سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: پاڪستان ڪلچر

باب: 9

صفحو :19

 

باب نائون

ذهني آزادي ۽ تهذيبي عمل

(1)

امام غزالي جواب ڏنو ته،

”اڄ ڪلهه جا ماڻهو منهنجيون ڳالهيون برداشت نه ڪري سگهندا ڇو ته هن زماني ۾ جيڪو ذهني ماڻهو سچ چوي ٿو انسان ته ڇڏيو در ۽ ڀتيون به ان جا دشمن ٿي ٿا وڃن.“

سچ جو اهو خوف اڄ به اسان جي معاشري ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان خوف فرد کي ايترو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، جو اڄ هو ان هر ڳالهه جي اظهار کان ڊنل آهي، جنهن کي هو صحيح سمجهي ٿو ۽ جيڪا هن کي ٿورو به نقصان پهچائي سگهي ٿي- ان بيماري ۾ معاشري جو هر ادنيٰ ۽ اعليٰ فرد مبتلا آهي. جتي ماڻهو ايترو ڪمزور ٿي ويو هجي، جتي خوف ۽ عدم تحفظ جي احساس فرد کي ايترو بزدل ۽ بيڪار بنائي ڇڏيو هجي اتي قومي ڪلچر جي تشڪيل جو مسئلو آخر ڪيئن اهميت اختيار ڪري ٿو سگهي. ان طرزِ عمل جو اثر هي آهي ته فرد کي اجتماعي ڪمن سان ڪا به دلچسپي نه رهي آهي ۽ هو عدم دلچسپي، بي تعلقي ۽ خوف جي چادر ڍڪيون بيمارن واري حالت ۾ آرام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، ان ڪري جڏهن مان چوان ٿو ته ذهني آزادي ڪلچر جي تشڪيل ۽ ان جي معنيٰ هيءَ آهي ته مان سچائي جي اظهار تي ايمان رکان ٿو ۽ صداقت جي هر رخ کي ڌيان ڏسڻ  جو دل سان قائل آهيان. ڪنهن به ڪلچر لاءِ ذهني آزادي جي اهميت هيءَ آهي ته تخليقي روح ۽ معاشرتي ۽ تهذيبي يڪجهتي ان جي گود مان جنم وٺندي آهي ۽ ان عمل سان قوم جا فرد کوهه جي ڀتين مان ٻاهر نڪري کليل فضا ۾ ساهه کڻندا آهن. ذهني آزادي جو بنيادي ڪم هي آهي ته اها فرد ۾ خوف کي اهڙي طرح پاڙ هڻڻ نه ڏي جو هو زندگي جي هر سطح تي صرف سمجوتو ڪرڻ تي قانع ٿي وڃي ۽ هن جي پنهنجي سچائي ۽ تجربو هن لاءِ ڪا معنيٰ نه رکي. ان خوف جو اثر هي آهي ته مان هڪ فرد جي حيثيت سان معاشري جي عام سرگرمين کان بي تعلق ٿي ويو آهيان. پنهنجي حقن کان ڀي ۽ پنهنجن فرضن کان ڀي. صداقت جو اظهار ان وقت ممڪن آهي جڏهن مان اجتماعي ذميداري کان بي تعلق نه هجان ۽ مون کي معاشري سان پوري طرح دلچسپي هجي. اظهار جي آزادي جو خوف مون ۾ بي تعلقي پيدا ڪري صداقت جي اظهار کان روڪي ٿو. اهڙي طرح معاشرو ڏسندي ئي ڏسندي هڪ لاش بنجي سڙڻ لڳي ٿو. اظهار جي آزادي جو احساس ئي فرد لاءِ ڪافي آهي ته هو پنهنجا فرض ذميداريءَ سان پورا ڪري سگهي. اظهار جي آزادي جو احساس دراصل حقن جي تحفظ جو احساس آهي. جتي حق چڱي طرح فرد کي حاصل هجن اتي فرضن جو احساس ڀي چڱي طرح فرد ۾ موجود هوندو. اهي هڪ ئي عمل جا ٻه رخ آهن. فرد ان سهاري زندگي جي هر سطح تي پنهنجيون تخليقي سرگرميون