| 
								 
                                
                                هيلمند درياء جي ڪناري گزارستان بابت مون کي ڪابه 
                                ڄاڻ ڪانه آهي. ڇاڪاڻ ته اوستائين ڪو يورپي جاکوڙي 
                                پهتو ئي ڪو نه آهي. غزنيءَ جو ماڳ ايترو ته مشهور 
                                معروف آهي، جو اُن تي لکڻ جي گنجائش ئي موجود ڪانه 
                                آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو شهر ستينءَ صديءَ ۾ به 
                                شاهوڪار ۽ سکيو ستابو هوندو. شين سئنگ هن شهر جو 
                                چوڏس گهيرو ٽيهه لي يا پنج ميل ٻڌائي ٿو. موجوده 
                                دور ۾ قلعي اندر شهر جي پکيڙ به سوا ميل کن ٿيندي. 
                                وائين هن قلعي جي بيهڪ کي ڦڏو سڏو پنجڪنڊو ٻڌائي 
                                ٿو. قلعي جي ڀتين جي ڊيگهه ٻه سوء فوٽن کان چار 
                                سوء فوٽ ٻڌائي ٿو، جنهن کي وچ تي چبوترا ڏئي وڌيڪ 
                                مضبوط ڪيو آهي. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو (84) ته افغان هن 
                                قلعي جي مضبوط ديوارين ڪري گهڻو ٽڏندا آهن. 
                                اوڀارين ملڪن ۾ غزني پنهنجي مضبوطيءَ ۽ بچاءَ ڪري 
                                گهڻو مشهور معروف آهي. هن سبب ڪري فارسيءَ ۾ هن کي 
                                غازا يعني ”خزانو“ ڪري سڏيو ويندو هو. هن پنجين 
                                صدي عيسويءَ جي موءرخ پنهنجي مُنجهيل سُنجهيل 
                                عبارت ۾ ان کي ڊايونيساڪا 
                                (Deonysiaca) 
                                سڏيو آهي ۽ ٽئين صدي عيسويءَ جو موءرخ ڊايونيسس 
                                وري هن کي بارساريڪا 
                                (Barsarica) 
                                ڪوٺي ٿو. ٻنهي مصنفن هن قلعي کي ناقابل تسخير 
                                سمجهيو آهي. ڊايونيسس جا لفظ هن ريت آهن: ”جنگ وقت 
                                هو ايڏو مضبوط آهي، جو ڄڻ ڪنجهي (ٻراسس) جو ٺهيل 
                                آهي“. نونس 
                                (Nonnus) 
                                (75) چوي ٿو: ”انهن قلعي جي تعمير ائين ڪئي آهي، 
                                جو ديوار ۾ لڳل پٿرن جي ڄار جيان ڄڻ اڻت ڪئي آهي. 
                                ان ڪري قلعو ايڏو مضبوط ٿي ويو آهي، جو ڪنهن دشمن 
                                هن جي مضبوط ۽ ڪشادن بنيادن کي کاٽ هڻي ڊاهي اندر 
                                وڃڻ جي سگهه ڪانه ساري آهي“. هي حوالا ٽالمي جي 
                                مشهور ۽ قديم شهر غزاڪا 
                                (Gazaka) 
                                جا آهن، پر غلطيءَ وچان ٽالمي هن شهر کي ڪابل جي 
                                اتر ۾ پئرو پاميساڊاءِ واري علائقي ۾ ٻڌائي ٿو، 
                                حقيقت اهوشهر ڪابل جي ڏکڻ ڏس تي آهي. بزنتم 
                                (Byzantum) 
                                جو اسٽيفانس 
                                (Stephanus) 
                                جنهن جو هن هندستان شهر 
                                
                                (Indian town) 
                                لاءِ مواخذ ڊايونيسس جو ”باساريڪا“ 
                                (Bassarica) 
                                آهي، تنهن جو خيال آهي ته هيءُ شهر هندستانين جو 
                                آهي. منهنجو ويچار آهي ته هن موءرخ مذڪوره شهر 
                                ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي سمجهيو آهي. 
                                
                                
                                
                                4. لامغان 
                                
                                
                                شين سئنگ لکيو آهي ته لئن-پو 
                                (lan-po) 
                                جو علائقو، ڪاپيسين کان ڇهه سوء لي يا هڪ سوء ميل 
                                اوڀر طرف واقع آهي. مذڪوره علائقي مان سارو رستو 
                                ٽڪرين جي ڪڇ ڏئي لنگهندو آهي. سندس چواڻيءَ موجب 
                                ڪي ٽڪريون گهڻيون اتاهيون به آهن. سڄو علائقو 
                                ٽڪرين ۽ ماٿرين جي ٻيهگڙ سان ڀريو پيو آهي. موجوده 
                                بيان اهڙو آهي جو اهو اوپيان کان وڍي لامغان تائين 
                                پکڙيل علائقي سان ٺهڪي ٿو اچي. جاءِ وقوع ۽ فاصلي 
                                مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته اهو ڏس پتا 
                                لامغان جا آهن. هن ڳالهه ۾ ڪنهن شڪ شهبي جي گنجائش 
                                به ڪانه آهي ته مٿئين بيان موجب موجب ٻنهي علائقن 
                                جي ڄڻ سڃاڻ ٿي وئي آهي. ٽالمي لامباٽاءِ قبيلي جي 
                                ماڻهن جي ملڪ لاءِ به ساڳي جاءِ وقوع ٻڌائي آهي. 
                                ٻنهي نالن: لامباٽاءِ 
                                (Lambatae) 
                                ۽ لامغان 
                                (Lamghan) 
                                کي جيڪڏهن ڀيٽائي ڏسبو ته گهڻو  فرق ڏسڻ ۾ ڪو نه 
                                ايندو ۽ انهن ٻنهي لفظن جو بنياد سنسڪرت جو لفظ 
                                لامپاڪا 
                                (Lampaka) 
                                آهي. ان ڪري مان ٽالمي جي لفظ ’لامباٽاءِ‘ کي 
                                ’لامباگاءِ‘ بڻايان ٿو، جيڪو وڌيڪ صحيح ٿيندو. 
                                موجوده دور وارو نالو اصلي نالي جي ننڍڙي صورت 
                                آهي. هن لفظ جي وچواري حرف صحيح ۾ تبديلي ڪري 
                                لاغمان به اچاريو ويندو آهي، مشرق ۾ اهڙيون 
                                ڳالهيون عام هونديون آهن. مسلمان اهو نالو لئيڪ 
                                کان شروع ڪندا آهن، جنهن جو مقبرو لامغان جي 
                                ماٿريءَ ۾ موجود آهي. اهو مقبرو بابر ۽ ابوالفضل 
                                به ڏنو هو. 
                                
                                
                                شين سئنگ جي بيان مطابق هن علائقي جو گهيرو هڪ 
                                هزار لي يا هڪ سوء ڇاهٺ ميل آهي، اتر پاسي کان برف 
                                سان ڇانيل جبل اٿس. ٻين ٽن پاسن کان ڪاريون ٽڪريون 
                                ڦري ٿيون اچنس. هنن پارن پتن مان معلوم ٿئي ٿو ته 
                                اهو 
                                Lan-po 
                                وارو علائقو لامغان آهي، جيڪو هڪ سوڙهو پٽو آهي ۽ 
                                ڪابل درياء جي اترئين ڪناري سان واقع کيس اتر پاسي 
                                کان برف سان ڇانيل جبل به آهن ۽ اوڀر- اولهه پاسي 
                                کان ڪنار ۽ آلين گر 
                                (Alengar) 
                                نديون آهن. زمين جي هيءَ ننڍڙي ايراضي هر پاسي 
                                چاليهه ميل آهي ۽ چورس گهيرو هڪ سوء سٺ کن ميل 
                                اٿس. ڪنهن زماني اها هڪ جدا ۽ آزاد رياست هئي. 
                                ستين صدي عيسوي ڌارين هتان جي بادشاهه جو خاتمو 
                                ڪري هن علائقي کي ڪاپيسيني سان ملايو ويو. 
                                
