| 
								 
                                زنده رود 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      اي جو حاصل توکي درد جستجو  | 
                                      
                                       
                                      شعر هن پنهنجي تي ڪا ڪا گفتگو  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                قمري کف خاکسترو بلبل قفس رنگ 
                                
                                اي ناله نشان جگر سوخته چيست؟(1) 
                                
                                غالب 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      دانهن جا پيدا ڪري سوز جگر  | 
                                      
                                       
                                      مون ڏٺو هر جاءِ تي ان جو اثر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آهه قمري سوز کان انجي جليل  | 
                                      
                                       
                                      رنگ بلبل کي انهيءَ کان آ مليل  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      موت ان ۾ آهه آغوش حيات  | 
                                      
                                       
                                      نقش هي هت آ حيات ۽ هت ممات  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آ جدا رنگن ۾ يڪرنگي سندس  | 
                                      
                                       
                                      رنگ اهڙو جنهن کان بيرنگي سندس  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تون نه ڄاڻين هي مقام رنگ و بو  | 
                                      
                                       
                                      آهه هو دل جو حصو هي هاءِ هو  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                رنگ وٺ يا ڪر تون بيرنگي گذر 
                                
                                جئن نشان توکي ڏئي سوز جگر 
                                
                                زنده رود 
                                
                                سؤ جهان اندر رکي نيري فضا 
                                
                                هر جهان کي اوليا ۽ انبيا 
                                
                                غالب 
                                
                                ڏس چڱائي ساڻ اندر هست و بود 
                                
                                آ مسلسل هي جهانن جو ورود 
                                
                                آ بپا هنگامهء عالم جتي 
                                
                                رحمة اللعالمين آهي تتي 
                                
                                زنده رود 
                                
                                فاش چؤ آ فهم منهنجو نارسا؟ 
                                
                                غالب 
                                
                                هي سخن ظاهر چوڻ آهي خطا 
                                
                                زنده رود 
                                
                                اهل دل جي گفتگو حاصل سوا؟ 
                                
                                غالب 
                                
                                نڪتي جي منهن تي اچڻ آ ناروا 
                                
                                زنده رود 
                                
                                تون سراپا آگ ۽ سوز طلب 
                                
                                ڇو نه ٿئين غالب سخن تي آ عجب 
                                
                                غالب 
                                
                                خلق تدبير ۽ هدايت ابتدا 
                                
                                رحمة اللعالمين آ انتها 
                                
                                زنده رود 
                                
                                مون ڏٺي معنى اڃا آهي نه ڪاءِ 
                                
                                آگ جي تو ۾ اٿي، مونکي جلاءِ 
                                
                                غالب 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      اي جو مون وانگر ڏسين اسرار شعر  | 
                                      
                                       
                                      هن سخن کي ڪين سمجهي تار شعر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      شاعرن بزم سخن کي ڪيو بپا  | 
                                      
                                       
                                      پر ڪليم آهن يد بيضا سوا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تون گهرين مون کان جو آهي ڪافري  | 
                                      
                                       
                                      ڪافري جا ماورائي شاعري  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                حلاج 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      جت ڏسين جي ڪو جهان رنگ و بو  | 
                                      
                                       
                                      جا مٽي انجي مان اسري آرزو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      يا ته نور مصطفى ان جي بها  | 
                                      
                                       
                                      يا اڃا اندر تلاش مصطفى  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                زنده رود 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      ٿو پڇان توکان پڇڻ هي آ خطا  | 
                                      
                                       
                                      راز ان جوهر جو آ جو مصطفى  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آدمي يا آهه جوهر در وجود  | 
                                      
                                       
                                      جو اچي ٿو گاه گهه اندر وجود  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                حلاج 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      انجي آڏو نرڙ گيتي جو جهڪي  | 
                                      
                                       
                                      پاڻ کي خود عبده جو نانءُ ڏي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عبده کي سمجهه نا سمجهي سگهي  | 
                                      
