| 
								 
                                
                                مقالا 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ڊاڪٽر
                                
                                
                                غلام
                                
                                
                                علي الانا 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                گوجر
                                
                                
                                قبيلو ۽ اُن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                گوجري 
                                ٻوليءَ جو
                                
                                
                                اڀياس 
                                
                                
                                1- پاڪستان
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                گهڻ 
                                - 
                                
                                ٻوليائون 
                                (Multi - Lingual) 
                                ملڪ
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                هن ملڪ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هر
                                
                                
                                صوبي ۽ اُن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                خطي ۾ ڌار ڌار 
                                ٻوليون، انهن
                                
                                
                                جا
                                
                                ڌار
                                
                                ڌار
                                
                                
                                لهجا 
                                (Dialects) 
                                
                                 ۽
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                لهجن جا
                                
                                
                                وري
                                
                                ڌار
                                
                                ڌار
                                
                                
                                محاورا 
                                (Sub-Dialects) 
                                
                                ڳالهايا ويندا
                                
                                
                                آهن،
                                
                                
                                اِهي 
                                ٻوليون، هند 
                                - 
                                
                                ايراني، هنڌ 
                                - 
                                
                                آريائي، ايراني
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                غير
                                
                                
                                آريائي خاندان
                                
                                
                                وارين 
                                ٻولين سان
                                
                                
                                واسطو رکن
                                
                                
                                ٿيون. 
                                
                                
                                پاڪستاني 
                                ٻولين ۽ پاڪستان
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                رائج
                                
                                ٻولين
                                
                                
                                جو مطالعو،
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                تمام وسيع
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                وڏو
                                
                                
                                موضوع آهي،
                                
                                
                                جنهن
                                
                                
                                تي آزاديءَ
                                
                                
                                کانپوءِ،
                                
                                
                                پاڪستان ۾ مجموعي
                                
                                
                                طور
                                
                                
                                سرڪاري توڙي
                                
                                
                                غير
                                
                                
                                سرڪاري ادارن
                                
                                
                                طرفان ڪو گهڻو
                                
                                
                                ڪم
                                
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                البت آزاديءَ
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                اڳ،
                                
                                
                                هن ڏس ۾ 
                                ڪيترن ئي
                                
                                
                                غير
                                
                                
                                ملڪي ماهرن
                                
                                
                                واکاڻ جوڳو
                                
                                
                                ڪم
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                سرجارج گريئرسن
                                
                                
                                طرفان، سورهن
                                
                                
                                جلدن
                                
                                
                                تي مشتمل
                                
                                
                                تحقيقي ڪم 
                                “Linguistic survey of India” 
                                جي عنوان،
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                سن ۾ پنهنجيءَ
                                
                                
                                نوعيت جو
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                لاثاني شاهڪار
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                جنهن جي
                                
                                
                                جيتري واکاڻ
                                
                                
                                ڪجي،
                                
                                
                                اوترو 
                                ٿوري آهي،
                                
                                
                                سرگريئرسن، پنهنجي
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                شاهڪار تحقيق
                                
                                
                                ۾،
                                
                                
                                برصغير جي
                                
                                
                                هر
                                
                                ٻوليءَ،
                                
                                ۽
                                
                                
                                برصغير کان 
                                ٻاهر افغانستان واخان 
                                
                                پامير
                                
                                
                                جي مٿاهن
                                
                                
                                پٽن، برصغير جي
                                
                                
                                اُتر
                                
                                -
                                
                                
                                اوڀر وارن
                                
                                
                                علائقن سان
                                
                                
                                ملندڙ وچ ايشيا 
                                (Central Asia) 
                                 جي
                                
                                
                                ملڪن جهڙوڪ: تاجڪستان
                                
                                
                                اُزبڪستان ترڪمانستان
                                
                                
                                 ۽ آذربائيجان ۽ پاڪستان
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                ملندڙ چين
                                
                                
                                واري
                                
                                
                                سرحدي علائقي
                                
                                
                                چيني- تاجسڪتان ۽ ايراني
                                
                                
                                سرحد
                                
                                
                                وارن علائقن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                رائج
                                
                                ٻولين
                                
                                
                                جو به
                                
                                
                                ذڪر
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                آهي. 
                                
                                
                                سرگريئرسن 
                                کانئس اڳ
                                
                                
                                آيل
                                
                                
                                غير ملڪي
                                
                                
                                ماهرن طرفان
                                
                                
                                ڪيل
                                
                                
                                تحقيقي ڪم، رپورٽون
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                جائزا به
                                
                                
                                نظر
                                
                                
                                مان 
                                ڪڍيا هئا،
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اُنهن رپورٽن،
                                
                                
                                جائزن ۽ تحقيقي
                                
                                
                                ڪم
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                چڱي مدد
                                
                                
                                حاصل
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                هئائين، سرگريئرسن،
                                
                                
                                اُنهن ماهرن
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                حوالا پڻ
                                
                                
                                ڏنا
                                
                                
                                آهن،
                                
                                
                                جيڪي اُهي
                                
                                
                                رپورٽون، جائزا
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                تحققي 
                                ڪتاب، هٿ
                                
                                
                                ڪري،
                                
                                
                                ڪٿي
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                رسورس سينٽر 
                                (Resource Center) 
                                 قائم
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                وڃي ته
                                
                                
                                جيڪر
                                
                                
                                اِهو مواد،
                                
                                
                                علم
                                
                                
                                اللسان ۽ علم
                                
                                
                                الانسان جي
                                
                                
                                کيتر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                کوجنا
                                
                                
                                ڪندڙن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                لاءِ گذريل
                                
