| 
								 
                                
                                  
                                
                                 
                                
                                مناجات 
                                
                                  
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      آدمي ست رنگ دنيا ۾ سدا  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      چنگ وانگر ٿو رهي گرم نوا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آ طلب ۾ همنفس جي بيقرا  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ٿي سيکاري کيس جا دانهون هزار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      پر جهان هي جو سڄو ئي آب و گل  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ڪئن چئي سگهجي ٿو واقف ڪار دل  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      بحر و بر، جبل ۽ ٽڪر گنگو ۽ چپ  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      آسمان، سج ۽ قمر گنگو ۽ چپ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      گرچ اُڀ تي آهه تارن جو هجوم  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      پر گذارن دور هڪ ٻي کان نجوم  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هو به آهن جئن اسين بيچاره سڀ  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      اُڀ جي نيراڻ ۾ آواره سڀ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      قافلو جنهن جو سفر بي برگ و ساز  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      آ ڪشادو آسمان، راتيون دراز  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هي جهان صيد ۽ اسين صياد سڀ  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ياد گذريل جا اسير ياد سڀ  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                مان رنس پر ڪير ٿو ان کي ٻڌي 
                                
                                همـنفس 
                                
                                [1] فرزند آدم کي ڪٿي 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      مون ڏٺو روز جهان چارسو  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      جنهن جي تنويرن کان چمڪي ڪاخ وڪو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      انجو سياري جي گردشن کان وجود  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      پاڻ ڪجهه به ڪين آ، پر رفت و بود  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      اي خوشا او ڏانهن جو ايام کان  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      بي تعلق آهه صبح و شام کان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      روح کي ان کان ملي جي روشني  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      رنگ جان آواز بڻجي ديدني  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      غيب انجي تاب کان بڻجي حضور  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      جنهن جي نوبت لايزال ۽ بي مرور  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                اي خدا ڪنهن ڏينهن ڪر، او ڏينهن قريب 
                                
                                وٺ مون کان بي  سوز هي ڏينهن بي نصيب 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      آيهء 
                                      
                                      ê تسخير ڪنهن جو شان آهه؟  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ڪنهن تي نيرو آسمان حيران آهه؟  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      علم الاسماءِ جو دانا ڪير آهه؟  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      مست ساقي، جام، صهبا ڪير آهه؟  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هن جهان ۾ اشرف عالم آ ڪير؟  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      راز مخفيءَ جو بڻيو محرم آ ڪير؟  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تير تنهنجي، منهنجي سيني کي چٽيو  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      حرف اَدعوني کي ڪنهن ڪنهن لي چيو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      رخ سندءُ ايمان ۽ قرآن آهه  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      تنهنجي جلوي کان پري ڇو جان آهه  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                جي گهٽ پکڙجي سؤ شعاع آفتاب 
                                
                                گهٽ نه ٿي، ان سان متاع آفتاب 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      عصر حاضر جو آهي شڪار  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      آ ڪٿي منهنجي او جان بيقرار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      صديون ٿو پاڻ کي ڳولهي وجود  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      تان ڪري بيتاب جان، حاصل نمود  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      سچ ته هي آهي ته زمين شوره راز  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      آرزو جو تخم جت ناسازگار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آهه لاحاصل مٽي ۽ هي پراڻ  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ان مان دل پيدا ٿئي گهٽ ڪين ڄاڻ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      چنڊ آهين اچ شبستان ۾ سندم  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      منهنجي بي نوري جو ٿئي جئن دور غم  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      باهه ڇو ڪک کان ڪري پرهيز ٿي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      وڄ ڪرڻ کان ڇو ڪري پهلو تهي  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                ٿو جيان پر ٿو جيان اندر فراق 
                                
