حوالا ۽ واڌارا
1_
حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي تاريخ
ولادت 4_ آڪٽوبر 1919ع آهي. هيءَ تصحيح ۽ تحقيق
پاڻ خود ڪرڻ فرمائي هئائون، ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪتابَ
”ڇپر ۾ ڇڙيون“ جلد ٻيو ۽ ”منهنجو ننڍپڻ“ ڏسڻ
گهرجن.
2_
ڏسو حوالو نمبر_ 28
3_
پير ميان غلام نبي عرف ميان پنيلڌو ولد مخدوم محمد
زمان 12_ سجاده نشين درگاه حضرت غوث الحق مخدوم
نوح، 25_ آگسٽ 1852ع ۾ تولد ٿيو. هي بزرگ مخدوم
امين محمد صاحب (13_ سجاده نشين حضرت مخدوم نوح
رحه) جو ننڍو ڀاءُ هو. سنڌي، فارسي، اردو ۽ عربيءَ
مان چڱو واقف هئو. مرحوم نهايت اخلاق مند، سليم
الطبع ۽ وقت جو خوش ڪلام شاعر هو. سندس انتقال 17_
آگسٽ 1887ع ۾ ٿيو.
(يادِ
رفتگان، ص_26).
4_
استاد سينڌو خان ولد هندو خان اصل امرتسر جو رهاڪو
هو. سندس ولادت اندازاً 1880ع ۾ ٿي. ننڍي هوندي
پنهنجي والد سميت سنڌ ۾ آيو ۽ ڳوٺ مانجهوءَ ۾ سيٺ
وشنداس وٽ اچي رهيو، جيئن ٻيا ڳائڻا به ڪيترائي
سيٺ صاحب وٽ رهندا هئا، جيڪو وڏو فياض پڻ هو ۽ پاڻ
به نه رڳو راڳ سمجهندو هو، مگر ڳائيندو به هو.
1947ع ۾ ورهاڱي کان پوءِ هندن جي لڏي هندوستان وڃڻ
بعد مانجهو تباهه ۽ برباد ٿيل آهي. استاد سينڌو
خان، سيٺ وشنداس جي گذرڻ بعد وڃي شڪارپور ۾ رهيو
جو اتان جا هندو به راڳ شناس هئا. اتان به هندن جي
لڏي وڃڻ کان پوءِ به اتي ئي رهيو. استاد جي گهر
ڀرسان هڪ مسجد شريف هئي، اتان سخت بي سرو ملو بانگ
ڏيندو هو، ان ڪري پاڻ لڏي وڃي ٻئي پاڙي ۾ سڪونت
پذير ٿيو. استاد سينڌو خان، صاحب اخلاق، صاحب
تهذيب، صاحبِ تميز ۽ سنجيدگيءَ جو مالڪ هو. کل ڀوڳ
به ڪندو هو، مگر دائري اندر پاڻ فارسي، اردو ۽
سنڌي جو بهترين شاعر به هئو. خوش خطي به لاجواب
هيس سندس انتقال 8_ فيبروري 1942ع ۾ ٿيو.
(يادِ رفتگان، ص125/126).
5_
حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ولادت 22_
جنوري 1538ع ۾ مٽيارين ۾ ٿي. پاڻ حضرت غوث الحق
مخدوم نوح عليه الرحمت جو معتقد مريد ۽ بلند رتبي
جو ولي الله ٿي گذريو آهي. سندس انتقال حضرت غوث
الحق مخدوم نوح الرحمت کان 33 سالن بعد 88 سالن جي
ڄمار ۾ 2_ آڪٽوبر 1623ع ۾ ٿيو.
6_
حضرت شاهه خير الدين رحه جو سلسلهءِ نسب پنجين
پيڙهيءَ ۾ حضرت پيران پير دستگير رحه جن سان ملي
ٿو. سندس والد سيد احمد بغدادي هئو. حضرت شاهه
خيرالدين رحه 1505ع ۾ بغداد ۾ ڄائو ۽ حضرت غوث
الحق مخدوم نوح عليه الرحمت جو مريد هئو. سندس
انتقال 17_ سيپٽمبر 1618ع ۾ ٿيو.
