سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :29

 

”سوچَ کي لوچ

(شاعري)

جڳ مشهور مصور، پڪاسو، جو چوڻ آهي ته ”مصوري انهيءَ لاءِ ڪانه ٿي ڪجي ته ڪمري جون ڀتيون ان سان سينگارجن، مصوري ته مرونپڻي ۽ سوچ جي اوندهه سان وڙهڻ جو هٿيار آهي.“

ان طرح، راڳ بابت، افلاطون چيو هو ته ”جڏهن راڳ جو روپ بدلجي ٿو ته شهر جون ڀتيون ڌُڏن ٿيون“- ”شهر“ مان هن جي مراد سندس پنهنجو اٿينس جو شهر ۽ ان جي شهري رياست هئي.

ته ادب ۽ شعر لاءِ ڇا چئجي؟

ادب ۽ شعر جو سماجي ڪارج آهي؛ هڪڙو ته اُهو ته اهو پڙهجي ۽ ڳائجي- اصل ائين، جو اُن جي جنبش سان ۽ آلاپ سان شهر جون ڀتيون ڌڏن ۽ پٽ پون. ادب ۽ شعر مصوري به آهي- لفطن جي ۽ اُن سان ماڻهوءَ جي مرونپڻي ۽ سوچ جي اوندهه جا نقش ۽ پاڇولا اٿي آڏو ٿا بيهن- ڇو ته لفظن جي ماڻهپي ۽ روشنيءَ جا رنگ، اُنهن تان غلاف هٽائي، سماج ۾ انهن کي پڌرو ڪري بيهارين ٿا- ۽ پوءِ اُهي للڪارجن ٿا، ۽ ائين سچ ۽ ڪوڙ، نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ويڙهه وڌي ٿي ۽ تيز ٿئي ٿي.

اسان جو شاعر ذوالفقار راشدي، ذوالفقار به آهي ۽ راشدي به. هن جي شعر ۾ هميشه مون تلوار جي اُن تيز ڌار کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڏٺو به آهي، جا پلصراط آهي، جهنم جي آڙاهه مٿان اڏيلَ، جنهن تان وک وک ۾ ڏيئي، جَنّت جي انساني زندگيءَ ڏانهن وڃبو آهي. اسان جي دؤر ۾، ۽ اسان جي شعر ۾، جن اديبن ۽ شاعرن خلقَ اِنسانيءَ کي اِن راهه تان وک وجهڻ جو ڏس ڏنو ۽ پختو ڪو ڏانءُ به ڏسيو، اُنهن مان ذوالفقار راشدي به هڪ دردمند، رهبر شاعر آهي،  جنهن جي رچنائن ۾، پڙهڻ سان، سندس ئي لفطن ۾، پڙهي وٺبا آهن-

مٺا خواب، اُچ خيال، ۽ نوان جذبا-

حسين سوچ به، ڄڻ چنڊ رات اُڀري ٿي.

آءٌ کيس، سندس هن پهرئين شعري مجموعي جي اشاعت تي، دلي مبارڪ ٿو ڏيان- ۽ سماهي ”مهراڻ“ 2-1961ع ۾ سندس مضمون ”شاعري ۽ موسيقيءَ جو ميل“ ۾ لکيل سندس ئي اختتامي دعائيه جملو، ٿوريءَ ترڪيبي ڦيرڦار سان، دهرائي، کيس دعا ڪريان ٿو:

”ڳاءِ ۽ وڄاءِ! شل سدائين خوش رهه، منهنجا سدا ملوڪ سنڌ جا شاعر!“

- محمد ابراهيم جويو

 

سنڌي سماج ۾ اديب جي ذميداري

[15 جنوري 1977ع تي سڪرنڊ ۾ سنڌ جي صف اول جي شاعر، عبدالحڪيم ”ارشد“ جي پهرئين ڇپيل شعري مجموعي ”ڏيئا ڏات جا“ جي مهورت جي موقعي تي پڙهيل صدارتي تقرير]

عزيزو ساٿيو، بزرگو، دوستو!

اڄ اسان هتي پنهنجي پياري ساٿي، عبدالحڪيم ”ارشد“، جي ڪتاب ”ڏيئا ڏات“ جو مهورت ڪيو آهي. هر چڱيءَ شيءِ جي شروع ٿيڻ سان انسان جي ڪنهن نه ڪنهن ڀلائيءَ جي شروعات ٿيندي آهي. عبدالحڪيم ارشد جو ڪتاب شاعريءَ جو ڪتاب آهي. هڪ سنڌي شاعر جي شاعري نه رڳو سنڌي سماج جي پس منظر ۾ بلڪ عين اُن جي وچ ۾ جنم وٺي ٿي. اِنهيءَ ڪري اُن جي  چڱائي سڀ کان پهريائين ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌي سماج جي ڀلائيءَ جو وسيلو بنجڻ گهرجي. اُن جي هر چڱاڻ جي ڪسوٽي بس اها آهي، نه فقط عبدالحڪيم ارشد جي شاعري، پر هر ڪا سنڌي شاعري، ادبُ، فن بلڪ هر اُها شيءِ جيڪا سنڌ ۽ سنڌي سماج ۾ جنم وٺي ٿي، ۽ جيئي ٿي- پوءِ اُها سياست هجي، مذهب هجي، ثقافت هجي، يا ڇا به هجي، اُن کي اِنهيءَ هڪ ڪسوٽيءَ تي پورو بيهڻو آهي، يعني اُن کي سنڌي سماج جي ڀلائيءَ لاءِ وسيلي طور جيئڻو ۽ ڪم اچڻو آهي. ٻيءَ حالت ۾ اسان وٽ ان جي پسند پوڻ يا قبول ٿيڻ جو ڪو سوال ڪونه ٿو اٿي سگهي. هاڻي، اِهو اسان تي ڇڏيل آهي ته اسان وٽ جيڪي شيون آهن، ۽ جيڪي ٻيون پيدا ٿينديون رهن ٿيون، اُنهن کي اِنهيءَ هڪ بنيادي ڪسوٽيءَ تي پرکيون ۽ پوءِ اُنهن سان پنهنجو واسطو اُئين قائم ڪيون.