                                ڪاش ٿي هن نيري ڇت ڏي اتفاق 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      بند در آهي انهيءَ کي باز ڪر  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      قدسين سان خاڪ کي همراز ڪر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آگ سيني ۾ اچي منهنجي جڳاءِ  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      عود کي باقي رکي، ڪاٺيون جلاءِ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      باهه تي رک پوءِ منهنجي عود کي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      عام ڪر دنيا ۾ اُنجي دود کي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      باهه ۾ پڄرڻ جو سامان تيز ڪر  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هان تغافل سان نگهه آميز ڪر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      توکي ڳولهيان پر اکين کان آنهه دور  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      مان جڏو هان، تون وسين اندر حضور  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      کول اچ هن پرده اسرار کي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      يا ته وٺ هن جان بي ديدار کي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      فڪر جو وڻ منهنجو آهي بي ثمر  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      يا ڪهاڙي آڻ يا باد سحر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عقل بخشش ٿيو، جنون پڻ بخش ڪر  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      جذب اندر جي ٿئي حاصل نظر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      علم کي افڪار 
                                      کان آهي مقام  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      عشق جو گهر آهه قلب لاينام  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      علم آهي عشق کان ئي ڪامياب  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      فڪر ان ري آ تماشو ۽ حجاب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هي تماشو آهه سحر سامري  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      علم بي روح القدس افسو نگري  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ري تجلي مرد دانا ڇا ڪري  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      فڪر پنهنجي جي ڌڪن کان ئي مري  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ري تجلي زندگي مجبوري آهه  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      عقل مجبوري ۽ دين مهجوري آهه  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هي جهان، ميدان، ٽڪر ۽ بحر وير  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      مان ”نظر“ چاهيان، ٻڌائن هو ”خبر“  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      بخش منزل هن دل آواره کي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      چنڊ سان رک هن وري مھ پاره کي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      منهنجي مٽي کان نه پورو ٿي ڪلام  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      حرف مهجوري نه ٿي هرگز تمام  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      زير گردون پاڻ کي ڀانيان غريب  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      آسمان کان چؤ کڻي اِني قريب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تان ٿين هن چنڊ ۽ سج جان غروب  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      شرق و غرب ۽ هي شمال ۽ هو جنوب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هن طلسم دوش فردا کان ڇٽان  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      چنڊ، سج، ڪتي کان اڳتي ٿي وڃان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تون سدا روشن اسين آهيون شرار  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هڪ ٻه ٽي دم سي به فاني مستعار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هن حيات ۽ موت کي ڄاتو ڪٿي؟  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ريس خالق سان ڪري ٻانهو ڪٿي؟  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      بندهء آفاق هي آ ناصبور  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      نا وڻي ٿو غيب هن کي نا ظهور  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڪجهه نه آهيان جاوداني 
                                      
                                       ڪر 
                                      مونکي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      مان زميني، آسماني ڪر مونکي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ضبط ڏي گفتار ۽ ڪردار ۾  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      راهه پيدا ڪر سندم رفتار ۾  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جو چيم ان جو جهان آهي ٻيو  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هن لکڻ جو آسمان آهي ٻيو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      بحر آهيان جوش منهنجو گهٽ نه ٿي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      جو اچي ڪن ۾ سندم آهي ڪٿي  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                حرف جوانن تي سندم آسان ڪرين 
                                
                                تار کي تن لاءِ تانگهي جان ڪرين 
                                
                                  
                                
                                
                                 
  
                                
                                 
                                