زنده رکڻ جوعمل ڪري سگهي ٿو مثلاً مون کي هردم اهو احساس هئڻ گهرجي ته منهنجي ملڪ ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي منهنجي ملڪ جا اڳواڻ ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن ان جي ذميداري، خواه سڌي طرح آءٌ ان ۾ شريڪ نه به هجان، مون تي عائد ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ اها ذميداري محدود آهي پر ان جي معنيٰ اها آهي ته مونکي پنهنجن فرضن ۽ پنهنجي حقن جو احساس آهي ۽ ان ذميداري کي پورو ڪرڻ لاءِ منهنجو هي فرض آهي ته ايمانداري ۽ جرئت سان جيڪا ٻين جي عمل ڪري مون ۾ پيدا ٿي آهي، صداقت جي ان پهلو جو اظهار ڪريان. اظهار جي آزادي جي معنيٰ به اها آهي. ان عمل مان ئي تخليقي جذبو وڌي ٿو ۽ ڪلچر جي اوسر ٿئي ٿي. معاشرتي انصاف جو تصور به ان طرزِ فڪر مان پيدا ٿئي ٿو ۽ لتاڙيل انسان جي دل ۽ دماغ ۾ اميد ۽ مقصد جو چراغ روشن ٿي زندگي جي بامعنيٰ هجڻ جو احساس پيدا ڪري ٿو. انسان کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ ”نه“ چوڻ جي قوت کي زنده رکيو وڃي، جيئن ان ۾ اهو حوصلو قائم رهي ته جيڪا صداقت نه آهي ان کي ڪوڙ چئي سگهجي. هر پليٽ فارم تي اسان جو سڀ کان اهم ۽ بنيادي ڪم اهو هئڻ گهرجي ته اسان ذهني آزادي لاءِ جدوجهد ڪندا رهون. حيرت جي ڳالهه آهي ته اسان آزادي جي اهميت جو ته ڏينهن رات احساس ڏياريندا ٿا رهون ۽ آزادي کي زندگي کان وڌيڪ پياروٿا رکون پر اهو وساري ٿا ويهون ته فرضي آزادي به آزادي جو هڪ لازمي حصو آهي ۽ ان کي آزادي کان جدا ڪري اسان آزادي کي به برقرار رکي نٿا سگهون. ڇا اُهي ماڻهو جيڪي ذهني آزاديءَ کي مروڙي خود آزاديءَ کي خطري ۾ وجهن ٿا ڪنهن ريت به محبِ وطن هئڻ جي دعويٰ ڪري سگهن ٿا؟ همـﮧ گير تخليقي جذبو اُتي بيدار ٿيندو آهي، جتي ان کي ٻڌو ويندو آهي ۽ اهميت ڏني ويندي آهي. غلامي جي زنجيرن ٽوڙن مان ڪهڙو فائدو جڏهن زنجيرن ٽوڙڻ وارو پنهنجا هٿ پير ئي چورڻ جي قابل نه رهي. آزادي اها آهي جنهن ۾ ذهن ۽ صلاحيت کي ٺينگ ٽپا ڏيڻ جي اجازت هجي، جتي هوا کي پوري طرح استعمال ڪرڻ جي آزادي هجي. جتي زندگي جي معاملن سان مهاڏي اٽڪائڻ جي آزادي هجي. اها ئي اُها آزادي آهي، جيڪا اسان ۾ ذهني سنجيدگي ۽ ذميداري جي احساس کي کي جنم ڏئي ٿي ۽ انساني رشتن کي سمجهڻ ۽ سلجهائڻ ۽ محبت جو شعور پيدا ڪري ٿي. اها ئي ڳالهه آهي جنهن سان ان امر جو اظهار ٿئي ٿو ته معاشري ۾ ڪلچر موجود آهي يا ڪلچر ترقي ڪري رهيو آهي. اهڙن ماڻهن لاءِ ڪلچر جي ڪهڙي معنيٰ جيڪي پاڻ انڌا ۽ ٻوڙا هجن. جن جون صلاحيتون پابندين ڪري مرده، بي استعمالي سبب ناڪاره ۽ خوف سبب خشڪ ٿي ويون هجن. ”مولا آن باشد کـﮧ آزادت کند“ جي  معنيٰ به اها آهي.

