جادوءَ جون ٻوٽيون
هڪ ڀيري، هڪڙو شڪاري جوان، شڪار سانگي ٻيلي ۾ ويو. هو ڏاڍو کلمک
۽ خوش طبع جوان هو، سو ويندي ويندي، پاسي واري وڻ
جي ٽاري جهلي، کڻي ان جي هڪڙي ٻن تي سِينڍَ
وڄايائين، هن جو ائين ڪرڻ ۽ هڪدم هڪ بدشڪل ڪراڙي
زال اتي پيدا ٿي پيئي، ۽ هن کي سلام ڪري چيائين،
”پيارا شڪاري، تون ته ڏاڍو خوش ۽ ڍاول ٿو ڏسجين،
پر آئون پوڙهي ته ڏاڍي بکي ۽ اُڃي آهيان، مون کي
ڪجهه خيرات نه ڏين!“
هن نيڪ دل نوجوان جي دل کي جهٻي اچي ويئي، ۽ کيسي ۾ هٿ وجهي،
جيڪي ڪجهه هوس، تنهن مان ڳپل ڀڃي، کڻي پوڙهيءَ کي
ڏنائين، ۽ پوءِ پاڻ اڳتي هلڻ لڳو. پوڙهيءَ زال هن
کي هٿ سان روڪيندي چيو ته ”پيارا شڪاري، ڪن لائي
ٻڌ! تنهنجي دل هيتريءَ ٻاجهه سان ڀريل آهي، تنهن
ڪري آئون تو کي هڪ سوغات ڏيان ٿي. تون هاڻ پنهنجو
رستو وٺي روانو ٿيءُ، جڏهن ڪجهه دير کان پوءِ، هڪ
وڻ وٽ پهچندين، جنهن تي نَوَ پکي ويٺا هوندا، ته
ڏسندين ته انهن وٽ هڪ چادر چنبن ۾ جهليل هوندي.
تون ڇا ڪج، جو شست ٻڌي، کڻي مٿن بندوق ڇوڙج. پوءِ
اها چادر سندن چنبن مان ڪِري پوندي، ۽ منجهانئن
هڪڙو پکي به زخمي ٿي، زمين تي ڪِري مري پوندو.
پوءِ تون اها چادر کڻي پنهنجي هٿ ڪج، ڇاڪاڻ جو
اُها چادر مرادن حاصل ڪرڻ جي چادر آهي. پوءِ تون
انهيءَ چادر کي ڪلهن تي اوڍي جتي به وڃڻ
چاهيندين، ته يڪدم اُتي پهچي ويندين! ٻيو ته ان
شڪار ڪيل پکيءَ جي دل ڪڍي، سڄي جي سڄي ڳهي ڇڏج.
ائين ڪرڻ سان انهيءَ دل جي برڪت اِها ٿيندي، جو
تون روز صبح جو جڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿيندين، ته
تنهنجي هنڌ جي وهاڻي هيٺان هڪ سوني مهر پيئي
هوندي!“
شڪاريءَ هن زال جا شڪرانا ادا ڪيا، ۽ پاڻ اڳتي روانو ٿيو. ويندي
مهل، دل ئي دل ۾ خيال ڪيائين ته ”ڪراڙيءَ آسرا ته
واهه جا ڏنا آهن، پر هاڻ ڏسجي ته ائين ٿئي ٿو يا
الائي نه!“
هو اڃا سؤ کن وکون به اڳتي ڪين وڌيو، ته سامهون وڻ جي هڪڙيءَ
ٽاريءَ تي پکين جي ”چون چون“ ٻڌائين، ٻه چار وکون
اڳتي وڌي، خيال سان ڏٺائين ته پورا نَوَ پکي ويٺا
آهن، جيڪي چنبن ۽ چنهبن سان ڪنهن ڪپڙي کي پيا
ڇننِ ۽ پٽين ۽ هر ڪو پيو ان کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي
ڪوشش ڪري.