                                تمهيد آسماني 
                                
                                پيدايش جو پهريون ڏينهن 
                                
                                آسمان زمين کي طعنو ٿو هڻي 
                                
                                  
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      زندگي آ لذت غيب و حضور  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      نقش جنهن جو آ جهان ويجهو ۽ ڏور  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ٿي نفس جي تاران کان ائين ٽٽي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      وقت انجو رنگ حيرت سان ڏسي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آهه هرجا ذوق و شوق خوگري  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      نعرو آ، ”من ديگرم تو ديگري“  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      چنڊ تارن کي ٽلڻ بخشش مليو  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      سؤ ڏين سان هي جهان روشن ٿيو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آسمان نيري مٿان هنيو آفتاب  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      سون جو تنبو ۽ چانديءَ جو طناب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      صبح پهريائين افق تان سر کنيو  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      عالم نوزاده کي ڀاڪر کنيو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ملڪ آدم جو رڳو هو خاڪدان  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      انجو ميدان هو، اڃا بي ڪاروان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هو پهاڙن ۾ نه نهرن جو گذر  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      رڻ پٽن ۾ هئي نه بارش ۽ ڪڪر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هو وڻن ۾ ڪين پکي جو سرود  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      مرغزارن ۾ نه هرڻن جو وجود  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      بي تجلي هو سمورو بحر و بر  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ور وڪڙ دونهين جيان بيجان اثر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      سبزي کان هئي دور باد فرودين  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هو اڃان آرام ۾ نه زير زمين  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      اُڀ نيري هئن زمين تي طعن ڪي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      تو جيان قسمت نه مون ڪنهنجي ڏٺي
                                        | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      منهنجي اندر تو جيان انڌو نه ٻيو  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      منهنجو ئي قنديل توليءَ نور ٿيو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      خاڪ جي الوند ٿي، ري خاڪ ناهه  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      دائما روشن جئن افلاڪ، ناهه  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      يا ته جيءُ ۽ ڌار ساز دلبري  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      يا مري ڇڏ، ننگ و عار ڪمتري  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      اُڀ جي طعني زمين ڪئي شرمسار  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      نااميد ۽ دل گران ۽ بيقرار  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                پنهنجي بي نوري کان خالق وٽ رني 
                                
                                تان ندا ان طرف کان گردون ڏني 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      تون اَمانت پنهنجي کان اي بي خبر  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      غم نه ڪر، اندر ۾ وجهه پنهنجي نظر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڏينهن روشن ٿو ڪري شور حيات  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ڪينڪي هي نور، جو آ هر جهات  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      سج کان نور صبح آ داغدار  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ”نورجان“ کان دور گردن روزگار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ”نورجان“ بي جاده آ، اندر سفر  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      چنڊ، سج جي نور کان سيار تر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تو مٽايو پنهنجو ڇو نقش اميد  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ”نورجان“ آ خاڪ کان تنهنجي پديد  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عقل آدم جو جهان تي حمله ور  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      عشق ان جو لامڪان تي حمله ور  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      رهنما آ فڪر ان جو بي دليل  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ان جي اک بيدار رشڪ جبرئيل  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      خاڪ هي پرواز ۾ جئن آ ملڪ  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      واٽ ۾ ان جي سراسري آهي فلڪ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ٿو چڀين اندر وجود آسمان  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      جئن سئي ريشم جي ڪپڙي ۾ نهان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جي ڪري ڌوئي صفا پنهنجو وجود  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      بي نگهه انجو جهان، انڌو ڪبود  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      گرچه بي تسبيح ۽ خونريز آ
                                        | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هن جهان جي لاءِ پر مهميز آ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      انجي اک روشن بڻائي ڪائنات  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      تان ڏسي ٿو ذات کي اندر صفات  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                جو ٿيو عاشق جمال ذات جو 
                                
                                آهه سيد جمله موجودات جو 
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                نغمهء ملايڪ 
                                
                                مٽيءَ جي مٺ ملايڪ کان وڃي افزون ٿئي هڪ ڏينهن 
                                
                                زمين تقدير کان پنهنجي، وڏي گردون ٿئي هڪ ڏينهن 
                                
                                حوادث کان خيال اُنجو، سدائي پرورش پائي 
                                
                                ڪنن مان اڀ جي نڪري، امٽ بيچون ٿئي هڪ ڏينهن 
                                
                                وڃي آدم جي معنى ڏس نه پڇ ان جي حقيقت کي 
                                
                                طبيعت ۾ جکي ٿي جا، اها موزون ٿئي هڪ ڏينهن 
                                
                                اهو پامال مضمون ايترو موزون ٿي ويندو 
                                
                                دل يزدان سندس تاثير کان پر خون ٿئي هڪ ڏينهن 
                                
                                  
                                
                                
                                 
  
                                
                                تمهيد زميني 
                                
                                  
                                
