سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

باب: --

صفحو :2

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

(4، آڪٽوبر 1919ع_ 11، جنوري 1993ع)

 

قبله مخدوم محمد زمان صاحب، متخلص به ”طالب الموليٰ“ خلف الرشيد مرحوم مخدوم غلام محمد صاحب عرف گلڻ ڄام، غوث الحق مخدوم نوح سرور جي نو لکي گودڙيءَ جا سترهون نمبر وارث آهن.

 

تولد:

9 - محرم الحرام 1338هه مطابق 26 - سپٽمبر 1919ع، (1) جي نيڪ شگون ڏينهن منجهند بعد طالب الموليٰ سائين هن عالم ناسوت ۾ نواسي ٿيا. سندن عموي صاحب مرحوم مخدوم مولوي غلام حيدر جن اذان ڏئي نالو ”محمد زمان“ رکيو جو سندن جد امجد مخدوم ظهير الدين عرف سائين پرو ڄام جي وڏي ڀاءُ مخدوم محمد زمان صاحب جو خاص اسم گرامي هو. سائين پرو ڄام پنهنجي برادر اڪبر جي ڪنيت ”پيرل سائين“ جي پٺيان طالب الموليٰ سائين کي سڏيندا هئا. ”دائي ڌني“ جنهن ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان سندن خدمت ڪئي، تنهن کين ”مشتاق علي“ سڏڻ شروع ڪيو. مگر سندن اندر خواه ٻاهر جا اعزاو اقربا کين ”پيرل“ جي پياري نالي سان ياد ڪندا هئا. جيئن مخدوم غلام محي الدين صاحب (2) عرف مخدوم محمد امير متخلص به ”ميرل“ بن مرحوم مخدوم نبي عرف پنيلڌو صاحب (3) جي هيٺئين ڪلام مان معلوم ٿيندو:

 

 

ٿل:    آهه   پيار   مٿي    پيرل   مهدي    امام   جو،

هٿڙو مٿس هميشه رکيئين صبح شام جو.

 

فائض فقير پير ڪيو پاڪ پنجتن،

پياريئونس پيالو پر ڪري ڪوثر جي جام جو.

 

سجعون:

سندن سجعون ته گهڻيون آهن مگر مرحرم سيندي خان صيد (4) جي عقيدت جا گل پيش ڪجن ٿا:

(1)

شاه هفت اقليم شد چون شمس محمد زمان،

اين سخن از صيد برآمدز عشقت ناگهان.

(2)

پئي ديدنِ خود نهان شد عيان،

بنام_ صفاتي محمد زمان

 

سندن مهرتي هي سجع آهي: ”عنايت خدا با محمّد زمان.“

 

خاندان:

سندن خاندان جو مختصر تبصرو هت ڏجي ٿو ڇو ته اوهان صاحبن کي مفصل حقيقت ”سفينـة النوح“ مان واضح ٿيندي جو ڪتاب جلد صفحئه طباعت تي اچي رهيو آهي.

پاڻ خليفئه اول حضرت ابوبڪر صديق رضه جن جي اولاد بابرڪات مان آهن. هن ڪري پاڻ صديقي ۽ قريشي آهن. هت سنڌ ۾ سندن خاندان جي بزرگن مان غوث الحق مخدوم نوح سرور رح (ولادت 27 رمضان 911هه، وفات 27 ذي القعد 998هه) جو نام نامي ۽ اسم گرامي ڪنهن به بشر لاءِ محتاج تعارف نه آهي. پاڻ ڏهين صدي هجريءَ ۾ سهروردي طريقي جا ڪامل عامل، جيد عالم، شهرءِ آفاق صوفي ۽ روحانيت جا غوث ۽ قطب ٿي گذريا آهن. حضرت عبدالڪريم بلڙي واري، (5) سيد خيرالدين شاه بادشاه سکر واري (6) ۽ سيد عالي شاه ثاني شيرازي ٺٽي واري (7) جهڙا ڪامل ولي به سندن مريدن جي سلسلي جي هڪ ڪڙي هئا ۽ سروري حضور ۾ رهي روحاني فيض حاصل ڪيائون. هن زماني کان وٺي هن ڀلاري خاندان مان ڪيترائي اهل دل، اهل بصير ۽ اهل عرفان ٿي گذريا آهن جن علم و ادب، فقيري، تصوف ۽ روحانيت جي دائرن کي پنهنجي خداداد فيض ۽ فياضيءَ سان مالا مال ڪري ڇڏيو ۽ خدا جي خلق لاءِ فيض عام جاري رکيو. هي هڪ مسلم حقيقت آهي ته هن خاندان جو هر هڪ بزرگ پنهنجي وقت ۾ ڪنهن خاص توصيف جو صاحب هو مان هت تبرڪ خاطر طالب الموليٰ سائين جي قريبي بزرگن جو تذڪرو پيش خدمت ڪريان ٿو:

 

مخدوم امين محمد صاحب ثالث رح(8):

(1840_1886)

   مخدوم امين محمد صاحب ثالث عرف سائين پکن ڌڻي (ولادت 14_ رمضان 1256هه، وفات 26_ رمضان 1303هه) هي صاحب مخدوم محمد زمان صاحب رابح جا نور بصر هئا. عابد ۽ زاهد هڪڙائي هئا. رانڪ ٺاهي وڃي برپٽ ۾ ويٺا. سندن ڪلام هر ڪنهن ذوق واري جي زبان تي آهي، سندن ڪلام جو ڪتاب بعنوان ”ڪليات امين“ طالب الموليٰ سائين جو تاليف ٿيل سرڪاري سنڌي ادبي بورڊ طرفان اميد ته جلد شايع ٿيندو.

 

مخدوم ظهر الدين رح(9):

(1863_1927)

        مخدوم ظهير الدين عرف سائين پرو ڄام (ولادت 6-رجب 1281هه، وفات 6- رجب 1345هه) پاڻ سائين پکن ڌڻي رح جا لخت جگر هئا. مخدوم نوح رح کان 15 دستا مبارڪ سندن سر مبارڪ تي مزين هئي. سندن انتقال وقت طالب الموليٰ سائين جي عمر 7سال هئي. پاڻ صاحب شريعت هئا ۽ تعليم وترتيب جا ڏاڍا شيفته. ان ڪري پنهنجي سڀني عزيزن کي تعليم جي سهڻي زيور سان سينگاريائون.

 

مخدوم غلام محمد مغموم رح(10):

(1886_1944)

       مخدوم غلام محمد صاحب عرف سائين گلڻ ڄام (ولادت 1886ع_ وفات 1944ع مطابق 8جمادي الاول 1303هه_ ذي الحج 1363هه)(11) سائين پرو ڄام جا جليل فرزند هئا. سندن انتقال بعد يعني 6 - رجب 1345هه تي پاڻ سروري مسند تي 16 نمبر سجاده نشين ٿيا. ان وقت طالب الموليٰ سائين جي عمر 7سال هئي. ”ياد رفتگان“ ۾ طالب الموليٰ سائين جن ايئن رقمطراز آهن. ”هي بزرگ اعليٰ اخلاق ۽ با تهذيب انسان، صاحب دل فقير ۽ تارڪ الدنيا درويش، سخي مرد ۽ دشمن نواز شخص هو. اڌ کان گهڻي عمر فقيري ۽ گوشه نشينيءَ ۾ گذاريائون.“ (*) پاڻ جوانيءَ کان وٺي فقيري رنگ ۾ رهيا ۽ آخر عمر تائين تصوف ۽ سلوڪ ۾ زندگي بصر ڪيائون. پاڻ رياضت ۽ مجاهدي جا مشتاق هئا. گويا مولانا روم جي هيٺين بيتن جي تلقين سندن سيني ۾ لکيل هئي:

 

باهمه قربي که دارد با خدا،

از رياضت نيست يکدم او جدا.

 

مردن تو در رياضت زندگيست،

رنج اين تن روح را پابند گيست.

 

عمر ها گر او رضايت مي کند،

روز و شب را صرف_ طاعت مي کند.

