سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :24

 

تعليم جو مؤثر ذريعو مادري زبان آهي

پهرين ٻولي، جا ٻار ٻڌي ٿو، سمجهي ٿو، سکي ٿو ۽ ڪم ٿو آڻي، سا هُن جي ماءُ جي ٻولي آهي.

اوسين تائين ته تعليم لاءِ ماءُ جي ٻوليءَ ئي نه رڳو مؤثر، سڀ کان مؤثر، پر واحد ذريعو سمجهي وڃي ٿي ۽ مڃي وڃي ٿي.

اُن کان پوءِ به، دنيا جي آزاد ۽ مهذب انساني معاشرن ۾ هر هنڌ، ۽ سڄيءَ انساني تاريخ ۾ اڄ تائين، تعليم جي نه فقط مؤثر، پر سڀ کان سستي ۽ سڀ کان آسان ذريعي طور ماءُ جي ٻولي ئي قبولي ويئي آهي ۽ استعمال ٿيندي آئي آهي.

فقط ٻاهران آيل مذهب ۽ ٻاهر جا فاتحَ ۽ حاڪمَ ئي مڪاني طور رائج ماءُ جي ٻوليءَ جي اها حيثيت ۽ اِهو حق ۽ اُن جي اِها لياقت قبولڻ کان انڪاري رهيا آهن ۽ انڪار ڪن ٿا - - ۽ اُن ۾ هر طرح اُنهن جا بالادستي ۽ استحصالي مفاد موجود هجن ٿا.

غيرمادري زبان ذريعي تعليم ورتل قومون يا معاشرا سدائين متعلقه مادري زبان وارين ’تعليمي‘ قومن يا معاشرن جا غلام، تابع ۽ محتاج رهيا آهن - - اقتصادي، سياسي ۽ سماجي طور - - سڌا سنوان ۽ ظاهر ظهور يا اڻ سنڌي ۽ اڻ لکائتي نموني.

اهڙن زيردست ۽ تابع معاشرن ۾ جڏهن تعليم لاءِ ٻوليءَ جي ذريعي جي ڳالهه ڪجي ٿي، ته تعليم جي سڄي سماجي مانڊاڻ يا ساج سٽاءَ (Mechanism) کي نه، پر فقط اُن جي رسمي پهلوءَ کي خيال ۾ رکي پوءِ اُها ڳالهه ٿي ڪجي - - ڇو ته اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، ڪتابن، اخبارن، ريڊين ۽ ٽيليويزنن، ۽ ڌارينءَ ٻوليءَ جي مذهبي واعظن ۽ مبلغن ۽ اُن جي اهڙن ٻين حڪومتي يا بالادستي واسطن کان علاوه ۽ انهن کان بلڪل دور رهي ڪري، ماڻهن جو باقي سڄو پنهنجو وقت پنهنجي مادري زبان جي سماجي فضا ۾ ئي رهڻ ٿئي ٿو - - ۽ اُهو سڄو وقت ۽، لساني طور ان سڄي پنهنجائپ جي فضا سان تعلق دوران، کين پنهنجي مادري زبان ۾ ئي حسي تربيت ۽ ذهني تعليم ملندي رهي ٿي. بالادست ۽ استحصالي مفاد کي دراصل اها عين فطري ۽ قدرتي صورتحال به ڏکي لڳندي آهي، ڇو ته اُن ۾ هو زيردست معاشري يا قوم کي پنهنجي گرفت مان انيڪ نمونن ۾ آجو ٿيندي ڏسي ٿو- - يا ڪم از ڪم، محڪوم قوم جي اُن غير رسمي تعليم جي دائري ۾ هو پاڻ کي ڪمزوري ٿو محسوس ڪري، ۽ اِنهيءَ ڪري اُن محاذ تي هو پاڻ کي ڪٿي به موجود نٿو ڏسي، ۽ اِنهيءَ ڪري بي اطمينان، ناخوش بلڪ غصي ۾ ڀريل رهي ٿو. ۽ پنهنجي اِها بي اطميناني، ناخوشي ۽ ڪاوڙ پوءِ هو ائين ظاهر ڪندو آهي، جو هو تابع معاشري يا قوم جي زبان جي استعمال ۽ اثر کي بلڪل ختم نه، ته به وڌ کان وڌ ۽ هر طرح گهٽائڻ ۽ محدود رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اُن ڪوشش ۾ پهريون نشان اُن جي اڳيان اِهو هوندو آهي ته ڪنهن طرح زيردست معاشري جي ٻوليءَ کي رسمي تعليم جي ذريعي جي حيثيت ۽ عمل کان محروم رکيو وڃي - - ريجهه راز ۽ ماٺ ميٺ ۾، نه ته زوران زوريءَ ۽ حڪما حڪميءَ به، بلڪ ٻنهي طريقن جي گڏيل ڪاريگريءَ ۽ ڪارستانيءَ وسيلي.

رسمي تعليم جي ميدان يا سرشتي ۾، ٻوليءَ جي حيثيت يا اهميت جي ڳالهه ٿي ڪجي، ته اُن لاءِ ٻوليءَ جي ٽن ڪارجن کي خيال ۾ رکڻو پوي ٿو: (1) تدريس جي ذريعي (Medium of teaching) جو ڪارج - - ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ تعليم لاءِ؛ (2) تدريس جي هڪ مضمون (A subject of teaching) جو ڪارج؛ ۽ (3) اَڻ- اکرائيءَ (Illiteracy) جي خاتمي لاءِ ذريعي جو ڪارج.

