اڳتي هلي وري ٽيون ديو گڏين، جنهن دهلاريءَ کي ٻئي ديو جي ٻيڪڙ
مان ڪڍي کڻي پنهنجي ٽوپيءَ جي وٽ تي رکيو. اتي ته
دهلاريءَ مزي سان پئي هيڏي هوڏي گهميو ڦريو، ۽ جي
هيٺ نگاهه ٿي ڪيائين ته وڏن وڏن وڻن جي چوٽين مٿان
به نظر پئي پيس، ۽ ائين سامهون ڏسندي ڏسندي،
ڏورانهين آسماني رنگ جي فضا ۾ هن ڪجهه ڏٺو، ۽ خيال
ڪيائين ته يقيناً اهو شيشي جو جبل آهي، ۽ برابر هو
به ائين. ديو کي فط ٻه- چار قدم اتي پهچڻ لاءِ
کڻڻا هئا، هو اچي جبل جي پاڙ وٽ پهتا.
جڏهن ديو آڻي هن کي اتي لاٿو، تڏهن دهلاريءَ هن کي چيو ”مون کي
کڻي هن جبل جي چوٽيءَ تي پهچاءِ، ”پر ديو اهو ٻُڌي
رڳو چپن ۾ ڪجهه ڀڻ ڀڻ ڪئي، ۽ پنهنجي ڍنگهر جهڙيءَ
ڏاڙهيءَ کي هيڏانهن هوڏانهن لوڏيو ۽ پوءِ پٺي
ورائي، وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندو موٽي ٻيلي
ڏانهن هليو ويو.
دهلاريءَ ويچارو جبل جي پاڙ وٽ بيٺو رهيو، پر جبل اهڙو اتانهون
ٿي لڳو، جو ڄڻ هڪ نه پر ٽي جبل هئا، جيڪي اُڀا ئي
اُڀا هڪ ٻئي جي مٿان کتا بيٺا هئا، ۽ اهڙا لسا ۽
شفاف ٿي لڳا، ڄڻ بنهه آرسيءَ جي شيشن جا جڙيل
هئا. اهو حال ڏسي، دهلاري ويچارو منجهي بيهي رهيو.
سمجهي نه پئي سگهيو ته ڇا ڪري، هن جبل تي چڙهڻ جي
ڪوشش ڪئي، پر اجائي، ڇاڪاڻ ته هو هر هر ترڪي وري
اچي ٿي ٽنڊڻ وانگر پٽ تي ڪِريو.
دهلاري ائين ٻڏ-تر ۾ جيئن اتي بيٺو هو، ته ڪجهه به سوچي نٿي
سگهيو ته هاڻ ڇا ڪجي! تيئن هن جي نظر ٻن ماڻهن تي
پيئي، جي پاڻ ۾ پيئي وڙهيا. هي انهن ماڻهن ڏانهن
وڌي ويو، ۽ ڏٺائين ته هڪ گهوڙي جي زين تان هو پاڻ
۾ پئي ووڙهيا، ۽ اها زين پريان پٽ تي پيئي هئي.
اهو حال ڏسي هنن کي چيائين، ”ڪهڙا نه بيوقوف آهيو، جو توهان وٽ
گهوڙو آهي ڪو نه ۽ فقط زين خاطر هيتري ڇڪتاڻ ٿا
پيا ڪريو؟
هنن مان هڪڙي جواب ڏنو، ”هن زين لاءِ وڙهڻ ته هڪ ادنيٰ ڳالهه
آهي، ڇاڪاڻ ته هن زين ۾ اهڙي خاصيت آهي، جو هن تي
ڪو به ويهي اها خواهش ڪري ته مون کي فلاڻي هنڌ
پهچاءِ ته اهو هنڌ ڀلي زمين جي آخري ڇيڙي تي ڇو نه
هجي، ته به بنهه هڪ پل ۾، هو پاڻ کي اتي پهتو
ڏسندو. هي زين اسان ٻنهي جي گڏيل ملڪيت آهي ۽ هيئر
منهنجو وارو آهي، هن تي سواري ڪرڻ جو، پر هي مون
کي ان تي چڙهڻ نٿو ڏئي.“
دهلاريءَ چين، ”آئون ٿو اوهان جي تڪرار جو فيصلو ڪريان.“ هن ڇا
ڪيو جو ڏهه ويهه قدم کڻي، ٿورو پرڀرو هڪ ڪاٺي اچي
زمين ۾ کوڙي، وري پوئتي موٽي آيو، ۽ اچي هنن ٻنهي
کي چيائين ته ”هاڻي اوهين ٻيئي هن ڪاٺيءَ ڏي ڊُڪ
پايو. اوهان مان جيڪو به اتي پهرين پهرين پهچندو
سو هي ڀيرو هن زين تي سواري ڪندو.“
انهيءَ تي هنن ٻنهي وٺي ان ڪاٺيءَ ڏي، ڊُڪ پاتي، پر اڃا هو ٻه
چار وکون ئي ڪين ڊوڙيا هئا، ته دهلاريءَ ڇا ڪيو،
جو زين تي چڙهي ويٺو ۽ هڪدم ڪانچ جي جبل جي چوٽيءَ
تي پهچڻ جي خواهش ڪيائين، ته اک ڇنڀ ۾ اتي پهچي
ويو.