                                
                                صدي (ويهين صدي)
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                هلندڙ ايڪويهين
                                
                                
                                صديءَ ۾، وڏو
                                
                                
                                مددگار ثابت
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                سگهندو. اُنهن ماهرن
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                نالا ۽ ببليو گرافي،
                                
                                
                                سمجهاڻيءَ وارن
                                
                                
                                صفحن
                                
                                ۾
                                
                                ڏنا
                                
                                
                                ويا آهن.(2) 
                                
                                
                                پاڪستان جي
                                
                                
                                اُترين سرحد
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                طرف خنجراب،
                                
                                
                                ۽ منتڪ
                                
                                
                                دڙن
                                
                                
                                تائين، ٻئي طرف
                                
                                
                                وري
                                
                                
                                بروغل 
                                (Baroghal) 
                                دڙي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پرئين پاسي
                                
                                
                                سريڪول 
                                (Sarikol)  
                                
                                بستيءَ تائين،
                                
                                
                                ته
                                
                                ٽئين
                                
                                
                                طرف اُتر
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اُتر 
                                - 
                                
                                اولهه ۾ واخان
                                
                                
                                پٽي
                                
                                ۽
                                
                                
                                واخان جي
                                
                                
                                سرحد
                                
                                
                                جي خطن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                تهذيب ۽ تمدن،
                                
                                
                                ٻوليءَ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ثقافت جي
                                
                                
                                اڀياس لاءِ،
                                
                                
                                نهايت ئي
                                
                                
                                دلچسپ مواد
                                
                                
                                ميسر
                                
                                
                                ملي ٿو، جنهن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                آزاديءَ 
                                (1947) 
                                
                                کان پوءِ البت غير 
                                - 
                                
                                ملڪي
                                
                                
                                ماهرن 
                                ڪجهه قدر
                                
                                
                                ڪم
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                آهي. 
                                
                                
                                2. پاڪستان
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                صوبي سرحد
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اُن
                                
                                
                                جي اُترئين
                                
                                
                                علائقن جي
                                
                                
                                اِنهن خطن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                ٻوليون
                                
                                ڳالهايون
                                
                                
                                وينديون آهن،
                                
                                
                                تن
                                
                                
                                جي باري
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                مختصر ذڪر ثقافتي
                                
                                
                                ورثو ڪتاب جي
                                
                                
                                چوٿين باب
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                آهي، صوبي
                                
                                
                                سرحد
                                
                                
                                جي هزاره
                                
                                
                                علائقي کان وٺي،
                                
                                
                                اُن
                                
                                (صوبي
                                
                                
                                سرحد) جي
                                
                                
                                اُترئين حصي
                                
                                
                                ۾،
                                
                                
                                يا
                                
                                
                                اُن کان مٿي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اولهه طرف،
                                
                                
                                داردستان ۽ بلورستان
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اوڀر
                                
                                ۽
                                
                                
                                اُتر  
                                - 
                                
                                اوڀر
                                
                                
                                وارن علائقن
                                
                                
                                ۾،
                                
                                
                                داردي، هند 
                                - 
                                
                                آريائي، ايراني
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                غير 
                                - 
                                
                                آريائي، 
                                ٻوليون 
                                ڳالهايون وينديون
                                
                                
                                آهن،
                                
                                
                                جن جو
                                
                                
                                ذڪر
                                
                                
                                به، ثقافتي ورثو
                                
                                
                                ڪتاب
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                چوٿين باب
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                آهي. مانسهره جي
                                
                                
                                اولهه طرف،
                                
                                
                                شاهراهه ريشم تي،
                                
                                
                                سنڌو
                                
                                
                                درياءَ تي
                                
                                
                                قائم
                                
                                
                                بستي ۽ 
                                ٿاڪوٽ پُل کان
                                
                                
                                وٺي،
                                
                                
                                اُتر طرف
                                
                                
                                چلاس
                                
                                
                                تائين، سنڌو
                                
                                
                                درياءَ جي
                                
                                
                                ٻنهي
                                
                                
                                ڪنارن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                آسپاس وارن
                                
                                
                                علائقن کي جاگرافيائي
                                
                                
                                لحاظ
                                
                                کان،
                                
                                ڌار
                                
                                ڌار
                                
                                
                                نالن، يعني: کاٻي
                                
                                
                                طرف
                                
                                
                                واري علائقي
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                سنڌو 
                                - 
                                
                                ڪوهستان ۽
                                
                                
                                ساڄي
                                
                                
                                طرف واري
                                
                                
                                علائقي کي، سوات 
                                - 
                                
                                ڪوهستان سڏيو
                                
                                
                                ويندو آهي. سوات
                                
                                
                                ڪوهستان
                                
                                
                                وارو
                                
                                
                                علائقو، 
                                ڪيترن ئي
                                
                                
                                حصن
                                
                                ۽
                                
                                ڀاڱن
                                
                                ۾
                                
                                
                                ورهايل آهي،
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                علائقي 
                                (سوات  
                                - 
                                
                                ڪوهستان) ۾ 
                                ڪالام واري
                                
                                
                                خطي
                                
                                کي
                                
                                
                                وڏي اهميت
                                
                                
                                هاصل
                                
                                
                                آهي. هن
                                
                                
                                ڪالام
                                
                                
                                واري علائقي ۾، چار
                                
                                
                                مشهور واديون
                                
                                
                                آهن،
                                
                                
                                اُهي هي
                                
                                
                                آهن: ڪالام، اُتروڙ،
                                
                                
                                اُوسو ۽ گبرال،
                                
                                
                                ڪالام
                                
                                
                                واديءَ جون
                                
                                
                                سرحدون، دير
                                
                                
                                ڪوستان،
                                
                                
                                چترال 
                                ڪوهستان، گلگت،
                                
                                
                                تانگير 
                                ڪوهستان ۽ سنڌو 
                                - 
                                