                                حضرت رومي جو روح ظاهر ٿئي ٿو 
                                
                                ۽ معراج جي اسرار جي تشريح ٿو ڪري 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      عشق شور انگيز بي پروائي شهر  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ناپسند ان کي لڳي غوغائي شهر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      انجي خلوت آهه دشت وڪوهسار  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      يا ته دريا تي جتي موجون هزار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      مان جو يارن ۾ ڏٺم نا غمگسار  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      دم گهڙي ويٺس وڃي دريا ڪنار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      بحر ۽ سامهن غروب آفتاب  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      نيلگون پاڻي شفق کان لعل تاب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ٿو ڏئي ذوق نظر سج جو غروب  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      شام لئي رنگ سحر سج جو غروب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      دل ۾ ڪيئي گفتگو ٿي سانڍيم  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      آرزو ۽ جستجو ٿي سانڍيم  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آه! فاني، جاوداني کان پري  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      جيئرو هان زندگاني کان پري  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تشنه آهيان دور چشمي جو ڪنار  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هن غزل کي ات پڙهيم ٿي بار بار  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                  
                                
                                غزل 
                                
                                
                                (1)بکشائي 
                                لب که قند فراوانم آرزوست 
                                
                                
                                (2)بنمائي 
                                رخ که باغ و بستانم آرزوست 
                                
                                يک دست جام باده و يک دست زلف يار 
                                
                                رقص چنين ميانهء ميدانم آرزوست 
                                
                                
                                (3)گفتي 
                                زناز بيش مرنجان، مرا برو 
                                
                                آن گفتنت که بيش مرنجانم آرزوست 
                                
                                
                                (4)اي 
                                عقل توز شوق پراگنده گوئي شو 
                                
                                اي عشق نکته هائي پريشانم آرزوست 
                                
                                
                                (5)اين 
                                اب و نان چرخ چو سيل ست بيوفا 
                                
                                من ماهيم نهنگيم و عمانم آرزوست 
                                
                                
                                (6)جانم 
                                ملول گشت نه فرعون و ظلم او 
                                
                                آن نور جبيب موسى عمرانم آرزوست 
                                
                                
                                (7)دي 
                                شيخ با چراغ همي گشت گرد شهر 
                                
                                کزديو ود د ملولم و انسانم آرزوست 
                                
                                
                                (8)زين 
                                مهربان سست عناصر دلم گرفت 
                                
                                شير خدا و رستم دستانم آرزوست 
                                
                                شير خدا و رستم دستانيم آرزوست 
                                
                                
                                (9)گفتم 
                                که يافت مي نشود، جسته ايم ما 
                                
                                گفت آنکه يافت مي نشود آنم آرزوست 
                                
                                - رومي 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      موج ننڊ ۾ هئي مٿان سنجاب آب  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ٿي اُفق تار ۽ لهي ويو آفتاب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      انجي دولت مان ذرو چورايو شام  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هو ستارو، جئن حسين بالائي بام  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      روح رومي(1) 
                                      نڪتو پردي کي ڇڏي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      پٺ کان ٽڪري جي ظاهر ٿيو مٿي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      رخ سندس چمڪيو ٿي مثل آفتاب  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      اُن جي پيريءَ ۾ لڪل عهد شباب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جسم ۾ ان جي هو نور سرمدي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هو سراپا هو سرور سرمدي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      منهن تي انجي سر پنهان وجود  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      حرف ۽ آواز جو جنهنکان نمود  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      حرف هر هڪ انجو آئيني مثال  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      سوز ’اندر‘ ساڻ انجي هر مقال  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      مان چيس ”موجود، ناموجود ڇا؟  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      معنيءَ محمود نامحمود ڇا؟“  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ”آهه جو موجود“ چيائين ”آنمود“  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      جنهن کان ظاهر آ تقاضائي وجود  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      زندگي معنى سينگارڻ پاڻ کي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هان شهادت لي سنوارڻ پاڻ کي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آ الستي، تن کان روشن انجمن  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      سي سدا پنهنجي شهادت ٿا مڱن  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      زنده آهين، يا مئل يا جان بلب  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هي ٽئي شاهد، شهادت کي طلب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      شاهد
                                        اول 
                                      اَٿي پنهنجو شعور  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      نور پنهنجي سان ڏسڻ ٻي جو ظهور  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      شاهد ثاني اهو آهي شعور  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      نور ٻي جي سان ڏسڻ پنهنجو حضور  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      شاهد ثالث، شعور ذات حق  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      پنهنجو رهبر ٺاهه نور ذات حق  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      نور هن تي جو رهي ٿو استوار  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      حي و قائم ٿي خدا وانگر شمار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جاءِ تي پنهنجي رسڻ آ زندگي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ذات بي پرده ڏسڻ آ زندگي  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                مرد مومن کي نه اٽڪائي صفات 
                                