اتي هڪ جهوني، پٿر جي جاءِ جبل جي بلڪل چوٽيءَ تي ٺهيل ڏٺائين،
ان جاءِ جي اڳيان قسمين قسمين مڇين سان ڀريل هڪڙو
وڏو تلاءُ هو، ۽ ٻئي پاسي هڪ گهاٽو اونداهو ٻيلو
هو. ان کانسواءِ، هن کي ڪنهن به انسان يا حيوان جو
نشان نظر نه آيو. چوڌاري ماٺ ميٺوڙو لڳو پيو هو،
فقط وڻن جي پنن جي کڙ کڙ ٻڌڻ ۾ ٿي آئي، ۽ آسمان ۾
ڊوڙندڙ ڪڪر مٿي جي بلڪل ويجها پئي معلوم ٿيا.
هن جاءِ جو دروازو کڙڪايو، ۽ لاڳيتن ٽن دفعن کڙڪائڻ کانپوءِ هڪ
ڀوري منهن ۽ گلابي اکين واري ڪراڙي زال اچي دروازو
کوليو. هن جي ڊگهي نڪ تي عينڪ رکيل هئي، ۽ نڪ تان
عينڪ ٻن آڱرين سان مٿي کڻي، هن دهلاريءَ کي چڱيءَ
طرح چتائي ڏٺو ۽ رکي رکي کانئس پڇيائين، ”ڪهڙو ڪم
اٿئي!“ دهلاريءَ جواب ڏنو ته ”مون کي کاڌي خوراڪ ۽
رهڻ جي جاءِ جي ضرورت آهي.“
ڪراڙيءَ جواب ڏنو ته ”اجهو ۽ کاڌو تو کي ملندا، پر انهن جي عيوض
تو کي پورهيو ڪرڻو پوندو. آئون تو کي ٽي ڪم ڏينديس
۽ اهي مون کي ڪري ڏج.“
دهلاريءَ جواب ڏنو، ”ڇو نه پورهيو ڪندس! آئون ڪم کان ڀڄندڙ نه
آهيان، ڪهڙو به سخت ڪم هوندو ته اهو به ڪندس.“
انهيءَ تي ٻڍيءَ زال هن کي گهر جي اندر اچڻ ڏنو ۽ رات جو هن کي
نهايت سُٺو کاڌو ۽ آرام ڪرڻ لاءِ بلڪل صاف ۽ نرم
بسترو به ڏنائين.
