انهن جو اظهار ڏاڍي ِتکي نموني ۾ ڪندو هو. ان زماني جي سياست ۾ ڪاميابيءَ لاءِ پهريون شرط اهو هوندو هو، ته ماڻهو پنهنجي زبان تي قبضو رکي، جيڪي ڪجهه دل ۾ هجيس، تنهن جو پتو پنهنجي چهري جي ذريعي به لڳڻ نه ڏئي، نه پڪي دوستي ڪري ۽ نه مستقل دشمني - جا هوا لڳي تنهن کي منهن ڏيندو رهي. سائين ڪرم علي شاهه مرحوم انهن خراب اصولن تي عمل ڪرڻ کان عاجز هو – ”سڌي ڳالهه سوٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي.“

مرحوم ميان عبدالله صاحب شينهن واري سان پهريان دوستي هئس. پوءِ ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي پيس. صبح کان شام تائين، ميان عبدالله متعلق پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندو رهيو. جنهن ڪري ميان صاحب مرحوم جو هلڻ - چلڻ دشوار ڪري ڇڏيائين. سائين ڪرم علي شاهه کي رستي سان ايندو ڏسندو، ته هڪدم رستو ڇڏي پاسي ٿي ويندو.

ميان نعمت الله قريشي پراڻي سکر جو هڪ با اصول ۽ سخت آزاد خيال قومي ورڪر هو. خلافت خواهه مسلم ليگ تحريڪن ۾ وڏي انهماڪ ۽ مستقل مزاجيءَ سان ڪم ڪندو رهيو. ويهه سال اڳ ”الوحيد“ اخبار جو خاطو هوندو هو. ان زماني ۾ ڪو مضمون لکيو هئائين، جنهن ۾ سائين ڪرم علي شاهه تي نڪتچيني ٿيل هئي. بس پوءِ ڪٿي ٿي سندس جان ڇٽي؟ ”نعمت الله“ مان ڦري ٿيو ”...الله“ ۽ قريشي مان ”...“ جيستائين مرحوم سائين ڪرم علي شاهه زنده رهيو، تيستائين ميان نعمت الله جي انهن لقبن مان جند ڪا نه ڇٽي.

سکر جون ٻه ڪچهريون مشهور هونديون هيون: ميان پير بخش مرحوم جي، بندر تي، ۽ سائين ڪرم علي شاهه جي مناري جي ڀر ۾. شام جو ڇڻڪار ٿيندا، ڪرسيون پئجي وينديون، ۽ پاڻ اچي وچ ۾ ويهندا. هر هڪ صاحب جا پوئلڳ اچي موجود ٿيندا. اوڀاريون لهواريون خبرون ڪندا. ڏينهن اندر حاصل ڪيل ڪاميابين ۽ مخالفين جي ناڪامين جا ذڪر ٿيندا. مغرب جي نماز تائين اهو سلسلو هلندو رهندو. انهن ڏينهن ۾ شربت پيارڻ يا سوڍا لمليٽ سان تواضع ڪرڻ وارو رستو اڃا ڪو نه رائج ٿيو هو، تنهنڪري شريڪ مجلس، پاڻي هميشه گهران ئي ِپي ايندا هئا.

ميونسپل اليڪشن جو ناد وڳو ۽ سائين ڪرم علي شاهه مرحوم ميدان ۾ نڪتو. گوڏن تائين سنهيءَ سلڪ جو موڪرو ڪوٽ، مٿي تي بوسڪيءَ جي ڪشادي پڳ، هيٺ سلوار، پيرن ۾ ڪارو، سنهيءَ ٻوٿيءَ وارو بوٽ، ۽ هٿ ۾ لڪڙ. ٽانگو جوٽجي ويندو، گهٽي گهٽي گهمندو، گهر گهر ويندو. جنهن ووٽر ڪشاده پيشانيءَ سان ووٽ جو واعدو ڏنس، تنهن کي دعائون ڪندو. ”بابا سلامت هجين، سچو مومن آهين!“ جنهن جي نيت ۾ خلل نظر آيس، ان کي ٿڏي تي ”يزيد“ يا ”مروان“ جي لقب سان سرفراز ڪندو. پڇاڙيءَ ۾ ان باهه کان بچڻ خاطر عام ماڻهن هيءُ طريقو اختيار ڪيو ته منهن تي ته ڏيندا هئس ووٽ جو واعدو ۽ پرپٺ وڃي ووٽ ڪندا هئا پنهنجي دلي منشا مطابق. ان ڪري ڪنهن عرصي لاءِ سندس بيهاريل اميدوار ناڪامياب ٿيڻ لڳا، ۽ پاڻ ڪڏهن ميونسپل اندر صدارت جو عهدو حاصل ڪري نه سگهيو.

اصلي حقيقت هيءَ هئي ته شاهه صاحب مرحوم، اڳئين جڳَ جو بزرگ هو. قومي تحريڪن جي رائج ٿيڻ بعد عوام ۾ سجاڳي جا آئي هئي، تنهن جو اندازو ڪري ڪو نه سگهيو هو. ڪو زمانو هو، جڏهن ماڻهو سيد ۽ پير فقير جي مراد پوري رکندا هئا. سندس خاندان ته خاص طرح سان جيلاني هو، جنهن جو وڏو شان هو، ۽ آهي. سندس وڏا يا پاڻ جيڪو به حڪم ڪندا هئا، تنهن جي پئي پيروي ٿيندي هئي. پر بعد ۾ سياسي حالتن ۾ تڪڙي ڦيري اچڻ سبب ماڻهن جي ذهنن ۽ مرادن ۾ به ڦيرو اچي ويو هو. اهو راز هو بزرگ محسوس ڪري نه سگهيو.

ذاتي طرح ڏاڍو دلچسپ ۽ وضعدار انسان هوندو هو.

ميان عبدالرحمان پيرزادو

 - سکر جي چوياريءَ مان هڪ هو. ان چوياريءَ جا ٻيا ٽي رڪن هي هئا: ميان پير بخش، پير ميان ڪرم علي شاهه ۽ ديوان ڀوڄسنگهه. ميان ڪرم علي شاهه، پڇاڙيءَ ۾ ان چوياريءَ کان علحده ٿي ويو، مگر باقي ٽن جي ياري، وضعداريءَ جي پراڻن بنيادن تي پڇاڙيءَ تائين هلندي رهي.

ميان عبدالرحمان، درگاهه شاهه خيرالدين رحمة الله عليہ جو سجاده نشين هو. ميونسپل سياست ۾ پورو حصو وٺندو هو، ان کان مٿينءَ سياست سان ڪو واسطو ڪو نه رکيائين.

مون کي، کيس مطالع ڪرڻ لاءِ، ڪو به خاص موقعو ڪو نه مليو. آءٌ ڪڏهن ڪڏهن درگاهه جي زيارت لاءِ ويندو هوس. شام ويلي، پاڻ درگاهه جي اندرئين دروازي جي سامهون تربتن کي پاسو ڏيو، ويٺو هوندو هو. زائر، درگاهه جي زيارت بعد نذر نياز آڻي سندس اڳيان رکندا هئا.

ديوان ڀوڄسنگهه پهلاجاڻي

اهڙو خشڪ طبيعت ماڻهو ورلي نظر آيو. ساريءَ زندگيءَ اندر شايد هڪ يا ٻه دفعا مشڪل سان مرڪيو هوندو. صورت وڏي رعب واري - ڊگهو، ڏاڙهي ڪتريل ۽ سفيد، هيٺ پتلون ۽ ڪوٽ، مٿي تي بج سان ڪاري ٽوپي، ڪورٽ، بمبئي ڪائونسل، يا سنڌ اسيمبلي ۾ ايندو، ته پوءِ ميراڻي ڏانوَ جي ڪلنگي ڍڪي ايندو.

وڪالت ۾ چوٽيءَ جو مقام حاصل ڪيل هوس. مقدمي ۾ هڪ - ٻه مکيه پائنٽ ڳولي هٿ ڪندو ۽ ان کي ٺاهڻ يا ڊاهڻ تي قانون جا درياءُ وهائي ڇڏيندو. مشهور هوندو هو ته مرليڌر وڪيل جي آڏي پڇا، صاحبسنگهه وڪيل جي حرفتبازي، ۽ ڀوڄسنگهه جي قانون داني!

بمبئي ڪائونسل جو ميمبر ۽ سنڌ جدا ٿيڻ کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿي رهيو. سندس راءِ کي وڏو وزن ڏنو ويندو هو. ٿورو ڳالهائيندو، پر جو ڳالهائيندو، سو نجو عقل هوندو. تقرير ۾ نه لچڪ هوندي، نه رنگ، نه دليل. سندس دماغ ٽڪسال هو، جنهن مان سون ۽ چانديءَ جا ٺهيل ۽ اجاريل ِسڪا نڪري اچي ٻاهر پوندا هئا. ساريءَ زندگيءَ اندر ڪو گٿو اکر يا هلڪو لفظ سندس زبان تي نه ٻڌوسون. نه ڪڏهن ڪوڙ ڳالهايائين، نه اڻپورو وعدو ڪيائين، ۽ نه ضمير وڪيائين. آزاديءَ جي تحريڪ ۽ هندو قوم جي جاڳرتا سان ڳوڙهي دلچسپي هيس، پر جذبات جي درياءَ ۾ ڪڏهن ڪو نه وهيو. ميانه رويءَ جو اصول قائم رکيون آيو. انتها پسندي هر معاملي ۾ ناپسند هيس. انگريز عزت ڪندا هئس، ڪانگريسي ۽ مهاسڀائي ڏانهنس خوش رهيا. ظاهري طرح ڏک جو سبب مسلمانن کي به ڪو نه ڏنائين. ميونسپل پريزيڊنٽ جي حيثيت ۾ سکر شهر کي چڱيءَ طرح سينگاريائين. سال 1911ع کان 1914ع تائين ۽ وري 1924ع کان 1928ع تائين ان عهدي تي رهيو. وڏي وقار ۽ انتهائي ايمانداريءَ سان ڪاروبار هلايائين.

ديش ڀڳت ويرومل بيگراج

جوشيلو، قدري سخت طبيعت، زبان تي سوراج، پر دل ۾ ”هندو جاتيءَ جي جئه“ جا خيال. پهريان بال گنگاڌر تلڪ جو پوئلڳ ۽ ڪانگريس جو وائيس پريزيڊنٽ هو، ۽ پڇاڙيءَ ۾ هندو مهاسڀائي. ديش ڀڳت ويرومل بيگراج سکر جي سياست اندر، ڪنهن زماني تائين، وڏو هنگامو مچايو ويٺو رهيو.

جن شخصن سڀ کان پهريان سنڌ اندر سياسي سجاڳي آندي، تن مان هڪ مسٽر ويرومل به هو. ”سنڌي“ اخبار ڪڍيائين، جنهن جو پاڻ سمپادڪ بڻيو. اها اخبار پاڪستان ٺهڻ تائين زور شور سان هلندي رهي. منهنجو پهريون غير سياسي سنڌي مضمون ان اخبار ۾ شايع ٿيو. مضمون مقامي سٽي ماجسٽريٽ جي خلاف هو: ان صاحب جي عادت هئي ته هر روز بلئي جي ناٽڪ ۾ وڃي مير مجلس بڻجي ويهي.ان ڪري ماڻهن ۾ ڏاڍيون چميگويون هلي رهيون هيون، جن کي مون مضمون جي صورت ڏيئي پڌرو ڪيو هو.

سياسي ميدان اندر ”سنڌيءَ“ ڪافي ڪم ڪيو. انگريزن خلاف باهه ٻاري ڇڏيائين. ٻه دفعا ويرومل کي جيل ڪاٽڻو پيو، جنهن جو مجموعي ميعاد پنج سال هو. پر ڀائي صاحب پنهنجن اصولن تان هٽيو ڪو نه. آزاد هوندو هو ته هر ڇهين مهيني ڪو نه ڪو مچ مچايون ويٺو هوندو هو.

ان وچ ۾ هندو مهاسڀا تحريڪ شروع ٿي. خلافت هلچل جي ناڪاميءَ بعد، هندستان اندر هندو مسلم ڇڪتاڻ وڌي ويئي. هندن شڌي تحريڪ(مسلمانن کي زوريءَ هندو بنائڻ) شروع ڪئي ۽ مسلمانن وري تبليغ اسلام تحريڪ. مرڪز ٻنهي تحريڪن جو دهليءَ ۾ هو. هڪ جو اڳواڻ هو سوامي شرڌانند، جنهن کي ڪجهه عرصي بعد هڪ مسلمان ڇرو هڻي ماري وڌو، ٻيءَ جو سرڪردو هو خواجه حسن نظامي مرحوم. ساري ملڪ اندر هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا. شرڌانند جي موت بعد ضرورت محسوس ڪئي ويئي ته شڌيءَ جي هلچل کي ڪو عزت ڀريو جامو پهرايو وڃي، تنهنڪري هندو مهاسڀا کڙي ڪئي ويئي.

1927ع ۾، لاڙڪاڻي ۾ هندو- مسلم فساد ٿيو. سنڌ جي تاريخ اندر ان قسم جو ِاهو پهريون فساد هو. ان جا شعلا ساريءَ سنڌ اندر پکڙجي پيا ۽ هندن مسلمانن جي ذهنيتن ۽ باهمي تعلقات ۾ وڏو فرق پئجي ويو. هندو ڪارڪن هندن جي تنظيم ڪرڻ لڳا ۽ مسلمان ڪارڪن مسلمانن جي. ڪيترائي هندو ڪارڪن ڪانگريس کي ڇڏي مهاسڀا ۾ ڪاهي پيا، جا ڪٽر هندن جي جماعت هئي. مسٽر ويرومل به ڪانگريس مان استعفا ڏيئي وڃي مهاسڀا جي اڳواڻي اختيار ڪئي. ان جماعت جا اصول هيٺيان هئا:

(1) هندو قوم جي، هندو مذهب جي بنياد تي، سنگٺن (تنظيم).

(2) هندن کي ملڪي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ طاقت وٺائڻ.

(3) مسلمانن کي ڪمزور، ڪنگال، ۽ ذليل ڪري رکڻ.

(4)اسلام جي غيبت ڪري اُن جي اثر کي ختم ڪرڻ.

مسٽر ويرومل جي پرچار، ٿوري ئي عرصي اندر، هڻي وڃي هنڌ ڪيو. سکر جي فضا ايتريقدر خراب ٿي ويئي، جو ان کان پوءِ جيڪي به هندو مسلم فساد ٿيا، سي سکر ۾ ئي ٿيا. 29-1930ع ۾، روهڙي ڊويزن اندر هندو مسلم مارا ماري ٿي. سال - اڌ بعد خود سکر شهر اندر ان قسم جا واقعا ٿيا. جيئن پوءِ تيئن ڪشيدگي وڌندي ويئي ۽ آخر 1940ع ۾ منزلگاهه مسجد واري سوال تي سکر شهر ۽ پسگردائيءَ ۾ ايتريقدر خونريزي ٿي، جو الامان والحفيظ! سوين ماڻهو مارجي ويا،تقريباً ٻن ڪروڙن جي جائداد سڙي خاڪ ٿي ويئي، ۽ ڪيس، مقدما، جيل جون سزائون ۽ ڦاسيون ان اپرانڌ!