                                       
                                      ڇو ته هو آدم به ٿي جوهر
                                      
                                      
                                       به ٿي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      انجو جوهر نا عرب آ، نا عجم  | 
                                      
                                       
                                      آهه آدم، پر انهيءَ کان وڌ قدم  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عبده صورت گر تقدير آهه  | 
                                      
                                       
                                      ان ۾ ويران جاءِ پڻ تعمير آهه  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عبده آ جانفرا ۽ جانستان  | 
                                      
                                       
                                      عبده شيشو به ۽ سنگ گران  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عبد ٻيو، شي عبده ٻي آ مگر  | 
                                      
                                       
                                      انتظار آهيون اسان، هو آ نظر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عبده دنيا آ، دنيا عبده  | 
                                      
                                       
                                      رنگ سڀ آهيون ۽ هو بي رنگ و بو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عبده کي ابتدا بي انتها  | 
                                      
                                       
                                      عبده کي صبح و شام آهي نه ڪا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عبده جي ڳجهه کان ڪو آگاهه ناهه  | 
                                      
                                       
                                      عبده ري سر الا الله ناهه  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      لااله تلوار آ، دم عبده  | 
                                      
                                       
                                      صاف چؤ آهي مڪرم عبده  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عبده آ رهنمون ڪائنات  | 
                                      
                                       
                                      عبده راز درون ڪائنات  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      مدعا پيدا نه ڪن ٿا هي ٻه بيت  | 
                                      
                                       
                                      جيستائين تو نه سمجهيو، ”مارميت“  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                ڇڏ ٻيو گفت وشنود اي زنده رود 
                                
                                غرق ٿي اندر وجود اي زنده رود 
                                
                                زنده رود 
                                
                                گهٽ سڃاتم عشق کي آ ڪار ڇا 
                                
                                ذوق ديدار آهه، پر ديدار ڇا 
                                
                                حلاج 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      معنيءَ ديدار آ آخر زمان  | 
                                      
                                       
                                      حڪم تي گردن نمائڻ هر زمان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جيءُ جهان ۾ جئن رسول انس و جان  | 
                                      
                                       
                                      تا ٿئين ان جان قبول انس و جان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      پاڻ کي ڏس پوءِ اهو ديدار آهه  | 
                                      
                                       
                                      انجي سنت هڪ سندس ديدار آهه  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                زنده رود 
                                
                                ڇاهه ديدار خدائي نو سپهر 
                                
                                حڪم سان جنهنجي هلي ٿو ماه و مهر 
                                
                                حلاج 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      نقش حق اول آ صدقو جان ڏيڻ  | 
                                      
                                       
                                      پوءِ گڏ ان سان جهان ۾ آ جيڻ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      نقش جان دنيا ۾ بڻجي جئن تمام  | 
                                      
                                       
                                      ٿو ٿئي ديدار حق ديدار عام  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      خوب آ او مرد، جو هو ٿو ڪري  | 
                                      
                                       
                                      نوفلڪ جنهنجي گهٽي ۾ ٿو ڦري  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      واءِ هو درويش جو هو کي ڄڻي  | 
                                      
                                       
                                      چپ ٻڌي دم، پنهنجي اندر ۾ کڻي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جنهن جهان ۾ حڪم حق جاري نه ڪيو  | 
                                      
                                       
                                      جوکي کائي جو نه ڪراري سکيو
                                        | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      خانقه ٺاهي ۽ خيبر کان ڇٽو  | 
                                      
                                       
                                      راهبي ۾ پئي حڪومت کان ٽٽو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      نقش حق بڻجي؟ جهان نخچير ٿي  | 
                                      
                                       
                                      هم عنان تقدير با تدبير ٿي  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                عصر حاضر جنگ توسان ٿو رٿي 
                                