صبح جو ڪراڙيءَ پنهنجي سڪل آڱر مان انگشتان ڪڍي، دهلاريءَ کي
ڏيئي چيو ته ”هن انگشتان سان هن تلاءَ جو سڀ پاڻي
ڪڍي ٻاهر ڪر، اهڙيءَ طرح جو هڪ ڦڙو پاڻيءَ جو به
تلاءَ ۾ نه بچي، ۽ اهو ڪم رات تائين پورو ٿيڻ
گهرجي، ۽ پوءِ سڀيئي مڇيون به تلاءُ مان ڪڍي، سندن
قسم قسم الڳ، ننڍ وڏائيءَ موجب ڪناري تي رکي ڇڏج-
اهو اٿيئي منهنجو پهريون ڪم؟“
دهلاريءَ خيال ڪيو ته ”هي ته عجب جهڙو ڪم آهي!“ پر وڌي تلاءُ تي
ويو ۽ ان مان پاڻي ڪڍڻ شروع ڪيائين، سوير صبح
کانوٺي سارو وقت هن اهو ڪم ويٺي ڪيو، پر هيترو
گهڻو انداز پاڻي جو فقط انگشتان سان ڪڍي ٻاهر ڪرڻ
جي ڪوشش مان ڪهڙو نتيجو؟ انهيءَ ڪم ۾ ته گهٽ ۾ گهٽ
ته به هڪ هزار ورهيه لڳي وڃن! سو، ٻنپهرن جي
مانيءَ وقت هو ڪم مان اصلي هٿ ڪڍي نااميد ٿي ويهي
رهيو ۽ دل ۾ چيائين ته ”اهو ڪم آئون ڪريان يا نه
ڪريان، ڳالهه مڙيو ئي ساڳي آهي.“
ايتري ۾، هڪ ڪنواري ڇوڪري گهر کان ٻاهر نڪتي، ۽ منجهند جي ماني
هن جي اڳيان رکي، چيائينس، ته ”تون ڪهڙو نه اُداس
پيو نظر اچين.- ڪو خاص سبب آهي ڇا؟“
دهلاريءَ هن ڏانهن نهاريو، ۽ هن جو حسن ڏسي حيران ٿي ويو، ۽
چيائين ”افسوس، پهريون ڪم جو مون کي ڏنو اٿس، مون
کان اهو به نٿو ٿي سگهي، سو اهڙا ٻيا ڪم آئون ڪيئن
پورا ڪري سگهندس! آئون هت هڪ شهزاديءَ جي ڳولا ۾
آيو آهيان، پر هن کي ته اڃا مون ڏٺو به نه آهي.“
انهيءَ تي هن ڇوڪريءَ چيس ”تون هت ترس- آئون ٿي تنهنجي مشڪل
آسان ڪريان، تون هينئر ٿڪل آهين، سو ماٺ ڪري
منهنجي هنج ۾ مٿو رکي سمهي رهه! جڏهن جاڳندين ته
ڏسندين ته ڪم ٿيو پيو هوندو!“
اهڙي حڪم مڃڻ واسطي ته دهلاري خوشيءَ سان تيار هو. اڃا هن ننڊ ۾
اکيون پوريون ئي مس ته ڇوڪريءَ پنهنجي مرادن پوري
ڪرڻ واري جادوءَ جي منڊي آڱر ۾ ڦيرائي چيو ته
”پاڻي، تون مٿي هليو وڃ! مڇيون، اوهين ٻاهر اچو!“
ائين چوڻ تي، پاڻي اڇي ماڪ وانگر ڪڪرن سان گڏجي مٿي چڙهي ويو، ۽
مڇيون ڪناري تي ٽپي، پاڻهي پاڻ، قسم قسم پٽاندڙ،
ننڍ وڏائيءَ موجب قطارون ڪري پئجي رهيون.
جڏهن دهلاري جاڳيو، ته هي حالت ڏسي عبرت ۾ پئجي ويو.
ڇوڪريءَ، چيس ته ”هڪڙي مڇي ٻين سان گڏ رکيل نه آهي، پر بلڪل پري
بيڊولي پيئي آهي، هوءَ ٻڍي زال تو کان اچي پڇندي
ته ”جو ڪم مون تو کي چيو هو. سو سڀ پورو ٿيو؟“
ائين پڇي، هوءَ يڪدم چوندي ته ”هوءَ هڪڙي مڇي، هتي
ٻين کان جدا ڇا ٿي ڪري؟“ اڃا هوءَ ايترو چوي ته
تون ڇا ڪج، جو اها مڇي هٿ ۾ جهلي، کڻي هن جي منهن
۾ ڦهڪائج، ۽ کيس چئج، ڪراڙي ڏائڻ، هيءَ وٺ، اها تو
لاءِ آهي.“
شام جو جڏهن هوءَ ٻڍي زال آئي، ۽ اهي ساڳيا سوال پڇيائين، ته
دهلاريءَ مڇي کڻي هن جي منهن تي ڦهڪائي ڪڍي. هوءَ
ماٺ ڪري بيٺي رهي، ڄڻ ته ان جُٺ جو هن کي خيال ئي
ڪو نه ٿيو، پر سندس اکيون بدنيتيءَ ۾ چنجهيون ٿي
ويون.
