| 
								 
                                فلڪ مريخ 
                                
                                
                                  
                                
                                مريخ جا رهندڙ 
                                
                                  
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      اک کي پاڻي ۾ ٻوٽيم هڪ گهڙي  | 
                                      
                                       
                                      پاڻ کان پرتي وڃي ٿيم هڪ گهڙي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      اک کوليم نئون جهان آيو نظر  | 
                                      
                                       
                                      ٻيو زمان ۽ ٻيو مڪان آيو نظر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      اڀ تي گر سج ساڳو چمڪيو  | 
                                      
                                       
                                      رات ڏينهن پر ات نظر آيو ٻيو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جسم راهه جان کان بيگانه آهه  | 
                                      
                                       
                                      گردش دوران کان بيگانه آهه  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جان هي هر سوز سان راضي رهي  | 
                                      
                                       
                                      جئن به آ هر روز سان راضي رهي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      بي اثر آهي مٿس پرواز روز  | 
                                      
                                       
                                      ڏينهن انجي نور کان عالم فروز  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                رات ڏينهن جي گردش پيهم اها 
                                
                                سير ڪر انجو، هر عالم اها 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      هڪ رصد گهه هو بلند ۽ مرغزار  | 
                                      
                                       
                                      دور بين جنهن جي ثريا درڪنار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      نو کنڊي ٿي خضر جي خلوت ڏٺي  | 
                                      
                                       
                                      يا اسان جي خاڪدان جي هئي مٽي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ان جي وسعت جو ڏٺو ٿي مان نشان  | 
                                      
                                       
                                      ٿي ڏٺم انجي فضائي آسمان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      پير رومي مرشد اهل نظر  | 
                                      
                                       
                                      هئن چيو مريخ هي آهي هوش ڪر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هن کي آ پنهنجي جهان جان رنگ و بو  | 
                                      
                                       
                                      ملڪ، جن ۾ شهر، جن ۾ ڪاخ ڪو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هن جا رهندڙ مغربين جان ذوفنون
                                        | 
                                      
                                       
                                      جان و تن جي علم ۾ ماهر، فزون  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هي زمان جا ۽ مڪان جا مختيار  | 
                                      
                                       
                                      آ فضا جو علم تن وٽ آشڪار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آهه هر شيءِ تي سندن قادر قدم  | 
                                      
                                       
                                      آ فضا جو تن ڏٺو هر پيچ و خم  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      خاڪين جي دل آ اندر آب و گل  | 
                                      
                                       
                                      هن جهان ۾ جسم پر پابند دل  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آب و گل ۾ دل جڏهن منزل ڪري  | 
                                      
                                       
                                      پوءِ ان کان جئن وٺي حاصل ڪري  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ذوق مستي تي رکي ٿو حڪم روح  | 
                                      
                                       
                                      تن جي هستي تي رکي ٿو حڪم روح  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آ ٻٽو پنهنجي جهان ۾ هي وجود  | 
                                      
                                       
                                      جان و تن آ بي نمود بانمود  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      خاڪين جو جان و تن: مرغ و قفس  | 
                                      
                                       
                                      مريخي فڪر آهه الٽو دور رس  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ٿو اچي ڪنهن تي جڏهن  روز فراق  | 
                                      
                                       
                                      چست ٿو ان کي ڪري سوز فراق  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      موت کان اڳ ۾ ڏسي فرحان موت  | 
                                      
                                       
                                      ٿو ڪري سڀ جي اڳيان اعلان موت  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جان هت ڪجهه تابع اندام ناهه  | 
                                      
                                       
                                      جسم کان ان جي جدا هر گام ناهه  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جسم کي اندر ڇڪڻ هت موت آهه  | 
                                      
                                       
                                      پاڻ ۾ گم ٿي وڃڻ هت موت آهه  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      فڪر تنهنجي کان مٿي هي آ سخن  | 
                                      
                                       
                                      ڇو ته تنهنجي جان محڪوم بدن  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                هڪ ٻه ڏينهن منزل هتي ڪر شادمان 
                                
                                ٻي جي قسمت ۾ ڪٿي اهڙو جهان 
                                
                                  
                                
                                ستاره شناس مريخي 
                                
                                جو رصد گاهه کان اچڻ 
                                
                                  
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      پيرسن، هئي ريش جنهنجي برف جان  | 
                                      
                                       
                                      علم حڪمت کي پڙهيو جنهن جاودان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      مغربي ڄاڻن جيان هو تيز بين  | 
                                      