اهو حال ڏسي، شڪاريءَ کان دانهن نڪري ويئي، چي: ”هيءَ ته عجيب
ڳالهه چئبي! برابر ائين ئي پيو ٿئي، جيئن هُن
ڪراڙيءَ چيو هو!“ پوءِ ته هن شِست ٻڌي، وٺي کڻي
بندوق ڇوڙي، ته چوڌاري پکين جا کنڀ اڏامڻ لڳا.
اک- ڇنڀ ۾ پکين جو سڄو وَلر اڏامي ويو، ۽ باقي
هڪڙو پکي، جو زخمي ٿي، هيٺ زمين تي اچي ڪِريو هو،
اُهو، ۽ ٻي اُها چادر، ٻيئي پيرن ۾ اچي پيا.
پوءِ ته اُتي جو اُتي، ڪراڙيءَ جي چوڻ موجب پکيءَ جو پيٽ چيري،
دل ڪڍي، سڄي جي سڄي ڳهي ويو، ۽ چادر هٿ ۾ سوگهي
جهلي، موٽي پوئين پيرين گهر ڏانهن هلڻ لڳو.
ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿيو، ته کيس ڪراڙيءَ جي
ڳالهه ياد آئي، ۽ پنهنجو وهاڻو اٿلائي جان کڻي
نهاريائين، ته ڏسي ته برابر هڪ سوني مهر پيئي
چمڪاٽ ڪري!
اهڙيءَ ريت، ٻئي ڏينهن صبح جو به ساڳي سوني مهر وهاڻي هيٺان
لڌائين. پوءِ ته هر روز صبح جو وهاڻي هيٺان مهر
کڻندو، گڏ ڪندو ويو، تان جو هن وٽ سونين مهرن جو
وڏو ڍڳ ڪٺو ٿي ويو. اِهو ڏسي، هن دل ۾ سوچيو،
”هيتري دولت هوندي به آئون گهر ڪنڊ ۾ ويٺو هجان،
تنهن مان ڪهڙو فائدو؟ ڇو نه اُن کي خرچ ڪري، دنيا
جو سير ڪري اچان!“
اهو خيال ڪري، پنهنجي بندوق ۽ شڪار جي ڳوٿري ڪلهي تي رکي. مائٽن
کان موڪلائي، اُٿي روانو ٿيو. ٿوري گهڻي وقت گذرڻ
کان پوءِ، هڪ ڏينهن ڇا ٿيو، جو هن کي هڪ گهاٽي
ٻيلي مان لنگهڻو پيو. هو اڃا اُهو ٻيلو پار ڪري
ٻاهر ٿي نڪتو، ته کيس پري کان کليل ماٿريءَ ۾
هڪڙو وڏو عاليشان قلعو نظر آيو. هو اڳتي وڌي جڏهن
اُن قلعي وٽ پهتو، ته هن کي قلعي جي دريءَ ۾ هڪڙي
ڪراڙي زال ۽ هڪ نهايت حسين جوان ڇوڪري بيٺل نظر
آيون، جن هيڏي هوڏي پئي نهاريو.
پر، اها ڪراڙي زال هئي ڪا ڏائڻ، سو هن شڪاريءَ جوان کي ڏسندي،
پنهنجي ڇوڪريءَ کي چيائين، ”اجهو، هو سامهون ماڻهو
پيو اچي، انهيءَ جي پيٽ ۾ عجيب خزانو آهي! پياري
ڌيءَ، اسان کي اهو خزانو ڪيئن به ڪري هٿ ڪرڻو آهي!
