سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد ٻيو)

 باب:

صفحو :9

 

غلام حسين

 

[1397]

لَنؤ لَنؤ اندر لَنؤڙي لڳي

هاڻي پِيَڙو ڪم آزار سان

1-      دل لڳي دلدار سان پوءِ وير ڪنهن مُنجهل وڳي

سِڪ سمهڻ جنهن کي نا ڏنو، ڀيلو کڻي هٿ سان ڀڳي

محبت لڳي جنهن ميهار سان

2-     ڪيئن ڪري هِت دل ويچاري جا عشق تنهنجي ڪئي اگهِي
        جي اڱڻ مُئي جي اچي سانول ٿئي سَرهِي سگهِي
                        دم هيڪڙي جي ديدار سان

3-     ”غلام حسين“ غريب جي دل توه تنهنجي سان تڳي
        جنهن مٿان ٻاجهؤن ڪئي سا هئٻين تنهنجي سان لڳي
                        جڏهن اچي جنسار سان

 

[1398]

رخ گهت گهونگهٽ پرين وهواه

سانـــول يــار سِڪاوَندا هين

1-      نال غمزي تي يار وي الا دل ڦساڪي

گهٽ لُٽ دل لُٽ پرين وهوا

پڇي رمزان دي نال رُلاؤندا هِين

2-     مئي محبت دا نِي يار وي الا پيالا پلاڪي

ڏئي گهُٽ دل لُٽ پرين وهوا

پڇي نال حجت دي هڄاوندا هِين

3-     فوج بره دي ني وي يار الا برسر چڙهاڪي

دل چٽ دل لُٽ پرين وهواه

پڇي نظر نه دلبر آوندا هين

4-     هِن ”غلام حسين“ داني ياروي سوال سوري سٺا ڪي

ڪَسُ ڪٽ ڪر ڪَٽ پرين وهواه

پڇي درسن نه دوست وکاوندا هين

 

 

 

ڦتوُ

 

[1397]

روز نهاريان راه، تنهنجي يار اچڻ جي

1-      پسڻ ڪارڻ پرين جي، سِڪَ گهڻيري ساه
2-     ڪر تون معاف مسڪين کي، جنهن جي ناهي بي واه
3-     تنهنجي حُب اندر ۾، ڳچ ڳاري ٿي ڳاه
4-     حبيباڻي هنڌ وڃڻ جي، اٿم گهڻيري چاه
5-      ”ڦتوءَ“ هن مسڪين جي، آ گا اگهائج آ

 

 

ڪريم بخش

 

[1400]

آهين تون ڪير، صحيُون ڪر اصل پنهنجو وي ميان
                                        ڇو ٿو پاڻ پڏائي
1-      خوشي ساڻ شرارت شاهي رکين وي ميان
                                        پڙهيو پِير سڏائين
2-     پاڻ جهڙو وي ڀائين ڪونه وي ميان
                                        سڀ کان بهتر ٿو ڀائين
3-     ”ڪريم بخش“ تون هيڪر وهوا ويتر ڀلو ميان
                                        جي تون سِينو نه ساهين

 

 

 

 

کَٽڻ

 

[1401]

ووءِ ڪندي ووءِ، هرڪا لڏي لوءِ

هتي رهندو ڪونه ڪو، الف بنا ڪوءِ

1-      بندا تون هن باغ ۾ ڏينهن ٻٽي آهين

ڇو ٿو وک وڌائين، ڪاڏي ٿو ڪاهين

ٿيندءِ سڏ سرڪار جو، مرد هجين توڙي جوءِ

2-     هِن دنيا جي دور ۾، آهي اهنج سوکيءَ ۾

ڪين ڪمايئي ڪم جو ايندئي آڏو اوکيءَ ۾

سڀ ڪمايئي ڪوڙ، آڏو رت رڙندين روءِ

3-     ”کٽڻ“ ٻڌ خيال ڪري ڪو چَلپل جو چُٽڪو

ڪيئي حمير هلي ويا، ڪري سامِي ۾ سَٽڪو

سام تو قادر سيدا، تاري تڳان توءِ

 

گُل

 

[1402]