                                       
                                      راهبن جان هو لباس ان جو امين  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      پيرسن پر قد بالا ڄڻ ته سرو  | 
                                      
                                       
                                      رخ چمڪ سان جئن ٿين ترڪان مرو
                                        | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      علم ۾ ان جي هيو هر هڪ طريق  | 
                                      
                                       
                                      انجي اکين مان ڏٺو فڪر عميق  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آدمي کي هو ڏسي شادان ٿيو  | 
                                      
                                       
                                      طرز خيامي ۽ طوسي ۾ چيو:  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ”بت مٽي جو هي اسير ماه و سال  | 
                                      
                                       
                                      هيٺ کان آيو مٿي ڪئن باڪمال  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      خاڪ بي طياره ڪئن ٿي سرفراز  | 
                                      
                                       
                                      ٿو ڏئي تارن کي سياري جو راز“  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      گفتگو ۽ سمجهه انجي بي مثال  | 
                                      
                                       
                                      محو حيرت ٿيس ٻڌي ان جي مقال  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      خواب سمجهيم يا سڄي جادوگري  | 
                                      
                                       
                                      فارسي ۾ مريخي جي برتري  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      چيائين ”هو اندر زمان مصطفى  | 
                                      
                                       
                                      مريخن مان مرد هڪڙو  باصفا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هن جهان کي اک جهان بين سان ڏٺو  | 
                                      
                                       
                                      خطهء آدم ڏسڻ ليءَ هو لٿو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      کنڀ کولي هو اڏاڻو شاهباز  | 
                                      
                                       
                                      سامهون انجي ٻيو ملڪ حجاز  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      مغرب و مشرق ڏسي جو گڏ ڪيو  | 
                                      
                                       
                                      نقش انجو باغ جنت کان وڌيو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      مون ڏٺو پڻ آهه ايران و فرنگ  | 
                                      
                                       
                                      نيل وارو ملڪ ۽ درياهه گنگ
                                        | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آمريڪا پڻ ڏٺم جپان و چين  | 
                                      
                                       
                                      ٿي ڪيم ڌاتن ليءَ تحقيق زمين  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آ زمين جي روز شب جي هر خبر  | 
                                      
                                       
                                      مون ڪيو ٿي بحر و بر ۾ پئي سفر  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                آدمي جي هر عمل جي آ خبر 
                                
                                گرچه هو آهي اسان کي دور تر 
                                
                                رومي 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      آسماني مان ۽ ساٿي خاڪ کان  | 
                                      
                                       
                                      ري شراب آ، جنهن کي ڪيف جاودان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      مرد بي پرواهه نالو ”زنده رود،  | 
                                      
                                       
                                      جنهن کي هر دم آهه تحقيق وجود  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      شهر ۾ تنهنجي اسانجو ٿيو گذر  | 
                                      
                                       
                                      ڪجهه نه آهي، ٻي جهان جو ڪو اثر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      نوبنو جلوي جي آ ڳولها سدا  | 
                                      
                                       
                                      سير هن ۾ ٿي اسان جو رهنما  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                حڪيم مريخي 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      ”هي نواح مرغدين برخيا  | 
                                      
                                       
                                      برخيا منهنجي وڏن مان باصفا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      فرمرز حاڪم هيو هت بي حيا  | 
                                      
                                       
                                      هئن وڃي جنت ۾ چيائين برخيا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تون هتي سک ۾ جدا ڇو ٿو رهين  | 
                                      
                                       
                                      عمر محڪوم خدا ڇو ٿو رهين  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هن جڳهه کان آ مٿي روشن مقام  | 
                                      
                                       
                                      جنهن جي سامهن آهه جنت بي ڪلام  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هو جهان آ هر جهان کان شاد ڪام  | 
                                      
                                       
                                      هو جهان آ، لامڪان کان شادڪام  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آ خدا بي ان جهان کان بي خبر  | 
                                      
                                       
                                      سچ ته هو عالم آهي آزاد تر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جوڙ جڪ ۾ ات خدا بي دخيل  | 
                                      
                                       
                                      نا ڪتاب آ، نا رسول و جبرئيل  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      نا طواف آهي اتي نا ڪو سجود  | 
                                      
                                       
                                      نا دعا آهي اتي نا ڪو درود  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      برخيا ان کي چيو ’اي بدخبر  | 
                                      