اهو خزانو کانئس وڌيڪ اسان کي سونهندو! هن جي پيٽ
۾ هڪ پکيءَ جي دل آهي، جنهن جي اثر ڪري هر روز صبح
جو هن کي هنڌ جي وهاڻي هيٺان هڪ سوني مهر ملي ٿي!“
پوءِ ته ڪراڙيءَ ڏائڻ، پنهنجي ڌيءَ کي شڪاري جوان کان انهيءَ
خزاني ڦُرڻ جي سربَستِي اٽڪل ٻڌائي، ۽ پاڻ پوءِ
منهن ۾ گهنڊ وجهي ۽ اکيون ڪُرڙيون ڪري، چوڻ لڳي
ته ”هيءُ ڪم تو کي ڪرڻو آهي! جيڪڏهن هن ڳالهه ۾
مون سان ساٿ ڏيڻ کان نٽائيندينءَ ته تو لاءِ هرگز
چڱي نه ٿيندي!“
هوڏانهن شڪاري جوان، هلندي هلندي، جڏهن قلعي جي ويجهو آيو، ته
کيس دريءَ تي بيٺل ڇوڪري چڱيءَ طرح ڏسڻ ۾ آئي. دل
ئي دل ۾ چيائين ته ”دور دراز پنڌ ڪيو اٿم، ڇو نه
هن ڇوڪري کي چئي، هن سهڻي قلعي ۾ ڪجهه ڏينهن ويهي
آرام ڪريان، ۽ ساهي پَٽيان؟ دولت ته مون وٽ جام
آهي، ههڙي عمدي مڪان ۾ رهڻ جي جيتري به مسواڙ
گهرنديون، سا خوشيءَ سان کڻي ڏيندو سانِ!“ سچي پچي
ڳالهه ته هيءَ هئي ته هو شڪاري، دريءَ تي بيٺل
ڇوڪريءَ جي سونهن تي پنهنجي دل پنهنجي هٿان بنهه
وڃائي ويهي رهيو.
هو پوءِ اُن جاءِ ۾ اندر گهڙيو، ته سندس ڏاڍو آڌرڀاءُ ٿيو، ۽ هر
طرح سان هُن جي مهمان نوازي ڪئي ويئي.
ٻن- چئن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، ڪراڙيءَ ڏائڻ فيصلو ڪيو ته ”هاڻي
ڇو نه اسان کي پکيءَ جي اُها دل هٿ ڪرڻ گهرجي،
هيءُ انهيءَ دل مان ڇا ڄاڻي!“
پوءِ ڪراڙيءَ رن هڪڙو گرم ڪاڙهو تيار ڪيو، ۽ جڏهن اهو ٽهڪڻ لڳو،
تڏهن ان کي هڪ پيالي ۾ وجهي، ڌيءَ کي چيائين ته
هيءُ ڪاڙهو کڻي هن شڪاريءَ کي وڃي پياري اچ!“
ڇوڪري اهو پيالو وٺي، هن جوان وٽ ويئي، ۽ وڃي
چيائينس ته ”مسافر، هي وٺ، ۽ پنهنجي صحت جان نوش
ڪر!“ تنهن تي. هُو ته هن حسين نازنين ڇوڪريءَ کان
پيالو وٺي، سڄو ئي اُتي جو اُتي پي ويو! جڏهن
پيالي جي تَرَ ۾ باقي وڃي ڦوڳ بچيو. ته انهيءَ
گهڙيءَ اُها پکيءَ جي دل به شڪاريءَ جي پيٽ مان
نڪري ٻاهر اچي پيئي ۽ ڇوڪريءَ هڪدم اها دل لڪ- ڇپ
۾ کڻي پاڻ وٽ قابو ڪئي، ۽ وجهه وٺي وات ۾ وجهي، هڪ
ئي ڳيت سان ڳهي ڇڏيائين!
انهيءَ ڏينهن کان پوءِ، هن جوان کي
سون جي مهر وهاڻي هيٺان وري هٿ ڪا نه آئي، پر
ڇوڪريءَ جي سيرانديءَ هيٺان هن ڪراڙيءَ ڏائڻ ساڳي
اَڻکٽ دولت پئي ميڙي، ان هوندي به هو جوان، هن
ڇوڪريءَ جي عشق ۾ ايترو ته انڌو هو، جو معشوق جي
ناز ۽ ادا، حسن ۽ دلبريءَ کان سواءِ ٻيو کيس ڪي به
ڪين ٿي سجهيو!