                                ڪوهستان
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                ملن 
                                ٿيون.(4) 
                                
                                
                                سنڌو 
                                - 
                                
                                ڪوهستان
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                سوات 
                                - 
                                
                                ڪوهستان
                                
                                
                                وارن
                                
                                ٻنهي
                                
                                
                                علائقن ۾ داردي،
                                
                                
                                هند 
                                - 
                                
                                آريائي ۽ ايراني
                                
                                
                                ٻوليون
                                
                                
                                ڳالهايون
                                
                                
                                وينديون آهن،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                انهن تي
                                
                                
                                اڃا
                                
                                
                                به تحقيق
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ضرورت آهي،
                                
                                
                                ڇاڪاڻ
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                انهيءَ علائقي
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                مقامي ماهر
                                
                                
                                داردي 
                                ٻولين کي 
                                غير 
                                - 
                                آريائي
                                
                                
                                يعني
                                
                                
                                هن ئي
                                
                                
                                خطي
                                
                                
                                جي ديسي 
                                /مقامي 
                                ٻوليون هجڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                دعوا ڪن ٿا، پاڪستان
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                هڪ وڏي
                                
                                
                                لساني ماهر
                                
                                
                                ڊاڪٽر
                                
                                
                                مهر
                                
                                
                                عبدالحق، پنهنجي
                                
                                
                                ڪتاب
                                
                                
                                ملتاني زبان
                                
                                
                                اور
                                
                                
                                اسکڪا اردو
                                
                                
                                سي
                                
                                
                                تعلق ۾ سوال
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                ته: 
                                
                                
                                اهي
                                
                                
                                درد لوڪ
                                
                                
                                ڪير
                                
                                
                                هئا؟
                                
                                
                                واديءَ سنڌ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                زبانن کي، انهن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پشاچي زبان ڪيئن
                                
                                
                                متاثر 
                                ڪيو.(5) 
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                داردي ٻولين ۾ 
                                
                                
                                شينا، سڀني
                                
                                ٻولين
                                
                                کان
                                
                                
                                وڏي ۽ اهم
                                
                                
                                ٻوليءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                حيثيت ٿي رکي،
                                
                                
                                درد
                                
                                
                                جي 
                                ٻنهي طرفن
                                
                                
                                واري
                                
                                
                                انهي 
                                ڪوهستاني علائقي
                                
                                
                                ۾،
                                
                                
                                اهڙا
                                
                                ڪيترائي
                                
                                
                                لفظ ۽ وياڪرڻي
                                
                                
                                صورتون، اتي
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪوهستاني
                                
                                ٻولين
                                
                                ۾
                                
                                
                                معلوم 
                                ٿيون آهن،
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                هوبهو سنڌي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                هندي
                                
                                ٻولين
                                
                                ۾
                                
                                ڳالهايون
                                
                                
                                وينديون آهن،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                لسانياتي مطالعي
                                
                                
                                جي
                                
                                کيتر
                                
                                ۾،
                                
                                ڪن
                                
                                ٻولين
                                
                                
                                جي لغوي
                                
                                
                                خزاني جو
                                
                                
                                هڪجهڙو هجڻ،
                                
                                
                                انهن
                                
                                ٻولين
                                
                                
                                جي هڪڙي
                                
                                
                                يا
                                
                                
                                هڪ ئي
                                
                                
                                گروهه يا
                                
                                
                                خاندان جون
                                
                                
                                هجڻ
                                
                                ڪو
                                
                                
                                وزندار دليل
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                آهي، جيئن
                                
                                
                                ”سنڌي
                                
                                
                                ٻوليءَ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                پڻ بنياد“،
                                
                                
                                ڪتاب
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                ويو آهي. 
                                
                                
                                3. داردي
                                
                                
                                خاندان وارين
                                
                                
                                ٻولين
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪوهستاني
                                
                                
                                شاخ جون
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                ٻوليون
                                
                                
                                هنن 
                                ڪوهستاني خطن 
                                (سنڌو 
                                - 
                                
                                ڪوهستان،
                                
                                
                                سوات
                                
                                ڪوهستان،
                                
                                
                                پنجڪوره 
                                ڪوستان، 
                                ڪالام 
                                ڪوهستان ۽ تانگير
                                
                                
                                ڪوهستان
                                
                                
                                وغيره ۾ 
                                ڳالهايو وڃن
                                
                                
                                ٿيون،
                                
                                
                                اُنهن ۾ سوات 
                                - 
                                
                                ڪوهستان
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                رائج
                                
                                ڪالامي،
                                
                                ڪُشتياني،
                                
                                
                                توروالي ۽ گاروي
                                
                                
                                ٻولين
                                
                                
                                توڙي
                                
                                
                                سنڌي ۽ لهندي،
                                
                                
                                ٻولين
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                صوتياتي، صرفي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                نحوي
                                
                                
                                هڪجهڙائي جا
                                
                                
                                ڪيترائي
                                
                                
                                مثال
                                
                                ۽
                                
                                
                                ثبوت ملن
                                
                                
                                ٿا.(6) 
                                
                                
                                اهڙي طرح لهندي
                                
                                
                                شاخ
                                
                                
                                جون پوٺو
                                
                                
                                هاري، 
                                ڇاڇي، اعوائڪي، ڌني،
                                
                                
                                ۽ هندڪو
                                
                                
                                ٻوليون
                                
                                
                                به،
                                
                                
                                سنڌي ۽ 
                                ڪوهستاني 
                                ٻولين سان
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                مشابهت رکن 
                                ٿيون، جيئن ڪڇي، کيتراني، فراڪي، جدگالي، راڱڙي
                                