سکر جي واقعات سنڌ جي سياست تي مستقل اثر ڇڏيو. انهن ڏينهن کان پوءِ هندو- مسلم ميلاپ ناممڪن ٿي پيو. مسلمان مسلم ليگ ۾ گهڙي پيا ۽ پاڪستان جي حصول لاءِ ڪوشش شروع ڪري ڏنائون. ٿورن سالن بعد پاڪستان قائم ٿيو ۽ هندن کي مورڳو سنڌ مان لڏڻو پيو. مسٽر ويرومل پاڻ ان هوندي به پاڪستان مان ڪو نه ويو. البت سندس سياست ختم ٿي چڪي هئي. حياتيءَ جا باقي ڏينهن خاموشيءَ سان ساڳئي سکر ۾ گذاريندي، چالاڻو ڪيائين.

ذاتي طرح چڱيءَ سڀاءَ جو صاحب هو. ڳالهائڻ جو نمونو وڻندڙ ۽ سنجيدو هوس. دل ۾ ڪجهه به هيس، پر سڏيندو هر ڪنهن کي ”منهنجا پيارا ڀاءُ“ . هٿ جي ٺهيل کڌر جا ڪپڙا پهريندو هو - ڌوتي، قميص، ۽ گانڌي ٽوپي. ڳالهائڻ ۽ لکڻ ٻنهي ۾ اثر هوس.ڌاريءَ حڪومت اڳيان ڪڏهن به سيس نه نوايائين. پنهنجي هندو جاتيءَ جي شيوا جو عشق هوس. پر عشق ۾ توازن جو هجڻ لازمي آهي. اهو توازن سرڳواسيءَ جي طبيعت ۾ ڪو نه هو، تنهنڪري سنڌ مان پنهنجي جاتيءَ ۽ خود پنهنجو ٿڏو ڪڍائي ويهي رهيو. گهڻيءَ حد تائين سندس قسمت جو به قصور هو. ايترين خدمتن ۽ قربانين هوندي خود سندس پنهنجي جاتيءَ به سندس ڪو قدر ڪو نه ڪيو. سکر شهر ۾ هندن جي اڪثريت هوندي به هو هڪڙو دفعو به ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊجي نه سگهيو. بمبئي ڪائونسل ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾، هندن جي پاران، ڀنگي ۽ ميگهواڙ به بطور ميمبر جي چونڊجي ويا، مگر ويرومل کي اهو معمولي اعزاز به حاصل نه ٿي سگهيو. جڏهن به اميدوار بيٺو، ناڪامياب ئي رهيو:

”ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، بخت نه ڏيندي ونڊ!“

مسٽر عبدالحميد خداداد خان

مرحوم خانبهادر خداداد خان جو ٻيو نمبر فرزند، پراڻي سکر ۾ رهندڙ، صاف دل ۽ وضعدار انسان، سکر جي بزرگن مان هو.

سنڌ جي سياست جا هونئن ته گهڻا ئي شهيد آهن، مگر ان قسم جي شهداءِ ڪرام ۾ عبدالحميد خان جو نمبر بلڪل مٿانهون آهي. سندس والد بيرسٽريءَ پڙهڻ لاءِ ولايت روانو ڪيس. اُت سياسي ليڊرن ۽ وڏن ماڻهن جي سنگت حاصل ٿيس. پڙهائي کان وڌيڪ پاليٽڪس تي توجهه ڏنائين. ميٽنگون، ڊنرون، اخباري بيان، گروپ فوٽا، وغيره وغيره، جن جو ماحصل هن کان مٿي ڪو نه ٿو ٿئي ته:

”چار گهڙيون چانڊوڪي، پوءِ انڌاري رات.“

تعليم پوري ڪري ڪو نه سگهيو. اڌوريءَ حالت ۾ ڇڏي، واپس وطن وريو. ولايت مان البت فوٽن جو هڪ سٿو ساڻ کنيون آيو. اهي فوٽا اڄ تائين سندس بنگلي جي ديوارين تي پيا لڙڪن. هينئر ته فوٽن ۾ ڏيکاريل ماڻهو به گذاري ويا آهن ۽ اڏوهي خود فوٽن جي به صفائي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجي ملڪ ۾ موٽي اچڻ بعد به عبدالحميد خان جي پاليٽڪس جاري رهي. سندس جواني هئي ۽ ماڻهن مان به اڃا تائين خاندانيءَ جو خيال ۽ سچائيءَ جو لحاظ ختم ٿي ويل ڪو نه هو. سکر ميونسپل جو وائيس پريزيڊنٽ  چونڊيو. آٿوراٿفيلڊ(مصنف ”وومين آف انڊيا“) سکر جو ڪليڪٽر ٿي آيو. ان انگريز جي پاليسي هئي، ته چڱن گهراڻن جي انگريزي پڙهيل نوجوانن کي همٿائجي. عبدالحميد خان کي آنريري ماجسٽريٽ مقرر ڪرايائين. ان وچ ۾ خيرپور ۾ شيخ محمد قادر مرحوم وزير ٿي آيو. عبدالحميد خان سندس حلقه احباب ۾ شريڪ ٿيو. سندس مدد سان ڇهن مهينن لاءِ ، هڪ باءِ اليڪشن ۾، هندستان جي سينٽرل ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ان کان پوءِ سنڌ جي حالتن ۾ ڦيرو آيو. سياست تي قبضو ٿيو مالدارن جو، انساني شرافت، سچائي ۽ بنياد جو ڪو قدر ڪو نه رهيو. جنهن وٽ چار پئسا ٿيا، ۽ ڪوڙ بدوڙ ۾ مهارت حاصل ڪيائين، سو اڳتي وڌيو. عبدالحميد خان جهڙا انسان، ڏسندي ڏسندي، پوئتي رهجي ويا. ان ۾ ڪو شڪ ڪو نه آهي، ته خود ان صاحب به پنهنجي پاران حالتن کي منهن ڏيڻ، ۽ انهن جي مقابلي ڪرڻ، جي ڪوشش ڪا نه ڪئي:

نا سزائي را چو بيني بخت يار

عاقلان تسليم ڪردند اختيار.

آرام سان، ۽ پنهنجي استطاعت مطابق، اڳوڻن ساٿين سان ملندو، ۽ ملڪ جا سئر سپاٽا ڪندو رهيو. عملي دنيا کيس وساري ڇڏيو ۽ پاڻ عملي دنيا کي پٺي ڏيئي ويهي رهيو.

جت پڄڻ نه پاهت، ات ڀڄڻ ڪم وريامن جو!

ڊاڪٽر محمد يامين

پيدائش پنجاب جي، مگر عمر ساري سکر ۾ صرف ٿيس. ڌنڌو دندان سازي، ۽ ڪجهه سالن لاءِ اخبار نويسي. ”دعوت اسلام“ نالي اخبار ڪڍيائين، جنهن پير صاحب پاڳاري جي 30-1931ع واري مقدمي جي زماني ۾، مقدمي جي ڪارروائي ڇاپڻ سان، ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي. سياست ۾ به دلچسپي وٺندو هو. ”ميونسپل ڪمشنر“ (يعني ميونسپل ميمبر) بڻجڻ جو ساري عمر شوق رهيس، مگر سواءِ هڪ دفعي جي، ڪڏهن به چونڊجي ڪو نه سگهيو. مخلص هو تنهنڪري زود رنج - گهڙيءَ رسي، گهڙيءَ پرچي. دوست، جانثار، سادو، ۽ صاف دل، ۽ نه ڇڏي ڏک ۾ نه بک ۾. ِاهو ئي ڪارڻ هو، جو ماڻهن سندس انهن خصلتن جو هميشه ناجائز فائدو ورتو ۽ کيس استعمال ڪرڻ بعد هر موقعي تي منجهانئس هٿ ڪڍي ويا. ظاهر داري رکڻ کيس به بنهه ڪا نه ايندي هئي. هميشه منهن سڄايو ويٺو هوندو. نه ِکل مرڪ، نه وڌي ڪنهن جي دل وٺندو. پوءِ ڇوٿا ماڻهو ويجهو اچنس؟ عام دنيا جو دستور آهي:

اندر ويهار ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنجهه جي.

 محمد يامين هنجهه جي ٻولي ڪڏهن ڪا نه سکي. ڀائيندو هو ته جنهن صورت ۾ سندس اندر ۾ ڪانءُ ڪو نه آهي، تنهنڪري هنجهه جي ٻولي ڇو سکي؟ پر دنيا ۾ هلڻو آهي ته هنجهه جي ٻولي ضرور استعمال ڪرڻي آهي، پوءِ دل اندر ڪانءُ جو ڪو آکيرو هجي يا نه! ڪنهن کي آهي فرصت ۽ ضرورت ته ويهي ٻين جون دليون چڪاسي ۽ منجهن جي سچائيءَ جا موتي، ۽ چڱائيءَ جا ماڻڪ لڪل رهن ٿا، تن کي معلوم ڪري ۽ انهن جي قيمت جي ڪٿا ڪري؟ ۽ دنيا اندر آهن گهڻا موتين جا پارکو يا ماڻڪن جا خريدار؟

خواهه مخواهه وچ ۾ پئي، ٻين کي لونٺيون هڻي، اڳينءَ صف ۾ جاءِ هٿ ڪرڻ جي ڪڏهن ڪوشش به ڪا نه ڪيائين. حالانڪ پنهنجي چو طرف هر روز ڏسندو ٿي رهيو ته سندس همعمر ان قسم جي گونڊا گردي ڪندي، اڳتي وڌندا پئي ويا. سکر جي محدود حلقي اندر ڪا به اهڙي اسلامي تحريڪ ڪا نه جاري ٿي، جنهن جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر محمد يامين سچائيءَ سان خدمت نه ڪئي هجي. خلافت، تبليغ اسلام، منزلگاهه، مسلم ليگ - غرض سڀني تحريڪن ۾ سندس حصو نمايان هو. منزلگاهه جي سلسلي ۾ ته مٿس ڪيس به هليو، جنهن جي وگهي ڏاڍيءَ پيڙا مان لنگهڻو پيس. پر نه اف ڪيائين، نه قوم کان ڪنهن انعام جي طلب.

سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

“ نه وري قوم پاڻ ئي وڌي مٿس ڪا ورکا ڪئي. سنڌ جون ميونسپالٽيون ۽ لوڪلبورڊ آهن ئي ان لاءِ ته منجهانئن ميمبر جاوا ڪندا رهن. سکر ۾ ته خاص طرح ڪيترن ميمبرن جو گذارو ئي محض ان آمدنيءَ تي پيو ٿيندو هو. پر ڊاڪٽر محمد يامين جيڪو به عرصو ميونسپل ميمبر رهيو، پنهنجي لاءِ يا پنهنجن لاءِ ڪو به فائدو حاصل ڪو نه ڪيائين. ”دست حاجت“ دراز ڪرڻ جي عادت ئي ڪا نه هيس. هر دم صبر ۽ شڪر، بک جي حالت ۾ به بيقراريءَ کان بالا مون اهو شخص ڏٺو.

ديوان صاحبسنگهه وڪيل

سنهڙو، قد جو ويٺوڙو، نازڪ بدن، نفاست طلب، پر عمل ۾ ڪولٽ جو آٽو - ميٽڪ پستول. صاحبسنگهه محض ڪيس ۾ وڪيل ٿي آيو، ته آسانيءَ سان سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪري ويندو. قانون جا اهڙا ناياب باريڪ نڪتا پيدا ڪندو، جي گهڻن وڪيلن ڪڏهن ٻڌائي ڪو نه هوندا. قد ۾ گرانٺ، پر عدالت جي ساريءَ فضا تي ڇانيو پيو هوندو. پنهنجو مٽ ڪنهن کي ڪو نه سمجهندو. ڪنهن وڪيل آڪڙ ڏيکاريس ته عدالت جي ٻاهران، ۽ خود عدالت اندر، فقط، ٻه ٺٺوليون ۽ چرچا ڪري ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيندس. ديوان ڪندنداس کانئس سينئر وڪيل هو، ۽ پبلڪ پراسيڪيوٽر، قدر ۾ ٻئي هڪجيترا ۽ ٻنهي جي انگريز عملدارن سان لهه وچڙ ۽ اٿ ويهه هوندي هئي. پاڻ ۾، ڪنهن حد تائين، هم پيشگيءَ جي رقابت به هوندي هين. ائين ڪنهن ڪلب يا ڪورٽ ۾ ڪندنداس، صاحبسنگهه جي ور چڙهي ويو، ته ٺٺولين سان ابتي کل لاهي ڇڏيندس. چرچي جي شروعات هميشه ڪندنداس وٽان ٿيندي، پر پوءِ جيڪي ڪجهه صاحبسنگهه هٿان ساڻس ٿيندو، سو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وٽان هوندو. سال 30-1931ع ۾ پير صاحب پاڳاري تي مقدمو ٿيو، ڪارروائي سکر جي جيل ۾ هلي، سرڪار پاران وڪيل هئا مسٽر سي ايم - لوبو(جو پوءِ سنڌ چيف ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو) ۽ راءِ بهادر ڪندنداس. پير صاحب پاران مکيه وڪيل هو مسٽر محمد علي جناح، ۽ مددگار وڪيل صاحبسنگهه. ڪيترا مهينا مقدمو هلندو رهيو. هر روز ڪندنداس ۽ صاحبسنگهه جي وچ ۾ پيون جهڙپون ٿينديون هيون، خاص طرح ڪورٽ جي ٻاهران. ڪير جو ٿورو کلي؟ جناح صاحب مرڪندو به مشڪل سان هو، چه جائيڪ ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ويهي يا ڪن ٻن شخصن جي وچ ۾ هلندڙ گفتگو ڏانهن ڪن ڏئي: پر ڪندنداس ۽ صاحبسنگهه جي چڪرين ۾ خاصي دلچسپي وٺندو هو. انهيءَ زماني ۾ جناح صاحب جي اعليٰ لباس کي ڏسي، ٻين وڪيلن به نوان سوٽ سبارايا هئا. لوبو مارننگ سوٽ ۾ اچڻ لڳو. صاحبسنگهه ته لباس ۾ وڃي خود جناح صاحب سان ڪن هنيو. باقي رهيو هو ڪندنداس تنهن به پنهنجي پاران ته ڪو نه گهٽايو، پر صاحبسنگهه جي جتيءَ ۾ ڪٿ ٿي پير پائي سگهيو؟ صاحبسنگهه کي ٽوڪ لاءِ ٻيو مواد ڪو نه ملندو ته ڪندنداس جي ڪپڙن سان شروع ڪندو:

”ڪندنداس، اهو ڪوٽ جو ڪپڙو ڪٿان آندو اٿئي؟“

”ڪراچيءَ مان.“

”ڪوڙ ٿو ڳالهائين. اهو ڪپڙو فلاڻي جي ڳٺڙي ۾ آيو هو، جيڪا سکر جي مال گودام مان چوري ٿي ويئي ۽ جنهن جي بنسبت اڄ تائين پوليس ۾ رپورٽ داخل ٿيل آهي. آءٌ ته سمجهان ٿو ته ڳٺڙيءَ جي چورن مان ڪو تنهنجو اصيل آهي، جنهن وٽان اهو ٽڪر هٿ آيو اٿئي.“

ان کان پوءِ ڪندنداس گارين ۾ مچي ويندو. هڪ ڏينهن فساد صاحبسنگهه جي هن ريمارڪ تي اچي متو: ڪندنداس جي جسم تي نئون سوٽ ڏسي پاسي ۾ بيٺلن ماڻهن کي سڏي چيائين: ”ڪندنداس، فيشن ايبل بڻجڻ جي ته گهڻي ڪوشش ڪئي آهي- اڄ صبح جي اخبارن ۾ اها خبر به اچي ويئي آهي ته ديوان صاحب هينئر ٽوٿ برش استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. پر ديوان جي ڊريس ۽ سندس صفائيءَ جو خانو خراب، سندس ڪن ڪيو بيٺا آهن، جي ڇٻن وانگر پيا لڙڪنس!“

انهن ڏينهن کان پوءِ مون اڪثر ڏٺو ته ڪندنداس، صاحبسنگهه کان مڙيو ئي پاسو پيو ڪندو هو. ڪندنداس ”سائين لوڪ“ قسم جو سڌو انسان هوندو هو - حرڪتن ۽ حرفتن ۾ ڪٿي ٿي صاحبسنگهه جو مقابلو ڪري سگهيو؟

صاحبسنگهه ڪمائيندو لک، پر پوئتي ڇڏيندو پائي به ڪا نه. خوش پوش، خوش نوش، ۽ خوش خوراڪ. اٿڻي ويهڻي مغربي ڍنگ جي. رهندو ٽڪر تي علحده بنگلي ۾، جنهن جو هر ڪمرو سهڻيءَ طرح سينگاريل هوندو-خاص طرح آفيس وارو روم، جيئن ٻاهران ايندڙ اصيلن تي هڪدم رعب پئجي وڃي. ڪپڙن جو اڳ ۾ ئي ذڪر ڪيو اٿم: هٿن ۾ منڊيون، واسڪوٽ ٻاهران سوني گهڙيال جي سونهري زنجيري بمع لاڪيٽ جي پئي لڙڪندي، بوٽ هميشه ولايتي، مٿي تي سفيد هيٽ، اکين تي خوبصورت سنهري فريم سان عينڪ، جناح صاحب کي ڏسڻ بعد هو به هڪ اک تي سونو مونوڪل رکي ماڻهن سان ڳالهائيندو رهيو. سواريءَ لاءِ موٽر، شام جو بلاناغه وڃي “نرسامل ڪلب” ۾ ويهندو.پاڻ به پيو پيئندو ۽ کائيندو ۽ آئي وئي کي به پيو کارائيندو ۽ پياريندو. گهڻا جج ۽ عملدار ان طريقي سان پنهنجا مريد ڪري ڇڏيائين.

ڪٽر قسم جو هندو ڪو نه هو. دوستي مسلمانن سان رکيائين، ڪم هميشه مسلمانن جو ڪيائين. حيدرآبادي عامل هو. سکر جي متعصب هندو حلقن سان ڪو ڳوڙهو واسطو ڪو نه رکيائين. ميونسپل جو پريزيڊنٽ ڪڏهن ڪو نه چونڊجي سگهيو. البت هڪ دفعي ميونسپل اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمن سو ضرور چونڊيو. پر چيئرمنيءَ ۾ پريزيڊنٽيءَ کان وڌيڪ ڏِک ڏنائين.

ديوان بهادر ايسرسنگهه

رڄ اشراف مڙس هو. ڪيترا سال ميونسپل پريزيڊنٽ رهيو. ديوان ڀوڄسنگهه جهڙي ماڻهوءَ کان پريزيڊنٽي اهو صاحب ئي ڇڏائي سگهيو. پيشو وڪالت هوس. جيڪب آباد ضلعي جو پبلڪ پراسيڪيوٽر پڻ رهيو. هندن جو خاص خيال رکيائين، پر ڦٽائيندو مسلمانن سان به ڪو نه هو. فرينچ ڪٽ ڏاڙهي رکندو هو. ڳالهائڻ ۾  بحر، زبان ۾ بيمثل رواني! تقرير لاءِ اٿيو ته ڄڻ ساوڻيءَ جي ليٽ اچي ويئي! اٿ - ويهه خواص سان هيس، عوام سان عوام جي ليول تي لهي نه ايندو هو. اهو ئي سبب هو، جو اسيمبليءَ ۾ ڪڏهن به چونڊجي ڪو نه سگهيو، ۽ ڪجهه عرصي بعد خود ميونسپالٽيءَ مان به نڪري ويو. ڪانگريس تحريڪ سان همدردي ضرور هيس، پر ظاهر ۾ انگريزن کي به خوش رکندو آيو، جن ”ديوان بهادريءَ“ جو لقب ڏنس. انهن ڏينهن ۾ ساريءَ سنڌ اندر فقط ٻه يا ٽي ديوان بهادر هوندا هئا.

مجموعي طرح ماڻهو شاندار هو - ڏسڻ جهڙو، گفتگو جي لائق - ۽ نه وري ڪيترن وڪيلن وانگر لالچي. ڪنهن سنگتي ساٿيءَ اچي سڏ ڪيس، ته پهر پاچو مفت ۾ به وهي ويندو.

ديوان ڪندنداس

راءِ بهادر ٿيو. اٽڪل پندرهن سال سرڪاري وڪيل ٿي رهيو، شريف، سخن جو سچو، هلت چلت بزرگانه. صبح جو سکمني صاحب جي دور ڪرڻ کان اڳ ماڻهوءَ جو منهن نه ڏسندو. وڪيل ئي وڪيل هو. وڪيل کان سواءِ ڪجهه به نه. سياست ۾ ڪا دلچسپي ڪا نه ورتائين. سندس جونيئر ڀائيوار ديوان ايسرسنگهه ته ميونسپل پريزيڊنٽ ۽ ديوان بهادر بڻجي ويو، پر ڪندنداس ”راءِ بهادر ڪندنداس وڪيل“ ئي رهيو. جيڪڏهن ڪو شوق هوس ته ڪمائيءَ جو، جائداد ٺاهڻ جو، ٻچن کي پڙهائي قابل ڪرڻ جو ۽ ڪليڪٽر سکر جي اعتماد حاصل ڪرڻ جو - باقي دنيا کڏ پوي يا کوهه. پٽ کي بارسٽري پڙهائڻ لاءِ ولايت موڪليائين، جيستائين ڇوڪرو واپس آيو، رات ڏينهن ان جون ڪهاڻيون ڪندو ٿي وتيو.

سرڪاري وڪيل جي حيثيت ۾ ٻيءَ ڌر کان رشوت نه وٺندو. ضلعي جي ڪليڪٽر جي راءِ ضرور رکندو، پر صلاح پڇندس ته غلط راءِ به نه ڏيندو. ايماندار،حرفت بازيءَ کان قطعاً پري. هٿ وٺي ڪنهن کي نقصان ڪو نه رسائيندو. اڍائي گهرن جو ئي خير گهرڻ وارو.

ديوان بسنترام

دوست، سچو دوست، اٿندي دوست، ويهندي دوست، مرندي دوست، دوست ئي دوست! نه لالچ نه لوڀ!

وڪيل هو، پر دوستن جو جيڪو معاملو ٿيندو، بسنترام جو وڪالت نامو خود بخود داخل ٿي ويندو. بگيءَ جو ِڀاڙو پاڻ ادا ڪندو. ڪورٽ في اسٽانمپ پاڻ ڳنهندو. نقلاڻو پاڻ ڀريندو. وقت ايندو ته کارائي پياري به ڇڏيندو. پنهنجي قسمت سارو دوست نرڳ وڃي يا سرڳ، پر بسنترام جي وفا بسنت جي حالت ۾ ئي رهندي.

ميونسپل جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمن ٿيو. ان کان پوءِ ستت ئي ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيو، پر هڪ لحظي لاءِ به خيال دماغ ۾ ڪو نه آيس ته ڪو هو وڏو ماڻهو بڻيو آهي. ساڳيو ئي حال ساڳي ئي هلت، اُهو ئي سادو سوٽ، اهو ئي مٽيءَ لڳل ڪهنو بوٽ، اُهي ئي گهٽيون اُهي ئي گهاٽ.

ماڻهو سخت تنگ ڪندس ته به تکو اکر نه ڳالهائيندو، منهن ۾ گهنڊ نه وجهندو، قميص يا ڪوٽ جي ڪنڊ کان جهليندس ته جهٽڪو ڏيئي پاند نه پري ڪندو. ڏاڍو پريشان ٿيندو ۽ ڄڀ سڪي ويندس، ته نڪ مان ڦوهارا ڏيڻ شروع ڪندو. سمجهي وٺبو ته ڀائي بسنت تي هينئر ڏکي گهڙي اچي ويئي آهي.

سکر جي تاريخ ۾ عوامي ماڻهن مان بسنترام ئي پهريون شخص هو، جو ميونسپل جو پريزيڊنٽ بڻيو - محض خدمت، سچائي، ۽ دوست نوازيءَ جي طفيل، ۽ سو به واسينگن جي وچ ۾. وڏا وڏا وڪيل، ديش ڀڳت، ديوان بهادر، پير، امير، آغا، سنت، سيٺيون، ۽ سمپادڪ ميدان ۾ موجود هئا، پر بسنترام جي مقابلي ۾ مڙني کي بس ڪرڻي پئي. ۽ نه وري انگريزن اڳيان ئي وڃي ڪڏهن سيس نمايائين. سچ آهي ته اهو زمانو انگريزن جي به پڇاڙيءَ جو هو، پر ان هوندي به ميونسپل پريزيڊنٽ کي سکر جي ڪليڪٽر جي مڙيو ئي ڪجهه نه ڪجهه ڪاڻ ضرور ڪڍڻي پوندي هئي. بسنترام ان آزار کان به آزاد رهيو.

مون ساڻ دوستي هيس، پر اسان ٻنهي جي اڳيان هڪڙو مقام ڏاڍو مشڪل اچي ويو.

پاڻ سکر ميونسپل جو پريزيڊنٽ ۽ سندس ميمبر ۽ مددگار اڪثر هندو. مان سنڌ پراونشل مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري ۽ مسجد منزلگاهه جي واگذاريءَ واريءَ تحريڪ جي مکيه اڳواڻن مان هڪ.

سال 1940ع ۾ منزلگاهه جي سوال تي اچي متو هو ممڻ. مسلمانن گهر ڪئي ته منزلگاهه جي ميدان واريون ٻه عمارتون مسجد ۽ ان جو حجرو آهن، تنهنڪري انهن جو قبضو موٽائي مسلمانن جي حوالي ڪيو وڃي. هندن ڪئي ان مطالبي جي زوردار مخالفت. سنڌ جو چيف منسٽر هو خانبهادر الله بخش، ۽ خانبهادر مرحوم جو سنڌ اسيمبليءَ اندر مدار هو ڪانگريسي هندو ميمبرن جي ووٽن تي. فيصلو ڪيائين ته اها عمارت مسجد نه آهي، تنهڪري ان جو قبضو سرڪار وٽ ئي رهندو. مسلم ليگ فيصلو ڪيو ستياگرهه جو. ڪجهه ڏينهن جي هلچل بعد شروع ٿي ستياگرهه . ستياگرهين وڃي ورتو قبضو مسجد جو. هزار کن پيا جيل ۾. جيل مان آزاد ٿي، وڃي ويٺا مسجد سڳوريءَ ۾. الله بخش گورنمينٽ ڪيو ٻيو حڪم ته بيقاعدي ورتل قبضو ڇڏايو وڃي. زوريءَ اچي گهڙي پوليس مسجد ۾. ڪن مسلمانن کي لڳيون لٺيون، ڪن تي اُٺي گئس، ڪن جا وهيا رت. پوءِ ته شروع ٿيا هندو- مسلم فساد- ڪشت ۽ خون، ساڙ، ٻار، اوندهه ۽ انڌوڪار! سوين ماڻهو، سکر شهر ۽ پسگردائيءَ اندر، ويا قتلام ٿي. لکن ڪروڙن  جون جائدادون ٿي ويون باهين وگهي ڀسم. هزارين مسلمانن کي ڇڪي وڌائون جيلن ۾. ان وچ ۾ هندن پاڻ بيزار ٿي ڏني موڪل خانبهادر الله بخش جي وزارت کي ۽ ان جي جاءِ تي قائم ڪرايائون مسلم ليگ جي پهرين وزارت. ان نئين وزارت کان ورتائون واعدو ته هڪ ٽربيونل کڙو ڪري، ڪرايو ويندو فيصلو ته فسادن ۾ اڳرائي ڪنهن ڪئي ۽ ٿيل نقصان جو هرجانو ڪير ڏئي ۽ ڪنهن کي. ٽربيونل جو جج مقرر ٿيو جسٽس وليسٽن - سنڌ چيف ڪورٽ جو هڪ جج. ٽربيونل اڳيان مسلمانن جو وڪيل آءٌ. هندن پاران مکيه شاهد، سکر ميونسپل جو پريزيڊنٽ، يعني ديوان بسنترام. اهو هو منزلگاهه جو قصو ۽ اهو هو امتحان منهنجي ۽ بسنت جي دوستيءَ جو!

جنهن وقت ٽربيونل جي ڪارروائي شروع ٿي، هندن خواهه مسلمانن جي دلين ۾ اسان ٻنهي ڏانهن شڪ شبها هئا. هندن کي خوف هو ته مبادا بسنترام منهنجي دوستيءَ ڪري ڪوڙ ڳالهائي، مسلمانن کي فائدو پهچائي! ساڳيءَ طرح ڪن جوشيلن مسلمانن کي به خطرو هو ته بسنترام سان تعلقات جي بنا تي مبادا مان کانئس زور سان آڏي پڇا نه ڪريان ۽ ان ڪري مسلمانن جي مفاد کي ڇيهو رسي وڃي!  هيون ٻيئي ڌريون غلط. اسان ٻنهي مان هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو فرض بجا آڻڻو هو.