                                نقش حق کي هڻ انهيءَ ڪافر مٿي 
                                
                                زنده رود 
                                
                                نقش حق اندر جهان اڇليو اٿن 
                                
                                مان نه ڄاڻان ٿو ڪٿان اڇليو اٿن؟ 
                                
                                حلاج 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      يا ته روز دلبري جو هيءُ ڪم  | 
                                      
                                       
                                      يا ته زور قاهريءَ جو هيءُ ڪم  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڇو ته آهي دلبري کان زور حق  | 
                                      
                                       
                                      دلبري ۾ قاهري کان زور حق  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                زنده رود 
                                
                                چؤ وري اي صاحب اسرار شرق 
                                
                                زاهد و عاشق ۾ ڇا آهه فرق؟ 
                                
                                حلاج 
                                
                                زاهد اندر عالم دنيا غريب 
                                
                                عاشق اندر عالم عقبى غريب 
                                
                                زنده رود 
                                
                                معرفت جي انتها نابودگي 
                                
                                آ فنا جي زندگي آسودگي 
                                
                                حلاج 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      سڪر
                                      
                                       يارن جو تهي پيمانگي  | 
                                      
                                       
                                      معرفت کان نيستي بيگانگي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تون فنا ۾ ٿو ڏسين مقصود کي  | 
                                      
                                       
                                      ڪٿ عدم حاصل ڪري موجود کي  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                زنده رود 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      پاڻ کي آدم کان جو بهتر ڏسي  | 
                                      
                                       
                                      ان جي مٽ ۽ جام ۾ مي آ ڪٿي؟  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      خاڪ جي مٺ آهه گردون آشنا  | 
                                      
                                       
                                      آگ هي بي سرو سامان ڪٿ ڀلا؟  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                حلاج 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      بد نه چو خواجهء اهل فراق  | 
                                      
                                       
                                      آ، ازل کان تشنه ۽ خوني مذاق  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      سڀ اسان جاهل ۽ او عارف زمان  | 
                                      
                                       
                                      ڪفر انجي راز هن کي ڪيو عيان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڏي ڪرڻ کانپوءِ لذت ٿو اٿڻ  | 
                                      
                                       
                                      آ خوشي جي واڌ درديلو هئڻ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عاشقي آ، آگ ۾ انجي جلڻ  | 
                                      
                                       
                                      آگ انجي ري جلڻ ناهي جلڻ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عشق و خدمت ۾ اهو آ پيشوا  | 
                                      
                                       
                                      راز انجي کان نه آدم آشنا  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                چاڪ ڪر پيراهن تقليد کي 
                                
                                سک وڃي ان کان ره توحيد کي 
                                
                                زنده رود 
                                
                                آ ولايت روح جي توکي سدا 
                                
                                هڪ گهڙي مون ساڻ صحبت ڪر اڃا
                                 
                                
                                حلاج 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      آ، اسان کي ڪين هردم هڪ مقام  | 
                                      
                                       
                                      ذوق پروازي کان آهيون در خرام  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هر گهڙي آهي ڏسڻ سان گڏ جلڻ  | 
                                      
                                       
                                      آهه کنڀن ري اڏامڻ  ۽ هلڻ  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                ظاهر ٿيڻ اهل فراق جي سردار ابليس جو 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      نيڪ مردن ساڻ صحبت هڪ ٻه دم  | 
                                      
                                       
                                      سچ ته آ سرمايهء بود و عدم  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عشق کي شوريده تر هي ٿي ڪري  | 
                                      
                                       
                                      عقل کي صاحب نظر هي ٿي ڪري  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      اک کي ٻوٽيم ته ان سان گڏ هجان  | 
                                      
                                       
                                      جئن مقام ديده کان دل ۾ ڏسان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      اوچتو دنيا ڏسان تاريڪ ٿي  | 
                                      
                                       
                                      هن مڪان کان لامڪان تاريڪ ٿي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      رات ان ۾ شعلو هڪ ظاهر  ڏٺم  | 
                                      