7_سيد
علي ثاني جيڪو سير ۽ سلوڪ ۾ وڏن کان به وڌيڪ توفيق
وارو ۽ نهايت متقي هو، تنهن ڪيئي دفعا بيت الله جي
زيارت ڪئي هئي ۽ خضر خواه سفر ۾ گهڻن ئي بزرگن جي
زيارت ڪئي هئاين. هن درويش آجر کان فيض پرايو هو ۽
مخدوم نوح جو مريد هو. هن جون ڪرامتون ۽ بزرگيءَ
جون نشانيون حد ۽ شمار کان ٻاهر آهن. ازان سواءِ
هن چڱا نشان ڇڏيا آهن. جهڙوڪ مڪليءَ وارو نور ۽
روشنائيءَ سان ڀريل قبو. وڏي جماعت سندس فيض جي
نظر سان وڏي ڪمال کي پهتي. رسالو ”آداب المريدين“،
جو دين جي بزرگن جو دستور العمل آهي، سندس يادگار
آهي. سوسنه 971هه/63_1564ع ۾ گذاري ويو.
(تحفة الڪرام ص:467).
8_
حضرت مخدوم امين محمد ثالث رحه عرف پکن ڌڻي جن جي
ولادت 1838ع ۾ ٿي. پاڻ حضرت مخدوم محمد زمان رابع
رحه جا وڏا فرزند ۽ مخدوم نوح جا 13 سجاده نشين ٿي
گذريا آهن. سندن انتقال 1886ع ۾ ٿيو.
9_
صاحب شريعت حضرت مخدوم ظهير الدين عرف پرو ڄام
سائين جن جي ولادت 26_ آڪٽوبر 1863ع ۾ ٿي، پاڻ
حضرت پکن ڌڻي رحه جن جا فرزند ۽ مخدوم نوح عليه
الرحمت جا 15 نمبر سجاده نشين هئا. سندن انتقال
11_ جنوري 1927ع ۾ ٿيو.
10_
حضرت مخدوم غلام محمد مغموم بن حضرت مخدوم
ظهيرالدين جن جي ولادت 13_ فيبروري 1886ع ۾ حضرت
امين محمد ثالت رحه جن جي حياتي ۾ ٿي. پاڻ حضرت
غوث الحق مخدوم نوح رحه جا 16_ نمبر سجاده نشين
هئا.
11_
حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن فرمايو ته،
مرشدنا حضرت مخدوم غلام محمد عليه الرحمت جن جي
وصال وقت مغرب جي اذان آئي پي ۽ نئين سال جو چنڊ
به ڏٺو ويو، يعني تاريخ مٽجي ٿي 1_ محرم 1364هه
البته انگريزي تاريخ ساڳي رهندي. ان مطابق حضرت
مخدوم غلام محمد مغموم رحه جن جو وصال 1_ محرم
الحرام 1364هه/15_ ڊسمبر 1944ع ۾ وڏي بنگلي تي
هالا ۾ ٿيو.
13_
قاضي حافظ مولوي شيفع محمد 19_ ذيقعد 1286هه مطابق
21_ فيبروري 1870ع ۾ هالن ۾ ڄائو. پاڻ حضرت مخدوم
امين محمد ثالث رحه عرف پکن وارن صاحبن جي استاد
آخوند حافظ حاجي محمد قاسم جو ٽيون نمبر فرزند
هئو. حضرت مخدوم محمد زمان سرڪار رحه 14_ سجاده
نشين، کيس شهر جو قاضي مقرر ڪيو. حافظ مولوي قاضي
شفيع محمد شادي نه ڪئي، سندس انتقال 15_ ذيقعد
1353هه مطابق 20_ فيبروري 1935ع ۾ هالن ۾ ٿيو.
14_
حضرت پير سيد رشيد الدين بن پير سيد محمد ياسين
شاهه راشدي رحه جي ولادت 1836ع ۾ ٿي ۽ سندسن
انتقال 7_ ربيع الاوّل 1317هه مطابق 16_ جولاءِ
1899ع ۾ ٿيو. سندس روضو پير جهنڊي ڳوٺ ۾ آهي. سندس
والد جو انتقال 18_ فيبروري 1859ع ۾ ٿيو.
15_
امام انقلاب حضرت مولانا عبيدالله سنڌي 10_ مارچ
1872ع ۾ ڳوٺ چيانوالي ضلع سيالڪوٽ پنجاب ۾ ڄائو.
