سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اُهي ڏينهن اُهي شينهن

 

صفحو :5

 

سکر جا اخبار نويس

 

ابتدائي زماني ۾ سکر، اخباري ڪاروبار جو مرڪز هوندو هو. ان کان وڏا مرڪز فقط حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ هوندا هئا.

هندن مان، ديش ڀڳت ويرومل بيگراج، ”سنڌيءَ“ جي نالي سان، پهرين اخبار جاري ڪئي، جا هفتيوار هئي.

مسلمانن مان، شيخ محمد سليمان ”الحق“ نالي هفتيوار پرچو جاري ڪيو، جنهن جي اجراءَ ۾ مسلمان ڪامورن ۽ خيرپور جي وزير جو هٿ هو. علي محمد خان دهلوي، جو بعد ۾ بمبئي ڪائونسل جو ناميارو پريزيڊنٽ بڻيو، ”الحق“ جو پهريون ايڊيٽر ٿيو.”الحق“ ڪجهه ڏينهن حيدرآباد مان نڪتي، ۽ ان کان پوءِ هميشہ لاءِ منتقل ٿي سکر آئي. بابو سليمان پنهنجي پرچي ذريعي مسلمانن جي چڱي خدمت ڪئي. منهنجي سانڀر کان اڳ سندس انتقال ٿي چڪو هو، تنهنڪري مون کيس ڪو نه ڏٺو، پر منهنجي زماني ۾ به سندس نالو عزت سان ياد ڪيو ويندو هو. سندس فرزند، شيخ عبدالعزيز، کانئس پوءِ پريس ۽ اخبار جو ڪم سنڀاليو. پر آزاد خيال هو، انگريزن جي وفاداريءَ کان بيزار ۽ ڪاموري شاهيءَ جو دشمن، تنهنڪري ٿورن ئي ڏينهن اندر کيس اخبار کان بيدخل ٿي سکر ڇڏڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. شيخ عبدالعزيز مون ڏٺو. ڏاڍو جوشيلو قومي ورڪر هو. تقريرن ۾ انگريزن جي خوب خبر وٺندو هو. خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ کيس جيل  به ڀوڳڻو پيو، پر سندس همت ۽ اصول ان هوندي به نه  ٽٽا. البت، ڏکن ۽ تڪليفن ڪري، سندس زبان ۾ سو ڪافي تلخي پيدا ٿي چڪي هئي. هرڪو ماڻهو کانئس پاسو ڪرڻ لڳو، ۽ ڪنهن به سندس سرپرستي ڪا نه ڪئي، فقيراڻي ۽ عسرت جي زندگي بسر ڪندو رهيو، پر نه سياسي نظريو ڦيرايائين ۽ نه خودداري ئي هٿان ڇڏيائين. پڇاڙيءَ ۾ ۾ پير ضياءَ الدين شاهه صاحب جهنڊي واري رحمـة الله عليہ سان وابسته ٿيو، ۽ سندس خدمت ڪندي زندگيءَ جو باقي عرصو پورو ڪيائين.

”الحق“، ان کان پوءِ، سندس ننڍي ڀاءُ ميان عبدالحڪيم مرحوم جي حوالي ٿي. پر جنهن زماني ۾ آءٌ سکر آيس، ان کان اڳ ۾ ئي سندس عمر طبعي پوري ٿي چڪي هئي، ۽ فقط سرڪاري اشتهارن ڇاپڻ لاءِ پيئي پساهه کڻندي هئي. هفتي - پندرهين ڏينهن اشتهار آيا، ته پرچو نڪتو، ورنه ٿيو ڀلو. مون پاڻ ڪجهه وقت ان اخبار ۾ مضمون لکيا، ۽ ڪوشش ڪيم ته منجهس دوباره ساهه ڦوڪيان، پر پرچي جي پاليسي هئي ته وقت جي سرڪار جي ثناخواني ڪجي ۽ اشتهار وٺجن. انهن ڏينهن ۾ ڪافي سياسي سجاڳي به اچي چڪي هئي، تنهنڪري اهڙي پرچي کي همٿائڻ لاءِ پبلڪ تيار ڪا نه هئي.

”الحق“ جي مقابلي ۾، اوائلي زماني ۾ ئي، آزاد خيال مسلمان طبقي ”آفتاب سنڌ“ جي نالي سان هڪ ٻي هفتيوار اخبار جاري ڪرائي هئي، جا منهنجي زماني تائين نيم مرده حالت ۾ تلڪندي ٿي رهي، پهرين ڏينهن ۾ چڱو نالو ڪڍيو هئائين. مرحوم شمس الدين ”بلبل“ ايڊيٽر هوس. ”بلبل“ سنڌ اندر اخبار نويسيءَ ۽ لٽريچر جو ڏاڏو آدم هو. مون کي سندس ديدار ڪڏهن به نصيب ڪو نه ٿيو، پر سندس مضمون ۽ نظمن جو پوريءَ دلچسپيءَ سان مطالعو ڪندو رهيس.

”الحق“ ۽ ”آفتاب سنڌ“ جي ختم ٿي وڃڻ بعد، هڪ نئين مسلماني اخبار جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي. وقت جي مسلمان عملدارن، شيخ محمد قادر وزير خيرپور جي مدد سان، زميندارن مان چندا گڏ ڪيا، ۽ ”سنڌ زميندار“ اخبار جو بنياد وڌو. اخبار جو پهريون ايڊيٽر ماستر عبدالوهاب مرحوم مقرر ٿيو. مون سندس زيارت ڪئي. پٺاڻ، پٺاڻ صورت ۽ پٺاڻ سيرت بزرگ هو. دورانديش، سنجيدو، ”ڪم“ جي ڳالهه ڪندو. ”چم“ سان ڪو واسطو نه رکندو. حقيقت لکندو، عملدارن جي ”ڌيان“ کي ”دعوت“ ڏيندو، حڪومت سان واسطو رکندڙ تحريرن ۾ ادب ۽ انڪار جي ازلي حدن کي لازماً ملحوظ رکندو. مضمون ۾ نه مرچ وجهندو نه مسالو، نه مثالي شعر ڏيندو، نه ڪو جوشيلو جملو. تحرير جي سطح ايتري قدر هيٺانهين رکندو ۽ زبان اهڙي سهل رکندو، جو معمولي کان معمولي سنڌي پڙهيل انگريز آفيسر به آسانيءَ سان مطلب سمجهي سگهي، ۽ روز مرهه پاڻ وٽ ايندڙ درخواستن ۽ هن اخبار ۾ ڇپيل مضمونن جي روح ۽ انداز ۾ ڪو فرق محسوس نه ڪري.

گورن عملدارن جا دماغ ته اصل کان ڦريل هوندا هئا، پر ڪارن ڪامورن  جو رت به ٿوريءَ گهڻي ڳالهه تي بگڙي ٿي ويو، تنهنڪري سندن وفادارن لاءِ لازم هو ته ”ڪَتِن به، ڪَنبن به!“ وفاداريءَ جي والهانه واعدن ۽ قسميه اقرارن ۾ ملفوف، واجبيءَ کان واجبي معروضات کي به، زبان جي لحاظ سان، منڪسرانه ۽ ملتجيانه، بلڪ گداگرانه لفظن ۾ ئي پيش ڪرڻو ٿي پيو. ورنه نازڪ مزاج صاحبلوڪن جي ناراض ٿي پوڻ جو خطرو هوندو هو. البت اهي شرط لاڳو هئا فقط مسلمانن سان. هندن ۽ سندن اخبار نويسن ته انهن ڏينهن ۾ به انگريزن جا خوب پئي ٿي ڇوڏا لاٿا. حيدرآباد مان ”سنڌ واسي“ ۽ ”ڀارتواسي“، ۽ ڪراچيءَ مان ”نيوٽائمز“ اخبارون نڪرنديون هيون. انهن اخبارن انگريزن خلاف رڻ ٻاري ڏنو هو. ٻئي طرف، لاهور جي ”زميندار“ اخبار (مولانا ظفر علي خان جي ايڊيٽريءَ هيٺ) پڻ سکر ۾ ايندي رهندي هئي، ۽ اڙدو پڙهندڙ عوام جي ذهنيت ۾ ڪافي فرق پيدا ڪيو هئائين. خلافت ۽ ڪانگريس تحريڪن جو اثر ان کان سواءِ هو. پڙهيل - لکيل عوام ۾ آزاديءَ جو جذبو جاڳي چڪو هو، ۽ انگريز مجبور ٿي پيا هئا ته مسلمانن - خاص طرح زميندارن - تي هٿ رکن، کانئن اخبارون ڪڍرائين،  ”امن سڀا“ ۽ ”سنڌ محمدن ائسوسيشن“ جهڙيون وفادار ۽ فقط نوڪريون گهرندڙ جماعتون قائم ڪرائينِ“ ۽ حڪومت سان وفاداريءَ جي وسامندڙ جذبي کي نئين هوا ڏياري، ان کي قائم ۽ روشن رکن.

