سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :8

 

ادبي خَطَ

 

شيخ اياز جا لکيل ٽي خط

عقيدت جا گل

”ادا، نهايت افسوس جي ڳالهه آهي، جو تون وعدي مطابق اُنهيءَ رات نه آئين. اسان مئلن سان به نباهي آياسين: تو جيئرن سان به نه نباهيو! اچين ته ها- پوءِ اسان کي، اسان جي حال تي ڇڏي، هليو وڃين ها! وري ٿو لکين ته اسان جي اها رات ڪيئن گذري؟ ادا، اڃا تائين اها ڪ – جي ڪاري رات نه ٿي وسري. مان ۽ ح – سڙڪ تان چپ چاپ وڃي رهيا هئاسين. اسان ٻنهي جا روح نديءَ جي ٻن لهرن وانگر هئا، جن ۾ چنڊ جو پاڇو جهلڪي رهيو هو. ٻنهي جي زندگي ڪنهن نامعلوم ساحل ڏانهن روان دوان هئي؛ ٻئي هڪٻئي جي قريب هئاسين، ليڪن هڪٻئي کان بي خبر؛ ٻنهي چانڊوڪيءَ کي چاهيو هو- مون چپن سان، هن اکين سان: ۽ اڄ ٻئي گڏجي وياسين ٿي، ته ڏسون ته چانڊوڪي، اونداهيءَ جي گود ۾ ڪيئن ستي پئي آهي- زندگي موت جي آغوش ۾ ڪيئن خاموش ۽ پراسرار آهي!

”چئني طرفن کان مڪانن جون قطارون هيون، ۽ انهن جي وچ ۾ شاهي رستو کپر نانگ وانگر ليٽيو پيو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جن قدمن جي آواز تي اڇانگ ڏئي منهنجي ڏاهه کي ڏنگي رهيو هو. اهو ساڳيو رستو آهي، جنهن تان مان هن جي گهر ڏانهن ويندو هوس جڏهن هوءَ زنده هئي: اڄ انهيءَ رستي تان مان سندس مزار تي وڃي رهيو هوس. اهو ساڳيو رستو آهي، جو زندگيءَ جي ٽهڪڙن تائين ٽلندو هلندو هو: اڄ اهو موت جي اوڇنگارن تائين ٿڙندو ٿاٻڙندو ٿي ويو. مان چاهيو ته ح- کان پڇان ته سندس آخرين ڏينهڙا ڪيئن ٿي گذريا، پر سوال اُڀري، سانت ۾ ٻڏي ويو. مان چاهيو ته ح- کي ٻڌايان ته منهنجي ڪتاب ’پنهل کان پوءِ‘ ۾ اها برساتي نئين جي تيزي ڪيئن آهي- ان ۾ سمنڊ جي گهرائي نه سهي، پر ان جي بي پناه روانيءَ جو سبب ڇا هو؟ مون چاهيو ته کيس ٻڌايان ته هوءَ منهنجي ڪهاڻيءَ ”کلڻيءَ“ جو روح هئي؛ هن ئي ’پنهل کان پوءِ‘ جا جوابي خط لکيا هئا، ۽ هوءَ ئي منهنجي افساني ”هيءُ شاعر“ ۾ زندگيءَ جي تلخي ۽ شڪسته – دلي کڻي آئي هئي. دراصل هوءَ افسانن جو اکٽ ذخيرو هئي، جڏهن هوءَ ڳالهائيندي هئي، ته ڳالهڙيون مکڙين جي ميڙ وانگر پکڙجي وينديون هيون؛ سندس چپن ۽ ڳلن مان موتيا ۽ مگرا وسندا هئا؛ سندس زندگيءَ جا حسين، هلڪڙا تجربا ٽهڪن ۾ ويڙهبا ويندا هئا، ۽ هوءَ انساني ڪردار تي نهايت پياري طنز ڪندي نظر ايندي هئي، ۽ مان سندس سچا پچا، جيئرا جاڳندا انسان، ڪهاڻين ۾ قيد ڪري، انهن جي روحن کي ادبي زندگي عطا ڪندو هوس. مون چاهيو ته ح- کي گهڻو ڪجهه ٻڌايان. زندگيءَ جون نهايت پياريون پلڪون، جي مسرت جي پرڙن تي اُڏاڻيون هيون ۽ جن محبت جي بهشت ۾ آکيرو اَڏيو هو، جي هميشه منهنجي روح ۾ چهڪنديون رهيون هيون، جن جي لات منهنجي ڏات جو سرچشمو آهي- اُهي پلڪون جيڪر لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائي ح- کي ڏيان، - ح، جنهن جو وجود هڪ قفس آهي، جنهن ۾ مختلف اديبن جا تجربا پَرَ ٿڙڪائيندا نظر ايندا آهن. ليڪن جذبات جي بيحد تيز روي منهنجي روح کي لوڙهيندي ٿي وئي، ۽ مان ڪوشش جي باوجود به ساحل تائين نه ٿي پهتس. لفظ منهنجي زبان تائين نه آيا ۽ مان خاموش هلندو رهيس.

”آسمان تي هلڪو جهڙ هو، ۽ ساري نيري وسعت هڪ پراسرار پردي وانگر ٿي لڳي، جنهن مان سفيد ڪڪريون محبوبڙين جي منهنڙن وانگر ليئا پائي رهيو هيون. مڪانن جي ڪنهن ڪنهن ڪمري ۾ بتي ٻري رهي هئي، جنهن جو اُجالو درين جي شيشن مان نظر ٿي آيو. هر ڪمري ۾ ڪيئي ڪهاڻيون ستل هيون، انسان جا غم غصا، پيار پڇتاءَ، ميٺ ميلاپ، ويڻ وڇوڙا ننڊ جي جهوليءَ ۾ آرامي هئا. ازل کان ابد تائين هڪ اٿاهه اونهو سمنڊ ڇوليون ماري رهيو هو، جنهن ۾ ڪروڙين ڪشتيون لڏي لمي رهيون هيون. منهنجو روح به پنهنجي ننڍڙي ٻيڙيءَ تان، حيرت ۽ افسوس مان، ڇتين ڇولين کي ڏسي رهيو هو. – اَلا، منهنجو مٺڙو حسين همسفر ڪيڏانهن ويو! الا، هن عميق جي اونهيءَ اوندهه ۾ مان هن کي ڪٿي ڳوليان! معلوم نه آهي ته هو ستارن جي سونهن ڏسي سگهندو هوندو يا نه! هيءَ خنڪي ڀري هير سندس ڳلن کي ڇهندي هوندي يا نه! اي، موت، تون زندگيءَ کي ڪيترو نه بي معنيٰ بڻائي ڇڏين! تنهنجا برف جهڙا هٿ ڪهڙا نه ڀوائتا آهن! توکي انسانن سڪون جو سرچشمو ڪيئن ڪوٺيو آهي! تنهنجو تصور ئي لڱ لڱ ڪانڊاري ٿو ڇڏي! زندگي ڪيتري نه حسين آهي، ڪيتري نه پياري آهي، اُمنگن جو جهُولو آهي، آرزوئن جي ڦلواڙي آهي! هي چنڊ، هي ستارا، هي بادل، هي برساتيون، هي گل، هي غنچا، هي مٺڙا ماڻهو، هي وسندڙ وستيون، هي سڀ زندگيءَ جون نعمتون آهن! اي موت، تون هڪ تکي تير انداز وانگر ڪمان ڪشيون بيٺو آهين: جنهن سيني ۾ مسرت جو واسو آهي، ان ۾ پنهنجو تير چڀائي ٿو ڇڏين. اي ڪاش! تنهنجي ڪمان ڪشجي ڪشجي ڀڄي پئي، ان جي زهه ٽٽي پئي!