ٽربيونل اڳيان هندن پاران پهريون شاهد هو بسنترام. بسنت اڳ ۾ ئي هندن کي چئي ڇڏيو هو ته هو ڪوڙ ڪو نه ڳالهائيندو، البت جيڪي ڏوهه سچ پچ مسلمانن ڪيا آهن، تن کي ڍڪڻ جي به ڪوشش ڪو نه ڪندو. ڪورٽ جي ڪارروائي شروع ٿي. هندن پاران درجن کن وڪيل، سرڪار پاران اوسليوان بيرسٽر، خانبهادر الله بخش طرفان ڪراچيءَ جو ناميارو هندو وڪيل سري ڪشنداس لولا، ۽ مسلمانن پاران فقط آءٌ - نه وڪيل هوس، نه ڪڏهن ڪنهن وڪيل جو منشي ئي ٿي رهيو هوس. حقيقت هيءَ هئي ته مسلمانن کان وڪيل جي فيءَ جا پئسا ڪو نه ٿي ِٿي سگهيا، تنهنڪري ئي ِاها ڦاهي منهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏي هئائون.

آيو پهريون شاهد ديوان بسنترام. جيترو ڏٺو يا ٻڌو هئائين، سو سڀ چئي ويو. هندو ڏاڍو خوش ٿيا. سرڪاري وڪيل آڏي پڇا ڪيس. ساڳيءَ طرح الله بخش جي ايڊووڪيٽ به. ان کان پوءِ آيو منهنجو وارو. سچ هيءُ آهي ته مون کانئس آڏي پڇا تمام بيرحميءَ سان ڪئي. ڪو به لحاظ دوستيءَ جو ڪو نه رکيو مانس. پورا ٻه ڏينهن کيس ڇيڇاڙيندو رهيس. غريب وڃي ته ڪاڏي وڃي؟ مان هوس ڪڙمي ڪارائو. هر هڪ واقعو منهنجين پنهنجين اکين اڳيان ٿي گذريو هو، پوءِ ڪيئن ٿي بسنترام انهن ڳالهين کي لڪائي سگهيو؟ نتيجو اهو نڪتو، جو پهرين ٻن ڏينهن جي ڪارگذاريءَ منجهان ئي جج کي اصل حقيقت جو پتو پئجي ويو. ڪيس مسلمانن جي فائدي ۾ فيصل ٿيو.

مون کي خطرو هو ته بسنترام ۽ منهنجي دوستيءَ جو پويون ڏينهن اچي ويو. مون نٿي سمجهيو ته سندس دل ۽ دماغ ۾ ڪا ايتري وسعت آهي، جو هو منهنجي ڪيل ساريءَ سختيءَ ۽ بي مروتيءَ کي وساري سگهي. ڪيترن ڏينهن تائين ته سندس منهن ڏسڻ کان به گسائيندو وتيس. پر جڏهن وري مليو ته معلوم ٿيو ته کيس اهو واقعو ياد ئي ڪو نه هو، ۽ نه وري پڇاڙيءَ تائين ڪڏهن ان جو ڪو ذڪر ئي ڪيائين. هندن ڏاڍيون ميارون ڏنيس - چي ”راشدي تنهنجو دوست ٿي، توسان ڇا نه ڪري گذريو؟“ جواب ڏيندو هونِ: “راشديءَ پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪئي. ان ۾ دوستيءَ يا ميار جو ڪهڙو سوال هو؟”

ساڳئي ٽربيونل اڳيان، هندن پاران، ڪي ڏسڻا وائسڻا مسلمان ليڊر به بطور اچي پيش پيا هئا ۽ پير کوڙي مسلمانن جي ٻيڙي ٻوڙي هئائون. مون کانئن به آڏي پڇا ڪئي هئي ۽ ساڳيءَ سختيءَ سان. اڄ ان ڳالهه کي چوويهه ورهيه گذري ويا آهن، پر اڃا مون کي معاف نه ڪيو اٿن! - اهو هو فرق هنن مسلمانن ۽ بسنترام جي ڪيريڪٽر ۾!

افسوس اهو آهي ته پاڪستان ٺهڻ بعد بسنترام کي به پنهنجو اباڻو وطن ڇڏڻو پيو. جيڪڏهن رهجي وڃي ها، ته سکر بلڪ ساريءَ سنڌ جي پبلڪ لاءِ ڏاڍو ڪارگر ثابت ٿئي ها. سندس دل ۽ دوستيءَ جو هيءُ عالم آهي، جو ايترن ورهين گذرڻ کان پوءِ به دوستن کي ڪو نه وساريو اٿائين. اسان مان ڪو کيس ياد ڪري يا نه، هو ضرور چٺي چپاٽي لکندو رهندو.

چڱيءَ دل ۽ خراب دل وارا انسان، مائن جي پيٽن مان پنهنجون خاص طبيعتون وٺي ٻاهر نڪتا آهن. انهن طبيعتن ۾، جا سندن اصلي فطرت آهي، زماني جي حال موجب ڪو به ڦيرو ڪو نه ٿو اچي. سياڻن سچ چيو آهي:

”جيڪي ڪني ۾ هوندو، سو ئي پاٽ ۾ پوندو!“

ديوان ڪرمچند وڪيل

ان زماني ۾ وڪيل ٽن قسمن جا هوندا هئا: هڪڙا نانوَ چڙهيا واپاري، جي پنهنجيءَ لياقت ۽ دماغ جي مدد سان وڃي چوٽيءَ کي رسيا هئا، ٻيا اُهي، جن وقت جي ججن ۽ ماجسٽريٽن جون خوشامدون ٿي ڪيون، ۽ پنهنجيءَ محنت ۽ لياقت ذريعي نه، پر ان خانگي تعلق جي بنا تي وڏيون فيون ڳڙڪائيندا ٿي رهيا، ۽ ٽيان اُهي، جن کي نه خاص دماغ هو ۽ نه ججن ۽ ماجسٽريٽن کي هٿ ڪرڻ جو ئي ڪو ڍنگ ِسکيو هئائون، فقط محنت، ڪوشش ۽ اورچائيءَ جي وسيلي پنهنجو ڌنڌو هلائيندا ۽ گذران ڪندا ٿي رهيا.

ان پوئين ڪلاس جي وڪيلن مان هڪ ديوان ڪرمچند هو. عام طرح ماڻهو کيس ”چچڙ“ چوندا هئا. جنهن ڪيس ۾ وڪالت نامو وڌائين، اصيل پاران چچڙ ٿي چنبڙي پوندو. سندس پنهنجي ماني حرام، اصيل جي ماني حرام، ڪيس هلائيندڙ ماجسٽريٽ جي ماني به حرام، دنيا ٿڪجي ۽ بيزار ٿي پوندي، خود اصيل به ڇڏي ڀڄي ويندس، پر ديوان ڪرمچند اڳ کان اڳرو هوندو. ڏسندڙن جي راءِ هئي ته ساري عمر هڪڙي ئي سوٽ ۾ گذاريائين. ڌنڌي جي خفت ۾ شايد منهن ڌوئڻ جي به واند مشڪل لڳندي هيس. پتلون مٿان پٽي بدران اڳٺ ٻڌندو هو، ۽ اڳٺ مٿان ٽاءِ. ڪورٽ ۾ لنگهندو ته ٽاءِ چيلهه مان ڇوڙي، ڳچيءَ ۾ پهريندو. ڪورٽ جو ڪم ختم ٿيو ته ٽاءِ ڳچيءَ مان لهي، موٽي وڃي ڪمر سان ڪشبي. پير ۾ شوز نه، پر ِڦلهڙو سليپر، جنهن رنگ جو منهن ڪڏهن ڪو نه ڏٺو هوندو. ساري حياتي نه ڪلب ۾ ويو، نه ڪنهن  محفل ۾. کيس اها خبر ئي ڪا نه هئي، ته اخبار به ڪا شي ٿيندي آهي. ڪورٽ تائين پيرين پنڌ پهچڻ جو امڪان هوندو ته بگيءَ جو ڀاڙو نه خرچيندو. بغل ۾ ڪيس جا ڪاغذ، مٿي تي چٿيل سولا هئٽ، کيسي ۾ اڳڙي، اڳڙيءَ ۾ ڦلڪو، پٽاٽن جي ڀاڄي ۽ پاپڙ ٻڌل - انهيءَ شان سان سندس حياتيءَ جو هر ڏينهن شروع ٿيندو.

فرياديءَ جو وڪيل هوندو ته جوابدارن تي اوائل ۾ ئي وارنٽ ڪڍرائڻ لاءِ ماجسٽريٽ جي بنهه پڇ ۾ چنبڙي پوندو. تقرير ڪندو، منٿون ڪندو، آخر اکين مان ڳوڙها به ڳاڙيندو، پر وارنٽ ضرور جاري ڪرائيندو. وارنٽ جو نڪرڻ، فرياديءَ لاءِ وڪيل جي ڪاميابيءَ جو وڏو دليل هوندو. هوڏانهن وارنٽ جو حڪم ٿيو، هيڏانهن اچي ڀچندو اصيل سان: ”ميان، رقم ڪڍ! رقم کانسواءِ به جيئرن جاڳندن ماڻهن تي ڪو وارنٽ نڪرندا آهن!“ رقم جو تفصيل هن طرح هوندو: ڪورٽ جي سرشتيدار جو ”منهن مٺي ڪراڻي“ وارنٽن لکڻ واري منشيءَ جي ”لاڳت“، پٽيوالن جي ”خرچي“، سندس پنهنجي منشيءَ جو ”منشاڻو“ (گهڻو ڪري منشيءَ جو وجود ئي ڪو نه هوندو)، بگيءَ جو ڀاڙو، وغيره. مطلب ته اصيل جي ڪپڙيءَ ۾ جيڪي به ڪڻا هوندا، سي سمورا ڪڍي وٺندو. پئسي نه هجڻ جو عذر پيش ٿيو ته سارا ڪپڙا جاچي ڏسندو. پٽڪي جي ورن کان شروع ڪندو، ۽ ابداڻي ۽ اڳٺ تائين وڃي ڇيهه ڪندو! پڇاڙيءَ ۾ واقف اصيل، سندس خوف کان پئسا جتين جي پاتاهن ۾ لڪائي ڇڏيندا هئا. في ادا ٿي ۽ ٻيون طلبون به پوريون ٿي ويون، ته حڪم ڪندو:”ميان تنهنجي ڳوٺ ڏي ڏاڍا ٻٻڙ(ٻٻر وڻ) ۽ ڏاڍيون ِنمون پيون ٻڌجن. ٻيو ڀيرو اچين ته ٻه - ٽي ويڙهيون ڏندڻن جون ته کنيون اچجانءِ.“

جوابدار جو وڪيل هوندو ته شاهد جي آڏيءَ پڇا ۾ ايڏي ڊيگهه  ڪندو جو ساري ڪورٽ ڪڪ ٿي پوندي، پر شاهد جي جند اوستائين ڪو نه ڇڏيندو، جيستائين ڪا نه ڪا پنهنجي فائدي جي ڳالهه سندس واتان نه چوارائيندو. نوٽ ڪيل سوال پورا ٿي ويندا، ته به ٽنگن تي اُڀو بيٺو رهندو. ماجسٽريٽ پڇندس: ”ديوان، هاڻي ته سوال ختم ٿيا؟“

”نو، سر! ميني ميني مور ِاسٽيل!“(1)

سندس ”ميني ميني مور“ سوالن مان ڪجهه هن طرح جا سوال هوندا:

”تنهنجيءَ زال جو نالو فلاڻو آهي؟“

”تنهنجي زال تمام سهڻي آهي؟“

”تنهنجي زال جو ناتو جوابدار سان آهي؟“

”تنهن تي تو پنهنجيءَ زال سان مارڪٽ به ڪئي هئي؟“

”تو جوابدار کي به دڙڪا ڏنا هئا ته توکي ڪڏهن نه ڪڏهن ڏسي رهندس؟

شاهد دانهون ڪندو رهندو ته کيس زال ئي ڪا نه آهي، ڪڏهن شادي ئي ڪا نه ڪئي اٿس، پر ڪير جو ڪرمچند کي سمجهائي؟ سوالن پويان سوال! سندس لائين تقريباً هر ڪيس ۾ ۽ شاهد بنسبت اها هوندي ته اهو مقدمو ان ڪري ٿيو آهي جو جوابدار فرياديءَ ۽ شاهدن جي زالن سان کريل هو!

اهڙيءَ بدناميءَ جي ڀؤ کان، ڪرمچند جو نالو ٻڌي، گهڻا شاهد ته مورڳو ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻ ۽ شاهدي ڏيڻ کان ئي ڀڄي ويندا هئا. عام چوڻي هوندي هئي ته ”ڄڻ ڪرمچند ڪڍ پيو اٿئي!“ ڪي شاهد چڙ وچان ڪڏهن ڪڏهن کليل ڪورٽ ۾ کيس به بدشد چوندا هئا. هڪ ٻه ڀيرا ڪورٽ جي ٻاهران ديوان جي بي ادبي، جسماني طرح به ڪيائون. پر انهن ننڍين ڳالهين جو ڪو خيال ڪو نه ڪندو. سندس مقصد فقط هڪڙو ئي هوندو – ”ڪجهه به ٿئي، پر ڪيس ضرور کٽجي!“

سندس سوالن ڪيترن بيگناهن کي مارائي ڇڏيو. ٻروچن لاءِ اها وڏي ڳالهه هوندي هئي جو کين ننگ جو مهڻو ملي! مهڻي ملڻ کانپوءِ اها جاچ ئي ڪا نه ڪندا ته ڪو ڳالهه سچي به آهي يا نه، ۽ وڪيل کي اهو سوال اصيل سيکاريو هو يا خود وڪيل پنهنجيءَ دليان ٺاهيو. ڪورٽ مان سوال ٻڌي، موٽي اچي پنهنجيءَ زال کي، ۽ جنهن مرد جو نالو ڪورٽ جي سوال ۾ ورتل هوندو تنهن کي، ”ڪارو“ ڪندا. پهرين زال ماريندا، تنهن کان پوءِ اُن مرد کي. ڪيس شروع ٿيو هوندو ڍڳيءَ  جي چوريءَ تي، پر انتها ٿيندي خونريزيءَ تي.

ديوان ڪرمچند سان شڪايت ڪئي ويندي ته جواب ڏيندو: ”خونن جي ٻي ڳالهه آهي، ڍڳيءَ وارو ڪيس ته کٽيوسين! رَن پٽ ائين ته وڃي ڪو نه چوندو ته ديوان ڪرمچند کان ڪو ڪيس کٽي آيس. خون ٿي پيا آهن ته ان جو ڪو فڪر نه ڪريو، آءٌ خونن جي ڪيس کڻڻ لاءِ به تيار آهيان! في پوري ڏيو، ڌڻيءَ گهريو ته ڦاهن تي چاڙهائي ڏيندو سانوَ!“

ڪرمچند ساري زندگي محنت ڪئي، نه ڪڏهن آرام ڪيائين، نه وندر، نه چڱو کاڌائين، نه چڱو پهريائين. جا گهڙي جيئرو هو، گهاڻي جي ڏاند وانگر وهندو رهيو. پئسو ڪمايائين، پر ڪيڏي نه قيمت ڏيڻي پيس! هن دنيا ۾ ڄڻ ڄائو ئي ڪو نه هو!

ميان فتح شاهه

ديوان ڪرمچند وڪيل جي ڪهاڻيءَ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته نموني طور سندس هڪ اصيل به آڻي ميدان ۾ موجود ڪجي.