”سنڌ زميندار“ اخبار جو جاري ٿيڻ، عين ان پاليسيءَ پٽاندڙ هو، ۽ ماستر عبدالوهاب مرحوم پنهنجا فرائض بلڪل چڱيءَ طرح بجا آندا. سندس انتقال کان پوءِ مسٽر احمد علي خان عليگ ايڊيٽر مقرر ٿيو. ۽ مئي 1929ع ۾، مون پاڻ وڃي مسٽر احمد عليءَ جي ڇڏيل ڪرسي سنڀالي. منهنجي ڏينهن ۾ اخبار جي پاليسي بلڪل ڦري ويئي. ان ڪم ۾ قدرت به مدد ڪئي. اصلوڪا ڊائريڪٽر مري کپي چڪا هئا. پريس جو سارو انتظام خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي قبضي ۾ اچي ويو هو. اهو صاحب پاڻ نوجوان هو، خود دار هو، ۽ ايڊيٽر جي ڪم ۾ ڪا به دست اندازي ڪا نه ڪندو هو. ساڳئي وقت عام حالتن ۾ به تبديلي اچي ويئي هئي، تنهنڪري اخبار جي تحريرن کي تيز ڪندي منهنجي رستي ۾ ڪا به رڪاوٽ ڪا نه پئي. البت ڪيترا ڀيرا وقت جا عملدار ضرور ناراض ٿي پيا. هڪ دفعي ڪوشش به ڪيائون ته مون کي ڪڍرائي، مرحوم عبدالوهاب خان جهڙو ڪو پوڙهو رٽائرڊ سنڌي ماستر آڻي ايڊيٽر ڪري ويهارينِ، پر کهڙي صاحب بنهه تريءَ تيل لڳڻ ڪو نه ڏننِ، ۽ سال 1933ع تائين آءٌ پنهنجيءَ جاءِ تي بحال رهيس. اهو هو قصو ”سنڌ زميندار“ جو.

هندن طرفان، سنڌيءَ کانسواءِ، هڪ ٻي به هفتيوار اخبار، ”ڌرم ويرُ“ نالي سان، ٻائي امرداس ڪڍي. امر داس ساڌ ٻيلي واري ٻائي صاحب جو چيلو هو. برهمچاري، ڏاڙهي ۽ مڇون ۽ مَٿو ڪوڙيل، ساڌن جي لباس ۾ رهندو هو. سندس اخبار وچولي قسم جي ٿڌيءَ پاليسيءَ تي پيئي هلندي هئي. اصلي مقصد هوس هندن جي خدمت، پر هروڀرو مسلمانن جون دليون به ڪو نه دکائيندي هئي.

ويرومل بيگراج جي سنڌي اخبار ته بنهه ليڪا لتاڙيو بيٺي هوندي هئي. سندس نقطه نگاهه موجب، هندو هر ڳالهه ۾ حق تي ۽ مسلمان هر معاملي ۾ ناحق تي هئا. محض موقعي جي منتظر رهندي هئي، موقعو آيو، ۽ مسلمانن کي لتاڙڻ شروع ڪري ڏنائين. ويرومل هڪ موقعي تي هندو وڌوائن (بيواهه عورتن) جي رهائش لاءِ ”وڌوا گهر“ کولرايو - خاص هندو محلي ۽ خالص هندو انتظام هيٺ. مسلمانن کي ته فقط ان رستي تان گهمڻ جي به اجازت ڪا نه هئي. ڪجهه عرصي بعد خبر کُلي ته ڪيترين وڌوائن کي ”اُميد واري“ ٿي ويئي آهي! هاڻي ِاها بلا ِڪري ته ڪنهن تي؟ ”سنڌي“ اخبار وڏين هيڊنگن  سان مضمون شايع ڪيو، جنهن جو هي جملو مون کان اڄ تائين نه وسريو آهي –”ڪن دشت دراچاري مُسلن، ابهم ڪنيائن جو ڌرم ڀرشٽ  ڪري ڇڏيو آهي!“ ابهم ڪنيائن جو ڌرم ڀرشٽ“ جنهن به ڪيو، تنهن کي ڦٻيو، مار اچي پيئي مسلمانن تي! اهي هونديون هيون ڪرامتون ان اخبار جون.

 پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ مسٽر آرتمل پنجابيءَ، جاڳڻ (تعلقو شڪارپور) جي هڪ تيز طبع هندو نوجوان، ڪهي اچي سکر ۾ پنهنجا آسٿان کوڙيا. ”هندو ليگ گزيٽ“ نالي سان هفتيوار اخبار ڪڍيائين. هيستائين جيڪا ڪسر ”سنڌي“ اخبار ڇڏي هئي، سا ”هندو ليگ گزيٽ“ اچي پوري ڪئي. اخباري لحاظ سان اسان جا جبرا مقابلا لڳا پيا هوندا هئا، ذاتي طرح مون سان دوستيءَ جو تعلق پڇاڙيءَ تائين قائم رکيو آيو. کيس خاص انتظار هوندو هو ته مان سندس مضمونن جا جواب ضرور لکان، ڇو ته ان ڪري هندن ۾ سندس اخبار جي وقعت وڌڻ جو امڪان هو. جنهن به هندو پرچي خلاف مسلمان اخبارن شڪايت لکي، تنهن کي ڪٽر قسم جا هندو، پنهنجي جاتيءَ لاءِ وڏي وٿ سمجهي، مٿي تي کڻي بيهي رهندا هئا. هندو اخبارن ۾ چٽا ڀيٽي هن ڳالهه تي لڳي پيئي هوندي هئي ته منجهانئن ڪهڙو پرچو ٿو مسلمانن تي وڌيڪ حملو ڪري، ۽ ڪهڙي پرچي خلاف مسلمان اخبارون ٿيون وڌيڪ هاءِ گهوڙا ڪن.

حقيقت کي ڏسبو ته هئي فقط ڪن هندن جي سمجهه جي غلطي. انهن طريقن اختيار ڪرڻ سان، ”هندو - مسلم اختلاف“ جي جا باهه دکارايائون، تنهن جي پهرين خوراڪ خود پاڻ ٿي ويا. پر اوائلي مستيءَ جي ڏينهن ۾ کين ڪير سمجهائي ۽ ڪير باز آڻي ٿي سگهيو؟ انڌ جي گهوڙي تي سوار هئا. پنهنجي غريباڻي نموني ته مون کين گهڻو سمجهايو، پر نه سمجهيا: مضمون لکيم ته گاريون ڏنائون، ڪتاب لکيم ته انهن کي سرڪار هٿان ضبط ڪرايائون.

آرتمل، اخباري ماحول کان ٻاهر، مزيدار ماڻهو هو. سندس دفتر هوندو هو وچ بزار ۾، ۽ اسان جي پريس هئي مٿي ٽَڪر تي. جڏهن به پري کان ڏسبو هو ته آرتمل ڌوتيءَ جي ڪنڊ ۾ هٿ وجهيو، چاڙهي چڙهندو، سهڪندو، پگهر ڳاڙيندو، ڀڄندو پيو اچي، ته سمجهي وٺبو هو ته اڄ مسلمانن خلاف ضرور ڪو زهريلو مضمون لکي آيو آهي، ۽ هينئر خبردار ڪرڻ پيو اچي ته جواب لکڻ لاءِ اسين به پنهنجي قلم ۽ مس ڪپڙيءَ کي تيار رکون. ان قسم جي سوال - جواب ۾ ڦاسائڻ کان آءٌ هميشه ڪيٻائيندو هوس، پر آرتمل جي معاملي ۾ بنهه بيوس هوس. جواب نه لکبو ته چچڙ ٿي چنبڙي پوندو. ان کان پوءِ به انڪار ڪبو، ته اچڻ - وڃڻ ڇڏي ڏيندو، ۽ وچ وارن دوستن وسيلي ڏک ڀريل ڏوراپا پيو ڏياري موڪليندو. تنهنڪري پڇاڙيءَ جي ان جنجال کان بچڻ لاءِ، آءٌ پهرين کان ئي پيو سندس دل رکندو هوس.

آرتمل جو هڪ ”ٻيو وزٽ“ ٿيندو هو لاڙوين سمهاڻينءَ، جڏهن، کائي پي، ماڻهو سمهڻ لڳندا هئا. اسان جو مئنيجر، ميان نظر علي خان، منهنجي ڀر ۾ سُتل هوندو هو، ۽ ان مرحوم جي آرتمل سان مورڳو ڪا نه پوندي هئي. آرتمل کي خطاب ڏنو هئائين ”دجال“ جو، ۽ هميشه انهيءَ لقب سان ئي پيو کيس سڏيندو هو. آرتمل هڪ دفعي کانئس ”دجال“ جي معنيٰ پڇي. چيائينس:”دجال جي معنيٰ آهي، مسلمان قوم جو وڏي کان وڏو دشمن“. آرتمل ان کان پوءِ، ان لقب کي پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجهڻ لڳو، ۽ مون کي چيائين ته “منهنجي قلم جو زور هينئر خود نظر علي به محسوس ڪرڻ لڳو آهي!“

مسلمان  قومي ورڪر

”هجئي ناڻو ته گهُم لاڙڪاڻو!“ ان مقولي ۾، تجربن ظاهر ڪيو آهي ته ڪجهه ڦير ڦار ٿيڻ لازمي آهي. يعني: ”هجئي ناڻو ته گهُم مسلم سياست جو لاڙڪاڻو!“ جي ناڻو موجود نه آهي ته مسلمان قومي ورڪرن لاءِ سياست جو ميدان محض مٿي جو سور، بلڪ هڪ مستقل مصيبت ثابت ٿيو پوي.