 

اوائلي عمر پکن تي چله ڪشتي ۾ گذاريائون. اڃابه سندن پکا اتي قائم آهن. ”کرڙي مڪان“ (12) به ڳچ وقت سندن مجاهدن جو مرڪز رهيو. بنگلي مان ڇهن يا ستن مهينن بعد ٻاهر نڪرندا هئا. بعضي ته روزانه پکن شريفن تي ويندا هئا. پاڻ فارسي خواه عربيءَ جي ابتدائي تعليم جا مرحلا مولوي شفيع محمد صاحب مجاور درگاه سروري (13) وٽ طئي ڪيائون ۽ باقي تحصيل پير جهندي جي ڪوٽ، پير ميان رشيد الدين (14) جي وقت ۾ ڪيائون. مولانا عبيدالله رح(15) وٽ به مثنوي مولانا روم جو درس پڙهيا. پاڻ فرمائيندا هئا ته هڪ ڀيري مولانا صاحب جڏهن مثنوي جي هن سٽ:-

 

ملتِ عاشق زملتها جداست،

عاشقان را ملت و مذهب خداست.

 

        جي شرح ڪرڻ تي آيو ته حال و وجد جي عالم ۾ محو ٿي ويو ۽ ڪيترو وقت پئي تقرير ڪيائين. انگريزي تعليم 6_درجن تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ورتائون. پاڻ فقيريءَ ويس ۾ سنڌ جي سمورن درگاهن جو ديدار ڪيائون. صوم وصلواة جا بلڪل پابند هئا جو سياري جي پاري ۾ به ٿڌي پاڻيءَ سان وضو ڪري فرض خدا تعاليٰ ادا ڪندا هئا. پاڻ شاعر هئا ۽ سندن تخلص ”مغموم“ هو. ”غلام محمد“ خواه ”سرور علي“ نالا به ڪلامن ۾ ڪم آندا اٿس. سندن ڪلام سمورو حقيقي آهي. کين الله سائين ٽن نور نظرن سان نوازيو، پهريون لخت جگر طالب الموليٰ سائين کان ٽي سال اڳ بنام ميان محمد زمان محرم الحرام 1335هه(16) ۾ پيدا ٿيو، مگر ساڳئي ڏينهن انتقال ڪيائين. ٻيو نور چشم طالب الموليٰ سائين زيد عمر ۽ ٽيون نور بصر ميان امين محمد جو 4 ربيع الاول 1344هه (17) تولد ٿيو ۽ 14 ماه صفر 1347هه وصال ڪيو. محترم سليم هالائي مؤلف تذڪره شعراءِ هالا، سندن باري ۾ واه جو لکيو آهي ته ”هالن جو سجاده نشين آهي مگر عزلت گزين ۽ دنيا و مافيها جي ڪمن کان دور بقول:

ما مقيمان_ کوئي دلداريم،    رخ بدنيائي دون نمي آريم (*)

 

مولوي مخدوم غلام حيدررح (18):

(1899_1953)

مرحوم مخدوم مولوي غلام حيدر صاحب عرف محمد سعيد صاحب (ولادت 13 ذي الحج1316هه_ وفات 27 رمضان 1372هه) پاڻ به ”ظهيري گلستان“ جا هڪ شگفته گل هئا. جناب مخدوم مرحوم صاحب نه رڳو سياسي حلقن ۾ مشهور هئا پر تعليمي سرگرمي ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هئا. سنڌ جو پرڳڻو سندن مرهون منت آهي جو پاڻ گهڻي جانفشاني بعد مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول (19) هاسٽل (20)، ايجوڪيشن سوسائٽي هالا(21) ۽ سروري اسلاميه ڪاليج (22) جو بنياد رکيائون ۽ اجراءِ ڪيائون. جڏهن طالب الموليٰ سائين جن پنجن سالن کن جا هئا ته سندن زير ڪفالت آيا ۽ سندن والد صاحب جي انتقال تائين سندن ئي ڪفالت ۾ رهيا.

 

طالب الموليٰ سائين جي اوائلي اوسٿا:

 طالب الموليٰ سائين ڄمندي ڄام هئا. تولد ٿيڻ بعد دستوري طرح به روڄ راڙو ڪونه ڪيائون ۽ پنهنجي والده محترم ڏي رخ ڪيائون جو نيڪ فال سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ٿوري سانڀر آئي ته پاڻ پنهنجن عزيز و خويشن کي تولد جو وقت ۽ جڳهه ٻڌايائون. انهن تعجب سان اقرار ڪيو ته هي سڀ صحيح آهي. سندن چوڻ آهي ته اڃا تائين کين ڄمڻ وارو واقعو خواه هنڌ ايئن ياد آهي، جيئن ڪو اکين سان ڏسي.

