سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :12

 

 

(2)

ميٺارام هاسٽل، ڪراچي.

ايڊيٽر ڀائو، ”مهراڻ، جو سيارو، بهار ۽ اونهارو نمبر، ميز تي، آڏو پيا اٿم ۽ آءٌ انهن بابت ڪجهه لکڻ جي تمنا پوري ڪرڻ لاءِ قلم هٿ ۾ کنيو ويٺو آهيان. ”مهراڻ“، سنڌي سماج لاءِ ڇا آهي- اهو ويچاريندي، مون کي ڏينهن گذري ويا آهن: آءٌ، پنهنجي دماغ ۾ اسريل هر تشبيهه کي ريٽي، ڪنهن ٻيءَ سٺيءَ تشبيهه جي تلاش ۾ مگن ٿي ويندو آهيان.

باک ڦٽيءَ ويل، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج جي محيط عمارت پوئتان، اسرندڙ سج جو پهريون ڪرڻو منهنجي دريءَ مان ليئو پائي، منهنجي ڪن ۾ هڪ هلڪي سرگوشي ڪندو آهي؛ ڄڻ چوندو آهي ”اٿ گهڻو ستين، صبح ٿيو ٿي، اٿ!“ ۽ پوءِ آءٌ اکيون پٽي، دريءَ مان انهيءَ عظيم عمارت طرف نظر ڪندو آهيان. منهنجي من ۾ انهيءَ تروري جي سرگوشي هڪ هلڪي ڪتڪتاڙي ڪندي آهي ۽ جهيڻي جهيڻي مرڪ منهنجي چپن تي ٽلڻ لڳندي آهي. انهيءَ وچ ۾ سج جا ڳچ جيترا ترورا منهنجي دريءَ مان اندر لنگهي ايندا آهن ۽ مون کي وڪوڙي ويندا آهن. انهيءَ ننڍڙي تروري کي آءٌ هوند ڪنهن سهاڳڻ جي پهريٺي پُٽ سان تشبيهه ڏيان، جنهن جي ڏٺي سهاڳڻ جو سينو زندگيءَ جي امرت رس سان ڀرجي ايندو آهي- ۽ هُو ڳچ جيترا ترورا آءٌ هوند انهيءَ سهاڳڻ جا ٻيا ٻار چوان جن کي حاصل ڪري هوءَ پنهنجي زندگي سَڦل سمجهندي آهي ۽ جن تي ناز ڪري هو ڳاٽ مٿي ڪري هلندي آهي! ۽ پوءِ جڏهن هي ڍڳ ترورا مون کي وڪوڙي ويندا آهن، آءٌ ڪر موڙي، هنڌ ڇڏي، اٿي وهندو آهيان؛ ۽ ان بعد ڏينهن پنهنجي مشغولين سان مون کي وڪوڙي ويندو آهي. اءٌ زندگيءَ جي جدوجهد ۾ جنبي ويندو آهيان، تان جو شام جو جهيڻي جهيڻي اوندهڙي منهنجي ڪمري کي ڪنهن ڪنوار جي اجرڪ جيان ويڙهي ويندي آهي، ۽ آءٌ بتي ٻاري پروانن سان گڏ نيڻ ساڙڻ لڳي ويندو آهيان!

دل ٿي چوي ”مهراڻ“ کي انهيءَ پهريٺي تروري سان تشبيهه ڏيان. جيئن منهنجي مختصر ذاتي زندگيءَ ۾ سج جو اهو پهريون ترورو هزار معنائون ٿو رکي، تيئن ”مهراڻ“ به سنڌي سماجڪ زندگيءَ ۾ هزار معنائون رکندو هوندو: جيئن اهو ننڍڙو ترورو منهنجي من ۾ ڪتڪتاڙيون ٿو ڪري، تيئن ”مهراڻ“ به سنڌي سماج جي دلين ۾ ڪندو هوندو: جيئن هي ترورو منهنجي ڪن ۾ سرگوشي ڪري چوي ٿو ”اٿي گهڻو ستين؛ صبح ٿيو ٿي، اٿ!“ تيئن ”مهراڻ“ هر پڙهندڙ جي ڪن ۾ ضرور اها ڀڻڪ ڀڻڪندو هوندو. ۽ شايد هن پهريٺي تروري- ”مهراڻ“ پڄاڻان ڳچ جيترا ترورا پيدا ٿيندا ۽ پوءِ جيجل سنڌڙي سدا سهاڳڻ جيان، اوچو ڳاٽ کڻي، انهن جي وچ ۾ جهومي اٿندي، الله ڪري منهنجي هيءَ آس پوري ٿئي!

مون کي خبر نه آهي، ”مهراڻ، لاءِ ٻيا ڇا ٿا چون. هن جهان ۾ هر قسم جا ماڻهو آهن، هر قسم جي وائي ٻڌي سگهجي ٿي. مون لاءِ ”مهراڻ“ ان ڪومل مکڙيءَ مثل آهي، جنهن جا اڃان رڳو ٽي ورق وريا آهن. جيئن ڪو ڀونرو ڪنهن مکڙيءَ کي ٽڙڻ اوڏو ڏسي، هن جي چوڌاري انتظار مان پهرن جا پهر چڪر لڳائيندو هجي، آءٌ پڻ هن گل ٽڙڻ جو منتظر آهيان. پر پوءِ ڀائو، هن گل ۽ عام گلن ۾ فرق رڳو اهو رهندو ته ٻيا گل ٽڙندي ئي مرجهائي ويندا آهن ۽ هي گل ٽڙيو ته وري نه ڪومائبو- شرط رڳو اهو ته هڪ وار ٽڙي بيهي! توهين باغبان آهيوس، پنهنجي رت تي تاتيو آٿَوس: تنهن هوندي به دل ٿي چويم ته توهان کي چوان، ”ڀائو! پارت اٿو، متان راهه هلندي ٿڪجي پئو!“ ها، منهنجي دل ائين چوڻ لاءِ مجبور ٿي ڪري جو آءٌ پڻ انهن هزارين ڀنورن مان هڪ آهيان، جن جي روح جي پياس هن گل جي رَسُ اجهائيندي.

ڀائو، مون ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل بيت پڙهيا، بيت پڙهندي، الائجي ڇو، منهنجي من تي ”شاهه“ جو بيت تري آيو-

”جي تو بيت ڀانيا، سي آيتون آهين،

نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي!“

۽ جڏهن ”نئون نياپو“ ڏٺم ته الائجي ڇو، گهڻيءَ تائين جهونگاريندو رهيس-

”ڏنيون مون کي ڏات، ڳوڙهن ڀريون ڳالهڙيون،

لنوي منهنجي لات، ڏکڙا ساري ڏيهه جا!“

”شل سنڌ جي سڀني شاعرن جي لات ڏيهه جا ڏکڙا ساري ئي لنوندي ڪري!“ مون آڪاس طرف نيڻ کڻي چيو.

ڪافين پڙهندي، منهنجي نظر ”گراميءَ“ جي ڪافيءَ تي پئي-

”سڪ سور جو کڻ ڪو ثمر، آهي زمانو دم گذر،

اوکو ’گرامي‘ آ سفر، گهم عشق جون گهائل گهٽيون!“

پڙهي، مون کي احساس ٿيو ته آءٌ اڪيلو ڪين آهيان. ڪي همزبان پيا پنهنجي پنهنجي سرتار تي ساڳيو نغمو جهونگاريندا هلن. ۽ آقي باقي جو ”اياز“ جي ڪافي ڏٺيم-

”وڃون ٿا پيا سير جي اڄ سهاري،

نه ترهوئي تاڻيو نه ڪي آهيون تارون!“

ته دل چيو، هن وچ وهڪري ۾ ته ڪي هم سفر به آهن: منهنجي نيڻن تي خوشيءَ جا لڙڪ لڙي آيا!

ڪافين ۾ البته ڪي ڪافيون اهڙيون به هيون، جيڪي دل کي ناگوار لڳيون. ’نالي چڙهيو واپاري کٽيو کائي‘ واري مثال هيٺ ڇپيل ٿيون ڏسجن، ڪنهن جي دل آزارڻ ڪين ٿو چاهيان، انهيءَ ڪري ڪنهن ڏانهن اشارو ڪين ڪندس. ڪافين ۾ لفظ استعمال ڪرڻ وقت، دوستن کي ٻين جي لطيف جذبن جو به خيال رکڻ گهرجي. عشق ۽ حسن جو مقابلو ڪندي به، عشق کي ايترو ڪيرڻ نه جڳائي جو ذهن کي نه آئڙي.

