سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :34

 

سمجهيو ڀائرن پنونھ جي، نه هلڻ پنونھ جو ڪنا گفتار پنونھ جي:

 

جڏهن ڄام گفتا ٻُڌا ڀائرن

چيا جي پنهون ٿي منجهان ئي ڏکن

تڏهن سي سڻي سڀ پروڙي رهيا

بلوچي تِني لفظ ههڙا چيا

”ايشيان آفتي عشق عذاب ڪرت“

ڇِني پاڻ ويٺو پنهون ڄام پرتِ

جڏهن دل اسان سين گڏي ٿو نه ڄام

تڏهن ڪيچ ڏانهن سو نه هلندو مدام

وڌا عشق زنجير دل کي سنديس

ڪري ڄام ويٺو اِتي هاڻي ديس

ٻڌيسون سَسُوئي پري ٿي ڪئن

اچي ڪيچ کان سا ڏٺيسون اکين

نظاري اچي جي تَهين جي چڙهيا

وطن ڏي نه بلڪل وري سي وريا

اوتارا اڏي سي رهيا ۾ ڀنڀور

ڏني جن اکين سين سسوئي اَڌور

اچي جن اکين سين سَسُوئي ڏٺي

تني ڳالهه موٽڻ سندي ڪي ڦِٽي.

 

بيان منجهه صلاح ڀائرن پنهونءَ جي واسطي نِيڻ پنهونءَ جي:

 

صلاح ڀائرن ڄام جي ٿي ڪئي

رضا سين نه هلندو اسان سان هي

”شفي ايشيا بند ڪئي“ ۽ ڀُرين

چيو ڀائرن سين بلوچين بُرين

ته ڪنهن رات پرمل پنهون مان ڀنڀور

ڪڍي ڪيچ ڏانهن تان هلون ساڻ زور

هلن جي رضا سين نڪي ڏي وطن

وڃن زور سين سي منجهان ئي چمن

وڃن ڪي ويا هي ڇڏي باغ باغ

جتي ڀؤنر بلبل تتي زاغ زاغ

تهين ڪاڻ تن ٿي مِٺائي رکي

پنهون کان صلاح جي ڳُجهائي رکي

مِٺائي زباني رکيائون گهڻي

غريبن منجهان پڻ ڀريائون تَڻي

چيائون فريبا، ادا اي پنهون!

ٿئي سُک دائم سدا تو سَمهون

وينداسون اسين ڏيهه سِگهائي وري

ڪنداسون  نه زوري سنديائي ذري

پنهنجي ماڳ پڻ ڏڍ ڏيندا هئا

سَسوئي مڪر سين ٺڳيندا هئا

نه ڌيءَ نيڪ دانھ سونهاري ڀَليِ

وينداسون ڇڏي ڄام کي ٿي هلي

پنهون ڄام تو ساڻ، تون ڄام ساڻ

هجي شال هردم اوهان جي رهاڻ

سُڻي ڳالهه سا تن ڪنا سين ڪُنن

سسئي ٿي چيو ماڳ موٽي اُنهن

ته آهي پنهون ڄام روح مون سندو

سنجهي راحتون ۽ صبح مون سندو

صبح شام سين ڄام آرام آهه

سوا ڄام هر وير ماتام آهه

پنهون ري نه پاڻي نه ماني وڻي

دنيا مان نه ڪنهن جي نشاني وئي

هيين روح آرام مون ڄام آهه

صبح شام ري ڄام ماتام آهه

ويچاري ويساهي مٿي ٿي رهي

وسھ ڄام پڻ ڪي تني تي صحي

هِنئن جا نه واقف تني جي هئا

جي ڪيچان وٺڻ ڄام لئي آئيا

ڏاڍي ذات ڪيچين جي ڏاڍا بلوچ

ويساهي وري جي ڏين لوچ پوچ

بلوچي جبل جي جنبي گفتگو

هئي هاڪ تن جي سدا سؤ بَسوُ

رکن ڪيچ جا مرد ٿا دل ۾ پيچ

ٿين ڊوهه تن جا جِني کي مَريچ

 

سَسُوئي ويچاري نه واقف هئي

نڪا ڳالهه ڏک جي اڳي تنھ سُئي

سبب تنھ ڀانيائين ته هي ڏير مون

وڇوڙي نه ويندا پنهون هير موُن.

