سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد ٻيو)

 باب:

صفحو :15

 

سانگ چڙهي ماڳ آئيان، سرها سيڻ سنگهار.

 

 

 

 

 

سونو خان لغاري

سونو خان بن محمد عارف بن محمد بن علي محمد بن جاڙو مِٺاڻي لغاري، محمد عارف کي هڪ پُٽ سونو خان ٿيو، جنهن کي چار پٽ ٿيا، علي محمد، محمد، احمد ۽ عيسو. سونو خان ڳوٺ محمود خان لغاري، ديهه بخاري تعلقي گوني ۾ ڄائو. اٽڪل ستر ورهيه کن جي عمر ۾ 1929ع ۾ گذاريائين چيائون ته سنبت 1784 هو. نانگاڻي شاهن مان سيد بچل شاهه جو مريد هو، قرآن شريف ۽ سنڌي پڙهيل هو، قرآن شريف جي معنى ڪندو هو، ڳوٺ جو ملا ۽ پيش امام هو، مڪتب پاڙهيندو هو، خطبا پنهنجا جوڙيائين، پيريءَ ۾ شاعري ڪيائين. چيائون ته نياڻيءَ سان محبت هوندي هئس، ان جي گذارڻ سان فراق لڳس.

[1651]*

پت پنهل مون سان پاري، اجهو آيو اٿم آري الا
1_     ”الف“ آيا ٿم ”بي“ بلوچا، ”تي“ وٺي سي توڏا
        ”ثي“ سڃاتم ”جيم“ جني جي، لهر ڏنا هئم لوڏا
        ”حي“ هنيائون مون کي درس دريا۾

”خي“ رکي مون تي خواري الا

2_     ”دال“ ديوانا آٺ عطر جا، ”ذال“ ڀري مون آيا زور
        ”ري“ ٿيو مون تي رانجهن راضي، آري ڄام آتور
        ”زي“ آءٌ گهوريان ذا پنهل تان

”سين سي سڀ ساري الا
3_     ”شين شڪر ڪيم ”صاد“ صدق مان ”ضاد“ لهي ويا دل جا دليل
        ”طوطي“ آيا طالب جا” ظوئي“ لهي ويا ظلم ذليل
        ”عين“ آيا لهي ”غين ويا غم

ويئي ”في“ فڪر جي واري الا
4_     ”قاف“ قرب مان بار بلوچن، ”لام کڻي هِت لاٿائون
        ”ميم“ مُشڪ جا ”نون“ نوراني، ”واهه“ کڻي هٿ واهيائون
        ”هي الف“ سان  ”لام“ لغاري“

”يي“ رکيئون مون سان ياري الا

 

[1652]

سڻ تون ڄام عمر امين، مارو منهنجا ٿئي  مسڪين
        هاڪم تنهنجي هيبت  کان مون کي ڪوٽ ڏسڻ ۾ آيا ڪين
1_     ”الف“ اباڻا آهن اندر ۾ ”بي“ برائي کان بيزار
        ”تي“ طمع سي رکن نه ڪنهن ۾ ”ثي“ سانگيڙا سنگهار
        ”جيم“ جنم گذاريم جن سان

”حي“ ڪيئن وسرن حُسن حسين
2_     ’خي‘ خيراتون ڏين خوشيءَ مان، ’دال‘ وڏي پڻ سان ڌيان
        ”ذال“ نه زنگ رکن سي ڪنهن سان، ’ري‘ روزا رکن رمضان
        ’زي‘ زڪوات مال پنهنجي مان

ڏوٿي منهنجا ساريو ڏين
3_     ”سين“  ”شين“ ”صاد“ سان لاڳو ”ضاد“ نه ڪنهن کي ڏين سي دانهن
        ”طوئي“ ”ظوئي“ ”عين“ اباڻن،” غين“ غريبن آندي ٻانهن
        ”في“ فڪر منجهه رهن هميشہ

”قاف“ ڪڇن ٿا ڪنهن سان ڪين
4_     ”ڪاف“ قابو جهل ”لام“ لغاري“ ”ميم“ محبت ماري مير
        ”نون“ نبي آهي ”واو“ کان ويجهو، ”هي“ وڻي آهي هينئڙي هير
        لايو ”لام“ ”الف“ سان ”سونا“

”يي“ پڙهن ٿا ساڻ يقين

[1653]*
ڌڙ ڇڏي ويو ڌوڙ ۾ نيو مٿو مڱڻهار

سورٺ ڪريو سڏڙا پِٽيو ڪڍي پار

1_     خان سدائين کٽ تي

پير نه کوڙيائين پٽ تي

جنهن جو لاشو پيو آهي لَٽ تي

جنهن جا واريءَ گڏيا وار

2_     ڏس ته ڪهڙا شير هئا

مانجهي مرد مٿير هئا

دانَهه سي دلير هئا

جن ڪوري ڏنا ڪپا

3_     ٻيجل آيو ساز سان

تنهن راءِ ريجهايا راز سان

ڪاٽي ويو ڪماچ سان

سِسي ساڻ ستار

4_     سورٺ چڙهي ڏاگهه ۾

تنهن آپ وڌو ٿي آڳ ۾

”سونو“ چئي سهاڳ ۾

وڃي گڏيا گهوٽ ڪنوار.

