1_پاڻ سڃاڻڻ:
يارهن سالن جو ذڪر آهي ته پاڻ هڪ نظم بعنوان
”زبان حال“ ٺاهيو هئائون جنهن ۾ 27 مصرائون
آهن. هن جو اندراج ڪچڪول لاءِ ضروري هو
تنهنڪري انتخاب پيش خدمت آهي:
1_ ڇا ٻڌايان اي ادا مان حال، حالِ زار جو،
هي اٿو احوال هڪ حسرت زده، ناچار جو.
2_ هي اهو مسڪين اٿو جو بود ٿي نابود آ،
هن جهانِ رنگ و بو ۾ يار لا مقصود آ.
3_ هي اهو ميخانئَه وحدت جو هڪ مخمور آ،
جنهن جي دل هر هڪ اذيت ۾ سدا مسرور آ.
4_ هو ڪڏهن غازي نظر ايندو ٿي گهوڙي تي سوار،
ڪنهن گهڙي ۾ پا پياده محو هوندو مجهه شڪار.
5_ هو ڪڏهن پر زر لباسن ۾ نظر ايندو به آ،
يا وري ڪنهن دم گدائي بي نوا ٿيندو به آ.
6_ حسن جي سرڪار ۾ آهي ملازم خاص هو،
عشق جي دربار جو آ آدمي با آبرو.
7_ ظاهر و باطن سدائين پنهنجو هڪڙو ٿو رکي،
هن جو ڪنهن ڏي غير ناهي هو سدا سرهو رهي.
8_ پاڻ تي هنکي نه ڪنهن دم آهي ڪوئي فخر و ناز،
پر غلامي ۾ محمدﷺ جي سدا آ سرفراز.
9_ دوپهر علم و ادب جي ٿو مطالع ۾ رهي،
سير هفت اقيلم جو هڪ جاءِ ويٺي ٿو ڪري.
10_ شام جو خلوت ۾ ٿو هو صحبت عرفان ڪري،
گوهرِ ناياب ڳولي پنهنجي دامن ٿو ڀري.
11_ هو ڪڏهن عارف نظر ايندو ڪڏهن طالب نظر،
باخبر آهي مگر هردم رهي ٿو بي خبر.
وري چار سال بعد 11 شعبان 1367هه ۾ (17_ آگسٽ
1948) هالا ۾ ”دل جي خون“ جي ڪمي بابت محسوسات پيش
ڪيا ويا جي پڻ ذاتي جزي جي زير اثر آهن، ملاحظه
ڪريو.
ابتدا کان خون جي دل ۾ ڪمي هئي بيشمار،
جيڪي هو سو صرف منهنجو ٿي ويو بي اختيار.
ڪجهه يتيمي حال ڪم ڪيو ڪجهه ٿيو فڪرن کان ڪم،
انتظارن ڪجهه ڪيو ڪم ڪجهه وري از حال_ زار.
ڪجهه ڏکن ننڍپڻ جي ڪم ڪيو ڪجهه ٿيو سختين کان ڪم،
ڪم ٿيو ڳڻتين ۾ ڪجهه ۽ ڪجهه بحالتِ روزگار.
ڪجهه حصو هر وقت يادِ رفتگان ۾ ڪم ٿيو،
نذر ٿيو سورن جو ڪجهه ۽ ڪجهه غمن جي زير بار.
ڪجهه زماني جي ئي بس بادِ مخالف ڪم ڪيو،
تنگدستي ڪم ڪيو ڪجهه ڪجهه جفائي روزگار.
ڪجهه علالت دائميءَ کان روز ڪم ٿيندو رهيو،
ڪجهه انهي کان ڪم جو ٿيو ماحول پڻ ناسازگار.
مشڪلن جي حل ڪرڻ ۾ ڪجهه حصو ويو ختم ٿي،
ڪجهه تڪاليف جهان کان ٿيو پسينو ٿي نثار.
عشق جي آتش ۾ ڪجهه ويو ۽ جليو جوشن ۾ ڪجهه،
ڪجهه اکين جو آب ٿيو ڪجهه خوفِ عصيان جو شڪار.
ڪم ڪيو ڪجهه بيوفائي ۽ تغافل يار جي،
ڪجهه عتابن ڪم ڪيو ۽ ڪجهه نگاهِ قهر سار.