ان بعد گيت آهن- گيت منهنجي روح جي پڪار!

”دلگير“ جي ”آٿت“ پڙهندي، جڏهن ”مفاصلي کي اسان ترت ئي ڪنداسين طئي“ پڙهيم، يا ”برده“ جي ”مستاني رت“ پڙهندي جڏهن ”بيهي چائنٺ وٽ چتايان، روز صبح جون راهون“ پڙهيم، ته منهنجي دل ۾ آس اجاگر ٿي. زندگيءَ جي هر راهه تي آءٌ اهي گيت جهونگاري سگهان ٿو. هر دور ۾ (ايندڙ نسلن ۾ به) ڪو ڀونرو پنهنجي مکڙيءَ جي ڪن ۾ اهي گيت ڀڻڪي سگهندو، ۽ اهڙيءَ طرح، شايد هي گيت امر رهندا، ۽ انهيءَ ڪري ”مهراڻ“ امر رهندو.

گيتن ۾ مون ”نياز“ همايونيءَ جو گيت به پڙهيو. هو يار مون کان به وڌيڪ نراس پيو ڀاسي. چوي ٿو:

”هيج ٽٽي، آس رُني، تون نه آئين دادلا!

ڀيج ڀني، رات پُني، تون نه آئين دادلا!“

۽ ان بعد ”تنوير“ جو:

”صبح نه آهي دور ساٿي، صبح نه آهي دور!“

پڙهيم، ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ آءٌ نراس جي پينگهه لڏي رهيو آهيان. اجها پينگهه چڙهي- آس بڻي؛ اجها پينگهه لٿي، نراس نهوڙيو. اهي گيت، ڀائو! مون کي هن خس و خاشاڪ جي دنيا مان اڏائي، مٿي مٿي، فضائن ۾ کڻي ويا- جتي مست روح ازل جي انگورَ رس اوتي، پِي، جهومندا ڳائيندا پئي وتيا.

اڳلو باب نظم جو آهي. ٻئي پرچي ۾ پهريون نظم جو پڙهيم، ته شڪيس- مزوئي نه پيو ڏئيم! ڇا ڪيم جو اهو نظم سڌو اچي اسان جي بورچيخاني ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪري ”ڪانڊيري“ کي پڙهي ٻڌايم، ڪانڊيرو ڏاڍو گستاخ ڇوڪرو آهي. چيائين. ”سائين! دٻي ۾ ٺڪريون. پنهنجي پڙ ڪي ڪين پيو!“ ڪانڊيرو نوابشاهي سنڌي آهي ۽ مون سان گڏ چار درجا سنڌي پڙهيو هو. هن ڪجهه نه سمجهيو ته مون کي ڪاوڙ اچي ويئي، ۽ مون اهو باب پوءِ ترڪي ڇڏيو. پنا اٿلائيندي، سڌو آزاد نظم تي اچي بيٺس ۽ دل چيو ته جيڪر ”حيدريءَ“ کي ڪن ۾ چوان، ”ذرا پنهنجي آواز کي ٻڌ“:

”ذرا هوشياريءَ سان ……

اڄ رات ڪٺن آئي آهي،

ڀڙڪي نه اٿن،

تاريڪ فضائن جي گهرن غارن ۾ لڪل

بگهڙن جي نگاهن جا شعلا!“

۽ پوءِ آءٌ ڪيتري دير تاريڪ فضائن جي گهرن غارن ۽ انهن ۾ لڪل بگهڙن بابت ويچاريندو رهيس. مون ننڍي لاءِ پنهنجي ناني کان ديون ۽ پرين جون انيڪ ڪهاڻيون ٻڌيون آهن. انهن ڪهاڻين ۾ ڄاڻايل ديون جي خوفناڪ شڪلين کي راوي پنهنجي بيان سازيءَ جي ڏات سان زياده خوفناڪ بڻائي ڇڏيندو هو ۽ منهنجي ڪچڙي ذهن تي هڪ عجيب خوف طاري ٿي ويندو هو، ۽ آکاڻيءَ هلندي هلندي آءٌ چئي اٿندو هوس ”نانا!“ نانو آکاڻي روڪي ڇڏيندو هو ۽ ٿوري دير ساهه پٽي آءٌ چوندو هوس، ”ها، نانا! پوءِ؟“ ”- ۽ پوءِ ……“ ناني جي آکاڻي ڪوريئڙي جي ڄار جهڙيون گهنڊيون هڻندي، اڳتي وڌي هلندي هئي، اڄ انهن تاريڪ فضائن جي گهرن غارن ۾ لڪل بگهڙن جو ويچار ڪندي، ناني جي آکاڻين وارا ديو منهنجي اکين آڏو اُڀري آيا، ۽ مون کي سياٽو وٺي ويو.

ان بعد ”مهراڻ“  جو روح، ادب لطيف ۽ افسانا پڙهيم. پڙهندو رهيس ۽ سوچيندو رهيس. منهنجي ويچارن جي زنجير انهن افسانن جي ڪردارن کي پنهنجيون ڪڙيون بڻائيندي، انهن افسانن جي ڏيکاريل ماحول جي فضائن تي تَرندي، پري پري تائين پکڙجي وئي، ۽ مون محسوس ڪيو ته هيءَ زنجير افق تائين وڃي رسي آهي، جتان اڀرندڙ سج جي روشني ڌيري ڌيري وڌي، دنيا تي پکڙندي پئي وڃي.

هڪ هڪ افساني، ڊرامي کي ياد ڪرڻ ويهندس ته رات وهامي ويندي. دل ٿي چوي انهن سڀني ليکڪن جا هٿ چمان ۽ نمرتا مان چوان ”جس لهڻُوَ، ڀائو!“

اتي پهچي، انهن ننڍڙن ننڍڙن مقولن جي يادگيري آئي اٿم، جيڪي ڪٿي ڪٿي صفحن جي پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آهن. جن جا اهي مقولا آهن انهن کي ڪجهه آکڻ ته ٿيو هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڏيکارڻ. پر جنهن يار اهي چونڊيا، تنهن پڻ جس لهڻو. ڏاڍا وڻيا؛ اصل، بيحد!

پڇاڙيءَ ۾ مضمون ڏنل آهن. مضمون ڪوبه اهڙو ڪين نظر آيم، جيڪو هروڀرو ”مهراڻ“ جي معيار کان بنهه ڪريل هجي. ڪي ته بنهه لاجواب آهن. البته هيءُ حصو پڙهندي به اهو احساس ٿيو ته هت پڻ ”نانوَ چڙهيو واپاري کٽيو کائي“ واري ڳالهه، اڻ لِکي ئي سهي، پر جيڪا سا، ٺهڪي ٿي اچي. ”منڇر جون موجون“ سچ ته منهنجي من ۾ به موج مچائي ويون. هي محبوباڻي ڀائو ڪو سچ پچ ”محبوب“ ٿو نظر اچي. ”ڪڇ جي عوامي شاعر جو ڪلام“ ٻڌي، ذهن ۾ ڪي جهيڻا جهيڻا خاڪا اڀري آيا، اوهان مَرُ انهن خاڪن کي هوائي قلعا چئو، پر آءٌ الائجي ڇو ڏاڍو پراميد آهيان ۽ الائجي ڪيئن زبان تي شاهه جو بيت:

”آس نه لاهيندياس، موٽي ايندا مون گهرين“-

تري آيو، ۽ پوءِ ايتري دير آءٌ پنهنجي ماضيءَ جي عميق گهراين ۾ تڙڳندو هليو ويس. ننڍي لاءِ جا يار، گڏ- کيڏيا جيڏا، جن کي ڪياماڙيءَ تي بيهي ڀِنل نيڻن سان الوداع ڪئي هيم، دماغ جي پردن تي ٽلندا رهيا ۽ آءٌ سوچيندو رهيس.

