سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: هرڻ اکي ڪيڏانهن

شيخ اياز

صفحو : 13

  

*

 موسيٰ عليہ السلام! ڇا تجلي هميشہ هوش وڃائيندي رهندي!

 

*

شايد توکي کَڏ سڏي رهي آهي ۽ ان ڪري تون ان جي هڪ پاسي کان ٽپو ڏئي ٻئي پاسي وڃڻ ٿو چاهين!

 

*

تون ٻي جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ ڏسي خوش نه ٿيءُ! توکي ڪهڙي خبر ته تقدير ڪنهن ڪنهن جي ڳچيءَ لاءِ ڳٽ ڌنوڻيءَ ۾ ڦوڪي رهي آهي.

 

*

مجدد الف ثانيءَ لکيو آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم فرمايو هو ته: ”شرڪ منهنجي امت ۾ ان ڪئليءَ جي رفتار کان به زياده پوشيده آهي جا ڪاريءَ رات ۾ ڪاري پٿر تي هلندي هجي.“

مان ادب سان عرض ڪيان ته ڇا ان جي قدوقامت  ۽ رفتار وڌي نه وئي آهي ۽ ڇا ان جو برملا اظهار ڏينهن ڏٺي جو نه آهي، ۽ ان جي هيٺان زمين  سنگلاخ نه رهي آهي.

 

*

يا خدا!

مون کي ڏات ڏي

ته انسان کي ڪاٺَ ڪُٽي جا پَر

ڏئي سگهان،

۽ شرابي شام غروبِ آفتاب جي ساغر کي

منهنجيءَ شاعريءَ ۾ اوتي

جئن مان

هُنجي پياس ٻجهائي سگهان!

يا خدا!

پنهنجي مِهر،

مون تي سانوڻ جي مينهن وانگر وساءِ

جيئين منهنجي روح ۾

سَڀ شعلا ٻُجهي وڃن

۽ مان روهيڙي جي وڻ وانگر

ٽِڙي پوان

۽ ڇپيون جي گلن ۾ آهن،

سي هوا ۾ اُڏامن،

۽ ڪويلين جي نڙين ۾

سانوڻ ڀرجي اچي،

 

۽ اُهي اِيئن ڪُوڪن

جو هي سارو سٽاءُ جهومي اُٿي!

اي خدا!

منهنجي شاعريءَ کي وسعت ڏي

ته اُها

ٿر جو هر وڻ ٽڻ

پکي پکڻ

هر هرڻ

پاڻ ۾ سمائي رکي،

۽ انهن لاءِ اکٽ واٽهڙيون وهائي

جن جو پاڻي

سُڪي نه سُڪي!

اي خدا!

تون پاڻ ڏاتِ ڌڻي به آهين

ڏاتار به آهين،

مون تو اڳيان پنهنجي جهول ڦهلائي آهي،

اها ڏات سان

ايتري ڀَر

جيترو ساوڻ جا ڪڪر به

مينهن سان ڀريل نه هوندا آهن

 

جڏهن اُهي

اوڙڪون ڪري وسندا آهن،

جيئن سارا مارو

اُن ڏانهن ڇڪجي اچن

۽ ان ۾ آئيني وانگر

پنهنجي صورت ڏسي حيران ٿي وڃن،

۽ ايترو ناچ ڪن

جيترو موهن جي دڙي جي

ڪنهن نچڻي نه ڪيو هو!

اي خدا!

مون کي شاعريءَ کانسوا

ڪجهه نه گهرجي!

فقط

اُها

مون کي بخشي ڇڏ!

زندگيءَ جي هِن پاسي

يا هُن پاسي

اُن جو ساٿ

سدائين رهي،

انتَ تائين رهي!

 

*

 هيءَ سِٽَ، جا هاڻي آئي آهي

سا وري نه ايندي،

جيئن شفق جي پوئين سونهري ڌار

رات جي اونداهيءَ ۾

غرق ٿي ويندي آهي،

جيئن بگهاڙ واهه مان

ڏنڀرو ٽپو ڏئي

ڪنڌيءَ تي نه ڪِرندو آهي

۽ سِير ۾ ڪري،

هميشہ لاءِ گَم ٿي ويندو آهي،

ائين هيءَ سِٽ وري نه ايندي!