تدريس جي هڪ مضمون طور ڪنهن ٻوليءَ جي تعليمي کي اُن حد تائين ۽ اُن نوع جي ئي اهميت ملندي، جيتري ۽ جهڙي اهميت اُن کي تدريس جي ذريعي طور سڄي تعليم جي سرشتي ۾ مليل هوندي. جيڪڏهن تدريس جي ذريعي جو ڪارج اُن کي ابتدا کان وٺي اعليٰ تعليمي درجي تائين ادا ڪرڻو آهي، ته خود اُن جي پنهنجي تدريس يا سکيا جو اهتمام (هڪ مضمون جي صورت ۾) اُن ئي معيار يا درجي جو ۽ اُن ئي سطح مطابق ڪرڻو پوندو - - جيئن انگريزن جي دور ۾، اسان وٽ، خاص طرح انگلش ميڊيم تعليم جي متوازي سرشتي ۾، موجود هوندو هو؛ يعني سڄي سٽاءُ ۾، سڄو زور، ابتدا کان اعليٰ سطح تائين، انگريزيءَ جي پڙهائيءَ تي؛ ۽ ڪا ٻوليءَ ثانوي طور پاڙهڻ ۾ ايندي هئي ته اُها به فرينچ، لئٽن، جرمن وغيره - - نه سنڌي، نه اردو، ۽ نه وري محڪوم رعايا جي ٻي ڪا ٻولي، دنيا ڄاڻي ٿي ته اُنهيءَ خاص ۽ متوازي انگلش ميڊيم سرشتي تعليم جا پڙهيل امير نسل جا، يا ائين انگريزي پڙهي نئينءَ مان ڪي امير بڻيل، خاص شخص ئي هوندا هئا، جيڪي انگريزي سامراج جي عملداري سرشتي جا هتي اسان وٽ معتبر ۽ معتمد سُتونَ يا ٿنڀا هوندا هئا، ۽ اُهي ’عام رعايا‘ جي ڪا ٻولي پڙهندا يا سکندا به هئا ته اُها به فقط پنهنجي عملداريءَ جي ڏينهن ۾، ۽ سا به رڳو پنهنجي آقائن جي مفاد ۾ پنهنجي عملداريءَ جي فرضن ۽ ذميدارين جي ڪامياب ادائگيءَ لاءِ. انگريز سامراج، ملڪ جي سڄيءَ سياست کي لڳ ڀڳ اُهڙن ئي انگريزي پڙهيل ’دانشورن‘ هٿان آخر تائين پنهنجي ضابطي ۾ رکيو، ۽ پوءِ جنهن حال ۾ ۽ جنهن صورت ۾ اسان جي هيءُ دنيا هو ڇڏي ويا، اُها اڄ به گهڻي قدر سندن ئي پنهنجي عالمي مفاد جو رنگ ۽ روپ اختيار ڪيو بيٺي  آهي. تدريس جي هڪ مضمون طور ٻوليءَ جي تعليم، ٻين ڳالهين کان علاوه، ماڻهوءَ ۾ تخليقي ۽ اظهاري صلاحيتن کي وڌائي ٿي ۽ اُن حد تائين هن جي من ۾ خود پنهنجي لاءِ ۽ اُن ٻوليءَ جي ’معاشري‘ لاءِ عزت ۽ قدر جو جذبو اڀاري ٿي ۽ پختو ڪري ٿي - - ۽ جيڪڏهن اُها ٻولي ڪنهن پر ماڻهوءَ جي پنهنجي مادري ٻولي نه آهي ته، ردعمل طور، هن جي من ۾ پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۽ اُن جي وسيع ۽ عام معاشري لاءِ، جيڪو هن جو پنهنجو اصل معاشرو آهي، بنهه ڌڪار نه، ته به هتڪ، ٺٺول ۽ لاغرضائيءَ جا رخ اڪثر اڀرن ٿا؛ ۽ اُن سان گڏ، جيڪڏهن هن کي سندس ذاتي ۽ طبقاتي مفاد به اُن طرح يعني اُن ڌارينءَ ٻوليءَ جي معرفت، سِڌ ٿيندي ڏيکاري ڏين، ته پوءِ ته هو پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي جنمي ۽ اصلي معاشري کان پوري بيگانگي اختيار ڪرڻ ۽ انهن جي مفادن جي زيان کي نه رڳو خاموشيءَ سان برداست ڪرڻ بلڪ اُنهن کي پنهنجن هٿن سان پاڻ قربان ڪرڻ کان به ڪين گسندو. انهيءَ ڪري ئي مهذب ۽ آزاد معاشرا پنهنجي تعليمي سرشتي ۾ خود پنهنجي مادري زبان جي تعليم لاءِ بلڪل بنيادي ۽ مرڪزي حيثيت مقرر ڪندا آهن ۽ اُن تعليم کي اُن سرشتي جي اعليٰ کان اعليٰ سطح تائين خصوصي اهميت ڏيندا آهن.

اڻ اکرائيءَ جي خاتمي لاءِ، يعني اڻ پڙهيل بالغن، مردن ۽ عورتن جي تعليم لاءِ، ماءُ جي ٻوليءَ کي اڄ، پوري پوري تجربي کان پوءِ، دنيا ۾، پست کان پست معاشرن لاءِ به، واحد، سَستي ۾ سَستو ۽ آسان ۾ آسان ذريعو تسليم ڪيو ويو آهي.