                                       
                                      اٿ وڃي ڏيکار ٻي جا، هي هنر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      مڪر کان ان جي ڇٽو او رهنما  | 
                                      
                                       
                                      هي جهان بخشيو تڏهن ان کي خدا  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                هن خدا جي ملڪ مان شادان گذر 
                                
                                راهه و رسم مرغدين تي ڪر نظر“ 
                                
                                  
                                
                                
                                 
  
                                
                                مرغدين جي شهر جو چڪر 
                                
                                  
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      مرغدين ۽ انجو هو جايون بلند  | 
                                      
                                       
                                      آ چوڻ کان وڌ مقام ارجمند  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      انجا ساڪن سڀ آهن شيرين سخن  | 
                                      
                                       
                                      خوبرو ۽ نرم خو، سادو رهن  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڪجهه نه تن وٽ درد سوز اڪتساب
                                        | 
                                      
                                       
                                      علم تن وٽ ڪيميائي آفتاب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      سون چاندي هو وٺن ٿا نور کان  | 
                                      
                                       
                                      لوڻ جئن حاصل ٿي آب شور کان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آهه خدمت تنجي هڪ علم و هنر  | 
                                      
                                       
                                      آهه هت بيڪار تنهنجو سيم و زر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هت طبيعت تي نه قادر آ مشين  | 
                                      
                                       
                                      آسمان دونهين کان هت نا سرمگين  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      محنتي ڪڙمي جو ڏيئو جلوه گر  | 
                                      
                                       
                                      دهه جي مالڪ جو نه آ خوف و خطر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      پوک تي جڳهڙو نه پاڻي تي فساد  | 
                                      
                                       
                                      غير جي شرڪت سوا حاصل مراد  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هت نه لشڪر يا لڙائي جو فنون  | 
                                      
                                       
                                      نا وري روزي ڏئي ڪا ڪشت و خون  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      نا قلم کي مرغدين ۾ ڪو فروغ  | 
                                      
                                       
                                      جو ڪري تحرير تشهير دروغ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ناهه بازارين ۾ بيڪاري ڪٿي  | 
                                      
                                       
                                      آ فقيرن جي نه هت زاري ڪٿي  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                حڪيم مريخي 
                                
                                هت سوالي  يا ڪوئي محروم ناهه 
                                
                                عبد و مولا حاڪم و محڪوم ناهه 
                                
                                زنده رود 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      سائل ۽ محروم تقدير خدا  | 
                                      
                                       
                                      حاڪم ۽ محڪوم تقدير خدا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ري خدا ٻيو خالق تقدير ناهه  | 
                                      
                                       
                                      چارهء تقدير ڪجهه تدبير ناهه  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                  
                                
                                حڪيم مريخي 
                                
                                  
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      هڪ ڪري تقدير خون تنهنجو جگر  | 
                                      
                                       
                                      بي وري تقدير حڪم حق کان گهر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تون گهرين تقدير نئين جي آ روا  | 
                                      
                                       
                                      حق جو تقديرون اٿي لا انتها  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آ زمين وارن، خودي پنهنجي وڪي  | 
                                      
                                       
                                      نڪتهء تقدير کان سڀ ٿيا تهي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      رمز باريڪ ان جي دل ۾ ذري اثر  | 
                                      
                                       
                                      هو به ٻي ٿي، جي ٿئين تون ٻيو اگر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      خاڪ جي ٿيندين اڏائيندءِ هوا  | 
                                      
                                       
                                      جي ٿئين پٿر ته شيشي ليءِ فنا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ماڪ آهين: تنهنجي تقدير آ سڪڻ  | 
                                      
                                       
                                      بحر جي آهين: ته تقدير آ وهڻ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هر زبان سازي اها لات و منات  | 
                                      
                                       
                                      ڏس بتن ۾ نا ثبات اي بي ثبات  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      رنج بي گنج آهه، تقدير آ، ائين  | 
                                      
                                       
                                      گنج بي رنج آهه، تقدير آ، ائين  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      اصل دين آ، گر اهو ئي بيخبر  | 
                                      
                                       
                                      ٿو ٿئي محتاج وڌ محتاج تر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڇا هي ان دين کي جو ننڊ ڏي  | 
                                      
                                       
                                      پوءِ گهري ننڊ ۾ توکي وجهي  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                سحر و افسون آهه يا دين آهي 
                                
                                حب افيون
                                
                                
                                 آهه يا دين آهي 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      ٿو سڃاڻي طبع دراڪ آ ڪٿان؟  | 
                                      
