سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: هرڻ اکي ڪيڏانهن

شيخ اياز

صفحو : 16

 

*

ڪُتو ڪُتي کي نه سهندوآهي ته ماڻهو ماڻهوءَ کي ڇو سهي؟

 

*

آنءُ هيئَن ٿو چوان! ٻي ڪنهن جيڪي به چيو آهي، اُهو مان فقط تصديق لاءِ ڳوليان ٿو ته اُنهيءَ به ائين چيو آهي يا نه؟

 

*

تخليق جو حسن ۽حُسن جي تخليق- ان کان بهتر موضوع شاعر لاءِ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟

*

موت جي تلوار مُڏي آهي، هو منهنجي گردن اُڏائي نٿو سگهي.

*

موتَ! ٿورو ترس! هي نظم اڌ ۾ رهيل آهي. پورو ڪيان ته هلون ٿا. مون ته خود تنهنجو انتظار ٿي ڪيو.

*

اڙي! تُون ته موت آهين؟ ڇا تون اڃا جيئرو آهين؟

 

*

منهنجي هٿ ۾

ايتري تيزي ڪٿان ايندي؟

هي تون ئي ته لکي رهيو آهين

تون جو وَڻ پاڙؤن پَٽي ڇڏيندو آهين،

سمنڊ اُٿلائي وجهندو آهين

۽ ٻوڙان ٻوڙ وڌندو آهين،

تون ئي ته هي قلم تيزيءَ سان هلائي رهيو آهين!

جڏهن مون کي ننڊ جا گهيرٽ ٿا اچن

۽ منهنجون اکيون پَٽجي، ٻوٽُجي وڃن ٿيون.

ها، منهنجا مونا

طور سينا وانگر جرڪي رهيا آهن

۽تون ’رب اَرني‘ چئي رهيو آهين!

تون ايڏو اٿاهه سمنڊ هوندي،

منهنجي واهڙ ۾ ڪيئن وهي آيو آهين؟

آخر ڪهڙي انسان کي

سيلابِ نوح کي روڪڻ جي سگهه آهي،

۽ سو به ايتري

جو بنا ڪنهن شعوري ڪوشش جي

هو اُهو سڀ ڪجهه بچائي سگهي

جو بچائڻ جهڙو آهي؟

 

*

ڇا تون منهنجي شاعريءَ کي

منهنجي ذاتي زندگيءَ کان

جدا ڪري سگهين ٿو؟

شاعري ڪائناتي هوندي به

ذاتي ٿيندي آهي،

۽ ان ۾ شاعر جي ڏات جو ڏيئو ٻرندو آهي

ذات جو ڏيئو ٻرندو آهي

اُنهيءَ هربات جو ڏيئو ٻرندو آهي

جا هن ڏٺي آهي،

اُهو ڏيئو برسات ۾ وڌيڪ ٻرندو آهي

جنهن کي گهٽائون ۽ هوائون

وسائي نه سگهنديون آهن،

ڇو ته اُن جي چوڌاري

خدا جا هٿ هوندا آهن

جن کي نه مينهن ڇُهي سگهندو آهي،

نه هوائون هٽائي سگهنديون آهن،

شاعري امر جوتي آهي

 

 

تون ته ڇا

ساري دنيا جا آمر

ڪَٺا ٿي به ان کي وسائي نه ٿا سگهن،

ڇو ته شاعري موت کان مَٿي آهي

گهڻو مٿي آهي

اُن تائين موت جا هٿ پُڄي نه ٿا سگهن،

ان جو طاق ايترو اوچو آهي

جو اُن تي

فقط خدا

چراغ جلائي سگهندو آهي،

۽ اهو ڄاڻي ڇڏ

ته خدا جو جلايل چراغ

ڪوئي وسائي نه سگهندو آهي،

نه اُن جو تيل کٽندو آهي

۽ نه وَٽِ جلي،

ختم ٿي ويندي آهي.

 

*

نٽشي! مان ٿو چوان

ته موت مري ويو

هن کي منهنجيءَ شاعريءَ

  

 

اُڦٽ ماري وڌو آهي.

هاڻي شاعريءَ لاءِ

ڪابه

اسرافيل جي صور نه ايندي

مون عزازيل کي به

پُوري ڇڏيو آهي،

هو انارڪليءَ جهڙو خوبصورت ته نه آهي

پر مون فقط عشق جي دفاع ۾

هن کي ديوار ۾

دفنايو آهي،

جتان هو وري نڪري نه سگهندو.

تون ڀلي ڍنڍورو ڏي

ته موت

مري چڪو آهي!

 

*

اڃا ننڊ نه ٿو ڪرين!

چنڊ توکي چئي رهيو آهي:

”تون اڃا مون سان چڪر ٿو ڏِين،

توکي ننڊ نه ٿي اچي؟“

هي سرنهن جا وڻ ننڊا کڙا آهن،

 

 

اهي ڪهڙا جاڳ- سپنا لهن ٿا؟

انهن جي ٽارين کي ۽ اُنهن تي ويٺل پکين کي

اگهور ننڊ آهي.اُهي ننڊ ۾ ڇا ڏسن ٿا؟

رڳو اُن جي گلن جي خوشبوجاڳي ٿي.

الائجي ڇو خوشبو کي ننڊ نه ايندي آهي،

توڙي اُن کي معلوم هوندو آهي

ته هن وقت

سڀ بني بشر ننڊ ۾ آهن!

۽ اهڙو ڪو به نه آهي

جو جاڳي ٿو، سوا هن شاعر جي

جو چنڊ سان

آواره گرديءَ ۾ شريڪ آهي،

۽ جو اهو ڄاڻي ٿو

ته چانڊوڪي خوشبوءَ ۾

وڌيڪ کِڙي پوندي آهي،

۽ سرنهن جي وڻ تي

تيستائين هٿ ڦيريندي آهي

جيستائين اُن کي

ننڊ اچي ويندي آهي.

 

*-------------*-------------*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org