ڏهن مهنن گذرڻ بعد کين ماتا جو وارو لنگهائڻو پيو. سندن والده محترم کي به ماتا ٿي. ان بعد سندن ڪفالت سندن جد امجد سائين پرو ڄام جي حوالي ٿي جي صاحب کين ڏاڍو پيار ڪندا هئا. ان بعد پنجن سالن کن جي عمر ۾ مرحوم مخدوم غلام حيدر صاحب جن ۽ اندر جا مخدرات سندن پرورش ڪرڻ لڳا.

ننڍپڻ ۾ سندن طبعيت بالڪل غريب ۽ شدت کان خالي هئي. کلڻ به گهٽ هوندو هو ته وري روئڻ به گهٽ، گويا صحيح فقيراڻي طبع جا مالڪ هئا. ڀلا ڇو نه اهڙي طبع عطا ٿيل هجي جو عالي فقير (23) جهڙن مجذوب سالڪ فقيرن اڳ۾ ئي سندن والد ماجد کي بشارت ڏني هئي. چون ٿا ته فقير عالي جنهن جو مڪان درگاه جي اتر ۾ واقع آهي تنهن مخدوم مرحوم گلڻ ڄام کي پهرئين فرزند جي گذرڻ کان پوءِ ٻه ٻير ڏنا جنهن مان هڪ واپس ورتو ويو. معنيٰ ظاهر ته ٻن نور نظرن مان هڪ توانو ۽ تنومند رهندو. ننڊ ڪرڻ وقت ڪلمو شريف پڙهندا هئا ۽ ڏهر ڏيندا هئا. ان تي پاڻ وري تحليل شريف جو ورد ڪندا هئا. سندن ٻي خصوصاً هيءَ عادت هوندي هئي جو ڳالهين ٻڌڻ جا ڪوڏيا هوندا هئا. مانيءَ وقت يا ننڊ وقت سندن منشا مطابق ڳالهين جو دور ضرور جاري هجي. مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته پاڻ جڏهن ستن سالن جا هئا ته سندن جد امجد سائين پرو ڄام پيالو پيتو ۽ سندن والد بزر گوار سجاده نشين ٿيا.

 

درس و تدريس:

طالب الموليٰ سائين جن جي طبع عالي تي تعليم خواه تربيت خواه صحبت جو باهمي اثر آهي. جيڪڏهن هڪ طرف سندن جد امجد سائين پرو ڄام صاحب شريعت جي شفقت فرمائي هجي ٻئي طرف سندن والد محترم جي فقيراڻي نظر هجي ٽئي طرف سندن عموي صاحب مولوي مخدوم غلام حيدر سائين جي ڪفالت هجي ته اهڙي ترتيب تام جي نتيجي کان هر ڪو ذي فهم مخفي نه هوندو. پاڻ قرآن شريف جو درس انهن ڏينهن جي معروف عالم حافظ ولي محمد صاحب (24) مجاور درگاه شريف کان ورتو جو نه رڳو سائين پرو ڄام جي سڀني سوٽن صاحبن هر هڪ ميان غلام حسين (25)، ميان غلام رسول (26)، ميان غلام سرور (27) ميان غلام محي الدين (28) جو استاد هو پر سائين گلڻ ڄام خواه سندن سڀني ڀائرن سڳورن جو به مسلم اوستاد هو. سنڌيءَ جو سبق ٻن صاحبن کان سکيو ويو انهن مان هڪ مرحوم ماستر حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي (29) سابق وائيس پريزيڊنٽ ميونسپالٽي هالا هو ۽ ٻيو آخوند حاجي عبدالرحمان صاحب احقر ثم انجم (30) الحال وائيس پريزيڊنٽ ميونسپالٽي هالا مئنيجر مسلم اسڪول هالا هو فارسيءَ جي فرهي پهرين مرحوم مولوي مخدوم غلام حيدر سائين جن وٽ پڙهي ويئي. ان بعد مولوي عبدالحي صاحب ٺيڙهي واري وٽ ۽ مولوي محمد عالم ڊڀري واري وٽ زير مطالع آئي.