مسلم سنڌ اندر، سياسي بيداري ۽ آزاديءَ جو اوائلي جذبو جاڳائيندڙ مسلم زميندار، جاگيردار ۽ سرمائيدار نه پر چند مسڪين مسلمان قومي ورڪر هئا، جن پاڻ ان لاءِ سور سٺا ۽ قيد ڪاٽيا، ته عام مخلوق کي آرام رسي ۽ آزاديءَ جي نعمت ميسر ٿئي.”پاڻ کي مارڻ ۽ ٻين کي جيارڻ“، غريب جو ئي شيوو ٿي سگهي ٿو. انهن غريب مسلم قومي ورڪرن جون چار جماعتون هونديون هيون. هڪ جو مرڪز هو ڪراچي، ٻيءَ جو حيدرآباد، ٽينءَ جو لاڙڪاڻو، ۽ چوٿينءَ جو سکر ۽ شڪارپور. هن موقعي تي آءٌ فقط پوئينءَ جماعت جو ذڪر ڪندس.

پهرين عالمگير جنگ ختم ٿيڻ بعد، سلطان ترڪيءَ جي خلافت کي برقرار رکائڻ لاءِ، محمد علي ۽ شوڪت علي ڀائرن(سندن روحن تي رحمتون هجن) جي اڳواڻيءَ هيٺ ساري هندستان اندر هڪ زوردار هلچل چالو ٿي چڪي هئي. ان هلچل سنڌ ۾ به ڏاڍي قومي بيداري آندي، ۽ ڪيترا مخلص ورڪر پيدا ڪيا. انهن ورڪرن مان ، سکر سان تعلق رکندڙ، ڪن صاحبن جو ذڪر نه ڪرڻ سخت احسان فراموشي ٿيندي.

ابو شوڪت حمزو،  چڪ جو ويٺل هو. سنڌي ماستري ڇڏي، ٿلهو وڏو بيد جو ڏنڊو هٿ ۾ کڻي، اچي سياست جي ميدان ۾ گهڙيو هو. قد جو ڊگهو، چاپئين ڪاري ڏاڙهي، شُڌ کڌر جو لباس، مٿي تي ڪاري ڪُلائين اُڀي ٽوپي، صورت خواهه سيرت ۾ شاندار مڙس هو. سندس اصول هو - هر ظلم، هر زبردستيءَ ۽ هر قسم جي غلاميءَ ۽ مجبوريءَ جو مقابلو ڪرڻ، جبر ۽ استبداد جي هر ديوار سان مٿو ٽڪرائڻ، پوءِ جي ديوار نه ڪري ته ڀل پنهنجو ئي مٿو ٽڪر ٿي وڃي. چوندو هو:“انساني حياتيءَ جو مقصد ئي اهو آهي ته ظلم خلاف جهاد ۾ صرف ٿئي. ظلم خلاف ضمير بغاوت نه ڪئي ته سمجهڻ گهرجي ته ضمير مري چڪو يا حياتي بيڪار ٿي ويئي.

هفتي ۾ ٻه - ٽي دفعا سکر ايندو. هر دفعي غريب مظلوم ڳوٺاڻن جي درخواستن سان پنهنجا کيسا پُر ڪريو ايندو. ڪجهه عملدارن ۾ ورهائيندو، ڪجهه اخبارن ۾ شايع ڪرائيندو. ان هوندي به ڪم نه بڻيو ته پبلڪ ميٽنگ سڏائيندو، ٻيا ورڪر ڪوٺيندو، تقريرون ڪندو، ٺهراءُ پاس ڪرائيندو، ۽ اهي ٺهراءَ دوباره وڃي اخبارن جي دفترن تائين پهچائيندو. اهي شڪايتون هونديون يا ته مقامي عملدارن خلاف، يا هندن متعلق. ٻئي ڌريون زور واريون، ٻنهي وٽ اختيار، ٻنهي جي فائدي ۾ وقت جي هوا! پر ابو شوڪت جي ڦٽڪار  هر حال ۽ هر موسم ۾، مٿن سانوڻيءَ جي مينهن وانگر وسندي رهندي. مٿس ڪيس داخل ٿيندا، وارنٽ نڪرندا، ڪڏهن ڪڏهن ضامن رد ڪري ٻن - چئن ڏينهن لاءِ جيل جي ياترا به ڪرائيندس، پر ”چريو ڪيئن، چي ويران وير وڌ“! ٻاهر نڪرندو، ٻيو ٻارڻ ٻاريندو! نه پاڻ سک سمهندو، نه ظالمن کي ئي تيسين ننڊ نصيب ٿيڻ ڏيندو!

سندس تقرير هڪ بهادر سپاهيءَ جي تقرير هوندي هئي، ڪامل خود اعتماديءَ ۽ يقين محڪم تي مبني. نه منجهس عرض هوندو، نه ارداس، نه نوڙت جو نشان، نه نااميديءَ جو بيان، حقيقت ٻڌائيندو، انصاف ۽ انسانيت جي اصولن تي ان جو تجزيو ڪندو، ۽ ”فوري جبري قدم“ کڻڻ لاءِ بالا عملدارن، نه ته پبلڪ کي آرڊر ڏيندو. سندس هڪ تقرير تي توجهه نه ڏنو ويو ته ٻيءَ تقرير ۾ وڌيڪ تلخيءَ کان ڪم وٺندو، حتاڪ ”فيل مست فرنگيءَ“ کي ”ڦوسڙيءَ“ ۽ ”لال کٽياڻيءَ“ سان تشبيهه ڏيندي به ڪو نه گسندو.

جو دم جيئرو هو، جهاد ۾ مصروف رهيو، جو قدم کنيائين، ظلم ۽ استبداد ۽ غلاميءَ خلاف! افسوس اهو آهي ته سندس مئي کان پوءِ احسان فراموش انسانن کين وساري ڇڏيو - شايد غريب هو، ۽ ناڻو ڪو نه هوس، تنهنڪري! ورنه ابو شوڪت جي آخري آرامگاهه اڄ وڏي زيارتگاهه هجي ها، ۽ سندس مزار جي تعمير لاءِ پڻ ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو پيا نقشا ۽ سنگ مرمر موڪلين ها.

اي آنڪہ نُور مي طلبي از مزارها،
از مرقد منور پروانه غافلي!

 

*         *         *

مولانا عبدالڪريم چشتيءَ (1) سان منهنجي اولين ملاقات لاڙڪاڻي ۾، سرڳواسي ٽهلرام جي ”لاڙڪاڻه گزيٽ“ اخبار جي دفتر ۾ ٿي. سال پورو ياد نه اٿم، پر شايد 1922ع هو. ٽهلرام تعارف ڪرايو. هڪ قبول صورت نوجوان، طرحدار دستار، کاڌيءَ جا اڇا اُجرا ڪپڙا، ۽ ڪپڙن مٿان عربي قسم جي عبا ڍڪيو ويٺو هو. “هي آهي مولانا عبدالڪريم صاحب چشتي، شڪارپوري، خلافت موومنٽ جو جوشيلو ليڊر، قومي خيالن جو رکندڙ، ۽ ”لاڙڪاڻه گزيٽ“ لاءِ ليک موڪليندڙ!“

ان ڏينهن جي لڳي وري نه ٽُٽي. ورهيه گذري ويا، حالتون ڦري ويون، اختلاف پيدا ٿيا ۽ پورا ٿي ويا، وزارتون ٺهيون ۽ وري ڊٺيون، حڪومتون آيون ۽ رخصت ٿي ويون، پر مولانا جي مهربانيءَ ۽ تعلق تي ڪو اثر ڪونه پيو. اهل دل آهي، دل جو قدر اٿس، دل جي پاڪ دنيا کي وقتي ڪدورتن وگهي هرگز ملوث ٿيڻ نٿو ڏئي.

آزاديءَ جي تحريڪ ۾ پيش پيش رهيو. هزارين تقريرون ڪيائين. جيل جي سزا ڪاٽيائين. ڪانگريس مان مسلمان علحده ٿيا، ۽ خلافت تحريڪ ختم ٿي، ته مولانا تبليغ ۽ اشاعت اسلام جي ميدان ۾ ڪاهي پيو. سيرت تي ڪتاب شايع ڪيائين. اخبارن ۾ مضمون لکيائين. ساريءَ سنڌ اندر وعظ ڪندو رهيو، پر سنجيده نموني ۾، اسلام جون خوبيون بيان ڪيائين، پر سواءِ ڪنهن به ٻئي ڌرم تي اگري حملي ڪرڻ جي.