”منزل قريب اچي وئي، پريان قبرستان جو دروازو هو. ح- جا قدم ڍرا ٿي ويا. دل اُڇلون ڏنيون. اکين لڙڪن کي پڪاريو ته ’اچو اها خاڪ پاڪ اچي وئي آهي، جنهن ۾ جذب ٿيڻ ابدي نجات آهي!‘ آهستي آهستي وڌندا رهياسين. ناريل جي درختن جا پراسرار پاڇا قبرن سان لائون لهي رهيا هئا. چنڊ ڪڏهين ڪڏهين ڪڪرن مان جهاتي پائي، کلي رهيو هو ته ’اي نادانو! چانڊوڪي ته منهنجي چيز هئي؛ اُها ته آسمانن تي اُڏامي آئي؛ توهان ان کي زمين جي ڇاتيءَ ۾ ڇپيل ٿا سمجهو! چڱو، ڳوليو، ڏسو، متان ملي وڃيوَ‘ درختن مان هوا جو سرڙاٽ روحن جي بيچينيءَ وانگر ٿي لڳو، اسان، قدم قدم ۾، چپ چاپ وڌندا رهياسين.

”ح- اوچتو روڪجي ويو، ڪائنات جون نبضون بيهجي ويون. هو ڪجهه نازبو ۽ رابيل جا گل ڏسي رهيو هو، جي قبر جي آس پاس لڏي لمي رهيا هئا. منهنجي دل کي ڌوڏو آيو، گويا ڪوئي جوالا ڦاٽو هو ۽ ڪائنات جو ذرڙو ذرڙو ڪنبي رهيو هو. هيءَ هئي سندس قبر! هوءَ جا خوبين جي کاڻ هئي، سا هتي ٻه گز مٽيءَ ۾ سمايل هئي. هن جو بي پناهه حسن، رابيل ۽ نازبوءَ جي گلن ۾ لڏي رهيو هو. مون چپ چاپ رازدارانه سرگوشيءَ سان چيو، ’مان آيو آهيان، تنهنجو شاعر، منهنجا حسين ترين شعر! اُٿي جاڳ، تنهنجي روح جي مٺڙي موسيقي منهنجي شاعريءَ جي جان هئي. اُٿي، منهنجي ساهه جي ستار تڙڦي رهي آهي: ان جي تارن کي ڇيڙ، ان ۾ هزارها سُر تنهنجن آڱرين لاءِ مضطراب آهن!‘ مون چتائي ڏٺو، ڪوئي ڪونه هو. ڪوئي جواب نه آيو. ناريل جي ڇڙين مان لنگهي، چانڊوڪيءَ جا پاڇا قبر تي لڏي لمي رهيا هئا- آسمان جي چانڊوڪي زمين جي چانڊوڪيءَ کي ڳولي رهي هئي! – تنهنجو پنهنجو ....“

مشاعرو

”ادا… تاريخ تي، خيرپورميرس ۾، ’ڪل پاڪستان اردو، سنڌي مشاعرو‘ ٿيو. صدارت جو شرف مون کي بخشيو ويو. توکي معلوم آهي ته مان هجوم کان گهٻرائيندو آهيان. جيترائي انسان زياده هوندا آهن، اوتروئي مون کي اڪيلائيءَ جو احساس ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ مون کي معلوم هو ته اهڙي مجمعي ۾ مختلف ذهنيت، مذاق ۽ علمي استعداد جا ماڻهو شامل ٿيندا آهن؛ جيتوڻيڪ مون سمجهيو ٿي ته منهنجي زندگي ۽ ادب جي نظريي سان اتفاق رکندڙ اديب ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا؛ ۽ جيتوڻيڪ مان مخصوص مجلسون چاهيندو آهيان، جتي همعصر اديبن ۽ شاعرن سان زياده سچائيءَ ۽ گهرائيءَ سان ڏات جي ڏي – وٺ ٿي سگهندي آهي، - ان هوندي به مون دعوت قبول ڪئي؛ ڇاڪاڻ جو اهو گڏيل سڏيل مشاعرو هو، جنهن ۾ اسان کي موقعو هو ته سنڌي شاعريءَ جي يگانگت ظاهر ڪري سگهون، ۽ غير سنڌي سامعين کي ڏيکاري سگهون ته سنڌي ادب ۽ ثقافت ڪنهن به صوبي جي ادب ۽ ثقافت کان پٺتي نه آهي؛ سنڌي شاعريءَ ۾ به دلڪش ۽ گهري انفراديت آهي.

”شام جو اٺين بجي مان، ’راز‘ ۽ ’آفاق‘ ڪار ۾ نڪتاسين. ’راز‘، ’سارنگ‘ جو مصنف آهي، ۽ ’آفاق‘ صديقي اردوءَ جو باذوق شاعر ۽ منهنجي اردو ڪلام جي مجموعي ’بوي گل نالهءِ دل‘ جو مرتب. سکر براج ٽپي ڪارشاهي رستي تان آهستي آهستي شاعراڻي رفتار سان هلڻ لڳي. رات تارن ڀري هئي. رستي جي ٻنهي طرفن کان ميلن ۾ کجوريون هيون، جي پريشان روحن وانگر آسمان جي اطمينان بخش ٿڌي نيراڻ ڏانهن تڪي رهيون هيون. مٿان دور دور ابابيل اُڏرندا ٿي نظر آيا. گويا ستارن جو ٽمڪڻ، آسمانن جي شاعري هئي؛ ابابيلن، جو اڏرڻ، کليل فضائن جي شاعري هئي؛ کجين جي پراسرار خاموشي، زمين جي شاعري هئي. هر حسين چيز ترنم واري آهي؛ ترنم ۾ حسن آهي، حسن ۾ ترنم آهي.

 ”اٽڪل پوڻين نوين خيرپور پهتاسين. مختلف صوبن مان شاعر اڳيئي پهچي چڪا هئا ۽ رات جي ماني کائي رهيا هئا. انهن مان ڪي منهنجا دوست هئا؛ ڪن سان شخصي واقفيت هئي ۽ ڪن سان فقط ادبي، حمايت علي شاعر، صهبا لکنوي، ابراهيم جليس (جو مقاله نگار جي حيثيت ۾ آيو هو ۽ صبح جو مقالو پڙهيو هئائين) وغيره ڪراچي مان آيا هئا. ظهير ڪاشميري ۽ قتيل شفائي لاهور مان آيا هئا. انهن ٻنهي صاحبن سان منهنجي اڳ جي واقفيت ڪانه هئي. منهنجو نوجوان دوست بشير مورياڻي اڳيئي اتي هو. جيڪب  آباد مان عبدالڪريم ’گدائي‘ آيو هو. ٻيو ڪوئي به سنڌي شاعر ٻاهران نه آيو هو. اهو ڏسي مون کي ڪجهه نااميدي ٿي.

”اٽڪل 10 بجي ڪارروائي شروع ٿي. مون صدارتي تقرير ڪئي- ’ناز‘ مرحوم جي سرزمين جي ساراهه ۾ ٻه چار لفظ چيا، ڪجهه اردو ادب ۽ سنڌي اب جي مسئلن جي باري ۾ ڳالهايو، ۽ پوءِ مشاعرو شروع ٿيو.

”مترنم آواز، مئڪرو فون تان فضائن ۾ ڦهلجڻ لڳو. ماڻهو محظوظ ٿيڻ لڳا. ’واه واه‘، ’ڪيا ڪهنا‘، ’پهر پڙهيئ‘ ’بهت خوب‘ جا آواز شاعرن لاءِ وسڪيءَ جون بوتلون کوليندا ويا. اردو مشاعرو اها جاءِ آهي، جتي تحسين ۽ تضحيڪ ۾ فرق ڳولڻ مشڪل آهي، جتي روح جي لات مان جڙيل سٽون ڪوڏين جي ملهه وڪامنديون آهن، جتي ساده مزاج شاعر هر جڙتو ساراهه تي ٺڳجي ويندا آهن! اهي بهادر علي شاهه ’ظفر‘ ۽ نواب واجد عليءَ جا زمانا ويا، جڏهن محفلن ۾ سنجيدگي وسندي هئي، شمع ڦرندي رهندي هئي ۽ ان جي جوت سان انساني ڏات ملي، ماحول کي ٻهڪائي ڇڏيندي هئي- پر انهيءَ غالب ۽ ذوق جي زماني ۾ به تخليق جي توهين ئي ٿيندي هئي- هينئر بيهودگيءَ سان ٿيندي آهي، تڏهن سنجيدگيءَ سان ٿيندي هئي؛ هينئر عوام ڪري ٿو، تڏهن خواص ڪندا هئا: شاعر ويچارو امر جو بندو، شاهه يا نواب جو تنخواهه دار، فخر سان قصيدي جا بند پڙهندو هو ۽ شهنشاهه ضل الله ڪنڌ ڌوڻي، پنهنجي بحر قافيه م پابند ساراهه تي خوش ٿي، ويچاري شاعر کي نوازيندو هو، ۽ شاعر ان ادبي ضمير فروشيءَ تي خوشيءَ ۾ نه ماپندو هو. ادا، مان جڏهن ’غالب‘ جهڙي عظيم شاعر جا قصيدا ڏسندو آهيان، ته اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن.