ٻئي ڏينهن صبح جو هن دهلاريءَ کي چيو، ”ڪالهه تو کي بلڪل سوکو
ڪم ڪرڻو پيو، پر اڄ تو کي ان کان وڌيڪ مشڪل ڪم
ڏسيان ٿي، اڄ بيهي هو سڄو ٻيلو وڍ، ۽ ترتيب سان
ڪاٺ جون ڀريون ڀريون ڪري رک، ۽ شام تائين سڀ ڪم
تيار ٿيڻ گهرجي.“
پوءِ هن کي هڪ ڪهاڙو، هڪ ڪهاڙي ۽ ٻه ڪارايون ڏنائين- پر اهي سڀ
شيهي جون ٺهيل هيون. دهلاري ته منجهي بيهي رهيو ته
ڇا ڪجي، پر ٻنپهرن وقت، اها ڇوڪري هن جي ماني کڻي
آئي، ۽ کيس وري به چيائين ته ”تون پنهنجو مٿو
منهنجي هنج ۾ رکي سمهي رهه، ۽ جڏهن جاڳندين ته سڀ
ڪم پورو ٿي پيو هوندو.“
پوءِ هن ڇوڪريءَ وٺي کڻي پنهنجي مرادن پوري ڪرڻ واري جادوءَ جي
منڊيءَ کي آڱر ۾ ڦيرايو، ته سڄو ٻيلو هڪ خوفناڪ
ٺڪاءُ ڪري ڪِري پيو، ڄڻ ته غيبي ديون انهن بيشمار
پربت جيڏن وڻن کي گهڙيءَ ۾ ڪيرائي ڇڏيو.
دهلاري ننڊ مان جاڳيو ته ڇوڪريءَ چيس، ”ڏس، ڪاٺ سڀ وڍجي ۽ ڀريون
ٿيون باترتيب رکيو آهي، فقط هڪ ٽاري ٻين کان جدا
پيل آهي، جڏهن ڪراڙي شام جو اچي ته اها کڻي منهن
تي ڦهڪائي ڪڍجانس، ۽ چئجانس ته ”ڪراڙي ڏائڻ، وٺ
هيءُ اها تولاءِ آهي.“
ٻڍي زال آئي ۽ چيائينس، ”ڏس مون تو کي ڪهڙو نه سهنجو ڪم ڏنو
آهي، پر هوءَ هڪڙي ٽاري هُتي پري ڇو پيئي آهي؟“
تنهن تي دهلاريءَ کڻندي اها ٽاري، زور سان ڏائڻ جي منهن ۾
ڦهڪائي ڪڍي، ۽ چيائينس ته ”ڪراڙي رن، وٺ هيءُ- اها
تو لاءِ آهي.“ پر هن ڄڻ ته اُهو ڌڪ يا بيعزتي
محسوس ئي نه ڪئي، ۽ پاڻ ٺٺوليءَ طور کلڻ لڳي. ۽
پوءِ دهلاريءَ کي چيائين ته ”سڀاڻي هي سڀ ڍڳيون گڏ
ڪري، هڪ ٻئي مٿان رکي، انهن کي باهه ڏجان.“
ٻئي ڏينهن پرهه ڦٽيءَ جو هو اٿيو، ۽ ڪاٺيون گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين،
پر سڄي ٻيلي جون ڪاٺيون هڪڙو اڪيلو ڄڻو ڪيئن ٿو گڏ
ڪري سگهي! ايڏو ڪم جن ڪن ته ڀلي، باقي ماڻهن کان
ته نٿي ٿي سگهيو، پر هن جي قسمت زور هئي، جو هوءَ
ڇوڪري ماني کڻي آئي، ۽ جڏهن هن ماني کائي لاٿي،
تڏهن اڳي وانگر هو پنهنجو مٿو هن جي هنج ۾ رکي
سمهي رهيو، ۽ جاڳي ڏٺائين، ته سڄو جبل جيڏو ڍير
ڪاٺين جو ٻري پيو، ۽ ان جا شعلا بنهه آسمان تائين
پيا ٿا رسن!