                                ۽ ميواتي
                                
                                
                                توڙي 
                                ڪاٺياواڙ ۽ راجستان
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                اڳوڻين رياستن
                                
                                
                                جون
                                
                                ٻوليون،
                                
                                
                                سنڌيءَ 
                                ٻوليءَ سان
                                
                                
                                مشابهت رکن
                                
                                
                                ٿيون.(7) سرگريئرسن،
                                
                                
                                ملتاني، مغربي پنجابي،
                                
                                
                                ڄٽڪي،
                                
                                
                                اوچي
                                
                                ۽
                                
                                
                                هندڪي/هندڪو، کي لهندا جون شاخون سڏيو آهي(8) هن 
                                (سرگريئرسن) مُلتاني لاءِ سرائڪي هندڪي 
                                ٻولي لفظ
                                
                                
                                ڪم
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                آندو آهي. 
                                
                                
                                شروع
                                
                                ۾
                                
                                
                                اهو چيو
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                هزاره علائقي
                                
                                
                                ۾،
                                
                                
                                مانسهره کان وٺي
                                
                                
                                اڳتي
                                
                                ٿاڪوٽ،
                                
                                ۽
                                
                                
                                وري 
                                ٿاڪوٽ جي
                                
                                
                                اُتر
                                
                                
                                طرف، شاهراهه
                                
                                
                                ريشم
                                
                                
                                تي، چلاس
                                
                                
                                تائين سنڌو
                                
                                
                                درياءَ جي
                                
                                
                                ٻنهي
                                
                                
                                ڪنارن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                آسپاس وارا
                                
                                
                                علائقا، سنڌو-
                                
                                
                                ڪوهستان
                                
                                
                                (درياءَ
                                
                                
                                سنڌ
                                
                                
                                جي 
                                کاٻي طرف
                                
                                
                                وارا
                                
                                
                                علائقا) ۽ سوات- ڪوهستان سنڌو
                                
                                
                                درياءَ جي
                                
                                
                                ساڄي
                                
                                
                                طرف وارا
                                
                                
                                علائقا جي نالن
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                سڏبا آهن، انهن
                                
                                
                                علائقن ۾، سوات
                                
                                
                                -
                                
                                
                                ڪوهستان
                                
                                
                                وارو
                                
                                
                                علائقو، لساني
                                
                                
                                گروهن جي
                                
                                
                                لحاظ
                                
                                کان
                                
                                ڏاڍو
                                
                                
                                دلچسپ، شاهوڪار
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اهم
                                
                                
                                علائقو آهي.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                علائقي جي
                                
                                
                                اُتر
                                
                                ۾
                                
                                ڪالام
                                
                                ڪوهستان،
                                
                                
                                اولهه طرف
                                
                                
                                دير
                                
                                ڪوهستان،
                                
                                
                                پنجڪوره 
                                ڪوهستان، سوات
                                
                                
                                ڪوهستان
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مالا
                                
                                ڪنڊ
                                
                                ڪوهستان
                                
                                
                                وارا علائقا
                                
                                
                                اچي
                                
                                
                                وڃن ٿا، انهن
                                
                                
                                علائقن ۾ 
                                ڪوهستاني 
                                ٻوليون 
                                ڳالهيون وينديون
                                
                                
                                آهن،
                                
                                
                                اُنهن کي گڏي
                                
                                
                                ڪوهستاني
                                
                                
                                گروهه واريون
                                
                                
                                ٻوليون
                                
                                
                                به
                                
                                
                                چيو ويندو
                                
                                
                                آهي،
                                
                                ٻولين
                                
                                
                                جو اهو
                                
                                
                                گروه
                                
                                (ڪوهستاني
                                
                                
                                گروهه( داردي
                                
                                
                                خاندان وارين
                                
                                
                                ٻولين
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                هڪ شاخ
                                
                                
                                آهي.(9) سرگريئرسن جي راءِ
                                
                                
                                موجب، اهي
                                
                                
                                ٻوليون
                                
                                
                                هند 
                                - 
                                
                                آريائي خاندان
                                
                                
                                وارين 
                                ٻولين سان
                                
                                
                                واسطو رکن
                                
                                
                                ٿيون.(10) سرگريئرسن کان اڳ، جان
                                
                                
                                بُڊوُلف ۽ مورگينسٽيئرن
                                
                                
                                به
                                
                                
                                انهن 
                                ٻولين 
                                ڪوهستاني 
                                ٻولين جو ذڪر
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                آهي.(11) انهن ماهرن،
                                
                                
                                دادري گروهه
                                
                                
                                وارين 
                                ٻولين کي ٽن گروهن
                                
                                
                                يا
                                
                                
                                شاخن ۾ ورهايو
                                
                                
                                آهي. اُهي هي
                                
                                
                                آهن:  
                                
                                
                                (i) 
                                داردي گروهه، 
                                
                                (ii) 
                                ڪافر گروهه ۽ 
                                
                                (iii) 
                                کووار 
                                
                                (Khowar) 
                                گروهه داردي گروهه وارين ٻولين کي وري اڳتي ٽن 
                                شاخن ۾ ورهايو اٿن، اُهي شاخون آهن: (1) شينا، (2) 
                                ڪاشميري ۽ (3) ڪوهستاني (12). 
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                سلسلي ۾ هيٺ 
                                
                                
                                ڏنل پهرئين
                                
                                
                                نقشي
                                
                                
                                مان، سرگريئرسن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                راءِ موجب،
                                
                                
                                انهيءَ علائقي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                رائج
                                
                                ٻولين
                                
                                
                                جي خاندان
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                مطالعي ۾ مدد
                                
                                
                                ملي
                                
                                
                                سگهي ٿي. 
                                