 

[1654]

مِٺي مادر ڏي تون موڪل

ڪريين دارون ديوانن جا

ٻَڌيون پٽيون ڏِئين ڦڪيون

ڪريين حيلا حيوانن جان

1_     منجهيو ماڻهو جڏهن گس دان

تڏهن ويئي رهاڻ رس کان

ويو مجنون پنهنجي وس کان

ڪهڙا سانگا سامانن جا

2_     ڏٺم تجلا تنهنجي تارن جا

وجهي ونگ وئي سا وارن جا

نوان نياپا ڪي يارن جا

ڪهڙا هت ملڪ مستانن جا

3_     مصر مجنون پهتو پازي

پڇيو تنهن کان اڳيان قاضي

سڻي ڳالهيون ٿيون راضي

پڙهيائين باب بيانن جا

4_     مَ ڪِي ماڻهو آيو ڪوئي

سڻي ليلى ڏنو روئي

مُڪئين ميوا سڄڻ سوئي

”سونا“ مان ڏي سلامن جا.

[1655]

ويئي يار وطن مان چلي سا چڱائي

هلي هاڻ آئي لڙي ڪا لچائي

1_     بيداد هئي ننگري چرٻٽ هو جو راجا

ٽڪي سير ڀاڄي پئسي سير کاڄا

ڇڏي لست ليمن مَري وئي مٺائي

2_     ڪٿي يار جاني جني سچ ياراني

رکن دوستي هاڻ ظاهر زباني

چاوت ڪن سي چوري کنڊون کير کائي

3_     اهي چنڊ تارا کاڌي فرش ڦيري

وڙهن پٽ پيءَ سان وياء ٿيا جي ويري

ڀيڻيون ڪن ڀائن سان ”لغاري“ لڙائي

[1656]*

چشما چُور ڪيتي ويکڻ نال ويندا

جڏان ناز ڪرن ڄڻ ڳال ويندا

1_     ديدادن دلبر زابر زور واليان

دليئون درد ڏيندا شو خيال شور واليان

جڏان چست چائن چائي چور واليان

ڦٽي سي فراقئون في الحال ويندا

2_     نينان نور ڀريان سي ڪلور ڪرن

ڏاڍي گهاو گهتن جڏان گهور ڪرن

اهڙي دم دم پيا دستور ڪرن

ڏوجهي باه بري دي او ٻال ويندا

3_     جڏان سهج ڪنون ول سينگار ڪرن

نيزي نينهن والي نروار ڪرن

تکي تيغ ڪنون وڌ تيار ڪن

ڏتي موت ولا مون مثال ويندا

4_     ”سونا“ سهڻي دي ڪيهي قيل ڪهان

اهڙا عٿاقل اکيان عقيل ڪهان

ڪهڙا ديدان دا مئن دليل ڪهان

ڏتي بار ڪيتي سو بحال ويندا.

 

پير نور محمد

پير نور محمد ڪاماري واري جي هيٺين ڪافي نواب عرض محمد خان تاجپور واري جي بياض تان ورتل آهي. پير نور محمد 1930ع ڌاري وفات ڪئي.

[1657]

مون تان ساجن ساريو رات

پرين پل پل ۾ ٿو ياد پوي

1_     ڪريان ٿي آهون، درد جون دانهون

پرين مون کان ٿي مَ پرانهون

عشق وساريم ٻيون  سڀ واهون

ملندا مون پرڀات، ڪالهونڪر ٿو ڪانگ لنوي

2_     اٿس نين ڪجل ري ڪارا

ڀرون تنهن جا واسينگ ويچار

اکڙين ڪيا ٿي وڄن جيئن وارا

ڪر کنيون عرفات، بره جي ڪا بوند وسي

3_     اٿم اميد عجيب اهائي

ڪر ڪا محب ملڻ جي وائي

آهيان پورهيت تنهنجي سائي

ڪانه پڇين ٿو ذات، طعنا سڀئي ٿو سر  سهي

4_     ”نور محمد“ کي ڏي دلداري

سُر ڪي صاف پرت مؤن  پياري

ڪنديس حال حقيقت ساري

سڻ سڄڻ هي بات، چڻنگ لڳي جيئن ڌَنوڻ ڌَوي.

 

گولو ماڇي

گولو پٽ دادن ذات ماڇي،  کاڻي مڱريا تعلقي سانگهڙ جو ويٺل هو. سنه 1932ع ۾ وفات ڪيائين

[1658] روپ ڪلياڻ

سناسِي سُورَ  ۾ سَنِرا، لاهوتي لعل پيا لٻيٽَن
1_     سامي سنسار جا سانگا، ڇڏي نروار ٿيا نانگا
        لنگهي لاحد جا لانگها،  گنگا ڪاشي ڀُڻا ڀيٽَن
2_     نسنگ نامِيا هڻي نعرا، ويراڳي وره وحدت وارا
        سِسا سَٽ ۾ ڏيئي سارا، وصالي وصل ۾ وَهِسَنِ
3_     لَلَنگهه لُنگ بند لاثاني، عاشق آڌوُتَ عرياني
        فنا في الله ٿيا فاني، پتنگ، پروان ٿا پلتن
4_     رکي نِت طلب تن تازي” کولا“ سي گودڙيا غازي
        رضا رب جيءَ مٿي راضي، صدا صد بار ٿيا سمجهن.