مون جڏهن ارشد ڀاءُ جي ڪتاب کي پڙهيو ۽ سندس شاعريءَ کي اِنهيءَ ڪسوٽيءَ تي پرکيو، تڏهن مون کي اُها ايتري چڱي لڳي، جو چاهيم ته هن موقعي تي ، جڏهن اسين اُن جي مهورت لاءِ هتي گڏ ٿيڻا هئاسون، تڏهن ٻيون سڀ ڳالهيون، وعظ ۽ مقالون ڇڏي، سڄو وقت رڳو سندس هن ڪتاب کي اول کان آخر تائين پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جو ئي بندوبست ڪريون ها ته اُهو ڪافي هو؛ ڇو ته اسان مان اڪثر اديبن ۽ عالمن جي، ڪتابن جي مطالعي جي سلسلي ۾، حالت هيءَ آهي، جو خاص طرح پنهنجي سنگت ۽ هم خيال اديبن جون لکيتون پڙهون ئي ڪونه، ۽ جي پڙهون ٿا ته تمام گهٽ ٿا پڙهون؛ ۽ گهڻي چاهت اها هوندي اٿئون ته رڳو اسان جي لکيت ٻيا پڙهن. ان مان هيءُ ثابت ٿئي ٿو ته اسان مان اڪثر پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿا، ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ نه ايترا تيار آهن ۽ نه اُن کي ايترو اِن لائق ٿا سمجهن. اديبن ۽ فنڪارن ۾ اها خودپسنديءَ يا حال مستيءَ واري عادت فائدي واري به آهي، ڇو ته لطيف فن جي تخليق ۾ انهيءَ ڪيفيت جو به هڪ حد تائين دخل آهي؛ پر فن جي دنيا ۾ اِنهيءَ ذاتي ارڏائيءَ مان تخليق جي معيار، انداز، نواڻ ۽ همه گيريءَ تي مجموعي طور بُرو اثر پوي ٿو. هِن مان منهنجو مطلب آهي ته ارشد جي شاعري، جيڪا هن ڪتاب ۾ آيل آهي، اُن کي پڙهڻ ۽ پڙهي ان کي پنهنجو ڪرڻُ اسان مان هر ڪنهن جو فرض آهي؛ ۽ پوءِ ئي چئي سگهنداسين ته اسان پنهنجي لاءِ هن ڪتاب جي عظيم شاعريءَ جو مهورت ڪيو آهي.

اسان جو ساٿي عبدالحڪيم ارشد هڪ نهايت ماٺيڻو ۽ مٺو شخص آهي. هن جي ڪنئري ۽ پوتر من ۾ اسان واسطي پيار جا ائين خيال ۽ اڌما اٿن ٿا، جيئن نرم ۽ مٺيءَ مٽيءَ ۾ رنگ برنگي گل ڦٽندا آهن يا سانتيڪي ۽ شفاف پاڻيءَ ۾ ڪنول جا گل ٽڙندا آهن. هو پنهنجي من جي ڦلواڙيءَ جي سونهن ۽ سرهاڻ لفظ لفظ ۾ ڀري اسان کي آڇي ٿو. هر ڪو شاعر ائين ڪري ٿو. هر ڪو شاعر ائين ڪندو آيو آهي. بلڪ اڻ ڄاتن جُڳن کان شاعرَ، غير شاعر ۽ سڀ اسان جا ابا ڏاڏا اِئين پنهنجي امنگن ۽ خيالن جي سونهن، سرت ۽ سرهاڻ اسان جي ٻوليءَ جي هڪ هڪ لفظ ۾ اِئين اوتيندا، اسان لاءِ ورثي ۾ ڇڏيندا آيا آهن. اِنهيءَ ڪري ئي اسين چئون ٿا ته اسان جي ٻولي اسان لاءِ هڪ خاص قسم جي سونهن ۽ سرهاڻ جو ڀنڊار آهي ۽ اسان جو سڄو من ۽ اسان جي سڄي شخصيت، انفرادي توڙي اجتماعي طور، اُن سرهاڻ ۽ سونهن جي تخليق آهي. شاعرَ ٻوليءَ جي اُن جڳ جڳاندر سياڻپ ۽ سونهن جا امين آهن ۽ اُن ۾ پنهنجي پنهنجي روح جي تازگيءَ ۽ خوشبوءَ جو اضافو ڪن ٿا. انهيءَ ڪري ئي انگريزيءَ جي جڳ مشهور شاعر، شيليءَ، جيڪو پنهنجي دور جو هڪ انقلابي شاعر هو، چيو آهي ته ”شاعر دنيا جا اڻ مڃيل قانون ساز آهن، جيڪي دنيا تي حڪمراني ڪن ٿا.“ اسان جو هيءُ هيڻو ۽ ٿور ڳالهائو شاعر، ارشد، تحقيق اسان لاءِ اُنهن شاعرن مان آهي. هُن جيڪي ڳالهيون هن ڪتاب ۾ آيل پنهنجي شعر ۾ ڪيون آهن، اهي اسان لاءِ سچ پچ ته قانون جو درجو رکن ٿيون ۽ اسين، چاهيون يا نه چاهيون، اُنهن کي مڃڻ لاءِ ٻڌل آهيون. ۽ اِن معنيٰ ۾، سنڌي سماج ڏانهن هڪ ذميدار شاعر جي حيثيت ۾، هو اسان جي دلين جو حڪمران آهي.

عبدالحڪيم ارشد استاد به آهي ۽ شاعر به آهي. کيس شاعر جي حيثيت ۾ وڌ سمجهون يا استاد جي حيثيت ۾- اِهو فيصلو ڪرڻ ضروري به آهي يا نه، بهرحال ڳالهه تي سوچڻ ۾ اهم ڪونهي. استاد کي سماج جو اڏيندڙ چئجي ٿو- پر سماج جي اڏاوت ڪهڙيءَ رٿا ۽ ڪهڙي نقشي تي ڪجي ۽ ڪهڙي ساز سامان سان ڪجي، اِهي ڳالهيون استاد جي وس ۾ نه آهن. استاد پاڙهي ٿو، علم ۽ لياقت نئين نسل کي سيکاري ٿو- پر ڪهڙو علم ۽ ڪهڙي لياقت، ۽ علم ۽ لياقت ڪهڙي مقصد لاءِ، اِنهن ڳالهين جو فيصلو استاد جي وس کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن ڪنهن عمارت جو نقشو، اُن لاءِ گهربل ساز سامانُ، ۽ ان جي اڏاوت لاءِ گهربل ڄاڻ ۽ لياقت – اِنهن سڀني ڳالهين جو دارومدار انهيءَ تي آهي ته عمارت ڪهڙي ڪم لاءِ يا ڪهڙي مقصد لاءِ اڏجي ٿي، ته پوءِ اسين ائين چئي سگهون ٿا ته سماج جي اڏاوت ۾ جيڪي ڳالهيون استاد جي وس کان ٻاهر آهن، اُنهن تي جيڪڏهن ڪنهن جو ڪو وس آهي ته اُهو شاعر جو وس به ٿي سگهي ٿو- ڇو ته سماجي زندگيءَ جي مقصد جي پروڙ جيڪڏهن ڪنهن سماج کي ڪٿان پئجي سگهي ٿي ته اُها اُن کي پڪ ئي پڪ پنهنجن شاعرن کان پئجي سگهي ٿي. اُن معنيٰ ۾ به شاعرَ، انگريزيءَ جي باغي شاعر شيليءَ جي لفظن ۾، معاشري جا قانون ساز آهن- يعني هو زندگيءَ جي قانون جو مقصد مقرر ڪن ٿا ۽ پيش ڪن ٿا. ’ڪيئن زندگي گذارجي‘ اِها ڳالهه شاعر جي سمجهائڻ جي ناهي ۽ نه ڪڏهن هو اُها سمجهائي ٿو- ڇو ته اُن ۾ امڪان آهي ته ماڻهو پاڻ کي جيئري رکڻ لاءِ ٻئي جي موت جي به پَرواهه نه ڪري، پنهنجي جيوت کي سکئي رکڻ لاءِ ٻئي جي جيوت کي زهر بنائڻ کان به نه مُڙي، يعني محض حيوانن وانگر پنهنجي جيئڻ جي اونَ رکي. ”آءٌ ڪيئن جيئان!“ ٺلهو اِهو سوال ماڻهوءَ کي ’اول پيٽ پنجوءَ جو پوءِ ٻار ٻچا‘ جي وحشي اصول ڏانهن وٺي وڃي ٿو. پر ”آءٌ ڇا لاءِ جيئان!“- اِهو سوال جيڪو انسان کي انسان بنجڻ ڏانهن مائل ٿو ڪري يعني سماج جي هڪ اُنهيءَ ذميدار فرد بنجڻ ڏانهن، جيڪو ٻين جي جياپي ۾ پنهنجو جياپو، ٻين جي ڏک ۾ پنهنجو ڏک ۽ ٻين جي سک ۾ پنهنجو سک ڏسي ٿو- اِن سوال جو جواب سماج کي سندس شاعرن وٽان ملي ٿو. يعني استاد ارشد پاڙهي ٿو پر استاد ارشد کي شاعر ارشد ٻڌائي ٿو ته ڇا پاڙهي ۽ ڇا لاءِ پاڙهي.