پاڻ اخبارون جاري ڪيائين. ٻين جي جاري ڪيل اخبارن جي ادارت سنڀاليائين. ڪجهه ڏينهن روزانه ”الوحيد“ جو ايڊيٽر رهيو. ”الوحيد“ ڇڏڻ کان ڪجهه عرصي بعد خانبهادر الهه بخش مرحوم جي ”آزاد“ اخبار جي ايڊيٽري سندس سپرد ٿي. وڏي جوش جو زمانو هو، پر ان عام جوش کي ڪڏهن به خراب نه ڪيائين. پاڻ ٻين جي عزت ڪندو هو، ۽ ٻيا سندس عزت ڪندا هئا. شخصي بحثن کان پنهنجيءَ تحرير کي هميشه پري ۽ پاڪ رکيائين. مضمونن ۾ تلاوت ضرور ڪندو هو، پر نه اهڙي جو پڙهندڙن کي ٿڪائي سندن دم ڪڍي ڇڏي.

ذاتي ۽ خانگي زندگيءَ ۾ مولانا دلبر دوست آهي. جنهن سان ياري ٿيس، تنهن کي ڏک ۾ نه ڇڏيندو، ۽ نه وقتي فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ، عام ماڻهن وانگر پارٽي بدلائيندو، پوءِ ڀل ته پبلڪ ۾ سندس پنهنجيءَ مقبوليت کي نقصان ئي پهچي وڃي! مجلس جو مور آهي، گفتگو ڪندو ته ڄڻ طوطو پيو ٻولي. عرب جي ڪا عشقيه آکاڻي ڇيڙيائين ته ٻڌندڙ جي دل ڀِڄائي پاڻي ڪري ڇڏيندو. ”ليليٰ – مجنون“ جو قصو ته خاص طرح سان ڪو سندس واتان ٻڌي!

نازڪ مزاج ۽ نفيس طبع آهي. چڱا لٽا پهريندو، چڱو کائيندو، ۽ چڱو رهندو. سندس نشترگاهه قريني سان سجايل آهي. منجهس جدا جدا ملڪن جون سوکڙيون ۽ احبابن جا تحفا سليقي سان رکيل رهن ٿا. مرحوم نظر علي خان سندس اوطاق کي ”چشتي ميوزم“ سڏيندو هو.

*            *                    *

سکر قومي ورڪرن جو وڏو اڏو هوندو هو. ميان سردار علي شاهه مرحوم جو لوهه جو ڪارخانو هو. ميان سردار علي شاهه آزاد خيال بزرگ هوندو هو، ۽ سندس فرزند ميان محبوب علي شاهه قومي تحريڪن جي چڱي سرپرستي ڪندو هو. ان وقت جا سمورا قومي ورڪر ساڻس وابسته رهندا هئا - ابو شوڪت حمزو، ماستر ميان عبدالرزاق، مولانا دين محمد وفائي، مسٽر تاج محمد عليگ، ميان نعمت الله صاحب قريشي، وغيره. شهر ۽ ضلعي ۾ ٻه محاذ هوندا هئا - هڪڙو محاذ هوندو هو سرڪار جي وفادارن جو، ۽ ٻيو محاذ قومي ورڪرن جو. پوئين محاذ جو سمورو انتظام ميان محبوب علي شاهه رکيو ايندو هو. صبح کان شام تائين سندس جاءِ تي انهن ورڪرن جو اجتماع رهندو. وقت جي مسئلن تي گفتگو پئي ٿيندي، ”الوحيد“ اخبار لاءِ هر روز پيا مضمون لکبا، ۽ هفتي ۾ هڪ - ٻه دفعو پبلڪ جلسا به ٿي ويندا. زندگي هوندي هئي، ۽ زندگيءَ جون سموريون بيتابيون. اڳتي هلي محبوب علي شاهه صاحب ٻه - ٽي دفعا اليڪشن ۾ اميدوار بيٺو، پر ناڪامياب ٿي پيو. سندس طبيعت تي انهن وقتي ناڪامين جو ڏاڍو اثر ٿي پيو. آخر قوم جي شعور مان نااُميد ٿي، قطعاً گوشي نشين ٿي ويو. ستت ئي سندس ساٿي به مري ۽ ڪجهه ٽڙي پکڙي ويا. پر پنهنجي زماني اندر اها مختصر جماعت ڪافي خدمت ڪري ويئي.

حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رحمة الله عليہ

انگريزن خلاف، خلافت ۽ ڪانگريس تحريڪن جي سلسلي ۾ جو جهاد جو جذبو جاڳيو، اُن جو سنڌ اندر حقيقي جاڳائيندڙ مولانا تاج محمود امروٽي هو. ان ڪم ۾ ساڻس ٻيا بزرگ به شريڪ رهيا - مثلاً پير تراب علي شاهه رحمة الله عليہ، پير صاحب جهنڊي وارو (پير ميان رشد الله شاهه صاحب عليہ رحمة)، مولانا عبيدالله سنڌي، حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالرحيم حيدرآبادي، رئيس جان محمد جوڻيجو، پر انهن تحريڪن جو اصلي روح روان مولانا امروٽي هو، جنهن جي قدم ان ميدان اندر پڇاڙيءَ تائين ڪا به لغزش ڪانه کاڌي.

مون سندن زيارت فقط هڪ ڀيرو ڪئي. پير سائين تراب علي شاهه مرحوم قمبر وارو مولانا سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو، ۽ پنهنجي خدمت ۾ مون کي به وٺي آيو. رڪ جنڪشن تان لهي، بگيءَ تي چڙهي، اچي امروٽ پهتاسون. مولانا مسجد جي ٻاهران، وڻ جي سايي هيٺ، کٽ تي چڙهيو ويٺو هو. نحيف البدن ۽ تمام پوڙهو ٿي لڳو. ڊگهو مڙس هو، پر انهن ڏينهن ۾ نظر ائين ٿي آيو ته ڄڻ هڏن تي کل چڙهيل آهي. سُنهاري مبارڪ ڊگهي ۽ سفيد، پر نه چاپوئين نه گهاٽي. لباس کاڌيءَ جو. ٻنهي بزرگن محبت سان مصاحفو ڪيو، ۽ گهڻو وقت پاڻ ۾ گفتگو ڪئي. افسوس اٿم جو ان گفتگوءَ جو مطلب منهنجي دل تان هينئر ميسارجي ويو آهي. سڄو ڏينهن رهي، شام جو واپس آياسين.

مولانا وڏو عالم هجڻ کان سواءِ پير طريقت به هو. ساريءَ سنڌ اندر سندس لاءِ عزت ۽ احترام جو جزبو موجزن هو. ڪانگريس خواهه خلافت جا وڏا وڏا ليڊر سندن قدر ۽ ادب ڪندا هئا. “عدم تعاون (non-co-operation) جي تجويز، جنهن تي پوءِ ڪانگريس عمل ڪيو، اول اول مهاتما گانڌيءَ جي دماغ ۾ مولانا امروٽيءَ وڌي. ان تجويز جي معنيٰ هئي ته انگريز سرڪار سان ڪنهن به ڪم ۾ تعاون ۽ شرڪت نه ڪئي وڃي: سرڪاري ملازم انگريز جي ملازمت ڇڏي ڏين، مسلمان فوجي فوج مان نڪري اچن، ڍلون ڏيندڙ ڍلن ڏيڻ کان انڪار ڪن، لقبن ۽ خطابن وارا انگريز وٽان مليل اعزاز موٽائي ڦٽا ڪن، وغيره.

ٿورن ڏينهن ۾ هجرت جي تحريڪ شروع ٿي، جنهن جي معنيٰ هئي ته انگريزن جي حڪومت هوندي هندستان ”دارالحرب“ بڻجي چڪو آهي، تنهنڪري مسلمان پنهنجي وطن مان هجرت ڪري وڃي افغانستان ۾ رهن، ۽ اتان فوج ٺاهي اچي انگريزن سان جنگ جوٽين. مولانا عبيدالله سنڌي اڳ ۾ ئي، مخفي طرح، پيرين پنڌ هلي، ٽڪر ٽاڪي ۽ جبل جهيلي، وڃي افغانستان پهتو هو. امان الله خان تازو افغانستان جي تخت تي ويٺو هو. سندس دل ۾ به انگريزن خلاف تاءُ هو. هن پنهنجي ملڪ تان انگريزن جو تسلط ختم ڪرڻ ٿي گهريو، جنهن لاءِ انگريز اڃا تيار ڪين هئا.