                                
                                
                                نگراهارا يا جلال آباد 
                                
                                
                                شين سئنگ لامغان مان هڪ سوءلي يا اٽڪل سترنهن ميل 
                                ڏکڻ- اوڀر پنڌ ڪري هڪ وڏو درياء اُڪري ’نگر هارا‘ 
                                جي علائقي ۾ اچي پهتو. طرف جاءِ وقوع ۽ فاصلو اهو 
                                آهي جيڪو ٽالمي ’نگر هارا‘ لاءِ ٻڌايو آهي، جيڪو 
                                ڪابل درياء کان ڏکڻ پاسي ۽ جلال آباد جي ڀر پاسي ۾ 
                                هو. چيني ياتري هن جو نالو نا-ڪي –لو- هو(Na-ki-lo-ho)
                                 لکيو آهي. مسٽر جلين (86) 
                                
                                (Mrjulien)
                                هن شهر جو، سونگ 
                                (Song) 
                                گهراڻي جي تاريخ ۾ سنسڪرت ۾ لکيل نالو لڌو آهي، 
                                جيڪو نئنگ-گو-لو-هو-لو 
                                (Nang-go-lo-ho-lo) 
                                آهي. هن شهر جو نالو بهار (77) جي گوسراوا 
                                (Gosrawa) 
                                جي ماڳن تان ميجر ڪٽوءِ 
                                (Magor 
                                Kittoe) 
                                لڌو آهي، جيڪو سنسڪرت ٻوليءَ ۾، ۽ لکت جي صورت ۾ 
                                مليو آهي. ’نگرهارا‘ علائقي جي اولهه کان اوڀر 
                                ڊگهائي ڇهه سوءلي يعني هڪ سوء ميل آهي ۽ اتر کان 
                                ڏکڻ ٻه سو پنجاهه لي يا ٻائيتاليهه ميل مُــــنڍو 
                                اٿس. قدرتي حدون هن ريت اٿس: اولهه پاسي جاگدالڪ
                                
                                (Jagdalak) 
                                وارو لڪ 
                                (Pass) 
                                اوڀر کان خيبر لڪ. اتر ۾ ڪابل درياء ۽ ڏکڻ ۾ برف 
                                سان ڇانيل جبل. مذڪوره حدن اندر هن علائقي جي ڪل 
                                ماپ پنجهتر ميل ڊيگهه ۽ ٽيهه ميل منڍو آهي. رستي 
                                سان ايترو ئي مفاصلو آهي، جيترو شين سئنگ ٻڌايو 
                                آهي. 
                                
                                
                                معلوم ائين ٿئي ٿو ته ڄڻ هن علائقي جي راڄڌاني 
                                بيگرام هو، جيڪو جلال آباد کان ٻه ميل اولهه پاسي 
                                ۾ هِڊا 
                                (Hidda) 
                                کان پنج يا ڇهه ميل اولهه-اتر اولهه ڏس تي هو، 
                                جنهن کي هر جاکوڙيءَ متفق طور تي چيني ياترين جي 
                                بيان ڪيل شهر هيولو 
                                
                                (Hi-lo) 
                                سمجهيو آهي. ان هي-لو شهر جو گيرو چار يا پنج لي 
                                يا منو ميل کن مس هو. پر هن شهر جي نمايان حيثيت 
                                ان ڪري هئي، جو هتي مهاتما ٻڌ جي کوپڙيءَ جو هڏو 
                                رکيل هو، جنهن  کي هڪ اسٽوپا ۾ حفاظت سان رکيو ويو 
                                هو. جڏهن ڪو ياتري ڀيٽا طور ڪجهه سون ڏيندو هو، ته 
                                کيس مهاتما ٻڌ جي کوپڙيءَ جي هڏي جي زيارت ڪرائي 
                                ويندي هئي. هِڊا هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، جيڪو جلال آباد 
                                کان پنج ميل ڏکڻ طرف آهي، پر اتي اسٽوپا گهڻي انگ 
                                ۾ ڏسڻ ۾ ايندا. غار يا غفائون به جام آهن. انهن 
                                سڀني جي مسٽر مئسن چڱيءَ پر کوجنا ڪئي آهي. ٻڌ ڌرم 
                                سان لاڳاپيل نادر شيون ۽ اسٽوپا وغيره هِڊا 
                                (Hidda) 
                                شهر ۾ موجود آهن، جيڪو چيني ٻن ياترين جو هيلو آهي 
                                ۽ چيني اچارن موجب اهو لفظ هيرا 
                                (Hira) 
                                يا هڊا 
                                (Hidda) 
                                وڃي بيهي ٿو. تنهن ڪري معلوم ايئن ٿئي ٿو ته هڪ 
                                علائقي جي راڄڌاني ضرور بيگرام هوندو، جيڪو مئسن 
                                (78) جي چوڻ موجب اسٽوپائن، ڊڙن ۽ اتاهين قبرن سان 
                                ڀريو پيو آهي. هيءُ صاحب وڌيڪ چوي ٿو ته اهي تدفين 
                                سان لاڳاپيل ڪي قديم يادگار آهن. اسٽوپائن جي 
                                گهڻائين مان ڀائنجي ٿو ته هي ڪو وڏو شهر يا ڪو 
                                پوتر ڌرمي آسٿان هوندو. ٿي سگهي ٿو ته هِڊا 
                                (Hidda) 
                                جو لفظ هڏيءَ مان ورتل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب جي هڪ 
                                ٽڪري (79) ۾ هيءُ بيان ڏسڻ ۾ ايندو، ته اتي هڏي جي 
                                مٿان هڪ اسٽوپا ٺهيل هئي، جيڪا هيلو شهر ۾ تعمير 
                                ٿيل هئي. 
                                
                                
                                ڪتاب جي ٻئي ٽڪري ۾ فو-تنگ-ڪو- چنگ 
                                
                                Fo-ting-ko-ching
                                 جنهن جو مطلب آهي: ”ٻڌا جي هڏي 
                                وارو شهر“ سانگي سان اوهان کي هي ڳالهه به 
                                ٻڌائيندو هلان ته هن تحقيق دوران هتي اسان کي اهڙا 
                                به نالا مليا، جيڪي ٻڌ ڌرم جي تاريخ ۾ وڏي اهميت 
                                رکن ٿا. هتي مون کي اها به خبر پئي ته ٻڌ ڌرم جا 
                                عالم ۽ اڪابر ماڻهو هن شهر کي ”آسٿي پور“ ۽ عام 
                                ماڻهو ”هڏي پور“ سڏيندا هئا. اهڙيءَ ريت شو ديوتا 
                                کي پاتل کوپڙين مالا کي به اسٿي- مالا 
                                
                                Asthi 
                                mala 
                                چيو ويندو آهي. 
                                