درد وندن جي دل ۾، دونهان روز دکن

1-      مَچَ محبت جا آڳ اولا نبا اُٿن

ساريون سور اَندر لُنوءَ لُنوءَ منجهه لُڇن

لُنوءَ لُنوءَ منجهه لُڇن، ڪنهن سان ڪين ڪڇن

2-     سُورهه سِرُ گوءِ ڪَيُون منجهه ميدان اچن

آڙاهه منجهه عشق جي پروانن جان پچن

پروانن جان پڇن، اهڙي رمزَ رَچَن

3-     لوڪ ريائي وتن دم دم منجهه غمن

تن کي غم دل ۾ رَت رنئڪ سي رُئن

رَتُ رُنئڪ سي رئن، ڪي جي ڏکايا ڏُکن

4-     آکي ”گل“اُڌمن ۾ لهريون لعل اچن

بحر بيان نه ڪر ڪنڌيون ڪين ڏسجن

ڪنڌيون ڪين ڏسجن، ڇَوهي ڪيون سي ڇَڪَن

 

گهايل

 

[1403]

جِنہ سر آيا نينہ، آپي ڏَسُ ڏيسَئِي

1-      ناز دا نائڪ لڳڙا جنہ نون، روئيندا راتيون ڏينہ
2-     سِر امامان دي ڪيوين اُٺڙا، محبت والا مينہ
3-     درد عشق دِي دهشت عالي، جيوين ويراڌا شينہ
4-     ”گهايل“ بره دا بارا باري، چاوي مرد ڪورينہ

 

 

لطف

 

[1404]

سمي لڌي سار، مهاڻيءَ مسڪين جي

1-      پاسي ناهي پاڻ کان دم نه هِڪو ڌار

سدا ساٽڻ ساه ۾ تماچيءَ تنوار

2-     منزل مَنَهَن مِيءَ جي سدا ڄڻ يار

نوري سڀئي نور ٿي، سمي جيءَ سنڀار

3-     ڪِيون ڪوجهيون ڪاريون گندريون گهنگار

سايي سمي ڄام جي ٿيون مَرڪن ماهيدار

4-     سمي آئي ساٽڻيون سوين ڪن سينگار

پائي ويٺيون پاند ۾ امل اڪيچار

5-      سوا سمي ڄام جي ناهي تڳا تار

صدقو ”طلف“ سِرُ ڪيان، سڄڻ تان سؤ وار

 

 

لعل بخش

 

[1405]

ڪانگل خبران خير جون مون کي اَڄ ڪي يار سُڻاءِ

اڄ ڪِي يــار سڻاءِ، ٻولـــي ٻــي نــــه ٻڌاءِ

1-      اڏر پکيڙا پار پرين ڏي، لهي آءُ سڌ سماء
        پنبڻن پَلويڙا ڪيا، ساهُه سِڪي تو لاءِ
2-     درياهه جي به ڪنڌيءَ تي ڪونجن جي قطار آءِ
        ڪونجهن ڳچيون ڊگهيون، مٿن مينگهه ملهار آءِ
3-     هند پٿرڻيون طول وهاڻا وڻن نه تو سواءِ
        دم دم ڦاران پائيان، جانب توئي لاءِ
4-     سڪ سڄڻ جي سيني اندر ڪيا ڪاري گهاءَ
        ”لعل بخش“ چوي جوش منجهارئون وڇڙيا محب ملاءِ

 

[1406]روپ جوڳ

يار تنهنجو ديدار، هوند ڏهاڙي ويٺو ڏسجي

1-      نينهن سڄڻ تنهنجي ننڍڙي نپايو، ڪم نه اُڄهي ڪار
                                جيسين اوهان کي نٿو ڏسجي
2-     پرچ پرين ٿي مائل مان سان، عشق لايو ٿي آزار
                                قرب وارن ساڻ نه ڪَرهجي
3-     مون جهڙي مسڪين سان ميان لا، ويڇي نه وجهجي وار
                                رتي تنهن کان مول نه رسجي
4-     ”لعل بخش“ چئي دل جا جاني، بره تنهنجي ڪئي بيمار

پير ڀري تنهن کؤن پڇجي

ماندي (تخلص)

 

[1407]