هي ٻه سوال: آءٌ ڪيئن جيئان؟ ۽ آءٌ ڇا لاءِ جيئان؟- انسانن ۾ سماجي زندگيءَ جي ابتدا کان وٺي، ماڻهن جي اڳيان رهيا آهن. ماڻهو ماڻهوءَ سان وڙهي جيئي يا ماڻهو ماڻهوءَ سان سرچي جيئي؛ سماجي زندگيءَ ۾ ماڻهن لاءِ چٽاڀيٽي ۽ مقابله آرائي مفيد آهي يا رس ۽ سهڪار؛ انفرادي نفعي جي تلاش ۾ ماڻهوءَ جو سک ۽ خوشي ممڪن آهي يا اجتماعي نفعي جي تلاش ۾- هي سڀ سوال هڪ ئي سوال جا روپ آهن، ۽ انهن جا جواب به اُن هڪ ئي سوال جي جواب ۾ موجود آهن. ۽ اهو هڪ سوال هيءُ آهي ته ماڻهو ڇا لاءِ جيئي- پاڻ لاءِ جيئي يا ٻين لاءِ جيئي؟ انساني سماجن ۾ اُهي ماڻهو، جيڪي انسانن جي سک۽ خوشيءَ جي مستقبل جا خواب ڏسي سگهن ٿا، يعني خاص طرح سندن شاعر اُن هزار سوالن جي هڪ سوال جو جواب به هڪ ئي ڏيندا آيا آهن- يعني هيءُ ته ماڻهوءَ کي جي حيوان مان ڦري انسان بنجڻو آهي ته هُن لاءِ ضروري آهي ته ٻين لاءِ جيئي، اُن جي معنيٰ ته جي سماج ۾ هن کي رهڻو آهي ته اِئين؛ پر جي سماج کان الڳ ٿي، ڪنهن کي رهڻو آهي ته، هو ٻيءَ طرح به ڪري سگهي ٿو، پر اُن حالت ۾ هو سماج دشمن سمجهيو ويندو ۽ سماج جي گڏيل قوت جي مقابلي ۾، بشرطيڪ اُها تحرڪ ۾ اچي، هُن جي شڪست ۽ آخر خاتمو يقيني آهي.

پر هيءَ به هڪ عجيب ۽ تلخ حقيقت آهي ته انساني (سهڪاري) سماج جي شروع ٿيڻ سان اُن ۾ سماج دشمن شخص ۽ ٽولا ۽ سندن سماج دشمني به قائم رهندي آئي آهي- ۽ اُها ابتدا کان وٺي اڄ تائين هزارن لکَن ورهين کان، پنهنجا رنگ ۽ روپ بدلائيندي پئي آئي آهي، يعني سماج دشمن به پنهنجو روپ بدلائيندا پئي آيا آهن، ۽ سندن سماج دشمني به پنهنجا روپ ۽ رنگ بدلائيندي پئي آهي. هن سلسلي ۾ منهنجو انگريزيءَ ۾ هڪ نظم پڙهيل آهي جو هن ريت آهي. (هيءُ هڪ گهٽ سڃاتل شاعر جو نظم آهي. جنهن جو نالو ”آليو روينڊل  هومس“ هو (1809-1894ع)، پر انگريزي شاعريءَ ۾ منهنجي بهترين پسند جي نظمن مان هڪ آهي:

جڏهن بيبي حوا پنهنجي خاوند کي ٻاهر وٺي آئي،

۽ قابيلَ پنهنجي ڀاءُ کي ماري وڌو،

تڏهن، شاعر چون ٿا ته اُڀ جي تارن ۽ ڌرتيءَ جي گلن

گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪئي-

ته ”چالاڪ هر کائيندڙ“ جي ڪا حرفت هلي نه سگهي،

تنهن لاءِ نسل انسانيءَ کي سندس فرض کان واقف ڪجي،

۽ اُن لاءِ اُن جي حيواني دل تي اسان کي سدائين

پنهنجي سوجهري ۽ سونهن جي اک رکڻ کپي-

ڏهه لک جاڳندڙ اکيون، هُنن سوچيو،

گهٽ ۾ گهٽ ان لاءِ چتاءَ جو ڪم ته ڏينديون؛

۽ پوءِ ڏينهن جو گل اُن تي چوڪسي ڪرڻ لڳا

۽ سانجهيءَ کان صبح تائين تارا پهري تي سجاڳ ٿي بيٺا-

تڏهن کان ٽڪرين تان ۽ وادين مان، ٻنين تان ۽ چراگاهن مان

پنهنجون ماڪ ڀنل اکيون پٽيو،

صبح جي سرخ شفق کان مغرب جي ڌڳندڙ آسمانن تائين

گل پنهنجي ڪم تي چوڪس بيٺا رهن ٿا-

پر، افسوس ڏينهن جي روشنيءَ جي هڪ هڪ ڪلاڪ ۾

هو اهڙيون اهڙيون ته شرمناڪ ڳالهيون ڏسن ٿا،

جو هراس ۾ ڪي ته سمنڊ جي ڪوڏن جيان رنگ وڃائي اڇا ٿي وڃن ٿا

۽ منجهانئن ٻيا وري هر گهڙيءَ شرم کان ڪومائجندا ٿا رهن.