اهڙيءَ طرح ڀائو! گذريل رات ”مهراڻ“ جا هي ٽي پرچا ڏسندي گذري وئي. اڄ رات توهان ڏانهن خط لکڻ جي نذر ڪئي اٿم. آءٌ ڀلا ”مهراڻ“ جي شان ۾ ڇا لکي سگهندس؟ رات جيڪي دل تي وهيو واپريو سو ميڙي سموئي هن ڪاغذ تي پيٽيو اٿم. ”مهراڻ“ صنم هجي ها ته آءٌ برهمڻ بڻجندي ويرم ڪين ڪيان ها يا شايد ديوداسي بڻجي هن اڳيان جهومندي ڳائيندي، پنهنجو جيون صرف ڪري ڇڏيان ها. مون کي ”مهراڻ“ لاءِ ڏاڍي عقيدت ٿي پئي آهي ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ڪنهن ڪنڍيءَ ۾ اٽڪائي ”مهراڻ“ سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. ”مهراڻ“ جي هر پرچي جي تانگهه دل ۾ واسو ڪيو ويٺي آهي. ٽئين پرچي ملئي اڃان ڏينهن ئي گهڻا ٿيا آهن! ۽ آءٌ چوٿين پرچي لاءِ اکيون پائي ويٺو آهيان! ڪڏهين ڪنهن دوست سان ”مهراڻ“ بابت ڳالهه نڪرندي آهي ته پهرن جا پهر انهيءَ پچار ۾ گذري ويندا آهن ۽ ان بعد پڻ ائين محسوس ڪندو آهيان ڄڻ ڪجهه نه چيم، ڪجهه نه ڪيم!

دعا ڪهڙي ڏيانوَ، من جا اڌما، دل جا جذبا، اوهان سان ساڻ آهن ۽ مون فقير جي گودڙيءَ ۾ انهن ڌاران ٻيو آهي به ڇا؟ رات، ڀائو! گهڻي وهامي وئي آهي. هيترڙي لکئي به هن وقت رات جا اڍائي پيا ٿين. ٽپڙ سهيڙيان، گودڙيون پٿاريان- تيسين ٽي لڳي ويندا. آءٌ انهيءَ وقت سمهي پوڻ پسند ڪندو آهيان، ڇو ته انهيءَ وقت ننڊ منهنجي اکين ۾ کيپ چاڙهي ڇڏيندي آهي ۽ قلم هٿ مان ڇٽي وڃڻ لاءِ بنهه ٿيڙ پيو کائيندو آهي.

اوهان جو: شيخ حفيظ

 

(3)

- محترمي!…… مون ڪجهه سال اڳ الائي ڇا جو ڇا پئي لکيو. بس ڀانيم پئي ته چوڌاري اوندهه آهي، جنهن ۾ هٿوراڙيون هڻي رهيو آهيان. نون ليکڪن لاءِ ڪو عارضي مرڪز به نه هو، جتي هو گڏ ٿي سگهن. بس رڳو لکڻ لاءِ، يا وندر سمجهي پئي لکيوسين.

جيئن اهو صحيح آهي ته جڏهن انسانن ۾ گڏجي رهڻ جي خواهش پيدا ٿي، هنن هڪ ٻئي سان ڳالهايو ۽ ڪن وقتن تي کين پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي قلمبند ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي ۽ ائين ٻولين جو واڌارو ٿيو، تيئن آئنده نسلن پنهنجي ٻولين جي علمي ۽ ادبي ورثي جو قدر ڪيو ۽ ٻه وکون اڳتي وڌي ويا، ۽ ڪڏهن اهو وقت به آيو جو نون نسلن ان طرف کان ڌيان هٽايو ۽ علم ادب کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. جي اسين مڃون ٿا ته انساني زندگيءَ جي بدلجڻ سان قومن جي ادب تي پڻ اثر پوي ٿو، ان ۾ پڻ ڦيرو ايندو رهي ٿو، ته اسان کي اهو به سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته زندگيءَ جا به ڪي قاعدا قانون مقرر ٿيل آهن، جيڪي ترقيءَ ۽ تنزل جا قانون آهن. زندگي به ارتقائي عمل جي پابند آهي.

ڪجهه سال اڳ اهو نه پئي سمجهيم ته ”ادب پهريائين خارجي زندگيءَ مان پنهنجو مواد حاصل ڪندو آهي ۽ پوءِ فنڪار جو داخلي ردعمل ان ۾ شامل ٿي ويندو آهي.“

منهنجي اڳوڻين لکڻين ۾ رڳو داخليت هئي. هينئر ان ۾ ماحول جو مشاهدو ۽ خارجي زندگيءَ جون حقيقتون شامل آهن. سماج جي اوڻاين جو احساس، اُن جي اوڻاين طرف اشارا اڄ جي هر حقيقت پسند ليکڪ جي فن ۾ لڀن ٿا.

هر ليکڪ کان ٽي عام سوال پڇي سگهجن ٿا: هو ڇو ٿو لکي، ڇا ٿو لکي، ۽ ڪهڙين حالتن جي اثر هيٺ رهي لکي ٿو؟

اهي سوال ٻين سڀني اديبن سان گڏ مون سان به لاڳو ٿين ٿا.

جڏهن انسان جي سمجهه وڌي ٿي ۽ سندس مشاهدي ۽ احساس ۾ گهرائي اچي ٿي، ته هو زندگي ۽ اُن ۾ ٿيندڙ واقعن کي ٻيءَ نگاهه سان ڏسڻ لڳي ٿو، ۽ اها سمجهه، اهو احساس جيئن جيئن پختو ٿيندو وڃي ٿو، تيئن تيئن هن جي انداز- نظر ۽ پرکڻ جي قوت کي وسعت ملي ٿي. جڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪا نئين ڳالهه معلوم ٿيندي آهي، ته هو اُها ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ پيو واجهائيندو آهي. اهڙيءَ طرح هر ڪوئي پنهنجي ڄاڻ جي خزاني مان ڪي جواهر عالم کي آڇڻ پسند ڪندو آهي. ۽ ائين هر ليکڪ وانگر آءٌ به جيڪي ڏسان ٿو، سو ٻين کي ڏيکاريان ٿو. جيڪي سمجهان ٿو. ٻين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. جيڪا شي پرکي پڌري ڪريان ٿو، ته عام کي به دعوت ٿو ڏيان ته هو به اُن کي غور سان ڏسن ۽ اُن جو کوٽو کرو الڳ ڪن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن کين ڇرڪائي ٿو ڇڏيان-  هو اُن شي کان ڇرڪن ٿا جيڪا مون هنن مان، هنن جي ماحول مان، چونڊي، فني چوڪٺ ۾ جڙي ڇڏي آهي. اها حقيقت نگاري آهي، جيڪا ”مئڪسم گورڪيءَ“ جي چوڻ موجب هر سمجهو ليکڪ جي فن جي جان ۽ روح هجڻ گهرجي.

ڇا، مان ذهني يا جذباتي تسڪين لاءِ لکان ٿو؟  انهيءَ قسم جو سوال ”ادب، ادب لاءِ“ جي نظريي جي قائلن کان پڇڻ گهرجي. اسان جي خيال موجب ته:

”ادب زندگيءَ جي تنقيد آهي، يعني پورو ۽ سچو ادب اهو آهي، جيڪو زندگيءَ جي سڀني لاهن چاڙهن تي روشني وجهي“ (ميٿو آرنلڊ). آسڪر وائليڊ جو قول آهي ته ”ادب زندگيءَ جا رستا مقرر ڪري ٿو. اهو اُن جو نقل نٿو ڪري، بلڪ زندگيءَ کي اصل مقصد ڏانهن وٺي وڃي ٿو. ادب ۽ زندگيءَ ۾ چولي دامن جو ساٿ آهي.“

مان ان لاءِ ٿو لکان جو سمجهان ٿو ته يا ته مون کي لکڻو آهي، يا بي احساس ماڻهن وانگر لنوائڻو ۽ ڪنڊ پاسو وٺي ويهڻو آهي- ۽ مان لکڻ ٿو چاهيان.

مان اِن لاءِ ٿو لکان، جو هي دور، موجوده حياتي، موجوده گندو ماحول مون کي پڪاري پڪاري چئي رهيو آهي ته ”لکندو رهه يا مري وڃ، بنهه ائين جيئن عام انسان، اٻوجهه مگر محنت ڪش انسان مري وڃن ٿا، جن ڏانهن ڪو اک کڻي نٿو نهاري، جن جو درجو سماج ۾ مقرر ٿي نه سگهيو آهي.“ سو مان انهيءَ لاءِ ٿو لکان جو مرڻ نٿو چاهيان ۽ حياتيءَ کي حسن بخشي ”هميشه جي حياتي“ ماڻڻ ٿو چاهيان.