                                
                                پروفيسر لئسن هن شهر کي گهڻو وقت اڳ نگرهارا 
                                سمجهيو ۽ سڃاتو هو. ۽ ٽالمي هن کي ناگر ۽ ڊايوني 
                                سو پوليس 
                                Dionysopolis 
                                سڏي ٿو، جيڪو ڪابورا ۽ سنڌو جي وچ تي واقع هو، هن 
                                جو ٻيو نالو نائسا 
                                Nyas 
                                هڪ امڪاني نالو آهي. ائرينArrian 
                                ۽ ڪرٽس 
                                
                                Curtius 
                                به هن کي انهيءَ نالي سان سڏيو آهي. ابو ريحان 
                                (80) هن کي دنس  
                                Dinus 
                                يا ڊنئي 
                                Dinuy 
                                ڪري لکيوآهي، جيڪو هو ڪابل ۽ پاراش وارا 
                                
                                Parashwara 
                                جي وچ تي ٻڌائي ٿو. ماڻهن جي روايت موجب پراڻي شهر 
                                کي اجونا (81) ڪري سڏيو ويندو هو.“ مان سمجهان ٿو 
                                ته يونان وارن هن نالي کي هن ريت 
                                Dlov 
                                لکيو آهي، اهو ائين آهي جيئن ٽالمي يمونا 
                                Yamuna 
                                يا جمنا 
                                Jummna 
                                کي ڊيمنا 
                                Diamuna 
                                ڪري لکيو آهي. اهڙي ريت سنسڪرت ۾ ڏکڻ کي ياماس
                                
                                yamas 
                                يا جاماس 
                                 jamas 
                                چيو ويندو آهي. پر پليني (82) ان کي ڊياماسا
                                
                                
                                Diamasa 
                                ڪري لکيو آهي. گهڻو ڪري امڪان اهو آهي ته جيڪڏهن 
                                اجونا 
                                Ajuna 
                                جي لفظ ۾ حرت علت جي مٽ سٽ ڪئي وڃي ته پالي ٻوليءَ 
                                جو هڪ بگڙيل لفظ اُجونا 
                                Ujjuna 
                                ۽ سنسڪرت جو لفظ اديانا 
                                Udyana 
                                ٺهي پوندو، جيڪو نگرهارا (82) جو پراڻو نالو هو. 
                                جيڪڏهن هيءَ سڃاڻپ صحيح آهي ته راڄڌاني وڃي بيگرام 
                                وارو ٿاڪ ٿيندو، جنهن جو مان اڳ ۾ اشارو ڏئي آيو 
                                آهيان. يونانا جي حڪمرانيءَ وارو سارو عرصو هن شهر 
                                تي ”ڊايوني سو پوليس“ نالو رهيو. آريانا جي يوناني 
                                بادشاهن جي سڪن تي 
                                ATON 
                                جا اکر ڏسڻ ۾ ايندا. اهڙو نالو ان شهر جو ڪو نه ٿو 
                                سونهين، جنهن جو هندستاني نالو هجي ۽ قديم مورءخن 
                                لکيو هجي. تنهن ڪري اهو نالو فقط ڊاوني سو پوليس
                                
                                
                                Dionyso polis 
                                ڪنهن ٻئي شهر جو ٿي ڪو نه ٿو سگهي. پنجين صديءَ جي 
                                شروعات ڌاران هن کي فا-هيا فقط نا- ڪاءِ 
                                na- 
                                kie 
                                ناگرا 
                                Nagara 
                                سڏيو آهي. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ان زماني اهو هڪ 
                                آزاد ملڪ هو ۽ ان مٿان پنهنجو ئي حڪمران راڄ ڪندو 
                                هو. سن 630ع ۾ جڏهن شين سئنگ هتي آيو ته اتي ڪو به 
                                بادشاه ڪو نه هو ۽ اهو ڪاپسيني سان شامل هو. ان 
                                کان پوءِ شايد ڪابل جي برهمڻ بادشاهه جو ڏن ڀرو 
                                ملڪ بڻجي ويو ۽ ان کان بعد وري غزنيءَ جي مسلمان 
                                بادشاهه جي ماتحت ٿي ويو. 
                                
                                
                                
                                گنڌارا يا پاراش وارا 
                                
                                
                                سڪندر جي مورخن مان ڪنهن به هن علائقي جو نالو ڪو 
                                نه کنيو آهي. اسٽربئو 
                                Strabo 
                                
                                 ئي پهريون ماڻهو آهي جنهن هن جو گنڌاريٽس 
                                
                                Gandharitis 
                                جي نالي سان ذڪر ڪيو آهي، جيڪو سندس بيان موجب 
                                چوسپس 
                                
                                Choasps 
                                ۽ سنڌوءَ جي وچ تي ڪابل درياه جي ڪٺار سان واقع 
                                هو. ٽالمي ساڳي ئي جاءِ وقوع تي گنڌاراءِ 
                                
                                Gandare 
                                نالي هڪ علائقي جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته اهو 
                                علائقو ڪوفس درياه جو سنڌوءِ ۾ ڇوڙ ڪرڻ واري ٿاڪ 
                                کان وٺي مٿي ۽ ڪوفس جي ٻنهيڪنارن سان واقع هو. 
                                راڄڌاني جنهن کي پو-لو-شا-پولو 
                                
                                Pu-lu-sha=pulo 
                                ”يا پاراش وارا“ چيو ويندو هو، سا سنڌوءَ کان ٽن 
                                يا چئن ڏينهن جي سفر تي پري واقع هئي. هيءُ بيان 
                                پشاور جي جاءِ وقوع سان پورو ڀڃي ٿو اچي، جنهن جو 
                                اڪبر بادشاه جي دور تائين نالو ”پاراش وارا“ هو. 
                                بابر ۽ ابو الفضل به هن شهر کي انهيءَ نالي سان 
                                سڏيو آهي. پر ڏهين صديءَ عيسويءَ جي عرب 
                                جاگرافيدانن ۽ خود ابو ريحان به اهو نالو لکيو 
                                آهي. فاهيان هن کي رڳو فو- لو-شا 
                                
                                Fo-lu-Sha 
                                يعني پاراشا سڏيو آهي ۽ ٻڌائي ٿو ته هي شهر نگر 
                                هارا 
                                Nagra 
                                hara 
                                کان سورنهن يوجان 
                                Yojans 
                                يعني هڪ سو ٻارهن ميل پري آهي. شين سئنگ فقط پنج 
                                سو لي يعني ٽياسي ميل ٻڌائي ٿو. کانئس غلطي ٿي وئي 
                                آهي. جلال آباد ۽ پشاور ۾ هڪ سو ٽن ميلن جو فاصلو 
                                آهي. جلال آباد کان بيگرام وارا ٻه ميل به هن ۾ 
                                جوڙڪبا ته ڪل پنڌ وڃي هڪ سو پنج ميل بيهندو. 
                                
                                
                                هن  علائقي جي حقيقي حد بيان ٿيل ڪانه آهي. پر ان 
                                جي ماپ هن ريت ڏنل آهي: اولهه کان اوڀر هڪ هزار لي 
                                يا هڪ سو ڇاهٺ ميل ۽اتر کان ڏکڻ اٺ سو لي يا هڪ سو 
                                ٽيٽيهه ميل. اها ماپ صحيح نظر اچي ٿي. جيڪڏهن 
                                ڊيگهه واري ماپ باڙا 
                                Bara 
                                ندي جي ذريعي کان وٺي تربيلا تائين وٺجي  يا ڪنار 
                                نديءَ کان تربيلا تائين وٺجي ته اها سڌي هڪ سو 
                                ويهه ميل ۽ رستي سان ڏيڍ سو ميل ٿيندي. اهڙيءَ ريت 
                                ان جي مُنڍي جي ماپ بنير 
                                Bunir 
                                ٽڪرين جي ڪڇ کان بازار 
                                Bazar 
                                وٽان هلي ڪوهاٽ تائين هڪ سو ميل سڌو ۽ هڪ سو 
                                پنجويهه ميل رستي سان ٿئي ٿي. هنن ماپن کي جيڪڏهن 
                                نظر ۾ رکبو ته گنڌار جي علائقي جون سرحدون هن ريت 
                                وڇي بيهنديون: اولهه ۾ لامغان ۽ جلال آباد- اتر ۾ 
                                سوات ۽ بنير جو ٽڪرائتو علائقو. اوڀر ۾ سنڌو ۽ ڏکڻ 
                                ۾ ڪالاباغ واريون ٽڪريون. هن وچ واري علائقي ۾ 
                                هندستان جا نهايت قديم ماڳ موجود آهن. ڪي مهاتما 
                                ٻڌ جي دور ۾ مشهور هئا ته ڪي سڪندر جي حملي دوران 
                                سکيا ستابا ۽ هنڌين ماڳين مشهور هئا ۽ ڪي وري ٻڌ 
                                راجا ڪنشڪ جي راڄ ۾ ريان کيان هئا ۽ چوڏس سندن 
                                نالن جي ڌم هئي. 
                                