                                       
                                      حور اندر قالب خاڪ آ ڪٿان؟  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      قوت فڪر آ حڪمين جي ڪٿان؟  | 
                                      
                                       
                                      طاقت ذڪر آ ڪليمن جي ڪٿان؟  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      دل ۾ انجي واردات آهي ڪٿان؟  | 
                                      
                                       
                                      هي هنر ۽ معجزات آهي ڪٿان؟  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      گرميءَ گفتار هي توکان نه آهه  | 
                                      
                                       
                                      شعلهء ڪردار هي توکان نه آهه  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هي سڄوئي فيض فطرت جي بهار  | 
                                      
                                       
                                      جنهن جو مالڪ فطرت پروردگار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      زندگي ڇا، موتين جي کاڻ آهه  | 
                                      
                                       
                                      تون امين: مالڪ انهيءَ جو پاڻ آهه  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                رســـم ۽ ره سان هلڻ پيغمبري 
                                
                                ملهه خدمت جو گهرڻ سوداگري 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      ان طرح هي خاڪ، بادل ۾ هوا  | 
                                      
                                       
                                      باغ، ماڙي، سر ۽ پٿر جي بنا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تون چوين هي ملڪيت منهنجي سدا  | 
                                      
                                       
                                      مرد نادان هي سڄو ملڪ خدا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ارض حق کي تون چوين پنهنجي زمين  | 
                                      
                                       
                                      آيهء لا تفسدو پڙهه ٿي اَمين
                                        | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ابن آدم آهه ابليسي ۾ شاد  | 
                                      
                                       
                                      آهه ابليسي فقط فتنو فساد  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڪو امانت کي امانت نا چئي  | 
                                      
                                       
                                      آ چڱو جو ملڪ حق، حق کي ڏئي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جا نه تنهنجي آ اها شي تون کڻي  | 
                                      
                                       
                                      داغ بي شايان توکي ٿو وڻي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تون جي شي جو آنهن مالڪ ڪر وصول  | 
                                      
                                       
                                      جي نه آهين، ڪين ڪر ان کي قبول  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آ خدا جو ملڪ ان کي ڏي وري  | 
                                      
                                       
                                      ڪار تنهنجي جي ٿئي جئن برتري  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      زير گردون ڇاهه مسڪيني ڀلا  | 
                                      
                                       
                                      جو اچي مولا کان آ افضل سدا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آب و گل کان جو نه ٻانهو ٿي جدا  | 
                                      
                                       
                                      ان ڀڳو شيشي کي پنهنجي برملا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      اي جو منزل جي نه ڄاڻي واٽ ڪا  | 
                                      
                                       
                                      تنهنجو انداز نگهه آ پر خطا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      تنهنجو گوهر ملڪ جو، گوهر اٿي  | 
                                      
                                       
                                      ورنه ڪوڏي کان به هي ڪمتر اٿي  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                نوع ٻي سان ڏس جهان، ٻيو ٿي پوي 
                                
                                هي زمين و آسمان، ٻيو ٿي پوي 
                                
                                
                                  
                                
                                احوال مريخ جي دوشيزه جو 
                                
                                جنهن نبيـــﮧ
                                
                                
                                 هئڻ جي دعوا ٿي ڪئي 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      سو هزارن ماڙين کان ٿيو گذر  | 
                                      
                                       
                                      شهر کان ٻاهر پيو ميدان نظر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      گڏ ڏٺم ات مان هجوم مرد و زن  | 
                                      
                                       
                                      ان جي وچ ۾، زال هڪ جلوه فگن  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      منهن سندس روشن مگر بي نور جان  | 
                                      
                                       
                                      هئي بيان کان انجي معنى دل گران  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      بي نمڪ اکيون ۽ لفظن ۾ غرور  | 
                                      
                                       
                                      آرزو جو ڪين ڪو حاصل سرور  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هو وٽس نا عشق ناآئين عشق  | 
                                      
                                       
                                      رد هي لقمو ڪيو شاهين عشق  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هئن چيو ات ان حڪيم با صفا  | 
                                      
                                       
                                      هي دوشيزه مريخن کان آ جدا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      سادي ۽ آزاد، بي مڪر و ريا  | 
                                      
                                       
                                      فرز مرز آ ندي فرنگين کان اها  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      پخته آ ڪار نبوت ۾ بڻي  | 
                                      
                                       
                                      هن کي هن عالم ۾ اڇليو ان کڻي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ٿي چوي نازل ڪيو ٿم آسمان  | 
                                      
