سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: پاڪستان ڪلچر

باب: 7

صفحو :17

 

ان مطالعي مان ان ڳالهه جو اندازو ضرور ڪري سگهجي ٿو ته توانائي جي تسخير ۽ تصرف انساني ترقي جو بنيادي عمل آهي. توانائي جي تسخير ۽ تصرف سان اوزارن جا ذريعا ظاهر ٿين ٿا ۽ اوزار ڪلچر کي متاثر ڪن ٿا ۽ هڪ شڪل ڏين ٿا. جهڙا اوزار هوندا اهڙي قسم جو ڪلچر هوندو. مثلاً ڪاٺيءَ کي وڍڻ لاءِ جتي پٿر جي ڪهاڙي استعمال ڪئي ٿي وڃي ته ان معاشري جو ڪلچر ان معاشري جي ڪلچر کان وڌيڪ ڪمزور هوندو جتي جديد ڌاتن مان بنيل ڪهاڙي ڪم آندي ٿي وڃي. ساڳي طرح ڏاندن سان هر ڪاهيندڙ معاشرو ٽريڪٽر ۽ ٻين اهڙي قسم جي اوزان سان کيتي ڪندڙ معاشري کان پٺتي پيل ۽ ڪمزور هوندو. اهو ئي اهو فرق آهي جيڪو جپان، پاڪستان ۽ نائجيريا جي معاشرن ۾ ڏسڻ ۾ ٿو اچي. هڪ وٽ توانائي جي تسخير ۽ ڪم لاءِ اوزار موجود آهن، ٻئي ۾ اوزارن جو استعمال هوريان هوريان وڌندو ٿو وڃي، ۽ ٽين ۾ توانائي ۽ اوزان جو استعمال اڃا ويجهو شروع ٿيو آهي. ان اعتبار کان انهن ٽنهي معاشرن ۾ ترقي ۽ ڪلچر جي رفتار ۾ وڏو فرق آهي. نظامِ توانائي، ان جي تسخير ۽ ڪم هر معاشري جي ترقي جي رفتار، نظامِ خيال ۽ ڪلچر کي متاثر ڪري هڪڙي ڍانچي ۾ پيٽي ٿو. اهو هڪ فطري عمل آهي. جيڪي قومون ان کي نظر انداز ڪن ٿيون سي پٺتي پئجي وڃن ٿيون ۽ انهن قومن جي آڻ مڃين ٿيون، جيڪي قومون ترقي يافته هونديون آهن. اسلام جي عروج واري دور ۾ اهو چاهي بنو عباسين جي حڪومت جو دور هجي يا اسپين ۾ بنو امين جو، يا هندوستان ۾ مغلن جو اسان ڏسون ٿا ته توانائي کي مختلف نمونن سان مسخر ڪري انساني ڪم ۾ آڻڻ جو عمل ٿيو آهي، جنهن سبب نه صرف معاشري هر ڪنهن نموني ترقي ڪئي پر ڪلچر ۾ اڳتي وڌيو ۽ روحانيت جي اشاعت به تڪڙي ٿي آهي. مثال طور اڪبر جي حڪومت کي وٺو، ان دور ۾ توانائي جي تسخير ۽ ڪم ۾ آڻڻ جو عمل نه صرف مختلف شعبن ۾ ترقي جي رفتار کي تيز ڪري رهيو آهي پر راند روند ۾ به ظاهر ٿي رهيو آهي. ابو الفضل جي آئين اڪبري ۾ اهڙا ڪيترا مثال ملن ٿا. اونداهي رات ۾ چوب پلاس سان تفريح ڪئي ٿي وڃي.

”گيتي خداوند بتاريڪ شبها تيز بدين پرواز وکار ديدگان را بحيرت اوفتند. بيشتر از چوب پلاس که سبک و آتشِ او دير بقا باشد گوئي بر سازند و بفروغ آن هنگامئه نشاط گرمي پذيرد.“[1]

ساڳي طرح آبپاشي جا نوان ذريعا، جانورن کي توانائي طرح استعمال ڪرڻ جو نيون ڪوششون جنگ ۾ زودا اثر گولن ۽ بارود جو استعمال، جنگ جا نوان هٿيار، روشني حاصل ڪرڻ جا نوان ذريعا، تعيمر لاءِ نوان نوان اوزار، روزمره جي زندگي ۾ آساني لاءِ نوان نوان اوزار، توانائي جي تسخير ۽ ڪم ۾ آڻڻ ذريعي زراعت ۽ صنعت جا نوان طريقا نظر اچن ٿا. ان عمل هندوستان جي معاشرتي ۽ تهذيبي جمود کي ٽوڙي هڪ وسيع سلطنت جي بنيادي ڍانچي کي اهڙي شڪل ڏني جيڪا ملڪ گير هئي ۽ جنهن تي جديد هندوستان جي قومي ڪلچر جو بنياد قائم آهي.