انگريزيءَ جو الف مسٽر غلام رضا (31) موجوده هيڊماستر مخدوم غلام حيدر مدرسه هاءِ اسڪول واري وٽان ذهن نشين ڪيو ويو. جڏهن هن تحصيل کي به سندن والد صاحب قابل اطمينان نه سمجهيو ته پاڻ پڙهائڻ شروع ڪيائون سانده ٻه سال هيءَ مشق رهي. هن عرصي ۾ طالب الموليٰ سائين جي نظر با بصر مان هيٺيان ڪتاب سائين گلڻ ڄام جي هدايت ۽ اسباق مطابق نڪتا: فارسي: ديوان حافط. گلستان سعدي، تحفـﮧ الڪرام اردو مراة الوحدت وغيره، هن صحبت طالب الموليٰ سائين کي ڪيميا وانگر ناياب بنائي ڇڏيو بقول مولانا روم:-

 

 

هم نشيني مقبلان چون کيمياست،

چون نظرشان کيميائي خود کجاست.

 

جيڪي اشعار يا اقوال سندن والد بزرگوار جي بزرگانه مجلس ۾ زبان زد هئاسي طالب الموليٰ سائين به پنهنجي صدري خزاني ۾ اڃا تائين محفوظ رکيا آهن، انهن مان چند اوهان جي حظ خاطر پيش ڪجن ٿا:

(1)

ازين افيون که ساقي درمي افگند،

حريفان را نه سرماندنه دستار.

(2)

آسائش دوگيتي تفسير اين دو حرف است،

با دوستان مروت با دشمنان مدارا.

      (حافظ شيرازي)

 

رشد و هدايت جي سلسلي ۾ گلڻ ڄام سائين کي هيٺيون بيت هر وقت ورد زبان هوندو هو:

 

دم بدم دم راغنيمت دان و همدم شو بدم،

واقف_ دم باش، دم را دم بدم بيجا مدم.

 

سندن استاد جو چوڻ آهي ته پڙهڻ کان ڪڏهن به ارادي طرح نه نٽايائون يا سبق ڪچي هئڻ ڪري اوستادن کي ڪڏهن به خفي نه ڪيائون، درس و تدريس جي زماني ۾ خوشخطي جي علم ۾ ڪمال پيدا ڪرڻ لاءِ به پاڻ گهڻو پتوڙيائون، خصوصاً جڏهن سندن صحبت مولوي محمد عالم ڊڀري واري ۽ خان صاحب اوستاد سنڌي خان سان ٿي جي خوش نويسيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. سندن خوشخطين جو مثال محترم محمد صديق مسافر (32) ٽنڊي باگي واري جي دعائيه نظم مٿان ڏنو ويو آهي. قاريئن ڪرام ان تصوير مان ملاحظه ڪن.

 

عنفوان_ شباب ۽ عقدِ نڪاح:

صوفين جي عام زد مقولا ”المجاز قنطرة الحقيقت“ تي به عمل پيرا رهيا. مجاز جي مئي جي مٽ مان سڪ واري سرڪي پي هن ساڻيهه جي سڙڪ تي سريا ”مگر مان ۽ تون“ جي طوفان کين ساحل مراد پهچڻ نه ڏنو ۽ پاڻ فقيراڻو ويس اوڍي سمياب وانگر ايڏانهن اوڏانهن ٽلندا ۽ ٽلڪندا رهيا (*) ۽ هن وقت ۾ طالب الموليٰ سائين جن ڪافي مجاهدو ڪيو. پنهنجي هٿن سان هر به ڪاهيائون ته هاري به بنيا. مگر دل وڃي يڪ جاٿي جڏهن سندن شادي خانه آبادي اڇ وارن پيرن مان 16 ربيع الاخر 1356هه (33) خميس رات واقع ٿي جڏهن پاڻ 18 سالن جا هئا. دريغا وحسرتا جو اهي به پنهنجي هڪ نشاني فرزند هن فاني دنيا ۾ ڇڏي 23 شوال 1359هه(34) بروز جمع راهه جاوداني اختيار ڪيائون. سندن دل بي دل ٿي پئي ۽ اهڙي ورد ۾ کين لاڳيتا ٻه ورهه واري ويا. آخر دل جي خانه پري ڪرڻ لاءِ چاهيائون مگر ادب و احترام وچان پنهنجي پرت واري پيءُ کي چئي نه سگهيا. آخر 9 ذي القعد 1361هه (35) صبح جي سهاڻي وقت ديوان حافظ مان فال وڌائون جنهن مان هيٺيون جواب کين مليو جو شاديءَ جي بشارت هئي:

 

حافظ شب_ هجران شد بوئي خوش صبح آمد،

شاديت مبارک باد اي عاش شيدائي.