 

بيان منجهه نِيڻ ڀائرن پنهون جي، پنهون کي سُتي سسئي جي:

 

سَسؤئي ستي جا سنجهي ويسري

چمن منجهه جنھ بر سُمهي ڪا پَري

سسوئي سُتي ويسري سيڄ سيڄ

لنگهي رات گهاٽي ڀِني ڀيڄ ڀيڄ

صفا غيب تان تنھ تڏهن ٿي چيو

ته هاري! ننڊان هوت توکان ويو

آيا ڪيچ کان ئي ڦوڙائو وٺي

اکيون کول ننڊ ڪر نڪي ڪِي مِٺي

آيا ڪيچ کان جي ڏيندا سي فراق

اُٿي ويهه پنهونءَ سين پسي اشتياق

آيا ڪيچ کان جي نيندا سي پنهون

اُٿي ويھ پنهون سين نماڻي سَمهُون

آيا ڪيچ کان جي نيندا سي ضرور

ويهي ڄام سين تون گهڙي ڪا پروڙ

آيا ڪيچ کان جي ڇڏيندا نه سي

ڳالهيون ڄام سين تون اُٿي اور ڪي

پيين سيڄ تي پيٽ پاسو وراءِ

ويندا ئي رهاڻيون سنديون تو رلاءِ

ويندا ٿي پنهون تو ڪنان تو ڳِنهي

وندر ۽ رهاڻيون سنديون تو ڇِني

ڪڏهن تو ٻڌا ڪينڪي سخت ڏير

رکن جي سدا مُرڪ سين ڊوهه وير

سَسُوئي سچي ئي روليندا رهاڻ

مَ ڀؤ ماڳ ڀوري! اُٿي ويھ اَڄاڻ

سَسُوئي وسوڙل ويچاري هئي

ڪنان ڳَهر اِي ڳالهه تنھ ڪين سُئي

نه ڪَل ڪا قضا جي نه ڏيرن  ڏمر

سفر جو نه گفتو ٻُڌائين پَڌر

ڀانيائين ته ڪيچي ڪندا ڪين ايئن

چاڙهي ڄام چانگي سسئي چوٽ جيئن

”هنيني زباني، خَريني هيين“

نه سمجهئين پنهنجا ڏير نِينئي هيين

سبب تنھ سمهي سيج غافل رهي

ڪيائين قضا کي نڪي ڪي سَهي

قضا ڪلَ ڪهين کي ڪڏهن ڪين ڏي

جيسين يار دلبر وٺي ساڻ ني

قضا شاهه گدا کي ڦوڙائي وجهي

رهاڻيون سنگت سؤ هزارين ڇني

مٿي سيڄ جنھ دم ويچاري سُتي

پنهون جي نه اک ننڊ ۾ هئي لڳي

ڪوٺي ڄام جنھ دم پياري گلاس

چاڙهي نيش چانگي مٿي راهه راس

روانا ٿيا ڪيچ ڪيچي سِگها

وٺي ڄام سسئي ڇڏي غافلا

ڪئي ڄام تنهن دم تڏهن ٿي پڪار

نِيو ڪِين مؤن ڪا ڪريو هير ٽار

”مَنا يا خدا لاءِ مَبريد ڀاءُ“

الله لڳ گشتي گهڙي وير ڪا

وڏا وس واڪا ڪيائين نياز

ته دل جان منهنجي مُٺي ڀاءُ مجاز

ڦوڙاڪو نه تن کي ادا تان ڏيو

وڃو ڪيچ موٽي سياڻا ٿيو

وڃو ڪيچ موٽي ڇڏي مون ڀنڀور

ڪٺل عشق جي سين ڪريو ڪين زور

ڇڏڻ جي مون کي ڪا ڏيو دلبري

چڱو مان جدا کان وڃان جي مري

ڇڏيائون تڏهن پڻ نڪي تنھ تتي

ڪري رحم ڪرهي تان لاهي اُتي

هڻي ڪام ڪرها ڪڏائي ڪَهيا

ڪجائو هَنجن سين ڀَرائي وهيا

نڪا ڪهل تن ڪين ڪنھ ساڻ ڪم

ڪَهين ڪاڻ پڻ سي دَمن ڪين دمَ

دمن ڪين بلڪل وٺي سو وڃن

سنبهي ڪيچ کان ڪاڻ جنھ جي اچن

آيا جي ته موٽي وري ڪين سي

ڪٺا قؤل پنهنجي ٽرن ڪين سي

آهي ڪم ڪيچين وڇوڙو وڳر

اصل کان ڇنِن سي سدائين سڳر

ڪڏهن ڪنھ مٿان سي نه آيا ٽرن

توڻي سؤ نيازيون ٻڌي هٿ ڪجن

رهاڪو جبل جا سدا سنگ دل

نڪو رحم تِن جي هيين منجهه تِل

رهي آس جنھ دم ٿيو نااُميد

تڏهن روڄ راڙي پيو نااُميد

ڳلن تان ڳوڙها ٿي هزارين وهياس

جدائي سسئي کان جڏهن ٿي ٿياس

جدائي سسئي کان جڏهن ٿي ٿئي

پنهون ۾ رهوي ڪين تنھ وير جي

جسي ۾ رهي تنھ نڪي روح جان

ڦوڙائي جو جنھ کي لڳي تيز ڪان

ٽوڙائو وڍي عيش آرام سُک

سمهون ڏي هزارين لکين سؤر ڏُک

جگر ۾ سندا عشق ڀالا جني

پيئڻ رتُّ دائم پيالا تني

هڻي بحر عشقي ٿو موجون سدا

ٻوڙي ٿو عشاقن جون فوجون سدا

 