                                مصطفى راضي نه ٿيو الا بذات 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      آهه ڇا معراج دلبر جو ڏسڻ  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      امتحان محبوب جي سامهن ڏيڻ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      شاهد عادل سندس تصديق ري  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      زندگي کي گل جيان ڏي رنگ هي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      انجي حاضر ۾ ڪٿي ڪو استوار  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      جي رهي ڪو، آهه او ڪامل عيار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تاب هي هٿ مان نه ڇڏ دولت اَٿي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      تاب پختو ڪر اها نعمت اَٿي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تاب پنهنجي کي وڌائڻ آ چڱو  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      پيش سج وي آزمائڻ آ چڱو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ٻيو رٿج، پيڪر
                                      
                                      
                                       پراڻو هي اٿي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      امتحان ڪر پنهنجو ۽ ’موجود‘ ٿي  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                هن طرح ”موجود“ ڏس ”محمود“ آهه 
                                
                                زندگي جي آگ نه ته هي دود آهه 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      پوءِ چيم حق جي اڳيان ڪئن ٿي وڃڻ  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ڪوهه، خاڪ ۽ آب کان ڪئن ٿي وڃڻ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آمرو خالق، کان گهٽ آ امرو خلق  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      سڀ چٽيل آهيون اسان ۽ خسته خلق  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هئن چيائين توکي جي سلطان ملي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ٿي سگهي ٿو آسمان تون ڀڃي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ترس ڏس، عريان ٿئي هيءَ ڪائنات  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      پنهنجي دامن کان ڇنڊي گرد جهات  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      انجي هستي ۾ نه وڌ آهي نه ڪاڻ  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      پاڻ ۾ ڏس ان کي، ان ۾ پاڻ ڄاڻ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      نڪتهء الا بسلطان ياد ڪر  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ورنه پنهنجو پاڻ تون برباد ڪر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڄم جي رستي سان اي مرد عزيز  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هن جهان ۾ تون آئين باصد تميز  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تون اگر ٻاهر اچڻ ڄمندي سکين  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      بند کان خود کي ڇڏائي ٿو سگهين  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      پر نه آب و گل کان تنهنجو آهه ”ڄم“  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      نڪتو هي ڄاڻي ڪوئي صاحب فهم  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هو سڄي مجبوري آ، هي اختيار  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هو لڪل پردي ۾، هي آ آشڪار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هڪ رئڻ ۾ آهه ۽ ٻيو ٿو کلي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      يعني هو ڳولي ٿو ۽ هي ٿو ملي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هو سڪون ۽ سير اندر ڪائنات  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هي سراپا سير فارغ از جهات  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      رات ڏينهن محتاج هڪڙو بيقرار  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ٻيو سدائي رات ڏينهن تي آ سوار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ٻار جو ڄم پيٽ جي آهي شڪست  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      مرد جو ڄم، ٿو جهان کي ڏي شڪست  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هن ڄمن جو هڪ ثبوت آهي آذان  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هو چپن مان ٿا ڏين، هي روح مان  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                جي ڄمي بيدار جان اندر بدن 
                                
                                ٿو پوي لرزي ۾ هي دير ڪهن 
                                
                                  
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      مون چيس ڇا آ ڄمڻ ڄاڻان نه ٿو  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ”زندگي جو شان“ چيائين هي سڄو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      زندگي جا ڪرشما غيب و حضور  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هڪ ثبات اندر، ٻيو اندر مرور  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      گاه جلوت ۾ ٿو ڳاري پاڻ کي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      گاهه خلوت
                                      