                                       
                                      منهنجي دعوت، دعوت آخر زمان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آ مقام مرد و زن ان جو سخن  | 
                                      
                                       
                                      ٿي چوي هي فاش اسرار بدن  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                آهه تقدير حيات ان جو بيان 
                                
                                ٿو زمين جي مان زبان ۾ او چوان 
                                
                                ذڪر مريخ جي نبيـــﮧ جو 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      عورتو! مائرو! اي ڀينرو  | 
                                      
                                       
                                      دلبرن وانگر جيئڻ هي آهه ڇو؟  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      دلبري اندر جهان مظلومي آهه  | 
                                      
                                       
                                      دلبري محڪومي ۽ محرومي آهه  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ڇوٽين کي ڏئي ڦڻي ويڙهي ڇڏيون  | 
                                      
                                       
                                      مرد کي نخچير پنهنجو ٿا سڏيون  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      مرد پر نخچير ٿي کيڏي شڪار  | 
                                      
                                       
                                      تنهنجي چوڌاري وجهي مضبوط ڄار  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      آ سندس هي شوق سڀ مڪر و فريب  | 
                                      
                                       
                                      درد، داغ ۽ ذوق سڀ مڪر و فريب  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      گرچه هو توکي بڻائي ٿو حرم  | 
                                      
                                       
                                      پر ڏئي ٿو توکي ڪيڏو درد و غم  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ان سان گڏ گهارڻ ٿي آزار حيات  | 
                                      
                                       
                                      وصل زهر آ ۽ فراق آهي نبات
                                        | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      نانگ ٿي او، ور وڪڙ انجي کي ڇڏ  | 
                                      
                                       
                                      زهر کي رت سان پنهنجي ڪين گڏ  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                ماءُ بڻجڻ مائرن ليءِ خستگي 
                                
                                مرد ري آزاد بهتر زندگي 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      وحي حق هردم اچي ٿو مون مٿان  | 
                                      
                                       
                                      لذت ايمان وڌائي هر زمان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      وقت آيو آهه جو اعجاز فن  | 
                                      
                                       
                                      ٻار کي پيدا ڪري اندر بدن  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      زندگي جي کيٽ کان وٺ جو چوين  | 
                                      
                                       
                                      ڌيءَ يا پٽ، جا به خواهش تون رکين  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      جو نه مرضي سان ٿئي حاصل جنين  | 
                                      
                                       
                                      بي محابا انجو مارڻ عين دين  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      عصر هن جي پوئتان اعصار ٻيا  | 
                                      
                                       
                                      آشڪارا ٿين وري اسرار ٻيا  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      هي جنين جي پرورش نوع دگر  | 
                                      
                                       
                                      رحم جي راتين بنا بڻجي سحر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      خودبخود جئن ٿي فنا او اهرمن  | 
                                      
                                       
                                      جئن ته حيوانات ايام ڪهن  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      لاله جئن بي داغ، باد امان چاڪ  | 
                                      
                                       
                                      ماڪ ري پيدا ڪري، پاڪيزه خاڪ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      پاڻ ظاهر ٿي هي اسرار حيات  | 
                                      
                                       
                                      نغمه ، بي مضراب ڏي تار حيات  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      وٺ نه او جيڪو ڏئي توکي ڪڪر  | 
                                      
                                       
                                      اي سپي، درياهه ۾ بي اڃ مر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      اٿ ۽ فطرت سان وڙهه ٿي هوشيار  | 
                                      
                                       
                                      تان وري ٻانهي ٿئي آزاد ڪار  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                زال جي توحيد ”دوتن“ کان نجات 
                                
                                ٿي نگهبان آڻ مردن کان نجات 
                                
                                رومي 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      عصر نوجي ڏس نئين آئين کي  | 
                                      
                                       
                                      حاصل تهذيب هن لادين کي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      زندگي جي شرع و آئين آهه عشق  | 
                                      
                                       
                                      اصل تهذيب آهه دين: دين آهه عشق  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      ان جو ظاهر سوز ناڪ و آتشين  | 
                                      
                                       
                                      انجو باطن نور رب العالمين  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      انجي گرمي کان آ باطن علم و فن  | 
                                      
                                       
                                      آ جنون کان انجي روشن علم وفن  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                دين پختو ٿي نه ري آداب عشق 
                                
                                دين ڏي ٿو صحبت ارباب عشق 
                                
                                 |