                                       
                                      پيرسن ايندي اتان ٻاهر ڏٺم  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      سرمئي ان کي قبا جو پوش هو  | 
                                      
                                       
                                      ور وڪڙ دونهين ۾ بي پر جوش هو  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                هن چيو رومي هي سر اهل فراق 
                                
                                آ سراپا سوز ۽ خوني مذاق 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      گهٽ کلڻ وارو هي پوڙهو ڪم سخن  | 
                                      
                                       
                                      اک انجي جان ڏسي اندر بدن  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      رند ۽ ملا، حڪيم ۽ خرقه پوش  | 
                                      
                                       
                                      آ عمل ۾ گهٽ نه زاهد سخت ڪوش  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      انجي فطرت ۾ نه آ ذوق وصال  | 
                                      
                                       
                                      زهد ڇا، ترڪ جمال لا يزال  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ٿي جمال يار کان نا آشنا  | 
                                      
                                       
                                      ترڪ سجدي کان ڪئي ان ابتدا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڏس ذرا ٿوريئي انجي واردات  | 
                                      
                                       
                                      مشڪلات انجي نهاري ڏس ثبات  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                آهه ان وٽ جنگ خير و شر اڃا 
                                
                                سؤ پيمبر هن ڏٺا ڪافر اڃا 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      جان تن ۾ سوز ان کان ٿي طپان  | 
                                      
                                       
                                      آهه غم آلود ان کان ٿي عيان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هئن چيائين اڌ پٽي اک کي کڻي  | 
                                      
                                       
                                      مون بنا ڏس ڪو عمل جو ٻيو ڌڻي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ايترو مشغول ڪم ۾ مان سدا  | 
                                      
                                       
                                      آهه جمعي جي به فرصت ڪانه ڪا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڪين مونکي آ فرشتو يا غلام  | 
                                      
                                       
                                      وحي منهنجو ري پيمبر آ مدام  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      نا ڪتاب ۽ نا حديث آهي ملي  | 
                                      
                                       
                                      جان شيرين مان فقيهن کان کسي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      دين جو رشتو فقيهن کان فنا  | 
                                      
                                       
                                      منهدم
                                      
                                      
                                       ڪعبي جي ٿي تن کان پنا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      منهنجي آئين جي اها تاسيس ڪٿ  | 
                                      
                                       
                                      فرقو اندر مذهب ابليس ڪٿ!  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      مان ڇڏيو جي آ سجود اي بي خبر  | 
                                      
                                       
                                      ساز ٺاهيم ارغنون خير و شر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ذات حق کان مونکي منڪر ڪين وٺ  | 
                                      
                                       
                                      کول اک باطن تي ظاهر ڪين وٺ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جي چوان مان نيست هي آ ابلهي  | 
                                      
                                       
                                      ديد کان پوءِ نيستي ڪاڏهن ٺهي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      مان ’بلى،
                                      
                                      
                                       ۾ ’لا ‘ جي آ چيو  | 
                                      
                                       
                                      مون چيو جو ڪينڪي خوشتر هيو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      پنهنجي بڇڙائي ڪئي مون آشڪار  | 
                                      
                                       
                                      توکي آيو ذوق ’ترڪ و اختيار‘  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      باهه منهنجي کان مونکي آزاد ڪر  | 
                                      
                                       
                                      آءُ آدم ڪار هن ۾ پير ڀر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      اي جو منهنجي بند ۾ ڦاسي پئين  | 
                                      
                                       
                                      رخصت عصيان شيطان کي ڏئين  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڌار همت پاڻ ۾ مردانه جيءُ  | 
                                      
                                       
                                      غمگساري ڇڏ، مونکان بيگانه جيءُ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      منهنجي نيش و نوش کان ٿي بي نياز  | 
                                      
                                       
                                      نامهء اعمال کي ڪر سرفراز  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هٿ اٿي صياد جي نخچير سؤ  | 
                                      