                                      
                                       ۾ ٿو ڏاري پاڻ کي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      انجي جلوت ۾ وسي نور صفات  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ان جي خلوت ۾ وسي ٿو نور ذات  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عقل ان کي ني ٿو جلوت ڏي وٺي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      عشق ان کي ني ٿو خلوت ڏي وٺي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عقل عالم تي هڻي ٿو پاڻ کي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هي طلسم آب و گل جو ٿو ڀڃي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      واٽ جو هر ذرو انجو آ اديب  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ٿي ٿئي وڄ ۽ ڪڪر ان جو خطيب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      گرچ ذوق نگه کان بيگانه ناهه  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      پر منجهس او جرات رندانه ناهه  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      واٽ جي هو خوف کان انڌن مثال  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ٿو چري آهسته ماڪوڙي جي چال  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جيستائين رنگ و بو تي آهه مست  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      يار جي رستي تي گذري، سست و پست  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڪم سندس تدريج کان بڻجي نظام  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      سڌ نه آ، ڪئن ڪار ٿي انجي تمام  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عشق ڄاڻي ڪين سال ۽ ماهه کي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      دير، جلدي قرب، دوري راهه کي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عقل جبلن ۾ وجهي ٿو سؤ شگاف  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      يا ته تنجي گرد آ اندر طواف  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڪوه سامهن عشق جي آ ڪاهه جئن  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      دل سريع السير آهي ماهه جئن  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عشق شبخون لامڪان تي ٿو هڻي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      قبر نا معلوم ان کي ٿي وڻي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عشق جي قوت مٽي ۽ آب ناهه  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      انجي طاقت شدت اعصاب ناهه  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عشق جو جي نان سان خيبر ڪشا  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      عشق کان ”شق القمر“
                                      
                                      
                                      آ برملا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ضرب ريءَ نمرود جو ڪلمو ڀڳو  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      جنگ ري فرعون جو لشڪر ٻڏو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عشق اندر اک ۾ آ جئن نظر  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      گهر جي اندر، پڻ رکي ٻاهر اثر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عشق آهي رک پڻ شعلهء جلال  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      دين و دانش کان مٿي انجو ڪمال  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عشق آ، سلطان برهان مبين  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      آ دو عالم عشق جي زيرنگين  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      لازمان ۽ دوش فردا آهه او  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      لامڪان ۽ زير بالا، آهه او  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جئن خدا کان ٿي خودي طالب ٿئي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هي جهان مرڪب ۽ هو راڪب ٿئي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آ مقام دل انهيءَ کان آشڪار  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هن جهنا جو جذب ان کان تار تار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عشق وارا پاڻ يزدان کي ڏين  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      عقل جي تاويل کي قربان ڪن  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آنهن عاشق طرف ڇڏ اڳتي اڏام  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      پاڻ تي ڪر موت کي هردم حرام  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      لاش وانگر آهين در صندوق گور  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      آهه ناممڪن اٿين بي بانگ صور  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آ ڳلي ۾ تنهنجي سؤ آواز خوش  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      روڄ جو توکي وڻي انداز خوش  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      چڙهه مڪان تي چڙهه زمان تي ٿي سوار  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      پيچ مان جڻئي جي ٿي آزاد ڪار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تيز تر ڪر، ڪن ۽ اکيون ٻئي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      جو ڏسين ٿو سمجهه ان کي هوش ڏئي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      وٺ اَچي مون کان نگاهه پرده سوز  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      جا نه اک ۾ ٿي اچي محفل فروز  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                آدمي ديده آهه باقي پوست آهه 
                                
                                ديد او گهرجي جا ديد دوست آهه 
                                
                                ڳار هي پنهنجو بدن اندر بصر 
                                
                                پوءِ نظر کڻ، پوءِ نظر کڻ، پوءِ نظر 
                                
                                -رومي 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      ٿو ڊڄين نو آسمان کان ڪين ڊڄ  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      وسعت ڪون و مڪان کان ڪين ڊڄ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      کول اک ڏس هي زمان ۽ هي مڪان  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هيءَ ٻئي هر حالت ۾ يڪسان جان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جي نظر جلوي کان آهي بي نصيب  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      اختلاف دوش و فردا ٿي قريب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تون مٽي ۾ داڻي وانگر گهٽ نظر
                                        | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      آسمان جي هن فضا کان بي خبر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ان ڪشادي جاءِ کي ڄاڻين نه ٿو  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      پنهنجي ٽارين کي مٿي آڻين نه ٿو  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                انجو جوهر آهه ڇا؟ ذوق نمو 
                                