 

انهيءَ ڏينهن والد صاهب جن به گهرائي از خود دريافت ڪئي ۽ الله جي قدرت جو 20 ڏينهن بعد 29 ذي 1366 هه مطابق 7 ڊسمبر1942ع جي مولانا فضل احمد غزنوي (36) جي دختر نيڪ اختر سان سندن عقد نڪاح ٿيو.

 

سيرو سياحت:

پهريان اٽڪل 16_17 سال وطن ۾ ئي گذاريائون. ان بعد کين ڪجهه سير و سياحت جو موقعو مليو. هن دوران ۾ کين ڪوئٽه، ڀاڳناڙي، بهاولپور رياست، حيدرآباد کان اجمير تائين ڏسڻ جو موقعو مليو. ان بعد عراق (37) جو سفر پر ثمر به نصيب ٿين.

 

سائين گلڻ ڄام جو وصال ۽ طالب الموليٰ سائين جي سجاده نشيني:

حجري سنه مطابق سندن عمر 24 سال ۽ عيسوي سنه مطابق سندن عمر 25 سال هئي جڏهن سندن والد بزرگوار کين داغ مفارقت جو ڏئي راه جاوداني اختيار ڪئي. هن رنج و افسوس جي عالم ۾ کين گهڻيون ئي نصيحتون مليون مگر لطف فقير مجذوب جي پنڌ واقعي قابل شنيد آهي، هن وقت ۾ لطف فقير هڪ الله لوڪ ٿي گذريو آهي جنهن سائين گلڻ ڄام جي وفات تي معذرت لاءِ اچي هٿ مٿي کڻي هي الفاظ اچاريا ته:

 

”اڻ هيريا م هير، ڀڃ م هير هيرين جي.“

 

تي فائز ٿيا  ۽ تمام ڳرو بار سندن مطلوبي ڪلهن تي آيو. پاڻ وڏي تحمل، حلم ۽ بردباري سان هن جبل جيڏي جوابداريءَ کي چشمن تي چائي خندهه پيشانيءَ سان منهن ڏنو. مگر الله جه جنت نصيب ڪري سائين مرحوم غلام حيدر کي جن کين هن دنيا جي نشيب و فراز ۾ ڪافي همتايو. مگر افسوس جو 27 رمضان 1372هه جي اهي به کين هجر جو ڦوڙائو ڏئي پاڻ راه رباني وٺي راهي ٿيا. شل اللهج کين مڪمل استقامت عطا ڪري جو هن دو رنگي دنيا جي دورن ۾ ”بنيان مرصوص“ ٿي بيهن ۽ هر حرص وِ هوس جي هوائي ماڙي کي ”ضرب_ ڪليم“ سان نيست و نابود ڪن. آمين.

 

روزانه معمول:

هاڻي سندن روزانه معمول هي آهي، فجر نماز کان اڳ اٿڻ، اڪثر فجر نماز ادا ڪرڻ، صبح جي طلوع ٿيڻ کان اڳ ٻاهر بنگلي تي اچڻ. اونهاري ۾ 8 بجي تائين ۽ سياري ۾ 9 بجي تائين مضامين لکڻ. ان بعد ٽپال نيڪال ڪرڻ. اونهاري ۾ هڪ بجي تائين ۽ سياري ۾ 3 بجي تائين. عام و خاص ڪاروبار جنهن ۾ فيصلا، ڪچهري، رهاڻ سڀ اچي ويا. ان بعد ٻه ڪلاڪ آرام يعني مطالعه طالب الموليٰ سائين لاءِ گويا آرام آهي شام جو ”طالب الموليٰ ڪلب“ ۾ والي بال راند ڪرڻ. نماز مغرب بعد واپسي. هڪ ڪلاڪ اندروني ڳالهيون. ان بعد بنگلي تي اچڻ. جتي پهريون ڪلاڪ ذاتي ڪاروبار، ان بعد علمي مذاقي مجلس تان جو رات جا گهڙيال 11 يا 12 وڄائي وري هڪ بجه تائين مطالعه. ان بعد آرام_ سياري جي موسم ۾ نثر جي تصنيف يا مطالعه رات جي پوئين حصي 4 بجه بعد فجر نماز تائين عمل ۾ ايندو آهي.