۽ هوڏانهن وري جڏهن ماٺيڻا تارا هيٺ نهارين ٿا

۽ سندن روشني کين سڀڪجهه پڌرو ڪري ڏيکاري ٿي-

غدارن جي مرڪ، ۽ خونين جي رت ڀريل اک،

۽ ڪوڙن پريمين جا سرد سڪل چپ-

ته هو پنهنجي دکي اکين کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا،

۽ اُن بيسود ڪوشش ۾

اسين انهن کي اُڀ ۾ ٽم ٽم ڪندي ڏسون ٿا،

۽ ائين هو سدائين پنهنجون اکيون پٽيندا ۽ پوريندا ٿا رهن،

ائين برابر آهي ته شاعر به گهڻيئي آهن. سڀني شاعرن جي شاعري پيغمبريءَ جو جزو به ته ڪانه ٿي ٿئي. پر اُهي جيڪي ڌرتيءَ جي گلن ۽ اُڀ جي تارن وانگر نسل انسانيءَ جي حيواني دل کي ڏسندا رهن ٿا ۽ پنهنجي پنهنجي سماج جي انساني درد ۽ پيڙا جو دل ۾ احساس رکن ٿا ۽ ان جي مسيحائيءَ جي تڙپ دل ۾ کنيو، انسان جي انسانيت کي جاڳائيندا ۽ اڀاريندا رهن ٿا، اُهي شاعر دنيا جي انساني سماجن جا، ”اڻ مڃيل“ ئي سهي، پر ڏاها ۽ سجاڳ ”قانون ساز“ آهن ۽ اُنهن جي ئي، تحقيق، پنهنجي پنهنجي سماج جي دلين تي حڪمراني قائم آهي. اُهي ئي پنهنجي پنهنجي دور جا، ۽ پنهنجي پنهنجي سماجي دنيا ۾، هڪ طرح جا انقلابي شاعر آهن- ڇو ته اُهي ئي پنهنجي پنهنجي ماڻهن جي ستل ضميرن کي جاڳائين ٿا ۽ منجهن سماجي فرض شناسي پيدا ڪن ٿا.  هن قسم جا شاعر ۽ اديب ئي پنهنجي پنهنجي انساني دنيا ۾ سماجي ديانتداريءَ جا نقيب ۽ داعي آهن- سماجي ديانتداري، جيڪا جديد انقلابي دنيا جي سماجي زندگيءَ جو مکيه گڻ ۽ اُن جي آدرشي انسان جي مکيه سڃاڻپ آهي. اهڙو هڪ اديب ۽ شاعر هن دور جي سنڌي سماج ۾ آءٌ پنهنجي راءِ پٽاندر پنهنجي يار عبدالحڪيم ارشد کي سمجهان ٿو. سنڌي سماج، جيڪو گهڻي قدر هڪ زرعي سماج آهي. هڪ ڳالهئين هڪ محڪوم سماج آهي ۽ بنيادي طور هڪ طبقاتي سماج آهي، اُن ۾ ڪا هنڌائتي تبديلي آڻي سگهجي، اُن لاءِ اسان کي شاعر ارشد جهڙا شاعر ۽ اديب گهرجن، جيڪي پنهنجي همعصر سنڌي سماج ۾ پنهنجي ذميداري سمجهن ۽ پنهنجي ساٿياري نسل جي نوجوانن ۾ سماجي ديانتداريءَ جو گڻ پيدا ڪري، انهن جي مدد سان پنهنجي مسڪين، مظلوم ۽ پورهيت عوام کي اُن سچي انقلاب لاءِ تيار ڪن، جيڪو سندن پنهنجو انقلاب هوندو، جنهن جا اڳواڻ هو پاڻ هوندا، جنهن ۾ پنهنجي تقدير جو هو پاڻ فيصلو ڪري سگهندا.

ماڻهن جا اهڙا شاعر ئي هوندا آهن، جي سندن مرده دلين ۾ ساهه وجهندا آهن، سندن بند زبانن کي کوليندا آهن، ۽ سندن هيڻائيءَ کي بدلائي همت ۽ حوصلي جو اهو اجهل ۽ اڏول روپ ڏيندا آهن، جنهن سان هو مخالف تاريخ جو رخ ڦيرائي، پنهنجي تاريخ جا پاڻ ٺاهيندڙ بڻبا آهن.

جيئن انساني سماج شروع ٿيو آهي، اُن سماج ۾ هيڻي انسان جي ڏاڍي انسان سان جنگ به شروع ٿي آهي. اها جنگ فردن جي به، قومن جي به ۽ طبقن جي به جنگ رهي آهي. اُها ڏاڍ ۽ ظلم کان آزاديءَ جي جنگ آهي. اها انسانن جي امن، اتحاد ۽ آسودگيءَ لاءِ جنگ آهي. لکن، هزارن سالن جي هن جنگ ۾ ڏاڍ ۽ ظلم جا روپ به بدلبا آهن، ان جا محاذ ۽ ميدان به ڦِريا آهن، ۽ ان جي ڌرين ۾ به بدل سدل پئي آئي آهي. پر جڏهن به، جتي به ۽ جيئن به اها جنگ جاري رهي آهي، حق ۽ انصاف جي حمايت ۾ آواز اٿاريندڙ اديب ۽ شاعر به ان ۾ شامل، بلڪ ان جي پهرين صفن ۾ موجود رهيا آهن. اها جنگ اڄ به، ٻاهر دنيا ۾ ۽ اسان وٽ اسان جي دنيا ۾ موجود آهي. دراصل اها جنگ سڀ کان اول ماڻهوءَ جي پنهنجي ضمير جي جنگ آهي، ۽ ان جي کٽڻ کان پوءِ ئي پاڻ کان ٻاهر هلندڙ ان جنگ ۾ ماڻهو پنهنجي ڪردار جو تعين ڪري سگهي ٿو. شاعر ۽ اديب انسانن جي انفرادي ۽ اجتماعي ضمير کي جاڳائي ۽ متحرڪ ڪري، ان جنگ ۾ پنهنجي ڪردار جي فيصلي ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

مون عبدالحڪيم ارشد جي شعر جو هيءُ ڪتاب سڄو پڙهيو آهي. اول درجي جي شعري تخليق بلڪ فنون لطيف جي هر شهپاري جي سلسلي ۾ پسند جي حد هونئن به هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي هوندي آهي، پر جيڪا سربستي ڳالهه هتي آءٌ ڪري رهيو آهيان، اُن جي حوالي سان مون کي ارشد جو هڪ نظم بيحد وڻيو آهي، جيڪو آخر ۾ اوهان کي پڙهي ٻڌائڻ ۽ آءٌ  عين مناسب سمجهان ٿو. نظم جو عنوان آهي ”نئون پاپ نگر“- هن عنوان مان ڪا غلط فهمي پيدا ٿيڻ نه کپي. دراصل ظلم ۽ ڏاڍ کان انساني نجات جي طويل جنگ ۾، جيڪا جُڳن کان هلندي آئي آهي، انسان پنهنجا هڪڙا ”پاپ نگر“ ڊاهي بس ئي نٿو ڪري ته ٻيا ”پاپ نگر“ هن جي چوڌاري اڏجي وڃن ٿا- جيتوڻيڪ هر نئين پاپ نگر جي سڃاڻپ ۽ ان جي ڊاهڻ ۾ انسان کي جيئن پوءِ تيئن زياده سولائي پڻ ٿيندي رهي آهي. لکين ورهيه اڳي انساني سماج جي ابتدا ٿي، ۽ ان جي منزل مقصود جي جهلڪ به انسان جي شاعرانه دل جي آئيني ۾ تڏهن کان موجود رهي آهي- ۽ اها آهي پرامن، بامروت ۽ خوشحال سماج جو قيام. اسان جي شاعر ارشد جي هن نظم ۾ انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو آهي-

نئون پاپ – نگر

هڪ پاپ نگر مان نڪتاسين،

ٻي پاپ نگر ۾ پهتاسين،

هڪ جيل مان مس مس جان ڇٽي،

زنجيرن ۾ ڦاٿاسين!