هاڻي ان نقطئه نظر کان پاڪستاني معاشري کي ڏسو. سڀ کان چٽي ڳالهه اسان کي اها نظر اچي ٿي ته توانائي جي تسخير ۽ ڪم جو عمل معاشري ۾ ابتدائي حالت ۾ آهي. ڳوٺن ۾ توانائي جو استعمال صدين کان اهو هلندو اچي ٿو، جيڪو زرعي انقلاب کانپوءِ صدين ۾ وڃي هتي رائج ٿيو هو. اهي ئي هر جا ڏاند آهن، جيڪي چين، مصر ۽ ميسپوٽاما جي عروج واري دور ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهيئي ڪم ۽ مصروفيتون آهن جيڪي صدين کان هلنديون اچن.  ڇاڪاڻ ته اسان وٽ توانائي جي تسخير ۽ ڪم ۾ آڻڻ ضعيف آهي ان ڪري زندگي جي ترقي جي رفتار سست ۽ ڪلچر ڪمزور آهي.  پهريان به جهنگ جو گاهه ۽ ڪاٺيون ٻاري روشني حاصل ڪئي ويندي هئي اڄ به گاهه، ڪاٺيون، ڇيڻا ٻاري گرمي ۽ روشني حاصل ڪئي وڃي ٿي. پهريان به ڏاندن ۽ هر ذريعي انسان پنهنجي توانائي ۾ اضافو ڪندو هو اڄ به اهو عمل ساڳي ريت اسان وٽ ٿي رهيو آهي. تيل جو ڏيو اڄ به تهذيب جي مزار تي روشن آهي. ان سلسلي ۾ صرف ايتري تبديلي ٿي آهي، جهڙي طرح ڪا فوري شمع مٽيءَ جي ڏئي جي جاءِ ورتي هئي، اڄ ان جي جاءِ لالٽين ۽ لئمپ ورتي آهي. پر بنيادي طرح لالٽين ۽ لمپ جو عمل اهو ئي آهي جو مٽيءَ جي ڏئي جو هو. ان انساني توانائيءَ ۾ ڪو اهڙو اضافو نه ڪيو آهي، جنهن جو اثر ان معاشرت ۽ نظامِ خيال تي پوندو هجي. تواني جي تسخير ۽ ڪم جو اثر ان وقت پئجي سگهي ها جڏهن اهائي توانائي بجلي جي شڪل ۾ ڳوٺن جي زندگي ۾ داخل ٿي وڃي ها. هڪ طرف بجلي مان روشني پيدا ٿئي ها ٻئي طرف انساني عضون ۾ قوت جو اضافو ڪرڻ لاءِ ان سان اوزار ڪم ڪن ها. جيڪڏهن ڪنهن ڏورانهين علائقي ۾ توانائي جي تسخير ۽ ڪم ۾ آڻڻ جو اهو عمل پيدا ڪيو وڃي ته ٿوري وقت ۾ ان علائقي جي زندگي جي رفتار، معاشرتي ۽ معاشي نظام ۽ تهذيبي ڳالهين ۾ تبديلي پيدا ٿي وڃي ها. يڪجهتي لاءِ اهو عمل بنيادي حيثيت رکي ٿو.