يار جي ديدار ٻاجهئون، بيقرار بار بار

1-      سِڪ اوهان جي سوز سختيون

ڪنهن کي سلان نئين سور سرتيون

ڪم ويا سڀ ڪار ڪرتيون

هئي ڪري ٿي زار زار

2-     اندر ۾ بيقراري انتظاري

هئي هئي ڪري ٿي ور ريءَ ويچاري

ڪر سڪايل ساڻ ستاري

ڪر ڌڪي نا ڌار ڌار

3-     بي حجاب مان پيچ پاتو

وڃ نباهي نينهن جو ناتو

صحيح توکي آه مون سڃاتو

ڪا گهڙي دم گهاري گهاري

4-     اڱڻ آءُ هيڻيءَ جي هلي

ڪيئن ڇڏيان مان تنهنجي ڳلي

محب مانديءَ سان وڃ مِلي

سِر گهوريان سؤ وار وار

 

 

 

 

محمد شاهه

 

[1408]

وڃي پيغام ڏي پانڌي، ملڻ ڌاران مري ماندي

1-      راتو ڏينهان ڪيان ماتم، نغارو نينہ جو لاتم
        ڳچيءَ ڳل پاندڙو پاتم، آءُ پرين ٿيان هيڪاندي
2-     سڄڻ سڀ سور ٿيم سونهان، دکايو درد جا دونهان
        ڏين ٿا لوڪ ۾ لونهان، فراقيل آهيان فريادي
3-     سڄڻ توکي سڌ آهي ساري، مرڪڻ تنهنجي آهيان ماري
        طلب تنهنجي اٿم تاري، ناهيان پل وره کان واندي
4-     ”محمد شاهه“ چئي مارن سان، هجان گڏ شال هوتن سان
        پيالا پيان پنهوارن سان، پوان پرين جي پيراندي

 

[1409]

تنهنجي ناز نيڻن جون نوڪان

مارين ٿيون مشتاقن کي

1-      انهن اکڙين جون مرزان رنگي

دست رکن ٿيون فوجان فرنگي

دل چاڪ ڪرن ڏيئي چوڪان

بيتاب ڪرن خود خانن کي

2-     ري سرمي وتن سينگاريون

ڌاڙي ڪارڻ دلبر ڌاريون

رکي راز ڪرن ٿيون روڪان

سٽي سرواهيون سلطانن کي

3-     هردم هرجا حڪم هلائن

شاهه گدا اُت سِر توائن

توڙي لوڪ ڪرن لک ٽوڪان

سردار لٽائن سامانن کي

4-     ”محمد شاهه“ اهڙو عشق عجائب

هوش عقل سڀ ٿي ويو غائب

اُٺا مينہ محبت لايون موڪان

آيو شمع نظر پروانن کي

 

 

نجف علي

 

[1410]روپ تلنگ

عشق اَجهل اچي ڪَيو اسان کي

دين ڪفر کؤن ڌار ميان

1-      صاف صفائي سير اسان جو، رمز رندي رفتار ميان
2-     مَستي موج جي مئي کان ڪَيا سي، اَنالحق اقرار ميان
3-     ننگ ناموس کان ويا سي نڪري، سَرپا بره جا بار ميان
4-     بيخود هنيو سِي نينہ جو نعرو، ٿي ”نجف علي“ نروار ميان

 

 

نصيرالله شاه

 

نصرالله شاه راشدي، حُلين جو ويٺل (’حليا‘ قنبر کان اتر طرف) صوفي بزرگ هو. دين پوري حلقي مان درويش غلام محمد جو مريد هو.

 

[1411]

پلٽيون بِرَ جو پور، سوز لڳم جيڪو ناهي سلڻ جو

1-      جاکؤن لڳي لنئون جانب جائي

مرڻ جيئڻ جي ڪَل نه ڪائي

سيني اندر سُور، جهوري جهجھڻ آه جيءَ جلڻ جو

2-     اک اٽڪائي پاڻ پَسائي

پيچ پرت جو محڪم پائي

وَهلو وڌوَ وچور، هوت نه ڪيئي ڪو حال هلڻ جو

3-     جاني جدائي ۾ جيءَ جُهري ٿو

ڦريو اندر ۾ ڦٽ ڪري ٿو

درد نيم دستور، کائڻ پيڻ سڀ سمهڻ کلڻ جو

4-     بار بره جو اُلٽيو باري

دک دلبر جي دل آزاري

ڇاڪن ڪيو چڪچور، جوش جگر ۾ آ پرت پلڻ جو

5-      ”نصرالله“ ڇڏ غم هم هاڻي

سائين سگهو پنهنجو پاڻ سڃاڻي

سائين گهيو پنهنجو پاڻ سڃاڻي

هادي حق حضور، ميلو ڪندو شل دوست ملڻ جو

[1412]