ٻيو سوال آهي ته ”مان ڇا ٿو لکان؟“

اُن جو جواب به خاص اهميت رکندڙ آهي. اُن جي جواب ۾ مان هتي ”ايليا اهرن برگ“ جا هي جملا پيش ڪرڻ بهتر ٿو سمجهان: ”اديب کي رڳو صدين لاءِ ئي نه لکڻ گهرجي. هن کي مختصر گهڙين لاءِ لکڻ جو نمونو به اچڻ گهرجي. هڪ گهڙي، جنهن تي قوم جي قسمت منحصر هجي!“

اسان وٽ، اسان جي مٺڙي مادري ٻوليءَ ۾ اهڙو ادب موجود آهي، جيڪو صدين گذرڻ کان پوءِ ساڳي سونهن قائم رکيو پيو اچي. اسان کي گهڙين ۽ پلڪن جو ادب گهرجي. هن وقت اسين بحراني دور مان گذري رهيا آهيون، ۽ هر گهڙيءَ تي اسان جي قوم جي سمت پئي بدلجي، اسان کي اهڙو ادب گهرجي جيڪو هن بحراني دور کي پنهنجي اندر جذب ڪري وٺي، ته جيئن آئنده نسل اسان جي حالتن کي آڏو رکي وري ساڳين غلطين کي دهرائڻ کان بچي وڃن.

آءٌ سمجهان ٿو ته پنهنجي وس آهر اهو عظيم فرض بجا آڻي رهيو آهيان. هن وقت اسان کي جنهن ڳالهه ڏانهن سڀ کان پهريائين ڌيان ڏيڻ گهرجي سا ”ادب ۾ حقيقت نگاري“ آهي.

مان ڇا ٿو لکان؟- جيڪا وقت جي تقاضا آهي. اسٽالن جي چوڻ موجب، ”فن جون پاڙون عوام جي ذهنن ۾ هيٺ پختيون هئڻ گهرجن. فن عوام لاءِ سمجهڻ جوڳو ۽ وڻندڙ هئڻ کپي. اُن جو ڪم آهي ماڻهن جي جذبات، ويچارن ۽ ارادن کي متحد ڪرڻ ۽ کين اڀارڻ.“

ٽيون سوال آهي ته ”مان ڪهڙين حالتن هيٺ رهي لکان ٿو؟“ اُن جو لاڳاپو هر ليکڪ جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ سان  آهي. مان سمجهان ٿو ته ان جو جواب پهرين ٻن سوالن جي جواب ۾ ئي اچي ويو آهي.

مون کي ”خليل جبران“ جو هيءُ فقرو ڏاڍو پيارو لڳندو آهي ته ”حسن دانشمندن جو مذهب آهي.“ هر شاعر ۽ اديب جي تخليق جي بنيادي شي اهو حسن ئي آهي. سچ پچ ته حسن ئي زندگي آهي ۽ زندگي حسن. حياتيءَ جي چهري جي اُنهن حصن کي چتائي ڏسو جيڪي قبيح آهن، پر مان ٿو چوان ته انهن ۾ ڪيترو نه حسن آهي؟ ”’حسن‘ هميشه جي خوشي عطا ڪري ٿو“ اهو صحيح آهي. هر شاعر ۽ اديب دانشمند هوندو آهي ۽ تنهنڪري انهن مان هر ڪو حسن کي چاهيندو آهي. جيڪو حسن کان پري ٿو ڀڄي اهو ڄڻ ته زندگيءَ کان پري ٿو ڀڄي. دنيا جي جدا جدا ٻولين ۾ لکيل ڪتاب حسن تخيل جا ڪرشما ۽ شهڪار آهن. اسان جي طبع ۽ ذوق ۾ جو حسن آهي، ان جي وسيلي اسين انهن مان محظوظ ٿيون ٿا. مان آخر ۾ پنهنجي ديس جي دانشمندن کان سوال ٿو پڇان ته اي دوستو! اسان جي زندگيءَ جي مکڙيءَ تي ڪن ڪُڌن ڪارنهن مَلي ڇڏي آهي- ڇا توهين اُن کي وري حسين بنائڻ جو سعيو نه ڪندا؟ ……

- اوهان جو بشير مورياڻي.

 

(4)

ادا، ”مهراڻ“ جا ايڊيٽر، تسليم، هفتو کن ٿئي جو حيدرآباد آئي آهيان؛ جيڏين اصل جند نه ڇڏي، مگر اڄ چند گهڙيون ميسر اچي ويون، جي ”مهراڻ“ جي نذر ڪيان ٿي.

ٽيون پرچو نظر ۾ اٿم؛ چند ڳالهين طرف اوهان جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿي.

(1)     ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ جون قسطون شايع ڪري درحقيقت اوهين صرف صفحه پُري ٿا ڪريو. بيشڪ اهڙو ڪتاب ڪتابي صورت ۾ شايع ڪجي مگر ڪنهن رسالي جا صفحا ان لاءِ وقف ڪرڻ هڪ قباحت آهي.

(2)    ”منشي صاحب راءِ آزاد“ جي بدران بهتر هو ته اوهان ”بلبل“، ”عزيز“ ۽ ”بيوس“ جي متعق لکو ها؛ سنڌي رسالي ۾ ايڏا طويل فارسي ڪلام ۽ نظم سهڻا نٿا لڳن. 237 صفحي کان جو نظم شروع ٿيا آهن ته 251 صفحي تي ختم ٿيا آهن. ڇا 15 صفحا ڪا گهٽ ڳالهه آهي! بهتر هو ته اهي صفحا ”بلبل“ جي مزاحيه شعر لاءِ وقف ڪيا وڃن ها، يا ٻين شاعرن جي نظمن لاءِ، جي اسان وٽ نه آهن. فوت ٿي ويا آهن.

(3)    بهتر هو ته اسان جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب به ايڏين طويل قسطن بجاءِ ڪتاب ڇپائي ها ته ”مهراڻ“ جا صفحا ٻين جي ڪم اچن ها.

(4)    اهو ڏاڍو سٺو ٿيو جو اوهان ترجما ٿيل افسانا به شايع ڪيو ٿا؛ اڃا به چونڊ ڪري بهتر هٿ ڪيو. اردوءَ جي عظيم افسانه نگار منٽو جي افسانن ”نيا قانون“، ”هتڪ“، ”ممي“، ”دهوان“، ”ڪالي شلوار“ جا ترجما پيش ڪيو ته بهتر.

(5)     واشنگٽن ارونگ جي ڪتاب ”الحمرا جون آکاڻيون“ جو ترجمو، جي اوهان هڪ هڪ آکاڻي ڪري شايع ڪيو ته موڪلي ڏيان!

(6)    ”شعر“ جو باب ڏاڍو سٺو آهي، پر چند ڳالهيون ان ۾ کٽل آهن، جيئن: ”لولي“، ”سهرو“، ”اوسارا“، ”جهولڻو، وغيره!

(7)    هر پرچي ۾ ”هن شماري جا حسن ڪار“ جي عنوان هيٺ لکندڙن جا فوٽا ڏيو ته هوند ”مهراڻ“ جو حسن اڃا به وڌي وڃي.

(8)    تنقيد ته مهراڻ ۾ اصل آهي ئي ڪانه، بهتر آهي ته تنقيدي سلسلو به شروع ڪيو.

(9)    ”آيتون“ جي زير عنوان، شاهه صاحب جا سٺا چونڊ بيت شايع ڪندا: ان لاءِ هڪ صفحو ضرور وقف هجي.

(10)   ڪوشش ڪري ”فن ۽ تنقيد“ ۽ ”فن ۽ زندگي“ متعلق مضمون هٿ ڪريو.

(11)   ”رفتار عالم“ جي هيڊنگ هيٺ سنڌ جي ادبي ماحول تي سرسري نظر هئڻ گهرجي. ڪهڙا رسالا ڪهڙي طرز تي هلن ٿا، اخبارون ڪيئن آهن؟

(12)   ”نسواني تعليم، اسلام جي روشنيءَ ۾“ ۽ ”مغربي تهذيب ۽ اڄ جي عورت“ متعلق مضمون هٿ ڪري شايع ڪندا.

منهنجي هن خط کي ضرور شايع ڪندا، جو اميد اٿم ته سڄيءَ سنڌ ۾ ان کي پسند ڪيو ويندو- جناب اعليٰ، متان ان کي ”عورت کي عقل آهي کُڙين ۾“ سمجهي، ردي جي ٽوڪريءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو!

- اوهان جي ڀيڻ، مينڌري سعادتي، حيدرآباد.

 

(5)

ايڊيٽر صاحب ”مهراڻ“، ”مهراڻ“ مان ۽ منهنجون ساهيڙيون پڙهنديون رهيون آهيون. بيحد وڻيو. خاص طرح سان هي اونهارو نمبر. ان ۾ افسانا به آهن، ناٽڪ به آهن، مضمون به آهن ته ادب لطيف به آهي. هر طرح سان سٺو رسالو آهي جنهن جهڙو اڳ ڪڏهن نه پڙهيو هيوسي.