سوز کان ڪجهه ڪم ٿيو ڪجهه صدمئَه فرقت کان ڪم،
درد پڻ ڪجهه ڪم ڪيو ڪجهه وصل واري انتظار
ڪجهه الم غم، هجر، سودا بره جي پورو ڪيو،
ڪجهه خورش پنهنجي بنائي بس فراقِ نامدار.
هاڻ باقي خون جو قطرو نه هڪڙو پڻ رهيو،
دل
نه ٿي طالب سندي ٿيو داستانِ دلفگار.
¯
وري هڪ سال بعد 11 جنوري 1949ع ۾ پير الاهي بخش
(79) جي وزارت ختم ٿيڻ تي ۽ نئن وزارت ٺهڻ تي حسب
ذيل اشعار برسرِ زبان آيا:
نه آهيان مان ته ڪهين جي به پارٽيءَ جو فرد،
دل و نظر آ زماني جي قيد کان آزاد.
هزار منهنجي خوشامد ڪري يا منت ڪو،
ٿيان نه اهڙي روش کان ڪنهين به وقت ۾ شاد.
جي مقصد آهي ته بس قوم جي ڀلائيءَ جو،
ٻي ڪنهن ۾ طمع سندم آ، نه ڪنهن ۾ ڪابه مراد.
سبب چڱائي جو ڳولي ٿيون سڀئَي يڪ جا،
اچو ته الفت جو ميڪده ڪريون آباد.
اي يارو ٿو ڪري اعلان طالب الموليٰ،
خدارا رکجو هي هر وقت پنهنجي دل تي ياد.
”شراب و عيش نهان چيست ڪارِ بي بنياد،
زديم برصفِ رندان و هرچه باداباد“.
[حافظ]
اهڙي صاف سيني واري صاحب جي دل به ضروري اهڙي
هوندي. دل جي فروخت جو بي باڪانه هوڪو ٻڌو ۽
خريداري لاءِ تيار ٿي وڃو:
¯
دل وٺي ڪو دل وٺي، دل وٺي ڪو دل وٺي.
(1) پاڪ آهي صاف آهي هن جي خوبي ڇا چوان،
نقص هن ۾ ڪوبه ناهي هي اڃا آهي جوان،
هن ۾ استقلال آهي هي آهي همت نشان،
هي هٽڻ واري نه آهي عشق جي ميدان کان،
زندگيءَ جي ٻول آهي آزمائي ڪو ڏسي،
دل وٺي ڪو دل وٺي
(2) هجر ۾ پڻ شاد مسرور منجهه درد و الم،
هو رهي خوش باش هردم جئن ملن سوز و غم.
ياد ۾ محبوب جي بس محو هوندي دمبدم،
رهندي هي راه محبت ۾ سدا ثابت قدم.
زندگي جي ٻول آَهي آزمائي ڪوڏسي،
دل وٺي ڪو دل وٺي
(3) ناز ۽ انداز بيحد، عشوه و غمزه
هزار،
ابروئي خمدار جا پيارا اشارا بار بار.
لطف ۽ مهر و محبت هر گهڙيءَ ۾ بيشمار،
هيءَ ادا قيمت ڪري طالب وٺي باصد پيار.
زندگي جي ٻول آَهي آزمائي ڪوڏسي،
دل وٺي ڪو دل وٺي
6_ معاشره جو اثر:
انسان تي ٻه اثر گهراٿين ٿا. هڪ فطري ٻيو ماحول يا
معاشره جو. اسان جي معاشره جي دائري ۾ جا درهمي
برهمي معلوم ڪجي ٿي سا عالم آ شڪار آهي. اڀ پيو
اکئَن ڏسجي. اسلامي اخوت و مساوات جو سبق صفا
وسريل آهي. ان جو احساس دل طالب تي ڪئَن نه ٿيندو؟
چند اشعار پيش خدمت ڪجن ٿا:
مفلسي (قطعه)
دولت جي گهڻي آهي ته دنيا به آهي دوست،
نه ته يار به پاسو ٿا ڏين خوب ڪري ڇَند.
ڪم ذات جي آهي ڪو کڻي دولت ڪيو ”سر“،
۽ عام به ان کي ئي چوي شاهِ سمرقند.