ان پس منظر کي سامهون رکي، مولانا امروٽي صاحب سنڌ ۽ هند جي مسلمانن کي اپيل ڪئي ته هو هجرت ڪن، ۽ هجرت جي تنظيم جو ڪم پير سائين تراب علي شاهه مرحوم جي حوالي ڪيائين. هندستان مان ته ڪي ڳاڻوان ماڻهو ويا، پر سنڌ مان هزارين ماڻهو، گهر ٻار، زمينون ۽ جائدادون وڪڻي، قافلا ٺاهي، افغانستان روانا ٿي ويا. پروگرام اهو هو ته ڪافي تعداد ۾ مهاجرن جي نڪري وڃڻ بعد، پوئين قافلي سان خود مولانا صاحب ۽ پير تراب علي شاهه پاڻ به روانا ٿي ويندا. پر ان وچ ۾ افغانستان ۽ انگريزن جي وچ ۾ سرحد تي باقاعدي جنگ شروع ٿي ويئي. انگريزن، افغانستان جي آزادي تسليم ڪري، تڪڙ تڪڙ ۾ امان الله سان صلح ڪري ورتو. صلح جو هڪ شرط اهو به هو ته هندستان مان آيل مهاجرن کي پناهه نه ڏني ويندي. چنانچ، امان الله ۽ انگريزن جي صلح ٿيڻ بعد، پٺاڻن سنڌي مهاجرن سان هڪدم سخت بدسلوڪي شروع ڪري ڏني. اصلوڪا واعدا پاڙين سو ته ٺهيو، پاڻ مهاجرن جيڪي ٽپڙ پاڻ سان آندا هئا، سي به کانئن کسي ورتائون. آخر دربدر ۽ خاڪ بسر ٿي، مهاجرن کي واپس وطن ورڻو پيو. مولانا جو پنهنجو قافلو روانو ٿئي، ان کان اڳ ۾ ئي هجرت جي تحريڪ ختم ٿي ويئي.

مولانا امروٽيءَ کي پٺاڻن جي ان روش ڪري ڏاڍو صدمو پهتو. ان ڏينهن کان پوءِ گهڻو وقت زندهه ڪونه رهيو. الله تعاليٰ سندن روح مبارڪ تي رحمت ڪري!

حضرت مولانا عبدالغفور همايوني رحمة الله عليہ

حضرت مولانا امروٽيءَ جو همعصر، وڏو عالم، پير طريقت ۽ شاعر هو، پر سياست کان مولانا عبدالغفور همايوني هميشه متنفر ۽ ڪناره ڪش رهيو.

سندن ”خدمت خلق“ جو طريقو ٻيو هو - شرع شريف جي خدمت، درس تدريس، فقہ جي تشريح، ۽ پيري مريدي. پنهنجي زماني اندر وڏو فقيہ تسليم ڪيو ويندو هو، ۽ سندس ڪتاب ”فتاوا همايوني“ کي اڄ تائين مستند سمجهيو پيو وڃي. مولانا محمد صادق راڻيپوريءَ مون کي ٻڌايو ته پاڻ تبرڪاً مولانا همايونيءَ کان هڪ سبق ورتو هئائون. سندس مشاهدي موجب، مولانا ”اهل الله“ هو.

منهنجن اوائلي ڏينهن ۾ پاڻ حيات هو، پر آءٌ سندن خدمت ۾ ڪڏهن به حاضر ٿي نه سگهيس. البت سندن شعر، خاص طرح ڪافين جو ڏاڍو شهرو هوندو هو. هيٺين ڪافين جي ته ڌُم لڳي پئي هوندي هئي، جهنگ جر ۾، ننڍي وڏي جي وات تي هونديون هيون -

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،
زندان هزارين، مان نه رڳو.

 

تنهنجي جلوي جمال جي عشوه گري،
ٿيا ملڪ مطيع وسيع وري،
ڇا جن و ملائڪ حور پري،
دربان هزارين، مان نه رڳو.

 

ڪيئي گهائل تنهنجي گهُور سندا،
مخمور غفور سرور سندا،
تنهنجي نُور حضور ظهور سندا،
نگران هزارين، مان نه رڳو.

 

ڪئين ابرو تيغ شهيد ڪيا،
ڪئين ناز مزيد مريد ڪيا،
ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا،
سلطان هزارين، مان نه رڳو.

 

اي ماه لقا، محبوب مٺا،
تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،
ٿيا دامنگير امير و گدا،
حيران هزارين، مان نه رڳو.

 

اي دلبر پيارا، نورِ نظر،
مسرور عالم ”مفتون“ سَيَر،
ٿيا تارا، توتان، شمس و قمر،
قربان هزارين مان نه رڳو.

سندن ٻي ڪافي جا عوام ۾ سخت مقبول هوندي هئي، سا هئي:

هو ٿا چُوڻ جڳن، منهنجا نيڻ سِڪن!

سندن تخلص هوندا هئا ”مفتون“ ۽ ”غفور“. سندن ڪلام ديوان جي صورت ۾ شايع ٿيل آهي. ڪتاب جو نالو آهي ”ديوان مفتون“.

ولادت 1845ع/1261 هه جي هونِ، ۽ انتقال 1918ع/1336هه.

اولاد ڪونه هون، انهيءَ ئي ڏک ۾ مٿين ڄاڻايل پوئين ڪافي چئي هئائون. تصوير مطابق، سندن چهرو گول، سُونهاري مبارڪ چاپوين ۽ سفيد، مٿي تي ٻروچڪي نموني جي وڏي سفيد دستار هوندي هئي.

ڪي وقتي عملدار

سکر ضلعو پهريائين شڪارپور ضلعي جو هڪ حصو هو. 1901ع ڌاري، شڪارپور ضلعي کي ختم ڪري، منجهانئس ٻه ضلعا ٺاهيائون، يعني سکر ۽ لاڙڪاڻو.

سکر جي ڪليڪٽرن جو ٻاٻو آدم ڪرنل ميهو هوندو هو، جنهن سڀ کان پهرين سکر کي ٺاهي ۽ سينگاري، موجوده صورت وٺرائي. اسان جي زماني کان گهڻو اڳ ميهو جو دور ختم ٿي چڪو هو، پر سندس ڪهاڻيون اڪثر ماڻهن کي ياد هيون ۽ مان ٻڌندو رهيس. چوندا هئا، وڏو انصاف پسند انگريز هو. ويس بدلائي، رات ڏينهن پيو هلندو هو، ڪڏهن پنڌ ۽ ڪڏهن وهٽ تي. کيس سخت اونو هو ته غريبن جي حالتن کان واقف رهي، ۽ سندن ڏک سک ۾ شريڪ ٿئي. گهڻو ڪري ڌنارن ۽ مال چاريندڙ ٻارن کان حال احوال وٺندو هو، ڇو ته سندن خيال هو ته اهي معصوم آهن، جا حقيقت ٻڌائيندا سا صحيح هوندي.

مون سکر جو پهريون ڪليڪٽر پنهنجن اکين سان ڏٺو، سو هو مائسي صاحب (E.L. Moysey). پنهنجي ڏاڏي مرحوم سان گڏجي وٽس ويو هوس. ٽَڪر واري بنگلي جي ڀر ۾، پنهنجي دفتر ۾ ويٺو هو. شريف انسان هو. استقبال لاءِ دروازي تائين آيو. وڏيءَ عزت جو سلوڪ ڪيائين. حال احوال پڇيائين. ڏاڏي مرحوم جو ڪم چيس، هڪدم ڪري ڏنائين. رخصت به ساڳيءَ طرح ڪيائين. آءٌ بلڪل ننڍڙو هوس. مون ۾ دلچسپي ورتائين. مٿي تي هٿ رکي پيار جا اکر چيائين.

ان کان پوءِ ٻيو انگريز جو مون سکر جي حلقي اندر ڏٺو، سو هو مانٽگمري، اسسٽنٽ ڪليڪٽر شڪارپور. سنهو، ڊگهو، ۽ ڏاڍو تند مزاج. گهڻي وقت تائين ته شادي ڪانه ڪيائين، ۽ جڏهن زال مليس ته ان کي به سخت ضابطي هيٺ رکيائين. ڪهڙي مجال ميم صاحبه کي، جو ڪنهن سان کلي ڳالهائي يا صاحب جي نظر کان پري ٿئي! هڪ دفعي مانٽگمري لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر مقرر ٿي آيو. اسين کيس ۽ سندس ميم صاحبه کي شڪارپور جي دعوت ڏيئي پنهنجي ڳوٺ وٺي آياسين. سارو عرصو ويچاريءَ عورت جو ساهه سُڪو پيو هو. اهو انگريز ٿور - ڳالهائو ۽ فيصلي جو تيز ۽ سخت هو. جنهن لاءِ خراب رايو ٿيس، بنهه ويجهو اچڻ نه ڏيندس. ڪنهن ڪوڙ ڳالهايس ته ٻوٿ پٽي ڇڏيندس. جو شخص ڪمشنر يا ڪليڪٽر جو درٻاري(1) نه هوندو، تنهن کي ڪرسيءَ تي هرگز ويهڻ نه ڏيندو، پوءِ پنهنجي جاءِ تي اهو شخص ڪيڏو به معزز ڇو نه هجي. اُڀي پيرين بيهي، حقيقت ”عرض“ ڪرڻي پونديس. ان زماني کان ٿورو اڳ ته ملاقاتين سان پاڻ وڌيڪ بيعزتيءَ جو سلوڪ ٿيندو هو. مثلاً، بيڪر صاحب نالي هڪ ڪليڪٽر هوندو هو، ان وٽ ڪنهن به ملاقاتيءَ کي جُتي پير ۾ پائي اندر اچڻ جي اجازت نه هوندي هئي. ملاقاتين کي پٽيوالا ٻانهن کان وٺي اندر پيش ڪندا هئا، ۽ دروازي کان ٻاهر جُتي لهرائي ڇڏيندا هئن.