                                آ مقام انجو اِهو، جوهر به او 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      تون چوين ٿو، محمل جان آهه تن  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      راز جان کي ڏس نه ڪر زيب بدن  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ناهه محمل خود، اٿي احوال حال  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      آ فريب ان کي سڏڻ محمل مثال  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آهه جان ڇا؟ سوز و جذب ۽ عيش و درد  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      آسمان تي قبضي جو آ ذوق گرد  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آهه تن ڇا؟ رنگ وبو جي خور کڻ  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هن مقام چار سو جي خور رکڻ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هي شعور آ، جو چوين ويجهو ۽ دور  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      آهه معراج انقلاب اندر شعور  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      انقلاب اندر شعور آ، جذب، شوق  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هيٺ مٿ کان هي ڇڏائي جذب و ذوق  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                جان پنهنجي سان بدن همراز ناهه 
                                
                                مٺ مٽي جي مانع پرواز ناهه 
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                ان روح جو زمان ۽ مڪان آهي 
                                
                                مسافر کي مٿاهين جهان جي سير لاءِ وٺي ٿو وڃي 
                                
                                  
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      گفتگو انجي ڪئي بيتاب جان  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      تن جو هر ذرو ٿيم سيماب جان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      اوچتو ڇاٿو ڏسان، تا غروب و شرق  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      آسمان هو نور جي بادل ۾ غرق  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ان ڪڪر مان ٿيو فرشتي جو ورود  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ٻن منهن سان، باهه ۽ ان ساڻ دود  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هڪ انداهو، ٻيو جئن روشن شهاب  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هڪ هئي بيدار اک، ٻي نيم خواب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      رنگ وارن جو سندس هو سرخ وزرد  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      سبز، ڪارو، صاف اڇو، لاجورد  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ٿي خيال ان کي گهمڻ جو، جي پيو  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ٿي زمين کان ڪهڪشان دم ۾ ويو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هر زمان ان کي هوا ٻي ٿي وڻي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      پر کي کوليندي فضا ٻي ٿي وڻي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هن جهان ليءَ، چيائين قاهر آهيان  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      مان لڪل، ان سان ظاهر آهيان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      منهنجي هٿ تدبير جي تقدير آهه  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      چپ ۽ ٻوليندڙ سندم نخچير آهه  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      شاخ تي مکڙي پوي مونکان ٽڙي  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      آشيان ۾ ٿو روئي مونکان پکي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      داڻو ٿي پرواز کان منهنجي نهال  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      فيض منهنجي سان جدائي ٿي وصال  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      مان عتاب آڻيان ٿو، ان سان گڏ خطاب  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      مان بڻائي ٿو پياسو ڏيان شراب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      مان حياتي، مان مماتي، مان نشور
                                        | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      مان حساب و دوزخ و فردوس حور  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آدم و افرشته کي باندي رکان  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      منهنجو فرزند چار روزه هي جهان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      شاخ مان جو گل چڻين مان آهيان  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      ماءُ هر شي جي پڇين مان آهيان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آ جهان منهنجي طلسم ۾ اسير  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      منهنجي دم کان هي جهان هر لحظ پير  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      لي مع الله، جنهنجي دل ۾ ٿو رهي
                                        | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      او جوان منهنجي طلسم کي ڀڃي  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                جي نه چاهين ٿو مونکي تون درميان 
                                
                                لي مع الله پڙهه وري دل جان سان 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڇا نگاهن ۾ هيس ڄاڻان نه ٿو  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      جنهن نگاهن هي جهان مون کان ڇنو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      يا نگاهن ٻي ڪنهن عالم ۾ نيو  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      يادگرگون هي جهان بڻجي ويو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڪائنات رنگ و بو ۾ مان مري  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      عالم خاموش ۾ ڄايس وري  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هن پراڻي دير سان رشتو ٽٽو  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      هڪ جهان تازو وري ڄڻ هٿ لڳو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جسم تڪڙو ٿيو ۽ جان سيار تر  | 
                                      