ساڳيءَ ريت، ابتدائي تعليم لاءِ پڻ، عالمي پئماني تي، ۽ سماجي ۽ انساني مفاد جي سڀني حلقن ۾ - - پوءِ اُهي سياسي نوع جا هجن، مذهبي نوع جا هجن يا تهذيبي نوع جا هجن - - اتفاق راءِ سان، مادري زبان کي ئي واحد، سَستي ۾ سَستو ۽ آسان ۾ آسان ذريعو تسليم ڪيو ويو آهي.

بالغن جي تعليم توڙي ابتدائي تعليم لاءِ ڪا مادري زبان ذريعي جو ڪم ڏيئي سگهي، اُن لاءِ سڀ کان اول جا ضروري ڳالهه، بطور شرط جي مڃي ويئي آهي، اُها آهي اُن زبان جي رسم الخط يا لپيءَ جي موجودگي. ٻيو ان سان لاڳاپيل، ضمني شرط اُن لاءِ اهو ضروري مڃيل آهي ته، اُن لپيءَ ۾ لکيل پڙهائيءَ جو اڳ تيار ٿيل مواد موجود هجي، ۽ ٽيون، ته وڌيڪ پڙهڻ، ۽ پڙهائيءَ کي جاري رکڻ لاءِ شايع ٿيل ۽ شايع ٿيندڙ مواد به ڪافي ڪنهن انداز ۾ موجود هجي، ۽ چوٿون ته پڙهائي لاءِ تعليمي طور لائق ۽ پڻ تربيت پاتل استاد به موجود هجن، هنن ڳالهين سان گڏ، مالي وسيلا، پڙهائيءَ لاءِ عام گهرج جون شيون آهن ۽ ڪنهن خاص زبان جي پڙهائيءَ لاءِ ئي فقط لازم نه هونديون آهن. اِنهيءَ ريت ڏٺو ويندو ته اُن عام ضرورت جي ساز سامان سان گڏ ڪنهن خاص زبان جي تدريس لاءِ جن ڳالهين جي خصوصي ضرورت آهي - - يعني لپيءَ جي، ڪتابن جي ۽ استادن جي - - تن جو فوراً (يعني ڪنهن مقرر ڪيل، خاص مدت ۾) موجود ڪرڻ اهڙو ڪو مشڪل مسئلو ڪونهي، جيڪو وقت جي حڪومت حل نه ڪري سگهي: بشرطيڪ اُها اُن مسئلي کي، پنهنجي هڪ فرض منصبيءَ طور حل ڪرڻ گهري، ۽ اُن لاءِ عالمي طور مڃيل ۽ آزمايل اصول اختيار ڪري ۽ طريقا عمل ۾ آڻي. دنيا ۾، خاص طرح ٻيءَ عالمي جنگ کان پوءِ، جڏهن سوين ملڪ مغربي سامراجيت جي بيٺڪي اِشڪنجي مان آزاد ٿي، خودمختيار ۽ مستقل وطن جو درجو حاصل ڪري چڪا آهن - - مثلاً آفريڪا جي ’اونداهي‘ کنڊ جا ڪيترا ملڪ - - تن جي ڪوڙئين بلڪ سوين مادري زبانن جي تعليم لاءِ ان قسم جا اهتمام ڪيا ويا آهن، ۽ اُتي اڄ بالغن جي پڙهائيءَ لاءِ، ۽ پڻ ٻارن جي ابتدائي تعليم ۽ درجي بدرجي اعليٰ تعليم لاءِ اُتان جون اُهي مادري زبانون، تدريس جي ذريعي طور ۽ پڻ تدريس جي مضمون طور، استعمال ٿي رهيون آهن.