هڪ جنڊ ڳچيءَ مان لاٿوسين،

ٻيو ڳٽ ڳچيءَ ۾ پاتوسين،

هيءُ ڪنڌ اڃا آزاد نه ٿيو،

۽ ڦٿڪي، ڦاسي ڄاتوسين!

هي پاپ نگر، هو پاپ نگر،

ريت ٻنهي جي ساڳي آهي،

ڏاڍ به ساڳي، ڏاڍا ساڳيا،

ڦند نوان، نئين ڦاسي آهي!

هر هنڌ اهي ئي ڄار رکيل،

اي ڌرتي! تنهنجي ڌوتن جا،

هر شهر جون راهون اونداهيون

۽ ساڳيا رستا ڪنڊن جا!

هر روح تي اهي ڇپ ڪريل،

هت خون ٿين ٿا جذبن جا،

هت مرڪ جو ناهي ڪوبه سوال،

هت ٽهڪ ٽڙن ٿا زخمن جا!

هن شهر اسان جا روح ڦٽيا،

ڪجهه سور ڏنا، ڪجهه پور ڏنا،

هن پاپ نگر، بيداد نگر،

نت نت نوان ناسور ڏنا!

هت سورن ساڙي هانءُ ڇڏيو،

هت جياپو جنجل بنجي ويو،

هت لڙڪن تي ڀي بندش آ،

هر اڌمو اندر گهٽجي ويو!

هت جن ڀي سوچيو، سچ چيو

سي ڪرٽن هيٺان ڪٽجي ويا،

جانڊهه جي پڙ هيٺيان جذبا،

داڻن وانگر پِسجي ويا!

هر دور ۾ ڏاها پيڙيا ويا،

هي ظلم جو ساڳيو گهاڻو آ،

هر ڄٽ هٿان ٿو زهر پئي،

هن شهر ۾ جيڪو سياڻو آ!

هت ذهن تي آهن زنجيرون،

هت ڦول ڪوماڻا آسن جا،

هت پيار تي پهرو آهه لڳل،

جنهن پيار ڪيو، سو ڏوهي آ!

هن ڌرتيءَ، دک جي ڌرتيءَ، تي،

تون نينهن نڀائڻ آيو آن،

۽ پٿر جي هن شهر اندر،

موتين کي ورهائڻ آيو آن!

اي واٽ- مسافر وڻجارا!

تون پهتين ڪهڙيءَ وستيءَ ۾؟

هت ڪنهن جي ڪنهن کي ڪاڻ نه آ،

هر ماڻهو پنهنجيءَ مستيءَ ۾!

هي پاپ نگر، نئون پاپ نگر،

هن پاپ نگر، جي ڳالهه نه ڪر!

تو چرٻٽ نگري ناهه ٻڌي،

جت ڏاڍو ٿيندو گابو آ!

هن شهر جو راجا راڄ ڌڻي،

ان چرٻٽ جو ڀي بابو آ!

[1977ع]
 

ڪيئي ڪتاب

(تبصرو ۽ تاثر)

- - رئيس ڪريم بخش نظاماڻي هڪ غير معمولي ۽ حيرتناڪ ماڻهو آهي. جيڪي هن جي بنهه ويجها ٿي رهيا آهن، اُنهن کي اها ڳالهه معلوم آهي. هو هڪُ پنهنجي قسم جو انوکو شخص آهي- هيڪلو ۽ هوڏي، پر ساڳئي وقت رلڻو مِلڻو ۽ دردمند دل رکندڙُ، باغي مؤمنُ، بيقرار يڪجائي، آس نراس جو عجيب ميلُ، شهزادو فقيرُ. هُن پنهنجي متعلق ”ڪيئي ڪتاب“ جهڙي هڪ ڌُريائتي ۽ پيرائتي ”راهداري“ لکي ۽ شايع ڪري، سنڌ جي عالمن ۽ فاضلن لاءِ مطالعي ۽ فڪر جا ڪيئي دفتر کولي ڇڏيا آهن- ۽ خاص طرح انهن مان جيڪي ادب، نفسيات ۽ سماجيات جا ڄاڻو آهن ۽ سنڌي ثقافت جي عملي ميدانن ۾ ڪم ڪندڙ آهن، تن سان هُن پنهنجي هِن ذاتي ’ڪتابت‘ وسيلي سنڌ جي هڪ اهڙيءَ رنگين ۽ پُربَهار شخصيت کي روشناس ڪرايو آهي، جنهن کي ڄاڻڻ ۽ سڃاڻڻ لاءِ اُنهن کي سنڌي سماج جي محرڪات تي ڪيئي سال تحقيق ۽ تجسس ڪرڻو پوندو، ۽ نه فقط سندس پنهنجِي هيءَ ’قبولداري‘ قسم جي آتم ڪهاڻي، بلڪ دنيا جا ٻيا ڪيئي ان قسم جا ڪتابَ، وري وري پڙهڻا ۽ سمجهڻا پوندا.

هيءَ هڪ عام ڳالهه آهي ته ماڻهو اُهوئي آهي، جيئن ان جو ماحول ان کي ٺاهي ٿو. پر انساني ماحول ۾ ماڻهوءَ جي ائين ٺهڻ جڙڻ يعني نپجڻ اپجڻ لاءِ تعليم ۽ تربيت جا ڪيئي وسيلا ۽ سلسلا موجود ٿين ٿا، ۽ اُهي مجموعي طور ٻن قسمن جا هوندا آهن: هڪڙا رسمي ۽ ٻيا غير رسمي. رسمي تعليم ۽ تربيت جون جايون ۽ انهن جا سلسلا ته اهي مڪتب ۽ مدرسا، اسڪول ۽ ڪاليج ۽ ٻيا اهڙا دستوري ادارا ۽ انتطام هوندا آهن، پر غير رسمي تعليم ۽ تربيت جو به هڪ سلسلو ۽ نظام ٿئي ٿو، ۽ اُهو پنهنجي اثر ۽ پهچ ۾ رسمي سلسلي کان وڌيڪ پڌرو ۽ پائدار ٿئي ٿو. غير رسمي تعليم ۽ تربيت جو اُهو سلسلو يا سرشتو هر حالت ۾ ماءُ جي گود، ماءُ جي ٻولي ۽ خاص اُن ٻوليءَ جو پنهنجو ماحول هوندو آهي، جنهن ۾ اُن جي لغت، اُن جون آکاڻيون، ٽوٽڪا، چوڻيون ۽ پهاڪا، چرچا گهٻا، راڳ رَسَ، ڏند ڪٿائون، ناچ ۽ رانديون، رسم رواج، ڪار ڪرت، ڌِڻَ وارَ، اُٿڻي ويهڻي، مارڪا ۽ ڪچهريون وغيره وغيره اچي وڃن ٿا، ۽ اُنهيءَ غير رسمي سلسلي يا سرشتي وسيلي ئي هڪُ مخصوص سماج پنهنجي بنيادي تهذيب، پنهنجون روايتون ۽ پنهنجا تجربا پاڻ وٽ سانڍيندو به آهي ۽ نسل بنسل منتقل به ڪندو آهي.