 

سندن اولاد:

پهرئين گهر مان کين هڪ فرزند بنام ميان محمد امين عرف ڏاڏا سائين متخلص به ”امين“ 17 جمادالثاني 1358هه بروز جمع مطابق 4_ آگسٽ 1939ع ۾ تولد ٿيا. کين ڏاڏا سائين هن ڪري سڏيو وڃي ٿو جو سائين پکن ڌڻيءَ جو نالو سندن مٿان آهي جنهن تي مرحوم سنڌي خان صيد هيٺيون بيت لکي پيش ڪيو:

 

گل_ خوشرنگ نمودار شد به گلشن نوح رحه،

هزار بار مبارڪ ز صيد شام و صبوح_

فقير صيد آدينه_ 17 جمادي الثاني 1358هه

 

هي صاحبزادو هن سال خير سان ڇهين درجي ۾ ويو آهي ۽ پاڻ شاعر ابن شاعر آهي. ڏاڍو خليق، فهيم، مهذب ۽ متمدن آهي. ننڍي ٽهيءَ ۾ بزرگيءَ جا نشان عيان آهن. ”بزرگي به عقل است نه به سال“ جي مصداق وانگر آهن. الله شل وڏن جي ولايت ۽ بزرگيءَ جو صحيح وارث بنائين. (آمين)

طالب الموليٰ سائين جي محبت جو مرڪز رهيا آهن. اپريل 1949ع ۾ ”رباعياتِ طالب“ (37) جو انتساب پنهنجي هن صاحبزادي جي نالي هيٺئين طرح ڪيو اٿن:

 

منسوب هي اشعار آءٌ توسان ڪريان ٿو،

تون تن تي محمد امين شل هوندين ڪمر بند.

الله عطا توکي ڪري علم و ولايت،

پيغامِ عمل ساڻ وڃي تنهنجو ٿي پيو ند.

هر چيز ۾ تون حسنِ ازل جو ڏسين جلوو،

هر تلخي دوراَن ۾ اچي توکي نظر قند.

تون پنهنجي خيالات تي هر دم رهين قادر،

۽ عشق حقيقيءَ جو هميشه هجين پابند.

تنهنجي نه نظر ارض و سما جي رهي محتاج،

اسباب جهان توڙي اچن تو اڳيان هر چند.

دل تنهنجي هجي دائما سر چشمئه الفت،

تسليم و رضا تي تون هميشه هجين خور سند.

جو طالب الموليٰ کي آهي علم عطا ٿيو،

الله ڪري تنهنجي به سيني ۾ اهو بند.

 

جولاءِ 1945ع جو مهائتو مهينو هو جنهن ۾ ٻه منظوم ڪلام ڏاڏا سائين تي طالب الموليٰ سائين ٺاهيا آهن ڏسو پدرا نه شفقت جي مرحمت. 16 جولاءِ زيارت مان هڪ منظوم خط بنام امين لکيو ويو جو هي هو:

 

پيارا امين شل سلامت هجين؛

سلامت هجين يا شفاعت هجين.

 

سندءِ خيريت ٿو خدا کان گهران؛

ٻئي هٿ کڻيو پيو دعائون ڪريان.

 

خدا شال بخشئي جواني مٺا؛

صحت سان ٿيئي پوءِ پيري عطا.

 

ملئي علم سان گڏ سدائين عمل؛

ڪرين نيڪ ڪم ۾ نه ردوبدل.

 

سدائين مٿئَه مهربان مصطفيٰ ﷺ؛

اچي بوءِ تو مان سندي مرتضيٰ.

 

پرين چئَن يارن جو پيارو هجين؛

سندم زندگي جو سهارو هجين.

 

ڪرين شال دنيا ۾ سڀ حق ادا؛

هلين شل مٿي اسوهءِ مصطفيٰ ﷺ.

 

عطا شل ٿئَي توکي عشقِ رسول ﷺ؛

ٿئي ڪين ڪڏهن سندءِ دل ملول.

 

ننڍا ۽ وڏا ياد هر هر اچن؛

سڀن کي سلام ۽ دعائون رسن.