سنڌ ۾ جيئن وڪيلن جا ڪلاس ۽ درجا هئا، تيئن اصيلن جا به ڪلاس ۽ درجا هوندا هئا. مثلاً، هڪڙا اُهي اصيل، جن کي ڪورٽ ۾ اچڻ کان سخت عار هو، ڪورٽ ۾ اچڻ بيعزتي ۽ بدبختي سمجهندا هئا. ٻيا اهي اصيل، جن جو ڌنڌو هوندو هو چوراڪاري ۽ چورن جون پاٿاريون هلائڻ، انهن جي حياتيءَ جو ڪجهه حصو ٻاهر ته ڪجهه حصو جيل جي حوالي. ٽيان اهي اصيل، جن جو خواهه مخواهه ڪورٽن سان عشق هوندو هو. سبب هجي يا نه، ٿوري گهڻي تي فريادي يا شاهد بڻيا ڪورٽن اڳيان بيٺا هوندا هئا. عام طرح انهيءَ نموني جي اصيلن کي ماڻهو ”ڪورٽ جا ڪيئان“ سڏيندا هئا. خاص شڪارپور جي علائقي ۾ ”پڪشٽ“ سڏبا هئا. ڪنهن ماڻهوءَ هلندي ڪو اکر چين يا دڙڪو ڏنن، ته ٻئي ڏينهن ٺڪ ڪورٽ ۾ فرياد داخل هوندو. گسندا وڏي ماڻهوءَ مان به ڪو نه. پاڙي پنبي جي ڪنهن وڏيري مان خطرو ٿين ته انبار درخواستن جا آفيسرن ڏانهن روانا ڪندا. انهن درخواستن کي عرف عام ۾ ”رڪاٽي“ يعني ”رڪارڊي“ درخواستون چئبو هو. مضمون هوندو هو: ”فلاڻي پاڙي جي وڏيري جو عرضدار سان تڪرار آهي. هو عرضدار کي ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي درپي آهي. ممڪن آهي ته آفيسرن کي شڪايت ڪري ڪو بدمعاشيءَ  (110 قلم ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ) جو معاملو کڙو ڪرارائين. تنهنڪري، عرضدار جي هيءَ درخواست سرڪار جي رڪارڊ تي رهي.“ ِاهي ”رڪاٽي“ درکاشون (درخواستون) ”رجيٽڻ“ (رجسٽرڊ پوسٽ) ڪيون وينديون هيون، موٽ رسيد سان. عريضيءَ جو نقل موٽ رسيد سميت، تمام حفاظت سان رکيو ويندو هو، جيئن وقت سر بچاءُ ۾ پيش ٿي سگهي. پڇاڙيءَ جي زماني ۾ مقامي اخبارن جي ڪالمن کي به ان ڪم لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. ايڊيٽرن کي پئسا ڏيئي، نوٽيس ڇپرايا ويندا هئا، جن جون سرخيون هونديون هيون: ”ڌيان طلب ڪليڪٽر ۽ ڪماني صاحب.“ ان کان پوءِ وڏيري جي اُرهه زوراوريءَ جو، ۽ نوٽيس ڇپارائيندڙ کي منجهانئس جيڪو خطرو هوندو، تنهن جو تفصيل ڏنل هوندو. انهيءَ ٽئين ڪلاس جي اصيلن جا ڪن خاص وڪيلن سان پڪا منهن رکيل هوندا هئا. جنهن صورت ۾ سندن معاملا به اڻکٽ هوندا هئا، تنهنڪري سندن لاءِ لازمي هو ته وڪيلن سان مستقل انتظام رکيو اچن.

ميان فتح شاهه مرحوم، باگڙجيءَ جي قريب رهندو هو. سيد هو، ٻروچ  مريد هوندا هئس. صورت جو معتبر، ڀورو رنگ. چاپئين ڏاڙهي، قد ڊگهو، بت سنهو، مٿي تي ڪارو پٽڪو جنهن کي ڀٽائيءَ جو ويس چوندا هئا، جسم تي ڪارو الپاڪي جو ڪوٽ، جنهن کي اڇا ِسپ جا بٽڻ لڳل هوندا، هٿ ۾ چم چڙهيل نيٽ جو سنهو لڪڻ ... صبح جو ڳوٺان نڪرندو، ريل ۾ چڙهي اچي ديوان ڪرمچند جي آفيس ۾ پهچندو. ڪورٽون کلنديون ته ڪرمچند کي کنجي وڃي ڪنهن نه ڪنهن ڪورٽ اڳيان بيهاريو بيٺو هوندو.ساڳئي ڏينهن تي هڪ کان وڌيڪ ڪورٽن ۾ ڪم هوندس: ڪٿ فريادي هوندو، ڪٿ شاهد ڪٿ جوابدار ۽ ڪٿ روبرو “رڪاٽي درکاشون” پيو پيش ڪندو. سڄي ڏينهن جي ان ورڪ بعد، رات جي ريل ۾ باگڙجيءَ موٽندو. ڪڏهن ڪڏهن دشمن رستو جهليو بيٺا هوندس، ۽  ٿوري ٿڦا ٿڦي ٿي ويندي. ٻئي ڏينهن صبح جو موٽي ڪرمچند وٽ پهچندو. هن دفعي دشمن خلاف ”خون جي ڪوشش“ جو ڪيس داخل ٿيندو!

فتح شاهه مرحوم جي ساري زندگي ڪرمچند جي پٺيان گذري. گهڻين خصوصيتن جو مالڪ هو. هميشه هشيار رهندو. اعتبار ڪپڙن تي به ڪو نه ڪندو. خوددار، ڪنهن جو احسان نه کڻندو، پاڻ به مشڪل سان ٻئي ڪنهن تي احسان ڪندو. جو پئسو هٿ لڳندس، سو ڪرمچند جي نذر ڪندو ۽ ڪيسن تي ڳاريندو. پاڙي جا وڏيرا سندس پاڇي کان به پيا ڇرڪيندا.

ڪورٽن ۽ وڪيلن جو اهڙو عاشق فقط هڪ ٻيو شخص منهنجي نظر مان گذريو، جنهن جو ذڪر موقعي تي ايندو، ورنه سنڌ ۾ فتح شاهه جي پايي جو ٻيو “پڪشٽ” ان دؤر اندر ڪو پيدا ڪو نه ٿيو.

ٻاپو گل

منهنجي ننڍڙائيءَ جي نوڪر، علي محمد خروس، جو پوڙهو پيءُ، ٻاپو گل، سکر شهر جي ٻاهرئين حصي ۾، چمڙي گدام جي نزديڪ، هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو. وڏو عيال هوس. هڪ پٽ مون وٽ ملازم هوس، ٻيو ٽانگو هلائيندو هو. حال تمام مسڪينيءَ جو – ”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.“ پر ڇا سندس دل، ڇا محبت، ڇا وفاداري! مهمان آيو ته دل بهار بهار ٿي وينديس. گهر واريءَ جهوپڙيءَ جي ڀر ۾ ٻيو ڇپر آڏي ڇڏيو هئائين. ڇپر هيٺان مهمانن لاءِ کٽون پيل، ۽ کٽن مٿان رلهيون وڇايل، وچ ۾ چلم، ڪنڊ ۾ پاڻيءَ جو مٽ، چلم جي ٽانڊي لاءِ دونهي هميشه پئي دکندي. اها سڌ ڪا نه هونديس ته سڀاڻي ڇا کائبو -

ماني به ميسر ٿيندي، يا مورڳو بک تي ويهڻو پوندو - پر اڄوڪي ڏينهن کي اڄ جي ئي بنياد تي، بلڪل بيفڪريءَ سان بسر ڪندو. اصول هوندو هوس - سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان، وٺو اڄ جي ڳالهه کي. مهمان آيس ته پهرين مانيءَ ٽڪر آڻي اڳيان رکندس، ان کان پوءِ وٺندس حال احوال. بکئي پيٽ تي مهمان کان حال پڇڻ ۾ عار سمجهندو هو. ڪو معتبر ماڻهو آيو ته ڪڪڙ به ڪهي وجهندو. خاص ان مقصد لاءِ ڪڪڙ پاليو ويٺو هوندو هو. ان ۾ شڪ نه آهي ته اهي ڏينهن سستائيءَ جا هوندا هئا، پر سستائي هجي يا مهانگائي، اصل سوال آهي ته انسان جي دل جو - ۽ دل جي معاملي ۾ الله تعاليٰ ٻاپي گل کي گلاب جو گل بڻائي ڇڏيو هو.

اوائلي زماني ۾ پاڻ ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو، پر پوءِ سندس هڪ اک خراب ٿي پئي، جنهنڪري اهو ڪم به ڇڏي ڏنائين ۽ بنهه توڪل جو تنبو اڏي ويهي رهيو. چوندو هو: ”نه فقير جو الله مري، نه فقير جو ڪشتو ٽٽي.“

مهمانن جي وندرائڻ لاءِ رات جو يڪتاري تي ڪلام به چوندو هو. سنهو آواز، ۽ آواز ۾ سوز هوس. پوڙهي جي واتان جو اکر نڪرندو هو، سو تير ٿي نڪرندو هو. ٻن - ٽن ڪافين تي خاص طرح سان پکو هوس، جي تمام اثرائتي نموني ۾ ڳائيندو هو:

- حسن حيراني، لاتوَ جاني، مين قرباني، سهڻا مين قرباني!

- سسئي بيٺي سڏ ڪري، منهنجي پارت ڪجو ته پنهل کي!

ڳائڻ وقت پگهر وهندو هوس، ۽ سندس چهري تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي.

سکر ۾ لکاپتي ماڻهو به رهندا هئا، ۽ گل جهڙا مسڪين به، پر جا محبت ۽ جو اطمينان گل جي ڇپر هيٺ ميسر ٿيندو هو، تنهن جو نانءُ نشان به وڏن ماڻهن جي محلات ۾ ڪو نه هوندو هو.

ڪنهين ڪڏهين ٿئي، هنن ڏهاڙي عيد!

سندس هڪ عزيز پاڙي ۾ پڪائون ڪوٺو ٺهرايو. گهر جي ڀاتين ٻاپي گل کي به چيو ته پڪو ڪوٺو اَڏجي، قرض پکو کڻي، في الحال پورت ڪجي، پوءِ  پيو قرض لاهبو. مون به ساڳي صلاح ڏنيمانس. گهڻي زور بار بعد دل جو حال ٻڌايائين. چيائين:

گانڊوءَ سندي گام ۾، گهر اَڪن جو اَڏ،

جي چوني لڏ، ته لاهي وڃينس لتن سان!

“سکر شهر مالدارن جي وستي آهي. غريبن کي ته جهوپڙيءَ اڏڻ واسطي به زمين جو ٽڪر ڪو نه ٿو ملي. ان کان پوءِ ڪامورن جو به زور آهي. حد جو پوليس - جمعدار ڪاوڙجي ته ٻچا ٻٻر تي چاڙهي ڇڏي. پڪو ڪوٺو اڏيو ته ڄڻ ماڻهو ڪاٺ پيو. ان جي لالچ تي پيو موچڙا کائيندو ۽ سختيون سهندو. ڪچو گهر هوندو ته لتن سان به ڊاهي ڪنهن ٻئي طرف هليو وڃبو. ”ملڪ مولا جو پڪو پيو آهي، جتي پڪي اُتي کاڌي.“

جيستائين زنده هو، محبت مچايو ويٺو رهيو. سندس اوطاق جي دونهي ڪڏهن ڪا نه وساڻي. پاڻ فوت ٿيو ته وٿاڻ ئي ويران ٿي ويا. ڪجهه ڏينهن ٿيا ته اتانهون لنگهڻ جو اتفاق ٿيم... نه گل باقي هو، نه گلستان جو نشان:

”ڪا جا لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي!“

ميان فضل محمد سومرو

سال ويهه به نه گذريا آهن ...پوءِ سمجهه ۾ نٿو اچي ته اُها سنڌ، جا هنن اکين ڏٺي، سا اوچتو ڪيڏانهن غائب ٿي ويئي! اُهي ماڻهو ڪٿي وڃي لڪا آهن؟ ڪنهن کان رسي ويا؟ ڇو منهن مٽي ويا؟ ڪهڙو ڏوهه ڪيو هوسين؟ ڪهڙو گناهه سرزد ٿيو؟ پاڻ ته هليا ويا، اسان پوين کي حيوانن جي حوالي ڪري ويا - ۽ حيوان به اهڙا، جن جون بدعادتون ۽ بيوفايون ڏسي جهنگ جا جانور به شرم وچان وڃيو لڪن!

آخر ڇو ِاها وِڄ ِڪري ِانهن واهيرن تي؟ بيقصور پکيئڙن جي بيضرر آشيانن تي! نه ڪنهن جي راهه ٿي رُڪي نه ڪنهن جي واِهي ٿي ڀڳي، نه ڪنهن جي پوک ٿي پٽي، نه ڪنهن جي ٻني ٿي سڪي، پوءِ ڪهڙي قصور، ڪري ويا ايڏا ڪلور؟ وڻ بدستور بيٺا آهن، اڃا ٽاريون به پيون لڏن، پر نه اُهي آکيرا نه اهي پکيئڙا، نه اهي روح پرور صبح جا نغما، نه اُهي شام جون مٺيون لاتيون.

ههڙا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾!

مرحوم فضل محمد سومرو، ڪم ته ڪندو هو کٽڪو - ڪپڙن ڌوئڻ، ڪپڙن تي رنگ چاڙهڻ جو، پر پنهنجيءَ محبت ۽ وفا وسيلي، دوستن جي دلين جا به کنڀ چاڙهيندو رهندو هو - کين ڌوئندو هو، صاف ڪندو هو، اڇو ڪندو هو، اُجاريندو هو - اڃا به ڪو چٽو رهجي وڃي، ته مورڳو نئون رنگ چاڙهيندو هونِ، پر دوست جي دل تي مونجهه جي مير هرگز رهڻ نه ڏيندو.