اڪثر آزاد ۽ پاڻَ ڀَرَن سماجن ۾ تربيت جا هي ٻه سلسلا، ٻيو نه ته به بنيادي امنگ ۽ مقصد ۾، هم رنگ ۽ هم آهنگ هوندا آهن ۽ ڪافي حد تائين هڪٻئي جو ڀَراءُ يا پُورائو بڻجي ڪم ڪندا آهن. پر هڪ حد کان پوءِ اُتي به، ۽ هيڻن ۽ پابند سماجن ۾ ته خاص طرح، اُهي نه رڳو هڪٻئي سان ٺاهه ۾ نه هوندا آهن، پر منجهن مخالفت ۽ تضاد جي پڌري ۽ سڌِي سنئين صورت موجود هوندي آهي- ۽ اُهو اِنهيءَ ڪري ٿيندو آهي، جو اُهي، يعني تعليم ۽ تربيت جا اُهي ٻه- پاساوان سلسلا، ٻن مختلف ۽ متضاد ۽ غير برابر قومي مفادن سان وابسته هوندا آهن، يا اُهي هڪ ئي اهڙي قومي سماج ۾ ڪارفرما هوندا آهن، جيڪو اندروني طور سماجي انصاف ۽ انساني برابريءَ جي وصف کان خالي هوندو آهي- يعني اُن جو هڪڙو حصو طاقتور ۽ انهيءَ ڪري سُکيو سَتابو ۽ غالب، ۽ ٻيو حصو ڪمزور ۽ انهيءَ ڪري مسڪين ۽ مغلوب هوندو آهي. تعليم ۽ تربيت جي هنن ٻن سلسلن يعني رسمي سلسلي ۽ غير رسمي سلسلي جي ڪارڪردگيءَ جو ئي اِهو نتيجو هوندو آهي، جو ڪنهن مخصوص سماج يا سماجن جا تربيت يافته فرد يا نسل ”اِسٽيٽس ڪُئو“ يعني ”حالت موجود“ جا حمايتي ٿي رهندا آهن يا اُن جا باغي ٿي اڀرندا آهن- ۽ اُهو اُنهن ٻن سلسلن جي تضاد جي شدت ۽ آڪرائيءَ تي منحصر هوندو آهي ته مخصوص سماج جي حمايت يا بغاوت ۾ نئين نسل جا فرد يا نئين نسل جو ڪو حصو يا طبقو يا مجموعي طور، تاريخ جي ڪنهن موڙ تي، نئون نسل سڄو ڪيتري قدر پاڻ کي مخلص، فعال ۽ سرفروش ثابت ڪري سگهي ٿو. ۽ اُن سلسلي ۾ هِن يا هُن صاف سڌي فيصلي ڪرڻ کان پوءِ ۽ پڌري پٽ ڏاڍيءَ ۽ هيڻيءَ ڌُر مان هڪ ڌُر جو پاسو وٺي، يعني جانبدار بنجي، ماڻهو ميدان تي نڪري ايندا آهن، ۽ ڪنهن ڏاڍيءَ قوم يا سماج جي ڏاڍي پَکَ جا مجاهد بنجي باطل پرستيءَ ۽ انسان دشمنيءَ جو ڪردار ادا ڪندا آهن، يا ڪنهن هيڻيءَ قوم يا سماج جي هيڻي پَکَ جا ساٿي بنجي، حق پرستيءَ ۽ انسان دوستيءَ جو ڪردار ادا ڪندا آهن. ماڻهن جي پنهنجن هنن اختيار ڪيل ڪردارن جي گرم جوشيءَ ۽ پامرديءَ ۾ لاها چاڙها ۽ گهٽ وڌايون ته ضرور اينديون آهن- ۽ ڪن حالتن ۾ ته اِها اُنهن جي جانبداري رڳو علمي بلڪ احساسي دائري اندر ئي محدود رهندي آهي؛ پر ماڻهن جي سڄي ڪردار جي جذباتي ۽ علمي پرورش، هُنن جي دل۽ دماغ ۾ عوام دوستيءَ ۽ عوام دشمنيءَ، حق شناسيءَ ۽ حق ناشناسيءَ جي هِن پوريءَ ڪيفيت جي تخم ريزي ۽ آبياري، تعليم ۽ تربيت جي انهن ٻن اڪثر متضاد رخن ۾ ڪم ڪندڙ سلسلن ۽ سرشتن جي ئي ڪيل هوندي آهي. غير رسمي تعليم ۽ تربيت جو سلسلو عوامي، عوام جو ۽ عوام لاءِ هوندو آهي، ۽ رسمي سلسلو خواص پسند، خواص جو ۽ خواص لاءِ هوندو آهي.

رئيس ڪريم بخش نظاماڻي سنڌي سماج جي اِنهيءَ ٻٽي تربيتي سلسلي جي تضاد جو اُپايل ۽ پرورش پاتل هڪ يگانو فرد آهي. هو ڄمندي ئي سنڌي سماج جي اَڀَري پَکَ جي غير رسمي ۽ سَڀري پَکَ جي رسمي تربيت ۽ تعليم جو نشانو رهيو آهي، ۽ سندس حالت ۾ ۽ مٿس عمل پيرا ٿيندڙ اُهي ٻيئي سلسلا هڪٻئي سان سڌي تضاد ۾ الجهيل رهيا- ۽ اُن جو ذڪر ڏاڍي درديلي انداز سان هُن پاڻ به ڪيو آهي- ۽ سندس اِنهيءَ عجيب غريب ٻه پکائينءَ پرورش ۽ تعليم جي ئي ڪارفرماين ۽ اثرن جو هيءُ عجيب داستان آهي، جو هُن اسان کي پنهنجي هِن عظيم ڪتاب ۾ عطا ڪيو آهي، اُن لاءِ اسان کي دل جي گهراين سان هُن جا ٿورا مڃڻ گهرجن.

رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي سعادت ۽ خوش بختي هيءَ آهي، جو هن جي معصوميت کي شروع کان عوامي پرورش ۽ تعليم جو سايو نصيب ٿيو ۽ هُن جو روح اُن ڏانهن مائل رهيو- ڇو ته اُن کي اُها ڇانوَ ڏاڍي سُٺي ۽ مٺي لڳي؛ ۽ خواص جي تعليم ۽ پرورش ۽ اُن جون ڳالهيون ۽ طريقا، ڪارگذاريون ۽ عمل دخلَ- ڇو ته هو ڄائو ئي خواص ۾ هو- هن کي ڏاڍا ڪڙا ۽ ڪنڊن وانگر چڀندڙ ۽ ايذائيندڙ لڳا ۽ هو اُنهن کان ڌُريان ئي بچندو ۽ ڀڄندو رهيو، ۽ دراصل اُهي هئائي اُهڙا ڪٺور، ڪِنا ۽ ڪاڪائيندڙَ. هُن جي سڄيءَ عمر جي روش ۽ رخُ سماج جي اُن خود پسند ۽ انسانَ آزارَ، سُنوالي ۽ سڻڀي پَکَ جي ڏاڍ ۽ ڏک کان بچندي رهڻ ۽ ڀڄي ڪٿي ڪا جاءِ عافيت لهڻَ ۽ ويهي ڪا گهڙي ساهه پٽَڻَ جي ڊگهي پنڌَ ڏانهن رهيو آهي-

”دِيا جو رنج بتون ني تو خدا ياد آيا!“

- يا ائين چئجي ته ”ديا جو رنج خدا ني تو صنم ياد آيا“.