                                       
                                      تون جي نخچير آنهه مون وٽ تير سؤ  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                صاحب پرواز کي افتاد ناهه 
                                
                                صيد جي دانا ٿئي صياد ناهه“ 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      مون چيس ڇڏ هيءُ آئين فراق  | 
                                      
                                       
                                      ابغض الا شياء عندي الطلاق  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      چيائين ”ساز زندگي سوز فراق  | 
                                      
                                       
                                      ٿي وڻي هي مستي روز فراق  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      منهنجي منهن تي وصل جو ناهي سخن  | 
                                      
                                       
                                      وصل جي چاهيان ته ڪٿ هي انجمن  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      وصل جي ٿيس حرف کان مان دور دور  | 
                                      
                                       
                                      دل ۾ انجو آهه تازو سوز سور  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      پنهنجي دونهين ۾ گهڙي سوزان وري  | 
                                      
                                       
                                      پنهنجي دونهين ۾ ٿيو پنهان وري  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                ور وڪڙ دونهين مان ٿيو واڪو بلند 
                                
                                ڪيتري جان خوش اها جا دردمند 
                                
                                  
                                
                                ابليس جي فغان 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      اي خداوند صواب و نا صواب  | 
                                      
                                       
                                      صحبت آدم ڪيو مونکي خراب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      حڪم منهنجي کان نه هن منهن موڙيو  | 
                                      
                                       
                                      پاڻ کي هٿ سان پنهنجي ٻوڙيو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      خاڪ هنجي ڪٿ سکيو آهي ”اَبا“
                                        | 
                                      
                                       
                                      هي نه ڄاڻي ٿو شرار ڪبريا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      صيد ٿو صياد سان ٿي ڪن وزير  | 
                                      
                                       
                                      الامان هي بندهء فرمان پذير  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      صيد اهڙي کان مونکي آزاد ڪر  | 
                                      
                                       
                                      منهنجي طاعت ڪالهه واري ياد ڪر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      پست همت منهنجي هن کان هاءِ هاءِ!  | 
                                      
                                       
                                      واءِ مونتي واءِ مونتي واءِ واءِ!  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      خام فطرت، عزم هنجو آ ضعيف  | 
                                      
                                       
                                      منهنجي ڌڪ جي تاب کان روئي حريف  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      بندهء صاحب نظر مون کي کپي  | 
                                      
                                       
                                      هڪ حريف پخته تر مونکي کپي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آب و گل جي هي گڏي بيڪار آهه  | 
                                      
                                       
                                      پيرسن آڏو نڪمو ٻار آهه  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ابن آدم آهه ڇا؟ مٺ آ ڪکن  | 
                                      
                                       
                                      مٺ ڪکن ليء چڻنگ هي آهي ڪفن  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هن جهان ۾ جي ڪکن جي هست وبود  | 
                                      
                                       
                                      آگ هي بيسود منهنجي بي نمود  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      شيشه کي ڳارڻ سڄوئي عار آهه  | 
                                      
                                       
                                      پري ڳري پٿر ته او با ڪار آهه  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هي فتوحات آهه مون ليءَ درد سر  | 
                                      
                                       
                                      مان وٺي انصاف آيس، ڪجهه ته ڪر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      پاڻ کان منڪر هجي جو ٿو کپي  | 
                                      
                                       
                                      مردان ڏي، ڪا ته مون کي راهه ڏي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      او کپي ٻانهو جو گردن کي وٺي  | 
                                      
                                       
                                      جسم هي جنهن جي نگاهن کان ڏڪي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جو چوي منهنجي نظر کان ٿي پري  | 
                                      
                                       
                                      ٻن جون کان وڌ نه قيمت جو ڪري  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                اي خدا هڪ زنده مرد حق پرست! 
                                
                                آهه منهنجي لاءِ بهتر او شڪست! 
                                
                                 |