                                  
                                
                                
                                4- پاڪستان
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                علمالانسان جو
                                
                                
                                مشهور ماهر،
                                
                                
                                محترم محمد
                                
                                
                                پرويش شاهين
                                
                                
                                پنهنجن 
                                ڪتابن ۽ مقالن
                                
                                
                                ۾،
                                
                                
                                سرگريئرسن ۽ مارگيسٽيئرن
                                
                                
                                سان،
                                
                                
                                راءِ ۾ اختلاف
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                رکي. هو داردي
                                
                                
                                ٻولين
                                
                                
                                کي،
                                
                                
                                آرياني 
                                ٻوليون قبول
                                
                                
                                نٿو
                                
                                ڪري.
                                
                                
                                هوُ پنهنجي
                                
                                
                                ڪتاب ‘ڪالام‘
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                لکي
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ته: 
                                
                                
                                داردستان جا
                                
                                
                                اصلوڪا رهاڪو
                                
                                
                                غير 
                                -آريا
                                
                                
                                هئا.(13) پرويش 
                                
                                شاهين،
                                
                                
                                ساڳئي 
                                ڪتاب ۾ اڳتي
                                
                                
                                لکي
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ته: داردستان ۾ رهندڙ
                                
                                
                                قومون ۽ قبيلا،
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                به
                                
                                
                                نسلي گروهه
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                واسطو نٿا
                                
                                
                                رکن،
                                
                                ۽
                                
                                
                                نه ئي
                                
                                
                                وري
                                
                                ڪو
                                
                                
                                اهي قبيلا
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ٻولي،
                                
                                
                                يا 
                                ڪنهن هڪ
                                
                                
                                گروهه جي
                                
                                
                                ٻولي ڳالهائين ٿا اهي مانهو جيڪي به ٻوليون 
                                ڳالهائين ٿا. اهي ڪنهن هڪ نسل يا گروهه جي ٻولين
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                واسطو نٿيون
                                
                                
                                رکن. مثال طور: داردستان
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                بيلتي، بروشسڪي،
                                
                                
                                بٽيڙي، 
                                ڊوم، ڪلاشوار، 
                                کووار ۽ گوجري
                                
                                
                                ٻوليون
                                
                                
                                ڳالهايون
                                
                                
                                وينديون آهن،
                                
                                
                                اهي
                                
                                ٻوليون
                                
                                
                                اهڙيون آهن،
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                داردستان ۾ رائج
                                
                                
                                ٻين
                                
                                
                                زبانن جهڙوڪ: ڪشميري،
                                
                                
                                ڪوهستاني،
                                
                                
                                شينڪي، گاروي،
                                
                                
                                توروالي، اوشرجي،
                                
                                
                                داشوي، بلتم،
                                
                                
                                شمپو
                                
                                ۽
                                
                                
                                بديشيءَ سان
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                به
                                
                                
                                قسم جي
                                
                                
                                نسلي
                                
                                
                                يا گروهي
                                
                                
                                واسطو نٿيون
                                
                                
                                رکن. 
                                
                                
                                لهاذا داردستان
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ايڏي وسيع
                                
                                
                                علائقي ۾ جيڪي
                                
                                
                                قومون ۽ نسل
                                
                                
                                رهن
                                
                                ٿا،
                                
                                
                                اُهي 
                                ڪڏهن هڪ
                                
                                
                                نسل
                                
                                
                                يا گروهه
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                واسطو نٿا
                                
                                
                                رکن،
                                
                                ۽
                                
                                
                                نه ئي
                                
                                
                                وري
                                
                                
                                اُهي 
                                ڪنهن هڪ
                                
                                
                                خاندان يا
                                
                                
                                نسل
                                
                                
                                جون 
                                ٻوليون 
                                ڳالهائيندا آهن.(14) 
                                
                                
                                داردستان ۾ هن
                                
                                
                                وقت
                                
                                
                                جيڪي 
                                ٻوليون 
                                ڳالهايون وينديون
                                
                                
                                آهن،
                                
                                
                                اهي سڀ
                                
                                
                                آريائي خاندان
                                
                                
                                واريون 
                                ٻوليون نه
                                
                                
                                آهن
                                
                                ۽
                                
                                
                                نه ئي
                                
                                
                                وري
                                
                                
                                داردستان ۾ رهندڙ
                                
                                
                                سڀ
                                
                                
                                قومون يا
                                
                                
                                ماڻهو ڪي آريائي
                                
                                
                                نسل
                                
                                
                                جا آهن،
                                
                                
                                اها
                                
                                ٻي
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                ڌار
                                
                                
                                ڌار
                                
                                
                                قومن
                                
                                ۽
                                
                                
                                قبيلن جي
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                علائقي ۾ ورهين
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                ورهيه گڏ
                                
                                
                                رهڻ
                                
                                ڪري،
                                
                                
                                هو هاڻ
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                ۾
                                
                                
                                گڏجي ميسجي
                                
                                
                                کير
                                
                                
                                کنڊ
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويا
                                
                                
                                آهن.(15) 
                                
                                
                                پرويش شاهين
                                
                                
                                اڃا
                                
                                
                                به اڳتي
                                
                                
                                لکي
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ته: 
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                علائقي ۾ رهندڙ
                                
                                
                                قبيلا، آرين
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                اچڻ کان اڳ،
                                
                                
                                هت
                                
                                
                                آباد هئا،
                                
                                
                                هتي
                                
                                
                                جا قديم
                                
                                
                                رهاڪو، اصل
                                
                                
                                ۾،
                                
                                
                                توراني نسل
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                واسطو رکندا
                                
                                
                                هئا.
                                