هن نمبر جي خاص سونهن تصويرون، افسانو ”چهڙِي“، ترجمو ”اکڙيون“ ۽ ناٽڪ ”ضعيف انسان“ آهي.

جناب عاليٰ! سچ ڇو ته ”چهڙي“ پڙهي آءٌ هنجون هارڻ لڳي ويس، ڇا سچ پچ اسان جي سماج ۾ ائين ٿئي ٿو- ۽ جڏهن ننڍڙي نينگر چوي ٿي ”دادا ڏي وٺي هل!“ ته اهو سوال سڄي سماج کان ئي ٿي ڪري، ۽ سماج چپ آهي! مطلب ته اهو افسانو بيحد پسند آيو، اميد ته آئينده به اهڙيون چيزون وجهندا رهندا. ڪريون اميد ته ايندڙ پرچو اڃا شاندار نڪرندو.

- اوهان جي ڀيڻ، زيب النساء قريشي، سکر سنڌ.

 

(6)

محترم ايڊيٽر صاحب!- ”مهراڻ“ جا ٻه پرچا (سيارو نمبر ۽ اونهارو نمبر) هيستائين پڙهي چڪو آهيان- خبر ناهي ته ڇو مون کي انهن پرچن کي پڙهڻ کان پوءِ ايتري قدر خوشي ٿي آهي، جو توهان کي هي مبارڪ باديءَ جو خط لکي رهيو آهيان. بيشڪ اوهين مبارڪباديءَ جا پوريءَ طرح سان لائق آهيو!

سچ پچ ”مهراڻ“ ادب جي هڪ رتن کاڻ آهي، هڪ ٽڙيل گلن جَو گلزار آهي ۽ موتين جو هڪ خزانو آهي، جنهن جا لهندڙ، مالي ۽ پائيندڙ نهايت سمجهو، ذهين ۽ فراخ دل آهن!

آءٌ ”مهراڻ“ پسند ٿو ڪيان، ڇاڪاڻ ته هو ادب جي ذريعي سنڌ ۽ سنڌين جو صحيح عڪس پيش ڪري ٿو ۽ انهن جو صحيح ترجمان آهي! ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته ”مهراڻ“ جي همت افزائي ڪرڻ سنڌي ادب جي همت افزائي ڪرڻ آهي!

پنهنجي پياري ”مهراڻ“ لاءِ آءٌ هڪ افسانو ”بدنصيب هاري“ عنقريب موڪلي رهيو آهيان. مون ”پنهنجي“ جو لفظ انهيءَ ڪري استعمال ڪيو، جو ”مهراڻ“ هر هڪ سنڌيءَ جو آهي ۽ سنڌيءَ جي لاءِ آهي- ۽ آءٌ به ته سنڌي آهيان!

فقط والسلام بهاؤ الدين ”طارق“ مجددي، ٽنڊو محمد خان.

 

(7)

پيارا ڀاءُ، ڪن ڪاملن کان سبق ورتو اَٿَوَ، جو ايتري ماٺ ڪري ٿا سگهو! مان جهڙو ڪمزور ته هوند الاجي ڪوڪي ٻاڪاري ٻارڻ ٻاري ڇڏي. مبارڪ ماٺ وارن کي به آهي ته ڪوڪڻ وارن کي به! ”مهراڻ“ جو ٽيون پرچو نهايت ئي نئين رنگ ۾ نڪتو آهي- ڪيتريون نه لهرون، ڪيڏا نه جدا جدا نقش ۽ نظارا، نقاش وانگر ڪاغذ جي استر تي کڻي اُڀاريا اَٿو! تصور ۾ آڻڻ اهي تصويرون ڪو رواجي ڪم نه آهي. انهن کي وري هڪ ئي بحر مان نڪتل ڏيکارڻ ڪو سهنجو ۽ سٿرو ڪم آهي ڪيئن؟ مُٺ مُٺ جي سڀڪو آڻي ته هوند ڪيڏو نه رنگ رچي پئي. مگر گهڻن کي ته اها ڄاڻ ئي نه رهندي ته آڻجي ڇا، ڇاڻجي ڪهڙي ڇاڻ! اِول لِکڻ لِکائڻ وارو لَکائي، مگر وري ڪاغذ تي ڪير اُٿلائي؟

اوهان ”مهراڻ“ جا ميربحر آهيو ۽ پڻ ملاح ڊونڊين جا، جي پيون اُتس لُڏن ۽ لهرن. مون ته نه اوهان کي ڄاتو نه سڃاتو، الائجي ڪيئن اچي اوهان جي آڳنڌ ۾ پيرُ پاتم، ۽ اوهان هڪدم ڀاڪر ڀري کڻي ڀرسان وهاريو اٿم. ڇا چوان، طوفان جي توائي هئي يا مهراڻ جي لاهي هئي، جنهن گهلي کڻي اوهان جي آڏو ڪيو- شايد اتفاق جو اتفاق هو!

- اوهان جو جهام (جهامنداس ڊي. ڀاٽيا. شڪارپور)

 

[”مهراڻ: اونهارو، 1956ع]

(1)

جناب ايڊيٽر، ”مهراڻ“- رسالي جي 3 پرچي ۾ ”گذارش“ پڙهندي، توهان صاحبن جا سنڌي لکجڻ بابت املهه موتي هٿ اچي ويا. سچ پچ ته اهي لفظ رسالي جي سچي سونهن آهن! ۽ انهن بابت وڌيڪ کليل سمجهاڻيءَ جي گهرج اٿم. اميد ته ڪيل عرض جي پورائي ٻئي نڪرندڙ پرچي ۾ ڪرڻ فرمائيندا.

[1]. اوهان صاحبن لکيو آهي ته ’مون کي‘ ’صحيح‘، ’مونکي‘ ’غلط‘ آهي، ۽
’منهنجو‘، ’پنهنجو‘، ’تنهنجو‘، ’صحيح‘ آهي، ۽ ’منهن جو‘، ’تنهن جو‘ وغيره غلط آهي.“ عرض آهي ته ترڪيب ڪرڻ وقت، ”مون“ضمير متڪلم ۽ ”کي“، حرف جر ڄاڻائبو- وري ”منهنجو“ جي ترڪيب وقت به لفظ کي ڇني، پوءِ ترڪيب ڪبي (منهن + جو- ”منهن“ ضمير متڪلم، ’جو‘ حرف اضافت، يا ”تُنهن + جو- ”تنُهن“ ضمير حاضر، ”جو“ حرف اضافت.) حرف اضافت، حرف جر جو ٻيو نالو آهي. اوهان صاحبن ”مون کي“ جدا ڪري لکيو آهي ۽ ”منهنجو“ گڏي لکيو آهي. آءٌ انهيءَ راءِ جوآهيان ته ”منهن جو“ لکڻ جو نمونو جدا صحيح آهي. تنهن هوندي به اوهان صاحب ان لاءِ مدلل ثابتيءَ سان سمجهائيندا، جيئن ٻيا حضرات پڻ معلوم ڪن.

[2]: ۽ ”  “ ۽ ’  ‘ ۽ - هي نشانيون ڪهڙين جاين تي ڪم اينديون آهن؟ بهتر ٿيندو ته مثال ڏيئي جملن ۾ ڪم آڻي ڏيکاريو.

[3]. موجوده ڪتابن ۾ ”سڀاڻي“ جو لفظ ”سڀاڻي ۽ صبحاڻي“ ٻنهي نمونن ۾ لکيل آهي- انهن مان صحيح يا غلط ڪهڙو آهي، ۽ ڇو؟

[4]. پهرئين ڪتاب ۾ ”ٽمِڪِن“، اَچَن“ وغيره ۾ نون غنه“ ظاهر طرح چيو ٿو وڃي، پر ”ڪنهن“، منهن (جو)“ وغيره جو ”نون“ ظاهر نه ٿو ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ ٻنهي جون اعرابون ساڳيون آهن- ائين ڇو آهي؟

[5]. سنڌي ڪتاب جي 3 صفحي ۽ 5 صفحي ۾ لفظ ”اڃا“ نون کان سواءِ لکيل آهي، ۽ ”مهراڻ، جي 31 صفحي، ۽ ستين ڪتاب جي 93 صفحي ۾ ”وڃان“ نون سان لکيل آهي. ”اڃا“ ۽ ”وڃان“  ۾ ڪهڙو فرق آهي، جو هڪ کي ”نون“ سان ۽ ٻئي کي ”نون“ جي بغير لکيو ويو آهي؟