تقريباً 72 سالن جي ڄمار ۾ 17_ اپريل 1944ع ۾
دينپور رياست بهاولپور ۾ انتقال ڪيائين. وصال کان
ٻه ٽي مهينا اڳ ٽنڊو آدم ريلوي اسٽيشن تي حضرت
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان ملاقات ٿيس.
16_
سندن ولادت محرم 1335هه مطابق نومبر/ ڊسمبر 1916ع
۾ ٿي ۽ ساڳئي ڏينهن انتقال ڪيائون.
17_
پاڻ 4_ ربيع الاول 1344هه مطابق 23_ سيپٽمبر 1925ع
۾ ڄاوا، سندن وصال 1928ع ۾ ٿيو.
18_
حضرت مولوي مخدوم غلام حيدر صديقي قريشي رحه بن
صاحبِ شريعت حضرت مخدوم ظهير الدين جن جي ولادت
23_ اپريل 1899 ۾ ٿي ۽ پاڻ 9_ جون 1953ع ۾ انتقال
ڪيائون. ديني، علمي، سماجي ۽ سياسي خدمات ڪارڻ کين
معمارِ هالا پڻ سڏيو ويندو آهي. سندن مفصل سوانح
حيات جلد شايع ڪرائي ويندي.
19_
حضرت مولوي مخدوم غلام حيدر جن جي ذاتي ڪوشش سان
هي يادگار تعليمي ادارو قائم ٿيو، جنهنجو سنگِ
بنياد 5 _جنوري 1942ع ۾ تڏهوڪي وزير تعليم پير
الاهي بخش رکيو.
20_
خانبهادر سيد حسن علي شاه جي نالي سان جڙيل هن
هاسٽل جو قيام 1944ع ۾ عمل هيٺ آيو. جنهن جو سنگ
بنياد وزير تعليم پير الاهي بخش 20 فيبروري 1944ع
۾ رکيو. هاسٽل جي نئين عمارت 1955ع ۾ تعمير ٿي.
21_ هالا ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جو قيام 1949ع ۾ ٿيو
۽ ساڳئي سال ڪراچيءَ ۾ جوائنٽ سوسائٽيءَ ۾ انکي
رجسٽرڊ ڪرايو ويو. ان وقت جوائينٽ سوسائٽي جو هيڊ
مسٽر ڊسوزا هو. هالا ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جا پهريان
صدر عالي جناب مخدوم مولوي غلام حيدر، نائب صدر
عاليجناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ ميمبر
رئيس علي نواز انڙ، قاضي غلام محمد هالا پراڻا ۽
خانصاب نبي بخش ميمڻ حيدرآبادي وغيره هئا.
22_
حضرت مولوي مخدوم غلام حيدر صديقي قريشي جن جي
ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن سان سروري اسلاميه ڪاليج قائم
ٿيو. جنهن جو سنگِ بنياد وزير تعليم پير الاهي بخش
2_ مئي 1947ع ۾ رکيو.
23_
عالي فقير ذات جو سيد هو. سندس ولادت اندازاً
1872ع ۾ ٿي. اصل خانوٺ ۾ رهندو هو، بعد ۾ هميشه جي
لاءِ اچي هالن ۾ سڪونت پذير ٿيو. سيد عالي فقير جو
قد ڊگهو ۽ وار به ڊگها هوندا هئا. عموماً گيڙو رنگ
جي الفي پائيندو هو. حضرت مخدوم غلام محمد ”مغموم“
جن سان گهاٽو تعلق هوندوهوس. عالي فقير ۽ لطف علي
فقير هڪ ٻئي جي موجودگيءَ کي برداشت نه ڪندا هئا.
جيڪڏهن عالي فقير اڳ ئي ويٺو هوندو هو ۽ لطف علي
فقير ايندو هو ته عالي فقير فوراً اٿي ويندو هو ۽
ساڳيءَ طرح جيڪڏهن لطف علي فقير ويٺو هوندو هو ته
عالي فقير فوراً اتان اٿي ويندو هو. عالي فقير جو
انتقال 63 ورهين جي عمر ۾ 17_ رجب 1355 بمطابق 4_
آڪٽوبر 1936ع ۾ ٿيو. سندس مزار درگاه حضرت غوث
الحق مخدوم نوح عليه رحمت جي اتر طرف سندس نالي
واري اوتاري ۾ آهي. جنهن جي باقائده تعميرات پهرين
محرم 1405هه بمطابق 27_ سيپٽمبر 1984ع ۾ ٿي.