اِن سلسلي ۾، يعني مادري زبانن جي انهيءَ تعليمي ڪردار (Educational Rolc) جي حمايت ۾، جيڪو مادري زبانن جو فطري ۽ اصولي ڪردار آهي، عالمي پيماني تي، پهريون ڀيرو 1951ع ۾، ”يونيسڪو“ (UNESCO) جي ماهرن جي ميٽنگ ۾، هڪ زوردار ۽ پُر اعتماد آواز اٿيو. اُن ميٽنگ جي ڪارروائيءَ جي رپورٽ پوءِ 1953ع ۾ سڄيءَ دنيا جي قومن جي عام اطلاع طور پڌري ٿي، جنهن ۾ هڪ مطلق ڪُليي طور، اِهو رايو ظاهر ڪيو ويو ته ”تعليم جو عمل، بهترين قسم جو، ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ئي ممڪن آهي .... شاگردن کي پنهنجي اسڪولي تعليم ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ئي شروع ڪرڻ گهرجي .... ۽ اُن جو استعمال تعليم جي ممڪن کان ممڪن مٿاهين درجي تائين وڌائبو رهجي.“* اُن کان پوءِ، هيءُ رايو، هيلتائين ڪيئي ڀيرا، دنيا ۾ ماهرن ۽ تعليم دانن جي قومي ۽ بين الاقوامي اجلاسن ۾ وري وري پئي اعلانيو ويو آهي. مثلاً ”انگريزيءَ جي ڀيٽ ۾ آفريڪي ٻولين جو تعليم ۾ استعمال“ بابت ڪوٺايل يونيسڪو جي هڪ خصوصي ڪانفرنس ۾، هيءُ نتيجو اخذ ڪيو ويو ته ”جيڪو ٻار پنهنجي ٻوليءَ جي ماحول ۾ رهي ٿو، تنهن لاءِ بهترين صورت هيءَ آهي ته هن کي سندس مادري زبان ۾ تعليم ڏني وڃي“ ۽ ٻيو ته ٻارن کي جيتري به زياده ۾ زياده ٿي سگهي اوتري مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ گهرجي (ڏسجي: ”آفريڪي ڪامن ويلٿ جي ملڪن ۾ ٻوليءَ ۽ تعليم جو مسئلو،“ از بي- ڊبليو- ٽفن، ص ص. 73-78، آڪسفورڊ يونيورستي پريس، لنڊن، 1968ع)**. اُن کانپوءِ 1972ع ۾ يونيسڪو جي ماهرن جي مشاورتي ڪاميٽيءَ جو ”ٻوليءَ جي تعليم بابت سرڪاري پاليسيءَ جي تربيت ۾ لسانيات ۽ سماجي لسانيات جو دخل ۽ ڪردار“ جي موضوع تي مذاڪراتي جلسو ٿيو؛ جنهن ۾ ”يونيسڪو“ جي 1953ع واريءَ رپورٽ سان ئين سر اتفاق ظاهر ڪيو ويو، ۽ چيو ويو ته ”خود اهڙين حالتن ۾، جڏهن ڪنهن مادري زبان جا ڳالهائيندڙ ايتري تعداد ۾ موجود نه هجن، جو اُن ۾ تعليمي مواد جي ڪتابي اشاعت ڪنهن وڏي پيماني تي مناسب لڳي، ڪم از ڪم شروعاتي انگن اکرن جي سکيا، بهرحال، انهن حالتن ۾ به، مادري ٻوليءَ ۾ وڌيڪ مفيد ٿيندي“ (ڏسجي، ”ٻولي سکيا جي عمل ۽ پاليسيءَ ۾ لسانيات ۽ سماجي لسانيات جو ڪردار،“ ص 11، يونيسڪو، پئرس، 1972ع*).

”اقوام متحده جي ”يونيسڪو“ تنظيم طرفان تعليمي اصول ۽ عمل بابت اِهي اظهار ۽ اعلانيه رايا، اِن مسئلي تي عالمي فتويٰ جو درجو رکن ٿا، جن جي تسليميءَ کان انڪار ۽ تعميل کان گريز فقط اُهي حلقا ڪن ٿا، جي پنهنجي استحصالي بالادستيءَ ۽ حاڪميت کي قائم رکڻ چاهيندا آهن، يا اُهي جيڪي پنهنجي زيردست حيثيت يا غلامانه صورتحال تي راضي هوندا آهن يا اُن تي مطمئن رهن ٿا.“

[سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن، ميرپورخاص، جي لطيف يادگار مجلس، مورخه 19-11-1981ع، جي تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي ميڙ ۾ پڙهيل تقرير].

 


 

26-28 نومبر 1981ع تي سنڌ مدرسي، ڪراچيءَ ۾، ٿيل سنڌي ساهت ڪانفرنس جا ٺهراءَ

سنڌي ساهت ڪانفرنس 1981ع جي آخري اجلاس ۾ سنڌ جي ليکڪن، شاعرن، عالمن ۽ تعليمي ماهرن جو هيءُ نمائنده ميڙ حڪومت جي تازين پاليسين ۽ انهن جي نفاذ لاءِ ورتل اپائن جي پيش نظر سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ تعليم جي مستقبل کي تشويش جي نظر سان ڏسي ٿو، جن مطابق ٻوليءَ جي درجي ۽ اسڪولن ۾ تعليم جي ذريعي طور ان جي استعمال، ۽ ابلاغ عامه ۽ تفريحي ذريعن جهڙوڪ پريس، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جهڙن شعبن لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون ويون آهن، اهي سڀ فقط اردوءَ کي اڀارڻ ۽ ان تي مڪمل زور ڏيڻ جو اظهار ڪن ٿيون. بطور ليکڪن، معلمن ۽ بطور والدين جي پنهنجي  فرض ۽ ذميداري جو لحاظ ڪندي، اهو فيصلو ڪيو ويو اهي ته سنڌ جي صوبائي حڪومت ۽ پاڪستان جي وفاقي حڪومت کي سنڌ جي عوام جي هيٺين جائز مطالبن جي پورائي لاءِ تڪڙن ۽ مؤثر اپائن وٺڻ ڏانهن متوجهه ڪجي، جن ذريعي کين سندن بنيادي انساني حق ملي سگهن، جهڙوڪ سندن ٻوليءَ، ثقافت ۽ تعليم جو حق، جيڪو بنيادي انساني عدل، انصاف ۽ مساوات جو بنياد آهي ۽ جنهن جي کين اسلام ۾ پڻ ضمانت ڏنل آهي. اهي مطالبا پاڪستان جي نظريي سان پڻ مطابقت رکن ٿا جنهن ۾ پاڪستاني ملت لاءِ بنيادي ڳالهه اسلام کي سمجهيو وڃي ٿو، ۽ نه ئي ٻوليءَ کي. اُهي مطالبا هي آهن:

(1) صوبائي ٻوليءَ طور سنڌيءَ جي واڌاري ۽ نفاذ لاءِ سنڌي ٻولي ڪائونسل جو قيام، جيئن سنڌي ٻوليءَ جي پڙهائي، ترقي ۽ ان جي استعمال واري ائڪٽ 1972ع ۾ ڄاڻايل آهي.