جنهن معاشري ۾ اقتدار پرست قوتون آزادي جي تحفظ، حب الوطني ۽ ٻاهرين ۽ اندرين خطرن جو نالو وٺي ذهني آزادي کي چيپاٽڻ لڳن ٿيون اتي معاشرو هوريان هوريان اُن باه وانگر ٿڌو ٿيڻ لڳندو آهي، جنهنن ۾ ڪاٺين وجهڻ جو عمل بند ٿي ويو هجي. ”خيال“ جو وڻ ڪوماڻجي سڪڻ لڳندو آهي ۽ معاشرو وقت ۽ زماني جي ضرورت مطابق آهستي آهستي بدلجڻ جو عمل بند ڪري، هڪ هنڌ بيهجي ويندو آهي. نتيجو اهو نڪرندو آهي جو معاشرو يا ته بي جان ٿي ڪنهن ٻي جي هٿ هيٺ اچي ويندو آهي يا وري ”انقلاب“ ان جي جاءِ وٺندا آهن. اظهار جي آزادي جي قوتن جو ڪمال هي آهي ته اُهي معاشري ۾ اوچتو انقلاب جي عمل کي روڪي ڇڏينديون آهن. ان ڪري جومعاشرو کليل فضا ۾ ساه کڻڻ ڪري بري ڀلي ۾ امتياز ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آهي ۽ تبديلي کي اهڙي ريت قبول ڪندو آهي ته وقت اچڻ تي خود ان جهڙو ٿي ويندو آهي. فرد ۾ اعتماد قائم رهندو آهي اهڙي ريت سمورو معاشرو ذميداري واري احساس سان پنهنجن حقن جو مطالبو ڪندي پنهنجا فرض پورا ڪندو رهندو آهي. ان عمل سان خيال جي اوسر جاري رهندي آهي ۽ ان سان گڏ ڪلچر جوعمل به. ذهني آزادي صرف ردِ عمل جي اظهار جو نالو نه آهي پر اها هڪ آدرش جو درجو رکي ٿي. تخليق جي لاٽ ڪڏهن طوفانن سان وسامي ويندي آهي ۽ ڪڏهن تيل نه ملڻ سبب. ڪڏهن آمريت جو تشدد ان کي وسائي ڇڏيندو آهي ۽ ڪڏهن تن کي آساني ان کي روشن ٿيڻ نه ڏيندي آهي ان ڪري ضروري آهي ته ذهني آزادي جي تحفظ واسطي معاشري جي هر فرد کي هر وقت پنهنجي پنهنجي نموني جنگ ڪرڻ گهرجي جيئن تخليق جي شمع روشن رهي. ذهني آزادي ايڏو وڏو آدرش آهي جو زندگي کي خطري ۾ وجهي به ان جي حفاظت ڪرڻ گهرجي جيئن فرد کي زنده رکي سگهجي. هاڻي جو اسان کي هي محسوس ٿو ٿئي ته فڪر، جذبا ۽ احساس مرده ٿي ويا آهن ۽ موت جو احساس صرف بيزاري ڏئي ويو آهي يا ائين معلوم ٿو ٿئي ته زندگي سڏڪا ڀري رهي آهي ته ان جو سبب به اهو آهي ته ذهني آزادي نه هئڻ  سبب خيال جي اوسر بيهجي وئي آهي. هاڻي اسان وٽ ڪجهه سوچڻ ۽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه رهيو آهي جڏهن پاڻ وٽ ڪجهه نه هئڻ جو احساس ايترو گهرو ٿي وڃي ته پوءِ فرد ۽ معاشرو ڇا ٿو ڪري سگهي؟ اسان جي نسل کي ان ڪري اڄ هي محسوس ٿو ٿئي ته اسان ان نسل جو جيڪو زنده هو جو صرف بت آهيون.