                                
                                داردي زبان
                                
                                
                                جا،
                                
                                
                                سنڌي، لهندا،
                                
                                
                                پنجابي ۽ انهن
                                
                                
                                خطن
                                
                                ۾
                                
                                
                                رائج ٻين زبانن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                به چٽا
                                
                                
                                اثر
                                
                                
                                محسوس ٿين ٿا، بلڪ
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                به چئي
                                
                                
                                سگهجي ٿو ته
                                
                                
                                داردي زبان،
                                
                                
                                انهن
                                
                                ٻولين
                                
                                
                                سنڌي، لهندا
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پنجابيءَ جي ماءُ
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                يا ڀيڻ آهي.(16) 
                                
                                
                                
                                پرويش شاهين
                                
                                
                                اڃا به
                                
                                
                                اڳتي لکي
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ته: 
                                
                                
                                دارد
                                
                                
                                لفظ، آريائي
                                
                                
                                ٻولين
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                لفظ نه
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                آرين ته
                                
                                
                                غير 
                                - 
                                
                                آريائي نسل
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ماڻهن کي داسو
                                
                                
                                يعني
                                
                                
                                دشمن يا
                                
                                
                                غلام
                                
                                
                                سڏيو. هن
                                
                                
                                وقت
                                
                                
                                به انهن
                                
                                
                                علائقن ۾ اهڙا
                                
                                
                                نالا
                                
                                
                                ملن ٿا، جيڪي
                                
                                
                                آرين
                                
                                
                                جي هن
                                
                                
                                خطي
                                
                                ۾
                                
                                
                                اچڻ کان اڳ،
                                
                                
                                يعني
                                
                                
                                غير 
                                - 
                                آريائي
                                
                                
                                هجڻ
                                
                                ۽
                                
                                
                                آرين جي
                                
                                
                                هتي
                                
                                
                                جي مقامي
                                
                                
                                ماڻهن کان نفرت
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                ثبوت ڏين ٿا، مثال
                                
                                
                                طور: ڪند، 
                                ڪنديا، پئٽن،
                                
                                
                                ڪامي،
                                
                                
                                ڪالا
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڪرنگ
                                
                                
                                وغيره. 
                                
                                
                                اهڙيءَ طرح
                                
                                
                                ڪوهستاني
                                
                                
                                زبانن جا
                                
                                
                                هي
                                
                                
                                لفظ به
                                
                                
                                غير- آريائي 
                                ٻولين جي
                                
                                
                                نسل
                                
                                
                                سان واسطو
                                
                                
                                رکن
                                
                                ٿا،
                                
                                
                                جيئن: چاٽي، 
                                ڊانگ، دڙي
                                
                                
                                اوڊي، لَپ،
                                
                                
                                لپڪي، 
                                کُر، 
                                کٽون، پيڙهي،
                                
                                
                                ڊويا،
                                
                                
                                کُري،
                                
                                
                                مُندري ۽ 
                                ڪَڙي، ڪڙ، 
                                ڌنڌو، سوٽو،
                                
                                
                                ٿالهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اڱار
                                
                                
                                وغيره لفظ،
                                
                                
                                غير 
                                - 
                                
                                آريائي هجڻ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                دليل آهن،
                                
                                
                                انهن
                                
                                ۽
                                
                                
                                اهڙين ٻين لفظن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                ذخيرو ثابت
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                انهن زبانن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                بنيادي تعلق
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                غير 
                                - 
                                
                                آريائي 
                                ٻوليءَ سان
                                
                                
                                آهي. اِها 
                                ٻولي، آريائي
                                
                                
                                ٻولين
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                اڳ
                                
                                
                                جي مقامي
                                
                                
                                ٻولي
                                
                                
                                آهي،
                                
                                ۽
                                
                                
                                هن 
                                ٻوليءَ جا
                                
                                
                                ڳالهائيندڙ
                                
                                
                                نسلي
                                
                                
                                طور آريا
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                اهن، پر
                                
                                
                                دراوڙ آهن. 
                                
                                
                                ٻين
                                
                                
                                لفظن
                                
                                ۾
                                
                                
                                هيئن چئبو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                داردي 
                                ٻوليون ۽ اُنهن
                                
                                
                                جا
                                
                                ڳالهائيندڙ،
                                
                                
                                هن علائقي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                آرين
                                
                                
                                جي اچڻ
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                اڳ
                                
                                
                                آباد هوندا
                                
                                
                                هئا،
                                
                                ۽
                                
                                
                                انهن قومن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                قبيلن جي
                                
                                
                                آريائي قبيلن
                                
                                
                                سان
                                
                                ڪوبه
                                
                                
                                واسطو 
                                ڪونهي.(17) 
                                
                                
                                
                                محمد پرويش شاهين
                                
                                
                                صاحب اڳتي
                                
                                
                                لکي ٿو ته: 
                                
                                
                                اهي
                                
                                
                                داردي قبيلا
                                
                                
                                دراصل دراوڙ
                                
                                
                                آهن،
                                
                                ۽
                                
                                
                                تورالي قومن
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                نسبت رکن
                                