ٻڍيءَ رن پوءِ چيو، ”پکيءَ جي دل ته هٿ آئي، پر هُن کان هاڻي
مرادن پوري ڪرڻ واري چادر به هٿ ڪرڻ کپي!“ تنهن تي
نينگريءَ جواب ڏنو ته ”هِن جي دولت ته هِن جي
هٿان ويئي، هاڻي اها چادر ته ڀلي هن جي ئي قبضي ۾
رهي!“
اهو ٻڌي، ٻُڍي هڪدم سخت ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويئي، ۽ چيائين ته ”هيءُ
چادر هڪ بي بها ملڪيت آهي، جا مون کي ڪنهن به صورت
۾ هٿ ڪرڻي آهي!“ پوءِ ته ڌيءَ کي چڱي خاصي مارڪٽ
ڪيائين، ۽ دڙڪو ڏيئي چيائينس، ”جي تون اهو منهنجو
چيو نه ڪندينءَ، ته تو کي سڄي عمر پڇتائڻو پوندو-
ياد ڪري ڇڏ!“
لاچار، ڇوڪريءَ کي هن جي حڪم جي بجا آوري ڪرڻي پيئي، هوءَ پوءِ
دريءَ وٽ اُداس نگاهن سان پري پري نهارڻ لڳي، ۽
رکي رکي ٿڌا ٿڌا ساهه پئي کنيائين، ڄڻ ته دل ڏاڍي
ڪا ڏکويل هيس! هن جي اها حالت ڏسي، شڪاري جوان وٽس
وڌي آيو، ۽ ٻاجهايل آواز سان کانئس پڇيائين، ”ڇو،
غمگين چهرو ڪيو بيٺين آهين؟“ جواب ۾ ڇوڪريءَ پري
پري، تمام پري اشارو ڪندي چيو ته ”اهي سماق پٿر جا
جبل آهن، اتي بي بها هيرا ۽ املهه جواهر ائين ئي
پکڙيا پيا آهن. مون کي انهن هيرن جواهرن جي ڏاڍي
سَڌ آهي، پر افسوس جو آئون انهن کي ڪڏهن به حاصل
ڪري ڪين سگهنديس، ڇاڪاڻ ته اُهي جبل جي چوٽيءَ تي
آهن، ۽ اُتي فقط اُڏامندڙ پکي ئي پهچي سگهن ٿا،
انسان ذات جي اتي ڇا مجال آهي جو رسي سگهي!
شڪاريءَ تنهن تي هڪدم جواب ڏنو. ”جيڪڏهن تنهنجي غمگينيءَ جو اهو
ئي سبب آهي، ته آئون اهو بار تنهنجيءَ دل تان
لاهي سگهان ٿو!“ هن ائين چئي ڇوڪريءَ کي پنهنجي
چادر منجهه پاڻ سان گڏ جهلي، سماق پٿرن جي جبلن تي
پهچڻ جي رڳو دل ۾ خواهش ڪئي، ته بس، هڪ ئي پَلَ ۾
ڏٺائون ته اُتي اچي رسيا! پوءِ جان کڻي اکيون
کولين، ته ڇا ڏسي ڇا ڏسن! چوڌاري بي بها هيرا ۽
جواهر، پهڻين جيان پکڙيا پيا هئا! هنن پوءِ انهن
مان ڪي بهترين جواهر ميڙي گڏ ٿي مس ڪيا، تنهن کان
اڳ ڏائڻ پنهنجي جادوءَ جي زور سان شڪاري جي اکين
تي ننڊ جي خمار جو اثر وڌو، جنهن ڪري اُتي ئي
ڇوڪريءَ کي هُن چيو ته ”هاڻي هتي ڪجهه وقت آرام
ڪريون، ڇو ته آئون اهڙو ٿڪل آهيان جو ڀانيان ته
جيڪر هتي ئي ڪِري پوان!“ ائين چئي. هو ڇوڪريءَ جي
هنج ۾ مٿو رکي سمهي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ،
هُو گَهريءَ ننڊ۾ الوٽ ٿي ويو. ڇوڪريءَ کي جڏهن
يقين آيو ته شڪاري ننڊ پئجي ويو آهي، تڏهن مٿانئس
چادر لاهي، کڻي پنهنجي ڪلهن تي اوڍيائين، ۽ پاڻ
هيرن، جواهر، لعلون ۽ موتي، جيترا ميڙي سگهي،
اوترا ميڙي، دل ۾ ”گهر پهچائڻ“، جي خواهش ڪيائين،
ته اها ئي گهڙي، اچي پنهنجي گهر نڪتي.