غريب آباد ۾، شڪارپور رستي تي سندس گهر هو. هيٺئين وچولي درجي جي حيثيت هيس. مون جڏهن ڏٺو، تڏهن پنهنجي هٿ سان ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هئائين، سندس اولاد ڪپڙن جو ڪم ڪندو  ٿي رهيو. پنهنجي وقت اندر پنهنجي آرٽ ۾ يگانو ٿي گذريو هو. جنهن لٽي کي سندس هٿ لڳو، سو پري کان بکندو ايندو. لٽي ڏسڻ سان ئي شوقين پروڙي ويندا ته ڪپڙي سان اهو ڪرشمو ڪهڙي استاد جو ڪيل آهي. فضل محمد جو ڌوتل لٽو پهرڻ عزت جو نشان سمجهيو ويندو هو. پر اهو فخر هر ڪنهن شخص کي حاصل ڪو نه ٿيندو هو! ڳاڻو گراهڪن کي قبول ڪندو هو، جن کي ان هنر جي صحيح پروڙ هوندي. آيل ڪپڙي جي هر ٽڪر کي خيال سان کولي ڏسندو، مٿس پيار سان آهستي آهستي هٿ گهمائيندو - ڄڻ مالهي آهي، جو گلاب جي گلن کي سوهي سموهي، گلدستن ۾ رکڻ لاءِ پيو تقسيم ڪري. ڪنهن به ڪپڙي تي سڃاڻپ جو نشان ڪو نه ڪندو. جو ڪپڙو هڪ دفعي ڏٺائين، سو وري نه وسرندس، ۽ نه مٽجي ڪنهن غلط مالڪ ڏانهن ويندو. چوندو هو، ”هنر ته شوق! شوق نه رکبو ته هنر هرگز حاصل ڪو نه ٿيندو. ڦرهي تي ڪپڙن کي ڪٽڻ هروڀرو هنر نه آهي.“

فجر ويل، ڇلي کڻي، ٻوڙ - ڀاڄيءَ جي وٺڻ لاءِ مارڪيٽ ويندو. وچولي درجي جي ماڻهن لاءِ صبح جو مارڪيٽ وڃڻ وڏيءَ وندر جو باعث هوندو هو. هر گهر جو سکيو ڀاتي ٻوڙ - ڀاڄي ضرور پاڻ وڃي وٺندو. ان بهاني تي هر صبح مارڪيٽ ۾ شهر جي بزرگن جو چڱو ميلو لڳي ويندو هو. هڪٻئي سان سلام ڪلام ڪندا، هلندڙ حالتن ۽ معاملن بابت بيٺي بيٺي پاڻ ۾ ڳالهين جا به ٻه - چار ڊُنگ ڪري وٺندا، ان کانپوءِ ٿيندي يورش قاصائيءَ تي. ڪو به ڏينهن اهڙو ڪو نه هوندو، جنهن ڏينهن گوشت نه وٺبو. گوشت جو دسترخوان تي هجڻ لازمي هو. البت جنهن ڏينهن سٺا تازا پلا مارڪيٽ ۾ اچي ويا، ته پوءِ گوشت ڇڏي پلو وٺبو. سو به ڏسي وائسي کيرو، ۽ جي آنيارو، ته به ننڍو، ۽ نه ڦرهي جهڙو، بيڊولو ۽ بي سائو.

پلي ۽ گوشت جي سڃاڻ بجاءِ خود هڪ آرٽ هو. گوشت وٺبو، ته به هڏي هڏي ۽ ٻوٽي ٻوٽي ڏسي وائسي. وڏيءَ ٻڪريءَ جي ويجهو فقط هوٽلن وارا ويندا، گهرن ۾ پچڻ لاءِ ننڍڙي ليلي يا هلواڻ جو گوشت درڪار هوندو. قاصائي گراهڪن کي خاطري ڏيارڻ لاءِ ليلي جو پڇ سلامت رکيو ويٺا هوندا هئا. پارکن کي پڇ مان ئي خبر پوندي هئي ته واقعي ئي ليلو آهي يا وڏو ڇيلو. ڇيڇڙي يا وڏي هڏي کي بنهه هٿ نه لائيندا. پٺيءَ جو گوشت، ران جو ٽڪر، ۽ پاسرين جون ٻه - ٽي چاپون چونڊي ٻاهر ڪڍندا، ان کان پوءِ بڪيءَ ۽ جيري جا ٽڪر گهري وٺندا. قاصائي هڪ بڪي وجهندو ته هي ٻن جي گهر ڪندا - “ميان خير ته آهي؟ بڪيءَ ٽڪر وجهندي پيو پگهر وٺيئي! آخر ورهين جو منهن آهي، اهڙي بي محابائي ڇو پيو ڪرين؟“...”کوڙ بڪيون، بڪين جي به ڪا کوٽ؟ وٺو هي ٻيون! اوهان ئي راضي ٿيو.“ گراهڪ هندو هوندا ته بڪين بدران ڪپورن هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. عام خيال هو ته ڇيلي جي ڪپورن ۾ وڏي طاقت ٿئي ٿي.

ان کان پوءِ وڃي بيهندا ڀاڄين واري جي مٿان. بصرن جو سير، ٿوم جي ويڙهي، ۽ هڪ قسم جي ڀاڄي(موسم سارو) ته وٺبي لازماً، ان کان پوءِ شروع ٿيندي جنگ مفت جي. متفرقات تي: ”ٻه - ٽي ساوا مرچ ته هيڏي ڪر؟ اڄ الائي ڇا ٿي ويو اٿئي!“.... ”اڄ ته ڦودني جو ذرو به گوڏي هيٺان لڪايو ويٺو آهي؟”...“ ساون ڌاڻن جي ڇنڊ ته وجهه. آخر ڀاڄي ڪيئن رڌبي؟“

ميوي سان سنڌين جي گهڻي ڪا نه پوندي هئي. پر جي انبن يا کارڪن جي موسم هوندي، ته موٽندي سير - اڌ ٻارن لاءِ وٺيو ايندا.

ميان فضل محمد ڀاڄيءَ جي ڇلي آڻي گهر واريءَ جي اڳيان رکندو. مائي سڳوري هر هڪ شي کوليندي به ويندي ۽ ٽيڪا ٽپڻي به ڪندي ويندي: ”مستوءَ جي پيءُ اڄ ته ڪو نشو پيتو آهي!.... ادي فلاڻي! اچ اچي، هي گوشت ته ڏس - ڇڙو ڇيڇڙا آهي! هٿ لائي، ته ِلڳ ِلڳ پيو ڪري!“

ميان فضل محمد موٽ کائيندو: ”مستوءَ جي ماءُ ! ڪهڙي ڏينهن منهنجي آندل شي توکي پسند پيئي آهي؟ قاصائي اهو هلواڻ پٺيءَ پاڏانهن لڪايو ويٺو هو، وڏن زورن ۽ جهيڙن سان ته ذرو ورتو اٿمانس. تون پئي چئين ته ڇيڇڙا آهي! هلواڻ جو گوشت نرم نه هوندو ته ڇا هوندو؟ آخر مينهين جي مهادي تي ڪا نه پئي هئي، جتان سخت گوشت وٺي اچان ها؟“

”هي بڪيون ۽ جيرا به ليلي جا آهن؟“

”نه ته ڇا جا آهن؟“

”اُٺ جا!“

”اُٺ جا آهن ته تون ڪري نه کائجانءِ!“

”هيءُ ڪوماڻيل پاروٿو گوبيءَ جو گل به دڪان واري جي گوڏن هيٺان ڪڍي آيو آهين؟“

”تنهنجي مرضي  اها هئي ته ڪنهن جي واڙيءَ ۾ گهڙي پوان ها ۽ اتان گوبيءَ جو گل پٽي سڌو ڀڄندو اچي تنهنجي اڳيان رکان ها؟ پوءِ تون ٿئين ها راضي!“

”ڪجهه ڌڻيءَ جو به ڀؤ ڪر. توکي ڳالهه چئجي ٿي ته هٿن مان نڪريو وڃين! اک کڻي هنن مرچن ڏانهن ته نهار، ساوا مرچ آهن يا گوگائي مرچن جون بونڊيون؟ چک ته ڄڻ اڪ جي پاڙ!“

آخر مقابلي جو وڌيڪ تاب نه آڻي، ميان فضل محمد گهر کان ٻاهر نڪري ويندو، ۽ موٽندو تڏهن، جڏهن مانيءَ جو سڏ ويندس. ان وچ ۾ وڏي پپر جي هيٺان وڇايل کٽن تي ويٺو دوستن سان اُڀاريون - لاهواريون هڻندو. ڀر ۾ ِٽڪئي جي سوڍا. لمليٽ جي ِپڙي هوندي. ڪو آيو ويو ته پڙي تان لمليٽ يا آئيس ڪريم - سوڍا جي بوتل گهرائي پيو پياريندس. سندس دوستن جو هڪ خاص ٽولو هوندو هو، جن مان جنهن کي به جا گهڙي واندڪائيءَ جي ملندي، ته سڌو اچي ميان فضل محمد جي محفل ۾ ويهندو هو. سندس خاص احباب هوندا هئا: غلام حسين درزي، بابو عبدالغفور، ۽ عيدن پوليس - سپاهي، گفتگو شروع ٿيندي ميونسپل جي ڪاروبار سان، ۽ ختم ٿيندي وڃي، چڪلن جي تازن جهيڙن تي، گفتگو لاءِ مضمون ڪو نه هوندو ته پتن جي راند شروع ٿيندي.

سکر جو چڪلو ساڳئي شڪارپوري رستي جي ٻئي ڪناري تي، بلڪل سامهون هوندو هو، ۽ اتي رات ڏينهن رنڊين جي مختلف پارٽين جي وچ ۾ پيا جهيڙا ٿيندا هئا، جن ۾ مکيه پارٽ ادا ڪندا هئا پوليس جا صوبيدار ۽ جمعدار. سکر جي پبلڪ لائيف ۾ چڪلي ڪوارٽر کي خاص اثر حاصل هوندو هو. هزار کن ووٽن جو فقط چڪلي ۾ هوندو هو، رنڊين ۽ انهن جي متعلقين جو. هرڪو اميدوار اها ڪوشش ڪندو هو ته رنڊين جي ڪا نه ڪا پارٽي ضرور سندس ”سڳي ڌاڳي“ ۾ رهندي اچي. نوجوان پوليس - صوبيدار بي تحاشا تماشا بيني ڪندا هئا. هر ڪنهن صوبيدار سان ڪا نه ڪا رنڊي وابسته هوندي هئي، ۽ پوءِ ڪنهن کي مجال جو ان رنڊيءَ جو پير اورانگهي سگهي؟ اهي رنڊيون، شام ويلي بگين تي چڙهي، هوا خوريءَ تي وينديون هيون. کين ڏسڻ لاءِ ماڻهو رستن تي بيهجي ويندا هئا:

”هيءَ اڪبر خان واري آهي!“

”اڙي يار، هيءَ ته علي خان واري اٿئي! چون ٿا، سيالڪوٽ مان آئي آهي.“

”علي خان ته هاڻ ڇڙو مٿين پنڌن تي پيو هلي، وچان ئي وزير شاهه والار وجهي ويو اٿس.“

”وزير شاهه يا امير شاهه؟“

”امير شاهه جو رستو ته زردالوءَ سان آهي.“

”زردالو ته وڏي هست رنگي آهي، ڦري کائي امير شاهه کي ٿي، پر دلي رستو گورڌن(شهر جو وڏو هندو گونڊو هوندو هو) سان اٿس. انهيءَ زردالوءَ تي ئي ته گورڌن ۽ رمون مڪرانيءَ جي وچ ۾ چاقو چليا هئا!“

”گورڌن ڪٿان ٿو رمونءَ کان بازي کٽي سگهي!“

”ڇڏ يار، رمونءَ جو هاڻي وڃي ڇڙو نالو رهيو اٿئي. گورڌن اڃا تائين پنهنجي نانءَ سان آهي. ڪنهن ڏينهن ٻڌندين ته رمونءَ ۽ رن، ٻنهي جا آنڊا نڪتا پيا هوندا.“

”رمونءَ کي هافيسرن جو زور کڻيو بيٺو آهي. ڦوجدار صاحب جو هٿ اٿس. سٽي ماشيٽر (سٽي ماجسٽريٽ) جو شيدار(سرشتيدار) شيخ به پيو منجهانس کائي پيئي. اڄ صبح ٻڌندين ته گورڌن وڃي ڪاٺ پيو. هن زماني ۾ ڇڙي داداگيري ته ڪم ڪا نه ٿي اچي، ڪجهه رس - رسائي به گهرجي. رمون جيڪي ڦري، سو پيو ڪامورن جي وات وجهي.“

انهيءَ قسم جي گفتگو فضل محمد جا احباب به پاڻ ۾ ڪندا رهندا. ميان صاحب پاڻ به ويٺو ٻڌندو، ڪڏهن ڪڏهن اکر - ٻه چئي به وٺندو. دل جي خواهش اها هونديس ته اهڙي گفتگو نه ٿئي، پر ساٿين کي ظاهر منع ڪري سندن دلشڪني به نه ڪندو. سندس پنهنجي زندگي ابتدا کان وٺي صاف شفاف رهي هئي. جوانيءَ ۾ البت ڪپڙي لٽي جو خاصو شوق ڪندو هو. قميص سلوار، ڪاري الپاڪي يا چينا سلڪ جو ننڍو ڪوٽ پهريندو هو! مٿي تي بره جي کل جي ٽوپي، ۽ پير ۾ سٺو چمڪدار پمپ شوز. لٽا پنهنجن هٿن جا ڌوتل هوندس پر وڏي کان وڏي امير جي نصيب ۾ نه هوندو ته اهڙا کنڀيل ۽ ڪلفدار ڪپڙا ڍڪي. شهر کان ٻاهر ويندو ته ٺهي ٺڪي، شان ۽ مانَ سان. هٿين خالي ڪڏهن نه ويندو، دوستن لاءِ قسما قسم تحفا ساڻ کڻي هلندو، خاص طرح ميوَن  جا ٽوڪرا، جن جي مٿان ڳاڙهي ڪاغذ جا پوش پيل هوندا. ٻارن کي خرچيون ڏيندو، نوڪرن ۾ سوکڙيون تقسيم ڪندو. غريبي حال ۾ اميري شان پيدا ڪرڻ، اُن جڳ جي بزرگن کي ايندو هو.

*              *                   *                  *

هاڻي موٽي ميان صاحب جي گهر اچون ٿا. مٿيون ڳالهيون ته ذڪر هلندي وچ ۾ اچي ويون هيون.

ماني تيار ٿيندي، مگر وڌبي اوستائين نه، جيستائين ميان فضل محمد پاڻ اچي کٽ تي نه ويهندو. سندس گهر واريءَ صبح جو ته جهيڙو ڪيو هوس، مگر هينئر مائيءَ جو حال ڏسڻ وٽان هوندو.

جيستائين ميان گهر نه آيو هوندو ۽ سندس منهن ۾ گراهه نه ويو هوندو، مائيءَ کي آنڌ مانڌ لڳي پئي هوندي. پنهنجو پاڻ پيئي ڳالهائيندي – ”مستوءَ جي پيءُ کي هيڏي دير ٿي ويئي آهي، بکئي پيٽ تي ِنپٽا ٻاهر وٺيو ويٺا اٿس! خدا نه پنهنجو گهر گهاٽ ڏنو اٿن. نه ٻئي جي گهر گهاٽ جو ڪو ويچار اٿن! اونڌيون ڳالهيون ۽ اجايا بستان ڪڍيو ويٺا هوندس.“

ميان ايندو ته ماني آڻي اڳيان رکنديس. نرم اڦراٽا هوندا ۽ ديڳڙي ۾ جا به چڱي ٻوٽي هوندي سان ڪڍي آئي هوندي. هٿ ڌئاري، پنهنجي هٿ ۾ پکو کڻي ويهندي. آهستي آهستي پکو به پيئي جهليندي، ۽ ساڻس ڳالهيون به پيئي ڪندي:

”مستوءَ جا پيءُ! شبوءَ (سندن پٽ) کي ته ڪا ڌڌڪ ڪڍ، سارو ڏينهن الائي ڪيڏانهن رُلندو پيو وتي. نه کائي ٿو ماني وقت تي، نه پئيس ٿو ساهه جو.