”ڪڏهن ڪڏهن هوا بند ٿيڻ سبب مونجهه پئي ٿي. مان فضا جي هانوَ – ٻوساٽ مان نڪرڻ لاءِ نيري آڪاش ڏانهن نهاريو. تارن جي کٽ تي گوريا ڪوئي ابدي شاعر ليٽيل هو، جو نور مان نغما جوڙي رهيو هو. منهنجو جسم اتي مشاعري ۾ هو، ليڪن منهنجو روح ترنم جي لهرن وانگر ٽڙي پکڙي ويو هو. مون سوچيو ته مشرق جو عوام فنڪار جي صحيح عزت ڪڏهن ڪندو؟ هاءِ، هي انسان، جي خدا فروش فقيرن جي قدم بوسيءَ ۾ کٿا نه ٿا پڄن، سي ڪڏهن ڄاڻندا ته سندن روحاني نجات جا وسيلا فقط ادب ۽ آرٽ آهن؟ اهو وقت ڪڏهين ايندو، جڏهن بيت آيتن کان اڳرا ليکبا؟ پنجن ڇهن سنڌي شاعرن سنڌي ڪلام پڙهيو، جنهن تي غير سنڌي عوام خنده زني ڪئي. انهن مان ڪن جو ڪلام واقعي کل جهڙو هو، پر سامعين ان جي معنويت تي نه ٿي کليا؛ هو فقط سنڌي زبان جي لهجي ۽ ڪن لفظن جي اُچار تي ٿي کليا. شايد هو سمجهي رهيا هئا ته سنڌي نااهل آهن. مون کي اها کؤنس اُگري لڳي. مان خوش ٿيان ها، جي هو سنڌي ڪلام جي بي معنائيءَ تي کلن ها، ڇو ته عبدالڪريم ’گدائيءَ‘ جي بيتن کان سواءِ، جو به سنڌي ڪلام پڙهيو ويو، تنهن مان اردوءَ جي پاروٿي شاعريءَ جي بانس ٿي آئي: اهي ئي ساڳيون اردو ۽ فارسي غزل جون جهونيون پراڻيون ترڪيبون، تشبيهون ۽ استعارا، جي خود اردو ۽ فارسي ادب ’ٿُو کٽا‘ ڪري ڦٽا ڪيا آهن؛ اهي ئي اوڳاڇيل پارسي لفظ، جي موجوده سنڌي غزل جي جان آهن ۽ جن تي هر سنڌي مشاعري ۾ ’واه واه‘ ٿيندي آهي! اَلا، هي شاهه لطيف جي سرزمين! ان جي ادبي تخليق جا سرچشما سُڪن، اهو ناممڪن آهي! معلوم نه آهي ته اسان جا شاعر ڇو پنهنجو ورثو وساري ويٺا آهن!

”رات جو ٻين بجي مشاعرو ختم ٿيو، گهر پهتس ته ننڊ نه آئي. شايد ڪوتا ننڊ جي پهاڄ  آهي- پوءِ ته لکندو رهيس …… جيستائين مؤذن بانگ ڏني- مخلوقات جاڳي، مان سمهي پيس! – تنهنجو ……“

شاهه جو رسالو

”ادا، هاڻي سر ’يمن ڪلياڻ‘ جي پنجين داستان جي آخري وائي اردو گيت ۾ ترجمو ڪئي اٿم. رات جا ٽي لڳا آهن. ڪتيون ڪر موڙڻ لڳيون آهن ۽ ڪائنات جا نيڻ ننڊ- آکرا آهن. وائيءَ جي هيٺين سٽ روح ۾ رقت جون لهرون اُڀاري رهي آهي:

’سرتيون جي مون وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ!“

اڄ اها سٽ منهنجي آس نراس جي آرسي آهي، منهنجي ساري روحاني ڪشمڪش جي آئينه دار آهي. گويا اها سٽ هڪ هندورو آهي، جنهن ۾ منهنجو هينئون جهولي رهيو آهي. ڪهڙي نه ڳوڙهن ڀري ڳُوڙهائي آهي ان ۾، ڪهڙو نه معنيٰ ڀريو ميٺاج! ’ننڊ نه هيريو نيڻ ……!‘ منهنجو تصور اُڏاڻو: صديون سميٽجي ويون ۽ مون انهيءَ ازلي مست کي ڀٽ تي، ستارن جي ڇانو هيٺان ڏٺو. مون ڏٺو نه لطيف پنهنجي لات ۾ سراپا محو هو. هن جي اکين اڳيان لفظ ڪتين وانگر جهرمر لڳائي بيٺا هئا، ۽ هو انهن مان ستارا ڇنندو، پوئيندو ٿي ويو. چوڌاري جهر جهنگ راتڙيءَ جي گود ۾ آرامي هو، پسون پکي ستا پيا هئا؛ ليڪن ڀٽ- ڌڻيءَ جي اکڙين ۾ ازلي اوجاڳو هو، گويا آتشين شراب سندس روح ۾ رچي رهيو هو، گويا رمزون ۽ راز ان جي مڌڀري هڳاءَ وانگر ڦهلجي رهيا هئا. هن تنبورو کڻي تار ڇيڙي. لوهه جي لڱن مان سيسراٽ اُڀري ويا. تند وڄڻ لڳي. رڳون رباب ٿينديون ويون. هن جي ساهه ۾ ابدي نغما سميٽبا، سمائبا ويا. راڳ مان ويراڳ وسڻ لڳو:

وسارج م ويڻ، جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا!

لوٺيون سهن لوڪ جا، وهاڻيءَ ٿيون ويڻ:

جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا!

اصل اَسارن جا، سُتي ويڙا سيڻ؛

جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا!

جيڏيون جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ:

جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا!

راتڙيون جاڳن جِي، سي آءٌ ڪندڙي سيڻ:

جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا!

آڌيءَ رات اُٿي ڪري، جهل تون ننڊا نيڻ:

جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا!

هر سٽ ۾ روحاني اضطراب آهي، هڪ مسلسل ڪيفيت آهي، جنهن جو جيئن پوءِ تيئن تاثر گهرو ٿيندو ٿو وڃي. انهن ۾ زندگيءَ جي تخليقي دور جي بي ثباتيءَ ۽ زندگيءَ جي تخليق جي ثبات جو اهڙو حسين تضاد پيدا ڪيو ويو آهي، جو هر سٽ کي چمي اکين تي رکي، روح جي رحل ۾ ويڙهي رکجي! مٿينءَ وائيءَ جي گهرائي، اهوئي محسوس ٿو ڪري سگهي، جنهن جي اکڙين جي اوجاڳن سان پياراڻي هجي؛ جنهن ساريون ساريون راتيون ستارن جي سنگ ۾ گذاريون هجن، جنهن جا شعر سندس نيڻن جي ننڊ مان جڙن، جو جاڳي، جلي، لوچي ۽ لهي.