[6]. چارئي رسالا ادبي نقطي نگاهه کان معياري مضمون سان سينگاريل آهن. ته به هن چوڻ کان رهي نه ٿو سگهان ته مضمون، افسانا خواه نظم اڃان به موجوده دور جي گهرجن موجب هئڻ گهرجن، اڪثري شاعر حضرات پنهنجو شعر پراڻي خيال جي قالب ۾ پلٽيندا اچن. صرف لفظن جي مٽاسٽا ڪرڻ تي اڪتفا ڪئي پيئي وڃي. هونئن به شعر ۾ مبالغي جي گهڻي گنجائش آهي ۽ اها شاعري دنيا ۾ آهي به مباح- پر شاعر صاحبن کي اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته موجوده دور جي ”عوام“ کي ڪهڙي نظم جي گهرج آهي؟ ڪوشش ڪري گهربل مقصد لاءِ دماغ سوزي ڪري پنهنجا خيال عوام جي اڳيان پيش ڪجن. اوهان به گهربل مقصد وارا شعر شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. ”مهراڻ“ جي ڪنهن پرچي ۾ اوهان صاحبن شعر جي مرڪزي خيال بابت اپٽار ڪئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو اٿو ته ”سنڌي نظم جو مرڪزي خيال گهڻو ڪري مجازي ۽ حقيقي عشق جي دائري کان ٻاهر بلڪل ٿوري انداز ۾ آهي. اڃان تائين انهيءَ خيال جي تقليد ٿيندي اچي“- اهو بلڪل سچ آهي.

آءٌ پاڻ پڇندس ته ڪن جزوي  شاعرن  جي ڪلام کان سواءِ حقيقي شعر ۾ ڪيتري صداقت آهي؟ ۽ مجازي شعر جي اسان کي ڪهڙي گهرج آهي؟ رزم جي جاءِ بزم،۽ اصلاح جي جاءِ هَجو ۽ خوشامد اچي والاري آهي، ۽ بزم اسان جي ذهنيت کي ايتري قدر سوڙهو ۽ تنگ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي تلافي صدين بعد ٿيندي! بنده ماستر محمد عالم لغاري، هه.م. اسڪول سعيد خان لغاري، تعلقو هالا.

 

(2)

- پيارا مهتمم ”مهراڻ“، اڄ منهنجي آڏو ”مهراڻ“ جا گذريل چار پرچا آهن. اڳ اهي جدا جدا وقتن تي پڙهيا اٿم ۽ هن وقت سڀئي هڪ ئي مهل ڏسي رهيو آهيان. مان اها ڳالهه چڱيءَ طرح سوچي سمجهي ٿو چوان ته سنڌيءَ ۾ اهڙو رسالو اڳي ڪڏهن به ڪونه نڪتو آهي.

- پر هڪڙي شڪايت اٿم اها هيءَ ته ”مهراڻ“ جي چئني پرچن مان هڪ ۾ به سنڌي لوڪ ساهتيه بابت يا لوڪ گيتن بنسبت ڪجهه به نه آهي. اهي لوڪ گيت سنڌ ۾ ته جام هوندا. شادين تي ڳائڻ ۾ ايندڙ سهرا، ٻارن کي ننڊ ڪرائڻ وقت مائرن جون،لوليون، کيتن ۾ ڪم ڪندي هارين جا گيت، رستن تي پورهئي ڪندي مزورن جا گيت، زالن جا جنڊ پيهندي سنهڙا سـُر َ – اهي ئي ته لوڪ گيت آهن!  ۽ صحيح معنيٰ ۾ اسان جو سچو ادب ته اهو آهي. سنڌ جون لوڪ ڪٿائون، جي مائر رات جي وقت ٻارڙن کي ٻڌائينديون آهن- ڳالهر ميڙاڪن ۾ ويهي ڳالهيون کڻندا آهن، اهي لوڪ ڪٿائون ”مهراڻ“ ۾ ڪٿي؟ سنڌي ناچ، ڇيڄ وغيره جا چتر مهراڻ ۾ ڪو نه آهن- ڪيئن! اهي توهان جي نظر ۾ اهميت وارا نه آهن ڇا! جي آهن ته پوءِ انهن جي ڪمي ڇو؟

- اوهان جو نارائڻ ڀارتي، بمبئي. (ڏسو هن پرچي جي گذارش! – ايڊيٽر)

 

(3)

- ”مهراڻ“ جا مدير، خوش هجوشال! ”مهراڻ“ جو چوٿون پرچو مليو- اچرج جهڙي ڳالهه آهي، يڪدم سال گذري ويو! انسان هميشه کان ماضيءَ کي پوڄيندو آيو آهي، ۽ مان به گذريل وقت جي آئيني ۾ جهاتي پائي ڏسان ٿي ته عجب ٿو لڳيم- ڇا ڏسندي ڏسندي سال گذري ويو! الله ڪندو ”مهراڻ“ جي عمر خضري ٿيندي ۽ سنڌين کي سيراب ڪندو رهندو. منهنجي ساهيڙي بانو چوندي آهي، ”ادب زندگيءَ لاءِ آهي.“ پوءِ ڀلا جڏهن اسان جي زندگيءَ جا هزارين عنوان آهن، يعني نفاست، ترتيب، حسن ۽ خيال، معلومات ۽ ڄاڻ، تنقيد ۽ وغيره- انهن جو اڀياس ڪڏهن ڪنديون سين؟ منهنجي ننڍڙي ڌيان موجب ان جو فقط اهو ئي اڪيلو وسيلو آهي ته اسان انهن موضوعن تي لکون- پنهنجي لکڻيءَ ۾ ”تڪڙ“ پيدا ڪيون، قلم جي رفتار ۾ تيزي آڻيون، ۽ پوءِ پنهنجي ديسي ادب کي خريد ڪيون، ميڙيون ۽ سانڍيون، پڪ آهي ته هڪ ڏينهن سنڌيءَ ۾ هر علم تي ڪتاب موجود ملندا- اجايو ٻين ڏي ڏسڻو نه پوندو؛ ٻين کان قرض کڻي کنڌا ڪارا ڪين ڪرڻا پوندا- ۽ پوءِ سنڌي کي ٻين ٻولين سان ڪلهوڪلهي سان ملائي بيهڻ ۾ شرم نه ايندو. يقين آهي ته پوءِ صحتمند ادب جي تخليق ٿيندي، ۽ زندگيءَ جي هزارن بابن جو مطالعو ٿي ويندو، ۽ زندگيءَ جي حقيقتن سان به شناسائي ٿي ويندي.

خلوص ڪار مينڌري سعادتي، حيدرآباد (سنڌ)

 

(4)

- سمپادڪ سائين، جئين سدائين! سنڌي ساهتيه تي اونداهيون ڇانيل هيون، هلڪيون هلڪيون، گهاٽيون گهاٽيون اونداهيون. سنڌي ادب پراڻين غيرآباد ماٿرين ۾ پئي ڀٽڪيو. پر چار مندون اڳ، هڪ چنڊ- چوڏهين جي چنڊ جيان روشن  چنڊ- سنڌي ساهتيه جي آڪاش تي اڀريو - ۽ اهي اونداهيون پَر ڪري افق کان به پري- گهڻو پري – پرواز ڪري ويون! سنڌي ادب پراڻين ۽ ڦٽل ماٿرين مان نڪري، هاڻي نين من موهيندڙ جس ڀريل وادين ۾ پير پاتو آهي، جتي کيس اهو چنڊ پنهنجي ٿڌي ۽ وڻندڙ چانڊاڻ ۾ تَڙ پيو ڪرائي، چلڪائي پيو، چمڪائي پيو! ان لاءِ لکَ لکَ مبارڪون هجنوَ!

جيئن ڌرتيءَ جي چنڊ ڪڍ چڪور چڪرن ۾ آ، تيئن هِن چنڊ ڪڍ به ڪئين مستانا آهن- متوالا آهن. منهنجو من به پيو گهُري ته مان هِن چندرما جي چانڊاڻ ۾ وهنجندي، هِن اُملهه ماڻڪن جي اَکُٽ مهراڻ مان، ٽوٻئر ٿي، ماڻڪ موتي ڪڍي، ساهه سان سانڍيندي- ان جا انيڪ نياپا هنئين سان هنڊائيندي - ۽ هن جي لهرن ۾ لِڪل ڀالا سهندي، پنهنجي حياتي گذاري ڇڏيان، پنهنجو جيون صرف ڪري ڇڏيان!