گهڻي وقت کان پوءِ شڪاري جو جاڳيو ته هيڏانهن هوڏانهن نهاري،
هڪدم سمجهي ويو ته جنهن جي عشق ۾ ايترو مدهوش هو،
تنهن ساڻس ڪهڙي حرفت ڪئي هئي، پوءِ دل ۾
ويچاريائين، ”آئون هاڻي هِت اڻڏٺل ۽ اڻوائٺل جبلن
تي بنهه اڪيلو، بي يار ۽ بي مددگار رَهجي ويو
آهيان، افسوس!“
انهيءَ جبل تي، جنهن تي هيءَ شڪاري جوان ائين رهجي ويو هو، سو
ڪن ديوَن جو آستان هو. اڃا گهڻي دير ئي ڪين گذري،
ته شڪاريءَ انهن هيبتناڪ ديوَن کي ڊگهيون ڊگهيون
ٻرانگهون ڀريندي، پنهنجي طرف ايندو ڏٺو. اهو ڏسي
هو وري به ليٽي پيو، ڄڻ ته ڪڏهوڪو گَهريءَ نڊ ۾
ستل آهي.
هڪڙو ديو ته هلندي هلندي هن تي اچي ٿاٻڙيو. ۽ چيائين، ”اجهو هت
زمين جو هڪڙو بدحال ڪيڙو اُبتو ٿيو پيو آهي!“
”لتاڙي ڇڏيندس!“ ٻئي ديوَ جواب ۾ چيو.
”ايتريءَ چپيٽ جي هيءُ لائق ئي نه آهي!“ ٽئين ديوَ وراڻيو،
”ڇڏي ڏينس- سدائين ته هتي ڪين ويٺو هوندو! نيٺ
سِري سِري جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويندو، ۽ اتي
بادل هن کي پاڻيهي کَڻي ڪنهن پاسي وڃي اوڙاهه ۾
اڇلائيندا!“
ديوَ ته اهي ڀيانڪ ڳالهيون ڪندا اڳتي وڌيا، پر هُن جيڪي انهن
پئي چيو، سو برابر پئي ٻڌو، سو جڏهن هُو سڀ ديوَ
نظر کان غائب ٿي ويا، تڏهن هي اٿي کڙو ٿيو، ۽ جبل
جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو. ڪي گهڙيون اُتي مس ويٺي
ٿيس، ته هڪ ڪَڪَر هوا ۾ ترندو هن ڏانهن آيو. هن
اُڇل کائي کڻي ڪَڪَر کي ڀاڪر ۾ جهليو، جنهن هن کي
آسمان ۾ هيڏانهن هوڏانهن لوڏيندي لمائيندي، آڻيندي
نيندي، وٺي کڻي جو هڪ پاسي اڇلايو ته ائين ئي وڃي
هڪڙي هنڌ، هڪڙي جابلو جڙين ٻوٽين جي باغ ۾ ڪِريو!
اتي شڪاريءَ دم پٽي، اُٿي هيڏي هوڏي نهاريو، ۽ چيائين ته ”گهڻو
وقت گذريو آهي، جو مون ڪي به ڪين کاڌو آهي، ۽ مون
کي بک به ڏاڍي لڳي آهي، پر هت ته صوفن، ناسپاتين
يا ٻئي ڪنهن قسم جي کاڌي لائق ميوي جو نالو نشان
به ڪونهي. هت ته صرف ڀاڄيون ئي ڀاڄيون ۽ ٻوٽيون ئي
ٻوٽيون بيٺيون آهن!