 

[1659]روپ ڪلياڻ

آديسي عشق جا عشق، وطن ويراڳ ڏي وِئڙا
1_     وجهي ٻن ۾ ٻوري ٻيائي، ڪري هٿ حال هيڪڙائي
        وڃائي ٻي سڀئي وائي پناري پرينءَ جي پئڙا
2_     لنگهي لاحد جا لنگها، ننگئون نڪري ويا نانگا
        سَٽي سِر ساهه جا سانگا، جفا ۽ جند ڏيئي جيئِڙا
3_     لِڪي اوڪان رهنِ لِڪ ۾، سَدا سُورن سندي سِڪ ۾
        هجن هر وار  حَقَ هِڪَ ۾، نهوڙي سندي سَڪ ۾
4_     ڀڃي ڀَڙَ ڀَوَن جا ڀولا، آهن ڳُڻ ڳوپ جا ڳولا
        غلامن جا ٿيا ”ڳولا“ جلالي جُوان جوڳئڙا.

قاضي محمد عرس ”گل“

 

قاضي محمد عرس، تخلص ”گل“ لُنواري شريف تعلقي بدين جو ويٺل هو، سنه 1773ع ۾ ڄائو. سنڌي، عربي ۽ فارسي جي ڄاڻ هيس. 1933ع ۾ وفات ڪيائين، قافيون ۽ غزل چيائين.

[1660]

کٽي خاصو، رتو رومال جنهن آهي

کسڻ دل جو ڪيو خيال تنهن آهي

1_     ڌوئي دلبر دُشالي کي دوبارو

پڇاڙي پاڪ ڪيو  پئمال تنهن آهي

2_     ڇيري ڇيڙا ڏِئي ڇاڪاڻ دل کي

ڦٽي ڦٽ کي وڌو في الحال تنهن آهي

3_     عجائب گل مثل ابريشمي سو

طلائي طاق جو تمثال تنهن آهي

4_     الله پوري ڪري اميد اُن جي

رکيو ”عرس“ تي ارسال تنهن آهي

5_     متان ساقي سڄڻ منهنجو سَلي مان

سنڀاريو ڪين ساري سال تنهن آهي

[1661]

عمر انصاف تنهنجي جا سدا ڳُڻ ڳالهيون ڳايان

ڪيا تو ڀال هي ڀائو، نماڻي نار نت آهيان

1_     سدا تون سومرو، سندم سڻ عرض هي آزيون

ڏئين موڪل ته آءٌ مارن وڃي هيڪر لقب لاهيان

2_     ڪٽيان ڪيئن ڪوٽ ۾ تو وٽ، ڇڏي جهنگ جهوپڙا جايون
        قسم قرآن جو مون کي، ويٺي واڙين لئي واجهايان
3_     جي سانڍيم سومرا سڪ ۾ ٻڌي ڇيلن جي سِر ڇيرون
        سنڀاري سي سڀئي سهڻا، وڃي  ويڙهن ۾ وڙڪايان
4_     ڏيندا ڪي مرضي منهنجي کي، دوا دارون آهي درمل
        مران ٿي مُفت هت هاڻي، سوا سرتين نه ساڱايان
5_     گذاريم ”گل“ گهڻا ڏينهڙا عمر جي هن عدالت ۾
        ڪيئن مون تي لکين لائق، سچايون سي ٿي ساراهيان.

 

[1662]

ڀلا دوست لڙيون لکين تون لُٽين ٿو
1_     ڀري ديد دلبر دوناليون دلين ۾
        سڌيون صاف سهڻا ستمگر سٽين ٿو
2_     سِکِئين رمز ڪنهن کان عجب جا رکين ٿو
        ڦوڙايل ڦٽن تان تون پٽيون پٽين ٿو
3_     گذارڻ نه گهرجي پرين هوند پاسي
        ٻٽي ڏينهن قرب جا نه مون وٽ ڪٽين ٿو
4_     اهو ظلم زور رو ۽ جوڀن جواني
        اٿئي چار ڏينهن مُفت ڇو منهن مٽين ٿو
5_     گُذر”گل“ گهڙي پل دنيا نيٺ فاني
        جُدا ڪيئن تون جانب کان جيئري جٽين ٿو.

 

 

 

 

محمد سليمان ”سوالي“

محمد سليمان ولد محمد  بچل ميمڻ بدين جو رهاڪو هو، پر پوءِ ڪراچي لڏي ويو ۽ لس ٻيلي جو ڄام علي وٽ وڃي رهيو، 1934ع ۾ وفات ڪيائين، فارسي ۽ سنڌي ۾ ڪلام چيائين.