هائو سائين! ”مهراڻ“ چنڊ آ، چوڏهينءَ جو چنڊ. پر منجهس ڌرتيءَ جي چنڊ جيان داغ به آهن، ڪارا ڪارا داغ! هن ماڻڪن جي مهراڻ ۾ ڪي پهڻ به آهن- هن مهراڻ جون ڪي لهرون محض ڏيکاءُ آهن. ڏيکاءُ، جنهن مان نڪو نياپو ئي جهاتي پائيندو آهي ۽ نه وري منجهس ڪي ڀالا ئي لڪيل هوندا آهن- ۽ سائين اهو ڏسي دل کي رنج رسندو آهي- رنج!

”مهراڻ“ نئين طرز جي ادب جو هڪ پودو آهي، ۽ هن ٻوٽي جي عمر ڇڙا چار پلڪ آهي. اوهان هن ٻوٽي جا پوکيندڙ آهيو ۽ مالهي پڻ! آس اٿم ته توهان هن ڪچي پودي کي پنهنجي دل جو رت ۽ آتما جي رَسُ ڏيئي، جڳ جي طوفانن ۽ باهين کان بچائي، پرگهور لهي هڪ وڻ ڪري ڏيکاريندا.... ۽ آءُ ڏسان پيو اهو پودو وڌي هڪ وڏو مضبوط ۽ گهاٽو وڻ ٿي ويو آهي. سندس ٽاريون ايترو ته وڌي ۽ ڦهلجي ويون آهن، جو ان جي ڇانو، هڪ دنيا کي آسماني آفتن کان، بچايو ويٺي آهي. ان وڻ جي مٿان سهسين پکي ويٺا آهن- مٺي ۽ من موهيندڙ لات لنوڻ وارا، رنگن جا، قسمين قسمين پکي! اجهي هي اڃايل آتمائون، هن وڻ جا ميوا کائي ۽ ميون جي ٿڌي، مٺي رس پي، سندس گهاٽي ۽ ٿڌي ڇانو هيٺان ويهي، پکين جون وڻندڙ ٻوليون ٻڌي، پنهنجو ٿل لاهڻ ۽ پاڻ کي نؤ بنو ڪري رهيون آهن، ته جيئن هو، نون اتساهن ۽ تازن امنگن سان، پنهنجي ماڳ تي رسڻ لئي اُٿي اڳتي وڌن، ۽ کين پڪ آهي ته هن وڻ هيٺان ٿڪ لاهي اڳتي وڌندا، ته کين پنهنجي منزل ضرور ملندي! ۽  - ۽ مان اهو به پيو ڏسان.... ڀٽائي گهوٽ جو روح، جو ڪجهه وقت اڳ بيقرار ۽ ڏکايل هيو، سو هن وڻ کي ڏسي پنهنجي سنڌ ۽ پنهنجي سنڌيءَ کان خوش ۽ مطمئن آهي.

ڀائو! وقت هڪ مهاساگر آهي، ۽ ”مهراڻ“ اُتس لڏندڙ لوندڙ ڊونڊي. ان ڊونڊيءَ جا پتڻ، اوهان کي هڪ مضبوط ۽ مشتاق ملاح سمجهي، ڏنا ويا آهن. وقت جي مهاساگر ۾ ڪيئن طوفان ايندا، پاڻيءَ اندر لڪل ٽڪريون اينديون. توهان کي هيءَ ڊونڊي طوفانن ۽ ٽڪرين کان بچائي ٻيءَ ڀر پهچائڻي آهي! اسان مهراڻين جون دعائون اوهان سان آهن- ۽ ڌڻي اوهان کي پنهنجي فرض پوري ڪرڻ جي سگهه ڏيندو!

مون پنهنجي گودڙيءَ مان، الائي ڇا، موتي سمجهي ڪڍيو آهي، جو اوهان ڏي جدا موڪليان پيو. اوهان پرکيوس- معيار جي ڪسوٽيءَ تي! جي سچ پچ ماڻڪ آ ته ساڻس ”مهراڻ“ کي سينگارجو. جي پهڻ نڪتو ته کيس اڳين اونداهين جيان پري اڇلي ڇڏجو- افق کان به دور! اوهان جو مهراڻي، خواجا سليم، 11، سنڌ مسلم ڪاليج هاسٽل، فريئر روڊ، ڪراچي نمبر 2.

 

(5)

- مٺڙي مہ لقا ”مهراڻ“! تنهنجو ناز نياز، راز رمز ۽ زيبا قابل ستايش آهي. تون ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهين.

تنهنجي اونهه اوسيئڙو اڻهي منهنجي جيءَ لاءِ جهوري ٿي ٿو رهي، ۽ تنهنجو الڪو اڪانڊو هميشه هينئڙي اندر پيو هري ۽ هُڄي! تون سنڌين جي سونهن، ويڳاڻن جي ورونهه، اڻوسنديءَ جي وندر آهين. جي اياڻن ڪاڻ اوٽ آهين ته قربائتن واسطي ڪوڙڪي آهين. تنهنجي هر نقطي ۾ نڪتو آهي، ته تنهنجي هر سٽ ۾ سواد سمايل آهي. تون سنڌي ٻوليءَ جو اهوسندر ساگر آهين، جو پريتوان پڙهندڙن جي اکين جي اُلي ٿي اجهائين. اَويءَ سويءَ کي، ديسي پرديسيءَ کي پنهنجي ماڻ مئي مئو ڪري مائدي جي مال مليدن لئي موهين ٿي! جي ڪو توکي سنڌ جي صحابه ”مهراڻ“ يعني اڳوڻودرياءُ ڪري ليکي، ته به تنهنجو اڻميو اٿاهه جالارو جام جر، پٽن تي پالوٽ ڪري سنڌ سونهاريءَ جي پياسي ٻوٽن جي تاس تشنگي تمام ڪرڻ ڪاڻ ڪافي شافي آهي، پر تون ته علم حقيقت جو درياءُ آهين، شاباش هجي بلڪه ويهه لک واڌايون هجن، تنهنجن مُهتمن ۽ منتظمن کي، جن جاکوڙا جٽي، نور نچوئي توکي سهيڙي سموهي تنهنجي سجاوٽ ڪئي آهي. گويا قطرو قطرو ڳنڍي ڳوپي، ڳڻي ڳوتي ڪنارن جي وچ ۾ قابو ڪري قلزم بنايو آهي ۽ گيان وديا نديءَ جو روپ بخشيو آهي، ۽ تو ”لُڙ، لهريون لس ليٽ جتي انت ناهي آب جو“ پيدا ڪيو آهي! تون سنڌي جهالت جي اوڙاهه انڌوڪار جو اُجالو ۽ نيئر اعظم آهين. تنهنجو هر پرچو مون کي ائين ڀائپندو آهي، جئن حرفتي حريص واپاري صبح سج اڀرڻ جي مدح ۾ اکيون مهٽيندي چوندو  آهي ته ”اڀريو آهي لکن جو ڏاتار!“ آءٌ به تنهنجو نت نئون نروار ٿيل پرچو ڏسي، ڪپڙن ۾ نه پيو مائبو  آهيان، ۽ وري وري آئينده پرچي جي انتظار ۾ ڏهي پيل ڏسي، ڪاري ٻاڏ، اڻٽيهه اونداهيءَ جهڙو وچ وارو ويلو، ويجهيل ۽ وڇوڙي وند ويڳ پيو ڀاسندو اٿم. تنهنجي آمد جي مون جهڙن متوالن کي، مرڳو فڪر جي فرحي بر زبان ياد ڪرڻي پوندي آهي ڇو ته –

فڪر ته دنيا ۾ گهڻا، پر هن جو فڪر ٻيءَ طرح،

اي سونهاري، لاوارث سنڌيءَ جي نشامبر نشاني،

ديس جي ڌئل ۽ ڌوڻيل ڌڃاڻي، مهراڻ!

خوش هجين! آباد هجين! شل نه وسرين!

مرياد هجين!

شيدي ولي محمد طاهر زاده، ٽنڊوالهيار.

(6)

-ادا، سڄو سال ”مهراڻ“، ۾ ٽٻيون هنيون اٿم ۽ جيڪو بي پناهه مزو ماڻيو اٿم، تنهن جو ذڪر ڪري ٻين کي ڪجهه ڏيڻ نه ٿو چاهيان- ڀل ته مڙيوئي مون وٽ هجي. ”مهراڻ“ نه صرف اسان کي سرت بخشي آهي، پر اسان جا ڪنڌ ۽ ڪرنگها سڌا ڪري ڇڏيا آهن ته سنڌي پڻ فخر وٺڻ جي قابل آهي. اسان وٽ هتي ٻيو ته چڱو ادبي مال پيو پيدا ٿئي، پر اهڙو رسالو تحقيق وڏي همت ۽ سعيي جو ڪم آهي-   

  اوهان جو ڪيرت ٻاٻاڻي، باندرا، بمبئي.