پوءِ ڇوڪريءَ دهلاريءَ کي چيو ته ”ڪن ڏيئي ٻڌ، ڏائڻ جڏهن ايندي،
ته وري به تو تي ڪو ڪم مڙهيندي، پر جيڪي هوءَ
چويئي، سو بنهه بيڊپو ٿي هڪدم ڪج، جيئن هن کي
شڪايت جو ڪو سبب نه ٿئي. جيڪڏهن ذرو به ڊڄندين ته
هوءَ تو کي کڻي هن مچ ۾ ڦٽو ڪندي. پر هوءَ جيئن
توکي چوي، تيئن جيڪڏهن ڪندين ته پوءِ تنهنجو وار
به وَنگو نه ٿيندو- پوءِ ڇا ڪج جو چستي ڪري، الٽو
هن کي هلي، هن مَچ ۾ کڻي ڦٽو ڪج ته قصو ئي پورو ٿي
وڃيس.“
ڇوڪر ته پوءِ هلي ويئي، ۽ نيٺ شام جو ڪراڙي ڏائڻ آئي، ۽ اچڻ
سان اچي چيائين، ”باهه! آها- سرديءَ ۾ ٿي ڏڪان، پر
هوءَ باهه منهنجي ٻڍڙن هڏن کي گرم ڪندي، هوڏانهن
ته ڏس، هو بنڊ ٻري ئي نٿو؟ ان کي ته ٻاهر ڪڍي اچ!
باقي اهو ڪم ڪر ته تو کي ڇڏي ڏيان: پوءِ جيڏانهن
تنهنجي مرضي پوءِ، اوڏانهن پنهنجي رضا خوشيءَ سان
پيو گهمج ڦرج.“
دهلاريءَ ذرو به دل من نه هنيو، ۽ ٽپ ڏيئي باهه جي شعلن ۾ گهڙي
يو، پر باهه جي انهيءَ آڙاهه ۾، هن جي هڪ وار کي
به لهس نه آئي. هڪدم اهو بنڊ باهه مان ڪڍي، آڻي
زمين تي رکيائين، پر بنڊ اڃا زمين تي مس لڳو ته
امالڪ گم ٿي ويو، ۽ ان مان اها ئي سهڻي ڇوڪري اٿي
بيهي رهي، جنهن دهلاريءَ جي هر وقت هيتري ساري مدد
پئي ڪئي، هن جي سونهري زريفت لباس مان دهلاريءَ
هڪدم سمجهي ورتو ته اها خود پاڻ شهزادي هئي، جنهن
لاءِ هو ايترا ڪشالا ڪڍي، اتي شيشي جي جبل تي اچي
پهتو هو.
ٻڍي زال کلڻ لڳي، ۽ ٺٺولي ڪري چيائينس، ”تون سمجهين ٿو ته هاڻي
اها تنهنجي ٿي ويئي! پر ياد رک اڃا ڳالهه پري
اٿيئي.“ پوءِ جيئن ڏائڻ ڊوڙي هن ڇوڪريءَ کي کڻي
وڃڻ لاءِ اڳتي وڌي، تيئن دهلاريءَ هڪدم کيس ٻک
وجهي کڻي سامهون مچ ۾ اڇلايو.
هيڏانهن شهزاديءَ هن ڏي چتائي نهاريو، ۽ چيائين ”هي ڪهڙو نه
ٺاهوڪو جوان آهي، جنهن منهنجي خاطر ايتريون
مصيبتون سٺيون آهن. ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي.“
پوءِ هن پنهنجون ٻانهون دهلاريءَ ڏانهن ڊگهيري
چيو، ”تو سڀ ڪم کي ڏاڍيءَ همت سان منهن ڏنو، هاڻي
واعدو ڪر ته مون کي سچيءَ محبت سان پيار ڪندين،
ته پوءِ آئون تو سان شادي ڪريان.“
ائين چئي، شهزادي هن کي گهر جي اندر وٺي ويئي، ۽ هن ڏائڻ جون
جيڪي صندوقون ۽ ڪٻاٽ هيرن جواهرن، سون ۽ چانديءَ
جي گڏ ڪيل خزانن سان ڀريا پيا هئا، اهي سڀ هن کي
ڏيکاريائين. انهن خزانن مان هنن سڀ سون ۽ چاندي
اتي ئي ڇڏيو- فقط هيرا جواهر پاڻ سان کنيا.