”حميدڻ رات لڱن جي سور جون پئي دانهون ڪيون. هڏن ۾ ڪو تپ جو ذرو رهجي ويل اٿس. ڪڏهن ڪڏهن ڪڻس به ٿيو پويس. اڄ سانجهيءَ جو وٺي وڃي ادي عبدالحق (حڪيم) کي ته ٻانهن ڏيکاري اچينس. ائين پئي پئي ته ڇوڪر صفا نجهري ويندو.

”ادي ِٽڪئي ماءُ ڦجر آئي هئي. پنهنجي ننهن ۽ سورن جون ڳالهيون ڪري، هيانءَ ڦٽي پئي رني. ننهڻس مڙس جو ِڦرڪوئي ڦيرائي ڇڏيو آهي. ماريو، جيڪي آڻي نئي، سڌو اچي زال جو ڀڀ ڀري، ماءُ ويچاريءَ کي ته تريءَ تيل به لائڻ نٿو ڏئي. اهڙا پٽ، جهڙا ٿيا تهڙا نه ٿيا!“

”ادي عبدالله کي به ڪالهه پوٽو ڄائو ٿئي! ماسيءَ سگهڙ ڳالهه پئي ڪئي ته ڏاڍا شادمانا ڪيا اَٿئين. ويچارو سڪايل هو. ٽي ٻار ته اڳي لٿا اٿس، مانَ ڌڻي هي چوٿون بخشي ڏئيس! تون به جيڪر مبارڪي ڏيئي اچينس ته ڇا ٿي پوي. پاڙي پنبي وارا ته سڀ ٿي آيا اٿس.“

”مستوءَ جا پيءُ، ٻي ڳالهه ته ٻڌ! انهيءَ ماريي موٽوءَ جو ڇو اچي مٿو ڦريو آهي! پنهنجي گهر جو سارو گند آڻي ٿو اسان جي گهر اڳيان ڍير ڪري! اهڙي بڻانس ٿي اچي کڙي ٿئي جو ماڻهو ويهي نٿو ساءُ ڪري. ڪالهه مستوءَ ڇڙو ڏوراپو ڏنس ته ڇوڪر سان ِچيٽ پئجي ويو. رات ڏينهن وڙهسان، وڙهسان پيو ڪري. ڏس ته سهي ماريي جو ڪيئن نه پيٽ ڀريو آهي! اڃا ڪالهوڪو ڏينهن آهي ته بيهن جو ٿالهه مٿي تي کڻيو هوڪا ڏيندو پئي وتيو، هاڻي پئسڙو ٿيو اٿس، ۽ جائڙي ٺهرائي اٿائين ته ائين پيو سمجهي، ڄڻ ته لک تي مٿو ڌوتو اٿائين! پوري منهن سان ڪنهن جي ڳالهه به ڪونه ٿو ٻڌي، ڪو چويس ته مورڳو گونزل پيو ڇڏي!

”مستوءَ جا پيءُ، هاڻي جتي به ته نئين ٺهڻي ڏي! ڪهڙو پراڻو بوٽ گهليندو پيو وتين! پير به نٿا سور ڪنئي؟ تڪڙ ڪري وڃي دڪان تان وٺي آئين، گهڻا ڏينهن هليئي؟

بوٽ هجي ته هٿ جو ٺهرايل. بازاري بوٽن ۾ ته ڇڙو ٿا ميٽ وجهن. هاڻي مارين کي حرام کائي ويو آهي. بک ۽ بي ايماني ڪاهي پئي اٿن. اڳ اهڙا ڪاٿي هوندا هئا. جنهن سوچيءَ کان ادي عيدن بوٽ ٺهرايو آهي. تون به انهيءَ کي چئي اچ. ڏسجي چڱو ٿو. جي توکي به پسند اچي ته پوءِ عيد لاءِ ٻارن جا جوتا به انهيءَ کان ئي ٺهرائينداسين.“

ان قسم جي ڳالهين ڪندي ڪندي، ميان کي سموري ماني کارائي وٺندي. پوءِ هٿ ڌئاري، رلهي ڇڪي کٽ تي وجهي، کيس آهلائي ڇڏيندي. پاڻ وڃي باقي ڀاتين جي ماني وڌيندي.

ميان فضل محمد چيلهه ڊگهي ڪندو، ِٻيڙي دکائيندو، هٿ ۾ ڪتاب، ”وارث شاهه جي هير – رانجهو“ کڻي، ورق اٿلائي، وچان ڪو نه ڪو ٽڪر ڪڍي، مٺي آواز سان پڙهڻ شروع ڪندو:

هير آکيا، جوگيا، جوٺ بولين ڪون رٺڙي يار مناؤندائي،
 ايسا ڪوئي نه مليا، مين ڍونڍ ٿڪي، جهڙا گيان نون موڙلياوندائي،
ميرا جيءُ جامه جيهڙا، آن ميلي سر صدقه اُسدي نام ندائي،
 ڀلا موئي، تي وڇڙي ڪون ميلي اينوين جيوڙا لوگ ولاوندائي!

ڪڏهن ڪڏهن ”هِير“ پڙهندي، اکين مان ٻه - چار لڙڪ به وهي ٻاهر نڪرندس.

*             *              *

سانوڻيءَ جي موسم هوندي، پاڻي وهي ايندا، ته سنگتي ساٿي گڏ ڪري، روهڙيءَ جي باغن ۾ وَهين جي شڪار تي نڪرندو. رات کان وٺي مانيون تيار ٿينديون. ساٿين ڏي سڏ ويندا. ٽانگا ڀاڙي ٿيندا. ساري گهر، بلڪ پاڙي پنبي ۾ هلچل مچي ويندي. ڪو بندوق آڻيندو، ڪو ڪارتوسن جو باڪس رومال ۾ ٻڌيو ايندو، ڪو چاقو ڪڍي پيو روهيءَ تي لاهيندو. ڪنهن جي هٿ ۾ ميوي جي ڇلي هوندي. ڪو سگريٽن ۽ ٻيڙين جا بنڊل پيو کيسي ۾ وجهندو. وڏي هل هنگامي بعد سواري نڪرندي. هلندي هلندي، ٻانهن کان وٺي، ٻارن کي به ٽانگن ۾ سٿڻو پوندس، ڇو ته پردي جي اندران مستوءَ جي ماءُ محشر مچايو بيٺي هوندي ته ”ٻارن کي به وٺيو وڃ. روئي روئي ويچارا ساڻا ٿي پيا آهن. آخر توکي ڇا ڪندا. ڪنهن ڪنڊ پاسي چپ ڪريو ويٺا هوندا، تون پيو شڪار ڪجانءِ.“

ٻار هليا ته ميان فضل محمد جو پنهنجو شڪار ختم ٿيو. بگيون ڀري وڃي درياءَ پار باغن ۾ لاهيندو. ٻيا ساٿي بندوقون ڪلهن تي رکي وهين جي پويان نڪري پوندا. ميان صاحب پاڻ ٻارن کي قبضي ۾ ڪريو، ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺو هوندو. باغن ۾ کجين جي وڻن تي وهيا سٿيا پيا هوندا. هڪ ٺڪاءُ ڪريو ته ويهه ِڪري پوندا. مگر ميان فضل محمد جا مهمان تجربيڪار شڪاري ڪو نه هوندا. سالن ۾ به ڪڏهين ڪو ڪارتوس ڪو نه ڇوڙيو هوندائون. وهيا اولهه هوندا ته هنن جي بندوق پئي اوڀر ويندي! وهيو ڪو مئو نه مئو، رلي پني، لاڙوين سج موٽي اچي ميان صاحب واري ماڳ تي رسندا. حال احوال ٿيندا، چرچا گهٻا لڳندا، مانيون کائبيون، باغن مان کارڪون ۽ انب خريد ٿيندا، درياءَ ڀر تان تازا پلا ورتا ويندا، بگيون جوٽبيون، ۽ جنهن پيرين ويا هوندا، ساڳئين پيرين موٽي اچي گهر سهڙندا.

گهر پهچڻ تي کارڪون، انب پلا وغيره، اورين پرين ساٿين جي گهرن ۾ تقسيم ڪيا ويندا. غرض ته سڄي شهر کي خبر ته پئجي ويندي ته ميان فضل محمد وارا اڄ شڪار تي ويا هئا. ڪجهه تفريح ٿي، ڪجهه نام و نمود!

*             *              *

ميان فضل محمد کي مذهبي محفلن سان به خاصي دلچسپي هوندي هئي. معراج - رات ڌام ڌوم سان ملهارائيندو هو. گهر جي سامهون شاميانو لڳندو. گلم غاليچا وڇائجي ويندا. چانهه جي ديڳ چڙهندي. واعظي مولوي اچي موجود ٿيندا. ڪجهه شهر جا معزز به مدعو ٿي ايندا. مولوين ۾ پنهنجا جهيڙا ۽ اختلاف هوندا: ڪو وهابي آيل هوندو ته حنفيءَ جو منهن لٿو پيو هوندو. حنفيءَ کي وعظ لاءِ پهرين اٿاريو ويو ته وهابي مولوي رسي ڀڄڻ لاءِ پيو رستا نهاريندو. مولوي دين محمد وفائي مرحوم يا ميان عبدالله شيخ شينهن واري تي نظر پئي ته پير ميان ڪرم علي شاهه جتي به نه پائيندو، بيٺي بيٺي، بنا موڪلائي روانو ٿي ويندو. ميان فضل محمد مرحوم انهن اختلافن مٽائڻ ۽ محفل کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سارو وقت سرگردان هوندو. مولوي محمد هاشم مرحوم، رڪن جو ويٺل، مشهور ”واعظ الاسلام“ هوندو هو. سندس ڌنڌوئي اهو هو ته گشت ڪندو، وعظ ٻڌائيندو وتي. پڇاڙيءَ ۾ خوش الحان ڇوڪرن جو هڪ ٽولو تيار ڪيو هئائين، جيڪي محفلن ۾ سرَ سان نعتيه ڪلام پڙهندا هئا. انهن تي نالو رکيو هئائين:”بلبلانِ اسلام“! جنهن به مجلس ۾ انهن ”بلبلانِ اسلام“ جي آمد جو آسرو هوندو، ماڻهن جا انبوهه، سڏيا اڻسڏيا، اچي موجود ٿيندا. انهن ڏينهن ۾ اڃا فلمن زور ڪو نه ورتو هو ۽ ماڻهن کي مذهب سان به دلچسپي هوندي هئي، تنهنڪري اهڙين محفلن وسيلي وندر جي وندر به، ۽ مذهبي جذبي جي تسڪين به پئي حاصل ٿيندي هين. معراج جي محفل منعقد ڪرائڻ ۾ حڪيم عبدالحق صاحب ميان فضل محمد جو خاص ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺو هوندو هو. حڪيم صاحب بجاءِ خود تمام دلچسپ ماڻهو هو. مريض اچڻ جو آسرو هجي يا نه، هي صاحب ضرور حڪمت جو هٽ کوليو، ۽ هٽ اندر شيشن ۽ ڏَٻن جون لائنون لڳايو ويٺو هوندو هو. ٻاهران پيو بورڊ لڙڪندو، جنهن تي مڙسيءَ کان ويٺل ۽ بواسير جي سٽيل، لا علاج مريضن لاءِ ”شرطي علاج“ جا قسمي واعدا، ڳاڙهن ساون اکرن ۾ لکيل هوندا – ”وقت اندر فائدي نه ٿيڻ تي ٻيڻا پئسا واپس“! ماڻهو بي ضرر، ايماندار ۽ خوددار هو(1) . ڪنهن به مذهبي يا مجلسي ڪم لاءِ سڏ ڪبس ته پير پوئتي نه ڏيندو.

ميان فضل محمد جي زندگيءَ جا پڇاڙي وارا سال ڏک ۽ فراق جي نذر ٿي ويا. سندس ساٿي ۽ رفيق هڪٻئي پٺيان هن دنيا مان روانا ٿيندا ويا. منهنجي ڏاڏي مرحوم سان خاص عشق هوس. ان جو انتقال ٿيو ته فضل محمد مرحوم جي زندگي به يڪسر بيرنگ ۽ بيمزي رهجي ويئي.حبيب جي فراق ۾ سندس شمعِ حيات به، ميڻ بتيءَ وانگر رجي، ستت ئي خموش ۽ هميشه لاءِ ختم ٿي ويئي.

سردار بهادر قيصر خان بوزدار

مرحوم سردار بهادر قيصر خان بوزدار، سنڌ جي وڏيرپ جو بهترين سئمپل هو. ميرپور ماٿيلي جو ويٺل هو. نه وٽس وڏي زمينداري نه علم، پر سندس حڪمت عملي (ڊپلوميسي) زماني جي حال سارو، اڻٽر ۽ اڻگس هئي. ۽ نه وري اهو ڪنهن خاص موقعي تي ڪنهن خاص وقت جو سوال هو: جا گهڙي جيئرو هو، سندس ڊپلوميسي چالو رهي، ۽ هر دفعي ۽ هر مقصد لاءِ ڪامياب. خان صاحب بڻيو، خانبهادر ٿيو، سردار بهادر بڻجي وفات ڪيائين - انگريز جو راڄ رهي ها ته نواب به ٿي وڃي ها. سياست ۾ بمبئي ڪائونسل جي زماني کان ميمبر چونڊبو آيو. سنڌ جدا ٿي ته مرڻ گهڙيءَ تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. اليڪشن ۾ هڪڙو دفعو به نه هارايائين. ضلعي جي پاليٽيڪس اندر سندس هنيل مورو وري نه موريو. خانبهادر الله بخش مرحوم جهڙي ماڻهوءَ کان ڊسٽرڪٽ لوڪقلبورڊ جي پريزيڊنٽي کسي، ورهين جا ورهيه پنهنجي هٿ رکيائين. غضب خدا جو، انهن سارن مقابلن جي باوجود، اهڙي فضا ڪڏهن به پيدا ٿيڻ نه ڏنائين، جنهن هيٺ سندس حريف پير کوڙي ساڻس دشمني ڪن ۽ کيس ڪنهن وڏي جنجال ۾ وجهي ڇڏين! نصيب چئو يا حڪمت عملي، ڪا شي منجهس ضرور هئي. سکر ضلعي جي هڪ ڪنڊ جو رهاڪو هو، پر سندس پرتاب سڄي ضلعي مٿان ڇانيل رهيو. اچو ته مرحوم جي طريقِ ڪار جو تجزيو ڪريون.