ڳالهه فقط خدا کي عوامي يا صنم کي عوامي سمجهڻ جي آهي، ڇو ته مقصد دراصل فقط ڪوڙَ ۽ ڪُنياءَ جي جهنم کان بچڻ جو آهي، ۽ سچَ، سُونهن ۽ پيار جي بهشت ڳولڻ ۽ دنيا ۾ درجي بدرجي، آهستي آهستي، ڪک ڪک ڪري اَڏڻ ۽ قائم ڪرڻ جو آهي. اُهي جن تي عوامي تعليم ۽ تربيت جي امنگ ۽ راهه جي ڇِڪَ يعني امنَ، پيارَ ۽ انساني خوشحاليءَ جي سَڏَ جو اثر آهي، اُهي ته خدا کي اوڻ ”خيرَ ڪبير“ جي علامت بنائي يا صنم کي اُن ”مسرت عظيم“ جي علامت بنائي، ڌرتيءَ تي، پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي، اُن بهشت جي تعبير ۾ حصو وٺن ٿا: ۽ ٻئي پاسي، جيڪي خواصي تعليم جي ذاتي يا گروهي بالادستيءَ جي خود غرضانه ۽ حريصانه سَڏَ جي مَنڊَ ۾ ورتل آهن، اُهي پنهنجي عوام دشمن ۽ حق ناشناس عمل کان باز نٿا اچن ۽ اُنهن لاءِ خدا توڙي صنمُ سواءِ سندن پنهنجي ذاتي يا گروهه پسند مفاد جي ٻيو ڪوبه ڪونهي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي اِنهيءَ معنيٰ ۽ عملي رخ جي لحاظ کان، پنهنجي عوامي تعليم ۽ تربيت جي زير اثر، پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي عوام لاءِ خير ۽ مسرت جي بهشت جو ڳولائو رهيو آهي، ۽ اُن ڳولا ۾ هُن جو ڪجهه ڏٺو ۽ سٺو آهي، وڃايو آهي ۽ ماڻيو آهي، اُن جو پڻ سربستو بيان هُن پنهنجي هِن وچوردار ڪَٿا ۾ اسان جي اڳيان آندو آهي.

پر افسوس، جو اُها هُن جي اَڀومي ۽ اُتامري پر آسروند ۽ اَٿڪ ڳولا تقريباً سڄي جي سڄي انفرادي انداز جي، صريحاً غير سياسي، فقط رنگ ترنگ ۽ راڳ رس، ڪيف سُرور ۽ سُک ساءَ جي محفلن تائين محدود رهي. ۽ اهڙي انداز سان ۽ ائين، کاڻَل تَتَل ۽ ڏکيُن ٻُسيُن ڌرتين تي بهشتَ ڪونه جُڙندا آهن، جنهن جي يا جن جي ڳولا ۾ دراصل هيءُ عوام جو خواص هٿان ستايل سُپوت ڌُر کان نڪتل هو ۽ اڃا به جنهن جي ڳولا ۾ هو اُهڙوئي سرگردان ڦري رهيو آهي. اِئين ته هو فقط هيڪلو هيڪلو، جيئن پنهنجي ڪتاب جي سرورق تي ٻاهران ئي ٻاهران پاڻ ئي ٻڌايو اٿن، ”حسن ۾ نُورُ، عشق ۾ سُرور، ۽ فن ۾ ظهور ڏسي، ساز آواز کي ساڻ ڪري، جستجوي  ڪائنات“ ۾ نڪتو (هيءَ “جستجوي ڪائنات“ دراصل هن جي، پنهنجي سمجهه آهر، جستجوي ’بهشت برزمين‘ هئي)، جنهن ۾ ڪيئي کين ”مڪان مليا ۽ لامڪان ٿي ويا، ڪيئي ڪنارا حاصل ٿيا ۽ بي ڪنار ٿي ويا“، ۽ اڃا تائين سندن ”اُها تگ و دو جاري و ساري آهي.“ پنهنجي ”پيش لفظ“ ۾ اهڙيءَ ئي نرآشائي ڪيفيت جو اظهار ڪندي، ٻڌائين ٿا ته ”ائين هلندي هلندي- سندن لفظ آهن- ’لُڙهندي لُڙهندي‘ هن منزل تي پهتو آهيان-

”خدا هي ناخدا، تدبير پتوار،

لنگر موت، قسمت بادبان هي:

نهين معلوم ڪس ساحل ڪي جانب،

روانه ڪشتيء عمرِ روان هي!“

۽ پوءِ شاهه سائينءَ جو بيت ڏنو اٿن ته-

”اُهي ترها ڪُنَ نِيا، جن ماريا ٿي مَڇَ،

گهوڙا! تِن گهوٽن جا رُلن پيا رڇ؟

پاڻهين مرو مَڇَ، ويو ماڻُ مرڻ جو.“

مون جڏهن سندن ”پيش لفظ“ ۾ اهو بيت پڙهيو ته پينسل کڻي، اُتي ئي اُن بيت جي پاسي کان حاشيي ۾ هي اکر انگريزيءَ ۾ لکي ڇڏيم:

But, oh Rais! The Hunt is on!

’پر رئيسَ، شڪار ته اُهوئي چالو آهي!‘ - - ته سڄي ڳالهه دراصل شڪار جي، تاحيات بني نوع انسانَ، جي چالو رهڻ جِي آهي- نيڪيءَ ۽ بديءَ جي دائمي جنگ جِي، ڪوڙ ۽ ڏاڍ جي مانگر مڇن جو شڪار جِي- جيڪي پاڻيهي ڪڏهن ڪين مرندا، ۽ گهوٽن جا اُنهن کي مارڻَ وارا رڇ به ڪڏهن ڪونه رُلندا- ڇو ته هڪڙا گهوٽ ويا ته ٻيا گهوٽ اجهاڳ سمونڊ ۾ پاڻيهي ٽپي پوندا، ۽ ائين مڇ اَڻهي پيا مرندا، ۽ دنيا جو هيءُ انسانن جو ٺاهيل جهنمُ، ڀتر ڀتر ٿي، ڊهندو رهندو ۽ اُن جي جاءِ تي، انسانن جي ئي هٿان، انسانن لاءِ، انسانن جي هِن دنيا ۾، سک ساءَ ۽ خيرَ خوشيءَ جو بهشت، سِرَ سِرَ ٿِي، اڏبو ئي رهبو.