جڏهن تيز طوفان عشقي لڳي

تڏهن ڪانه ٻيڙي سگهي ڪا ڇڏي

هنيا عشق اُمرا گهڻا ۽ وزير

شهنشاهه سلطان سهسين فقير

شوڪارا سندا ڏک آڻي پنهون

سسئي ري ٿيو سؤر رنجن سَمهؤن

ڪڏهن مَحوَ مستي ڪڏهن هوش ڪي

ڪڏهن موت ويجهو ڪڏهن جان جي

پَسي حال سو ڄام ڄامن سندو

رئڻ ماٺ دل جو اجايو ڌنڌو

ڏنا ٿي دلاسا گهڻا ئي انهن

ٻڌا ڄام ٿي سي نڪي سين ڪَنن

اچي ٿي اُٿيس عشق جا جوش جهير

ٿيو زرد ٿي ڄام جو رنگ تيهر

هئي واٽ ساري سڄيائي قيام

ڦوڙائي پنهونءَ ۾ دکايا حمام

ٻُڌي درد دانهون سنديون ڄام زار

ويو واٽ ماڻهن منجهان دل قرار

اهڙي حال پرمل پنهون ڪيچ ڄام

آندائون وٺي زور سين نيڪ نام

پهتا ڪيچ ڪيچي وٺي ڄام زور

سَسُئي ويچيري ڇڏي ئي ڀنڀور.

 

بيان رَسڻ پنهون ڄام جي جو ڪيچ ۾ مهندان آريءَ خان جي، ۽ نه مت وٺڻ تنهن جي جو:

آندائون جڏهن ڪيچ ڪيچي پنونھ

اکيون لال جنھ زرد هو زور مؤنھ

نڪا شان پڻ مانَ عزت سندي

خبر ڪانه دنيا سندي ڄام ٿي

تڏهن خان خانن رنو زار زار

پَسي ڄام ڄامن ٿئي بيقرار

جبل ڪيچ جا پڻ ڏري ٿي پيا

ماڻهو روڄ راڙي جهجهي ۾ ٿيا

ٿيو غم بيحد پَسي ڄام کي

وريا سؤر سهسين ڏسي ڄام کي

ڏسي ڄام جيڪر سرهائي ٿئي

پاڻان تان غمن جي گهڻائي ٿئي

آري خان يڪدم ڳراٺي ڪري

هنجن ساڻ اکيون نماڻيون ڀري

چيو درد مان ٿي پنهون ساڻ وؤ

جهِڄي ۽ ڇڄي دل جگر موُبموُ

ته اي نوُر نيڻن پَساهه جان تن

وساري ويٺين ڪيئن پنهنجي وطن

اسان کي هتي روز محشر هئو

سوا تو سڄو شهر بَر بَر هئو

چيوسين سدا ربّ آڻين پنهون

اسان جا هئا نيڻ سنڌ ڏانھ سَمهُون

آندو ربّ جامع جڏهن توکي آهه

تڏهن ڏک پاڻان وڌو تو وڌاءِ

اُپٽ اک ساجن سندا مون پنهون

پسي پاڻ ۽ پُڻ موُنهين جو رُنون

سڻي سا پنهون ڪين ڪڇيو  ذرو

لڌئين سوُر ساڄن سندو ئي تَرو

سوين سوُر سوُرن مٿي ئي ٿيس

لکين پوُر پوُرن مٿي ٿي پيس

وڌيو درد دلبر سندو زور زور

ٿئي سونهن ساڄن سندي زور زور

مَلڻ ساڻ شمشير جئن صاف هوءِ

سين سمجهاڻ مشتاق تيئن زاف روءِ

رنو ڪيچ مڪران مستي پَسي

وڃي سُڌ سڀڪا قلاتين رسي

آڇيون تن اچي جان مَتيون ۽ ستيون

اکيون ڄام ڌاو رَتو تان رَتيون

سڀئي آشنا ۽ سڀيئي عزيز

وڏي هوش وارا وڏي ئي تميز

ڪري وَس ورچي وڏائي رهيا

عقل هوش گفتا ٻُڌائي  وهيا

مَڃي، تان نه تن جو چوڻ ڪو ذرو

ڏٺائين وڃي سوُر دردن ترو

چيائون تڏهن ڄام مجنونِ آهه

ڦوڙائي ڪيو مرد محزوُن آهه

دوا ڊڀ دارون جُنوني ڪريو

سندي مرض سيگها زبوني ڪريو

سڻي ڳالهه سا جا چئي ٿي اُانهن

رکي خان ساري هيين ۽ ڪَنن

هيين ۾ رکي ٿي چيائين اُتي

ته ڪوٺي اچو ريڄ وَهلو هِتي

سڏي طب وارا ڪريو ڪو علاج

ٿئي صحت جنھ سين ڪريو سو علاج

ڏيان مُلڪ پنهنجو سڄو کي تني

ٻُڪي مان ٿئي ڄام صحتيو جني

طلب ساڻ تنھ وير آيا طبيب

ڪندا ڪيئن تنھُ کي هنيو جو حبيب

رَماني نجومي هيڪاندا ٿيا

عقل هوش تن جا اڏامي ويا

چيائون تڏهن سوُر عشقي اهو

علاجن ڪنا ٻهر سو ٿي ٿيو

آهي درد عشقي اِهو لاعلاج

پُوندو يار وري مرض ٿي منجهه جاج

فاروقي فرق تنھ ڪري ڪونه ڪو

چڱن ۾ چڱو پڻ خميرو نه ڪو

نه هو زهر عشقي ڪنا ڏي اَمن

نه دل روح آرام هن کان وٺين

دوا ٻي نه تنھ جي لکي ڪو ڪتاب

چئي ڪونه حاذق تَهين جو جواب

مگر يار محبوب جي ئي مليس

ته سين ديد رنج ٿي سگهوئي وڃيس.

 

بيان نظربند رکڻ پنهونءَ جي، ڪنا ديوانگي عشق جي:

جڏهن خان سا ڳالهه ساري ٻُڌي

طبيبن اڳيان تنھ سندي جا اُتي

تڏهن ڪا صلاح ٻي نه آيس نظر

نظربند تنھ لئي رکيائين پِسر

نظربند هو ڄام بنگلي مٿي

نڪو عير هو قُرب پنهنجو اُتي

سڀ روح راحت سندي ڳالهه ڪِي

دلاسا پنهونءَ کي ڪيائون مِڙي

ته پڻ سؤر سڀ وير واڌو ٿيو

پنهون ڄام پُرن وڏن ۾ پيو

ڪڏهن ماٺ تصوير وانگر هيس

ڪنا ڀُڻڪ پڻ ڪِي پنهون ڄام بس

ڪڏهن ڪڏهن درد دفتر پڙهين ٿي پڌر

ڪيائين نڪي ڪنھ سندو ٿي حذر

چيائين ڪڏهن مُنهن مهاڙو ڪلام

ته توتي ادا عشق آهي سلام

ڀَلي عشق آئين ڀَلي با ادب

سوا يار گُفتي چورايين نه لَب

صبح شما هر وير محبوب يار

ڏنو تو اچي مون کي مرغوب ياد

اچي تو وجودا گهڻائي کَسي

سندي يار يڪدم هيڪائي ڏسي

وساري ڇڏيائي ڪنا مون قريب

هيين ۾ رهايئي سندي مون حبيب

مٿان تو سِسِي ساهه قربان آهه

هينئون روح قربان پڻ جان آهه

ڇڏي مون کي تنها متان ڪي وڃين

وڇوڙي هٿان هي جڏو جي ڀَڃين

جيسين نيڻ محبوب منهنجا پَسن

مُرادون ميڙائي هنيين کي رسن

ڪيو عشق تان ٻول ٿي هي تڏهن

ڇڏي ٿو نه مشتاق مون کي جڏهن

تڏهن مان نه تو پڻ ڇڏيندو وري

ڏيندين يار جيسين اچي دلبري

اَها گفتگو ڄام جي روز روز

سيني منجهه سسئي سوا سوز سوز

پنهون ڄام ۾ عشق بندي ٿيو

ڪنا دين دنيا سو رِندي ٿيو

 

ٿيس خوف ڪو قيد جو ڪينڪي

ويس ويسرو ٿي سڄو جان جي

هيين منجهه هر وير محبوب هوس

هنجُن ساڻ سينو هَريو هو سندوس

سدا وير سينو هَريو هو پنونھ

وڃائي سندي ڄام سڀ سوُر سونھ

ڪري ياد دلدار محبوب کي

کِجيو ۽ رُنو زور سو ڄام ٿي

ڪري ياد هيڪاند دلدار جي

ڏنو دم بدم ٿي پنهون ڄام جيءُ

مرڻ عام هيڪو سدا عاشقن

لحظي منجهه پڻ سي وري ٿا جيئن

مرڻ ۽ جيئڻ ڪِن مَري ڪي جيا

ڪي ۾ سوُر ساڄن مُئا ۽ مُئا

 