لاچار، ٻي ڪا واه نه ڏسي، بک مٽائڻ لاءِ هڪ ڪڙيءَ ڀاڄيءَ جي
پنن کي ڏانڊيءَ سوڌو کڻي وات ۾ وڌائين.سمجهائين ته
هي گهڻي طاقت ڏيندڙ نه آهي ته به ڪجهه نه ڪجهه
گهڙيءَ پلڪ لاءِ دل کي من
سڌير ڪرينم! انهيءَ خيال سان هُن اُهو ڪاهوءَ جو ٻوٽو پٽي، ويهي
کائڻ شروع ڪيو. کائڻ سان هن کي بت ۾ غير معمولي
چرپر معلوم ٿي، ۽ سمجهيائين ته پڻ اهو ساڳيو اڳيون
ماڻهو هو ئي ڪونه، بلڪ ٻن ٽنگن جي جاءِ تي چار
ٽنگون ڏسڻ ۾ آيس! مٿو ٿلهو، ۽ ٻيئي ڪن ڊگها ٿي
پيس! تپرس ۾ پئجي ويو! ۽ جڏهن ڪجهه ڳالهه سمجهه ۾
آيس، تڏهن پاڻ ڏانهن ڏسي، اچانڪ دل مان رڙ نڪري ويس، چي، ”هي
ڇا! آئون ته گڏهه ٿي پيس!“ پر بک هيس ڪا غضب جي،
سو اهو ڪاهوءَ جو ٻوٽو ڇڏي، وري وڃي پاسي ۾ هڪ ٻئي
قسم جي ڀاڄيءَ کي چرڻ لڳو. اڃا ان ۾ چڪ وجهي،
چٻاڙي ڳيت ئي مس ڏنائين، ته ڏٺائين ته هڪدم پنهنجي
اصلوڪيءَ انساني صورت ۾ ايندو وڃي! ۽ ائين، هيءُ
شڪاري جوان گڏهه مان ڦري ماڻهوءَ جي صورت ۾ اچي
ويو.
ٻئي ڏينهن صبح جو، هن ٻنهي قسمن جي ڀاڄين جا نمونا پاڻ سان
کنيا، ۽ دل ۾ فيصلو ڪيائين ته ”هي ٻئي شيون پنهنجي
ويل ملڪيت موٽائي هٿ ڪرڻ، ۽ هنن بيوفا عورتن کي
جوڳي سيکت ڏيڻ ۾ مون کي چڱو ڪم ڏينديون.“ ائين
چئي، انهن ڀاڄين جي هڙ کڻي کيسي ۾ وجهي، هو قلعي
جي تلاش ۾ نڪتو، جتي ڏائڻ سان گڏ اها منهن ملوڪ
ڇوڪري به رهندي هئي، جنهن سان هن جو ايترو پيار
ٿي ويو هو.
آخر ٻن ڏينهن جي ڀٽڪڻ کان پوءِ، قلعي وٽ پهتو. هن پنهنجي منهن
کي خاڪي رنگ، اهڙيءَ طرح مکيو هو، جو سندس سڳي
ماءُ به جيڪر کيس ڪين سُڃاڻي ها. هن پوءِ قلعي جي
در وٽ بيهي، اندر وڃڻ جي رخصت گهري، ۽ چيو ته
”آئون هلي هلي اهڙو ٿڪجي پيو آهيان، جو مون لاءِ
اڳتي هڪ قدم کڻڻ به محال آهي!“
ڏائڻ چيس، ”ميان، تون ڪير آهين ۽ ڪهڙو ڌنڌو ڪندو آهين؟“ هن جواب
ڏنو، ”آئون بادشاهه جي طرفان شين جي جاچنا ڪندڙ
آهيان، مون کي موڪليو ويو آهي ته دنيا جي تختي تي
سڀ کان زياده قيمت واريون ڀاڄيون ۽ ميوا ڳولي هٿ
ڪريان. شڪر آهي جو هيترا سارا سال ڳولا ڪري ڪري،
آخر هاڻي وڃي انهيءَ ڪم ۾ فتحمند ٿيو آهيان ۽ اهي
ڀاڄيون ڳولي هٿ ڪيون اٿم، ۽ پاڻ سان کنيو بادشاهه
ڏانهن موٽيو وڃان!“
ڪراڙيءَ ڏائڻ، جو عمدين ڀاڄين۽ ميون جو ٻڌو، سو سندس وات پاڻي
ٿيڻ لڳو، ۽ هن کي چيائين ته ”منهنجا هموطني ڀاءُ،
مون کي به ته اهي عجيب ڀاڄيون ۽ ميوا چکڻ واسطي
ڏي!“
هن جواب ڏنو، ”بيشڪ، مون ٻه بِدڙيون آنديون آهن، انهن مان هڪ تو
کي ٿو ڏيان!“ ائين چئي، جيڪا اُبتي قسم جي ڀاڄي
هئي، سا کڻي هن کي ڏنائين.