مفلس جي ادا عالي نسب آهي ڪو موجود،
ان لاءِ حڪومت جو به دروازو آهي بند.
(1946ع)
امير ۽ غريب
امير ٿو رهي نازان سندس آ هٿ ۾ راڄ،
غريب دستِ محبت سندو سدا محتاج.
امير عيش و طرب ۾ ٿو دل کي وندرائي،
غريب پاڻ ڪمائي ٻين کي کارائي.
امير پاڻ ڍڪي ۽ ٿو ٻيا رکي عريان،
غريب پاڻ ٻين کي ڍڪي، رهي عريان.
امير صرف عنايت کان ڀي ڪري پاسو،
غريب مهر و محبت جي لا رهي پياسو.
امير پنهنجي خوديءَ ۾ رهي سدا سرشار،
غريب خاص رکي دل ۾ خوف ربّ منهار.
امير راغب حور و قصور آ هردم،
غريب طالب هردم رهي ٿو سيف و علم.
(13جون1947ع)
شراب ام الخبائث
آهي. شراب کي هيٺين طرح متنبه ڪجي ٿو:
مطلع:
اي شرابي هوش ڪر تون سڪر کان ڪا وٺ نجات،
صحو حاصل ڪر جو انهيءَ ۾ اٿئي رازِ حيات.
”ملا“ لفظ ته گهڻو ئي اعليٰ مگر هن جو استعمال
ڏاڍو تنگ نظر سان ٿي رهيو آهي تنهنڪري اسان جي
معاشره ۾ غير منشائي جزو تصور ڪيو وڃي ٿو. ڏسو ته
طالب الموليٰ سائين ملا کي هيٺين طرح بددعا ڪئي
آهي جا هزار دعائن جي مترادف آهي:
ملا کي بد دعا
خدا ڪري ته سندءِ دل عشق جاءِ ڪري،
خدا ڪري ته زبان تنهنجي هاءِ هاءِ ڪري.
خدا ڪري ته سندءِ ڪو گريبان چاڪ ٿئي،
خدا ڪري ته سندءِ دل به دردناڪ ٿئي.
خدا ڪري ته گذارين تون آه و زارن ۾،
خدا ڪري ته بره جي هجين بهارن ۾.
خدا ڪري ته تون بي ملهه ڪٿي خريد ٿئين،
خدا ڪري ته وري ناز جو شهيد ٿئين.
خدا ڪري ته ڏسين ذات کي صفت ۾ تون،
خدا ڪري ته وڃي تنهنجي دل مان ”تون“ ۽ ”مون“.
خدا ڪري ته ملي توکي علم سيني جو،
وڃي ٿي مالڪ تون راز جي خزيني جو.
خدا ڪري ته خودي ۾ تون ٿي وڃي خوددار،
خدا ڪري، نه ڪري خود پرستي توکي خوار.
اليڪشن
اليڪشن به اسان جي سماجي حالات لاءِ ساڙ آهي_ گوش
ڪريو:
جيرن کي رمز ساڻ ٿي ساري اليڪشن،
مئَلن کي هڪ گهڙيءَ ۾ جياري اليڪشن.
ناحق جي ڪن، انهن کي ئي پاري اليڪشن،
حق وارا جي هجن اهي ڳاري اليڪشن.
پنهنجا پري ڪري ٿي بيهاري اليڪشن،
راشن کي خوب ويجهو ويهاري اليڪشن.
(9جون 1951ع)
22 مئي 1954ع ۾ (راڳئي رمضان شريف) ڪراچي جي شهر ۾
احترام رمضان ملاحظه ڪندي طالب الموليٰ سائين کي
هيٺيون شيرين شڪوو زبان زد ٿيو:
ظاهر ته بند هوٽلون، باطن ۾ سڀ کليل،
رمضان جو ٿئي پيو پردي ۾ احترام.
هر روز ”بيڊ ٽي“ ۽ مٿان آ ”بريڪ فاسٽ“،
باقاعده ڊنر به ڪري ٿي اچي سلام.
مس مس ڪيو آ ماهِ صيام الوداع اڄ،
ٿي بي حجاب آ کنيو ساقي صراحي جام.
بکن اڃن مان جند ڇٽي آهي مس ادا،
ٿيو مشڪلات قوم جو خوبيءَ سان اختتام.