[1663]*

سر تين ري سامان

ڪوه ڪريان مون کي ڪين وڻن ٿا

1_     مارن ري ماندي مري ٿي

اُڪير اباڻن منجهه ڳري ٿي

ڪر ڪي عمر  احسان

پلپل پرين پُور پون ٿا

2_     لوئي لاهي ڪين لڄايان

پلنگين ويهي پَٽ نه پايان

ڪُپرَ ڪنديس ڪانه

رائي وڃان جو راڄ رڙن ٿا

3_     ظلم ضعيفن سان ري عدالت

ياد اچي ڪنهن کي ڪانه قيامت

اهي پوءِ ڪندا ارمان

هِت اچو جي هاڃا هڻن ٿا

4_     ساريان پنهنجا پرين پرڏيهي

ڪين وساريان ڪنهن پرڏيهي

بدين جا بهتان

”سوالي“ سڀئي کميو کڻن ٿا

 

مير علي نواز خان”ناز“

 

هز هائينس مير علي نواز خان ”ناز“ ولد مير امام بخش خان، سهراباڻي ميرن مان هو ۽ رياست خيرپور جو ولي هو. سنه 1884ع/ 1301هه ۾ ڄائو، پرنس ڪاليج دهلي مان اعلى تعليم حاصل ڪيائين. انگريزي، فارسي، اردو، سنڌي ۽ سرائڪي ٻوليون ڄاڻندو هو، اردو، سنڌي ۽ سرائڪي ۾ شاعري قافين جي هڪ قلمي مجموعي ۾ سنڌي سرائڪي 48 قافيون ڏٺيون ويون.

[1664]

تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان

آسان به آ دشوار به آ
        تنهنجي واعدي تي اعتبادر ڪهڙو

اقرار به آ انڪار به آ

1_     تون دور رهين بي نياز مولى

سڻ فريادي جو هي آواز مولى

هن بي گناهه جي مارڻ لا

تير به آ تلوار به آ

2_     هي  بيوفا دنيا ۾ رهڻ

آ درد مصيبت غم جو سهڻ

ناهي تو کانسواءِ ڪوئي منهنجو خدا

آزار به دل بيمار به آ
3_     جتي حسن تجلي نور ڏسان

هر سَرَوَ قمري مخمور ڏسان

هي آ فرياد بلبل جي سدا

جتي گل به آ اتي خار به آ
4_     دولت زر جي پاس ناهي

مهر وفا جو آهيان غلام

هن ساري جهان ”ناز“ غريب

زردار به آ نادرا به آ

[1665]

پل پل پُپر، مٺڙن مارن جا پل پل پورن پون
                مارو ماڳ وسن، پل پل پور پون مٺڙن مارن جا

 

1_     سانگي سانگ ڇڏي، ويڙا درد اڏي

جنهن ڏينهن لاڪُون لڏي، آيو سور  سهڻ

2_     ڀتون ڀاڻان ڏسي، پوي ٿي دلڙي ڦِسِي

وڃان پنهنجي دوست رسي، دونهان درد دکن

3_     قيدي قسمت جو ڪيو، قابو پرديسي ايهو

تخت هزارو ڇڏي، مشڪل آء ”ناز“ رهڻ

[1666]

سانگيڙن وانڍڙيون ٺاهي وسايا پنهنجا ڀاڻ
                                        مٺڙن مارن ڪاڻ
        دونهاڻ درد اندر جا اچي ڏسو پنهنجا پاڻ
1_     ڦلاريو ڦوڳ ڦريون، چونگارين تنهنجو چڙيون
        ڪٿي اکڙيون اڙيون، سُهڻن سانگين ساڻ
2_     ڏسي مارو نماڻا، کنيا چوڙيلين چاڻا
        نوان سور ساماڻا، ويٺي اوريان پنهنجو پاڻ
3_     وڻن ڳاڙها پڙا، ڇيلن چونگاريان چَڙا
        ”ناز“ گابڙن گهڙا، سهڻن ڪوهن ڪاڻ

 

[1667]

آيم سور اندر جا باب بڻي

کولي پاڻ پڙهو هي ڪتاب کڻي

1_     تنهنجي صورت تي مان مستانو

لاهيو پاڻ ته پنهنجو حجاب کڻي

2_     پيالو پياري مست ڪيو ٿا

ڏنو شوق منجهارئون شراب کڻي

3_     عشق جي رمز آ مشڪل سمجهي

ڪيو مفت مُلن ته خراب کڻي

4_     ”ناز“ تي دلبر خفگي ناحق

ڪيو سينو جگر ته ڪباب کڻي

[1668]

آ منهنجا سهڻا مٺل تنهنجو ڪٺل پيو ٿو مري
        هن درد جو دارون اوهان ري ڪ نه ٿو ٻيو ڪو ڪري
1_     درد غم سڀ سور پيا، سيني اندر ناسور ٿيا
        زخم سڀ انگور ٿيا، هي دل ڏکن ۾ ٿي ڳري
2_     هڪ رمز ڍولڻ سان لڳي، ٻي آ جگر کي بي ڪَلِي
        سينو اندر ويو آ جلي، هڪ دم نه ٿي مون کان پري
3_     اکڙيون ٿيون ٿو لئي سڪن، برسات بادل جان وسن
        هن درد جا دونهان دکن، ڦاٿيون اوچتو عشق جي اري
4_     هن راز جو واقف نه هئس، ڏاڍي دام ۾ ڦاسي پيس
        قابو زلف جي زنجير ڪيس، هڪ ساعت توري نا سري
5_     ”ناز“  چوي عجب هي حال آءٌ، هن درد ۾ پائمال آء
        ٻئي عشق ڇا مجال آء، ڪُٺا عشق جي هڪڙي ذري