”ادا، هن دفعي مون لطيف سائينءَ کي ڪافي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو آهي، ۽ پهريون دفعو صحيح معنيٰ ۾ هن جي فن جي عظمت محسوس ڪئي آهي. ترجمي ڪرڻ وقت مان هر بيت کي ڪئي ڀيرا پڙهندو آهيان- ڪائي ازلي مستي، وير وانگر وڌندي ايندي آهي، جا منهنجي روح کي ڇولين جي ڇوهه ۾ چوٽيءَ چاڙهي ڇڏيندي آهي، جتان مان سمنڊ جي سيني ۾ گهوري ڏسندو آهيان ۽ منهنجو روح پاتار ۾ پيهي، سپون سونجهڻ لاءِ مضطرب  هوندو آهي: رسالي جو اردو نظم ۾ ترجمو منهنجي بهترين عبادت آهي. شال مان اهو ڪم توڙ تائين سرانجام ڏئي سگهان! – تنهنجو پنهنجو ……“

[مهراڻ: سَرَءُ، 1955ع]

 

شيخ حفيظ                                                 ............. ڀائو! تتي تاوَ پيو جواب ڏيانءِ- رهي ڪين سگهيس.تو منهنجي دوستيءَ جي ڀيٽ ٻين جي دوستيءَ سان ڪئي آهي. واقعي اسان ٻنهي جي دوستي دنيا جي دوستين کان نرالي رهي آهي- ور ور ڪري وڙهيا آهيون. ڪنڌ ورائي ماضي جي پيچرن تي نظر ٿو ڪيان ته انيڪ ننڍڙا ننڍڙا جهيڙا کنڊڙيا پيا آهن- ڪڏهن ”ڪلفٽن“ جي ڪناري تي هڪ ٻئي کي واريءَ ۾ دسي ويٺا آهيون، ڪڏهن ڪراچيءَ جي فلئٽن ۾ ٺونشي بازيءَ جي مشق پياپچايون. الجهي الجهي وڇڙي ويا آهيون ۽ وري اهو ”تون“، اهو ”مان“، اهي ڀاڪر، اهي ڳراٽڙيون!

اڄ دل تي هڪ احساس طاري آهي ته تنهنجي منهنجي دوستي هميشه محض ائين ئي رهي آهي- انهيءَ دوستيءَ جو ڪو مقصد نه رهيو آ- ڪا مدعا ڪا نه هئي. اها دوستي هئي به، ۽ ڪا نه به هئي؛ ڄڻ ٻه روح هئا، ٻه غبار جا ٽڪر هئا، يا جهڙ جا ڪڪر هئا- ويجهو اچي ٽڪريا ٿي- هڪ ٻئي ۾ مدغم ٿي وڃڻ لاءِ ۽ پوءِ کنوڻيون هڻندا ڌار ٿِي ٿي ويا. ڪهڙو نه عجيب هو زمانو! پر افسوس، گذري ويو.

آءٌ خمارن غبارن جي دنيا جو رهواسي، اڳ توکي به پيچن ۾ اٽڪائي، فضائن ۾ اڏائي کڻي ويندو هوس؛ پر هاڻي انهيءَ دنيا ۾، تنهنجو ڇڪجي هلڻ، تولاءِ نه رڳو ڪٺن آهي، پر نقصان ڪار به آهي. آءٌ ادب جي تخيلاتي دنيا ۾ رهان ٿو، انهيءَ دنيا ۾ منهنجي دماغ تي هميشه خمار طاري رهن ٿا ۽ مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ اندر ۾ بخار ڀرجي آيا اٿم ۽ آءٌ ڪنهن ڪبوتر جيان فضا جي ڇولين تي ڇلڪي رهيو آهيان. تو آڪاس ۾ ڪنهن ڪبوتر کي هوا جي ڇولين تي ڇلڪندو ڏٺو به آهي، الاجي ڪين – پر آءٌ ڏسي چڪو آهيان.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي، ته آءٌ هٿين خالي پينو فقير آهيان. مون وٽ دنيا جو ڌن دولت ڪين آهي، پر پنهنجي دنيا ۾ آءٌ پاڻ کي تونگر سمجهندو آهيان. ڪڏهن ڪنهن افساني جو ڪردار وجود ۾ اچڻ کان پڙ ڪڍي بيهندو آهي، ته آءٌ ايئن جـُهرڻ لڳندو آهيان جيئن چيڪي مٽيءَ جي اوڏڪي ڀت ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾، هري هري حل ٿي، جهڄندي وڃي. ۽ پوءِ منهنجي روح جي انهيءَ حلاوت مان منهنجي افساني جو ڪردار ڪر موڙي، آرس ڀڃي، ائين اٿندو آهي، جيئن ڪو سَلوڪنهن شاداب زمين مان  اسرندو هجي يا ڪا نرتڪي نيهن مان اٿي جهومڻ ڳائڻ لڳي وڃي ۽ جڏهن منهنجي افساني جو ڪردار اهڙو روپ ڌارڻ لڳندو آهي ته آءٌ سمجهندو آهيان ته آءٌ خود خدا آهيان- خالق جو هوندو آهيان هڪ ڪردار جو.

تون چوندين: ”اڄ هن مست کي وري ڪا مفت جي مَي ملي آهي.“ پر جي سچ پڇين ته مون تي بنا پيتي به کيپ چڙهيل آهن. مون لاءِ ڪنهن شيءِ جو تصور به ڪافي ٿيو پوي. تون ان ڳالهه کي سمجهي ئي ڪين سگهندين. زندگيءَ جا لطف ڀل تو مون کان وڌيڪ ماڻيا هجن، پر جيڪي مزا مون کي منهنجي موهه ماڻايا، سي تنهنجي وس کان ٻاهر آهن. انساني زندگي لڙڪ مرڪ جي کچڻي آهي- توکي کلندي نير هارڻا پيا هوندا ۽ رئندي ٽهڪ ڏنا هوندءِ- پر منهنجي جندڙي ئي نرالي آهي.

پهرن جا پهر ڪنهن دلبر جي چاهه جي چکيا تي چڙهي، آءٌ کامندو پچندو رهندو آهيان؛ پر انهيءَ جهوريءَ جُهرڻ جي لطف تي، لالَ، آءٌ هوند ڪائنات قربان ڪري ڇڏيان! چانڊوڪي رات ۾ ساگر جي ڪناري ڪنهن پرينءَ سان پرت ڀرين ڳالهڙين جوتصور، ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ پوريءَ فضا تي بهار ڇانيل آهي، ۽ ڪو ديوانو پنهنجو تنبورو کڻي فضا ۾ گيت پيو پوکي- مڌر مٺڙيون راڳڻيون.

مون کي دنيا جي مالڪ جي ٺاهيل بي بقا مورتين سان هڪ طرف نفرت ٿي وئي آهي. ڪمبخت ڪر موڙي اٿنديون مس، ته ائين پسرڻ شروع ڪنديون، ڄڻ آيون ئي من ۾ چوچڙي لڳائڻ، باهه بکائڻ، ۽ وري وڃڻ لاءِ هيون. انهن جي ڀيٽ ۾ منهنجي من جي مورتين کي ڏس! مون پنهنجي مورتين کي قوس قزح جي رنگن سان رڱيو آهي. هڪ رنگ ٻيو وڌو اٿم، نالو اٿس ”بقا“. دنيا جي خالق جي تصويرن ۾ بقا جو رنگ آهي ئي ڪين- سڀ بي بقا آهن.

هيءَ هير گهلي، هيءَ رت بدلي؛

گل گل جي منهن تي مرڪ ملي-

افسوس انهيءَ مکڙيءَ تي، جا

نه کڙي نه ٽڙي، نه کِلي نه کُلي!

مون کي ائين ٿو ڀاسي، ڄڻ آءٌ ۽ الله ٻه بت گر آهيون. هو به ٿو بت ٺاهي، آءٌ به بت ٿو ٺاهيان. حسن ڪمال هن جي تمنا- حسن ڪمال منهنجي آرزو. مون شايد هيءَ ڏات، هيءَ تات وٽانئس ئي چورائي آهي؛ ڇو ته هو ازل کان آهي، ابد تائين هوندو ۽ آءٌ فاني آهيان- فنا ٿي ويندس. هوبه بت ٿو ٺاهي، آءٌ به بت ٿو ٺاهيان؛ هو به مصور، آءٌ به مصور؛ هو به خالق، آءٌ به خالق! البت- هن جا بت فاني، منهنجا بت لافاني؛ هنجا بت پريشان، منهنجا بت خندان؛ هن جا بت نياز ڪيش وارا، منهنجا بت بي نياز؛ هن جا بت تند خو، منهنجا سادا سٻاجهڙا!

ڏس اسان ٻن بت گرن جي ڪلا ۾ ڪيڏو نه فرق آهي!

بقا ۽ فن جي ٻن رنگن ڪيڏو نه هل هلاچو مچايو آهي!