                                
                                ٽالمي، گانڌاڙا علائقي جو ٿورن مشهور شهرن جهڙوڪ: 
                                نئولائب 
                                
                                Naulibe 
                                امبوليما 
                                Embolema 
                                ۽ راڄڌاني پروڪلائس 
                                
                                Proklais 
                                
                                 آهن. اهي سڀيئي شهر ڪوفس يا ڪابل درياه جي اتر 
                                پاسي هئا. اهڙيءَ ريت اورا 
                                Ora 
                                بازاريا 
                                
                                Bazaria 
                                
                                ۽ آرنوس 
                                Aornos
                                
                                
                                جا شهر به آهن، جن جو سڪندر جي موءرخن  به ذڪر ڪيو 
                                آهي. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته پاراشوارا جو اڪيلو شهر 
                                آهي، جيڪو ڪابل درياه جي ڏکڻ پاسي هو. نئولائيب ۽ 
                                اورا لاءِ مان ڪجهه به چئي ڪو نه ٿو سگهان، ڇاڪاڻ 
                                ته انهن جي اڃان تائين سڃاڻ ڪانه ٿي سگهي آهي. پر 
                                گهڻو ڪري نئولائب 
                                
                                Naulibe 
                                نيلاب آهي، هيءُ هڪ اهم شهر آهي. هن شهر جي نالي 
                                ڪري سنڌوءَ کي هن علائقي ۾ نيلاب درياه به سڏيو 
                                ويندو آهي. جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته ٽالمي غلطي 
                                ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته نيلاب ڪابل درياه جي ڏکڻ ۾ واقع 
                                آهي. مان انهن شهرن ۽ ننڍن ڳوٺن جون به ڳالهيون 
                                اوهان سان اوريندس جتان جتان چيني ياتري گذريا 
                                هئا. 
                                
                                
                                پشڪالاوتي يا پيوڪلوٽس 
                                
                                
                                Pushkalavati or peukeloatis 
                                
                                
                                گنڌارا جي راڄڌاني ”پشڪلاوتي“ نالي هڪ شهر هو. چيو 
                                ويندو آهي ته ان شهر جو بنياد پشڪارا 
                                
                                Pushkara 
                                رکيو هو، جيڪو ڀرت جو پٽ ۽ رام جو ڀائيٽو هو (84) 
                                هن شهر جي قدامت ۾ ڪنهن شڪ شبهي جي گنجائش ئي ڪانه 
                                آهي. سڪندر جي حملي وقت به راڄڌاني هن شهر ۾ قائم 
                                هئي. شهر جو يوناني نالو ”پيوڪلوٽس“ يا ”پيوڪلوٽس“ 
                                پڪالوٽي 
                                
                                Pukkaeoati 
                                تان ورتل آهي، جيڪو پالي ٻوليءَ جو لفظ آهي. اصلي 
                                سنسڪرت لفظ پشڪالاوتي 
                                
                                Pushalavati 
                                آهي. ائرين هن شهر کي پيو ڪيلاس 
                                
                                Peukelas 
                                لکيو آهي. هتان جي رهواسين کي ڊايونيسس پيري گيٽس
                                
                                
                                Dionysis periegetes 
                                
                                پيوڪالي 
                                
                                Peukalei 
                                سڏي ٿو، جيڪو پاليءَ ٻوليءَ جي ائرين جي ”پيري پلس 
                                آف دي ايري ٿراين سي“ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٽالمي به 
                                ساڳي لفظ کي ورجايو آهي. هنن سنسڪرت لفظ پشڪارا
                                
                                
                                Pushkara 
                                لکڻ بدران هندي پوڪهــــار 
                                Pokhar 
                                لفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. 
                                
                                
                                ائرين جي بيان موجب پيو ڪيلا جو وڏو ۽ ڳتيل شهر 
                                هو. جيڪو سنڌوءَ (85) کان گهڻو پري ڪو نه هو. اتان 
                                جي بادشاهه جو نالو اسٽس 
                                Astes 
                                هو (86). ٿي سگهي ٿو هاستي 
                                Hasti 
                                هجي. هن راڄڌانيءَ مٿان سڪندر جي هڪ جنرل هيفاشن
                                
                                
                                Hephaestion 
                                
                                 اچي گهيرو ڪيو، جيڪو پورو مهينو هليو. هيءُ راجا 
                                بهادريءَ سان مقبالو ڪندي مارجي ويو.آسيٽس جي وفات 
                                کانپوءِ اهو قلعو سڪندر جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو ان 
                                وقت سنڌوءَ ڏانهن پيش قدمي ڪري رهيو هو. ائرين ۽ 
                                اسٽرئبو هن جاءِ وقوع کي گهڻو منجهائي ڇڏيو آهي. 
                                
                                
                                 ڇاڪاڻ ته هنن مذڪوره ماڳ کي سنڌوءَ ويجهو 
                                “Near 
                                the indus” 
                                ڪري لکيو آهي. انهن جي ڀيٽ ۾ جاگرافيدان ٽالمي 
                                وڌيڪ صحيح آهي. ڇاڪاڻ ته هن سڄاڻ ماڻهو مزڪوره ماڳ 
                                کي سستاتي جو درياه جي اوڀارئين پاسي سان ٻڌايو 
                                آهي، جنهن کي پنجڪورا 
                                
                                Panjkora 
                                يا سوات ندي به چيو ويندو آهي.هيءَ اهائي ايراضي 
                                آهي، جنهن جو ڏس پتو شين سئنگ به ٻڌايو آهي. هن 
                                کان پوءِ هي چيني ياتري اتر –اوڀر ڏانهن هڪ سو لي 
                                يا اٽڪل سترهن ميل سفر ڪري هڪ وڏو درياه اڪري 
                                پو-سي-ڪيا – لو –فا- تي- 
                                Pu- si- 
                                kia-lo-fa-ti 
                                
                                 يعني پشڪالاوتي رسيو هو. هتي جنهن درياه جو ذڪر 
                                ڪيو ويو آهي، سو ڪابل درياه آهي، پارن پتن ۽ فاصلي 
                                مان پتو پوي ٿو ته پشاور کان پري ٻن وڏن شهرن، 
                                پارانگ 
                                Parang 
                                ۽ سوات ندي جي هيٺئين ڀاڱي جي اوڀارئين ڪناري سان 
                                وسندڙ آهن، تن جو ذڪر آهي. مذڪوره اٺ شهر هي آهن: 
                                تانگي 
                                Tangi 
                                شيرپاوء 
                                Shirpao  
                                
                                ، عمر زئي، تورنگ زئي 
                                Turang 
                                zai، 
                                عثمان زئي راجوڙ، چارسده ۽ پارانگ. اهي شهر پندرهن 
                                ميلن ۾ پکڙيل آهن. پر پارانگ ۽ چارسده درياه جي 
                                وڪڙ ۾ هڪ ٻئي جي ويجهو اڏيل آهن. سمجهه ۾ ائين اچي 
                                ٿو ته ڪنهن زماني اهي ٻئي شهر ڪو هڪ وڏو شهر 
                                هوندا. ”حصار“ نالي قلعو هشت نگر شهر جي دڙي تي 
                                مٿي ٺاهيل آهي. جنرل ڪورٽ ان کي ڪنهن ٻيٽاريءَ تي 
                                جوڙيل ۽ راجوڙ جي شهر سامهو (87) ٻڌائي ٿو. سندس 
                                چوڻ آهي ته هن شهر جو اوسو پاسو کنڊرن سان ڀريو 
                                پيو آهي (88). اهي اٺ ئي شهر نقشي 
                                IV 
                                ۾ ڏسي سگهجن ٿا. 
                                