 

(2)

هن وقت تائين اسان ان صورت حال جو جائزو ورتو آهي، جنهن سان اسان ذهني آزادي جي تعلق سان تخليقي روح جي سطح تي منهن مقابل آهيون. اچو هاڻي ڏسون اُهي ڪهڙيون قوتون آهن، جيڪي ذهني آزادي کي چيڀاٽي رهيون آهن ۽ اُهي ڪهڙيون قوتون آهن، جيڪي اظهار جي آزادي جي حمايت ۾ آواز بلند ڪري سگهن ٿيون ۽ پر نٿيون ڪن ۽ ان جو سبب ڪهڙو آهي.

اهي قوتون جيڪي آزادي جي اظهار کي روڪي رهيون آهن، انهن ۾ هڪ طرف اهي تنگ نظر ماڻهو شامل آهن، جيڪي روائتي ۽ مروج خيال ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي کي ڪفر ٿا سمجهن. ۽ ٻي طرف اهي سياست ۽ تدبر جا ٺيڪيدار آهن جيڪي سموري معاشري جي اکين تي اها ئي عينڪ پائڻ ٿا گهرن جيڪا هنن جي اقتدار جي اکين تي پاتل آهي. پهرين گروه ۾ اُهي ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي عقيدن جي سلسلي ۾ ايترا سخت آهن، جو هر ان فڪر يا طرزِ عمل کي جيڪو انهن جي خيالن مطابق نه آهي مردار سمجهن ٿا. هنن لاءِ مذهب جي معنيٰ صرف ۽ محض اُهي قصا ڪهاڻيون ۽ معجزن ڀريون روايتون آهن، جن جي مدد سان هو پنهنجن وعظن ۾ گرمي پيدا ڪري ملڪ جي گهڻي آبادي کي ضعيف الاعتقادي جي طلسم ۾ گرفتار رکن ٿا. مذهب جي ٺيڪيدارن جو ڪاروبار ڇاڪاڻ ته فقط وهمن تي قائم آهي، تنهن ڪري هر نئين خيال کي اڳتي وڌڻ کان اڳ ئي نهوڙڻ گهرندا آهن. ان جو نتيجو هي آهي ته مذهب جي سطح تي ذهني آزادي جي مسئلي اڳيان اهڙي صورتحال آهي جنهن مان خيال غائب آهي ۽ وهم زندگي جو رستو روڪيو بيٺا آهن. ڪوئي نئون خيال جڏهن به حال جي جهولي ۾ اچي ويهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري معاشرو ان کي بلا سمجهي جهوليءَ کي ڇنڊڻ ٿو لڳي ۽ جهٽ پنهنجي عقيدي يا خيال جي بي جان ٻار کي کڻي جهولي ۾ ويهاري شدت سان پيار ڪرڻ ٿو لڳي. ان وقت هن جي ذهن جي حالت اها هوندي آهي ڄڻ هن جي لاڏلي ٻار کي کسي هڪ نامعلوم پيءُ جي ٻار سان ان جي جهولي ڀري ٿي وڃي. اهي اُهي ماڻهو آهن، جيڪي تاريخي وهڪري کان علحده بيٺا آهن ۽ جن ذهني آزادي کي خوف ۽ زبان جي احساس سان دٻائي خيال جي ارتقا کي روڪي ڇڏيو آهي. اڄ انهن ماڻهن جي ڪري نئون خيال مٽي ۽ مير سان لٽيو ڪچي سڙڪ جي پاسي ۾ ويٺو پٽي رهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org