بيان منجهه ننڊ غفلت سسئي جي ۽ جدائي پنهون جي:

 

ويو ڄام ڄامن ڀنڀوران چڙهي

هئي نحس ساري سڄي سا گهڙي

سسوئي سُتي سيڄ ٿي ويسري

ويئي ڪين اڳ ۾ تَهين کان مَري

ڀانيو تنھ نه نيندا پنهون مون وٽا

ڪندا مون اڳيان ڪا ڪيچائي جَٽا

نه نيندا وٺي ئي پنهون مون سندو

ڏيئي اوچتو جيءُ جسي کي ڌنڌو

نيندا ساڻ سو جو سندو مون پساهه

ڪري جانِ جوُنري اندر سوُر ڳاهه

نيندا ڄام پرمل جهلي سو جبل

سوا جنھ اچي ڪين آرام پَل

نيندا ڄام ڄامن وٺي ڪيچ ڏي

سُتي هيڪلي مون هتي ئي ڇڏي

ڇڏي هيڪ ڇپّر ويندا ڪيچ پاڻ

رلائي ڇپر ۾ سسئي جي رهاڻ

رهنديس ڪيئن تن ري وري ۾ ڀنڀور

ايندي هيڪلي مون مٿي ڄام ڏور

خبر ڪانه بلڪل ٻُڌي مون ڪَنن

ته ويندا وٺي جيءُ سندو مون وطن

ويندا سي سندم ڄام ڪيچي وٺي

هيين روح آرام ڪيچي وٺي.

 

بيان هاتف جو، جنهن خبر ڏني سسئي کي، وڃڻ پنهون ڄام جي جِي:

سسئي ننڊ غافل سُتي سيڄ سيڄ

ويو ڄام تان تنھ ڀِني ڀيڄ ڀيڄ

ويو ڄام جنھ دم سسوُئي ڇڏي

سسوُئي نماڻي ڏکن ۾ گڏي

تهين وير هاتف ورائي پڪار

ته ويئي پنهونءَ جي سسوُئي قطار

ڇپر کٽّ تي سيڄ بندن مٿي

اڃا تون سُتي پاڻ هنڌن مٿي

ڀني ڀيڄ جي جا هوا تو لڳي

منجهان تنھ جي آتش صبح جي ڌڳي

ڏسي اڀ تارا ڏسي وير خوش

ڏسي ڄام ڄامن ڏسي ڏير خوش

سُتئين سيڄ تي ڪوهه اَدي تون سُکي

ويا ڏير جن ري ٿئين تون ڏکي

ستئين ڄام سان ننڊ آرام ۾

پيين هاڻ تنھ ڪاڻ ماتام ۾

ويا ڏير تو ڄام توکان وٺي

هيين روح آرام توکان وٺي

ستيين سيڄ تي ڪوهه نماڻي ڪٿان

ويو ڄام ڪيچي هل تو هٿان

ستيين سيڄ تي ڪوهه نماڻي غريب

ويو ڄام ڪيچي هٿان تو حبيب

ستيين سيڄ تي ڪوهه اَدي بيخبر

ڪيو ڄام ڏيرن اکين ۾ ڇَپر

سڄڻ سانڍَ ڪِن ڪِي اکين جي اندر

رکيائون سبب تنھ ڇَپر تي ڇَپر

ڪثر قلب جي ڪِن ڏني کي پِرين

ڪيائون وري بند وَهلو لَبن

رکيو روح ساڄن سدا جِن پِرين

ڏني تو پنهونءَ کي هيين ۾ نه جاءِ

ويو هاڻ تنھ لئي هلِي هاءِ هاءِ

ويو ڄام ڄامن وٽان ئي هليِ

وهئين تون تهين ري ڇپر هيڪلي

ويو ڄام ڄامن وٽان ئي لڏي

ڇپر هيڪلي تو سُتيائي ڇڏي

سنجهيئي پلاڻي ڪيچائي ويا

چاڙهي ڄام ڄامن روانا ٿيا

آهي ڀيڻ سسئي سڀيئي ڀنڀور

ڪونهي جتّ ڪيچي سندو تو آتور

آهي راڄ سارو ڀنڀوري رهيو

پنهون ڄام ڪيچي سندو تو وَهيو

ڀانيان ڪيئن ڪيچين سوا تون ڪندي

ڇڏي ڄام تون هاڻ سوُرن سندي

جيڪس تو مليو سوُر سڀ ڏيج

ستيئين جنھ سبب ڄام سين هيج م

ستي سور سهسين رسيا تو گهڻان

پسي سي ٿو هٿڙا هزارين هڻان

سُتيون ساٿ ويندو پَسن ڪين موُر

مِٺي ننڊ تو ڪئي وڇاڻا ڏسي

ميڙائو وڇوڙو سُتيين جو پَسي

ڪيئي ڀُل ويسر اُٿي ٿي سجاڳ

ٿيو تو نه چاڻان ڪهڙو هاڻ ڀاڳ

ڪيئي پَر ڪُپَر جا ڪرڻ ناهه ڪي

ڇڏي ننڊ غافل تون هوشيار ٿي

سُتي ننڊ غافل اُٿي سارَ ڪر

وين جا هٿان هاڻ اُو تارَ ڪر

ويڙهي منهن مُئن جيئن اڃا تون سُتي

پِرينِ ري پرِهه هاڻ آئي اُٿي

ستي هاڻ تو لئي اوجاڳو ٿيو

پنهون ڄام جنھ لئي ڪنا تو ويو

سُتي سيڄ ڀوري اُٿي ٿي سجاڳ

ويو ڄام پڻ  رات آيو وهاڳ

کِيَڻ ۽ پيڻ پڻ محبوبي لباس

ڇڏي سُک جهوُنا وڳا ڀيڻ ڀاس

اُٿي هاڻ سيگهئون ڇڏي هي ڀنڀور

چڙهي چوٽ ڏونگر پنهون ڄام ڏور.

 

سجاڳ ٿيڻ سسئي جو، سين لوڏي وڇوڙي جي:

 

ويئي رات آيو جڏهن ٿي وهاڳ

وڇوڙي پنهونءَ جي تڏهن ڪي سجاڳ

سجاڳي سسئي کي ڏنائين اَڇي

پيرهه وير پَر ۾ لوڏيائين اچي

نه اُٿ پيڻ پَرمل پنهون تو ويو

راتو رات ويجهو وڃي ڏيهه ٿيو

سسئي سيڻ ڇپّر سويرا ويا

ننڊان نيڻ پُر تو نڪي ڪي ٿيا

پَٽي نيڻ پسندينءَ ادي تون ڪَني

ويا ڪيچ هُئي هير چشمن جَني

پنهون سين مِلي پُڻ سُمهڻ سيج ماڳ

آهي ڀيڻ سارو وڏو ئي اڀاڳ

مِلن جي سِري سي رکن ڪين ٻانھ

ڪيا ٻانھ سِري سو پرين کان اَڳانھ

سِڪي جي پنهونءَ کي سدائين مِلن

سي اَک پوُر هيڪي نڪي ڪي سُمهن

سسئي سيڻ ڇپر ويا جي وٽاءِ

پُوندين تون تني ري گهڻو ۾ رنجاءِ

اِها سڌّ سسئي سمهڻ تي کٽن

نه ئي عشق آري پنهونءَ جو چون

آهي عشق ڪيچين سندو سوز هنج

اوجاڳو اکين دل مٿي درد رنج

سمهڻ سکّ آرام ماهه ۾ لڱن

نشاني نه آهي سندي عاشقن

مٿي سيڄ ڀوري پنهون ناهه تو

ڀِني ڀيڄ ڀوري پنهون ناهه تو

مهارا، ڇپر کٽ، پينگها، پلنگ

ساري ڄام کي ٿا رتو رؤن رنگ

ٿَڌا باغ بلبل جيڪي ڀؤنر گل

سندا سيڄ سارين پڻ ڄام ڦُل

اجهو واءُ صبا سوُر سين ٿو لڳي

پنهون ڄام جنھ کان ويو ٿي اڳي

جڏهن ڄام ڪيچي کِلي تو کنيو

وڃائي تڏهن ڪِئن سو ٿي پَهيو

ڏورانو نه ڄاتئي تهين کي ڪري

پيين هاڻ تنھ ڪاڻ سُورن تَري

ڪيچائي ڪنھ جا تان سَڱيڻا نڪي

ڪنھ جي ڪاڻ پڻ سي وهيڻا نڪي

ڏورانا پنهنجا جن ڪري ڀانئيا

ڳاڙها لُڙڪ سهسين تني واهيا

جني ڪي سنگت ساڻ پرڏيهين

سَٺا چاڪ چٽڪا تني ۾ هِنين

جِني دوس پنهنجا ڏُورانا ڪيا

سمهڻ سُک تن جا وجودا ويا

ڪري سڱ نيڻن سندي ننڊ ڇڏي

هِنيون روح پرمل پنهون ساڻ گڏ

رَهايا ستا ننڊ سهسين هزار

ٿيا سي سدا يار کان ڏور ڌار

جڏهن مرد دانا سُتا هيڪ وير

زماني وڌا تان تِني ساڻ وير

زمانو زبر ڪم ڪهڙا ڪري

منجهان سُک نئين ۾ غمن جي تري.