بيرنگ بره بيان، قيل مقال جي ناهي اچڻ جو

1-      سِڪَ جي سُرڪي محو ڪيا جي

مرڻ جيڻ کؤن لنگهي ويا سي

نينهن ۾ ٿيا نيشان، حرف وڃائي هستي هُوَڻ جو

2-     پير پرت ۾ جن آ پاتو

سِرّ سڀوئي تن سڃاتو

عشق جو اُني عرفان، وره اُنهن وٽان ناه وڃڻ جو

3-     دست دوئي کؤن هر دم ڌوئي

غير نه ڄاڻن ڪوپا ڪوئي

عين آڌوتن تي احسان، وحدت واري ڏيهه ڏسڻ جو

4-     خوف رجا جا خطرا لاهي

عينل اچ تون قرب ۾ ڪاهي

ڊاهه دوئي جوگردگمان، سبق سدا پڙهه دوست ملڻ جو

[1413]

ڪيئن لڄان مان لوئي لوئي، ويهي عمر اباڻي

1-      پَر پنهواري مان شل پــاريــان

سوز سدا ٿم سوئي سوئي
2-     قول ڪيو ٿم ڪوڙو نــه سو ڪيان

جهانگيئڙن مان جوئي جوئي
3-     مير مارن لئي پاند پسايم

روح اندر ۾ روئي روئي
4-     ميلو منهنجو مارن سان ٿئي

سائين سبب ڪر ڪوئي ڪوئي
5-      ”نصرالله“ سان نــنگ نڀاهــن

عيب اباڻا ڌوئي ڌوئي
 [1414]

سمجهڻ بره بيان آهن آهنجا، اُهي اشارا پيارا

1-      حيرت هن ۾ حاذق حيران

صفت سڄڻ جي ۾ ٿيا غازي سلطان

عابد زاهد مرد موچارا

2-     بحر انهيءَ ۾ هڄي ويا جُنگ جوان

هر ڪنهن حاف نه هلي ڪي نامِي ڪن نِڌان

ڪوپا قلندر قطب قرار

3-     مشڪل ايها مام پروڙي ڪو بان

رِند رضا ۾ راضي تن تي احسان

پڌر پئي ڪن ٿا نانگا نظارا

4-     ”نصرالله“ ڪر جان مال قربان

ياقي يگانو ٿي سمجهه سڀئي سامان

ڪثرت ڪڍ وَٺ وحدت وارا

 

 

ولـــــي

 

[1415]

ڪيچ وٺي ويا ڪوهيار ڙي

آءٌ ته ڪاڪيون ڪئن گذاريان

1-      ڪيچ ڪاهيائون، نال نه نيائون

وقت وداع جي ڪين ڪُڇائون

ڌاري ڇڏي ويا ڌار ڙي

آءٌ ته جوش منجهؤن جَرُ هاريان

2-     آيم ڏير ڏکيءَ جا ڏاڍا

پُٺيءَ پنهون جي ڪيچئون ڪاڍا

ووءِ ووءِ ويا وڻڪار ڙي

آءٌ ڪئن وارث وَرُ وساريان

3-     مقنڌ مئيءَ جي ڪير لهي ڪَل

اٿم اميد ته ايندو اُهو

لهندم سڄڻ سنڀار ڙي

آءٌ ته ساعت ساعت ساريان

4-     وِکَ ”ولي“ چئي واهه وڌائون

لوچي نئين پنهنجو لال لڌائون

سو دوست مليو دلدار ڙي

هاڻي لٿيون سڀ لوڪ مياريان

 

 

 

(ب) سنڌي ادبي بورڊ ۾ محفوظ 30-1920ع ڌاري لکيل بياض مان چونڊيل

 

هيٺ جن شاعرن جون قافيون ڏنيون ويون آهن سي 30-1920ع واري دؤر ۾ حال حيات هئا يا ڪي ان کان اڳ ٿي گذريا.