24_
آخوند حافظ ولي محمد خلف آخوند حافظ حاجي محمد
قاسم جي ولادت باسعادت 17_ جمادي الثاني 1284
هجري بروز اربع بمطابق 16_ آڪٽوبر 1867ع ۾ هالن ۾
ٿي. قرآن شريف پنهنجي والد صاحب وٽ پڙهيائين.
نهايت عبادت گذار نيڪ ۽ پرهيزگار شخص هو. هڪڙي
شادي ڪيائين، کيس نياڻيون ۽ ٻه فرزند تولد ٿيا.
آخوند حافظ ولي محمد ڪپڙي ۽ سون جو وڏو ڄاڻو هوندو
هو. پاڻ درزڪو ڪم به ڄاڻندو هو. حضرت قبله مرشدنا
مخدوم ظهيرالدين جن جا ڪپڙا سبندو هو ۽ حضرت قبله
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جو استاد هئو،
کين قرآن شريف جي تعليم ڏني هئائين. سندس انتقال
30_ محرم 1353هه بمطابق 15 مئي 1934ع ۾ اڱاري
ڏينهن هالن ۾ ٿيو. (منهنجو ننڍپڻ ص_61).
25_
پير ميان غلام حسين ”شيدا“ ولد پير ميان غلام نبي
عرف ميان پنيلڌو صاحب صديقي قريشي، 26_ فيروري
1883ع ۾ تولد ٿيو ۽ 7_ جنوري 1933ع ۾ انتقال
ڪيائين. مرحوم ميان غلام حسين نهايت خوبصورت جوان
۽ عالي همت هئو. پاڻ بااخلاق ۽ باتهذيب شخصيت هئڻ
سان گڏ بهترين مقرر ۽ شاعر پڻ هئو. سنڌي، اردو ۽
فارسي تي چڱي طرح دسترس رکندڙ هئو. (يادِ رفتگان،
ص_90).
26_
پير ميان احمد علي عرف ميان غلام رسول ولد پير
ميان غلام نبي عرف ميان پنيلڌو صديقي قريشي 27_
مارچ 1884ع ۾ تولد ٿيو ۽ 29_ ڊسمبر 1938ع ۾ انتقال
ڪيائين. مرحوم سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي ۾ چڱي
واقفيت رکندڙ هو ۽ پاڻ نهايت بلند اخلاق ۽ مدبر
شخصيت جو مالڪ ۽ سٺو شاعر هو. سندس وصيت موجب سندس
جسد خاڪي ڪربلا معليٰ (عراق) پهچائي دفن ڪئي ويئي.
(يادِ رفتگان، ص_110).
27_
پير ميان غلام ”سرور“ ولد پير ميان غلام نبي عرف
ميان پنيلڌو صاحب صديقي قريشي، 18_ مارچ 1885ع ۾
تولد ٿيو ۽ 2_ نومبر 1935ع ۾ وصال ڪيائين. (يادِ
رفتگان، ص_100).
28_
پير ميان غلام محي الدين ولد پير ميان پنيلڌو 8_
مئي 1887ع ۾ هالا ۾ تولد ٿيو ۽ 2_ آڪٽوبر 1955ع ۾
اتقال ڪيائين. ننڍي هوندي کان ئي انفرادي طبعيت جو
مالڪ هو. نهايت خوش اخلاق، باتهذيب پراڻي زماني جو
نمونو، بااخلاق، خوش طبع ۽ ڪچهري جو ڪوڏيو هو.
موتي ۽ مڻيا ڳچيءَ ۾ ڪٺمال ڪري پائيندو هو. هٿن ۾
مڻيادار منڊيون هونديون هئس. (يادِ رفتگان، ص_
108).