 

[1669]

عشق جي ڦاسي ۾ ڦاسڻ جو وڏو ارمان آء
        داغ دل ۾ ايترا جنهن جو نه شرح و بيان آء
1_     محبت وڌو دريا اندر وفا ٻڌي ڪِيو غرق آء
        بعد  مُردن من لِکن منهنجو به هي افسان آء
2_     حسن وارن کي هميشہ ظلم جي عادت رهي
        مَرگ پنهنجو عيد هُن جي هي فقط هي ڌيان آء
3_     تير مزگان  ابرو خنجر ديد جا ڀالا کنيئون
        سنگدل ظالم جي اڳتئون هي اڪيلي جان آءِ
4_     ”ناز“ جي محبت وفا جو قدر دنيا ۾ ڪونهين
        چند روزه فخر ناحق فاني سڀئي سامان آءِ.

 

[1670]

محراب چهرو يار جو سجدو ڪيان تنهن تي ادا
        انتظاري يار ۾ وصل جي آئي صدا
1_     بيوسي جو وس ڪونهين خاموش هي محبوب آ
        دل جي دل ۾ آرزو من ڪري پوري خدا
2_     هي جُدائي جو جيئڻ جنجال آ سر تي مدام
        درد سان دانهون ڪيا ظالم نه ڪر مون کي جُدا
3_     ”ناز“ سان مون ڏي نهاري ڪيئن غم جي صورت آ شڪار
        هو اشارو يار  جو سر ڪَيان تو تئون فدا.

[1671]

گُل ڦُل داغ دِلان وچ اُڳڙي

بُوند بِرهه دي اُٺي وي لوڪو

1_     او ڪي ڄاڻن حال دِلان دي

مئن درد فراقان دِي مُٺِي وي لوڪو

2_     پڙهه بسم الله سهڻي  وَهائِي

مئن عـشق تيڏي وچ ڪُٺي وي لوڪو

3_     محبت من وچ تانگهان تَن وچِ

ڪيون دلڙي ميڏي لُٽِي وي لوڪو

4_     ”ناز“ تيڏي نال حاجَت ناهين

ماڻٻي ڪر ڪر رُٺي وي لوڪو

[1672]

رات خواب دي وِچ يار آيا

ڪر سئو سئو طرح سينگار آيا

1_     سهڻي صورت سبحان ڏٺم

سر پڙهدا ياد قرآن ڏٺم

اتي شام زنجير زندان ڏٺم

ٿي قيد عابد بيمار آيا

2_     قيد زليخان چاهه دا ها

نا خوف عزت ساهه دا ها

ساٿ طوق زنجير سپاهه دا ها

بن يوسف مصر بازار آيا

3_     سر سانگ سردار آئٻي

کُلي وال سڀي پرده دار آئٻي

وچ شمر يزيد دربار آئٻي

ايوين قافلا گهن بيمار آيا

4_     او حسن يوسف اي نور خدا

او دل يعقوب اي عرش علا

ها راضي رضا تي ميڏا مولا

”ناز“ قيدي پڻ لاچار آيا.

 

[1673]

جوئي عشق دي رمز نه ڄاڻي

نال اُنهين دي ڪم ڪيهان

1_     راز اندر دا رک نه ڄاڻي، او ڀي هي محرم ڪيها
2_     اکيان جنهن ديان خون نه روون، دل اُنهين نون هي غم ڪيها
3_     وحدت والا جام پيتوسي، ٻيا عاشقانون هي جم ڪيها
4_     لُڪ ڇُپ دلڙي ”نا“ چُراوَن ٻيا معشوقان دا رم ڪيها.

 

[1674]

مئن رانجهن دي رانجهن ميڏا

سر ڏي وتدي کيڙي، سئو سئو ڀيري

1_     موالي آڻيسي ماهي ميڏن ڪون

اڱڻ اساڏي ويڙهي، سئو سئو ڀيري

2_     چشمان دي چوٽ در در ڌاون

نير يننان دي نيڙي، سئو سئو ڀيري

3_     جڏهان جو لاڪون”ناز“ نه مليا

پنڌ پڇايان پيري، سئو سئو ڀيري

 

[1675]

ايا  خواب دي وچ دل جاني

بن بن ڪي صورت لاثاني

1_     نال سڄڻ دي سير ڪيتوسي

در فراق دا جام پيتوسبي

ٿي ظاهر عشق  ڪهاني

2_     عشق تيڏي دا دل وچ ديرا

ڪر ڪوئي پنهل ڀيڙا ڦيرا

ٿيوي سايہ رب رحماني

3_     ”ناز“ نزاڪت نخري نِرالي

روندي وتدي، در دان والي

سئين سئين مست مست  حيراني

 

 

 

قاضي احمد لاکو

 

قاضي احمد لاکو، ويٺل تعلقو هالا، سنه 1355هه/ 1936ع ۾ وفات ڪيائين، سندس قافين جي بياض ۾ 200 قافيون شامل اهن، ڪن خاص واقعن: جيئن ته 1332هه ۾ درياءَ جي اُٿل ۽ ڪن خاص دل وارن شخصن جي وفات تي پڻ قافيون چيائين.