                                
                                ٿا،
                                
                                
                                جنهن
                                
                                ۾
                                
                                ڌار
                                
                                ڌار
                                
                                
                                قبيلا شامل
                                
                                
                                هئا،
                                
                                
                                اهي قبيلا
                                
                                
                                اڄ
                                
                                کان
                                
                                ڇهه
                                
                                
                                هزار سال اڳ،
                                
                                
                                سنڌو- ماٿر
                                
                                
                                (موهن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                دڙو ۽ هڙپا)
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                صوبا
                                
                                
                                سرحد جي
                                
                                
                                گنڌارا تهذيب جا
                                
                                
                                امين
                                
                                
                                هئا، انهن
                                
                                
                                مان
                                
                                ڪي
                                
                                
                                بلوچستان ۾، ڪي ديره
                                
                                
                                غازي
                                
                                
                                خان ۾، ڪي 
                                ڪشمير ۾، ڪي سنڌو 
                                - 
                                
                                ڪوهستان
                                
                                
                                ۾،
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪي
                                
                                
                                گلگت، دير، باجؤڙ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                سوات 
                                - 
                                
                                ڪوهستان
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                وڃي
                                
                                
                                آباد 
                                ٿيا، پر
                                
                                
                                اُن
                                
                                
                                جي باوجود
                                
                                
                                سندن زبان جي
                                
                                
                                باقيات اڄ
                                
                                
                                به
                                
                                
                                سنڌي، پنجابي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                لهندا 
                                کانسواءِ جعفرڪي
                                
                                
                                ۽ سرائڪيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ملي
                                
                                ٿي.(18) 
                                
                                
                                محمد پرويش 
                                
                                
                                شاهين
                                
                                
                                جي راءِ
                                
                                
                                موجب: 
                                
                                
                                ڪوهستان
                                
                                
                                علائقي جا
                                
                                
                                ماڻهو، ٽن لساني
                                
                                
                                گروهن سان
                                
                                
                                واسطو رکن
                                
                                
                                ٿا،
                                
                                
                                اِهي
                                
                                
                                لساني گروهه
                                
                                
                                هي
                                
                                
                                آهن: 
                                
                                
                                (1) ڪوهستاني
                                
                                
                                گروهه، جيڪو
                                
                                
                                گاروي يا
                                
                                
                                گاروي گروهه
                                
                                
                                واريون 
                                ٻوليون 
                                ڳالهائيندو آهي. 
                                
                                
                                (2) قاشقاري
                                
                                
                                گروهه، جيڪو
                                
                                
                                قاشقاري 
                                ٻولي 
                                ڳالهائيندو آهي. 
                                
                                
                                (3) گوجر
                                
                                
                                گروهه، جيڪو
                                
                                
                                گوجري زبان
                                
                                
                                ڳالهائيندو
                                
                                
                                آهي. 
                                
                                
                                جيتوڻيڪ انهن
                                
                                
                                وادين ۾ ڪي ڳوٺ اهڙا
                                
                                
                                به
                                
                                
                                آهن، جن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                انهن
                                
                                ٽنهي
                                
                                
                                گروهن واريون
                                
                                
                                ٻوليون
                                
                                
                                ڳالهائيندڙ
                                
                                
                                ماڻهو رهندا
                                
                                
                                آهن،
                                
                                
                                ليڪن انهن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                سندن
                                
                                
                                لساني گروهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                شامل
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                ويندو آهي،
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                به ڏٺو ويو
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                ته پشتو،
                                
                                
                                انهن
                                
                                ٽنهي
                                
                                
                                نسلن يا
                                
                                
                                لساني گروهن
                                
                                
                                وارن
                                
                                
                                ماڻهن جي
                                
                                
                                رابطي جي
                                
                                
                                زبان
                                
                                
                                به آهي. (19) 
                                
                                
                                محترم 
                                
                                
                                پرويش
                                
                                
                                شاهين جي
                                
                                
                                انهيءَ تفصيلي
                                
                                
                                بيان
                                
                                
                                مان اهو
                                
                                
                                ثابت
                                
                                ٿو
                                
                                ٿئي
                                
                                
                                ته سنڌي،
                                
                                
                                لهندا ۽ 
                                ڪوهستاني 
                                ٻولين ۾ مشابهت
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                وڏي ۾ وڏو
                                
                                
                                سبب
                                
                                
                                هيءُ آهي
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                داردستان جون
                                
                                
                                ڪوستاني
                                
                                
                                ٻوليون،
                                
                                
                                سنڌو 
                                - 
                                
                                ماٿري جي قديم
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اصلوڪي مقامي
                                
                                
                                ٻوليءَ
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                واسطو رکن
                                
                                
                                ٿيون،
                                
                                
                                انهن
                                
                                ٻولين ۾
                                
                                
                                جيڪا مشابهت
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                تنهن مان
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                ثابت ٿو ٿئي ته
                                
                                
                                سنڌو 
                                - 
                                
                                ماٿر
                                
                                
                                جي قديم
                                
                                
                                سئنڌوئي 
                                ٻوليءَ جي
                                
                                
                                پهچ
                                
                                ۽
                                
                                
                                پکيڙ، گنڌارا
                                
                                
                                تهذيب واري
                                
                                
                                خطي
                                
                                کي
                                
                                
                                شامل 
                                ڪندي، اڳتي
                                
                                
                                اولهه، ۽ اُتر 
                                - 
                                
                                اولهه طرف
                                
                                
                                سنڌو 
                                - 
                                
                                ڪوهستان
                                
                                
                                ۽ سوات 
                                - 
                                
                                ڪوهستان،
                                
                                
                                بلڪ
                                
                                
                                پنجڪوره 
                                ڪوهستان تائين
                                
                                
                                پکڙيل هئي، جنهن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڌار
                                
                                
                                ڌار
                                
                                
                                قبيلا 
                                ڳالهائيندا هئا،
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                هر
                                
                                
                                قبيلي جي
                                
                                
                                ٻولي
                                
                                
                                ڌار
                                
                                
                                آهي. 
                                
