سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب: --

صفحو :11

 

ڏيڏر شهزادو

آڳاٽي زماني ۾، جڏهن انسانن جون سڀ مرادون پوريون ٿينديون هيون، تنهن زماني ۾ هڪ بادشاهه هو، جنهن جون ست حسين ڌيئرون هيون، مگر جيڪا سڀني ۾ ننڍي ڌيءُ هئي، سا اهڙي ته حُسن ۽ جمال واري هئي، جو سج، جنهن پاڻ ملڪان ملڪ ۽ هر  هميشه ايترو حسن ڏٺو هو، سو به  جڏهن هن جي حسن کي ڇهندو هو، ته عجب ۾ پئجي ويندو هو.

بادشاهه جي قلعي جي نزديڪ هڪ گهاٽو ٻيلو  هو، ۽ ان ٻيلي ۾ هڪ ليمي جي وڻ وٽ هڪ کوهه هو. گرميءَ جي ڏينهن ۾، هن جي ننڍڙي شهزادي، ٿڌڪار تي انهيءَ کوهه جي پڳ تي اچي ويهندي هئي، ٻي ڪا وندر نه هوندي هيس ته هڪڙو سونو کينهوڙو هٿ ۾ کڻي پيئي هوا ۾ اڇلائيندي ۽ جهٽيندي هئي، شهزاديءَ کي اها وندر بيحد وڻندي هئي.

هڪ دفعي ڇا ٿيو، جو اهو کينهوڙو سندس هٿ ۾ اچڻ بدران زمين تان ٿيڙ کائي، وڃي پاڻيءَ ۾ ڪِريو، ۽ شهزاديءَ جي ڏسندي ڏسندي، اُتي جو اتي گم ٿي ويو. کوهه جو پاڻي ايڏو ته اونهو هو، جو ان جو ترو ڏسڻ ۾ ئي نٿي اچي سگهيو، پوءِ ته شهزاديء اچي روئن ۾ ڇُٽڪي، ايترو ته زور سان رنائين، جو ڄڻ ته بس ئي ڪا نه ڪندي! اڃا سڏڪائي پئي ڀريائين ته هڪڙو آواز ڪن تي پيس، ”ڇا آهي، شهزادي! خير ته آهي! ايترو هيانءُ ڦاڙي ڇو ٿي روئين؟ هوند پٿر کي به قياس اچي وڃي!“ – شهزاديءَ پنهنجي چوگرد نهاريو ته ڏسان هي آواز ڪٿان ٿو اچي! ڏسي ته هڪڙو ڏيڏر، پنهنجو بدشڪل ٿلهو منهن پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍيو، هيٺان بيٺو ڏانهنس نهاري.

چيائينس، ”اڙي، تون ٿو ڳالهائين، پاڻيءَ ۾ تَڙڳندڙ ڏيڏر! ته ٻڌ! آئون انهيءَ واسطي ٿي روئان، جو منهنجو سونو کينهوڙو کوهه ۾ ڪِري پيو آهي.“

ڏيڏر ورندي ڏنيس، ”دل نه  لوڙهه! آئون ٿو تو کي کينهوڙو آڻي ڏيان، مگر، پهرين ٻڌاءِ ته مون کي ڇا ڏيندينءَ؟“

شهزاديءَ جواب ڏنس. ”پيارا ڏيڏر، جيڪي تون گهرندين، سو تو کي ڏينديس، منهنجا ڪپڙا  چوندين، منهنجا موتي چوندين، منهنجا هيرا جواهر- ۽ منهنجو سون جو ننڍڙو تاج، جو منهنجي پهرڻ جو آهي- سڀ ڪجهه تو کي ڏينديس!“

تنهن تي ڏيڏر جواب ڏنو، ”تنهنجا ڪپڙا، تنهنجا هيرا جواهر يا تنهنجو سونو تاج انهن شين مان مون کي ڪي به نه گهرجي، پر جيڪڏهن تون ڇڏين ته تو سان گڏجي راند ڪريان، تنهنجي پاسي ۾ ويهي تو سان گڏ ماني کان، تنهنجي پيئڻ جي پياليءَ مان پاڻي پِيان ۽ تنهنجي ننڍڙي نرم بستري تي تو سان گڏجي سمهان- جيڪڏهن تون انهن سڀني ڳالهين جو مون سان انجام ڪرين ته پوءِ آئون پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي، تنهنجو سونو کينهوڙو کڻي اچان!“

”چڱو، چڱو.... آئون انهن سڀني ڳالهين جو انجام ڪريان ٿي!“ شهزاديءَ خوش ٿيندي جواب ڏنو. ”تون رڳو منهنجو کينهوڙو کڻي اچ!“

