تڏهن اي ازلي بت شڪن،
تون رات جون ساريون مورتيون
ڊاهي ڍير ڪري ڇڏين ٿو،
۽ موذن جي اذان ۾ اُڀرين ٿو
ان باک ڏانهن
جا تنهنجن ڳلن وانگر
موتئي جي گُلن ۾ ٽڙي پوي ٿي،
۽ صبح جي روشني
بي بي مريم جي چهري وانگر نمودار ٿئي ٿي،
۽ جڏهن وري شام ٿئي ٿي
ته سورج مکيءَ جا گل
يسوع وانگر
نظر کان معدوم صليب تي
پنهنجو سر جهُڪائي ڇڏن ٿا،
۽ شفق خون وانگر
ڌرتيءَ ۾ جذب ٿي وڃي ٿي.
تنهنجا اِسرار مون تي
ائين عيان آهن.
جيئن آئيني تي ڪنهن جو چهرو هوندو آهي،
جيئن سِرنهن جي وڻ جي خوشبو
لڪي نه لڪندي آهي،
جيئن ڪويل جو آواز
هر طرف گونجندو آهي!
ڪير ٿو چوي ته تون غيب آهين؟
تون ته ظهور آهين،
اها ٻي ڳالهه آهي
ته منهنجون اکيون توکي ڏسي نه ٿيون سگهن،
۽ مان پنهنجي نابينائيءَ کي
تُنهنجي عدم موجودگي سمجهان ٿو.
اي خدا!
تون ته منهنجي روم روم ۾ آهين
۽ شمس تبريز کان وڌيڪ تنهنجي تجلي مون تي
عيان آهي
۽ منهنجي شاعريءَ ۾
ان جا تروار
ائين ڦهلجي ويا آهن،
ڄڻ آفتاب ۽ ماهتاب
مون لئه اها مشعل جلائي رهيا آهن
جا مان هر شعر
جي طاق ۾ رکان ٿو
۽ پنهنجي تخليقي ادب مان
روشني ڦهلايان ٿو.
مون کي ايتري مهلت ڏي
ته مان هي سڀ محراب منبر
جي اڃا تائين تاريڪيءَ ۾ ٻُڏل آهن،
انهيءَ روشنيءَ سان
مُنور ڪيان
جا تو مون کي ڏني آهي!
*
ننڊ ۾
تنهنجو هٿ ڇا ٿو لکندو رهي؟
تنهنجو قلم ڪيرُهَلائي رهيو آهي؟
توکي ته ايڏا جهوٽا ٿا اچن
۽ تنهنجون اکيون ائين ٿيون ٻوٽجن،
جيئن لڳاتار برسات ۾
ڳريون ڇپون
پهاڙن مان ڇڄي هيٺ ڪرنديون آهن،
ڇا تو کي نظر اچي ٿو ته تون پني تي ڇا لکي رهيو
آهين؟
يا تون فقط اهو
محسوس ڪري رهيو آهين
ته ڪنهن ڀاريءَ ڇپ وانگر
تون به گَڙگاٽ ڪندو،
ننڊ جي اونهيءَ کڏ ۾،
ڪري رهيو آهين،
۽ جڏهن هيٺ ڪري
تنهنجو وجود پرزا پرزا ٿي وڃي ٿو،
تڏهن تو کي نذرالاسلام وانگر
ننڊ اچي ٿي وڃي،
جيتوڻيڪ تنهنجو روح
نجنسڪيءَ وانگر
اَڃَا رقص ۾ رهي ٿو،
رقص جو ابدي آهي،
جيڪو خواب جي دائري کان ٻاهر آهي،
انهيءَ رقص جو حصو آهي
جو ازل کان هن ڪائنات ۾ ٿي رهيو آهي!
*
ڇا خدا ڪنهن جُرم جو ارتڪاب ڪيو آهي جو سڀ جي اکين
کان روپوش آهي؟
ڇا هيءَ ڪائنات هڪ محڪمهء سُراغ رساني وانگر هن کي
ڳولي رهي آهي؟
ڇا هو روپوش تڏهن ٿيو، جڏهن کان هن انسان بڻايو؟
اڳي ته وڻ ٽڻ، پکي پکڻ سڀ هن کي ڏسي سگهندا ها!