 

بيان منجهه سجاڳ ٿيڻ سسئيءَ جي، ۽ نه ڏسڻ پنهونءَ جي، ۽ سعيي ڪيچ جي:

 

سڻي ڳالهه سسئي وڇوڙي سندي

چرين جيئن بيهوش بيدار ٿي

اُٿي ننڊ مان جان ڪيائين نِهار

ڏٺئين تان نه پنهنجو پيارو ڀتار

رنائين تڏهن زور زاري ڪري

ڀنڀوران پنهونءَ لئي بيزار ڪري

پَسي پاڻ تنها پنهون لئي ڪڙهي

رهاڻيون سنديون ڄام ساري سڙي

پسي هنڌ پرمل پنهون ڄام جا

ٿيس ماڳ سي سوُر ماتام جا

پسي ماڳ پرمل سندا سي چيئين

وڏي درد مان لفظ ٿي هيءُ چيئين

ته هي ماڳ اُو جِت هئا مون پرين

رئان رت ّپر-ڀؤن ويا مون پرين

اِهي ماڳ منهنجا جتي ئي هئا

رئان رت ساري پرين جي ويا

پسي هنڌ پرين سندا ري پرين

هينئون نيڻ هردم کجيو ٿا کِجن

هينئون نيڻ پرمل پنهون ري رتا

مٿن مچّ سورن سندا سوَ مَتا

ويو دور دلبر جڏهن ٿي سندم

ويو سُک دل کان تڏهن ئي سندم

ويو سُک سَڀ مون سندو ساڻ ڄام

هينئون وير هر ڪنهن پَچي ۾ حمام

اچي مانَ اڄ جو ويو ڪال آهه

رئڻ رت جنھ لئي مون کي جال آهه

اچي مانَ اڄ جو ويو ڪال ڏينهن

وسن جان جنھ لئي سندا سور مينهن

اچي مانَ اڄ جو ويو رات آهه

هڻي دل ۾ منهنجي ڳجها ڪات آهه

اچي مانَ اڄ جنھ ڇنايو سنگت

جهين ڪاڻ جيءُ هيءُ ٿيو سُور رت

ڳالهيون سي ڪري ياد هيڪاند جون

اکين مان هنجون ٿي سسئي جي وَهيون

پاٿاري پَسي ڄام جي ٿي سڙي

ڪري روڄ راڙو نماڻِي ڪڙهي

پنهونءَ جا پَسي هنڌ لوڇي لُڇي

ڪنا ڏک ٻئي سين نڪي ڪِي ڪُڇي

رکيائين سندي سوُر دل منجهه ڳالهه

ويو عيش وريو سڄو ئي جنجال

هِيين داغ هر وير ۾ سا رني

وڇوڙي پنهون ڄام جي ۾ پُني

رنِي ڏک ڏاڍي منجهان زار زار

پيا ڀوُن مٿي لڙڪ ٿي جار جار

لکيو تن منجهان ٿي پنونھ يا پنونھ

وري موٽَ مان وٽ رهي مان آسوُنھ

اَسونهي رهي مان وري ڄام آءُ

ڇني هيڪلي تي ڪري ڪو نگاهه

ايڏي ڏک سسئي جڏهن سا جهلي

ڀنڀوران پنهون ڏي تڏهن سا هَلي

هَلي وير جنھ تنھ چيائين صفا

جيڏيون ڄام ري مون مڙيئي جفا

پنهون ري وئي مون نڪي ڪِي وطن

ڀانيان باهه ري ڄام ٿِي هِي چمن

وينديس تتِ جت مون سندو ڄام آهه

سوا ڄام مڙِ ماڳ ماتام آهه

وينديس تِت جِت ڄام جيڏيون سندم

هِتي هاڻ ماتم پنهون ري ٿيم

پنهون ري وڻي ڪين هيءُ مون ڀنڀور

وڌيو دل ۾ منهنجي سندو سوُر زور

پنهون ري گهَڙي ڪانه ڪا ٿي جيان

وينديس هاڻ جيڏيون نڪي ڪي رهان

وائي منجهه روئي رهاڻيون ڪنديس

آهيان ٻانَ ٻانهي سَڄيائي سنديس

نيو ڪين توڻي تني مون گَڏي

ته پڻ ڪيچ وينديس هتي کي ڇڏي

ويا پاڻ ڏيهه ڏي هِتي مون ڇڏي

ڦوڙائي ڏکن ۾ اَجائي گڏي

ويا پاڻ جي مون ڇڏيئي هِتي

ته پڻ پوءِ وينديس پنهون مون جتي

پنهون مون سندو جنھ جبل ۾ ويو

هلڻ حق مون پڻ تَهِين ۾ ٿيو

وڃي ٿي جتي ڪيچين جي رهاڻ

وڃڻ حقّ مون پڻ تتي سگيهه ساڻ

آهيان هاڻ مهمان ڪا وير وير

سيني منجهه ٿو سوُر ڏي ڀير ڀير

ڄاڻي ربّ ٿو مون سري ڪينڪي

ويو ڄام منهنجو وٺي جان جي

ويو ڄام آرام دل کان کسي

هنيين سِڪّ ۽ سور ڏاڍا ڏسي

ويو ڄام ڏيھ ڪُل وٺي مون قرار

مِليم سور دل کي اديون بيشمار.