هاڻي هنن سوچيو ته ڪانچ جي جبل تي زياده وقت نه ترسجي، تنهن ڪري
شهزاديءَ، دهلاريءَ کي چيو ته ”مون کي فقط پنهنجي
مرادن واريءَ منڊيءَ کي ڦيرائڻو پوندو- ته پاڻ اتي
جو اتي گهر پهچي وينداسون.“
دهلاريءَ جواب ڏنو. ”چڱو، چوينس ته هڪدم پاڻ کي پنهنجي شهر جي
دروازي اڳيان پهچائي ڇڏي.“
هن جو ائين چوَڻ ۽ هڪ سيڪنڊ جي اندر هو اتي پهچي ويا. تڏهن
دهلاريءَ هن کي چيو ته ”پهرين آئون ماءُ- پيءُ وٽ
ويندس، ۽ هنن کي خبر ڏيندس. تون تيستائين هن ٻنيءَ
۾ ترس، اجهو هڪ گهڙيءَ ۾ موٽي ٿو اچان.“
ان تي شهزاديءَ چيس، ”هاءِ! تو کي منٿ ٿي ڪريان، خبردار رهج،
ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي ماءُ- پيءُ کي ساڄي ڳل تي
چمي نه ڏج، ڇاڪاڻ ته ان جو نتيجو اهو نڪرندو، جو
اتي جو اتي تو کان سڀ ڪجهه وسري ويندو.“
انهيءَ تي دهلاريءَ چيس، ”ائين ڪو نه ٿيندو، جو آئون تو کي
وساري ڇڏيان!“ ائين چئي، هن کي پنهنجو سڄو هٿ
ڏيئي هن کان موڪلايائين، ۽ انهن ئي پيرن تي موٽي
اچڻ جو واعدو ڪري هليو ويو.
هن جي شڪل ۾ ايترو تفاوت اچي ويو هو، جو جڏهن هو پنهنجي اڳوڻي
گهر ۾ گهڙيو ته هن کي ڪنهن به ڪين سڃاتو. ڇاڪاڻ ته
جيڪي ٽي ڏينهن هن ڪانچ جي جبل تي گذاريا هئا، سي
حقيقت ۾ ٽي سال هئا، پوءِ هن پنهنجا پار پتا ڏنا،
۽ تنهن کان پوءِ وڃي هن جي مائٽن هن کي سڃاتو،
پوءِ ته هن جا ماءُ- پيءُ خوشيءَ ۾ هن کي ڳراٺڙيون
پائي چنبڙي پيا، ۽ هن به ان خوشيءَ جي جوش ۾
شهزاديءَ جي نصيحت وساري، هنن کي ٻنهي ڳلن تي ڀل ۾
چميون ڏيئي ورتيون. هن جون مائٽن کي ساڄن ڳلن تي
چميون ڏيڻ، ۽ هن کان شهزاديءَ جو خيال اتي جو اتي،
ائين دل تان لهي ويو، ڄڻ ته هن کي ڪڏهن ڏٺو به ڪين
هئائين، پوءِ کيسن مان مٺيون ڀري ڀري موتي، هيرا،
۽ جواهر ڪڍي ميز تي ڍڳ ڪري رکيائين، ۽ مائٽ سندس
حيران ته آخر ايتري ساري خزاني کي هو ڪيڏانهن
ڪندا.
آخر سندس پيءُ هڪ عاليشان، بنهه بادشاهن جي رهڻ لائق محلات
اڏايو، ۽ ان جي چوگرد باغ، ٻنيون ۽ ٻيلا به
رکيائين ۽ جڏهن اهي سڀ تيار ٿي ويا، تڏهن دهلاريءَ
جي ماءُ، پٽ کي چيو ته ”مون تنهنجي واسطي ڪنوار
پسند ڪئي آهي، ۽ ايندڙ هفتي جي ڪنهن ڏينهن، شاديءَ
جو ڏڻ ٻڌڻ وارائي آهيون. ”پٽ به انهيءَ ڳالهه تي
پنهنجو راضپو ڏيکاريو.
هتي ويچاري شهزادي شهر جي دروازي اڳيان گهڻو وقت ترسي ويٺي هئي.