                                       
                                         | 
                                      
                                       
                                      چشم و دل بڻجي وئي بيدار تر  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                نا رهيو پردو ڏٺم، سڀ بي حجاب 
                                
                                ”نغمه انجم“ پيو ڪن تي شتاب 
                                  
                                
                                
                                نغمهء انجم 
                                
                                عقل آ حاصل حيات ۽ عشق سر ڪائنات 
                                
                                اي مٽي جا بت ڀلي آئين ڇڏي طرف ۽ جهات 
                                
                                چنڊ، زهرو، مشتري، توکان هي هڪ ٻي جا رقيب 
                                
                                ڪشمڪش تنجي تجلي ۾ آ توکان ڏينهن رات 
                                
                                واٽ ۾ محبوب جي، جلوا هزارين نوبنو 
                                
                                شوق جو صاحب نه پر، دل ۾ رکي ٿو ڪليات 
                                
                                زندگي صدق و صفا، نشوونما آ زندگي 
                                
                                آ ابد کان تا ازل، ملڪ خدا آ زندگي 
                                
                                  
                                
                                ڇڏ غزل جي گفتگو کي، وٺ جهان هاءِ هو 
                                
                                محتسب
                                
                                 ۽ رند کي ڏي، مي جو ساغر ۽ سبو 
                                
                                شام، فارس، هند پنهنجي خو ڪئي آهي مٺاڻ 
                                
                                جي پيا ميٺاج ۾، ڏي تن کي گري آرزو 
                                
                                تان بلندي تي رسي ۽ معرڪو ڪن موج سان 
                                
                                تند رو سيلاب جي، لذت وٺن جئن آب جو 
                                
                                  
                                
                                آگ آ مرد فقير ۽ قيصري، ميري آ خس 
                                
                                بادشاهي دٻدٻي ليءِ، حرف عريان آهه بس 
                                
                                  
                                
                                دٻدٻو مرد قلندر جو ۽ فر اسڪندري 
                                
                                هڪ ڪليمي جذبو ۽ ٻيو آهه سحر سامري 
                                
                                هو نگاهن سان ڪهي ۽ هي سپاهين سان ڪهي 
                                
                                هو صلح ۽ آشتي، هي آهه جنگ داوري 
                                
                                ٿا گهرن ٻيئي دوام ۽ هي ٻئي عالم ڪشا 
                                
                                هڪ دليل قاهري ۽ ٻيو دليل دلبري 
                                
                                هٿ ڪري ضرب قلندر، ٽوڙ سد سڪندري 
                                
                                ڪ نئين رسم ڪليمي، ڀڃ رنگ سامري 
                                
                                  
                                   
                                  
                                   
  
                                   
                                  
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                     
                                  
                                    
                                    
                                    
                                    
                                     
                                  
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                     
                                  
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                     
                                  
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                     
                                  
                                    
                                    
                                    
                                     
                                  
                                     
                                  
                                     
                                  
                                     
                                  
                                     
                                  
                                    
                                     
                                  
                                    
                                     
                                  
                                    
                                     
                                  
                                    
                                    
                                     هنن سست رفتار همراهن 
                                    کان، دل بيزار ٿي وئي آهي. شير خدا ۽ رستم 
                                    دستان جي مون کي آرزو آهي. 
                                     
                                  
                                     
                                  
                                    
                                     
                                  
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                     
                                  
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                     
                                  
                                    
                                    
                                    
                                    خلوت- لڪل 
                                    
                                    
                                    ثبات- وجود رکندڙ 
                                    
                                    
                                    جلوت- ظاهر 
                                    
                                    
                                    تدريج- درجي بدرجي 
                                    
                                    
                                    ڪاهه- ڪک پن 
                                    
                                    
                                    سريع السير- تيز رفتار 
                                    
                                    
                                    شبخون- رات جو اوچتو حملو 
                                     
                                  
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                     
                                  
                                    
                                    
                                    
                                    
                                    
                                     
                                  
                                 
                                 |