اومني صاحب، پوليس کاتي جو وڏو ناميارو آفيسر هو. پهرين سکر جو پوليس سپريڊنٽ هو، ۽ پوءِ ٻين ضلعن مان ٿيندو، وڃي ساريءَ سنڌ جو ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل بڻيو هو. ڊگهو مڙس، رعبدار وڏيون مُڇون، نراڙ ۾ هميشه گهنڊ، ڪرڙيءَ نظر سان ڪنهن ڏانهن ڏٺائين ته ماڻهوءَ جا حواس گم ٿي ويندا. سندس ميم وري اوتريقدر ئي نرم مزاج هئي. جنهن تي صاحب ڏمربو، هيءَ مائي ان کي پرچائڻ ۽ دلاسي ڏيڻ جي پئي ڪوشش ڪندي. زال - مڙس جي زندگي هڪٻئي کان سواءِ نامڪمل هئي. مڙس تندخو، ته مائيءَ جو سڀاءُ مٺو. صاحب جوش ۾، ته ميم هوش ۾. صاحب باهه ٻاريندو ته مائي باهه تي پاڻي پيئي ڇڻڪاريندي. انهيءَ طرح ئي، متوازن زندگي ۽ فضا پيدا ڪري سگهيا هئا.

انهيءَ ساريءَ تند مزاجيءَ جي باوجود، اومني جنهن جو دوست ٿيو، تنهن شخص جو ڄڻ پارس پاهڻ سان پاسو لڳو. چوندس ڪجهه به نه، ٻڌائيندس رتي به ڪانه، واعدي يا دلاسي جو ته سوال ئي ڪونه هوندو، پر پرپٺ، ۽ مخفي ريت، ان شخص کي اُڀارڻ، بلڪ آسمان تائين پهچائڻ جون ڪوششون هر وقت جاري رکيو ايندو. شڪار جو ڏاڍو شوق هوس. ان سلسلي ۾ جنهن به مسڪين کان مسڪين ماڻهوءَ سان واهپو ٿيس، پڇاڙيءَ تائين ان کي ڪونه وساريندو. پوليس ۾ نوڪري ڏيندس، پنهنجي هڙان پئسا پهچائيندس، پر ڪنهن به حالت ۾ حاجتمند ٿيڻ نه ڏيندس. پاڻ رٽائر ڪري هميشه لاءِ ولايت هليو ويو، پر اتان به انهن غريب سنگتين سان چٺيءَ چپاٽيءَ ذريعي تعلق قائم رکيو آيو.

سندس بنسبت مشهور هو ته سواليءَ جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ جيڪڏهن مڇ تي هٿ رکيائين ته سمجهبو ته ڪم ٿي ويو. جنهن ضلعي ۾ هوندو، مجال آهي جو ڪو ڏوهه ٿي وڃي. ڏوهاري نه لڌو ته حد جو پوليس آفيسر ڪاٽا ٿي ويندو. چونڊي، چڪاسي، معتمد عملدار رکندو، ۽ ان کان پوءِ هر طرح سندن پٺڀرائي ڪندو رهندو. ڪير جو انهن تي پڪار ڪري يا انهن جو نالو وٺي سگهي! حافظ سليمان، ساجنسنگهه، ديوان چمنداس، عبدالستار، سندس معتمد پوليس عملدار هوندا هئا. پنهنجي ڪم ۾ ڏاڍا برجستا ۽ تِکَڙ هئا. ڌاڙي، ڦر، چوريءَ يا خون جي جانچ ۾ چڙهي پيا ته پڙلئي ڪري ڇڏيندا. سڄي علائقي جي ماڻهن کي ڪنبڻي وٺي ويندي. وڏا اٽالا پوليس عملو، زميندارن ۽ پيراڍن جا پاڻ ساڻ وٺي ٻاهر نڪرندا. جنهن ڳوٺ ۾ وڃي منزل ڪيائون، ٿرٿلو مچي ويندو. نه ڪو ڪڪڙ زنده رهندو، نه ڇيلو، نه ڪنهن جي گُنديءَ ۾ ڪو داڻو بچندو، نه چاڏيءَ ۾ چانورن جي ٻُڪي. مکڻ جا ماٽا ۽ کير جا مَٽ اچي ويندا. مارڪٽ جو سلسلو ان اپرانڌ. پاڙي پنبي جا سمورا مشڪوڪ ماڻهو آڻي گڏ ڪندا. ڪنهن ماڻهوءَ ۾ خاص شڪ لاءِ سبب هوندو، ته ان جون عورتون به گهرن مان سڏجي اچي موجود ٿينديون. جانچ جو پهريون دور ڏاڙهيءَ پَٽ سان شروع ٿيندو. بي تحاشا ڏاڙهين جي چَڳن جون چَڳون پٽي فضا ۾ اڏائيندا رهندا. ان کان پوءِ به ڪنهن ڏوهه نه باسيو ته اونڌو ڪري ٽنگيندس، اوجاڳو ڏيندس، هٿن پيرن جون تريون ڪُٽيندس، برف وجهندس، وغيره وغيره.

ٻيو دور اڃا ان کان به وڌيڪ ظالماڻو هوندو هو. عورتن کي ڀرئي مجمعي اڳيان اگهاڙو ڪيو ويندو. اگهاڙي ڪرڻ کان اڳ، ڪجهه وقت لاءِ، سندن سٿڻن ۾ جيئريون ٻليون وجهي ڇڏيندا. ڪڏهن ڪڏهن ته ان کان به وڌيڪ بيحرمتيون ڪيون وينديون، جن جي بيان جي قلم اجازت نٿو ڏئي.

ان ساري ”ڪارخير“ ۾ پاڙي جا وڏيرا پوليس جا ٻانهن - ٻيلي ٿي بيٺا هوندا.

پوليس جي انهن سخت ڪارروائين ڪري، انهن ڏينهن ۾ وڏا ڏوهه ڪي ورلي ٿيندا هئا. ڌاڙو لڳو يا خون ٿيو ته سوين ميلن تائين سنسني ڦهلجي ويندي.

اومني صاحب برجستن زيردستن جي وڏي سرپرستي ڪندو هو. سندن خلاف پڪار ٿيندي ته بنهه ڪونه ٻڌندو - پاڻ انعام اڪرام ۽ اضافا ڏيندو رهندن. جا شي کيس کپندي هئي، سا اِها ته زيردست ساڻس سچ ڳالهائي، ۽ پنهنجي حد اندر ڪنهن به قسم جو ڏوهه ٿيڻ نه ڏئي.

آٽو راٿفيلڊ (Otto Rothfield) پڻ منهنجيءَ سانڀر واري زماني ۾ سکر جو ڪليڪٽر هو. ان صاحب وڏا ڪتاب لکيا آهن، مثلاً ”هندستان جون عورتون“ (Women of India).

ڪليڪٽريءَ جي زماني ۾، خاندانن ۽ شريفزادن کي ڏاڍو همٿائيندو هو. عالم قسم جو انگريز هو. تحقيق جو خاص شوق هوس. مقامي ريتين رسمن جي کوجنا ڪندو وتندو هو. ڪابه نياري يا دلچسپ شي ڏٺائين ته ان جي ماهيت معلوم ڪرڻ لاءِ، سرڪاري ڪم بند ڪري، گوڏو کوڙي ويهي رهندو هو. گول ٿلهو منهن، ۽ قد ڊگهو هوس. مون کيس ڪيترا ڀيرا ڏٺو.

عالم ۽ محقق قسم جي انگريزن مان جو ٻيو صاحب سکر جو ڪليڪٽر ٿي آيو، سو هو ڊاڪٽر سارلي صاحب(1) ، جنهن شاهه عبداللطيف عليہ الرحمة تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب(1) لکيو آهي. جن ڏينهن ۾ سکر جو ڪليڪٽر هو، اسان ڪونه ٿي سمجهيو ته ڪو هو ايڏي پايي جو عالم آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته سکر وارن ڏينهن ۾ به هو پيو شاهه عبداللطيف متعلق خاموشيءَ سان تحقيق ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾ محض منتظم پيو نظر ايندو هو. ضلعي جو وڏيرو ڪيتريقدر به ڇو نه سندس دوست هجي، پر جي ڪو غلط ڪم ڪيائين ته هرگز معاف نه ڪندس.

سارلي ٻيو دفعو، تازو پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ، بورڊ آف روينيو جو ميمبر بڻجي ڪراچيءَ آيو. مون هڪ دفعي سندس تقرير ”سنڌي زبان جي خصوصيتن“ تي ٻڌي. سندس تحقيق ۽ نتيجن جي ڳوڙهائي ڏسي حيرت وٺي ويئي. سندس راءِ هئي ته دنيا جي ڪابه ٻولي، ۽ ڪنهن به ٻوليءَ جو ڪو به اُچار، اهڙو ڪونه آهي، جو سنڌي رسم الخط ۾، سندس اصلي صورت ۾ قلمبند نه ٿي سگهي.