ڏائڻ کي ڪنهن به شڪ ڪرڻ جو سبب ڪو نه هو، سو اُها ڀاڄي کڻي خود
تيار ڪرڻ واسطي بورچيخاني ۾ ويئي، جڏهن اها تيار
ٿي، ۽ جيسين اها ڀاڄي ٿالهين ۾ وجهي، ٻاهر
دسترخوان تي آڻي رکجي، تيسين هن کي صبر نه آيو، ۽
هڪدم ان مان ٻه- چار پن کڻي وات ۾ وڌائين. اڃا
اُهي ٻه چار پن ڳڙڪايائين ئي مس، ته سندس انساني
صورت مٽجي ويئي، ۽ هڪدم گڏههِ جي شڪل وٺي پَستيُون
هڻندي، گهر جي اڱڻ ڏي ڀڄي ويئي!
ٿوريءَ دير کان پوءِ، جڏهن نوڪرياڻي رڌڻي ۾ گهڙي، ۽ ڏٺائين ته
ڀاڄي تيار آهي، سو ٿالهين ۾ وجهي، جيئن ٻاهر ٿي
نڪتي، تيئن هميشه جي عادت موجب، دل سُرڪي ويس ۽
کڻي ٻه- چار پن وات ۾ وڌائين. اها ويرم، ته هوءَ
به گڏهه جي صورت ۾ بدلجي، پنهنجي سدا سهڻي
مالڪياڻيءَ پٺيان وٺي اڱڻ ڏي ڀڳي.
انهيءَ وچ ۾، شڪاري ۽ حسين ڇوڪري ڀاڄي واسطي ترسيا ويٺا هئا، پر
ڀاڄي ڏانهن ڪنهن به ڪا نه آندي، تنهن تي ڇوڪريءَ
چيو، ”عجب آهي! ڪٿي اُهي ڀاڄي!“
شڪاري ته سمجهي ويو ته ڀاڄي پيئي پنهنجو رنگ لائي، سو وري
ڏاڍيان چيائين، ”آئون وڃي ٿو رڌڻي ۾ ڏسان، ته آخر
هيتري دير ڇا جي ڪري ٿي آهي!
شڪاري اُتان اٿي رڌڻي ڏانهن پئي ويو، ته ڏسي ته ٻه گڏهيون اڱڻ ۾
اڳيئي پيون گهمن ڦرن، ۽ ڀاڄي فرش تي هاري پيئي
آهي، پوءِ، هن باقي بچيل ڀاڄي رڪيبيءَ ۾ وجهي، آڻي
پنهنجي انهيءَ دل گهريءَ ڇوڪريءَ جي اڳيان
رکيائين.
ڇوڪري ٻيئي هٿ کڻي ٿالهيءَ ۾ وڌا، اڃا گرهه چٻاڙي نڙيءَ کان هيٺ
ئي مس ڪيائين، ته هيءَ به ٻين وانگر ٺهه پهه،
هينگون ڏيندي، اڱڻ ڏانهن ڊوڙڻ لڳي! پوءِ شڪاري هٿ
منهن ڌوئي، تيار ٿي اچي اڱڻ ۾ ويٺو، انهيءَ لاءِ
ته ڀل هي ٽيئي گڏهيون کيس سڃاڻن ۽ پنهنجو پاڻ تي
ملامت ڪن. پوءِ ٽنهي ڏانهن نهاري چوڻ لڳو ته ”اڃا
ترسو، ويٺيون ڏسجو ته اوهان کي پنهنجي دغا جي ڪهڙي
ٿي سيکت ملي!“ ائين چئي، هنن ٽنهي کي گڏي، رسيءَ
سان ٻڌي، شهر ۾ هڪ جانڊهه واري وٽ ڪاهي ويو. اتي
پهچي، جانڊهه واري جو در کڙڪايائين، جنهن تي
جانڊاهيءَ ٻاهر اچي کانئس پڇيو، ”ڪهڙو ڪم اٿيئي؟“
هن جواب ڏنو ته ”مون وٽ ٽي ڍٺر گڏهيون آهن، جنکي آئون وڌيڪ
سنڀالي نٿو سگهان، جيڪڏهن تون انهن کي پاڻ وٽ