توانائي جي تسخير ۽ ڪم ۾ آڻڻ جو عمل نئين شعور ۽ نئين احساس جو پيش خيمو آهي. ان عمل شهرن جي زندگيءَ کي متاثر ڪيو آهي ۽ جيئن جيئن توانائي جي ڪم ۾ اضافو ٿي رهيو آهي  معاشرتي ۽ تهذيبي ڍانچو به تبديل ٿي رهيو آهي. تبديليءَ جو اهو عمل اسان وٽ بحران کي وڌائي رهيو آهي. اسان جي نظامِ خيال ۽ اسان جي بدلجندڙ تقاضائن ۾ وسيع خليج موجود آهي. ان ڪري اهو ضروري آهي ته اسان پنهنجي موجوده نظامِ خيال ۽ تصورِ حقيقت جو نئين سر جائزو وٺون ۽ ان جي بنيادي روين ۾ تبديلي جو عمل شروع ڪريون. جيڪڏهن پراڻي بيڪار زرعي نظام ۾ صنعتي نظام قائم ڪيو وڃي ته ڇا ان معاشري جي ذهني ۽ تهذيبي سطح تي اهو حشر نه ٿيندو، جيڪو اڄ اسان جي پنهنجي معاشري جو آهي؟ ڇا اهي ڳالهيون اسان کان بنيادي تبديليون نٿيون طلبين؟ هاڻي هڪ طرف اسان جون خواهشون آهن ٻي طرف اسان جا وسيلا، اسان جي معاشرت ۽ اسان جو مزاجج زرعي معاشري وارو مزاج آهي. توانائي جي ڪم کان اسان جي ملڪ جي نوي في صد آبادي محروم آهي. اسان وٽ توانائي جا اهي ئي طريقا رائج آهن، جيڪي صديون پهريان رائج هئا. ان سبب اسان جو معاشرو، سمورو ڪلچر ۽ سمورو نظامِ خيال هڪ هنڌ بيٺل آهي.

توانائي کي ڪم آڻڻ لاءِ، جيئن اول چيو ويو آهي، اوزارن جي ضرورت آهي، اُهي اوزار جيڪي انساني قوت ۾ اضافو ڪري، هن دنيا ۾ انساني زندگي کي آسان بنائين. اوزارن جي حيثيت اها آهي جيڪا خود انساني جسم ۾ عضون جي آهي، جهڙي طرح سمورو انساني جسم يا ان جا عضوا اجتماعي حيثيت سان خواه انفرادي حيثيت سان اوزار آهن پر عملي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪي خاص عضوا آهن، جيئن  هٿ جهلڻ لاءِ، پير هلڻ لاءِ، زبان ڳالهائڻ لاءِ، باقي سموري چرپر جو ڪم جسم ڪري ٿو.[2] ساڳي طرح انساني زندگي ۾ ترقي جو روح ڦوڪڻ، ان کي حيواني سطح کان بلند ڪرڻ، تنزل ۽ هڪ هنڌ بيهجي وڃڻ کان روڪڻ ۽ ان جي ڪمن ۾ آساني پيدا ڪري معاشرت ۽ ڪلچر کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اوزارن جي ضرورت آهي. اهي اوزار ڀل کوهه مان پاڻي ڪڍڻ جا ڏول هجن، کيتي لاءِ هر هجن، ماني تياري ڪرڻ لاءِ چلها، سفر ڪرڻ لاءِ ريل گاڏي هوائي جهاز، ڳالهائڻ لاءِ ٽيليفون يا سموري دنيا سان لاڳاپا قائم رکڻ لاءِ وائرليس ۽ يا ريڊيو هجي، حرارت پيدا ڪرڻ ۽ مشينن کي هلائڻ لاءِ بجلي هجي، انساني زندگي ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا. جيئن جيئن انسان توانائي جا نوان ذريعا پنهنجي ڪم آڻيندو ساڳي ريت اوزارن جون صورتون به بدلبيون رهنديون. نوان اوزار نئين تصورِ حقيقت جي طلب ڪندڙ آهن. توانائي جي تسخير ۽ ڪم سان گڏ نظامِ خيال به بدلجبو رهي ٿو ۽ بدلجڻ گهرجي. هاڻي جڏهن اسان جو معاشرو ۽ توانائي جي نون ذريعن جو تسخير ۽ ڪم آڻڻ ۾ مشغول آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي سموري فڪر ۽ ان جي بنيادي ادارن جو نئين سر جائزو وٺون ۽ ان ڳالهه تي گامزن ٿيون جيڪا تضاد کي دور ڪري جيڪا قوتِ حيات جي ترقي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪري. ان مسئلي ۾ اسان جي معاشي مسئلي جو به حل آهي. ۽ نئين طرزِ فڪر ۽ عمل جو به حل آهي. ان کان هٽي ڪري ممڪن آهي ته صرف جذباتي سطح تي اسان عقيدي جي حفاظت ڪري سگهون پر اسان جي ڏسنديئي ڏسندي اها حفاظت به بذاتِ خود بي ڪاري ٿي ويندي. اسان هڪ پاسي جذباتي سطح تي عقيدي جي حفاظت ڪرڻ ٿا گهرون ۽ ٻي طرف جديد ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌڻ ٿا گهرون. پر سوال هي آهي ته پنهنجي موجوده تصورِ حقيقت جو نئين سر جائزو وٺڻ کان سواءِ ڇا اهي ٻئي ڳالهيون هڪ وقت ممڪن آهن؟ اسان جا ذهن اڄ به ان قسم جي مسئلن ۾ ڦاٿل آهن ته نماز ۾ لائوڊ اسپيڪر جو استعمال جائز آهي يا ناجائز؟ دين جا مفتي اڄ هي فتويٰ ڏين ٿا.