 

بيان منجهه منع جيڏين جي سسئي کي، ڪَنا وڃڻ ڪيچ جي:

 

جڏهن حال جيڏين سسئي جو ڏٺو

ته سڀ سُک دل جو تَهيِن جو ڦَٽو

رهي ڪانه ڪا وير آرام ٿي

پنهون ري ٻريو تنھ تي ماتام ٿي

تڏهن سا سڀن جيڏين ٿي جهَلي

ته پُهتي نڪا زال ڪيچين هلي

سفر سخت مشڪل نَيون ۽ جبل

وڏا وَر وڻڪار هاڙهي هڪل

سُڄي سڃ صحرا جبل سخت چُونِ

سدا سڏ هاڙهي سندا سخت پُونِ

پُهچي ڪانه ڪوهيار جبّل مٿي

چڙهي جا رکي سا ٿِي هٿڙا مٿي

بيابان ڀر تون هلي هيڪلي

پهچي ڪانه سنگت سوا جا هلي

رسيون ڪي رهيون سؤ جبّل مٿي

سُڄي سخت جبّل سندي ٿي پچار

لڪيون لڪ ڏونگر وڏائي وچان

مِرؤن جن جي چاڙهي مٿيئي ٿڪا

ڏاڙهون ڏونگر اڀّ کي ئي رسيون

ڇپون چوٽ ڪڪرن مٿي تي لڳيون

ڏسڻ ۾ اچي ڪانه جن ڪا ڪنڌي

اُپَت اَک ڀوري خدا جي بندي

خبر ڪانه واٽن سندي ڪا پئي

نڪو رات سُکيو تني ۾ رهي

پکا پَهر بستي نڪا ڪا ڪِٿي

نصيبن پَرو ڪنھ ڪڏهن ٿو ملي

جبل ۾ ڪري ڪونه ڪو ٿو ورونھ

گهڻو موت سؤکو ڪنا ئي اَسؤنھ

نه پاڻي ملي سُڃ ۽ رڃ آهه

مثل شينهن ماري، اُتي اُڃ آهه

لڳي لڪ ڄيري مثل تنھ ڄڀي

رهن رات ڏينهن ٿا جبل سڀ تپي

هزارين تِني منجهه ماري ٻيا

چُنجن ۾  لکين چور هاري ٿيا

مرون مست مارا متارا وتن

سَمهون جي سُوارن وڃي ٿا وڙهن

ٻانڀون رڇ بگهڙ چيتا شير شينهن

جبل منجهه هستي رکن رات ڏينهن

ارڙ نانگ پڻ سَپّ واسينگ زور

پون جنھ پٺيان سو بچي ڪين ڀور

سُڄن سخت جبلّ سنديون ڳالهيون

چڙهن جي اکيون تن سنديون آليون

سڀ واٽ ويندن سندي سور دانهن

وڃي جو جهلي تنھ سندي سُور ٻانهن

ايڏا ڏک اوري پنهون کان اَدي

ڪَمر ڇوڙ جا تون ڏکن جي ٻَڌي

پَٽي اک هاري سُتي ٿي سجاڳ

نشي عشق مان جيءُ جسو آڻ ماڳ

هئين جئن دانَھ ٿئين مست تئن

تنهنجو ڏوهه نه ڪم ئي سندو آهه نينهن

پسي ڏک تو سڀ ڏکويون اسين

جيڏي جيُ تنهنجي جَڏويون اسين

ساڃائي صبر ڪر سَتر کي م ڀڃ

ايندو ڄام موٽي ڀوري تون نه وڃ

ايندو ڄام ڄامن سندو تو وري

وڃائي نه تون جيءُ جبل ۾ مَري

ايندو ڄام ڄامن سگهوئي اِتي

ڇڏيندو نه توکي وڇوڙي هتي

طلب تو جڏهن دل اندر ڄام جي

ڇڏيندو تڏهن تو پنهون ڪينڪي

ساريين ڄام ڄامن جڏهن جيئرو

پنهون ياد پڻ تو ڪري تيترو

صبر سور تي ڪر سسُوئي اَدي

نه وڃ واٽ ڏانھ تون جبل جي وڌي

رکي حبّ ٿو صابرن سين گهڻي

سدا ربّ سبحان صاحب ڌڻي

صبر جن ثمر تن سفر صاب آهه

صبر ساڻ پرين سگهو ٿو مِلاءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org