”رمضان پروف“ آهي عمارت امير جي،
نادم رهي ٿو روزو سڄو ماه زير بام.
هاڻي ئي شريعت جو دور ڪو هلي،
ساقي رهي ٿو طالبِ مولا هي تشنه ڪام.
3_قوم ۽ وطن جي حب:
قوم جي خسته حالي، خرابي ۽ بي خانمائي تي طالب
الموليٰ سائين هن طرح مخاطب ٿئي ٿو:
جهان ۾ جوڙ مسلم تون وري رشتو محبت جو،
سدا رستو وٺي هل هر ڪنهين سان نياز نوڙت جو.
جڏهن رهندين سدا ”قالوابليٰ“ جي قول تي
قائم،
تڏهن ملندو وري تو کي شرف شاهي شجاعت جو.
اٿي ڪو ”فاذ کروني“ فيض حاصل ڪر ۽ ٿي فائض،
زمانو هي اٿئي ڪو فيصلو ڪر پنهنجي قسمت جو.
طريقت کي، حقيقت کي، اي طالب معرفت کي ڪو،
جي حاصل ٿو ڪرڻ چاهي، وٺي رستو شريعت جو،
(1942ع هالا)
مسلم قوم جي سست رفتاري ڏسي هيٺين طرح طالب سائين
خطاب ڪيو آهي
اي مرد مجاهد_!
اٿ جوش ۾ اچ ڇڏ کڻي هي سرد نگاهي_ اي مرد مجاهد.
هن تنهنجي غلامي ۾ لڪل آهي ڪا شاهي_ اي مرد
مجاهد.
تقويٰ آ سندءِ تير تفنگ تنهنجي آ تدبير_ بدلائي
جا تقدير،
اٿ تنهنجي پٺيان ايندي سڀئَي خلق الاهي_ اي مرد
مجاهد!!
وطن جي حب به ايمان جو مکيه جزو آهي، پاڪستان جي
قيام کان اڳ دلي خواهش جو ملاحظ ڪريو:
فرد
رهيو دل کي نه دنيا واري شوڪت شان سان مطلب،
اسان جو بس فقط هاڻي آ پاڪستان سان مطلب،
(15 ڊسمبر 1946ع هالا)
اميد، طالب الموليٰ سائين هيٺين طرح ظاهر آهي:
خدا جي لطف سان اڀريو هلالِ پاڪستان،
۽ هاڻ رهندا امير و غريب سڀ يڪسان.
(13جون 1947ع هالا)
مذڪور ته آهن مستقبل واري وطن بابت تاثرات مگر زاد
و بوم جي حال جي به ته خبر سڻو:
سنڌ ويچاريءَ جي بربادي جو ناهي ڪنهن کي غم،
ليڊريءَ جي ناز ۾ ليڊر آ خوش در خورد و نوش.
دعوتن ۽ محفلن جي گوڙ ۾ هر صبح و شام،
بند آهن آه غربا جي ٻڌڻ کان چشم و گوش.
قمقمه، قالين، صوفه سيٽ ٻيا بنگلا ۽ لان،
عيش ۽ عشرت ۾ وسريو ٿو وڃي پنهنجو وجود.
آهِ غربا آهي اندم دل خراشيءَ جو سبب،
پيشوائو خوش رهو، قائم رکو نام و نمود.
سنڌ ويچاري جي برباديءَ جو ناهي ڪنهن کي غم.
(13مئي 1950ع هالا)
ساڻيهه جي سڪ سيني ۾ جولان ڪري هيٺين دعا جي نموني
نمودار ٿي رهي آهي:
خدا سنڌ کي شل بچائي وٺي.
1_ وزارت جا جهيڙا اهي جي رهيا،
ته پوءِ سنڌ جو آهي حافظ خدا.
اچي ٿي نه ڪنهن کي صفا سمجهه ڪا،
مگر هر ڪنهين ساڻ وعدا وڏا.
ستم آ مٿي هر چڱي ۽ مٺي،
خدا سنڌ کي شل بچائي وٺي.