(2) ڪراچيءَ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ جتي سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو اقليت ۾ آهن ۽ پڻ راولپنڊي – اسلام آباد فيڊريل ايريا ۾ 25 سنڌي ميڊيم ٻارن جي گهٽ ۾ گهٽ ڪلاس/ گريڊ تعداد لاءِ سنڌي ميڊيم پرائمري/ سيڪنڊري تعليم جو قانون.

(3) سنڌ جي سڀني اڳوڻن انگلش ميڊيم اسڪولن جهڙوڪ سينٽ مائيڪلس ميرپورخاص، سينٽ ميريز ۽ سينٽ لارينس سکر، ۽ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي اهڙن سڀني اسڪولن ۾ سنڌي ميڊيم سيڪشن قائم ڪرڻ.

(4) سنڌ صوبي جي مقرر تعليمي نصاب مطابق ڪراچي شهر جي سڀني اردو ميڊيم تعليمي ادارن، خاص طور جيڪي ڪي. ايم. سي. پاران هلايا وڃن ٿا انهن ۾، هڪ مضمون طور سنڌي پڙهائڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جا استاد مقرر ڪرڻ.

(5) سنڌ صوبي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن لاءِ اسڪولن، ريڊيو ۽ ٽريننگ ڪاليج ۾ عام سنڌي ذريعي تعليم ۽ تعليم بالغان جا پروگرام فوري طور عمل ۾ آندا وڃن.

(6) وفاقي سطح تي ٻارن جي مضمونن جي مقابلن وغيره ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارڙن لاءِ سنڌي زبان ۾ لکڻ جي حق کي تسليم ڪيو وڃي.

(7) وفاقي انتظامي ملازمتن توڙي سنڌ صوبائي انتطامي ملازمتن ۽ ٻين ملازمتن جهڙوڪ درس تدريس لاءِ ٿيندڙ سڀني چٽاڀيٽين وارين ٽيسٽن ۾ سنڌيءَ کي امتحان جي مضمون طور تسليم ڪيو وڃي.

(8) ڪراچي ٽي. وي. اسٽيشن تان ٽيليڪاسٽ ٿيندڙ پروگرامن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اَڌُ وقت سنڌيءَ ۾ ٿيندڙ پروگرامن کي ڏنو وڃي.

(9) خيرپور ميرس ريڊيو اسٽيشن تان سنڌيءَ نشريات جا انتظام ڪيا وڃن ۽ اتان نشر ٿيندڙ پروگرامن ۾ %50 پروگرام سنڌي زبان ۾ هئڻ گهرجن.

(10) ڪراچي ريڊيو اسٽيشن ۽ ڪراچي ٽي. وي. اسٽيشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اَڌُ پروگرام پروڊيوسر سنڌي زبان ڄاڻندڙ رکيا وڃن. ساڳيءَ طرح حيدرآباد ۽ خيرپور ميرس ۾ اهڙن پروگرام پروڊيوسرن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ %60 هئڻ گهرجي.

(11) ملڪ جي اندر سنڌ صوبي سميت ٻين صوبن ۾ جيئن اردو ۽ انگريزي زبانن وارين اخبارن ۽ رسالن کي ڊڪليئريشن آسانيءَ سان ڏنا ٿا وڃن، ساڳيو طريقي ڪار سنڌي اشاعتن جي ڊڪليئريشن لاءِ رکيو وڃي.

(12) ملڪ جي اندر سنڌ صوبي سميت ٻين صوبن ۾ جهڙيءَ طرح ٻين ٻولين جي رسالن ۽ ڪتابن تان بندش هٽائي ويئي آهي، ساڳيءَ طرح سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي اڳوڻي حڪومت طرفان وڌل بندش هٽائي وڃي.

(13) سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ اشتهارن لاءِ مخصوص ڪيل جملي فنڊ مان %50 سيڪڙو سنڌي اخبارن ۽ رسالن لاءِ مخصوص ڪيو وڃي.

(14) هري پور هزارا گورنمينٽ ورڪ شاپس ۾ معياري پورٽيبل سنڌي ٽائيپ رائيٽنگ تيار ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن.

(15) ملڪ جي مختلف هنڌن تي قيد ڪيل سنڌي زبان جي سڀني شاگردن ۽ ليکڪن کي آزاد ڪيو وڃي.

(16) اڳوڻي حڪومت طرفان ان جي قوميائڻ واري پاليسيءَ هيٺ کنيل سنڌ مدرسو اُن جي بورڊ جي حوالي ڪيو وڃي.

(17) جناح ڪورٽس مسلم هاسٽل کي، جيڪا مسلم ٽرسٽ پراپرٽي آهي، ان جي حقدار بورڊ آف ٽرسٽيز جي حوالي ڪيو وڃي.

[1981ع]

 

سنڌي ٻولي ڪائونسل قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن جي اپيل

(هيءَ استدعا سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن طرفان پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، صدر سنڌ مدرسه بورڊ جي اڳواڻيءَ ۾ 14- سيپٽمبر 1981ع تي سنڌ جي سينئر وزير مير رسول بخش ٽالپر ۽ وزير تعليم، ثقافت ۽ قانون سيد غوث علي شاهه کي پيش ڪئي وئي.)

1- پاڪستاني قوم جي نظرياتي اساس جو واحد بنياد اسلام آهي. اُن ۾ زبان جو يا ڪنهن ٻيءَ شي جو اضافو لازمي طور ان کي لوڏي ۽ ڪمزور ڪري سگهي ٿو.