قيصر خان هڪڙو مقصد معين ڪيو هو، ۽ ان مقصد جي حصول لاءِ پنهنجون سموريون قوتون صرف ڪندو رهيو. اهو مقصد هوس ته پنهنجن هڪجيڏن ۽ همعصرن جي صف ۾ ممتاز ترين جاءِ حاصل ڪري - يعني خطاب وٺي، ميمبريون ماڻي، ۽ ضلعي اندر سرخرو رهي.

معلوم ائين ٿئي ٿو ته ان مقصد طرف قدم کڻڻ کان پهريائين هن اڳيان ايندڙ سفر جي سمورين منزلن، رڪاوٽن ۽ دشوارين متعلق پنهنجي دماغ ۾ صحيح اندازو موجود رکيو هو - اهڙيءَ طرح، جيئن هوائي جهاز جي پائلٽ، جهاز هلائڻ کان پهريائين، رستي ۽ رخ، هوا ۽ فضا، لانجيٽيوڊ ۽ لسٽيٽوڊ (ڊگهائي ڦاڪ ۽ ويڪرائي ڦاڪ) متعلق، نقشن، چارٽن ۽ رپورٽن جو مطالعو ڪري، ۽ ان مطالعي جي بنياد تي ڪمپاس کي سامهون رکي، پرواز شروع ڪري. عام ماڻهو سياسي سفر شروع ڪرڻ کان اڳ اهڙي سوچ ويچار بنهه ڪو نه ٿا ڪن، اکيون ٻوٽي هلي پوندا - ڪڏهن ٿاٻڙندا، ڪڏهن ِڪرندا، ڪڏهن اٿندا، ڪڏهن ڦٿڪندا، ڪڏهن وڪڙ کائيندا، غرض ته ”فتان خيزان“ حالت ۾ هلندا رهندا. قسمت رهنمائي ڪئي ته وڃي منزل تي رسندا، ورنه رستي ۾ ئي گهات ٿي ويندا.

قيصر خان پنهنجي زندگيءَ جو ”چارٽ“ ابتدا کان ئي اکيون کولي تيار ڪيو هو. اهڙو ڪو به ماڻهو ڪو نه هوندو، جنهن لاءِ ان  چارٽ ۾ اڳواٽ ”ستيءَ پڙيءَ“ جو انتظام ٿيل ڪو نه هوندو، اهڙو ڪو به حادثو يا اتفاق ڪو نه هوندو، جنهن کان بچڻ لاءِ پيشگي بندوبست نه هوندو. جا دشواري آئي، علاج موجود! جو مقام آيو، اُن کي اُڪرڻ لاءِ تجويز تيار! نه منجهندو، نه پريشان ٿيندو، نه مقصد هٿان ڇڏيندو.

سندس ”طريق ڪار“ جي ترتيب ۽ تجويز ۾ انساني فطرت جي خصوصيتن جو خاص لحاظ رکيل هو. وقت آئي، اڳلي مان ڪهڙيءَ طرح پنهنجو ڪم ڪڍجي، سو ڪو کانئس سکي ها.

سڀ کان اول، عام همدردي حاصل ڪرڻ ۽ خود مخالف کي بيخبر رکڻ خاطر، پاڻ کي سخت ڪمزور، مقابلي کان گريزان، بلڪ ڪهل جي قابل ثابت ڪندو. سندس وڏي کان وڏو دشمن به کيس بيضرر سمجهي، منجهانئس خوف رکڻ جي ضرورت محسوس نه ڪندو، نه پاڻ اڳواٽ خبردار ٿيندو، نه قيصر خان هٿان ٿيندڙ حملي کان بچڻ لاءِ ئي ڪو بندوبست ڪندو. خبر تڏهن پونديس، جڏهن شڪست کائي وڃي پٽ تي پوندو. نه وري قيصر خان پنهنجي مخالف کي ان منزل تي ئي ڇڏي ڏيندو، ڇو ته امڪان هوندو ته ڌڪ کائي دشمن وڌيڪ تيز ٿي مٿس نئون حملو ڪري ۽ کيس ڪو وڏو نقصان پهچائي وجهندو. تنهنڪري، دشمن کي ڪيرائڻ کان پوءِ هڪدم وڃي سندس دل تي ڇنڊو وجهندو. چوندس، ”مون کي معافي ڏي، غلطي ٿي ويئي، تنهنجي وڏن سان منهنجو نيازمنديءَ جو رستو هو، وچ وارن چرچون ۽ چوڪون ڏيئي اسان ٻن سڄڻن کي پاڻ ۾ ويڙهائي وڌو، هاڻي تون وڏو ٿيءُ، ٻئي موقعي تي اها ساري موڙي سائينءَ جي اڳيان هوندي“ غرض ته شڪست خورده دشمن سان هر طرح همدردي ڪندو، سندس زخم ميٽيندو، نه مٿس ٽوڪ ڪندو ۽ نه سندس اڳيان مرڪي گهمندو. هر حال ۾ تلخيءَ کي مٽائڻ جي پيو ڪوشش ڪندو. اڳتي هلي وري مقابلي جو ڪو موقعو آيو، ته دشمن کي ساڳيءَ طرح شڪست ڏيئي ڇڏيندو - پر مقابلن جي وچ واري عرصي ۾ دشمن کي پهائڻ ۽ پرچائڻ جون ڪوششون به جاري رکيو ايندو. اصول هوس ته ”ماڻهوءَ جو ڪم آهي اصلي مقصد جي حصول سان. مقصد حاصل ٿي وڃڻ کان پوءِ خواهه مخواهه ڇو پيئي تلخي پيدا ڪجي؟ جيڪو ڳڙ سان مري، تنهن کي زهر ڇو ڏجي!“

ٻيو اصول هوس هر ماڻهوءَ سان نياز ۽ نوڙت. ٻئي ڪنهن کان بدتميزي ٿي ويندي ته به پاڻ ساڻس کلندو رهندو، اگرو اکر وات تي نه آڻيندو. ڪاموري ذات جو خاص خيال رکندو هو. معموليءَ کان معمولي سپاهي ۽ ڪوٽوار جي اڳيان به آڌر ڀاءَ لاءِ اُٿي بيهندو. نوڙت سان پيش ايندس، ۽ جو به ڪم چوندس، هڪدم پورو ڪري ڏيندس. سڄي عمر ڪنهن به آفيسر سان ارڏو نه هليو. اتفاقاً ڪو سخت آفيسر اچي ويندو، ته به پاڻ کيس آڏو جواب ڏيئي ۽ حجاب جي پردي مان ڪڍي، وٽانئس ٻاهر نه نڪرندو.

موقعي فهميءَ جي فن ۾ ”استاد ڪامل“ جو درجو حاصل هوس. ان زماني ۾ هر سال سنڌ جي وزارتن ۾ ڦيرا گهيرا ٿيندا ٿي رهيا. قيصر خان کي الائجي ڪهڙي ڏات هئي، جو ڇهه مهينا اڳ سمجهي وٺندو هو ته ڪهڙي شخص جو ستارو اڀرڻ وارو آهي! ان کانپوءِ ڇهن مهينن اندر ان شخص سان سندس بهترين تعلقات قائم ٿي ويندا هئا. سترهن ورهيه کن سنڌ جون وزارتون هليون، ان عرصي اندر سترهن کان مٿي وزارتون ڊٺيون ۽ ٺهيون، پر قيصر خان مرحوم تي ڪو اثر ڪو نه پيو. هر موقعي تي هو ڪامياب ڌر جي وچ ۾ خاص مقام حاصل ڪريو ويٺو رهيو.

ٻئي به ڪنهن شخص ۾ ڪم پوڻ جو امڪان نظر ايندس، ته وقت کان گهڻو اڳ ان جو اونو ڪرڻ شروع ڪندو. هڪ تجربيڪار طبيب وانگر، ماڻهوءَ جي طبيعت جو مطالعو ڪندو ۽ مناسب نسخو تجويز ڪندو. سنڌ اسيمبلي پنهنجن ميمبرن مان هڪ يا ٻن ماڻهن کي ريلوي ايڊوائزري ڪاميٽيءَ جو ميمبر چونڊيندي هئي. ان ميمبريءَ  مان اهو فائدو هوندو هو ته ريلوي جا بابو هر دم پيا سلام ڪندا هئا ۽ خدمتون بجا آڻيندا هئا. قيصر خان ڇهه مهينا اڳ پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪيو ته اها ميمبري ضرور هٿ ڪرڻي آهي. اسيمبليءَ جي پارٽين جي پوزيشن جو جائزو وٺي ڏٺائين ته مقابلي جي حالت ۾ فيصله ڪن ووٽ يورپئين گروپ جي ٽن ميمبرن جا ٿيندا. هينئر هن صاحب انگريز ميمبرن جا سلام ڪرڻ شروع ڪيا. رستي ۾ ملنس يا لابيءَ ۾، يا خود اسيمبليءَ اندر، سندن استقبال لاءِ اڀو ٿي بيهي رهندو، ۽ جهڪي سلام ڪندن. موڪل جو ڏينهن هوندو ته سندن بنگلن تي ويندو، ۽ هر ڀيري ميوي جا ٽوڪرا، بطور ڏاليءَ يا مهمانيءَ جي، ميم صاحبن لاءِ کڻي ويندو. گفتگو جي دوران اڳوڻن انگريزن جا جيترا به نالا ياد ايندس، تن کي دهرائيندو، سندن تعريف ڪندو، ۽ انهن جي مٿس ڪيل ڳڻن کي ڳائيندو. هلندي هلندي هيءُ به ظاهر ڪري وٺندو ته ڪانگريسي ۽ مسلم ليگي سڀ فسادي ۽ باغي آهن، انگريز سرڪار جي بيجا مهربانيءَ ۽ نرميءَ جو فائدو وٺي، خواهه مخواهه پيا اسيمبلين ۾ بغاغو مچائين. ٿورن ئي ڏينهن ۾ انگريز ميمبرن جو اهڙو حال ڪري ڇڏيائين، جو ليلي وانگر قيصر خان جي ڪڍ لڳا وتن. ريلوي - ڪاميٽيءَ جي چونڊ جو وقت آيو ته انهن انگريزن جي ووٽن جي آڌار تي، پهرينءَ سٽ ميمبر منتخب ٿي ويو! جنهن انگريز ميمبر کان  پڇو، هڪدم رايو ڏيندو:”او! قيصر خان از اَ ويري گڊ مئن!“(1)

بغير پوريءَ سوچ ويچار جي، قيصر خان ڪو ڪم ڪو نه ڪندو. جڏهن به ڏسو ته قيصر خان مرحوم پنهنجن شهپرن کي پيو مروٽي، ۽ مروٽي وات تائين پيو نئي، ته سمجهي وٺو ته هو ڪو نئون ”فائيوِ ِائير پلان“(2) رٿي رهيو آهي.

مقامي طرح، سندس مقابلو پاڙي جي ٻن زميندارن سان هوندو هو. هڪ هو مرحوم خانصاحب دادڻ خان لنڊ، ۽ ٻيو ڄام ڀنڀو خان مرحوم. انهن ٻنهي جون طبيعتون مرحوم قيصر خان جي طبيعت سان ڪين ملنديون هيون. دادڻ خان سخن جو سچو، ۽ دوستيءَ - دشمني جو سخت پختو هو. جنهن سان ”هائو“ ڪيائين، ته وري سندس واتان ”نه“ جو اکر نه نڪرندو، ڀل جانِ جي مٿانس ريلون وهي وڃن. ڀنڀو خان سخت خوددار، بهادر هو، ۽ تنهنڪري اگريءَ طبيعت جو صاحب هو، ساريءَ زندگيءَ اندر ٿورن ماڻهن کيس ڪڏهن مشڪندو ڏٺو هوندو. جنهن شخص جو ڏٺي منهن نه وڻيس، يا عمر وري ان ڏانهن نه واجهائيندو، پوءِ ڀل ته اهو شخص ڪليڪٽر هجي يا ڪمشنر!

انهن ٻنهي صاحبن جا قيصر خان سان دائمي مقابلا رهيا، پر هڪڙو دفعو به قيصر خان خلاف ڪامياب نه ٿي سگهيا. جڏهن به دادڻ خان مرحوم جي صداقت ۽ قيصر خان مرحوم جي ”سياست“ جي وچ ۾ ٽڪر ٿيو، جڏهن به ڄام ڀنڀي خان جي خوديءَ ۽ قيصر خان جي بيخوديءَ مابين تصادم ٿيو، ته فتح هميشہ قيصر خان جي ٿي!

هڪ فارسي شاعر چيو آهي:

طبعي بهم رسان ڪہ بسازي بعالمي،
يا همتي ڪہ از سر عالم توان گذشت!

(يا اهڙي طبيت ڌاريو جو دنيا سان ٺهي ۽ منجهس کپي وڃو، يا اهڙي همت جو مورڳو دنيا کان ٻاهر نڪري وڃو.)

قيصر خان مرحوم جو ويساهه پهرئين اصول ۾ هو. وقت بوقت زماني جي حالتن جو به سانچو ٺاهيو، هيءُ اُن ۾ کپي ويندو هو. برعڪس ان جي، دادڻ خان ۽ ڀنڀو خان بيغرضيءَ، خودداريءَ، سچائيءَ، ۽ وفاداريءَ جي واٽ هلندا رهيا، پر قيصر خان مرحوم جي مقابلي ۾ تقريباً هميشہ ناڪام رهيا.

دنيا جا اهي غمزا ڏسي، انسان غريب سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته آخر ”اخلاقي قدرن“ ۽ ”قدرت جي انصاف“ متعلق جو آسماني صحيفن ۽ انساني قرطاسن ايترو زور ڏنو آهي، تن جي اصلي حقيقت ڇا آهي، ۽ انسان جي عملي زندگيءَ تي انهن جو ڪهڙو اثر پوي ٿو؟ جيڪي ڪجهه هيءُ اکيون ڏسي رهيون آهن، سو عمومي طرح هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي ته چور ڇٽي ۽ ڀاڳيو ٻڌو وڃي ٿو، ڪوڙو تخت تي، ۽ سچو تختي تي پيو نظر اچي - ۽ جڏهن ِاهو نظارو ٿو سامهون اچي، تڏهن هن مزيد فلسفي پيش ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو ڪو نه ٿو رهي ته ”ڪي رند پروڙن راز، قضيي ڪربلا جو!“

قيصر خان مرحوم جي موت جو نمونو ۽ مضمون به سندس زندگيءَ واري عام عنوان جي عين مطابق هو. هڪ رات، تندرست ۽ تنومند، خوش ۽ خورم، يارن غارن جي محفل ۾ کلندي ڳالهيون ڪندي، اوچتو ڪري اکيون ٻوٽيائين - ڊوڙي ڏٺائون ته دل ٽٽي ۽ دم ختم ٿي چڪو هو - الله تعاليٰ کيس پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي!

*             *              *


(1)  No, sir !many, many, more still

(1) خوشقسمتيءَ سان، زنده آهي.

(1)  Oh! Kaiser Khan is a very good man.

(2)  Five Year plan.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org