مون پنهنجي سنڌ جي روينيو منسٽريءَ جي زماني ۾ کيس آڇ ڪئي ته ”سنڌ جي گزيٽيئر“ تي نظر ڪري، نئون ايڊيشن لکي ڏئي، پر اڃا لکپڙهه هلي ئي ٿي، ته آءٌ مرڪزي حڪومت پاڪستان ۾ وزير ٿي ويس، ۽ اها تحريڪ اُتي ئي ختم ٿي ويئي.

سارلي قد جو ڊگهو ۽ بُت ۾ سنهو نه ٿلهو، وچٿرو هو. عالم هو، تنهنڪري گهٽ ڳالهائيندو هو. سڄو وقت سوچ ۾ غرق رهندو هو.

جن ڏينهن ۾ آءٌ ”سنڌ زميندار“ جو ايڊيٽر هوس، سکر جو ڪليڪٽر، مسٽر هوڊ نالي هڪ انگريز هوندو هو. هندن ۽ مسلمانن جا جهيڙا شروع  ٿي چڪا هئا. انهن جهيڙن ۾ ڪن هندو عملدارن پنهنجي قوم جي کُلي کُلائي طرفداري ٿي ڪئي.

هندو عملدارن مان هڪ صاحب هو ايڇ.ايم.پٽيل، آءِ.سي.ايس.، اسسٽنٽ ڪليڪٽر، سکر - شڪارپور ڊويزن. اهو صاحب پوءِ هندستان جي گورنمينٽ جو ڊفينس سيڪريٽري ۽ ڪئبنيٽ جو سيڪريٽري جنرل وڃي بڻيو. سکر وارن ڏينهن ۾ اڃا سندس ابتدائي زمانو هو. آءِ.سي.ايس. پاس ڪري، تازو اسسٽنٽ ڪليڪٽر مقرر ٿي آيو هو. اصل وطن گجرات هوس، ۽ ان لحاظ سان سردار ولڀ ڀائي پٽيل، هندستان جي وڏي ڪانگريسي ليڊر ۽ آزاد هندستان جي ڊپٽي پرائم منسٽر، جو هموطني ۽ گهڻيءَ حد تائين سندس همخيال هو.

باگڙجيءَ جي ڀر ۾ بيچانجي نالي هڪ ڳوٺ هو. اتان جا بنيادي زميندار پٺاڻ هوندا هئا. منجهانئن هڪ شخص علي احمد خان، وڏو بهادر شخص هو. ڳوٺ جا هندو کانئس سخت خائف هوندا هئا، ۽ ڪوشش ڪندا ٿي رهيا ته ڪنهن طرح کيس باهڙائي، حڪومت هٿان برباد ڪرائي ڇڏين. پٽيل صاحب به سندس ڪڍ ڪاهي پيو. بدمعاشيءَ جي قلم هيٺ گرفتار ڪيائينس. ان کان سواءِ به ڪيتريون ڪارروايون هندن جي پڪارن تي، سندس خلاف چالو ڪري ڏنائين. آءٌ بحيثيت ايڊيٽر ”سنڌ زميندار“، علي احمد جو مددگار هوس. اسان محسوس ڪيو ته پٽيل سان سڌي مقابلي ڪرڻ کان سواءِ پٺاڻن جو بچڻ محال آهي. هڪ دفعي پٽيل پاڻ بيچانجيءَ ويو. اتي علي احمد جي سؤٽ، بچل خان پٺاڻ سان تکو پيو. ڪجهه گهٽ وڌ به ڳالهايائينس، ۽ بچل خان جي چوڻ موجب، کيس ڪجهه جسماني ايذاءُ به پهچايائين. بچل خان اچي مون ساڻ احوال ڪيو. ميان عبدالرحيم کرل (جو صاحب بعد ۾ خيرپور جي هاءِ ڪورٽ جو چيف جج ۽ ويسٽ پاڪستان هاءِ ڪورٽ جو جسٽس بڻيو) کي وڪيل ڪري، اسان بچل خان کان، پٽيل جي خلاف، مسٽر هوڊ ڪليڪٽر وٽ مارڪٽ ۽ گارگند جو سڌو فوجداري فرياد داخل ڪرايو. فرياد داخل ٿيڻ کان اڳ اسان ائين پئي سمجهيو ته هوڊ پنهنجي آءِ.سي.ايس. اسسٽنٽ ڪليڪٽر خلاف هڪ رعيتي غريب ماڻهوءَ جي دانهن ڪانه ٻڌندو، چجائيڪ اهڙي دانهن ٻڌي مٿس ڪو فوجداري مقدمو به چالو ڪري ڇڏي.

پر هوڊ صاحب ڪيو ڇا؟ خاموشيءَ سان عبدالرحيم کان فرياد جي درخواست وٺي، غور سان پڙهيائين. فريادي بچل خان جو زباني اظهار وٺي، فرياد رڪارڊ تي رکيائين، ۽ حڪم ڪيائين ته جوابدار پٽيل، سندس عدالت اڳيان، جواب ڏيڻ لاءِ روبرو اچي سندس اوٻاوڙي جي منزل تي حاضر ٿئي! ڪانوَ گهنڊيرا ٿي ويا. پٽيل ڊوڙي وڃي هوڊ سان ملاقات ڪئي، ۽ چيائينس ته فرياد وٺڻ سان تو ڊويزن اندر منهنجي رعب ۽ انتظام جي وقار کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، ان ڳالهه جو خراب اثر خود حڪومت جي ڪاروبار تي پوڻو آهي، وغيره وغيره. هوڊ صاحب جواب ڏنس ته “هي فوجداري ڪيس ۽ انصاف جو معاملو آهي. ان باري ۾ آءٌ خانگي ليول تي توسان ڪا به گفتگو ڪانه ڪندس. مقرر تاريخ تي، کليل ڪورٽ ۾ حاضر ٿي اچي پنهنجو طرف پيش ڪج.“ ائين چئي پٽيل کي روانو ڪري ڇڏيائين.

پٽيل جو حوصلو پوءِ هارجي ويو. خانگي طرح، بچل خان کي سندس عزيزن کان ”چو چوائت“ ڪرائي، ساڻس رضانامو ڪيائين. بچل خان فرياد ڪڍرائي ورتو. هوڊ صاحب سمجهي ويو ته فرياد ڇو نڪتو! بمبئي سرڪار کي لکي، پٽيل کي سکر مان بدلي ڪرائي ڇڏيائين. ان کان پوءِ پٽيل کي گهڻو ڪري ڊويزن يا ضلعي جي چارج ڪانه ڏنائون.

اهو هو اُن زماني جي انگريزن جو انصاف!

پوين ڏينهن ۾ انگريز ڪليڪٽرن جو تعداد گهٽجڻ شروع ٿيو. ٽن ديسي ڪليڪٽرن، جي هڪٻئي پٺيان سکر ۾ آيا، جِي ياد منهنجي دماغ ۾ اڃا تازي آهي.

مسٽر يو.ايم.ميرچنداڻي، آءِ.سي.ايس.، حيدرآباد جو عامل هو. ايماندار، منتظم، ۽ پنهنجي ڪم ۾ ڏاڍو هوشيار. هر ڪنهن کي اک ۾ رکندو، کيچل ڪنهن سان نه ڪندو. هندن سان ڀل همدردي هجيس، پر دل انهن جي به هروڀرو وڌڻ ڪانه ڏيندو. هندو جماعتن ۽ شيوا - منڊلين جي ڪم ۾ خاص دلچسپي وٺندو هو. جتي به موقعو ملندس، پنهجيءَ قوم جي پيڙهه پُختي ڪرڻ جي پيو ڪوشش ڪندو، پر بغير وڏيءَ نمائش جي.

خانگي زندگي صاف شفاف هيس. ساري عمر شادي نه ڪيائين، جو خوف هوس ته سندس زال مبادا سندس ماتا سان سٺو سلوڪ نه ڪري. پنهنجيءَ ماتا جي تقريباً پوڄا ڪندو هو. سندس اعتقاد هو ته انسان ”امڙ جي آسيس“ سان ئي دنيا ۽ آخرت سنواري سگهي ٿو. ٿوري عرصي لاءِ سنڌ جو روينيو ڪمشنر به بڻيو.