2- هر سطح جي تعليم جي ذريعي طور مادري زبان کي سڄيءَ دنيا منجهه قدرتي ۽ سڀ کان موثر ذريعو سمجهيو ۽ مڃيو وڃي ٿو: ان کان سواءِ مادري زبان ماڻهن جي ثقافتي ورثي جو ڀنڊار به آهي ۽ واهڻ به آهي. انهيءَ ڪري پنهنجي مادري زبان کي، اهڙي هڪ لاثاني قدر ۽ ماڻ جي مظهر طور پيار ڪرڻ ۽ هنئين سان لائڻ، ان جي حفاظت ڪرڻ ۽ ان کي زور وٺائڻُ ان جي ماڻهن جو لازمي فرض آهي.

3- پاڪستان جي 1973ع جي آئين مطابق اردو اسان جي قومي زبان آهي، سرڪاري استعمال جي ڪارڻ طور- ۽ ان ڪارج ۾ ان کي، سنڌ جي صوبي اندر، سنڌي زبان کي پاڻ سان شامل ڪرڻو آهي، جيڪا اسان جي مادري زبان آهي.

4- 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان وٺي، اسان جي ٻارن جي تعليم جي ذريعي توڙي سرڪاري استعمال جي سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي رتبي کي هر نئين وفاقي حڪومت جي آڏو پيش ڪيو، سمجهايو ۽ واضح ڪيو ويو آهي، ۽ انهن سان هر حڪومت واري واري سان ڪجهه ”نه نه، ۽ ”ها ها“ ڪرڻ کان پوءِ، اسان جي زبان جو اهو رتبو پوري ذميدارانه انداز سان قبوليو ۽ منظور پڻ پئي ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سندن 1956ع، 1962ع، 1967ع، 1972ع ۽ 1974ع جا هائوڪاري اعلان موجود آهن.

5- بدقسمتيءَ سان، پنهنجي زبان تي اسان جي حق جو اصول ۽ ان جو استدلال، بهرحال، ساڳيءَ ڪشاده دليءَ سان شايد ڪڏهن به قبوليو نه ويو. ان کي پوريءَ طرح ماڻڻ لاءِ اسان جي مدد ڪرڻ جو به سوال ئي پري رهيو. وفاقي انتظاميه جي ماتحت ڪراچيءَ جي علائقي ۾ 1948ع کان وٺي 1956ع تائين سنڌي پرائمري اسڪولن جي حوصلي شڪني؛ ون يونٽ جي 1956ع کان 1970ع تائين واري دور ۾، سنڌي زبان جي تدريس ۽ ذريعي تعليم جي قيمت تي، اردو زبان ۽ ذريعي تعليم جو سڌو توڙي اڻ سڌو فروغ ۽ حمايت؛ ۽ ذريعي تعليم ۽ سرڪاري استعمال جي سلسلي ۾ اڄڪلهه جو ڏسڻ ۾ ايندڙ ايترو جوش ۽ تاءُ، جنهن ۾ صوبي ۾ سنڌي زبان جا ساڳيا حق ۽ ساڳيون دعوائون تقريباً مڪمل طور نظرانداز ٿي رهيون آهن- اِهي سڀ ذميدار اختياري دائرن جي دلي خواهشن ۽ ارادن جا واضح نشان پيا معلوم ٿين، ۽ ائين پيو ڏسجي ته هو شايد اهڙيءَ ڪنهن صورتحال کي وڌيڪ پسند ٿا ڪن ته اسان جي مادري زبان مرڳو موجود ئي نه هجي.

6- تازو ڪافي ڪجهه فيصلا تعليمي ۽ زبان سان لاڳاپيل پاليسين ۽ ذريعي تعليم ۽ سرڪاري استعمال جي زبان متعلق پڌرا ڪيا ويا آهن. اهي ۽ انهن جي وڏي شهرت، جيڪا ريديو، ٽي وي ۽ پريس ۾ ٿي رهي آهي، ۽ خصوصاً ان قسم جا نعرا، جيڪي ابلاغ عامه جي ذريعن تان لڳندا ۽ ٻُرندا ٿا رهن- اهي سڀ هڪڙي ڪنهن ڊيڄاريندڙ صورتحال جي نشاندهي ٿا ڪن. ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ڄڻ اسان پاڪستاني قوميت لاءِ اسلام جي واحد اِساسي بنياد تان ڪجهه لڏي ويا آهيون ۽ اُن جي عوض ”زبان“ کي آڏو آڻي رهيا آهيون. پنهنجي قومي نظريي تان ائين هٽڻ يا مڙڻ جا خلاف خاطر نتيجا آسانيءَ سان اسين پنهنجي تصور ۾ آڻي سگهون ٿا.

7- هيءَ عجيب ڳالهه  آهي ته پنهنجن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ وٽ اسلام جي رهبريءَ جي موجودگيءَ هوندي، اسين گذريل 34 سالن جي عرصي ۾ به پنهنجي ٻارن جي تعليمي ذريعي جي مسئلي کي حل نه ڪري سگهيا آهيون. ڏسجي ٿو ته ائين رڳو هڪڙي معمولي سبب جي ڪري ٿيو آهي، ۽ اُهو هيءَ ته اسين اصولي فيصلا نه ٿا ڪريون، ۽ اُن جي بدران، پنهنجن گروهي مفادن کي اڳڀري ڪرڻ جي سهوليتن پيدا ڪرڻ لاءِ، مسئلن کي منجهيل ۽ مبهم حالت ۾ ڇڏڻ وڌيڪ پسند ٿا ڪريون.