                                
                                اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه به ڪانه آهي، جو موجوده دور 
                                واري هشت نگر شهر جو اصلي نالو هاستي نگرا آهي، 
                                جنهن جي معنيٰ آهي ”هاستي“ راجا جي راڄڌاني، اهو 
                                آسٽس 
                                Astes 
                                جي راڄڌاني ٿي سگهي ٿو، جيڪو سڪندر واري دور ۾ پيو 
                                ڪيلوٽس، 
                                
                                Peukeloatis 
                                جو راجا هو. اهو يونان وارن جو وتيرو هو جو 
                                هندستان جي راجائن کي انهن جي شهرن جي نالن پٺيان 
                                سڏيندا هئا. ان جو مثال ٽيڪسيلس يا آساڪئنس 
                                
                                Assakanus 
                                جا لفظ آهن. هندستان جي حڪمرانن جي به اها مشهور 
                                معروف عادت هئي ته پنهنجي راڄڌانين کي وڌيڪ نالن 
                                سان پڻ سڏيندا هئا. هن معاملي ۾ اندرا ساٿا ۽ 
                                دهليءَ جو مثال اسان جي اکين آڏو آهي، جنهن کي 
                                ڪڏهن ڪوٽ پٿورا، قلعئه علائي، تغلق آباد، فيروز 
                                آباد ۽ شاه جهان آباد به سڏيو ويندو هو. اها هڪ 
                                حقيقت آهي ته عام ماڻهو ”هشت نگر“ يعني اٺن شهرن 
                                جي نالي ڏانهن اشارو ڏيندا آهن، جيڪي سوات ندي جي 
                                ڪناري سان آباد آهن. پر هاڻي وڌندي پاڻ ۾ ويجهو 
                                اچي پهتا آهن. هن معاملي ۾ منهنجو هيءُ خيال آهي 
                                ته هن نالي جي تبديليءَ ۾ ماڻهن جي به ڪجهه مرضي 
                                شامل آهي ۽ هاستي نگر کي ٿورڙو ڦيرائي ”هشت نگر“ 
                                ڪري ڇڏيائون. ڇاڪاڻ ته هتان جي مسلمان آبادي فارسي 
                                ٻولي وڌيڪ ڄاڻي ٿي، پر هو سنسڪرت ڪو نه ڄاڻين ٿا. 
                                انهن لاءِ ”هشت نگر“ جي معنيٰ سمجهڻ لائق هئي. 
                                ”نگر هارا“ 
                                Nagra 
                                hara 
                                جو نالو مٽائي ننگ نهار 
                                Nang 
                                Nihar 
                                جي نالي ۾ به ساڳيو مقصد ڪارفرما آهي جنهن جي 
                                معنيٰ پاڻيءَ جا نو وهڪرا آهي (89) 
                                
                                
                                پوئين دور ۾ پشڪالاوتي وڏي اسٽوپا ڪري گهڻو مشهور 
                                هوندو هو. چيو ويندو آهي ته هيءُ اسٽوپا ان جاءِ 
                                تي اڏيو ويو هو، جتي مهاتما گوتم ٻڌ پنهنجي اکين 
                                جو دان ڏنو هو. اها هڪ تصديق ٿيل حقيقت آهي ته شين 
                                سئنگ جي ياترا تائين مختلف وقتن ۾ هڪ هزار اکين جو 
                                دان ڏنو ويو هو. فا- هيان جيڪو پنجين صديءَ ۾ آيو 
                                هو ۽ سنگ- ين 
                                Sung- 
                                yun 
                                جيڪو ڇهين صديءَ آيو، ٻنهي ياترين فقط هڪ اهڙي 
                                واقعي جو ذڪر ڪيو آهي. 
                                
                                
                                
                                ورو شايا پالو ڍيري 
                                
                                
                                ان کان پوءِ ائين معلوم ٿئي ٿو ته شين سئنگ 
                                پو-لو-شا جي شهر آيو هو. منهنجي خيال ۾ اهو ماڳ 
                                پالو ڍيري هوندو يا پالي جو ڳوٺ هوندو جيڪو ڍيريءَ 
                                تي اڏيل هو. ڍيري جو مطلب کنڊر يا دڙو آهي. ٿي 
                                سگهي ٿو ته اهو دڙو ڪنهن قديم شهر جي دڙي تي ٺاهيل 
                                هجي. هن شهر کان ويهه لي يا سو اٽي ميل کن اوڀر- 
                                اتر طرف دانتالوڪا 
                                
                                Dantaloka 
                                نالي هڪ ٽڪري آهي، جنهن ۾ هڪ گفا آهي. چيو ويندو 
                                آهي ته هتان جي راجا سدانا 
                                Sudana 
                                ۽ راڻي هتي اچي سر بچاءُ ڪيو هو. پالو ڍيري کان 
                                پشڪالاوتيءَ (90) تائين فاصلو شين سئنگ جي ٻڌايل 
                                پنڌ سان سهمت آهي. جيڪو چاليهه ميل آهي. جنرل ڪورٽ
                                
                                
                                General Court 
                                
                                 هن ماڳ کي پيلي 
                                Pelley 
                                سڏيو آهي. هن شهر جي صحيح سڃاڻ جي پٺڀرائي هن 
                                حقيقت مان به ٿئي ٿي ته هن شهر جي اوڀر- اتر-اوڀر 
                                طرف هڪ ٽڪري به موجود آهي، جنهن ۾ غار يا گفا به 
                                آهي جنهن کي ڪشميري غار جي نالي سان سڏيندا آهن ۽ 
                                اها ٽڪري پالو ڍيري کان ٽن چئن ميلن جي مفاصلي تي 
                                آهي. مان سمجهان ٿو ته دانتالوڪ ٽڪريءَ کي جسٽين 
                                (91) 
                                Justin 
                                ڊيڊالي ٽڪري 
                                Montes 
                                Daedali 
                                
                                 ڪري لکيو آهي. دانتا واري لفظ ۾ جيڪو نڪ مان اچار 
                                نڪري ٿو، سو ڊيڊالي جي لفظ ۾ لڪي ويو آهي ۽ اهو 
                                وري ”داتن“ 
                                Dattan 
                                جي لفظ ۾ ٻيڻو ٿي وڃي ٿو. 
                                
                                
                                اُتا کنڊ يا اوهند يا ايمبوليما 
                                
                                
                                پو-لو-شا کان ٻه سو لي يا ٽيٽيهه ميل ڏکڻ- اوڀر 
                                پنڌ ڪري شين سئنگ وڃي 1- تو-ڪيا-هان-چا 
                                U-to-kia-kan-cha 
                                پهتو هو. ايم جلين 
                                
                                M.Julien 
                                چيني اچار جي ناتي سان ادا کنڊ 
                                
                                Udakhanda 
                                سمجهيو آهي، ايم . ووين ڊي سئنٽ مارٽن وري هن کي 
                                اوهند لکي ٿو، جيڪو سنڌوءَ جي ڪٺار سان وسندڙ هو. 
                                چيني ياتريءَ جو بيان آهي ته هن شهر جو ڏاکڻيون 
                                پاسو وڃي سنڌوءَ سان لڳندو هو. هن شهر جي جاءِ 
                                وقوع جو بيان اوهند شهر جي بيهڪ سان هڪ جهڙائي رکي 
                                ٿو، جيڪو سنڌوءَ جي اترئين ڪناري سان ۽ اٽڪ کان 
                                پندر4هن ميل مٿي آباد آهي. جنرل ڪورٽ ۽ برنس هن 
                                ماڳ کي هند 
                                Hund 
                                سڏن ٿا. مسٽر لو وينٿل 
                                Mr 
                                Loewenthal 
                                هن ٿاڪ کي وري اوهند سڏيو آهي. هن لفظ ۾ اچار جي 
                                ڪجهه غلطي محسوس ٿئي ٿي. پر اوبوريحان سن 1030ع ۾ 
                                هن شهر جو نالو ويهند 
                                