2_ غريبن کي حاصل ٿين ٿيون تڙيون،
آسن ۾ ويچارا وڃن ٿا سڙيون،
اميرن جي لاءِ قرب واريون ڪڙيون،
مئل وهٽ کي آهن هڻبيون اڙيون،
ڪڙهيو ٿا ڪڙهن جيئن سرون مجهه بٺي،
خدا سنڌ کي شل بچائي وٺي.
3_ وڙهن سانَ، ٻوڙا اچن منجهه
لتڙ،
الاهي ڏجيئن ڪا انهن کي اَڙَ.
ٻڌو ٿا رڳي بيوفائيءَ جي بڙ،
ڪري شل ڪو قادر ويچارن تي وڙ.
اڃا آهيون سڀ اُجايا اُٿي،
خدا سنڌ کي شل بچائي وٺي.
4_ عصر حاضر جي عڪس ڪشي:
عصر حاضر جي قلابازين جو گهرو اثر طالب الموليٰ
سائين جي نڪته دان دل تي پيو آهي جنهن جو عڪس
اوهان کي هيٺين مثالن مان بخوبي معلوم ٿي سگهندو:
(1)
”مئي دوساله و معشوق چهار ده ساله“،
اهائي ٻولي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي شام و سحر.
”سرور نغمئه شادي و باده نوشان نوش،
فنا ٿي آهي ويو ان ۾ هوش و قلب و نظر.
”سرود رقص به بانگ_ دهل که مي شنويم“،
ڪه نيست شاه و گدا راز حالِ خويش خبر.“
(19فيبروري 1953ع)
(2)
فقير حال نه آهي ته قال آهي ضرور،
مگر اسان جي ته ملا ۾ قال آهي نه حال.
اڄوڪو صوفي روايات جو آ مجموعو،
جمالِ ذات کان بيگانو ۽ نه خوش اعمال.
عجيب پيري مريدي آ عصرِ حاضر ۾،
نه فيض عام نه ايثار ۽ نه جاه و جلال.
سياست آهي اڄوڪي يا آهي عَياري،
نه انتظام نه ليڊر ئي آهي پخته خيال.
مئَي وزارت بي ڪيف و بي سرور آهي،
انهي ڪمال سان همدوش آ سدائين زوال.
کڻي ڀلي ڪو اچي، حق آ سڀ جو هڪ جهڙو،
ادا چڱائي برائي ته آهي وچ جو مال.
(26 مئَي 1954ع حيدرآباد)
(3)
نظامِ ملڪ اڄ درهم ۽ برهم ٿي رهيو آهي،
ادا هر بند کان آزاد آدم ٿي رهيو آهي.
جي صورت وئي بدلجي پر اهي اوساڻ ڪيئَن ويندا،
عجب آهي شغالِ شوم، ضيغم ٿي رهيو آهي.
اي مسلم تنهنجي غفلت تي نه دنيا ٿي رئي هردم،
مگر اڄ آسمانن ۾ به ماتم ٿي رهيو آهي.
ويو مقصد وچان نڪري رهي ڪا ڪانه اصليت،
جو اڄ قرآن فقط بيمار تي دم ٿي رهيو آهي.
عصرِ حاضر جون اهم ضرورتون دل ۾ هنڊايو:
(4)
شجاعت جي ضرورت آ شرافت جي ضرورت آ،
نجابت جي ضرورت آ، نقابت جي ضرورت آ.
عبادت جي ضرورت، رياضت جي ضرورت آ،
امامت جي ضرورت آ، اطاعت جي ضرورت آ.
هي سڀڪجهه آ چڱو يارو وليڪن هن زماني ۾،
وڏي ماڻهو ٿيڻ خاطر وزارت جي ضرورت آ.
علاجن مان هي بيمارِ سياست ڪين ڪي ڇٽندا،
انهن کي هاڻ مرسل جي شفاعت جي ضرورت آ.
اڄوڪا پيشوا ۽ رهنما ٺوڳي ٿيا آهن،
خدا جي خلق کي سچي امامت جي ضرورت آ.
(3 اپريل 1953ع هالا)
5_ فلسفيانه رفعت و رواني:
مذڪور ناگفته به حالات کانَ متاثر ٿيندي، هڪ نئين
جديد طرز استعمال ڪن ٿا جا سچ پچ طالب الموليٰ
سائين جي ڪلام ۾ هڪ وڏي جدت آهي:
(1)
جي هلي وس تان وري روزِ ازل پيدا ڪجي،
هر ڪنهن جي دل اندر جوشِ عمل پيدا ڪجي.