شاهه اسماعيل

[1416]

عجب چڱيءَ ڪنهن چال، راول روز پسان ٿي

1-      نازڪ نوري ساڻ نزاڪت، الا خوش ٿي خوشحال
                                مُرڪڻ نال مُسان ٿي
2-     مٽ محبوب جي مور نه ڀانيان، الا شمس قمر ڇا مجال
                                حيرت منجهه پوان ٿي
3-     عاشق تو تي اصل کؤن آهيان، اِلا روز ميثاقي مقال
                                تنہ لئي آءٌ تڻان ٿي
4-     پارس منهنجو آهي پيارو، الا جانب ساڻ جمال
                                ويڙهي آءٌ روز وسان ٿي
5-      ”شاهه اسماعيل“ شاد ڪيو ائِين، الا واصل منجهه وصال
                                روزان روز گهران ٿي

 

 

 

بيبي حوا ٻائي

[1417]

اَديون آس منهنجي اندر جي پُني آ

وطن تي ورڻ جــي مبارڪ ملــي آ

1-      ڏکيا ڏينهن وئڙا، سکيا سانگ ٿيڙا

ميلائي جي مينهڙن وسائي ڳلي آ

2-     ڪئي مون جا آزي، ٿيو رب راضي

ملي سرفرازي، مدد يا علي آ

3-     ويو بخت وريو، منهنجو ڀاڳ ٿيڙو

منهنجو محب مليو، وڏو جو ولي آ

4-     پڙهي حمد هر هر، شڪر شمس شوقئون

ويو غم اسان کؤن، خوشي واء گهلي آ

[1418]

چشمن جي چالان مــوهيو منهنجو منــڙو

محب ڪيئي مستان هڻي منهنجو هينڙو

1-      من ۾ محبت موج مچائي

آيو عشق ٿيم روشنائي

ويڙو غير گمان، صحت صاف ٿيڙو

2-     شوق شراب پياريم ساقي

وسريو وجود ويم هي خاڪي

ويڙهم قوت قرار، قلب قابو ٿيڙو

3-     عشق اسان تي ڪيون امداديون

شوق وارن کي هردم شاديون

منوصور منجهه ۾ ڏسج پائي ليڙو

4-     منجهه محبت ڪر شمس شتابي

ڀري گلم کڻج گوءِ غازي

نڪري ٿي نروار، روشن جيئن ڏيئڙو

[1419]

ديدار لاءِ پنهنجي يار جي، انتظار ۾ آهيان اديون

1-      روز شب دانهون ڪيان، هجرت اندر آهون ڪيان
        هي حال مان ڪنهن کي چوان، پنهل ويو گوندر گڏيون
2-     هڪ دم نه دل کي آرام ا، هينئڙو بدن حيران آ
        کلڻ خوشي ته حرام آ، سڪرات ڄاڻ جدائي گهڙيون
3-     اديون عجيبن جي اچڻ جو ڪو ڏيو دلاسو دلگير کي
        موٽي محب منهنجو اچي، جنهن سان اٿم ٻولان ٻڌيون
4-     جهڙو حسن منهنجي يار جو، تهڙو نه شمس قمر ۾ ڏٺم
        خانو عقل جو ويران ٿيو، جڏهن فوجان حڪمن سان چڙهيون

 

پــــريــــل

 

[1420]

ڪر خبر مون سان خابرو، آءٌ ڪا ياد هيڙس يار کي

1-      سڌ سڄڻ سهڻي جي ڪهڙي شهر ڳڙهه گرنار کي
        مڙهيءَ ۾ مصحف جو ڪهڙو قدر ڪفار کي
2-     دل سڪي منهنجي دوست کي، ديدان سڪن ديدار کي
        دائما دم دم سِڪن ٿا گوش تنهن گفتار کي
3-     پلڪ ۾ ميان پانڌيا وڃي آڻ انهي اخبار کي
        اڄ سڄڻ ايندو اڱڻ، چمندو ”پري“ پيزار کي

 

 

 

پير محمد

 