مون کي خيال ٿو اچي ته اسان جو هيءُ پري پري، ستن سمنڊن جي وچ ۾ سُجهندڙَ بهشتي محل جو ڳولائو، جيڪو عوام جو فرد هو ۽ خواص ۾ پيدا ٿيو- ”رئيساڻو ٻارُ جيڪو ’شهزادو- ۽ - يتيم‘ ٿي پليو، ۽ تنهنڪري رئيساڻي خرافات ۾ پئجي ويو“- اِهي سندس پنهنجا لفظ آهن- پنهنجي اُن تخيلاتي بهشت کي هٿ ڪرڻ يا اَڏڻ لاءِ سياست جي ويجهو به اِنهيءَ ڪري نه ويو، جو کيس ائين لڳو ته اُها عوامي نه هئي بلڪ عوام کان ائين پري هئي جيئن ڪنهن اُڃئي کان سَراب، ۽ سياست جي عوض هو ثقافتي ميدان ۾ ڪُڏِي اچي بيٺو ۽ راڳ رسَ، ناٽڪ، ۽ ناچَ، ۽ آخر ۾ هاڻي ادب جي ميدان ۾ هُن پاڻ کي ايترو جو موکيو ۽ ملهايو، سو به اِنهيءَ ڪري، جو ثقافت جو سڏ هن کي عوام جو سڏ، پنهنجن جو سڏ، محسوس ٿيو ۽ اُنهيءَ لوڪ رس جي شوق ۽ شغل ۾ هُن پاڻ کي عوام جي وچ ۾ ڏٺو ٿي ۽ عوام سان عوام جهڙو ڀانيو ٿي، ۽ اِئين هُن پاڻ کي ۽ پنهنجي هستيءَ ۽ هوڏ کي سڃاتو ٿي. ۽ لوڪ رسَ، لوڪ نِيت يا لوڪ مَرجات، جنهن کي ”عوامي ثقافت“ چئون ٿا، اُن جي اُڀاَ ۽ واڌاري، سجاڳيءَ ۽ سَنوارَ ۾ اُنهيءَ بهشت لاءِ سرزمين هموار ٿِي ٿئي ۽ حالات سازگار ٿين ٿا، جنهن بهشت لاءِ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جو ڦُريل لُٽيل ۽ ڌڪاڻل عوام سدا اُڪاسيل رهي ٿو، ۽ عوامي ثقافت جي اُنهيءَ ئي هانوَ کائيندڙ ڏيساندَرَ جي خوف ۽ هراس ۾ رسمي تعليم ۽ تربيت جا والي ۽ وارث اُن لوڪ نِيتِ يا عوامي ثقافت کي روڪيندا آهن ۽ جي اُها رڪجي نه سگهندي اٿن ته اُن کي پنهنجن اقتداري مقصدن جي پشتيءَ ۾ پنهنجو باندي ڪري هلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ ”رئيساڻي خرافات“ ۾ پئجي يعني اُن جي چُوس ۾ اچي، اُن خرافات کي به پنهنجي پينگهائتي نيپاج ۽ اُن نج ۽ نبار عوامي تعليم ۽ تربيت جي زيراثر، سنڌي سماج جي اُن لوڪ نِيتِ يا عوامي ثقافت کي اُڀارڻ ۽ وڌائڻ، سڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ ڪم آندو. سندس هيءَ ادب جي ميدان ۾ ”ڪيئي ڪتاب“ جي صورت ۾ ايڏي باوقار ۽ ڪامياب ڪاوش ۽ ڪوشش به اُن لوڪ نيت جي منچ تي پيش ڪيل هڪ ادا آهي، جا هُن اسان جي آڏو هڪ خودشناس ۽ عوام دوست تخليق ڪار جي حيثيت ۾ آندي آهي. هُن جي هِن املهه پيشڪش کي اسان مان ڪيئي پڙهندا، ۽ اُن ۾ ڪيئي افسانا، ڪيئي واقعا، ڪهاڻيون ۽ قصا ۽ ڪيئي ڪردار ڏسندا ۽ انهن کي ڏسي، پڙهي ۽ اُمنگ ۾ ڀرجي ڪيئي ڪتاب رٿيندا ۽ تخليق ڪندا، ۽ اسان جي عوامي ثقافت کي اوج ايندي ۽ اُها اوج تي رسندي، ۽ ائين اسان جي وطن جي سرزمين اسان جي خوابن جي بهشت لاءِ هموار ٿيندي ۽ اُن جي قبولڻ ۽ آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ اسان جو عوام ائين تيار ٿيندو، ۽ سنڌي سماج دنيا جي هن تختي تي پنهنجي باغيرت، آبائِتي ۽ مڻيادار جڳهه حاصل ڪندو.

آءٌ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ کي سندس هن عاليشان، خالص پرت جي پورهئي تي مبارڪباد چوان ٿو.

مون کي پنهنجي ڪتاب جي هڪ ڪاپيءَ جي عنايت ڪندي، رئيس پنهنجي اخلاص ۽ محبت جو هڪ وڌيڪ ثبوت ڏيندي، مون لاءِ اُن جي پهرئين ورق تي هي ٻه قرب ڀريا لفظ لکيا ته ”……جويي کي ڳولو تسليم ڪندي، …… کيس …… هي حقائق ۽ صداقت تي مبني لکيل ’ڪيئي ڪتاب‘ جي نالي سان تحفي طور پيش ڪجي ٿو، جنهن صاحب مون کي هِن ڪتاب لکڻ کان اڳ ابتدائي دور ۾ معلوماتي، تجرباتي ۽ مشاهداتي ياداشتون قلمبند ڪرڻ لاءِ اڪسايو ۽ آماده ڪيو هو.“ آءٌ رئيس محترم جي اِنهيءَ دلي صداقت ۽ اُن جي ايڏي فياضانه اظهار تي کين مبارڪ ڏيان ٿو. پاڻ هن ڪتاب ۾ اسان جي محترم و مڪرم سائين جي. ايم. سيد جو ذڪر خير به هر هنڌ پوريءَ حب ۽ عقيدت سان پنهنجين ياداشتن ۾ آندو اٿن، ۽ هِن ڪتاب جي تصنيف کي هٿ ۾ کڻڻ جو امنگ به ڏانُهنِ ئي منسوب ڪيو اٿن. اُن سلسلي ۾، هڪ جاءِ تي اهو به ڄاڻايو اٿن ته سيد اعظم سان سندن غائبانه ثقافتي تعارف ۾ منهنجو ئي ڪجهه هٿ هو. رئيس محترم جي هن فياضيءَ ۽ صدق دليءَ لاءِ آءٌ سندن بيحد شڪر گذار آهيان.

آخر ۾، مغرب جي هڪ شاعر جي لفظن کي، جنهن جي قومي علم و دانش کي سندن دشمنن ۽ بدخواهن هيچ ٿي سمجهيو، سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌي قوم جي دانشورن ڏانهن موڙيندي، رئيس محترم جي هن بي بدل عظيم ڪتاب جي اشاعت جي حوالي سان آءٌ ائين چوندس ته –

”هائو، سنڌي دانشور به آهن.

”تو ٿي سمجهيو ڪونهن – نه، بلڪل آهن.

”رڳو پراڻا، قديم ۽ گذري ويل نه –

”پر هِن ڌرتيءَ جا زنده ضمير، اُن جا جاڳيل عزت دار روحَ.“

[1980ع]

[”مهراڻ ڪلچرل سينٽر، حيدرآباد ۾ 6 جولاءِ 1980ع تي، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي صاحب جي لکيل ”ڪيئي ڪتاب“، جلد پهرئين،  جي رونمائي جي موقعي تي پڙهيل تقرير]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org