 

[1676]

پر ڏيه نه ڇڏيو پَر ثاڻي، پنهنجي نال نيو هي نماڻي
1_     ماءُ پيءُ کي اڳهين ڪَڙي، جن بحر عميق اُماڻي
        مُيَس ڪين ڪُنَ موجَن ۾ سورن لاءِ ساماڻي
2_     قلم ازل جي  ڪيڙس مسلم، نسب ڪري آءِ هندواڻي
        انگ ٻارو چل توسين هو ٻوليون، تنهن پَري ڪِي پڄاڻي
3_     پورهت  پنهنجي ڪاڻ ڦِٽي هي بات نه باوچاڻي
        جيهي تيهي ساڻ جڳائي، پلئه پئي پازياڻي
4_     ”احمد“ چوي پنهنجي جانب لاءِ ٿينديس، جبل جوڳياڻي
        هوت حمايت ٿيندو حب ۾ سڄڻ سڱ سڃاڻي.

 

 

[1677]

عشق اصل کان اڳ، ڪيو عاشق آزاري
1_     اول عاشق جو عشق ارادو

ڪاهي رسيو وڃي ڪشادو

مچ محبت جي ماڳ، جو ٻل معشوق ٻاري

2_     ڏسيو آڙهه آٽي اوڏاهو

پچي پروان ٿيو ڪاهيو ڪوڏائون

سڙڻ ڀانئي سهاڳ، اُتي سُک ٿيو گهاري

3_     جيئري حياتي جنهن جلائي

مهند مرڻ اڳ هلائي

بيشڪ سو بي باڪ، تنهن کي موت نه ماري

4_     ”احمد“ عشق جي اُلٽ انهين ۾

ٿي پوري پَهه پَلَٽ انهين ۾

رس ڀلاري ڀاڳ، ساڻ عجيب اشاري

 

[1678]

ٿيءُ مِٺا راضي، آءُ ميان راڻا

سوڍل يار سمجهه سياڻا
1_     بنگلا بَناتون رنگ محلاتون، کہِ پٽولا ويس وڃاڻا
         پرين تون کان ڌار  پڄاڻا، پير پلنگ تي آءٌ ڪيئن پايان
2_     تنهنجي رسامي سور ساماڻا، رويو وهايان ٿي نيڻ نماڻا
        ڌار گهڙي هڪ گوند ۾ گهاريان، ڀايان لنگهي ويا سال سڪاڻا
3_     بخش بديون ڇڏ مُئي سان ماڻا، احمد  چوي پرچ پازي ساڻا
        ٻاجهه ٻانهي تي پَوئي ڪا پاڻا، نام مولى ري ٻيو ڄاڻ نه ڄاڻا

 

[1679]

ويهي ڪيم وسار، سبزي چڙهه سفر ۾

 

1_     سڪ سڄڻ جي ثابت سسئي، طالب اندر ۾ تار
                رکي ڏول ڏونگر ۾

2_     قربئون ڪاهي ڪانڌي ڏي الا، ور ڏيو واٽ نهار

سڀ وسيلا اَٿِي وَر ۾

3_     هوت حمايت ٿيندو حب ۾، دوست ڪاٽي درڪار

مدد ٿيندو محشر ۾

4_     ”احمد“ چوڻ ڪاڻ ڪيچين جي ڪوهن ۾ ڪوڪار

ٿي بير اڳڻ بر ۾

 

[1680]

دل  ڏجي ته مر ڏجي

پر يار سو هڪڙو ڪجي
1_     جي ڪُهي ته ڪر قبول

ڪُسڻ ڪاتي نا عدول

جيءُ جهڄي تان مرجهڄي

پر يار سو هڪڙو ڪجي
2_     مُحب جي ماڻو ڪري

مچ محبت جو پيو ٻري

ساهه سِجهي تان مر سِجهي

پر يار سو هڪڙو ڪجي
3_     هڪ يار جي ريڌل رهي

ٻيو لوڪ سارو پيو کَهي

سڱ ڇڄي تان مر ڇڄي

پر يار سو هڪڙو ڪجي
4_     ”احمد“ ٿيءُ ساجن جو سارو

جڳ جهان مَر ٿئي ڪسارو

وير وجهي تان مَر وجهي

پر يار سو هڪڙو ڪجي

[1681]

عاشق عندليپ  جانَم

تنهنجي ديدارن بنان ديوانو

1_     حَسن تنهنجي شمعدان شاهي

سارو سنسار ڪيو سَه

ويڳهه ۾ ڏِسي روشنائي

ڪري جولان پڇي پروانو

2_     حُسن تنهنجو آهي باغ برسيو

پَسِي پکيئڙو ويچارو ورسيو

بلبل بيدل وتي ويرانو

3_     مُرغ  محبت منجهه نه ماميو

پائي پروانه اُڇت ۾ داميو

بيوس حال هَڄي حيرانو

4_     ”احمد“ جو احوال سارو

پِريَم پيش  پڌرو پَسارو

بهرو وصل جو مڱي ويچارو

بدن بهار وتي ويرانو

2_     حُسن تنهنجو آهي باغ برسيو

پَسِي پکيئڙو ويچارو ورسيو

تيز تاب تنهنجي کؤن ترسيو

بلبل بيدل وتي ويرانو

3_     مُرغ محبت منجهه نه ماميو

پائي پروانه اُڇَت اڏاميو

ديدن تنهنجي دام ۾ داميو

بيوس حال هَڄي حيرانو

4_     ”احمد“ جو احوال سارو

پَريَم پيش پڌرو پَسارو

بهرو وصل جو مڱي ويچار

بدن بهار وتي ويرانو

[1682]