جڏهن شام ٿي ۽ دهلاري ڪين موٽيو، ته هن کي پڪ ٿي
ته ”هن ماءُ پيءُ کي ساڄي ڳل تي چميون ڏنيون آهن،
تنهن ڪري هن کي منهنجي سڀ ڳالهه دل تان صاف لهي
ويئي آهي. ”پوءِ شهزاديءَ جي دل غم سن ڀرجي ويئي،
۽ پنهنجي پيءُ بادشاهه ڏانهن وڃڻ بدران، وڃي پاسي
۾ هڪڙي اڪيلي گهاٽي جهنگ ۾ بسيرو ڪيائين، پوءِ ته
هوءَ هر روز شام جو شهر ۾ ويندي هئي، ۽ وڃي
دهلاريءَ جي گهر وٽان لنگهندي هئي. ڪيترا ئي دفعا
هو جوان کيس ڏسندو به هو، پر سڃاڻندو ئي نه هوس،
آخر هن ٻين ماڻهن جي واتون ٻڌو ته ٻئي ڏينهن هن جي
شادي ٿيڻي هئي. انهيءَ تي شهزاديءَ سوچيو، ”ڇو نه،
هن کي وري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان!“
پوءِ، شاديءَ جي جشن جي پهرئين ڏينهن، شهزاديءَ منڊيءَ کي
ڦيرائي حڪم ڏنو ته ”مون کي وڳو گهرجي، جو سج وانگر
چمڪندڙ هجي- ”يڪدم سج جهڙو صاف چمڪندڙ لباس هن جي
اڳيان رکيو هو ، ۽ اهڙو پئي ڏسڻ ۾ آيو، ڄڻ سج جي
ڪرڻن مان اڻيل هجي.
جڏهن سڀ مهمان مجلس ۾ اچي گڏ ٿيا، ته شهزادي به اهو سج جهڙو
چمڪندڙ لباس پهري اتي آئي. هن جي لباس کي ڏسي، هر
ڪو عبرت ۾ پئجي ويو! خاص ڪري ڪنوار، جنهن کي عمدن
ڪپڙن پائڻ جو بيحد شوق هو، سا ته هن جو لباس ڏسي،
بنهه ان تي چري ٿي پيئي، ڏسي ڏسي، آخر ڪنوار هن وٽ
ويئي، ۽ پڇيائينس ته ”تون پنهنجو اهو وڳو
وڪڻندينءَ؟“
شهزاديءَ جواب ڏنو ته ”پئسن تي وڪڻڻو نه اٿم، پر جيڪڏهن تون مون
کي گهوٽ- ڪنوار جي سمهڻ واري ڪمري جي دروازي ڀرسان
رات گذارڻ جي اجازت ڏيندينءَ، ته پوءِ ان جي عيوض
اهو وڳو توکي ڏيئي ڇڏيندس.“
ڪنوار اها آڇ اکيون ٻوٽي کڻي قبول ڪئي، ۽ هڪدم
شهزاديءَ جو شرط مڃيائين، پر سمهڻ وقت هن گهوٽ کي
شراب ۾ اهڙي ته دوا پياري ڇڏي، جو هڪدم گهريءَ ننڊ
۾ پئجي ويو.
جڏهن گهر ۾ چوڌاري سانت ٿي ويئي، تڏهن شهزادي اچي سمهڻ جي
ڪوٺيءَ جي در وٽ ويٺي، ۽ در کي ٿورو کولي، وينتيون
ڪرڻ لڳي.
”او دهلاري، او دهلاري! دردونديءَ جي دانهن ته ٻڌ-
ڇا تو ۽ مون، جهنگ جبل ۾ گڏجي ناهي گذاريو؟
ڏائڻ جي جادوءَ کان مون توکي ڪيئن بچايو؟
قول ڪيو جو تو مون سان، سو ڪر تون هاڻي سجايو.“
پرڪجهه به ڪين وريس! دهلاري ننڊ مان سجاڳ ڪين ٿي سگهيو. شهزادي
لاچار ناڪام ٿي صبح جو اتان اٿي هلي ويئي.