- ادا ايڊيٽر، توهان جي ”مهراڻ“، ڏسي منهنجو ته نيڻ نيڻ ٺري پيو آهي. ايڏي معيار واري مخزن آءٌ ساري هندستان ۾ ٻي ڪا به ڪا نه ٿو ڏسان، سچ ته ”مهراڻ“ سنڌ جو شان بالا ڪيو آهي. اسان سڀني سنڌين کي ان تي فخر آهي، ناز آهي. اسان جي سنڌي ٻولي هندستان جي وڌان (constitution) ۾ داخل نه ڪئي ويئي آهي.  هينئر اسان جي ڪاميٽي ان لاءِ جاکوڙ ڪري رهي آهي. ”کير ڪميشن“ اڳيان پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻو آهي. هو ان ڳالهه تي زور ٿا ڏين ته اسان جي سنڌي ٻولي هنديءَ کي ڪيتري قدر شاهوڪار ڪري سگهندي! انشاءَ الله ته فتح ڪنداسون.          منو گدواڻي، اجمير.

 

(7)

- ڀاءُ ايڊيٽر ”مهراڻ“، ”مهراڻ جي چندي وڌائڻ جو اطلاع پهتو. مهراڻ جهڙي بينظير رسالي جو چندو ڏهه روپيا ته ڇا پر هزار روپيا به ٿورو آهي. مان گهڻيءَ  خوشيءَ سان پنهنجا ٻه عزيز به خريدار ڪري موڪليان ٿي.   - مس علي بخش راڄپر،چيهو، پڊعيدن.

-هيءُ هڪ انتهائي ظلم ٿيندو، جو اڄ جهڙي نازڪ دور ۾ به اسان پنهنجي ادب کي اکيون ٻوٽي پڙهندا رهون ۽ ان جو صحيح جائزي وٺڻ جي ڪوشش نه ڪريون. منهنجي خيال ۾ اڄ ته پاڻ اسان تي زياده جوابداري عائد ٿئي ٿي ته پنهنجي ادبي شهه پارن کي ورائي ورائي پڙهون، تڪيون توريون، انهن جو اندازو لڳايون ۽ ڏسون ته منجهن ڪيتري قدر ادبي اگهائي آهي يا سگهائي.

مٿينءَ حقيقت جي مدنظر، ”مهراڻ“ جي جانچ پڙتال ڪبي، ته نه رڳو بار کڻي پنهنجي پيرن تي بيٺو آهي، پر منجهس زندگيءَ جي به ڪافيءَ کان ڪافي حرڪت پئي نظر اچي، ۽  يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن انهيءَ سلسلي سان سندس وجود سالم رهيو، ته اهو ڏينهن پري ڪونهي جو ”مهراڻ“، پنهنجا ادبي فرض پورا ڪري، سنڌ جي ٻين ادارن جو به سونهون بنجي، کين پنهنجي ادبي معراج ڏانهن وٺي هلي.

هڪ ڳالهه جنهن جو اظهار ڪندي بيحد خوشي ٿي ٿئيم، سا هيءَ ته هر پرچي کي ڏسندي، جڏهن نون نون ليکڪن تي نظر پوندي اٿم، تڏهن دل خوشيءَ مان مالا مال ٿي ويندي اٿم ۽ ازخود زبان مان ”مهراڻ“، لاءِ مبارڪ جا لفظ پلٽي پوندا آهن. ڇا هيءَ ”مهراڻ“ جي گهٽ خدمت آهي، جو ڏينهون ڏينهن سنڌ جو اهل قلم حقيقت جي جستجو ۾ ڪوشان نظر اچي. –اوهان جو ابن حيات پهنور، جهمپير.


[1]  جيڪي لفظ (مون، تون، اوهان، اسان، وغيره) پنهنجي منهن الڳ وجود رکن ٿا، ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي اڪيليءَ صورت ۾ به ٻوليءَ ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا، انهن لفظن کي ٻين لفظن سان ملائي لکڻ غلط آهي. لفظ ”منهن“ (ضمير متڪلم واحد). ”تنهن“ ۽ ”پنهن“ اهڙا پنهنجي منهن الڳ وجود رکندڙ لفظ نه آهن، ۽ڪڏهن به اضافت جي حرفن (جو، جا، جي، جن) کان سواءِ ٻوليءَ ۾ استعمال نه ٿا ٿين: تنهنڪري انهن کي پٺيان ايندڙ حرف اضافت سان گڏي لکڻ نه فقط جائز آهي، پر نهايت ضروري آهي.- ايڊيٽر

[2]  واڪ جي نشانين تي مفصل مضمون (مثالن سميت) هن پرچي ۾ شايع ڪيو ويو آهي. (ايڊيٽر)

[3]  ”سڀاڻي“ لفظ صحيح آهي، ڇو ته عام استعمال ۾ ائين آهي: جنهن نيت سان، ۽ جنهن اصول ماتحت هن لفظ کي ڪٿي ”صبحاڻي“ جي صورت ۾ ٿو لکيو وڃي، جيڪڏهن ان نيت سان ۽ ان اصول ماتحت سنڌيءَ جي سڀني عربيءَ مان آيل لفظن کي نئين سر لکيو وڃي، ۽ هوند ”ٿوم“ کي ”فوم“ لکڻو پوي، ۽ بصر“ کي بصل“، وغيره- جا هڪ نهايت ئي غير ضروري ۽ منجهائيندڙ ڳالهه ٿي پوندي. – ايڊيٽر.

[4]  ”ڪنهن“، ”منهن“، ”جڏهن“، لفظن ۾ ”نون“ تي جزم ڏيڻ غلط آهي- ڇاڪاڻ ته ”ڪنه“، ”هنه“ ”منه“، وغيره ۾ ”ن“ وارا آواز مفرد آواز آهن- بلڪل ائين جيئن لفظ ”گهوڙو“ ۾ ”گهه“ آواز يا لفظ ”جهرڪي“ ۾ ”جهه“ جو آواز مفرد آواز ۾ هڪ کان وڌيڪ علامتون ڏيڻ صحيح نه آهي. ”ٽمڪن“، ”اچن“، وغيره لفظن ۾ ”ڪن“، ”چن“، وغيره آواز مفرد نه پر مرڪب آواز آهن- مرڪب آواز ۾ هڪ کان وڌيڪ علامتون (ـ ـ، وغيره) ڏيئي سگهجن ٿيون. – ايڊيٽر.

[5]  ”ن“ جو آواز ”ڃ“، ”ڻ“ ”ڱ“ ”م“، آوازن ۾ اڳي ئي موجود آهي: تنهنڪري ”اڃا“، ”گهڻا“، ”راڱا“
”ماما“، وغيره، لفظن جي پٺيان ”ن“ ڏيڻ ۾ نه ٿو اچي. ساڳئي اصول تي ”وڃان“، ”لڻان“، ”مڱان“،
 ”نمان“، وغيره لفظن جي پويان پڻ ”ن“ جيڪڏهين نه ڏجي، ته غلط نه ٿيندو- پر اهي لفظ ساڳئي وقت فعل آهن، ۽ سندن صورت زمان مضارع جي آهي، جنهنجي ٺهڻ جو قاعدو آهي ته ”امر“ جي پويان ”ان“ يا ”يان“ اکر وڌا وڃن – تنهنڪري انهن لفظن جي فعلي صورت کي نمايان ڪرڻ لاءِ سندن پويان ”ن“ آڻڻ نه فقط غلط نه آهي، پر انهيءَ هڪ ڳالهئين لازمي پڻ آهي. - ايڊيٽر

[6] شعر و شاعريءَ متعلق پيش ڪيل خيالن سان مجموعي طرح اتفاق آهي: پر هي وسارڻ نه گهرجي ته حسن ۽ عشق، شاعريءَ جا بنهه اوائلي موضوع آهن، ۽ جيستائين انسان جي دل ۾ حسن لاءِ ڪشش موجود آهي، تيستائين شاعريءَ جا اهي پاڪ ۽لطيف موضوع هميشه قائم رهندا- تنهنڪري، حسن ۽ عشق جي شاعريءَ کي ايتري بيزاري هڪ صاحب ذوق دل لاءِ مناسب نه آهي. البت شعر جي ٻين موضوعن کي بنهه نظر انداز ڪري ڇڏڻ يا انهن  ڏانهن ڪنهن قسم جي بي رخي ڏيارڻ اسان جي شاعرن لاءِ به مناسب نه آهي. – ايڊيٽر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org