لايو عشق عزم، ٻيو سجهي ڪونه ڪَم

ڳجهڙو يار تنهنجو ٿو ڳاري مون کي غم
1_     تنهنجو نينہ لڳو، ڀؤ سِر جو ڀڳو

پايم پنهنجي ڳچي جڳ جاڙون تڳو

هڪ ٿو  ڄاڻي مولى جنهن جو باري قسم

2_     اچي هڪ واري ڏي ڪا دلداري

لائي بره تنهنجي مون سان توبہ زاري

جلي جوش تنهنجي ۾ سارو جيءَ هڏ چم

3_     رات ڏينهان اٿم تات تنهنجي

ڳايان  سبق سرود وائي وات تنهنجي

جدا يار تو کان نا جيان هڪ دم

4_     حُب ”احمد“ کي، سدا تو لاءِ  سڪي

ڏيکاءِ جلوو سندءِ ديدار تنهن کي

ڪر ڪو ڪرم لطف پنهنجو راض رحم

 

[1683]

مارن ڪاڻ مدام، آهيان عمر آءٌ ماندي

1_     ڪين ڪڏهن هٿ مون کي مليا، سرتين جا ڪي سلام
2_     ڇو رعيب کي راجا رنجاڻين، سڏجن  تنهنجي سام
3_     رحم ڪري ٿي راضي رضا ڏي، لاهه دکيءَ تان دام
4_     ”احمد“ ان جي پرت پکن سان، ماڙين ۾ ماتام

 

[1684]

اکڙين ڏاڍي ڪنهن آر سان

لائين نينهن پاتي پِر تڙي

1_     چکن سورن چاشنيون، اِن پَهه آڻاسي پار سان
         ڦاهي ۾ ڦِريو سي ڦاسن زلف ڪنڍڙيدار سان
                                ٻي ڪانه ڄاڻن ڪِر تڙي
2_     جهليم ناٿيون، ترسيون نا ڪنهن تڪرار سان
        چوٽ چشم خمار جي چڙهيو پنهنجي آهن اختيار سان
                                وڙهندي وِڳئي آءِ و ِر تڙي
3_     راءِ ڏاڍي سان ٿيو وڃي رُوءِ رنگي رخسار سان
        سي نهارڻ نه رهنديون دوست جي جي ديدار سان
                                ڏسيو نار ٺارين نِرتڙي
4_     سک گذارين ڪينڪي آٽيون وتن انتظار سان
        ”احمد ان کي هي  ارادو ٿيي يَڪائي يار سان
                                وچان ڏور ٿئي ٻي ڏُر تڙي.

 

[1685]

ڄام عمر ويهي ڪيئن وساريان

سُرهو سڱ سنهگارن سان

1_     سڱ سياء سانگين ناهي

هيءَ هِت تو وٽ امانت آهي

پر تيئي سام سُپارن سان

2_     هر گز ڪين جالي هِت جيئڙو

ٻال جَتيءَ ۾ محڪم پيئڙو

پرت جو پيچ پنهوارن سان

3_     ويس ويڙهيچن لاکيون لويون

کڻن ڀريو ڪچ آب جون اويون

تڙڪين مال تنوارن سان

4_     ”احمد“ چوي آمر هِت آندي

هيڪر ٿيي وڃي شال هيڪاندي

مرڪي ملهي خوش مارن سان

 

 

 

 

قاضي فقير محمد ”فانع“

قاضي  فقير محمد ولد قاضي علي بخش قريشي، روهڙيءَ جي قاضي خاندان مان هو. سنه 1862ع ۾ ڄائو، تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. 5 جنوري 1937ع تي وفات ڪيائين. سندس هٿ اکر شاهه جو رسالو قلمي موجود آهي. سندس ڪلام ۾ بيت، قافيون ۽ مولود ۽ غزل شامل آهن*.

[1686]

تن ۾ تات تاري، پلپل پار پنهل جي
1_     سپريان جي سور جي، ڳالهه آهي باري باري
2_     محبت اڳيان سپرين پائي پلئهه ڪر زاري زاري
3_     بره عشق بلوچ جي لڳڙي ڪٽاري ڪٽاري
4_     ”فانع“ لطفن ۾ وڌي ڳچيءَ ڳل ڳاري ڳاري

 

 

حاجي امام بخش خان ”صابر“

حاجي امام بخش خان جتوئي، ڳوٺ پنهنجو، تعلقي موري، ضلعي نوابشاهه جو وڏو نيڪ مرد هو، جيڪو  گذريل صديءَ ۾ سنه 1882ع ۾ ڄائو، سندس ٻيو نالو شاهنواز خان ۽  تخلص ”صابر“ هو. درويش صفت  ۽ با اخلاق شخصيت جو مالڪ هو، لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ  ۽ اسڪول بورڊ جو چيئرمين ٿي رهيو. کانئس پوءِ سندس فرزند  رئيس غلام رسول خان نالي وارو ٿيو ۽ هاڻي غلام مصطفى خان جتوئي هڪ برک سياسي اڳواڻ آهي. ”صابر“ سنه 1357هه/ 1938ع ۾ وفات ڪئي.