اي جوان همت جوانو ڪاهلن سستن جي اڄ،
هن گهڙي آرام گاهن ۾ خلل پيدا ڪجي.
هن پراڻي عشق جي رسمن ۾ ڪو ڦيرو اچي،
پيرسن ”ڪيوپڊ“ جي لاتير_ اجل پيدا ڪجي.
يا الاهي طالب الموليٰ کي ڪر تون ڪامياب،
محفل عياش ۾ جنگ و جدل پيدا ڪجي.
(17 جولائي 1950ع)
(2)
هن بهارِ جام دنيا ۾ خزان پيدا ڪريون،
عيش جي بزمن اندر آه فغان پيدا ڪريون.
سطوتِ سرمايه داري کي ڪجي في الفور ختم،
نئين زمين نئون آسمان ۽ نئون جهان پيدا ڪريون.
جنهن سان تهذيب فرنگي کي ڪري سگهجي تباه،
سو نرالو يار اندازِ بيان پيدا ڪريون.
يثرب و بطحيٰ هجي منزل جنهين جي نيٺ پڻ،
اهڙو جانبازن جو هڪڙو ڪاروان پيدا ڪريون.
عالمِ بالا ۾ پنهنجي حسنِ خدمت سان ادا،
طائرِ دل جو اتي هڪ آشيان پيدا ڪريون.
طالب الموليٰ جتي جبريل جي پڻ ناهي جاءِ،
صدق دل سان ان مڪان ۾ ڪو مڪان پيدا ڪريون.
(25 نومبر 1949ع هالا)
طالب الموليٰ سائين فلسفيانه ”اشارات“ جي وسيلي
هيٺين طرح پندو نصيحت جا واهڙ وهائي ٿو:
سڪونِ قلب جو ان کي ڪڏهن نصيب نه ٿيو،
قرار پنهنجو ڪيو جنهن قرار دنيا جو.
تون يار اهلِ بصيرت اڳيان ڪا لَهُه عزت،
ٻيو هي خاڪ اٿئي سڀ وقار دنيا جو.
تون اي مسافر ڇڏجيئن نه جاده منزل،
اڳيان اٿئي گهڻو گرد و غبار دنيا جو.
هي زندگي نه اٿئي خواب زندگي آهي،
خزان ئي ڄاڻ، جو آهي بهار دنيا جو.
هميشه رهجئين تون ”دل به يار دست به کار“،
متان ڇڪي نه وٺي توکي پيار دنيا جو.
اهوئي ”طالب مولا“ سدا رهيو رسوا،
بنيو جو نيٺ اچي رازدار دنيا جو.
(23 فيبروري 1949ع حيدرآباد)
ڪنهن مهل طالب الموليٰ سائين جي فلسفيانه ڪلام ۾
اها فصاحت، سلاست ۽ رواني هوندي آهي جو ننڍو وڏو
هنکي ورِد زبان ڪندو آهي. انهن مان هڪ مسدس جا چند
بند حظه خاطر پيش ڪريان ٿو جو هالا جي هر صغير ۽
ڪبير کي ياد رهندا آهن خصوصاً اسان جو ماستر
نارائڻ دا س (80) ته هن تي فريفته آهي:
هن پار ته رنگين آهي فضا، هُن پار نه ڄاڻان ڇا
هوندو؟
هن پار عجائب نازو ادا، هُن پار نه ڄاڻان
ڇا هوندو؟
هن پار نظر جا تير تکا، هُن پار نه ڄاڻان ڇا
هوندو؟
هن پار جواني جا جلوا، هُن پار نه ڄاڻان
ڇا هوندو؟
هن پار زياده حرص و هوا، هُن پار نه ڄاڻان ڇا
هوندو؟
هن پار ته آهي مهر و وفا، هُن پار نه ڄاڻان ڇا
هوندو؟
(2)
باغن ۾ گلن تي هر هر هر، بلبل جا نغما
روح افزا،
چيهن جي چڻ ڀڻ چاهه واري، چؤ طرف چمن ۾ صبح ومسا،
قُمري جي ڪوڪُو ڪوڪُو آ، ٻيا محبت مان ڪن