صدين کان انسان ائين الجهندو رهيو آهي. فنا جو رنگ هر شيءِ تي حاوي ۽ طاري آهي. انسان خود به فاني آهي، پر تنهن هوندي به بقا جا عڪس پيو لوچي.

۽ آءٌ انسان آهيان.......... فاني انسان، خدا جو شاهڪار.

منهنجي فطرت ۾ بقا جي تلاش جو رنگ ڀريل آهي. ۽ مون ساهه جون سٽون ڏئي بقا حاصل ڪئي آهي. اها بقا مون ڏاتار بڻجي، پنهنجي نقشن کي عطا ڪئي آهي.

قدرت عظيم آهي. آءٌ- سندس نقش ڪمال آهيان، ۽ منهنجو نقش،حدِ ڪمال آهي. الاجي، تون منهنجي روح جي رباب جا هي سر سمجهي به سگهندين ڪي ڪين. ازل کان منصور سوريءَ کي سيج چئي، سر ڏئي، سردار ٿيو آهي. تون به شايد مون کي گهوگهو ڏئي، پوءِ منهنجي مزار تي مجاور بڻجي وهين!

مٺ جيترين ساعتن جي مهلت جيڪا جڳ ڏاتار مون کي ڏني آهي، تنهن ۾ مون کي پنهنجي نقشن کي سينگارڻو آهي، منجهن رنگ ڀرڻا آهن، ۽ سڀ کان وڌيڪ منجهن بقا جو ناياب رنگ ڀرڻو آهي.

تون منهنجي دنيا جي پيچيدگين کي نه ڪڏهن سمجهي سگهيو آهين ۽ نه سمجهي سگهندين. هي ازلي راز جيڪي منهنجي سيني ۾ سمايل آهن، آءٌ جي چاهيان، ته به توکي ڪين ٻڌائي سگهندس. ازل ڇاهي، ابد ڇاهي ۽ ڏاتار جي ڏات ڇا هي – سي سڀ اهڙا ته پيچيدا مسئلا آهن، جو منهنجي سمجهائي به تون شايد سمجهي ڪين سگهندين. مون کي ان دوست جي سمجهه تي رشڪ ايندو آهي، جنهن هڪ خط ۾ لکيو: ”وهمن وسوسن ۾ ويڙهيل مذهب، منهنجي لاءِ من گهڙت، جڙتو ڪهاڻيون آهن. فرقي بنديون ۽ ظاهر داريون مون لاءِ خود فريبي ۽ خدا فريبيءَ کان گهٽ ڪين آهي. خشڪ اخلاقيات جي ڳالهه منهنجي چپن تي هڪ شرارت ڀري مرڪ آڻيندي آهي. بهشت، دوزخ، گناهه ثواب، حرام حلال جي بحث تي ئي مون کي کل ايندي آهي- کل، جا مرڪ ۾ اسرندي، ٽهڪ ۾ ڦهلندي ۽ ساري ڪائنات کي وڻ ويڙهيءَ وانگر وچڙي ويندي آهي؛ ۽ پوءِ ڪائنات جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين گونجندي رهندي آهي. منهنجا ٽهڪ زمان ۽ مڪان جي سرحدن تي وڃي پڄندا آهن.“  انهيءَ دوست جيان آءٌ پڻ انهن سوالن تي کلي کيرو ٿي پوندو آهيان، ۽ راز ازل مون لاءِ ائين ظاهر ٿي پوندو آهي جيئن ڪا مهه وش حسينا پنهنجي عاشق جي آواز تي رخ تان نقاب لاهي وٺي- شرمائيندي، لڄائيندي، هزار ناز و ادا سان.

اڄوڪي محفل ۾ توسان انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي رهاڻ رهان. چنڊ لڙي اچي منهنجي دريءَ مان جهاتي پائڻ بيٺو آهي. آڪاس تي هلڪيون هلڪيون ڪڪريون اک ٻوٽ مچائي بيٺيون آهن. منهنجي نيڻن ۾ ننڊ جا کيپ آهن، ۽ آءٌ چاهيان ٿو ته جهٽ پل لاءِ اکيون ٻوٽي، ڪنهن پرينءَ کي ساري، نندرا ديويءَ جي گداز گود ۾ پئجي رهان.- منهنجو ٿڪل روح قرار لاءِ بيقرار آهي. تنهنجو – جهڙو به تون ڀائين.............

 

رسول بخش پليجو

سائين، ڏسندو آهيان ته لکندڙ اڪثر پڙهندڙن کي ليکي ۾ ئي نه آڻيندا آهن. چي: ”عام ماڻهن کي فن جي اسرارن ۽ نزاڪتن جي ڪهڙي خبر ؟“ تنهنڪري پڙهندڙن جي وجود کي پنهنجي اديبن وٽ تسليم ڪرائڻ لاءِ ”مهراڻ“ جي سرءِ واري پرچي تي هڪ سرسري نظر وجهي، هڪ پڙهندڙ جا تاثرات پيش ڪريان ٿو. آخر پڙهندڙن جي وات ۾ به ته زبان آهي!

مون کي الائي ڇو، اخبار يا رسالي ۾ ايڊيٽوريل نوٽ پڙهڻ تي دل نه ٿيندي آهي- شايد ان ڪري، جو ڪڏهن آءُ به اهي نوٽ لکندو هوس. هونئن به آءٌ ايڊيٽرن کي نجي ادبي خيال کان ڪجهه مڙيئي ”ايئن“ سمجهندو آهيان. سو هن دفعي جو اتفاق سان ”مهراڻ“ جي ”گذارش“ نظر مان ڪڍيم ته وڻندڙ حيرت لڳيم. لکندڙ جو تنقيد ڏانهن هڪ پاسي ۽ ٻوليءَ ۽ فن ڏانهن ٻئي طرف ڪهڙو رويو هئڻ کپي، تنهن تي ڪهڙي نه سهڻي ۽ ذهن نشين نموني روشني وڌي اٿوَ!

شيخ ”اياز“ جا من موهيندڙ دل ڌاتاريندڙپيارا بيت پڙهي، روح کي راحت آئي. اياز جي شاعري سنڌي ادب جي هن دور جي هڪ مکيه خصوصيت آهي. هو بنيادي طرح هڪ رومانوي شاعر آهي. سندس شعر جا موضوع به گهڻو ڪري روايتي آهن: محبوب جي فراق ۾ لڇڻ، سندس حسن جا گيت ڳائڻ، پنهنجي محبت جون ساکون ڏيڻ، کيس پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ٺهرائڻ، وغيره. هن جو محبوب جيڪڏهن ايراني ۽ اردو شاعريءَ کان اڌارو ورتل ڪونهي، ته سنڌي به ڪو نه ٿو لڳي. هن جي شاعريءَ ۾ محبت جو جيڪو ماحول ملي ٿو، سو سنڌ ۾ اڻ لڀ آهي. هن جي شاعريءَ جي دنيا گهڻوتڻو هڪ خيالي، تصور جي دنيا آهي.

پر اها اسان جي آسپاس واري دنيا نه هوندي به، اسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي ٿي. ان ۾ اسان کي پنهنجي دٻيل ۽ اڻ لکن امنگن ۽ جذبن جو تعبير ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان جو ماحول جيڪڏهن پنهنجو ڪونهي، ته صفا اوپرو به ڪونهي.

شيخ ”اياز“ جي شاعريءَ جي جان سندس موضوع نه پر فن آهي. اها سراسر سونهن رس ۾ رچيل آهي. هن جي لفظن ۾ جادو ۽ طلسم ڀريل آهي: هن جو تخيل گوناگون ۽ زمان ۽ مڪان جي قيدن کان بي نياز آهي. سندس جذبن ۾ مٺو مٺو سيڪ، اسرار ڀريو سوز، اٿاهه گهرائي ۽ بي پناهه خلوص آهي. سندس شاعري دل ۾ زندهه رهڻ جي هڪ بي پناهه تڙپ پيدا ڪري ٿي. ڪير هي وجد آڻيندڙ سٽون پڙهي بي اختيار ”واهه! واهه!“ چئي نه اٿندو!

پيڻ ۽ جيڻ، متو متوالن جو.