شهزاديءَ خيال ڪيوته ”هي بيوقوف ڏيڏر،ڪهڙيون نادانيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪري! هو فقط پاڻيءَ ۾ رهي سگهي ٿو ۽ ٻين ڏيڏرن سان ويهي ٽان ٽان ڪري سگهي ٿو، ڪنهن انسان سان گڏجي ڪيئن جالي سگهندو!“

پوءِ ڏيڏر پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏني ۽ اندر هليو ويو، ٿوريءَ دير ۾ هن مٿي منهن ڪڍيو، کينهوڙو، جو سندس وات ۾ هو، تنهن کي هن کڻي ٻاهر گاهه تي ڦٽو ڪيو. شهزادي پنهنجو رانديڪو وري ڏسي، ايترو خوش ٿي، جو ڏسندي ئي هٿ ۾ کڻي وٺي ڀڳي، ايتري ۾ ڏيڏر رڙ ڪري چيس. ”بيهه بيهه! مون کي به ته پاڻ سان وٺي هل، آئون ايترو تڪڙو ڊڪي نٿو سگهان!“ پوءِ ڏيڏر کي ڪير ٿو ٻڌي؟ هن ويچاري گهڻيئي ٽان ٽان ڪئي  پر شهزاديءَ ان تي ڪو به ڌييان نه ڏنو، ۽ يڪساهيءَ ڊوڙندي پنهنجي گهر هلي ويئي، جتي هن جي دل تان ويچاري ڏيڏر جو خيال بنهه لهي ويو، ڏيڏر ويچارو، لاچار وري به  پنهنجي کوهه جي اندر گهڙي ويو.

ٻئي ڏينهن جڏهن شهزادي پنهنجي پيءُ يعني بادشاهه سلامت ۽ سندس درٻارين سان گڏ ميز تي ماني کائڻ ويٺي،  ۽ پنهنجي سوني ٿالهيءَ مان ماني کائڻ لڳي، تڏهن هڪ آواز- ”ڇٻ، ڇٻ“ ڪن تي پيس. نيٺ ڪا چيز سنگ مرمر جي ڏاڪڻ تي چڙهندي، اچي دروازي تي ٺَڪ ٺَڪ ڪرڻ لڳي، ۽  پوءِ آواز ٿيو ”ننڍڙي شهزادي، مون کي اندر اچڻ ڏي!“ آواز ٻڌندي ئي شهزادي ڀڳي دروازي جي طرف ته ڏسان ته ٻاهر ڪير آهي. جان کڻي دروازو کولي، ته ڏسي ته ڏيڏر بيٺو آهي! پوءِ هوءَ دروازو زور سان تڪڙو بندڪري هڪدم اچي پنهنجي جاءِ تي ڊڄي ويهي رهي!

بادشاهه ڏٺو ته شهزاديءَ جي دل پيئي ڌڪ ڌڪ ڪري، سو پڇيائين، ”ٻچا، تون ڇو ڊني آهين؟ ڪو ڀوت در تي آهي ڇا، جو تو کي کڻي ويندو؟“

شهزاديءَ جواب ڏنو، ”ڀوت ڪو نه آهي، هڪ بڇڙو ڏيڏر در تي بيو آهي!“

”ڏيڏر جو تو سان ڪهڙو ڪم؟“ بادشاهه پڇيو. شهزاديءَ جواب ڏنو. ”پيارا بابا! ڪالهه جنهن وقت مون ٻيلي ۾ کوهه جي ويجهو راند پئي ڪئي، تڏهن منهنجو سونو کينهوڙو پاڻيءَ ۾ ڪِري پيو هو ۽ مون جڏهن رنو، تڏهن هن ڏيڏر مون کي کڻي آڻي ڏنو هو. پوءِ مون کي هن منٿ ڪئي، سو مون هن سان انجام ڪيو ته کيس ڀائينديس، ۽ پاڻ سان گڏ رهائينديس.... پر مون اهو ته سوچيو ئي ڪو نه هو ته ڪو هو پاڻيءَ مان ٻاهر نڪري هيترو پري اچي سگهندو، يا ماڻهن جي صحبت کيس ڪو ايترو وڻندي! پر هو ته بنهه در تي ٻاهر بيٺو آهي ۽ اندر اچڻ جي پيو ڪري!“ايتري ۾ دروازي تي ٻيو ٺڪاءُ ٿيو؟ آواز آيو:

”اي پياري شهزادي، کول در!

”پنهنجي عاشق زار تي ڪو رحم ڪر.

”ياد ڪر وعدو ملڻ جو، ياد ڪر،

”ڇانوَ ليمي جي ٿڌي، کوهه جو ڪپر،“

اهو ٻڌي، بادشاهه چيو، ”توکي انجام ڀڃڻ نه گهرجي، ۽ هن کي اندر اچڻ ڏي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com