8- اڄ، ڪراچيءَ سوڌو سنڌ جي تقريباً سڀني شهري ايراضين ۾، بنيادي ابتدائي سطح کان وٺي مٿي تائين، اسان جي ٻارن جي سنڌي ذريعي جي تعليم بيحد دکدائڪ حد تائين بي توجهيءَ جو شڪار آهي. اسان جي مادري زبان، قومي زبان سان گڏ، صوبي ۾ سرڪاري ٻوليءَ جي ڪردار ادا ڪرڻ جهڙي ٿي سگهي- جيئن آئين ۾ ان جي اجازت موجود آهي- اُن لاءِ ان جي صلاحيتن جي فروغ لاءِ ڪجهه به نٿو ڪيو وڃي. پبلڪ خرچ تي هلندڙ ٽي. وي. ۽ گهڻي قدر خود ريڊيو به، صوبي جي هڪ زنده ۽ جديد زبان جي حيثيت ۾ سنڌيءَ کي تسليم ڪرڻ لاءِ مشڪل ڪي تيار آهن. پنهنجي ادبي فروغ جي سلسلي ۾ اسان جي ٻوليءَ کي پنهنجن ئي مختصر وسيلن تي ڀاڙڻو پوي ٿو، ۽ ان جي پريس جو، ماٽيجي ماءُ جي داٻ هيٺ، ڏاڍو برو حال آهي. درسي ڪتابن جي تياريءَ ۽ پهچ جي سلسلي ۾ سنڌي درسي ڪتابن تي ڪو توجهه آهي ته فقط سڀ کان آخر ۾ ۽ رڳو بار لاهڻ طور. اسان جي ٻارن کي اهو موقعو ۽ وجهه به ڪونه ٿو ملي ته هو سرڪاري طور اعلان ٿيل ٻارن جي انعامي مقابلن ۾ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي نالي ۾ ۽ ان جي ذريعي ڪو حصو وٺي سگهن.

9- پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي هڪ کان وڌيڪ زبانون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا، زبانن جو مسئلو ائين حل ڪونه ٿي سگهندو، جو ان کي نظر انداز ڪيو وڃي، ان کان نٽايو وڃي يا مرڳو ان کي دٻايو وڃي. محض نمائشي وعظ جي نموني جا فقرا يا ڳالهيون ان کي ڪڏهن حل ڪونه ڪنديون. اهڙن طريقن سان اسين وڌيڪ مونجهاري ۾ پونداسين، جيئن انهن جي استعمال سان اسين اڳي ئي مونجهاري ۾ آهيون. نيتن جي سچائيءَ ۽ مقصد جي نيڪيءَ ۽ اخلاص جي بنياد تي، مسئلي جو حل ڪو ناممڪن به ڪونهي. ساڳين حالتن ۾ رهندڙ ملڪ ۽ ماڻهو هن مسئلي کي حل ڪري چڪا آهن. اسان لاءِ اسلام جي راسخ العقيدگي پڻ هن سلسلي ۾ رهبريءَ جو ڪم ڏيئي سگهي ٿي: اسلام دراصل ڪنهن خاص ٻوليءَ جو دوست نه آهي، اسلام سڀني ٻولين کي ساڳئي قدر ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو.

10- سچ پچ ته وقت آيو آهي، جو اسين هن توڙي اهڙن ٻين معاملن ۾ پنهنجي ضمير جي آڏو صاف دليءَ سان، پنهنجي پاس خاطرين ۽ مخصوص دل پسندين جا قبولدار ٿيون، ۽ پاڪستاني ملت جي مساوات، اخوت ۽ قرابت خاطر پنهنجي انفرادي ۽ گروهي رٿابندين ۾ سچي پچيءَ نيڪ تمنا- يعني سڀ جي ڀلائيءَ جي تمنا- کي دخلڪار ٿيڻ ڏيون، ته جيئن هيءُ يا اهڙا ٻيا مسئلا مٺ محبت سان حل ڪري سگهون، جنهن ۾ ئي دراصل اسان جي آئينده نسل جي دائمي ڀلائي- عادلانه ۽ معتدل ڀلائي آهي.

11- اسان جي من ۾ اهڙي قسم جو اخلاقياتي ڦيرو اچي. اُن جي ذميداري اسان مان جيڪي طاقتور گروهه آهن، تن جي سر تي آهي ۽ نه ڪمزور گروهن تي.

12- پهرئين قدم طور- جيئن اسان ۾ باهمي سلامتيءَ ۽ مٺ محبت جو هيءُ رخ پيدا ٿئي، ۽ باهمي حسد، بي اعتباريءَ جي باهه ٿڌي ٿئي ۽ وسامي وڃي- اچو ته هيءُ ٻولين جو مسئلو اسلامي طريقن سان- يعني بي غرض، ذميدار ۽ سڀ کان وڌ، اصول پسند طريقي سان حل ڪريون. وقت بوقت، رڳو خود خيال ۽ عقلَ ڪُل جي ڏيکاءُ ڏيندڙ اعلانن ۽ پڌرنامن مان هن سلسلي ۾ ڪو فائدو ٿيڻو ڪونهي.