[1421]

مليو من موهن منٺار، حُسن درٻار لڳي

1-      وسي باغ بهاريا لا، چؤطرف چوڌاري چوڌار
                        گلن گلـــزار لڳــي

2-     ڏسي عين عجيبن جا لا، کيا منجهه خمار
                        نـرگس بيمار لڳي

3-     منجهه وصفن جي ميان لا، بلڪل ٿي ته بهار
                        انــدر رخسار لڳـي

4-     ”پير محمد“ چئي دوست پيارا، مليو محرم يار
                        جنهن جي سِڪ سار لڳي

 

 

 

ثابت علي

 

[1422]روپ برو

عاشق ڏسڻ ۾ آيـــو محبوب گــل سناسي

عبرت عجب عجائب اسرار رنگ عباسي

1-      برهين جي اک به بيبي، آهي مثال چيني
        توڙي هجي رنگيني، چيني جي مَٽ نه ڪاسِي
2-     حسن جي آهي جاءِ جاٿي، معشوق راز تاٿي
        عاشق ڏسڻ کؤن پاسي، رهندي پتنگ پياسي
3-     ڏسو آب نوش جي وڏائي، ساري ساٿ تي سوائي
        جي دم جيئڻ ڀلائي، وهواه جو ڳالهه خاصي
4-     ڏسو آب نوش جي وڏائي، ساري ساٿ تي سوائي
        جي دم جيئڻ ڀلائي، وهواه جو ڳالهه خاصي
5-      ”ثابت علي“ رک سچاري، دم ياد بار باري
        وحدت جني وساري، تن تن مِٽي اڻاسي

 

 

 

جلال

 

[1423]

ڦيريدار ڦِري پنندي پنج ڪڻي

جوڳي جادو ڪري ويا هن هينئڙو هڻي

1-      ڪيچين ڪاڻ ساري جڳ ۾ ڊوڙي ڊڪي

وؤڙي وؤڙي وندر ۾ ٿيس چُور چُڪي

ان جي ٻاجهه بنا بي جا ناهي ٻُڪي

پايان سرمو سامين جي جا پير پڻي

2-     ڪشتا ڪمريون کڻي بغليون بيٺ ڪري

لوچي لال ٿيا نانگا نيٺ پري

دلڙي درد منجهؤن ان جي ڏيٺ ڏري

منهنجو سک صبر ويڙا ساڻ کڻي

3-     پهريو پَٽ چڙهيا جوڳي جُوءِ ڇڏي

اوڍي لُنگ لنگهيا لوڪئون لال لڏي

ماري مئيءَ کي ويا گوندر منجهه گڏي

ان جا سُکڙا اوري ويٺي ڳالهه ڳڻي

4-     ڳولي راه رهي پرو ڪونه پيو

جيڏو زور مان سان جيڏيون ٿيو

جهيڙو ”جلال“ چئي، ڪيچين ڪونه ڪيو

واري اڱڻ اڻيندا نالي نانءُ ڌڻي

 

 

شير علي شاهه

 

[1424]

اديون نيٺ اظهار ٿي عشق آيو

گهڻو پر پنهنجيءَ ۾ مان لوڪئون لڪايو

1-      وڌم فال فرخنده نه پئي پاس منهنجي

رمل جي رقيبن منهنجو من منجهايو

2-     دوا هن درد جي ترت ڪئي طبيبن

پوي ڪونه فائدو ڪرڻ آ اجايو

3-     نه ٿيندو ڪو دارون ڏسڻ ڌاران دلبر

تڏهن وقت ويهي اوهين ڇو وڃايو

4-     شناخت سڄڻ جي هجئي مر مبارڪ

شڪر ”شير علي شاه“ سڄڻن سڏايو

 

 

 

عبدي

 

[1425]

رهه ڪا رات ڀنڀور ۾، منٿ مَئيءَ جي مَڃ الا

1-      اڳئي سورن ساڙيم، سؤ سؤ سورن سَچ الا

2-     جن جياريو جڏيءَ کي، مُئي نه ماري وڃ الا

3-     ڪر ڪو ڪرم ڪُليءَ تي، نينہ نڌر سان مڃ الا

4-     ”عبدي“ مادر عشق جي، ماءُ پياري ٿَڃ الا

 