مور مزا،
اڌ رات اٿاري ننڊ منجهان، ٿي قرب واري ڪوئل جي
صدا،
هِنَ پار حسينن جا شڪوا، هُنَ پار نه ڄاڻان
ڇا هوندو؟
هن پار دلين جا سو سودا، هُن پار نه ڄاڻان
ڇا هوندو؟
(3)
ڪي مئَي پي محبت واري مچي منجهه موج مگن مخمور
رهن،
ڪي محبوبن سان من کي مڙهي، ۽ مام وٺي
مهجور رهن،
ڪي ماڳ مسرت ۾ محڪم، ڪي مهڻن سان مسرور
رهن،
ڪي مالڪ ملڪ حسن جا بڻجي، ماهر ٿي
مشهور رهن،
هِن پار ته آهي جرم و خطا، هُنَ پار
نه ڄاڻان ڇا هوندو؟
هن پار جنوني ۽ صحرا، هن پار نه ڄاڻان
ڇا هوندو؟
(4)
عاشق جو دليري ساڻ رهڻ، ناصح جي نصيحت ۽ زحمت،
زاهد جي عبادت ۽ تقويٰ، شاعر جي طنز سندي
عادت،
مولا سان مواليءَ جي الفت، ملا جي ريا
واري طاعت،
هر حال ۾ هر هڪ جي سر تي، الله جي بس
آهي رحمت،
هن پار عجائب ارض و سما، هُنَ پار نه ڄاڻان
ڇا هوندو؟
هن پار ته آخر آهي فنا، هن پار نه ڄاڻان
ڇا هوندو؟
(5)
ڪٿ مهر و غضب جي آهي نظر، ڪٿ دلبر ڏي ٿو
دلداري،
ڪٿ هجر و فراق جي ٻولي آ، ڪٿ وائي آهي وصل
واري،
ڪٿ پيار و محبت پلپل ۾، ڪٿ بره وارن کان
بيزاري،
ڪٿ طالب مولا مست مگن، ڪٿ نيهن وارن
سان نيزاري،
هِنَ پار ته هر هڪ بي پرواه، هُنَ پار نه
ڄاڻان ڇا هوندو؟
هن پار ته ناهي خوف خدا، هُن پار نه ڄاڻان
ڇا هوندو؟
عالم رويا جي تخيلي دنيا جو به سواد وٺو. اهڙي قسم
جو شعر طالب الموليٰ سائين جو ڳچ چيل آهي ۽ سڄو
مثنوي ۾ آهي هڪ عنوان مان چند بيت مثال طور ڏجن
ٿا:
عالم رويا ۾ مونکي هي عجب هڪ سير ٿيو،
ڇا ڏسان شهرِ خموشان آءٌ وڃي آهيان رسيو.
”جانِ من“ جي قبر تي فاتح پڙهي فارغ ٿيس،
حالِ ماضي جي تصور ۾ اتي ويهي رهيس.
جسم قبرستان ۾ هو روح هو ڪنهن ٻي طرف،
يار جي ديدار جو حاصل ڪيو پي مون شرف.
اوچتو هڪ آه سوزان آئي منهنجي گوش ۾،
ڄڻڪ هڪدم جي اندر بي هوش آيو هوش ۾،
منهنجي تنهائي ۽ محويت ۾ هن آندو فتور،
هڪ گهڙي ۾ آه! ٿيو ڪافور سڀ منهنجو سرور.
ان طرف هڪدم وڌيس، ويندي وڃي ات ڇا ڏسان.
قبر تازي آهي ۽ هڪ مه جبين ان جي اڳيان.
منهن تي مهروُ جي پريشان پيا آهن زلفِ دراز،
۽ سهاري قبر جي پئي آهي چشمِ نيم باز.
نرگسي اکين مان اشڪ هجر ٿيا آهن روان،
جوش غم کان زرد چهرو آهي جيئن گل منجهه خزان.
مون پڇيو ڪاڪر خبر ڇوهيئن ٿيو تنهنجو شباب،
ضبط گريه کي ڪري مونکي ڏنائين هي جواب.
”کارِ ما آخر شدو آخر زما کاري نه شد،
مشتِ خاڪ ماغبارِ ڪوچئَه ياري نه شد.“
|