[1687]

منهنجو يار مون ساڻ وفادار آهي

سدائين غمن ۾ سو غمخوار آهي

1_     خزاني جو پرور ڀٽائي درئون  در

صبح شام هر گهر، سخادار آهي

2_     ڏسي مون برايون، ڪري پيو ڀلايون

ميٽي ڪل مدايون، عطا دار آهي

3_     سڏي ڏي سوالي، ڇڏ ڪونه خالي

ڪري مال مالي، دنيادار آهي

4_     خطا پوش خالق، آهي ڪل جو مالڪ

ذرو ناهي ڪو شڪ، بقادار آهي

5_     نه ڪر خوف ”صابر“ سندو روز محشر

تنهنجو دوست دلبر،شفادار آهي

 

[1688]سُر جوڳ

نٿي ساعت سري ملير بنان

پنهنجي مارن لئي ويٺي پير پنان

1_     جنهن ڏينهن ڌنار مون ڌار ٿيا

منهنجي مارن حيلا هزار ڪيا

تقدير  اڳيان سي لاچار ٿيا

ساري ساٿ بيٺي رت نير رُنا

2_     ڀينر ڀنڊ مٿي جا مون وار ٿيا

سرمو  سينڌ ڦڻيون سي سينگار ويا

ڏاڍا دل تي دکن جا ڪي بار پيا

ڪيئن زور ظلم جا زنجير ڇنا

3_     هو جي ملڪ ماڙيچن جي مينهَن وٺا

پڪو پوڄ پٽن تي ڪي ڦور ڦُٽا

مکڻيون مانداڻيون سرها گاهه سڍا

.ساري مُرٽ مُنگها ڳنيرا ڳنان

4_     ”صابر“ صاف سنگهارڻ  سان ملي

شل کين خوشيءَ سان ڏسان کلي

جن جي سِڪڙي  سچي تن کي آپلي

ٿيندا قيد قضا جا فقير فنا.

[1689]

پيار جلد اي ساقي ڪٿي آ ميخانو

پري کان آيو پياسي پيڻ لاءِ پيمانو

1_     ملايو مئي اهڙي جو وڃائي مئي منهنجي

مدامي مست ڪري مون بنائي مستانو

2_     هئي انهي تي ڪا اهڙي اکيل مئي جي مٽي

چکي جو چاش انهيءَ مون هئي سو ديوانو

3_     پيار  پرت مون ساقي ڪا سرڪ” صابر“ کي

هلائي حرف زبان تي اوهان جو احسانو.

[1690]

سونهن روز ٿا سينگار نِت نگار يار جا

ابرو تيغ ٿيا تيار جنهور دار يار جا

1_     قهري ڪان منجهه ڪمان چشم تير چٽائين

ڏسڻ ساڻ ٻسٽ ٻهار آر پار يار جا

2_     سياه زلف سِر مٿي سوا سَپ جئن سُرن

مشتاقي لئي ٿيا مار ونگار وار يار جا

3_     لالئون لب ٿيا لطيف مثل ڏند مُقيشي

جهڙي جوڙ ڪن جنهوار کٽڻهار يار جا

4_     شمس قمر کان ٿي ڪثر”صابر“       سونهن سڄڻ جي

آڏو سج جيئن وستار رخسار يار جا

[1691]

نيو ڪانڌ ڪيچن رات ڪاري جو

دک درد فراق جي ماري جو

1_     چاڙهي چانگن تي کڻي خان ويا

هڻي هوت اندر ڪشي ڪانَ ويا

ڏئي سوز درد جو سامان ويا

تِر ترس نه ڪيئون ڌُريئون ڌاري جو

2_     ڏيرن جو مون نه ڏوهه ڪيو

تن ڊوهين وانگر ڊوهه ڪيو

ڪيڏو آرين مئيءَ  سان اوندهه ڪيو

قطرو خوف نه ڪيئون حق باري جو

3_     هاڻي شهر ڀنڀور ۾ ڇاهي ڙي

مون سندرو ٻڌو سرتيون ساهي ڙي

وينديس ڪيچ وڻن ڏي ڪاهي ڙي

جاڏي ور ته وٺي ويا ور واريءَ جو

4_     لنگهي ڪاف ڪشالا پيراندي ٿي

ڏسي بر جي پنڌن کي ماندي ٿي

مليس هوت جتن ۾ هيڪاندي ٿي

”صابر“ صدقو پنهل جي پوئواري جو.


* [1651] ۽ [1652] ڍوري ناري مان ميان عبدالڪريم پليءَ کان مليل.

* [1653] کان [1655] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

* [1956] ڊاڪٽر نواز علي شوق کان مليل بياض ”جهان البحر“ تان ورتل، جيڪو فقير جان محمد جتوئي 50-1935ع ڌاري قلمبند ڪيو.

* [1663] تعلقي ڍوري ناري مان عبدالحڪيم پلي کان مليل.

* تذڪره شعراء روهڙي“ ، پروفيسر گل محمد گلاڻي، 1978ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org