                                Waihand 
                                لکيو آهي. مرزا مغل بيگ سن 1790ع ۾ ساڳي شهر جو 
                                نالو اوهند 
                                Ohind 
                                لکي ٿو. منهنجي ڪنن ۾ وئهند 
                                Wahand 
                                جو نالو ٻڌو. رشيد الدين کي به سن 1310ع ۾ ساڳي 
                                قسم جو اچار ويهند (92) 
                                Wehaud 
                                ٻڌڻ ۾ آيو هو. هنن مصنفن جي بيانن موجب ويهند 
                                گنڌار جي راڄڌاني هو. رشيد الدين اسان کي ٻڌائي ٿو 
                                ته مغل ان کي ڪاراجنگ 
                                
                                Karajang 
                                ڪوٺيندا هئا. هتان جو فقط اڪيلو ڏيهي موءرخ نظام 
                                الدين، طبقات اڪبري ۾ هن شهر جو اختصار ۽ نالو ڏئي 
                                ٿو ۽ لکي ٿو ته محمود غزنويءَ سن 1002ع ۾ ”هند“ جي 
                                قلعي تي گهيرو ڪيو ۽ راجا جئپال قلعي ۾ اندر موجود 
                                هو. پر فرشته هن ماڳ بابت ڪجهه مختلف بيان ڪيو آهي 
                                ۽ سندس نالو ”بٿندا“ 
                                
                                Bithanda 
                                ٻڌائي ٿو. اسان بيان ڪيل پوئين نالي وسيلي اسان 
                                اتا کنڊا جي پراڻي قلعي جي ڀرسان پهچي ويا آهيون، 
                                جنهن جو ذڪر شين سئنگ به ڪيو آهي. هنن سڀني مثالن 
                                مان، اندازو لڳايو اٿم ته اتاکنڊا يا اتکنڊ جو 
                                اصلي ۽ پهريون نالو ات هند 
                                Uthand 
                                يا بت هندا 
                                Bit-handa 
                                هو. پوءِ ننڍڙيءَ صورت ۾ وڃي اُهند 
                                Uhand 
                                يا اوهند 
                                Ohind 
                                ٿيو. ٻنهي لفظن ۾ فقط ٻئي نمبر اکر تي اعرابن جو 
                                فرق آهي. جنرل جيمس ايبٽ 
                                James 
                                Abbat 
                                ”گرئيدس ائڊ آرنان 
                                
                                Gradusad Aornon 
                                ۾ هن ماڳ جو نالو ”اوند“ 
                                Oond 
                                ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو ته قديم زماني ۾ هن کي اورا
                                
                                Oora 
                                جي نالي سان سڏيو يوندو هو. هن  مان سندس خيال آهي 
                                ته اهو سڪندر جي مورخن وارو ماڳ اورا 
                                Ora 
                                آهي. مان مرهيات آئسيڊور لوئنتل 
                                Isidor 
                                loenthal 
                                جي ڄاڻيل ڪن ڳالهين ڪري ڪجهه وستار ۾ هليو ويو 
                                آهيان. اوهند جي ماڳ لاءِ سندس خيال گهڻو ڪري صحيح 
                                پيو معلوم ٿئي. پر هن مامري ۾ ڪجهه بي خيالي کان 
                                ڪم ورتو اٿائين ته اتا کنڊ جي قديم ماڳ موجوده دور 
                                وارو اٽڪ آهي. پر اها جاءِ سنڌوءَ جي ٻئي ڪپر سان 
                                ٻڌائي وئي آهي. انا کان علاوه جيتري مون کي ڄاڻ 
                                آهي ته هن ماڳ جو نالو اڪبر دور کان اڳ ڪنهن به 
                                موءرخ جي تصنيف ۾ ڏس ۾ ئي ڪو نه ٿو اچي. ابوالفضل 
                                لکي ٿو ته هن جو نالو اٽڪ بنارس 
                                Attak 
                                Banaras 
                                آهي ۽ اڪبر بادشاهه جي دور ۾ ان جي تعمير ٿي هئي. 
                                بابر، نيلاب جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي، پر اٽڪ جو نالو 
                                ڪو نه کنيو اٿائين. رشيد الدين جو بيان آهي ته 
                                پاراش وارا ندي سنڌوءَ سان تنڪور 
                                Tankur 
                                جي ماڳن وٽ ملندي آهي. منهنجو خيال آهي ته سندس 
                                اشارو خيرآباد جي مضبوط قلعي ڏانهن آهي. گمان اهو 
                                ٿئي ٿو ته اٽڪ جو نالو اڪبر پاڻ ٺاهي ورتو هوندو، 
                                ڇاڪاڻ ته تنڪور جي اڳيان عربي اکر ال ملائي اچار 
                                الٽنڪور اچاريو پئي ويو ته هڪ قسم جي اٽڪ محسوس ٿي 
                                رهي هئي. تنهن ڪري ان کي نامناسب 
                                
                                Forbidden 
                                قرار ڏنو ويو هو. بناراس شايد بنار 
                                Banar 
                                مان نڪتل آهي. هيءُ ان علائقي جو نالو آهي جنهن ۾ 
                                مذڪوره قلعو تعمير ٿيل هو. بنار 
                                Banar 
                                نالي جو بناراس ڏانهن اشارو آهي، جهڙيءَ ريت ڪاشي 
                                بنارس آهي، جنهن جي ياترا لاءِ هندو پيا هنجون 
                                هاريندا آهن. منهنجو اندازو آهي ته اڪبر اٽڪل ڪري 
                                هن شهر جو نالو اٽڪ بنارس رکيو، يعني اها بنارس 
                                جيڪا ممنوع آهي يا نامناسب آهي ۽ هن نالي کان ڄاڻ 
                                وارو هندو ضرور لهرائيندو. اهڙي ريت سندس 
                                شهنشاهيءَ جي اوڀر پاسي اوڙيسا ۾ ڪٽڪ بنارس (93) 
                                Katakor Cuttaik Banaras 
                                
                                 جو ماڳ هو، جيڪو معنيٰ ۽ مطلب جي ناتي سان اولهه 
                                واري اٽڪ بنارس جو ضد هو. 
                                
                                
                                مان سمجهان ٿو ته ويهند 
                                Wehand
                                
                                
                                يا اُهند 
                                Uhand
                                
                                
                                 جي صحيح آهي ۽ هيءُ شهر ڪابل جي برهمڻ راجا جي 
                                راڄڌاني هو، جنهن جي گهراڻي کي محمود غزنوي 1026ع 
                                ۾ ختم ڪري ڇڏيو مسعودي سن 915ع ۾ هندستان آيو هو. 
                                سندس بيان آهي ته  القنڌار 
                                (Gandhara) 
                                جو راجا السنڌ 
                                Es-Sind 
                                جي راجائن مان هڪ آهي. سندس نالو جاج 
                                Jahaj 
                                آهي. هتان جي راجائن جا اهڙا نالا پيا ڏسبا آهن 
                                (94) سنڌوءَ جي اوڀر پاسي اوهند جي آمهون سامهون 
                                چچ 
                                Chach 
                                جي نالي سان هڪ کليل ميداني علائقو به آهي. جهڙيءَ 
                                ريت بنار جي علائقي کي بنار راجا جي نالي پٺيان 
                                سڏيو ويندو آهي. ٿي سگهي ٿو، ساڳيءَ ريت اوهند جي 
                                راجا جي گهراڻي جي نالي پٺيان هي چچ وارو علائقو 
                                به سڏيو ويندو هجي. اچرج جهڙي ڳالهه وڌو هو. وڏي 
                                تعجب جهڙي ڳالهه اها به آهي ته ان ئي زماني ۾ 
                                ڪجورا 
                                