29_
مسٽر حاجي عبدالغفور شيخ، سندس ولادت 1300 هجري
بمطابق 1882ع ۾ سندس آبائي ڳوٺ هالن ۾ ٿي، پاڻ
حاجي هدايت الله شيخ جو ٻيو نمبر فرزند هو، سندس
وڏي ڀاءُ جو نالو عبدالغني شيخ ۽ ننڍي جو
عبدالهادي شيخ هو، کين هالا جا ”پيرواڻي ملان“
سڏيو ويندو آهي. مسٽر عبدالغفور شيخ صاحب جي شادي،
احمد ڏيئي جي هميشيره سان ٿي، کيس هڪڙو پٽ نذير
احمد شيخ ڄائو، جيڪو لاولد انتقال ڪري ويو. مسٽر
عبدالغفور 1923ع کان وٺي آخر تائين هالا
ميونسپالٽي جو وائيس پريزيڊنٽ ٿي رهيو ۽ ڪافي عرصو
ڪوآپريٽو سوسائٽي جي مئنيجر جا فرائض پڻ انجام
ڏنائين. سندس وفات 26_ جمادي الثاني 1326هجري
بمطابق 18_ مئي 1947ع ۾ ٿي، کيس هالا ۾ سپردِ خاڪ
ڪيو ويو.
(منهنجو ننڍپڻ، ص_97).
30_
ڏسو حوالو نمبر_49.
31_
محترم غلام رضا ڀٽو صاحب 16_ فيبروري 1916ع ۾ هالا
شهر ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو نواز علي ڀٽو
هو. پاڻ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ تعليم کاتي
۾ ملازم ٿيو ۽ مختصر وقت لاءِ 23_ جولاءِ 1935ع
کان انگلو ورنيڪيولر اسڪول هالا ۾ نائب ماستر جي
حيثيت سان پنهنجو علمي ڪردار شروع ڪيائين. ملازمت
سان گڏو گڏ اعليٰ تعليم پڻ حاصل ڪندو رهيو. مسلم
يونيورسٽي مان
B.A.
جي ڊگري ۽ حڪومت سنڌ جي تربيتي اداري مان
S.T.C.
جو سرٽيفڪيٽ صاصل ڪيائين. 1_ اپريل 1946ع ۾ کيس
ترقي ڏئي ميونسپل هاءِ اسڪول هالا جو هيڊ ماستر
مقرر ڪيو ويو. مسٽر غلام رضا ڀٽي کي ريڊڪراس تحريڪ
۾ خدمتون انجام ڏيڻ تي حڪومت مغربي پاڪستان جي
طرفان، 5 فرسٽ ڪلاس ۽ ٻه سيڪنڊ ڪلاس سندون پڻ عطا
ٿيون، اهڙي طرح 1965ع واري هندستان ۽ پاڪستان واري
لڙائي جي دوران خدمات جي سلسلي ۾ صدرِ پاڪستان
طرفان ميرٽ گرين جو تحفو مليس. سنڌ جي علمي ميدان
جو هي ستارو پنهنجي هزارين شاگردن ۽ مداحن کي
هميشه لاءِ الوداع ڪري هن فاني جهان مان 21_ اپريل
1986ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
(منهنجو
ننڍپڻ ص:116_115).
32_
ڏسو حوالو نمبر46.
33_
27_ مئي 1937ع.
34_
24_نومبر 1940ع.
35_
17_ نومبر 1942ع.
36_
مولانا فضل احمد غزنوي ولد مرحوم سردار الهه بخش
26_ آڪٽوبر 1906ع بمطابق 7_ رمضان 1324هجري ۾
ڪوئٽه ۾ تولد ٿيو. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مولانا
صاحب هندستان، ايران، عرب ۽ مصر جا سفر ڪيا.
عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان بي_ اي ۽ پنجاب
يونيورسٽيءَ مان عربي ۽ فارسيءَ ۾ ايم_ اي ڪيائين.
سيرت نبيﷺ تي به هڪ جامع ڪتاب تحرير ڪيائين.
مولانا صاحب جن وڏا عالم، فاضل، نيڪ ۽ عبادت گذار
شخص هئا. سندن طبيعت جي هڪ اها خوبي به هئي ته پاڻ
ديني ڳالهين ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ دلي سڪون محسوس ڪندا
هئا. وڏن ننڍن سان ديني ڳالهين ۾ ايڏو ته محو ٿي
ويندا هئا. جو ائين محسوس ئي نه ٿيندو هو ته ڪو
وڏي عمر وارو بزرگ مخاطب آهي، بلڪ ائين لڳندو هو
ته ڄڻ ڪو عقلمند دوست ڪا صحيح صلاح ڏيئي رهيو آهي.