انکي ازل جي تهه خان ۾

منهنجي لاءِ

ڪنهن محفوظ رکيو هو؟

جي مان پنهنجيءَ شاعريءَ جي

تخليق کي سمجهي سگهان

ته هن ساريءَ ڪائنات جي

تخليق کي سمجهي وڃان.

ڇا تو اُن جو قافيو ۽ رديف

 

بحر و وزن ٻُڌو آهي،

ڪَن کولي ٻُڌ!

ائين برابر آهي

ته تون اُن جي ائين تقطيع نه ڪري سگهندين

جيئن ڪائنات جي تخليق جي نه ٿو ڪري سگهين،

پر هي نظم

اهڙو ڀرپور آهي

جهڙو تخليق جو

آدرش!

*

تلاءَ ۾ شاعريءَ کي نه وهنجار!

اُن کي

ٻوليءَ جي سمنڊ ۾ ترڻ سيکار،

۽ پوءِ

جهاز رانيءَ ۾

رُنبائي ڇڏ،

جيئن هوءَ نوان نوان جزيرا ڳولهي لهي!

*

تون جو شاعرِ خفت زبان آهين

ڇا تو کي معلوم نه آهي

 

ته شاعريءَ کي

فقط مادري زبان ۾

منطقي نتيجي تي پهچائي سگهبو آهي؟

مادري زبان کان سوا

ٻي زبان ۾ شاعري ڇڏي ڏي!

 ڇا تو کي خبر نه آهي

ته پنهنجيءُ ماءُ کانسوا

ٻيون مائرون

ماٽيليون ٿينديون آهن.

*

ڊاڪٽر چوي ٿو ته: ”ايترو نه جاڳُ!

ڪجهه ننڊ ڪر!“

۽ آنءُ چوان ٿو ته:

”جي آنءُ هاڻي ننڊ ڪيان

ته موت کان پوءِ

ڇا ڪندس؟“

*

مان اگر سُئيڊِن ۾ ڄمان ها

ته مون کي

نوبل پرائيز،

 

اڄ کان گهڻو اڳي ملي وڃي ها!

پر مان ته سنڌ جو آهيان

جنهن جو دنيا جي نقشي تي

ڪوئي نشان نه آهي!

مان پنهنجيءَ مجبوريءَ ۽ محدوديت کي ڏسي،

پنهنجو پاڻ پَرچائڻ لاءِ

چوان ٿو ته:

”مان ته نوبل پرائيز جي لائق آهيان،

نوبل پرائز منهنجي لائق نه آهي.“

 

*

بودليئر!

تون ننڍي هوندي

    *         لافورگ کي نه

لطف لله بدويءَ کي پڙهه

۽ پوءِ مون وانگر

شاعري ڪري ڏيکار

ته مان توکي مڃان!

 

فرينچ سامراج تي

مَچي مَواڙُ ٿي

تنهنجي شاعري

ڀلي ڪنهن وِيسرَ وانگر

ڏيکاري ڏي

پر مون لاءِ اُها

ڪنهن ڪُرڙيءَ کان به ننڍڙي آهي

جا بيگاري واهه ۾

ٽپا ڏيندي آهي،

۽ جڏهن وڪامندي آهي

ته اُن جو ملهه نه هجڻ جهڙو هوندو آهي!

 

*

مرزا غالب! مون هُن کي تُنهنجي رشتيدار

سمجهي هُن جي عزت ڪئي،

پر هوءَ پاڻ به تنهنجي

اُن مسلسل غزل وانگر هئي،

جنهن جو مقطع مون کي اڄ تائين ياد آهي:

غالب همين نہ چهيڙ کہ پهر جوشِ اشک سي،

بيڻهي هين هم تهيہِ ءطوفان کِئي هوئي.

 

*

اي فروسي!

مان به شاهنامهء سنڌ لکي ٿو سگهان،

پر جنهن سان

مان شروع ڪرڻ چاهيان ٿو

تنهن تي مان

لکي نه ٿو سگهان،

۽ جنهن سان مان

اُهو ختم ڪرڻ چاهيان ٿو،

انهيءَ تي به مان

لکي نٿو سگهان.