13- هن معاملي ۾، جنهن کي اسين پاڪستاني ملت جي مستقبل لاءِ هڪ بيحد اهم معاملو سمجهون ٿا، اسين سنڌ صوبي جا هيٺ صحيح ڪندڙ ليکڪ، شاعر، فنڪار، استاد، شاگرد ۽ عام سمجهه رکندڙ ننڍا وڏا ماڻهو سڀ پوريءَ ذميداريءَ سان گهر ٿا ڪريون ته هڪ ”ڪل- پاڪستان ٻولي ڪميشن“ مقرر ڪئي وڃي، جنهن تي، سڀني ٻولين جي مفادن کي خالص علمي نقطي نگاهه کان هڪ جيتري نمائندگي حاصل هجي، ته اِها پاڪستان ۾ ٻولين جي مسئلي تي غور ۽ فڪر ڪري، ان بابت پوري پوري پڇا ڳاڇا ڪري ۽ هڪ جامع رپورٽ پيش ڪري، جنهن تي ڪل- ملڪي پيماني تي آئيني، انتظامي ۽ تعليمي طور عمل ٿي سگهي.

14- جيڪڏهن اسان جي هن خواهش کي، ڪنهن خيال کان، حد کان مٿي يا ٻاهر سمجهيو وڃي، ته ان حالت ۾ اسين سنڌي زبان لاءِ هڪ ”بااختيار اعليٰ حڪومتي انتظاميه“ جي فوري مقرريءَ جي گهر ڪريون ٿا، جيڪا 1972ع جي سنڌ قانون نمبر 2 جي اغراض و مقاصد جي تعميل لاءِ گهربل موقعا، سهوليتون ۽ وسيلا پيدا ڪري، جيڪو قانون اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي عين مطابق، سنڌ صوبائي قانون ساز اسيمبليءَ، سنڌ صوبي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم، ترقيءَ ۽ قومي ٻوليءَ سان گڏ، هڪ صوبائي ٻوليءَ طور سرڪاري استعمال لاءِ پاس ڪيو هو.

15- اسين گورنمينٽ آف سنڌ کي پوري ادب ۽ اخلاص سان گذارش ٿا ڪريون ته هوءَ هن سلسلي ۾ پنهنجي ذميدارين کي سچائي ۽ زبان جي مٿي ڄاڻايل سنڌ قانون کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ گهربل مالي ۽ انتظامي اقدام کڻي ۽ پاڪستان ملت جي سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي عين احسانمنديءَ جو موقعو عطا ڪري.

1- سيد غلام مصطفيٰ شاهه، 2- پير حسام الدين راسدي، 3- مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، 4- ڊاڪٽر غلام علي الانا، 5- علي احمد بروهي، 6- مسٽر اياز گل، 7- مسٽر تنوير عباسي، 8- ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، 9- پير شاهه راشدي، 10- مسٽر خادم حسين عباسي، 11- پروفيسر بدرالدين اڄڻ، 12- مسٽر مومن علي شاهه، 13- مسٽر نعمت الله ڀٽو (شڪارپور)، 14- نقش ناياب منگي (شڪارپور)، 15- آزاد جتوئي، 16- مسٽر گر ڏنو پنجابي (شڪارپور)، 17- انور فقير هڪڙو (شڪارپور)، 18- فاروق احمد مورياڻي (شڪارپور)، 19- مسٽر غلام حسين ڀٽو، 20- مسٽر محمد ابراهيم جويو، 21- مسٽر نثار احمد چنا، 22- مسٽر خان محمد پنهور، 23- مسٽر مختيار احمد سومرو، 24- ڊاڪٽر سليمان شيخ، 25- مسٽر غلام رسول ميمڻ، 26- پروفيسر اياز قادري، 27- مسٽر محمد بخش سومرو، 28- مسٽر غلام رسول ميمڻ، 29- مسٽر امداد علي اڍو، 30- مسٽر محمد اسحاق، 31- مسٽر عين العابدين، 32- مسٽر سڪندر کوسو، 33- مسٽر شيخ عزيز، 34- مسٽر نصير اعجاز، 35- مسٽر خدا بخش سومرو، 36- مسٽر مهرالله سومرو، 37- ڊاڪٽر خدا بخش، 38- مسٽر خليل مورياڻي (شڪارپور)، 39- مسٽر اشفاق احمد منگي، 40- مسٽر عبدالسلام، 41- مسٽر نياز پنهور، 42- مسٽر خير محمد کوکر، 43- مسٽر عبدالسلام، 44- مسٽر هدايت الله آخوند، 45- مسٽر شوڪت حسين شورو، 46- مسٽر عبدالقادر جوڻيجو، 47- مسٽر قاضي خادم، 48- مسٽر امداد حسيني، 49- مسٽر استاد بخاري، 50- مسٽر شمس الدين جوڻيجو، 51- مستر عبدالرحمان شيخ، 52- مسٽر مهتاب احمد جوڻيجو، 53- ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، 54- مسٽر عبدالرحمان شيخ ۽ 55- مولانا عزيز الله ٻوهيو.

[1983ع]


* UNESCO, "The Use of Vernacular Languages in Education" Report of the Unesco Meeting of Specialists (1951), Monographs on Fundamental Education VIII, p. 47-8, Paris, Unesco, 1953.

** B.W. Tiffen, "Language and Education in Common- wealth Africa" in: Daken J. et al (eds.) "Language in Education", pp. 83-84, London Oxford University Press. 1968.

* UNESCO, "The Role of Linguistics and Socioalingusties in Language Education and Policy", p-11 E/D/Ws/286, Paris, Unesco, 1972.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org