                                Khajura 
                                جي چونڊيل برهمڻ گهراڻي جي راجا کي چيچيتو 
                                
                                Chichito 
                                يا جاجهوتي 
                                
                                Jajgtoti 
                                مان بي دخل ڪري ڪڍي ڇڏيو. مان سمجهان ٿو ته هنن 
                                واقعن ۾ ڪو سلسلو ضرور آهي. امڪان آهي ته جاجهوتيه 
                                برهمڻن کجورا مان نڪري پنهنجي بادشاهيءَ جو بنياد 
                                اچي سنڌوءَ جي ڪنارن سان رکيو هجي. هنن پهريائين 
                                پنهنجي بادشاهي سنڌ ۾ قائم ڪئي. ان کان پوءِ اڳتي 
                                وڌي وڃي اوهند ۽ ڪابل ۾ پير ڄمايائون. شين سئنگ جي 
                                زماني ۾ هي شهر ويهه لي يا ٽن ميلن جي گهيري ۾ 
                                پکڙيل هو. منهنجو خيال آهي ته برهمڻ راجائن جي دور 
                                ۾ اهو ضرور وڌيو ويجهيو هوندو. معلوم ٿئي ٿو ته 
                                چنگيز خان جي نسل مان بادشاهن جي دور ۾ به هن چڱي 
                                موچاري ترقي ڪئي. هنن سندس نالو بدلائي ڪارا جانگ 
                                Kara jang 
                                رکيو هو. پر آمدرفت وارو رستو اتان وڪڙ ڪري مٽي 
                                ويو. سنڌوءَ به هن شهر سان کونس ڪرڻ شروع ڪئي. ان 
                                ڪري هي شهر هوريان هوريان ناس ٿيندو ويو. پتو پوي 
                                ٿو ته سنڌو هن شهر جو پورو اڌ پائي وهائي کڻي ويو 
                                (95) ان کان پوءِ اٽڪ شهر جي تعمير شروع ٿي. شهر 
                                جو ڀنجهو درياه جي واريءَ سان گڏجي دڙا ٿي ويو. 
                                ڌوڙڌئا سونجهڙيا سون ڳولڻ وقت هنن ماڳن مان ننڍا 
                                وڏا سونا زيور ۽ سڪا به لهي وٺندا آهن هنن اهڃاڻن 
                                مان پتو پوي ٿو ته مذڪوره شهر ڪيڏو نه سکيو ستابو 
                                هو. مون به اتي ٿوري جتن سان هڪ ڳچي جو زيور، ڪٽ 
                                جون سرمي پائڻ جون ڪيتريون ئي سرايون هند-سٿين ۽ 
                                ڪابل جي برهمڻ گهراڻي جا جهجها سڪا هٿ ڪيا. 
                                هند-سٿين راجائن جا سڪا ته گهني وقت کان وٺي 
                                لڳاتار ملندا اچن ٿا. هن حقيقت مان اها ڳالهه ثابت 
                                ٿئي ٿي ته هيءَ شهر پهرين عيسوي صديءَ کان اڳي 
                                آباد هو. ان ڪري اسان کي ابوالفداء 
                                Abul 
                                feda 
                                جي هن روايت کي سچو مڃڻو پوندو ته ويهندا يا 
                                اوهند، انهن شهرن مان هڪ آهي جن جو بنياد سڪندر 
                                رکيو هو. 
                                
                                
                                ائرين جو بيان آهي ته پيو ڪلوٽي 
                                
                                Peukeloati 
                                جي آڻ مڃڻ کان پوءِ سڪندر، ڪابل درياه جي ڪناري 
                                سان آباد ٻيا شهر به فتح ڪري ورتا. پوءِ پيش قدمي 
                                ڪندو اچي ايمبوليما 
                                
                                Embolima 
                                وٽ پهتو. هي شهر آرنوس 
                                Aornos 
                                جبل کان گهڻو وٿيرڪو ڪو نه هو. هتي ڪراٽيرس 
                                
                                Kraterus 
                                
                                کي کاڌي خوراڪ جي شين ڪٺي ڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو. 
                                ڇاڪاڻ ته شهر جي گهيري جي وڌي وڃڻ جو امڪان هو. 
                                بازاريا ڏانهن وڌڻ کان اڳ ۾ سڪندر دور انديشيءَ 
                                کان ڪم وٺي هيفاشن ۽ پرڊيڪاس 
                                
                                Perdikkas 
                                کي سنڌوءَ ڏانهن روانو ڪيو. انهيءَ مقصد سان ته 
                                اڪرڻ واسطي جيئن مٿس پل جوڙي سگهن. بدقسمتيءَ جي 
                                ڳالهه اها آهي ته مورخن مان ڪنهن ان جاءِ جو ذڪر 
                                ڪو نه ڪيو آهي. جتان سڪندر پل وسيلي سنڌوء اڪريو 
                                هو. پر جيئن ته کاڌي خوراڪ جو بندوبست ايمبوليما 
                                جي اوسي پاسي ڪيو ويو هو، ان ڪري منهنجو ويچار آهي 
                                ته پل به اتان بنائي وئي هوندي. جنرل ائبٽ 
                                ائمبوليما جي ماڳ کي امب-بليما 
                                Amb 
                                Blima 
                                جي ٿاڪن وٽ ٻڌائي ٿو، جيڪو سنڌوءَ جي ڪناري ۽ 
                                مابان 
                                Maban
                                
                                
                                 کان اٺ ميل اوڀر طرف آهي. جيڪڏهن اها پڪ ٿئي ٿي 
                                ته مابان آرنوس يا آرناس جبل آهي ته پوءِ ٻين سڀني 
                                جاين جي سڃاڻ جا منجهيل مامرا نبري ويندا. پر 
                                منهنجي خيال ۾ مابان جي سڃان وارو مامرو سوال جي 
                                نشاني بڻيو بيٺو آهي. منهنجي ويچار موجب اوهند يا 
                                انبز اوهند 
                                Ambar 
                                Ohind 
                                ۽ ايمبوليما ججو ماڳ هڪڙو آهي. انبر، اوهند کان ٻه 
                                ميل اتر ۾ آهي ۽ اهو هندستان جي ان رواج مطابق آهي 
                                جو هو ٻن شهرن جا نالا گڏائي اچاريندا آهن. اهڙو 
                                مثال اٽڪ ۽ ڪٽڪ بنارس جو آهي. آهڙيءَ ريت جهلم جي 
                                ڪنڌيءَ سان ٻيو اوهند به موجود آهي، جنهن کي فقط 
                                اوهن 
                                Ohin 
                                ڪري اچاريو ويندو آهي. هتي هڪڙي ڳالهه ضرور ڌيان ۾ 
                                رکڻي پوندي ته ايمبوليما يا ايڪبوليما 
                                
                                Ekobolima 
                                يوناني طرز جا نالا آهن. ان جي جاءِ وقوع جو بيان 
                                اهڙو آهي جو اها جاءِ ڪابل درياه ۽ سنڌوءَ جي سنگم 
                                وٽ موجود معلوم ٿئي ٿي ۽ ان جاءِ جو ڏس پتو ٽالمي 
                                (920) ڏنو آهي. هن حقيقت موجب اوهند لاءِ اها 
                                دعويٰ بلڪل سچي ۽ کري آهي. اهو به ته سنڌوءَ تي پل 
                                ايمبوليما ڀرسان جوڙي وئي هئي، ڪرٽس جي بيان مان 
                                به اها ڳالهه ظاهر آهي ته سڪندر جڏهن آرناس جي فتح 
                                کان پوءِ سنڌوءَ جي اولهه وارو سارو علائقو فتح 
                                ڪيو ته هو ايڪبوليما 
                                
                                Ecbolima 
                                (97) ڏانهن وڌيو ۽ اها حقيقت به ائين آهي، جيئن 
                                مون سمجهيو آهي. هيفاشن ۽ پرڊيڪاس به هن ماڳ وٽان 
                                پل جوڙي هئي. اهڙيءَ ريت ڪرايٽرس کي به اهڙو حڪم 
                                ڏنو ويو هو ته کاڌو خوراڪ ۽ ٻيو گهربل سامان سٿرو 
                                ميڙي چونڊي ان ئي ٿاڪ تي آڻي گڏ ڪري، منهنجو 
                                اندازو آهي ته کاڌي خوراڪ ۽ ٻئي گهربل سامان جا 
                                ڀانڊا ڀري اتي رکيا هوندائون، ڇاڪاڻ ته پڏل ۽ ان 
                                سامان جي حفاظت واسطي فقط هڪ ئي فوجي چوءڪي ڪافي 
                                هئي. 
                                