ڇا اهي اڃا به هُن کي ڏسي سگهن ٿا؛ رڳو اسان کي
اهو ٻڌائي نه ٿا سگهن يا اسان اُنهن جي ٻولي نه ٿا
سمجهي سگهون؟
ڇا رڳو انسان ئي آهي جو خدا کي ڏسي نه ٿو سگهي ۽
ان ڪري هن کي روپوش ٿو سمجهي؟ ڇا شاعر، مصور ۽ سنگ
تراش هن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي نه ٿا سگهن؟
آخر هو ڪو مڇ ته نه آهي جو هن کي ڦاسايو وڃي؟ هو
ته اَٿاهه سمندر آهي جنهن جي پاڻيءَ کي رَڇ ڦاسائي
نه سگهندا آهن، توڙي اُهي آسمان جيڏا وڏا هجن؟
تُنهنجي دماغ ۾ اهو خبط ڇو سمايو
آهي ته تون هن کي شاعريءَ ۾ اظهاري سگهين؟
هن کي ته فقط پيغمبر اظهاري سگهندا آهن.
۽ اهي به تشبيهه ۽ استعاري جو سهارو وٺندا آهن
پر پوء به هن جو تصور کائُن
ائين تِرڪي ويندو آهي جيئن رَڇ مان سمندر
جو پاڻي هليو ويندو آهي.
خدا روپوش نه آهي؛ ڏينهن رات تنهنجين اکين اڳيان
آهي،
رڳو تون هن کي ڏسي نه ٿو سگهين؟
ڏس هو مِٽيءَ جي ذرڙي کان وٺي تارن ستارن تائين
آهي،
رڳو تون ان کي ڏسي نه ٿو سگهين!
هو هرڻ به آهي، ترائي به آهي، هرڻ جي اُڃ به آهي!
هو آسمان به آهي، چڪور به آهي ۽ هُن جي
چنڊ لاءِ اُڏار به آهي ۽ اُن کي ڳولي به رهيو آهي.
هوئي ته تنهنجي شاعري ۾ آهي! ها،
تنهنجا لفظ هن جو نقاب آهن، جن مان
هن کي ڪوئي نه ٿو سُڃاڻي سگهي،
ڪوئي نه ٿو سڃاڻي سگهي!
*
جڏهن انسان تنها هوندو آهي
تڏهن
بلڪل تنها به نه هوندو آهي!
تنهائيءَ جو احساس
ته هجوم ۾ ٿيندو آهي،
تنهائيءَ ۾ ته انسان
پاڻ سان گڏ هوندو آهي
پاڻُ
جيڪو هُن کان
انبوهه ۾ وڃائجي ويندو آهي؛
پاڻُ
جنهن جي دوستي پائيدار آهي
۽ جو انهيءَ سيڙهيءَ تي
توسان گڏجي چڙهندو آهي.
جا خدا ڏانهن
ويندي آهي،
۽ جتي فرشتا
تُنهنجي خوش آمديد لاءِ
بيٺا هوندا آهن؛
پاڻُ جو شاعريءَ تي
پيغمبريءَ جي
مُهر هَڻندو آهي
۽ ان کي
زندگيءَ جاويد عطا ڪندو آهي.
پاڻُ خوديءَ جو نه
بي خوديءَ جو ڀاءُ آهي؛
تون ڪڏهن
اُن کي اپنائي ته ڏس،
۽ پوءِ ڏس ته توتي
ڪهڙا اسرار کُلن ٿا،
جي اڄ تائين اکين کان اوجهل آهن
پر ساڳي وقت
تو ۾ ڇُپيل آهن!
*
رات پردي تي
هيمنگوي جي فلم ’ڪجهه هجڻ ۽ ڪجهه نه هجڻ‘
۾ لارين بئڪال ۽ همفري بوگارٽ ڏٺا
جن کي مون اڳ جوانيءَ ۾
ڪيترن ئي فلمن ۾ ڏٺو هو
جڏهن هو جيئرا ها.