                                
                                محترم پرويش
                                
                                
                                شاهين رايو
                                
                                
                                ڏنو
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                ته سنڌي،
                                
                                
                                پنجابي، لهندا، سرائڪي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                جعفرڪيءَ ۾ انهن
                                
                                
                                ڪوهستاني
                                
                                
                                ٻولين
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                باقيات موجود
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                شاهين صاحب
                                
                                
                                پنهنجي 
                                ڪتاب 
                                ڪالام 
                                ڪوهستان 
                                - 
                                لوگ
                                
                                
                                اور زبان ۾ صفحي 
                                203 
                                
                                تي
                                
                                
                                اها به
                                
                                
                                دعوا
                                
                                ٿو
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ته: داردي زبان،
                                
                                
                                سنڌي، لهندا ۽ پنجابيءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ماءُ يا
                                
                                
                                ڀيڻ
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                پر دراصل
                                
                                
                                چوڻ
                                
                                
                                هيئن گهرجي
                                
                                
                                ته: سنڌي، لهندا،
                                
                                
                                سرائڪي، جعفرڪي،
                                
                                
                                پنجابي ۽ داردي،
                                
                                
                                سنڌو 
                                - 
                                
                                ماٿر
                                
                                
                                جي قديم
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                بنيادي زبان.
                                
                                
                                سئنڌوئي زبان
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                باقيات، يعني
                                
                                
                                شاخون آهن. سنڌو- ماٿر
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                وڏي علائقي
                                
                                
                                يعني
                                
                                
                                اُتر ۾ 
                                ڪشمير تائين،
                                
                                
                                اُتر 
                                - 
                                
                                اولهه ۾ داردستان
                                
                                
                                واري
                                
                                ڪوهستاني
                                
                                
                                علائقي تائين،
                                
                                
                                اولهه ۽ ڏکڻ 
                                - 
                                اولهه
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                بلوچستان ۽ اُن
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                اولهه ۾ ايران
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                خوزستان علائقي
                                
                                
                                ۾،
                                
                                
                                ڏکڻ
                                
                                
                                -
                                
                                
                                اولهه ۾ 
                                ڪرمان جي
                                
                                
                                جدگال خطي 
                                
                                تائين،
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڏکڻ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                عربي
                                
                                
                                سمنڊ تائين،
                                
                                
                                اوڀر
                                
                                ۾
                                
                                
                                راجستاني رياستون
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                گجرات جي
                                
                                
                                مهانديءَ جي
                                
                                
                                ساڄي
                                
                                ڪناري
                                
                                
                                واري علائقي
                                
                                
                                تائين، ڏکڻ - اوڀر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪڇ
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                سرحدون 
                                ٽپي، 
                                ڪاٺياواڙ ۽ سؤراشٽر
                                
                                
                                جي
                                
                                ڇيڙي
                                
                                ۾
                                
                                
                                راس 
                                ڪامورن تائين،
                                
                                
                                اُتر 
                                - 
                                
                                اوڀر
                                
                                ۾
                                
                                
                                هرياڻا رياست
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                حدن تائين
                                
                                
                                پکڙيل هئي. سئنڌوئي
                                
                                
                                ٻولي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                انهيءَ پهچ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پکيڙ
                                
                                کي
                                
                                
                                سامهون رکي،
                                
                                
                                سرگريئرسن ۽ مارگيسٽيئرن
                                
                                
                                جي
                                
                                ٺاهيل
                                
                                
                                نقشي 
                                (ٻولين جي)،
                                
                                
                                جيڪو
                                
                                
                                اڳ ۾ ڏنو ويو
                                
                                
                                آهي،
                                
                                ۾
                                
                                
                                تبديلي 
                                ڪرڻي پوندي،
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                داردي گروهه
                                
                                
                                وارين 
                                ٻولين کي، سئنڌوئي
                                
                                
                                ٻوليءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                هڪ شاخ 
                                / 
                                
                                گروهه قبول
                                
                                
                                ڪري،
                                
                                
                                سنڌو-
                                
                                
                                 ماٿر
                                
                                
                                جي 
                                ٻولين جو
                                
                                
                                نقشو
                                
                                
                                نئين سر
                                
                                
                                ٺاهيو
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                آهي. هن نقشي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                مدد سان
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                سمجهائڻ جي
                                
                                
                                ڪوشش
                                
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                ويئي
                                
                                
                                آهي ته 
                                
                                سنڌو-
                                
                                
                                ڪوهستان،
                                
                                
                                سوات 
                                - 
                                
                                ڪوهستان،
                                
                                
                                دير
                                
                                - ڪوهستان پنجڪوره
                                
                                ڪوهستان
                                
                                ۽
                                
                                
                                مالاڪنڊ 
                                ڪوهستان جون
                                
                                
                                اڪثر
                                
                                
                                زبانون، 
                                ڪوهستاني 
                                - 
                                گروهه
                                
                                
                                وارين 
                                ٻولين سان
                                
                                
                                واسطو رکن
                                
                                
                                ٿيون،
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                داردي خاندان
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                شاخون آهن. واديءَ
                                
                                
                                سنڌ
                                
                                
                                جي 
                                ٻولين جو
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                نقشو هيٺ
                                
                                
                                شامل
                                
                                ڪجي
                                
                                ٿو: 
                                
                                  
                                   |