                                
                                
                                سلاتورا 
                                
                                Salatura 
                                يا لهور 
                                
                                
                                هن ماڳ وٽان ٿيندو شين سئنگ سو-لو-تو- لو 
                                So-lo-Tu-lo 
                                ڏانهن روانو ٿيو هو. هي هنڌ، گرامر جي مشهور ڄاڻو 
                                پاڻڻي 
                                Panini 
                                جي جنم ڀومي هو. جيڪو اوهند کان ويهه لي يا سوا، 
                                ٽي ميل اتر- اولهه طرف تي واقع هو.مان سن 1847ع ۾ 
                                هڪ ڏينهن جي وسرام لاءِ اچي هن ننڍڙي ڳوٺ لهور ۾ 
                                ترسيو هوس مون جاچي ڏٺو ته واقعي اولهند کان ٽي 
                                چار ميل اتر- اولهه ڏس تي هو. مون هن جاءِ تان 
                                يونانين ۽ هند- سٿين دور جا سڪا لڌا هئا، جنهن مان 
                                اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هي ماڳ قديم آهي يا گهٽ ۾ 
                                گهٽ پاڻڻي جي دور جيترو پراڻو اهي، جيڪو 350 ق.م 
                                ٿي گذريو آهي. تنهن ڪري مون کي اهو چوندي هٻڪ ڪانه 
                                ٿي ٿئي ته سلاتورا جو ماڳ لهور ئي آهي. هن لفظ مان 
                                جيڪڏهن پهريون اکر ڪڍي ڇڏجي ته هي لفظ تارونءَ 
                                بدران حلق مان اچاري سگهبو. اولهه هندستان جا 
                                ماڻهو تارونءَ جي اچار کان حلق جي اچار کي وڌيڪ 
                                پسند ڪندا آهن. جهڙيءَ ريت سنڌو درياه 
                                Sindhu 
                                river 
                                کي هندو دريا 
                                Hindu 
                                river 
                                يا انڊس سڏيندا هئا. سنڌوءَ جي ڪنڌين ۽ ڪنارن سان 
                                وسندڙ ماڻهن کي هندو يا 
                                
                                Indians 
                                ڪوٺيو ويندو هو. اهڙي ريت سلاتورا وري هلاتورا
                                
                                
                                Halatura 
                                يا آلاتورا 
                                Ala 
                                tura 
                                ۾ مٽجي ويو، جيڪو بگڙي لهور ٿي ويو. ان حساب سان 
                                جنرل ڪورٽ هن ڳوٺ جو نالو لئوور 
                                Lavor 
                                لکيو آهي. 
                                
                                
                                
                                آرناس يا آرنوس 
                                Aronos 
                                
                                
                                 سنڌوءَ جي اولهه پار وارن علائقن جو بيان ڪندي 
                                آرنوس جي اڻ چٽي جاءِ وقوع بابت ٻه ٽي لفظ چوڻ 
                                چاهيان ٿو. هن موضوع تي جنرل ڪورٽ سن 1836ع ۾ 
                                هيٺينءَ ريت لکيو آهي: جيستائين آرنوس جو تعلق آهي 
                                ته هيءُ قلعو اٽڪ جي سامهون هو. ان جا اهڃاڻ جبل 
                                جي چوٽيءَ تي اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. هن قلعي جو 
                                بنياد راجا هودي 
                                Hodi
                                
                                
                                (98) رکيو هو. سن 1848ع ۾ مون هن حقيقت ڏانهن 
                                اشارو ڏنو هو ته راڻي- گهاٽ 
                                Rane-gat 
                                نالي هڪ وڏو قلعو آهي، جيڪو هڪ ٽڪريءَ تي ٺهيل 
                                آهي، جيڪو نوگرام 
                                Nogram 
                                ڳوٺ کان بلڪل مٿان ۽ اوهند کان سورهن ميل اتر- 
                                اولهه طرف آهي ۽ اهو به پڻ ٻڌايو هيم ته آرنوس 
                                قلعي بابت ائرين، اسٽئربو ۽ ڊايوڊورس 
                                
                                Diodorus 
                                جي ڏنل بيانن سان سندس جاءِ وقوع ڀچي ٿو اچي ويندي 
                                اوچائي تائين راڻي- گهاٽ جو قلعو هڪ هزار فوٽ مٿي 
                                ٿيندو. ايڏي وڏي قلعي جي اوچائي تمام گهڻي آهي 
                                (99) سن 1854ع ۾ جنرل جيمس ائبٽ هن موضوع تي هڪ 
                                ڊگهو مقالو لکيو آهي، جنهن ۾ هن ڪيترن بنيادي 
                                تاريخي ڪتابن  تي تنقيد ۽ بحث ڪيو هو. آخر ۾ هن 
                                نتيجي تي پهتو هو ته مابان واري اتاهين ٽڪري ئي 
                                آرنوس وارو ٿاڪ آهي (100). سندس هن خيال تي مسٽر 
                                لووينٿل کي سخت اعتراض هو، جنهن کيس 1863ع جي 
                                شروعات ۾ ان جي جواب ۾ هڪ مضمون لکيو هو. سندس چوڻ 
                                هو ته اٽڪ جي سامهون راجا هودي جي جنهن قلعي جي 
                                موجودگيءَ جو ذڪر ڪيو ويو هو، تنهن بابت پهريون 
                                اشارو جنرل ڪورٽ ڏنو هو (101). ان سال جي پڇاڙيءَ 
                                ڌاران جنرل ائبٽ مسٽر لووينٿل جي اعتراضن جو جواب 
                                ڏنو ۽ پنهنجي هن خيال تي زور ڏنو ته: ”ماباڻ 
                                تاريخي طور آرنوس آهي.“ پر ان هوندي به اهو سوال 
                                ”بحث واسطي کليل“ (102) آهي. 
                                
                                
                                تنهن ڪري مان هن موضوع تي بحث کي کولي رهيو آهيان. 
                                منهنجو ويچار آهي ته هن قسم جي بحث مباحثي وسيلي 
                                سڪندر جي موءرخن جيڪي مونجهارا ۽ ڏکيائون پيدا 
                                ڪيون آهن، تن جو سولو پهو ٿي سگهندو. مون کي شڪ 
                                اهو ٿئي ٿو ته جاکوڙ ۽ جتن ڪري آنوس کي ووڙي ولاڙي 
                                کڻي ڳولي به لهجي پر اهڙيءَ لاڌ ڪري ڪنهن کي به 
                                اطمينان ڪو نه ٿيندو ته واقعي اهو ساڳيو آرنوس آهي 
                                يا نه. حقيقت اها آهي ته دلي اطمينان ۽ پڪ ته مون 
                                کي به ڪانه ٿي ٿئي. جيڪڏهن هن مامري ۾ مان سوڀارو 
                                نه به ٿيس ته ناڪاميءَ ۾ جنرل جيمس ائبٽ ۽ آنجهاني 
                                لووينٿل به مون سان شريڪ آهن.  |