مسلمان ڪليڪٽرن مان شيخ يعقوب پهريون صاحب هو، جو سکر ضلعي ۾ ڪليڪٽر مقرر ٿي آيو. وڏو تجربيڪار ۽ موقعي شناس هو. زماني سيکاريو هوس ته انسان لاءِ ”اول خويش بعد ۾ درويش“ وارو اصول ئي ٺيڪ آهي. ڪليڪٽر هو، تنهنڪري قومي وابستگين کان گهڻو بالا ٿي چڪو هو.  مسلمانن سان اهڙي ڪشمڪش جي زماني ۾ همدردي ڪري ها ته سندس نيڪنامي کي نقصان پهچڻ جو انديشو هو. پنهنجو جيءُ جنجال ۾ وجهي پنهنجي قوم جي خدمت ڪرڻ، مورڳو وقت ۽ دورانديشيءَ جي تقاضائن جي سراسر خلاف سمجهيو ٿي ويو. البت موقعو ملندو هوس ته هندو قوم تي ضرور ڪرم ڪري وٺندو- اقليت هئي، منظم هئي، سجاڳ هئي، مالدار هئي، زبان هيس، ۽ سياسي اقتدار حاصل هوس.

حضور جن جي حديث شريف آهي ”هڪٻئي وٽ اچو وڃو ته تحفا تحائف کڻي وڃو، ان ذريعي هڪٻئي ڏانهن محبت جو جذبو وڌي ٿو“. شيخ صاحب نمازي هو، ۽ نيڪ بخت. ان حديث مبارڪ ۾ پورو وشواش هوس. سندس دشمن بڪواس ڪندا رهندا هئا ته جيڪڏهن ڪو حاجتمند وٽس ”ناس جو شيشو“ به بطور تحفي جي کڻي وڃي ٿو، ته هي فقير منش بزرگ ان تحفي کي به، بطيب خاطر، قبول فرمائي ٿو. ايترو مون پاڻ به ڏٺو هو ته شيخ صاحب ناس ڪثرت سان استعمال ڪندو هو.

اڻوڻندڙ ۽ رُکن ملاقاتين کي نيڪال ڪرڻ لاءِ عجيب طريقو ايجاد ڪيو هئائين. ملاقاتي دروازي کان لنگهندو، ۽ هي صاحب  تقرير ۾ ڇٽڪي پوندو. تقرير سارو وقت جاري رهندي، ۽ ملاقاتيءَ کي هڪ اکر چوڻ جي به مهلت نه ڏيندو. تقرير پوري ئي نه ٿيندي، ته اوچتو اٿي بيهي ملاقاتيءَ کي رخصت ڪري ڇڏيندو. فرمائيندو، ”گهڻي گفتگو ڪري چڪا آهيون، وقت پورو ٿي ويو آهي، ٻيو ضروري ڪم ڪرڻو آهي، ڪنهن ٻئي موقعي تي وري ملنداسين ۽ وڌيڪ حال احوال ڪنداسين.“ ائين چئي، پاڻ پٺي ڏيئي بيهي رهندو، ۽ ملاقاتي مسڪين، جهڙو سو تهڙو، منهن ٻڌي، ٻاهر نڪتو ويندو، دل جي رٿيل دل ۾ ئي رهجي وينديس.

الله تعاليٰ بخشيس! شيخ صاحب رنگ جو به سانورو هو.

شيخ يعقوب، يو.ايم. مير چنداڻيءَ ۽ سردار بهادر قيصر خان کي گڏي، معجون مرڪب بڻائيندا ته ان تي نالو ”ڪوٺاوالا“ رکڻو پوندو. ڪوٺاوالا صاحب بمبئيءَ جو پارسي هو. ٻه دفعا سکر جو ڪليڪٽر بڻجي آيو. هر چرندڙ پرندڙ انسان جي نڪ ۾ نوڙي ۽ ناڪيلي وجهيو ويٺو هوندو. البت نوڙين ۽ ناڪيلين جا رنگ ۽ وزن سو ضرور جدا جدا هوندا. وڏو وزير هوندو ته ان لاءِ ريشمي ۽ رنگدار نوڙي هوندي: استقبال، آڌرڀاءُ، ائڊريس، ائٽ هوم، ڊنرون، ميونسپل رستن ۽ باغن تي نالا، بندوق جي هڪ ليسن لاءِ سفارش ٿيندي ته هڪ ڊزن ليسن تيار ٿي ويندا، ۽ ليسن جي في به هڙان پياري ويندي - غرض ته ڪهڙي مجال هوندي ڪنهن وڏي وزير کي جو نوڙي ڇنائي، صحيح سلامت وڃي گهر ۾ پهچي! خواب ۾ پيو ”ڪوٺاوالا، ڪوٺاوالا“ ڪندو.

پير الاهي بخش صاحب، بطور تعليمي وزير جي، بالغن کي تعليم ڏيارڻ جي مهم جاري فرمائي. پير صاحب اوستائين مستقل وزير سمجهيو ويندو هو. انهن ڏينهن تائين سنڌ ۾ اڻڳڻت دفعا وزارتون ڦري چڪيون هيون، مگر اتفاقاً پير صاحب هر وزارت ۾ موجود هوندو هو. ڪوٺاوالا صاحب کي خيال ٿيو ته اهڙي لازوال وزير جو يادگار به لازوال ئي قائم ٿيڻ گهرجي. هڪدم چندي جي فراهميءَ لاءِ زيردست عملدارن کي هدايتون ڏنائين. ضلعي جا وڏيرا، ڪوٺاوالا صاحب جي حڪم پهچندي، ائين ڇڻي پيا جيئن چيٽ ۾ پڪل ٻير جو وڻ. ٿورن ئي ڏينهن ۾ ”پير الاهي بخش لٽريسي ٽاور“ ٺهي تيار ٿيو. ولايت مان هڪ وڏو گهڙيال گهرائي، اهو به ٽاور جي چوٽيءَ تي لڳايو ويو. پر ٽاور ٺهڻ کان پوءِ، ٽاور جي چوطرف جيڪي پٿرن ڪڍڻ لاءِ کڏون کوٽايل هيون سي پورجن، تنهن کان اڳ ۾ ئي خود ڪوٺاوالا صاحب بدلي ٿي ويو. اتفاقاً، تفريح جا ڪي طالب، رات وڳڙي ۾ ٽاور جو ديدار ڪندي، وڃي انهن کڏن ۾ ڪريا ۽ ٽنگون ٻانهون ڀڄي پين. وٺي ڪيائون ديواني دعوائون ته کين هرجانو ڀري ڏنو وڃي! ڪيترن سالن تائين ته اهي دعوائون هلنديون ٿي رهيون. پير الاهي بخش صاحب پاڻ وزارت تان لهي ويو ته ٽاور جو گهڙيال به بيهجي ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪي شاهينگ مورڳو گهڙيال جا آنڊا گجيون ئي ڪڍي هليا ويا. پوئين دفعي جڏهن مون اهو ٽاور ڏٺو، ته معلوم ائين ٿيو ته چؤطرف واري ايراضي تفريح لاءِ نه، پر غير تفريحي مقصدن لاءِ پئي استعمال ٿئي، تنهنڪري ٽاور جي ڀر ۾ بيهي ڪنهن جي ياد ۾ چئن ڳوڙهن ڳاڙڻ جي به مجال ڪانه ٿي ٿِي سگهي.

منزلگاهه مسجد واري ستياگرهه پڻ ڪوٺاوالا جي ڪليڪٽريءَ واري زماني ۾ ٿي. ابتدا ۾ وقت جي وزير، خانبهادر الله بخش مرحوم، کي يقين ڏياريو هئائين ته اها تحريڪ ڪامياب نه ٿيندي، مقامي مسلمان قومي ورڪرن سان اڳ ۾ ئي سندس ڳالهيون وغيره طئه ٿي چڪيون آهن، ان هوندي به ڪو ٻاهريون جٿو وچ ۾ ٽپي پيو، ته جيل اندر وڌيڪ ٽن سوَن قيدين کي باند ڪرڻ لاءِ جاءِ جو خاطر خواهه بندوبست رکيل آهي. خانبهادر مرحوم، ڪوٺاوالا کي سندس اهڙي ڦڙتائيءَ تي کيرون ڏنيون، ۽ مسلم ليگ سان ٺاهه ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. جڏهن ستياگرهه شروع ٿي ته ڪوٺاوالا صاحب مسلم ليگ سان به ڪونه ڦٽايو. صبح جو سرڪاري ڊيوٽيءَ تي هوندو هو، ته شام جو مسلم ليگ ستياگرهين سان به پيو ملندو هو ۽ کين دوستانه مشورن سان مستفيد ڪندو هو. آخر نوبت وڃي خونريزيءَ ۽ فساد تي پهتي. الله بخش جي وزارت ختم ٿي ويئي، ان جي جاءِ تي قائم ٿي مسلم ليگ جي وزارت. ڪوٺاوالا جو وجود مسلم ليگ گورنمينٽ لاءِ به اوتريقدر ئي مفيد ثابت ٿيو، جيتريقدر اڳئينءَ الله بخش وزارت لاءِ.


(1) هيءُ احوال مولانا جي انتقال کان اڳ لکيو ويو هو.

(1)  سنڌ جدا ٿيڻ کان پوءِ جي. ايم. سيد ۽ اسان سخت ڪوشش ڪري درٻارين ۽ ڪرسين جو اهو سرشتو بند ڪرائي ڇڏيو.

(1)  H.T. Sorley.

(1)  “Shah Abdul Latif of Bhit”

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org