پاڻ ديني مسئلن بابت وقت جي حڪمرانن کي به وقتاً
فوقتاً خط لکي آگاهه ڪندا رهندا هئا. مولانا صاحب
جن کي پنج فرزند تولد ٿيا، جن جا نالا هي آهن: 1_
خالد مصطفيٰ، 2_ طاهرمصطفيٰ، 3_ طارق مصطفيٰ ۽ 4_
اقتدار مصطفيٰ ۽ 5_ راشد مصطفيٰ. مولانا صاحب جن
جو انتقال 4_ ڊسمبر 1986ع ۾ ٿيو.
(منهنجو ننڍپڻ، ص:102/103).
37_
حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن، 50 واري
ڏهاڪي ۾ عراق جو سفر ڪيو هئو. پنهنجي ڊائري ۾ ان
سفر جو مفصل ذڪر لکيو اٿن، جيڪو الگ شايع ڪرائي
منظر تي آندو ويندو.
38_
رباعيات طالب جو ٻيو ڇاپو سن 1989 ۾ طالب الموليٰ
اڪيڊمي طرفان شايع ٿي چڪو آهي.
39_
الله تعاليٰ حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن
کي ڇهه فرزند عطا ڪيا، جن جا نالا هن ريت آهن:
1_ حضرت مخدوم محمد امين فهيم صاحب.
2_ مخدوم غلام محمد عرف خليق الزمان.
3_مخدوم الله بچايو عرف رفيق الزمان.
4_ مخدوم عبدالحسين عرف شفيق الزمان.
5_ مخدوم غلام حيدر عرف سعيد الزمان.
6_ مخدوم لطف الله عرف نويدالزمان.
40_
مخدوم شفيق الزمان پنهنجي نالي وانگر بيحد شفيق ۽
هردلعزيز شخصيت جا صاحب هئا. پنهنجي مختصر حياتي
خدمت خلق ڪندي گذاريائون، سندن انتقال 16_ نومبر
1996ع ۾ ٿيو.
41_
پروفسير محمد بچل عرف محبوب سروري جي ولادت 8_
جنوري 1934ع ۾ ڳوٺ هوسڙي تعلقه حيدرآباد ۾ ٿي.
سندس شمار سنڌ جي بهترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو، سندس
ڪلام مختلف علمي و ادبي رسائل ۾ وقتاً فوقتاً شايع
ٿيندو رهندو آهي. 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي
سيڪريٽري طور فرائض انجام ڏنائين. اڄڪلهه سنڌ جي
هن شيرين بيان شاعر جو گهڻو وقت پنهنجي ڳوٺ ۾
زمينداري ۽ حڪمت ۾ گذري ٿو.
42_
ڏسو حوالو نمبر_ 3.
43_
منٺار فقير ولد قبول محمد راڄڙ ڳوٺ کاڻي راڄڙ،
تعلقو کپرو، ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو. مرحوم جي
طبيعت ننڍي هوندي کان ئي فقيري ڏي مائل هئي. سندس
آبا واجداد حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه رحمت جا
مريد هئا ۽ پاڻ، حضرت غوث الحق رحه جي 13_ سجاده
نشين، مخدوم امين محمد صاحب ’امين‘ جن جي هٿ تي
بيعت ڪيائين. هڪ سچي طالب ۽ سچي فقير جو رتبو حاصل
ڪيائين. مرشد جي وفات بعد بيحد اداس ٿي پيو ۽ سندس
ڏهاڙا بي چينيءَ ۾ گذرڻ لڳا. هڪ رات پنهنجي مرشد
کي خواب ۾ ڏٺائين ته پاڻ کيس هڪ ڪاغذ ڏنائون ۽
چيائون ته توهان کي پڙهايون ٿا ۽ پڙهو. پوءِ پاڻ
لکيل اکرن تي آڱر رکندا پڙهندا هليا ۽ فقير صاحب
به اهي لفظ چوندو هليو. صبح جو فقير صاحب کي شناس
ٿي ويئي ۽ ڪوشش سان سنڌي ۽ اردو جو چڱو ڄاڻو ٿي
ويو ۽ پنهنجي وقت ۾ شاعر به چڱو ٿيو. منٺار فقير
جو وصال 16_ جنوري 1935ع ۾ ٿيو. (يادِ رفتگان،
ص:98/99).
|