...

نهارن پيا نيڻ، سڄڻ جا سنسار مان.

...

پرينءَ کي پائڻ، رلندي پنهنجي راڳ ۾.

...

الا وقت اجهل! لتاڙيئي لک عاشقيون.

...

پرين سارو پٽ، ڇُهي ڇُهان ڪيترو!

...

او اڻ ڄاتل آءٌ، ڄاڻو منهنجي ڄاڻ جا!

”گدائيءَ“ جا بيت سنڌي عوام جي دردناڪ زندگيءَ جو چڀندڙ نقشو آهن-

آزادي آئي، پر ماڳ نه موٽي مارئي،

سنگهارن جي ساٿ ۾، ڪانهي سرهائي،

اڄ به هيڻن سان هلن ڏاڍا ڏاڍائي،

نڌڻڪين سان نت ڪرن عمر ارڏائي،

سڪر سڻائي، ناهي ملڪ ملير ۾!

ڪافين جو حصو هن دفعي ڪمزور آهي. اڳين جي وکر ۾ پير خدا ڏني ۽ صاحبڏني شاهه جون ڪافيون البت وڻندڙ آهن. اڄوڪن استادن ۾ ”غني“ ۽ گرامي“ ته، موضوعن جي ڳولا ۾، مڻئي جي موهه ۽ ڏونگر جي ڏاڍاين ۾ اڙجي ويا آهن. ”فائق“ ۽ ”برده“ جون ڪافيون چڱيون، ۽ ”رضا“ ۽ ”پنوهر“ جون موچاريون آهن. ”برده“ جي ڪافيءَ ۾ ”مخفف“ ”مشرف“، ”قلزم“ ۽ ”حزن“ جهڙا دير هضم لفظ کٽڪن ٿا.

گيتن ۽ نظمن جو حصو رسالي کي کڻيو بيٺو آهي. ”برده“ جي ”توکي ساهه سنڀاري“ ۾ بلا جو سوز ۽ شوخي ۽ اٿاهه رواني ۽ نغمگي آهي. منظرنگاريءَ سان ته حد ڪري ڇڏي اٿس. شيخ ”اياز“ جو ”تنهنجي تات تنوار“، ”خليل“ جو ”ڪيئن گذري هيءَ رات“، ”عارف الموليٰ“ جو ”اجهي ڄاڻ مسافر آيا“، ۽ ”صائب“ جو ”موٽ مسافر سپرين“، سڪ، اداسيءَ ۽ پياس جا دل ۾ چڀندڙ ورلاپ آهن. ”تنوير“ جو ”پيار جو سمنڊ اجهاڳ“ پيار جي بيخوديءَ ۽ سپردگي جي تصوير آهي. گوورڌن جي ”اوسيئڙو“ جو اونهو درد ۽ سوز ۽ بي انت اداسي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ئي نه ٿا ملن.

پمي مل  ”پياسي“ ۽ ”فائق“ جا سنڌيءَ جي شان ۾ قصيدا عمدا آهن. ٽيئي نظم شاندار آهن. غزلن ۾ شيخ ”اياز“، جو غزل لاجواب آهي. مهرچنداڻي ”مهر“ ۽ نعيم صديقيءَ جا غزل ۽ ٻين غزلن جا ڪي بند وڻندڙ آهن. ٻئي آزاد نظم سهڻا آهن، خاص ڪري ”برده“ جي ”هيڪلي ڪڪري“.

شيخ ”اياز“ جا خط نثر ۾ شاعري آهن. ادب لطيف واقعي انهيءَ کي چئجي.

مضمونن مان هر هڪ اسان جي ادبي خزاني جي سوني ڪنجي آهي. منهنجي خيال ۾ انهن مضمونن کي جيتري جاءِ ملي ٿي، سا بلڪل سجائي آهي ۽ مضمون نگارن جو جيترو احسان مڃجي سو ٿورو. البت فارسي شعرن مان ڪي ڳاڻ ڳڻيا خوش نصيب لطف وٺي سگهن ٿا. انهيءَ ڪري نموني طور ٿورا شعر ڏيئي انهن جو ترجمو پيش ڪرڻ کپي، ته جئن اسان جهڙا فارسيءَ کان ڪورا به ڪجهه پلئه پائين.

پڙهندڙن جي پيغامن ۾ بشير مورياڻيءَ جو پنهنجي باري ۾ لکيل مضمون انهيءَ هنڌ مناسب نه ٿو لڳي. شيخ حفيظ جو خط، آءٌ ڀانيان ٿو، ته شيخ اياز جي خطن سان وڃي ٿو ڪلهو هڻي. ههڙا خط اسان جي ادب ۾ هڪ حسين اضافو آهن. عمدين تجويزن جي خيال کان مينڌري سعادتيءَ جو پيغام گوءِ کڻيو بيٺو آهي.

آخر ۾- ۽ سڀ کان وڌيڪ افسانن بابت ٻٽي ڳالهيون چوڻ جي اجازت ڏيوم.

ربانيءَ جو ”بري هن ڀنڀور ۾ ههڙا هاڃا ٿين“ هن اشاعت جو بهترين افسانو آهي. گذريل ٻوڏن جي ڊرامائي پس منظر ۾ ڏاڍن پاڻ وهيڻن جي هيڻن سان هلت جي هڪ ڪڏهن به نه وسرندڙ جهلڪ ڏيکاري ويئي آهي. قدرتي آفتون، جن ۾ خود شيطان جي دل به ويچاري انسان جي دردناڪ حالت ڏسي پگهرجي ويندي هوندي، جڏهن هڪ جهڙي مصيبت بظاهر ڏاڍي ۽ هيڻي، وڏي ۽ ننڍي، امير ۽ غريب جا فرق ۽ ويڇا ڪکن مٺ وانگر  اڏايو ڇڏي، تڏهن به انسان ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني پنهنجي هم جنس کي ستائڻ جي وندر جاري رکڻ جا رستا ڳوليو وٺي- اهو ڏسڻو هجي ته هيءَ ڪهاڻي پڙهجي. افساني ۾ ٻوڏ جي راڱن جون تصويرون دل ڏاريندڙ آهن.

”.............. اٿل به اٿلن جهڙي! ميربحرن چيو ”اڇيون ڏاڙهيون انهن ڊونڊين ڊوڙائيندي ڪيوسين، پر ههڙو پاڻي اسان جي اکين نه ڏٺو! مالڪ مهر ڪري، باقي هيل خير ڪونهي“!

”........ رات ٿي، ته پاڻيءَ اچي ٺهڪو ڪيو نولکيءَ تي......... ورهين جا ڪاٻلي ٻٻر پاڙئون ڪڍي ڇڏيائين. چوڌاري گوگاءِ پيو ٿو ٿئي. چئه ڪو جهاج (جهاز) ٿو هوا ۾ گهوگهٽ ڪندو اچي!“

”چوطرف فضا ۾ پاڻيءَ جو ڪڙڪو لڳو پيو هو. ڇولين جو سٽڪو، مرن جو ٻهڪارون ۽ هڏڪارون!- سندس اکين ۾ خوف ڀرجي ويو! سامهون نولکيءَ جي ڪپر جو ڪو نالو نشان به ڪو نه هو! پاڻيءَ الاجي ڪيڏيءَ مهل ڪپر ڪڍي ڇڏيو!“

گفتگو به بلڪل قدرتي، سادي ۽ موادي آهي-

”پوءِ عيسيٰ تون ڪئن ڪندين؟ نولکيءَ جو ڪپر ڪندو ڪو جهالو، ڪي سٽ ئي ڪو نه جهليندو؟ ڊپ ڊاءُ هجيئي ته زوراور هلي آءُ پڪي تي. ٻه چار ڏهاڙا اچي هتي رهه- جيسين پاڻي موٽي ڪري ۽ سو ڪهڙو ٿئي.“

”وڏيرو آهي مڙيئي ارڏو ماڻهو. هيڻن تي ڪهل ڪبي آهي سائين.......! غريبن تي مڙيئي سدائين ڪٽڪي هوندي اٿس. بي شڪ به ڪجانءِ سائين، توسان اٿس گهڻي گهڻائي........ اميد هيم ته حاڪم جو در آهي....... ڇهين ڏهاڙي تي وڃي ٻڌايو مانس ته ڪم پورو ٿيو. تڏهن چيائين ته ”چڱو ٿيو. خوش هوندين، هاڻي ڀلي وڃ، توکي موڪل آهي.، منهنجي ته ڏند چپن سان لڳي ويا؛.... مشڪين ماڻهو!....... ڪٽنب ڀاتين جو....... هنن جي مفت ۾ مزوري ڪندا وتون ته ٻچن ٻارن جو واهي الله!“

افساني جي شروعات توڙي پڇاڙيءَ جا جملا دل ۾ کپي وڃن ٿا.