 

هجي بخت تنهنجو سدائين غلام؛

ڪريان ختم ٿو خط چئي والسلام.

 

دعا ٿو محّمد زمان هي ڪري؛

سندءِ نيڪون پيو خدا کان گهري.

 

ڏهن ڏينهن بعد والد جي والهانه محبت وري موجزن ٿي ۽ هيٺيون قطعه ”ڏاڏا سائين“ جن کي هالا ۾ مخاطب ڪيو ويو:

امين تو کي سلامت خدا رکي هردم؛

وري ٻيو علم لدّني سان سينو سينگارئي.

رکيئَي دست محبت محمدِ عربي صه؛

۽ لطف ساڻَ هو آبِ حياتَ شل پيارئي.

پيارو شال هجيِن پنجتن ۽ يارن جو؛

جو ملڪ مون آ ڏٺو رب شال ڏيکارئي.

بنائي شال خدا توکي طالب الموليٰ؛

ٻنهي جڳن ۾ عمل نيڪ سان سڄڻ جيارئي.

 (آمين)

ٻئي ديري مان کين ٽي فرزند (39) ۽ ٻه معصوم آهن، فرزندن جا هيٺين طرح اسم آهن:

1_ميان غلام محمد (خليق الزمان)

14_ ربيع الثاني 1368هه بمطابق 13 فيروري 1949ع

2_ميان الهه بچايو (رفيق الزمان)

23_ذوالحج 1370هه بمطابق 26_سپٽمبر 1951ع

3_ميان عبدالحسين (شفيق الزمان)(40)

9_جمادي الاول 1372هه بمطابق 25_جنوري 1953ع.

 

عادت و خصائل:

منهنجي پياري شاگرد محمد بچل ”محبوب“ هوسڙي واري (41) هڪ مضمون بعنوان ”منهنجو پسنديده اديب“ ۾ سندن خصائل جي رنگن جي جانقاشي ڪَئي آهي سا قابل داد آهي، چاهيم ته اهو هو بهو ذڪر اوهان لاءِ هت پيش ڪريان (*) ملاحظه ڪريو:

”وٽن سڀئَي دين و دنيا جون نعمتون مهيا آهن، مگر انهيءَ هوندي به؛ فخر هٺ؛ وڏائي وير وروڌ ۽ تڪبر کان بلڪل دور آهن. وٽن ادب؛ حيا؛ فضيلت؛ لحاظ؛ صبر و تحمل، غريبن؛ محتاجن ۽ مظلومن جي همدردي ۽ مهمان نوازي جا اڻ کٽ خزانا آهن. انصاف؛ حق پرستي؛ دشمن نوازي غريب توڙي تونگر لاءِ هڪڙي نظر، اهي منجهن خاص خوبيون آهن.

محبت جي دنيا ۾ وري اهڙا آهن جو هڪ وار جو سندن ديدار ڪندو، ڪچهري ۽ گفتار ٻڌندو، سو اهڙي ته محبت جي پيچ ۾ اچي ويندو جتان تا عمر آزاد ٿي نه سگهندو. جهڙو خانداني لحاظ کان تهڙو ئي خوش اخلاق، حسن، ۽ مٿي بيان ڪيل گڻن سان مولا پاڪ کين نوازي هر دلعزيز ڪيو آهي. ٺيڪ آهي ته جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس. ڪنهن به ڪچهري، محفل يا مجلس ۾:

 

”پاڻ پٽاندر چنڊ جي ٻيا تابع جئَين تارن“

 

هوندا آهن. سندن زندگي جو خاص مقصد خدمت خلق آهي. هميشه ماڻهن جا فيصلا ڪرڻ، فرياد اونائڻ، مدون ڪرڻ ۾ سڄا ڏينهن گذارن ٿا. انصاف ۾ ڪنهن جو به ريا نه رکندا آهن.

 

دلچسپيون : (Hobbies)

سندن مکيه دلچسپيون هي آهن.

1_مطالع

2_شاعري

3_شڪار

4_موسيقي

5_والي بال راند

6_سير و تفريح.

 


* يادِ رفتگان صفحه

* تذڪره شعرائي هالا صفحه 28_29

* ماهنامه طالب الموليٰ_ فيروري 1953ع صفحو 16_17

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org