هاڻي ته هُو مري چڪا آهن،
۽ رڳو پردي تي شئمپين جي بوتل پي رهيا ها،
۽ پيار ڪري رهيا ها،
جنهن ۾ ڪجهه پاڪستاني ٽي- ويءَ جي ڪَٽ سٽ هئي.
هاڻي ته هو موت جي انڌاري ۾
شئمپين جي بوتل سوڌو گم ٿي ويا آهن،
يا اڃا تائين ڪٿي، ڪنهن جاءِ تي
همفري بوگارٽ کي ساڳي سگهه، مڙسيءَ جي ڏکِ ۽ چيڙها
لائي آهي؟
۽ لارين بئڪال کي لونءَ ڪانڊاريندڙ لؤڻا ۽ گلِ شبو
جي خوشبو آهي،
۽ ٻئي اڃا شئمپين پي رهيا آهن.
ڪنهن وقت آنءُ به ائين ڪئميرا- ڪاڻيارو ٿي ويندس.
ڪنهن ڄاتو آهي
ته موت ڇا آهي،
۽ حياتي ڇا آهي؟
ڇا هن سرشٽيءَ ۾ اَنيڪ رنگ منچ آهن
جن تي نائڪ ۽ نائڪائون
ائين جيئَرا آهن
جيئن ڌرتيءَ تي هيا،
۽ اهي ناٽڪ جي انت ۾ آهن،
رڳو تون مان ڏسي نه ٿا سگهون،
جيتوڻيڪ تون مان خود
اُنهيءَ ناٽڪ جو حصو آهيون!
*
جام جي پوئينءَ ڦُڙي تائين،
پِيءُ!
ڪائنات جي ساري صُراحي
اوت،
۽ اُنَ کي ڳُٽ ڳُٽ ڪري
ائين پي وڃ،
جيئن اُها آگ
جا ساري سنسار ۾ جلي رهي آهي،
تنهنجي تارونءَ کي جلائيندي
ڳلي کان هيٺ لهي وڃي!
۽ هي ساري ڪائنات
تنهنجي گرم خون جو
حصو ٿي وڃي،
تنهنجو گرم خون
جو تنهنجيءَ شاعريءَ ۾
انهيءَ توانائيءَ کان وڌيڪ توانا آهي،
جا چوڌاري گردش ڪري رهي آهي،
۽ جا توانائي نه رڳو سج ۽ سورج مکيءَ جي کيت
۾ ٻري رهي آهي،
پر وان گوگ جي رڳ رڳ مان لاتون ڪري،
ڍوڙندي هُئي،
۽ ڪئنواس تي ائين پکڙجي ويندي هئي،
ڄڻ ازلي حقيقت کي،
ڪنهن زور سان چماٽون هڻي،
ان جا ڳِٽا ڳاڙها ڪري ڇڏيا ها.
*
دعا وقت
منهنجا ٻئي هٿ
گهڙيال جي سُئنِ وانگر آهن
جي رات جو منو هڪ وڄائي رهيا آهن.
منهنجي هڪ هٿ ۾ قلم آهي
جنهن کي ڪوئي ايتريءَ تيزيءَ سان هلائي رهيو آهي.
جيتريءَ تيزيءَ سان
گهڙيال جو سُيون به هلي نه ٿيون سگهن،
۽ ٻي هٿ کي
منهنجي ڀرسان رکيل
ننڊ جون گوريون ڏسي رهيون آهن
ته هو ڪڏهن ٿو
اسان کي کڻي،
۽ ننڊ ۾
زندگيءَ مان ٿوري وقت لاءِ
يا هميشہ
لاءِ
جان ڇڏائي!
ڄڻ هو اُنهيءَ نظم تي
چِٿر ڪري رهيون آهن
جو هنن جي ۽ ابدي ننڊ جي
وچ تي آهي،
اڌ ۾ آهي،
اڃا پورو نه آهي.
(وڌيڪ پڙهو) |