”نمازن ۾ لائڊ اسپيڪرن جو استعمال درست ۽ مناسب نه آهي. ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي. سادي طريقي سان وڏين جماعتن ۾ تڪبير چوندڙن معرفت تڪبيرن جو آواز آخري صفن تائين پهچايو وڃي. اهو طريقو ئي بڇڙائي کان پالهو خير ۽ برڪت وارو آهي. ان کي اختيار ڪرڻ گهرجي.“[3]

ڇا اهو اندازِ فڪر اسان جي ان فڪر جو انڪار نٿو ڪري جنهن کي اسان هوريان هوريان اڻڄاڻائي ۾ قبول ڪري رهيا آهيون؟ اهو ئي اهو تضاد آهي، جيڪو معاشري کي اڏهي وانگر اندر ئي اندر کائي رهيو آهي. هاڻي هڪ طرف زندگي جون تقاضائون بدلجي رهيون آهن. ضعيف اعتقادن جو طلسم ٽٽي رهيو آهي. عقيدن جي روائتي شڪل بي معنيٰ ٿيندي ٿي وڃي. معاشرتي ڍانچي ۾ تڪڙي تبديلي اچي رهي آهي. توڪل ۽ تقدير جو تصور پنهنجو اثر وڃائي رهيو آهي. ٻي طرف ڌرتي جو ”خليفو“ ذهني، فڪري ۽ مادي غلامي جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي. ڇا ان جو سبب اهو آهي ته هن روحانيت جو دامن ڇڏي ڏنو آهي يا ان جو سبب هي آهي ته هن روحانيت کي سڪون ۽ بي عملي جو نالو ڏئي زندگي جي حقيقتن  کان اکٻوٽ ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. جيئن موت جي معنيٰ هيءَ آهي ته روح جسم کان جدا ٿي وڃي ساڳي طرح تصورِ حقيقت جي موت جي معنيٰ به اها آهي ته ان جي بيمار جسم مان روح جدا ٿي وڃي. اسان جو موجوده  نظامِ خيال هڪ اهڙو جسم بي روح آهي، جنهن اسان جي حال کي مبهم بنائي اسان کي صرف ۽ محض جذباتي سطح تي آڻي بيهاريو آهي. ان ڌٻڻ مان نڪرڻ جو طريقو اهو ئي آهي ته ان جو مقابلو ڪيو وڃي، جيڪو معاشرتي توانائي جي تسخير ۽ ڪم تي جيترو قادر هوندو، ان جي ڪارڪردگي جهڙي  ريت اوزارن ذريعي ظاهر ٿيندي انهيءَ اعتبار کان هو اڳتي قدم وڌائيندو. پاڪستان جي تهذيبي مسئلن کي انهيءَ نقطئهِ نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آهي جيئن اهي سڀ ڳالهيون، جن جو ذڪر مون هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي، ملي هڪ وحدت جي شڪل ۾ سامهون اچي سگهن. اسان جي زنده مستقبل جو انهيءَ طرزِ فڪر ۽ عمل تي دارو مدار آهي.


[1]  آئين اڪبري ص 154 آئين چوگان- جلد اول مطبوعـﮧ نولڪشور.

[2]  مقدمـﮧ ابن خلدون ص 121 مطبوعـﮧ تجارت ڪتب ڪراچي.

[3]  آلات جديد جا شرعي احڪام- از مفتي محمد شفيع ص – 26.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org