بيهارڻ ۽ کارائڻ پيئارڻ جي تڪليف پاڻ تي کڻين، ته
آئون تو کي اُن جو چڱو اُجورو ڏيندس.“
جانڊاهيءَ جواب ڏنو، ”خير، اهو ته چڱو، مگر آئون انهن کي ڇا
ڪريان؟“
تنهن تي شڪاريءَ جواب ڏنو، ”هن وڏيءَ گڏهه (ڏائڻ) کي هر روز ٽي
دفعا مار ڏج، ۽ هڪ ويلو چارو کارائج، هن ٻيءَ گڏهه
(نوڪرياڻيءَ) کي هر روز هڪ دفعو مار ڏج ۽ ٽي دفعا
چارو کارائج، ۽ هن کودڙيءَ (ڇوڪريءَ) کي مار نه
ڏج، پر ٽي ويلا هر روز سعيي سان چارو ڏج!“ شڪاريءَ
جي دل ايتري سخت ڪا نه هئي، جو پنهنجي اڳينءَ
معشوقياڻيءَ کي عذابن ۾ مبتلا ڪرائڻ لاءِ تيار ٿئي
ها!
ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ، جانڊاهي شڪاريءَ وٽ آيو، ۽ چيائينس ته
”جنهن گڏهه کي ٽي دفعا مار ۽ هڪ ويلو چارو ڏبو هو،
سا ته مري ويئي، باقي ٻيون ٻه اڃا جيئريون آهن، ۽
انهن کي ٽي وقت کاڌو ملي ٿو، مگر اهي به اهڙيون ته
ڪمزور ۽ نٻل ٿيون ڏسجن، جو آئون ڀانيان ٿو ته گهڻو
وقت تڳي ڪين سگهنديون.“
اهو ٻڌي، هن شڪاري جوان جي دل ۾ رحم آيو ۽ پنهنجي ڪاوڙ ڍري ڪري،
جانڊاهيءَ کي چيائين ”انهن کي مون وٽ ڪاهي اچ!“
پوءِ جڏهن انهن باقي ٻن گڏهين کي موٽائي وٽس آندو
ويو، تڏهن انهن کي ماڻهوءَ جي شڪل ۾ آڻن واري ڀاڄي
کارايائين، ته جيئن هو وري پنهنجي اصلوڪي انساني
صورت ۾ اچن . . . . ۽ ٿيو به برابر ائين!
پوءِ ته سهڻي ڇوڪر، هن جي پيرن ۾ ڪِري پيئي، ۽ چيائينس ته
”افسوس آهي جو مون تو سان دغا ڪئي، مون کي معاف
ڪر! سچ پچ ته مون پنهنجي مرضيءَ جي خلاف مجبور ٿي،
هن ڏائڻ ٻڍيءَ جو چيو مڃيو ٿي، مون کي تنهنجي لاءِ
گهڻي محبت آهي، تنهن جي من جي مرادن پوري ڪرڻ واري
چادر، هتي هن ڪٻٽ ۾ ٽنگي پيئي آهي!“
ڇوڪريءَ جي پڇتاءُ واريءَ ڳالهه، شڪاريءَ جي دل تي ٿڌو ڇنڊو
هنيو، ۽ هن تان غصي جو غبار لهي ويو، ۽ چيائينس
ته ”هاڻي پرواهه نه آهي، ڀلي اهو ٻيئي چيزون تو وٽ
هجن. هاڻي اُهي تون ئي پاڻ وٽ سنڀالي رک. منهنجي
مرضي آهي ته تو سان شادي ڪريان.“
انهيءَ کان پوءِ، هنن ٻنهي جي پاڻ ۾ شادي ٿي، ۽ مرڻ گهڙيءَ
تائين باقي حياتيءَ جا ڏينهن پاڻ ۾ محبت ونڊيندا ۽
ڏاڍيون موجون ماڻيندا رهيا. |