ٻئي ڏينهن وري هن جي پنهنجي مرادن پوري ڪرڻ واري منڊيءَ کي ڦيرو
ڏيئي، چيو ته ”مون کي چنڊ جي چانڊوڪيءَ جهڙو دل
لڀائيندڙ لباس گهرجي.“
پوءِ جڏهن انهيءَ وڳي سان ٻيءَ رات هوءَ مجلس ۾ آئي، تڏهن سندس
چانڊوڪيءَ جهڙن چمڪندڙن ۽ نزاڪتدار ڪپڙن کي ڏسي،
ڪنوار جي دل ۾ وري حرص جي باهه ڀڙڪو کائي اٿي، ۽
انهن ڪپڙن حاصل ڪرڻ لاءِ، هن شهزاديءَ کي ٻي به
رات گهوٽ – ڪنوار جي ڪوٺيءَ جي دروازي وٽ گذارڻ جي
اجازت ڏني.
رات جي خاموشيءَ ۾ شهزاديءَ وري به دهلاريءَ کي ڏسڻ جي ڪوشش
ڪئي، پر هن ڀيري پڻ ننڊ جي دوا جي اثر ڪري، هو ڪين
جاڳيو، ۽ صبح جو وري به ڪنڌ هيٺ ڪري، ڳوڙها
ڳاڙيندي هوءَ پنهنجي ٻيلي واريءَ جاءِ ڏي هلي
ويئي.
پر، گهر جي ڪن نوڪرن هن ڇوڪريءَ جو ارمان ڀريو پڪارڻ ٻڌو هو، ۽
انهن اها ڳالهه وڃي گهوٽ کي ٻڌائي انهن ائين به
چيس ته ”جيڪڏهن سمهڻ وقت پيالي ۾ ننڊ آڻن جي دوا
نه پئين ها، ته جيڪر تون هن اٻلا جون اهي دانهون ۽
پڪارون ضرور ٻڌي سگهين ها.“
ٽئين ڏينهن شام جو، شهزاديءَ پنهنجي منڊيءَ کي ڦيرائي چيو. ”اڄ
مون کي اهو وڳو گهرجي، جو آسمان جي تارن وانگر پيو
جهرڪي ۽ چمڪاٽ ڏئي.“
پوءِ جڏهن هوءَ ناچ جي مجلس ۾ وڃي شامل ٿي، ته ڪنوار اهو نئون
لباس ڏسي خوشيءَ ۾ ڀرجي ويئي، ۽ دل ۾ چيائين ته
”آئون بهرحال اهو واڳو ضرور هن کان وٺنديس،“ ۽
شهزاديءَ هن ڀيري به انهيءَ ساڳئي شرط تي اهو کيس
ڏيڻ قبول ڪيو.
تنهن رات، گهوٽ سمهڻ جي وقت اهو شراب جو پيالو ڪين پيتو ۽ پلنگ
جي هيٺان هاري ڇڏيو. رات جو جڏهن چوڌاري ماٺ ئي
ماٺ لڳي پيئي هئي، تڏهن هن هڪ مٺو ۽ نرم آواز
ٻڌو، جنهن چيو پئي:
هت اچي مون کي تو آ ڪيئن وساريو!“
اهو آواز ٻڌي، هن کي يڪدم يادگيري آئي، ۽ هن زور سان چيو ”هاءِ،
آئون ڪهڙو نه بيوفا ۽ سنگدل ٿيس! پر انهيءَ سڄيءَ
ڳالهه لاءِ منهنجي پنهنجي لاپرواهي ئي جوابدار
هئي. هن مون کي جهليو به هو پر وري به ماءُ- پيءُ
کي ساڄن ڳلن تي چمي وڃي ڏنيم!“
پوءِ هو ٽپ ڏيئي اٿيو، ۽ شهزاديءَ کي هٿ مان جهلي پنهنجي ماءُ
پيءُ وٽ وٺي ويو، ۽ انهن کي چيائين ته ”هيءَ
منهنجي سچي ڪنوار آهي، آئون هن ٻي ڇوڪريءَ سان
شادي ڪري، هن سان بيوفائي ڪا نه ڪندس!“
پوءِ شاديءَ جا جشن ۽ خوشيون وري نئين سر شروع ٿيون. پهرين
ڪنوار کي اهي ٽيئي عمدا وڳا شهزاديءَ وارا هميشه
لاءِ عيوض ۾ ڏنا ويا، ۽ هوءَ به انهن تي خوش ٿي
ويهي رهي. |