شروعات- ”بروهين واري ٻيلي جي چور پهي ۾، پراڻي نولکي واهه جي ڪڙ تي سندس چونرو هو.......“

پڄاڻي؛ ”........ ۽ پوءِ پاڻيءَ جي وڌندڙ ڇولين ۾، مٿان ڪرندڙ مينهن جي ڦڙن سان گڏ، عيسيٰ جي اکين مان ڳوڙها وسڻ لڳا.“

ابن الياس جو ”اختيار“ هڪ بدنصيب ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي. جنهن کي دولتمند پيءَ جي غرور ۽ گهمنڊ جي قربانگاهه تي پنهنجي عصمت ۽ زندگيءَ جي قرباني ڪرڻي پئي ٿي. ڪهاڻيءَ جو پلاٽ فطري ۽ اعتبار ۾ ايندڙ آهي. بيان ۾  هلڪي، اڻ لکي طنز ڪهاڻيءَ جي نتيجي کي وڌيڪ دردناڪ بڻائي ٿي. دولتمند ٿيڻ تي صوبيدار صاحب کي اڳيان سمورا ناتا وسريو وڃن- ڌيءَ جي سـڱ جو به!

”زندگيءَ جي شروعاتي دور ۾ اڃا پاڻ اهڙو چڙهيل ڪين هو... ڪڪيءَ کي ڪڇ ۾ کڻي اچي وڏي ڀاءُ کي هنج ۾ ڏنو هئائين: چي، ”ادا، ڀائرن جون ونڊيون ڀائر کائيندا!“ مگر هاڻ ”هڪ سج ٻه پاڇا آهي، جيڪو جڏهن چڙهي سو تڏهن سوار“-وڏو ڀاءُ مقاطعن ۾ ترين ڀر وڃي ڪريو، پر صوبيدار صاحب پاڻ بالا ٿي اپت مان سڻڀو ٿي پيو هو، ۽ هاڻي اڳين ڳالهه رڳو ٻڌڻ لاءِ به تيار ڪو نه هو.“

”ٻيا به ڪئين، سکر سڱ گهرڻ لڳا پر صوبيدار صاحب کي منجهن ڪو به پنهنجو ثاني شريڪ نظر نه آيو، هر ڪنهن ۾ ڪو نه ڪو نقص ڳولي ورتائين. سندس انهيءَ هوڏ ۾ خوبي ڏسڻ وارن جي کوٽ ڪا نه هئي.“

”هائو امان، ڏهن هزارن حق مهر کي ڇا ڪبو؟..... وڏي ڳالهه آهي انسان جي عزت.“ – تان جو نيٺ‎ سندس وفات کان پوءِ اها ”انسان جي عزت“ جنازي جي صورت ۾ وڃي قبر داخل ٿي-

”غلام فاطمه ......... کي ائين معلوم ٿي رهيو هو، ڄڻ ڪو پيٽ ۾ ڊوڙون پائي رهيو هو..... (کيس) رکي رکي اهو ئي خيال پئي آيو ته جيڪر ڪيڏانهن هلي وڃان ۽ ........ آجي ٿي اچان!......... اٿي ماٺ ماٺ ڪري شيشي ڪڍيائين........ (۽) يڪ ساهيءَ پي ويئي.“

ولو، جنهن جي ڪرتوتن، صوبيدار صاحب جي عزت جو جنازو ڪڍيو، سو ڇو غلام فاطمه جهڙي سڻڀي گراهه کي ڇڏي هليو ويو- سو ڪهاڻيءَ ۾ صاف ڪونهي. نه وري غلام فاطمه جي ڪردار کي سڌيءَ  طرح اڀاريو ويو آهي. پر انهيءَ هوندي به ”اختيار“ هڪ بهترين معياري افسانو لڳي ٿو.

ابن حيات پنهور جو ”واهه وڏيرا“ انساني نفسيات جي هڪڙي اهم  ۽ دلچسپ پهلوءَ تي روشني وجهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن انسان ٿورڙيءَ خوشامد ۽ڪوڙيءَ همدرديءَ جي اثر هيٺ اچي اهو ڪجهه ڪري وجهندو آهي، جيڪو هو جيڪر لکها روپين جي لالچ تي به هرگز نه ڪري ها. شمن خان ماڇي پاڙي جي وڏيري جي ڌيءَ ڀڄائي ويو. وڏيري کيس ختم ڪرائڻ جو پڪو پهه ڪيو. پر پنهنجي سر ڏيڻ لاءِ به تيار ڪو نه هو. تنهنڪري پنهنجي هڪ اٻوجهه ۽ ايماندار هاريءَ کي استعمال ڪرڻ جوخيال ڪيائين. وڏيري ۽ سندس ڪمدار جي چتر زبانيءَ ۾ اچي، گلڻ وسهڻ لڳو ته هو کيس پنهنجودل گهريو دوست ۽ مڙس ماڻهو ڪري ٿا سمجهن. انهيءَ خوش فهميءَ جي نشي ۾ هو آخر شمن کي خون ڪري وجهي ٿو ۽ وڏيرو گهر ويٺي پنهنجو ڪڌو مطلب حاصل ڪري ويو. ”واهه وڏيرا“ جي پلاٽ جي رٿا قابليت واري ۽ ان جي تڪميل عمدي آهي. بيان ۾ اڇاترائي ۽ لهر پڙهندڙ تي اثر ڪري ٿي. گلڻ کي ڦاسائڻ لاءِ وڏيري ۽ ڪمدار جي چالين کي بيحد نفاست ۽ نرالي هنرمنديءَ سان پيش ڪيو ويو آهي.

اياز قادريءَ جو ”فرشتو“ هڪ ماءُ لاءِ سندس پٽ جي محبت جي دردناڪ آکاڻي آهي. ماءُ ۽ اولاد جو رشتو سڀني رشتن کان وڌيڪ گهرو، پيارو ۽ لافاني آهي. جيجل جنهن جي پيرن هيٺ جنت چئي وڃي ٿي، جنهن جي خوشيءَ لاءِ لائق اولاد پنهنجي جان قربان ڪرڻ ۾ فخر سمجهندو آهي، سا جڏهن موت جي بستري تي آخري پساهه کڻي رهي هجي، تڏهن ڪهڙو پٿر دل پٽ هوندو، جو سندس خواهش کي پورو ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪري- ۽ سو به تڏهن جڏهن اها خواهش رڳو ٻٽن آنن جي دوا لاءِ هجي؟ ليڪن هڪ اهڙو به مصيبت جو ماريل بدنصيب پٽ آهي، جو مٺڙيءَ ماءُ کي دوا جي ڍڪ وٺي ڏيڻ جي سر ٽوڙ ڪوشش ۾ ناڪام ٿي، آخر دوا بدران کيس هڪ ٻيءَ شي جو ڍڪ آڻي پياري ٿو- زهر جو ڍڪ! ويچاري بي خبر ماءُ دعائون ڏيڻ لڳي ٿي. چي: ”ابا، تون ته ڪو فرشتو آهين!“ ”فرشتو“ اسان  جي سماجي نظام جي ٻاهرئين ڏيکاءَ جي ملمعي هيٺ لڪل هيبت ناڪ ۽ تلخ حقيقتن جو پردو چاڪ ڪري ڏيکاري ٿو، ته بک ۽ بيروزگاريءَ جون وبائون ڪيئن نه انسان جي گهرن، نازڪ ۽ نفيس جذبن ۽ خون جي لاڳاپن کي بي رحميءَ سان ٽوڙي ڇڏڻ جي پويان پيل آهن.