[1426]

لڳي آڳ جليا جند جيرا، وو بنا هوت حبيب جي

1-      پنهل لاءِ نهاريان، جبل جا گهٽ گهيرا

2-     سنجهي ساٿ لڏي هليا، پره نهاريم پيرا

3-     روئي رکينديس رت سان، سامڻ سرخ سميرا

4-     ڪانگا کائيندا ڪيچ جا، ٻانڀڻ جا ٻوٽيون ٻيرا

5-      ”عبدي“ ڏي ٿو ڏونگر ۾، آري لاءِ اُليرا

 

 

 

عبدالعزيز

 

[1427]

ايڏا وره وڇوڙي جا ڇو ته پيا

جيڪي قلم قضا جي اڳ ته لکيا

1-      اٿي آڌيءَ جو روندي رت ڦڙا

چولو چاڪ ڪري، وائي وات اها

ڏيئي ڏکڙو ڏکيءَ کي ڏير ويا

مانَ لڌائون وڃي لڪ ۾ لڪ ايڏا

2-     ڪا ڪل نه پيئي ڏکين ڏيرن جي

ڏکين ڏيرن جي ڦندن ڦيرن جي

جي مان واقف هجان دل ميرن جي

اهڙا ڦند ڦيرا مان پاڻ ڪيا

3-     نيندي ننگ نڌر جو نه آر ٿين

مان نماڻيءَ جو نه ارمان ٿين

رولي رڻ ۾ پنهل پاڻ ويم

هڪ ساعت تتيءَ لاءِ ڪين ٽڪيا

4-     آکي ”عبدالعزيز“ هِنيون اداسي آءِ

هردم تن لاءِ هيراسي آءِ

دلڙي دردونديءَ جي لهسي آءِ

هاڻي موٽج مٺا نه ته چاڪ چڪيا

 

 

 

عرس فقير

 

[1428]

مرڪڻ سان مستاني، اچي مل جاني

دلڙي اسان جي يار لُٽي تو

1-      هن جهان مان هرڪو هلندو

موت پيالو هر ڪوئي پيندو

توڙي هجي طولاني

2-     سينو توسان ڪهڙو ساهيان

نوڪر تنهنجي جهڙي ناهيان

ٻانهن جي آهيان ٻانهي

3-     ”عرس فقير“ سان منهن نه مٽايو

لنؤن ٻاروچل مون سان لايو

محبت ڪجو مهرباني

 

[1429]

آءٌ وريا وجهه ڦار(1) ڙي پوٿيدار

دلبر منهنجي ڇو دير لائي

1-      ڦار وجهڻ جو وجهه ڪو ڍارو

ڪڏهن ايندو يار پيارو

وائي چڱي ڪا وار، ڙي پوٿيدار

2-     توکؤن پڇان ٿي ورتيا سائين

ايندو پنهل ڪي هوندو اوڏاهين

تن ۾ جنهن جي تار، ڙي پوٿيدار

3-     ڏور پري ويا ڪري ڏاڍائي

جڙ هڻي ويا جان ۾ جائِي

نيڻين وهايم نار، ڙي پوٿيدار

4-     ”عرس فقير“ کان منهن نه مٽايو

ساهه سڄڻ کي بُت هِت ڀانيو

يار رکي من يار، ڙي پوٿيدار

 

 

 

محمد واڍو

 

[1430]

مــون ۾ نـــه طاقت ڪا تِــر جيتري الا

ايئن نه گهرجي رانجهن يار مون سان هيتري

1-      تو سان هن مئيءَ جو آهي آرو، جانب آيو جيءَ جو جيارو
                هيين جند جان هو قربان وئي غم ۾ ڳــري الا

2-     تو سان هن مئيءَ جو آهي ناتو، حال مئيءَ جو تو پاڻهين ڄاتو
                هن حال جي آءٌ ڳالهه ڪنديس ڪيتري الا

3-     توسان هن مئيءَ جو آهي ڪاڍو، عرض ڪري ٿو ”محمد واڍو
                تـــوپ سر تاج بــــي محتاج منهنجي نـــه سري الا

 

  


(1) ورتيون: جوتشي، ڦاڙ- فال

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org