منهنجو قلم

اُنهيءَ گهوڙي وانگر آهي

جنهن جي منهن کي

تاڻيل واڳن

چيري وڌو آهي،

پر پو به اُن جا پير

پٿراوَن پنڌن تي

وڌندا ٿا رهن،

پُٺ تي نه هٽيا آهن.

 

*

اي ديوانگي! تون لهر وانگر اَچي رهي آهين.

ڪٿي مون کي لوڙهي ته نه ويندينءَ!

 

*

مومل! منهنجو وس پڄي ته راڻي کي ڏاگهه تي چاڙهيان ۽ توکي ڪاڪ ۾ موٽائي موڪليان!

 

*

شاهه ايران کي ڪئنسر جي مرض ماري وڌو، ڪوئي مرض حافظ جي غزل کي ته ماري ڏيکاري!

 

*

وڏو آيو آهين سنڌ کي شعور ڏيڻ وارو! ميڪاوليءَ جا پُٽ!

تون ليونارڊو ڊاونچيءَ جي پيرن مَٽُ به ڪونه آهين!

 

*

مان ڏسان ٿو پنهنجا مُبصَر جي مستقبل جي بطن ۾ آهن. اُهي ٻي ڪنهن به شاعر کي مون سان گڏ کٽ تي ويهڻ نه ڏيندا ۽ هر ڪنهن لاءِ پٽ تي تَڏِي وِڇائيندا!

 

*

تون موت جي مات ٿي سگهين ٿو،

هڪ ئي سِٽَ ۾ امر ٿي سگهين ٿو.

 

*

موت؟ ڪهڙو موت؟

موت منهنجي شاعريءَ کي ڇُهي به نه ٿو سگهي!

وڃ، وڃي موت لاءِ قبر کوٽ!

منهنجي هر سِٽ اُن جي ڪانڌي آهي.

 

*

مرحوم حِسام الدين شاه راشدي شڪايت ڪَري چوندو هو ته: ”ڀٽائيءَ جي شاعري اهڙي آهي جي اُها ڪنهن تيز رفتار گهوڙيسوار جي ڪنن تي پوندي،ته هُو گهوڙي تان لهي ٻٻرن جي ڇانوَ ۾ ننڊ ڪندو.“

مان چوان ٿو ته: ”جي تيز رفتار سفر ۾ ٿوريءَ ننڊ جي گنجائش پيدا ڪري سگهجي ۽ تازو توانو ٿي وَري پنڌ پئجي ته ان کان وڌيڪ چڱي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“

 

*

ڪنهن وقت شفق جون رَسيون شاعر کي گِرڻ جي واتَ مان ڇِڪي ٻاهر ڪڍنديون آهن.

 

*

اڳتي سياسي ڌُٻڻ اٿي، اڳتي نه وڃ!

آرٽ جي ٿُڙکي چنبَڙي پَئهُ ۽اُن تي ڪاٺ ڪُٽا ڏس!

 

*

شاعرپنهنجي لاءِ عوام به پاڻ آهي، خواص به پاڻ آهي. هن کي ٻنهي کان دور رهڻ گهرجي ۽ اُنهنجي ساراهه جو ڪاڻيارو نه ٿيڻ گهرجي ۽ اُهو سمجهڻ گهرجي ته هن جي صحيح ساراهه ڪندڙ اڃا مستقبل جي انڌاري ۾ گُم آهن ۽ نيٺ ڪَٺا ٿي پنڌ پوندا ۽ اَچي هن جي قبر تي گل چاڙهيندا ۽ هوا ٿڌو شوُڪارو ڀري، اُنهن گلن جون پَتيون وکيري ڇڏيندي. هاڻي مان ڪير ٿيندو آهيان جو خدا کان پُڇان ته تو گل ۽ شاعر ڇو پيدا ڪيا؟ نعوذ بالله توکي انهيءَ مذاق مان ڇا مِليو؟


*              لافورگ: فرانس جو شاعر، جنهن جو ذڪر مان اڳ ۾ ڪنهن ڪتاب ۾ ڪري چڪو آهيان.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org