مرزا مراد عليءَ جو ”سوال“ به ساڳئي موضوع تي هڪ اثرائتي ڪهاڻي آهي.

ڪنهن ڪهاڻيءَ پويان زبردستيءَ ڪنهن خاص نتيجي ڳنڍڻ جو حرص ڪئن هڪ بهترين ڪهاڻي جو اثر ڪمزور ڪريو ڇڏي- سو ڏسڻو هجي ته شيخ حفيظ جو افسانو”مبارڪون“ پڙهجي. هن نوجوان افسانه نگار جي ڪهاڻين ۾ سنڌي عوام جي روزمره جي ٻول چال ۽ رهڻي ڪهڻي ۽ انساني سڀاءُ جي تاڃي پيٽي جي جيتري ڄاڻ ۽ انساني جذبن جو جيترو گهرو ۽ نازڪ احساس ملندو، سو ٻين ٿورن وٽ ملي ٿو. مثلاً ”مبارڪون“ جا هي فقرا افسانه نگار جي گهري مشاهدي، حساس طبعي ۽ رنگين بيانيءَ جا ڪيڏا نه لاجواب ثبوت آهن-

نئينءَ ڪنوار کي ماءُ جي نصيحت: ”امڙ، لڄ رکجانءِ! مڙس جئن پڪو تئن سچو! عمر ۾ چڙهيل آ ته ڇا ٿيو؟.... گهر ۾ گهوٽئن کان سواءِ پهر ئي ڪانهي. راڻي ٿي راڄ ڪندينءَ ..... دل نه لوڙهه.“

ڄڃ جو گهوٽيتن ۾ اچڻ: ”گاڏين جو رونگٽ شرناين ۽ دهل جي آواز ۾ دٻجي ويو..... زالن لهڻ شروع ڪيو. ننڍڙا ٻار.... جاڳي پيا ۽ شرناين  جي آواز ۾ سر ملائي روئڻ لڳي ويا..... ”اڙي ادي، منهنجو رئو ڪاڏي ويو؟...“ ”اڙي هي گلوءَ جو چولو ڪاڏي ويو؟ هت جو رکيم“.... ؟امان! او امان! اچي هي جُتيءَ جوپادر لڌم“... ”مائي شڪر ٿيو جولڌو. منهنجو ته هانءُ کاڄي ويو“!

پوڙهو گهوٽ ۽ نوجوان ڪنوار، شاديءَ جي رات: ”هن جو گهوٽ ڄاڃين کي روانو ڪري اندر پيهي آيو. ”سمهين پئينءَ ڇا؟ ٿڪجي پيئي هوندينءَ؛ ٺهيو ننڊ ڪر!“

ٻيءَ رات: ”..... هن پنهنجي گهوٽ جي شڪل چڱيءَ پر ڏٺي ۽ هن جي خوابن جو محل قلابازيون کائيندو اچي پٽ تي پيو. سٺ ورهين جو پوڙهو، هن جي پيءَ کان به وڏو، موت ۽ حيات جي جنگ جو نقشو سندس گهوٽ هو. هن جي دماغ ۾ سندس ماءُ جا لفظ وڄي رهيا هئا. ’اسان توکي سڱ سڃاڻي ڏنو آهي!’“

شاديءَ کان پوءِ: ”رتيون بدليون- اونهاري پٺيان سرءُ آئي، ڪڍ سيارو ۽ نيٺ بهار به آيو. ڳوٺ جي چوڌاري ٻنين ۾ پوکيل سرنهن گل ڪيا ۽ سڄي فضا ڀنل ڀنل خوشبوءِ سان رچي وئي.... سهاڳڻيون پنهنجي گهوٽن سان خوشيءَ سان گيت جهونگارڻ لڳي ويون. ۽ ڳوٺ جي پوري فضا هڪ مزي ۾ مٽجي پئي. ها البت هوءَ- هن جو وجود، انهيءَ مرڪ تي هڪ ٽهڪ هو. هن جي جوان مکڙي تي سدائين هڪ اداسي ڇانيل هوندي هئي.... ڳائينديون، کلنديون، الهڙ نينگريون هن کي ڏسي خاموش ٿي وينديون هيون.“

ڳوٺاڻي محبت: ”ڳوٺ جي ننڍڙيءَ دنيا ۾ پيار محبت جي ڪمي ڪا نه هئي... شام جو کوهن تي، واٽر جي تڙن تي ۽ راهه رند ائين ٻنين ۾ محبت پنهنجا گس ڳولي لهندي هئي. مگر.... هوءَ ڳوٺ جي چڱي مڙس جي زال هئي ۽ بس.“

پرڻيل عورت جي پهرين محبت: ”ڏينهن گذريا، هوءَ تڙپندي رهي.... پوءِ نيٺ لابارن پئي، هن جي به دعا قبول پيئي- هن جي منهن تي به هلڪي هلڪي، ڊنل ڊنل مرڪ تري آئي. هن جي دنيا ۾ به ڪنهن پير پاتو.“

زال هٿان زهر: ”هڪ رات جو جانل جي مڙس کي پيٽ ۾ اچي سور پيو؛ صبح جو نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو. جانل رنڙ ٿي پيئي. ڳوٺ جو چڱو مڙس مري ويو. ختما درود ٿيا. ڪنهن چئي ڪڍيو ته مڙس کي زهر مليل آهي!“

”مبارڪون“ چڀندڙ سچائي، گهري سوز، ۽ بي انت خلوص سان دولت جي لالچ ۾ نوجوان ڇوڪرين کي پوڙهن پڃرن جي حوالي ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ دل ڏاريندڙ نظارو پيش ڪري ٿو. ليڪن افساني جي آخر ۾ جانل ۽ گلڻ کي وڏيري جي خون ۾ آيل ڦاسيءَ خلاف ڪيل اپيل جي فتويٰ ٻڌڻ لاءِ چيف ڪورٽ ويندي واٽ تي ويٽنگ روم ۾ ويهارڻ، ۽ آخر ۾ ڦاسيءَ جي تختي تي گلڻ کي جانل ڏانهن پوليس وارو موڪلي، سندس حمل سان ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌي خوشيءَ ۾ جهومندو ۽ فتحياب ٿيندو ڏيکاري، هڪ دردناڪ ۽ همدردي پيدا ڪندڙ داستان کي جذبات جي وهڪري ۾ وهي، زبردستيءَ ڪامياب ۽ پسنديءَ جهڙيءَ پڄاڻيءَ تي آڻڻ جي افسوسناڪ ۽ ناڪام ڪوشش ڪري، افساني جي مجموعي تاثير کي ضربيو ويو آهي. مزي جي ڳالهه آهي ته اهو پويون واقعو هڪ غلط واقفيت تي ٻڌل آهي. حقيقت ۾ اپيل جي فيصلي وقت جوابدارن کي ڪورٽ ۾ گهرائبو ئي ڪونهي. قانوني دستور کان انهيءَ ناواقفيت ۾ ڪا به ايڏي اربع خطا ڪانهي، پر جنهن نموني افساني جي پڄاڻي ڪئي ويئي آهي، تنهن  جو اثر اهو ٿو رهي، ڄڻ ته نوجوان ڇوڪرين کي جيڪڏهن پوڙهن سان پلئه اٽڪي پوي، ته ان جو فڪر ڪونهي، جو سولو علاج ٻيو اهو آهي ته مڙسن کي زهر ڏيئي، پاڻ مزي سان وڃي يارن سان گڏ ڦاهيءَ چڙهن- رڳو ايتري پڪائي سا ڪري ڇڏين، جو پويان ڪا نشاني ضرور ڇڏي وڃن، جئن سندن ڪارناما هميشه ياد رهن! بهرحال پڇاڙيءَ ۾ بري ٺوڪر کائڻ جي باوجود ”مبارڪون،“ هڪ بيحد دلچسپ ۽ اوچي تخليق آهي.

ناٽڪ ”نجومي“ اڳ ڇپيل ۽ پڙهيل هجڻ جي باوجود ڪافي سوادي ۽ مزيدار ٿو لڳي.

ٻين ٻولين جي شاهڪارن بابت ڪجهه چوڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻو آهي- البت انتخاب ۽ ترجمي جو داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان.

اوهانجو...........

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org