سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد ٻيو)

 باب:

صفحو :3

 

ابو طالب

        ابو طالب جي هيٺين قافي 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ (1911ع ڌاري) قلمبند ٿيل قافين جي هڪ قلمي بياض ۾ شامل آهي، جيڪا غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (فات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳائي ويئي، يعني ته ابو طالب اُن وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذريو.

 [1101] *

صدقي ساه پساه سڄڻ تان، سؤ ڀيري ڀيري

1-      عجيبن لاءِ وو، آهيان اُداسي، ڄاڻي هيڪ الله
                هنيڙو نيائون هِيري هِيري

2-     اٿم اميد اچڻ جي البت، ايندا روز مَراه
                دوست ايندو منهنجي ديري ديري

3-     قدم قدم تان ڪَيان قرباني، هي مال متاع
                ويڙهي ايندم جنهن ويِري ويِري

4-     ”ابوطالب“ چوي اُڪنڊي آهيان، گاه توڻي بيگاه
                مڃ لکِي مون مِيري مِيري.

 

 

 

 

 

 

 

تاج محمد

        تاج محمد جي هيٺين قافي 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ (1911ع ڌاري) قلمبند ٿيل ٿيل قافين جي هڪ قلمي بياض ۾ شامل آهي، جيڪا غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (فات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳائي ويئي، يعني تاج محمد اُن وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.

 [1102] *

چَسَن سان آهي جنهن جو چاه

سو ڪيئن پسندو رت جو راهُ

1-      ”يَحسَبهَ الظماَن ماءُ“ ٺلهو آهي اهو ٺاهُ
2-     اَلله انهن کي اوڏو آهي، خوديءَ سان آهي جنه جو کاهُ
3-     نامراديءَ جي نجهري ۾ شامل آهي شاهنشاهُ
4-     ”تاج محمد“ ڪر ترڪ سڀوئي، ته خاوند جو ٿين خاطر خواهُ

 

 

بچل

        بچل جي هيٺين قافي 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ (1911ع ڌاري) قلمبند ٿيل قافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهي، جيڪا غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (وفات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳائي وئي. يعني ته بچل ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاريائين.

 [1103] *

                دانہ درد جي ڪنهن کي ڏيان مان

                ماڻهو مڙئي مون کي چوندا چري

        1-      ڪنهن کي سڻايان حال هاڻي هي
                دل جا واقف وڏا ويري سي
                بر سر آيم بره جي ڀري
        2-     مهل ملڻ جي ڪڏهن سا ايندي
                هو تن سان وڃي هيڪاندي ٿيندي
                انهي ڳاراڻي ويو هنيڙو ڳري
        3-     ”بچل“ چوي ڪيس بِره بيراڳي
                دلڙي منهنجي دردن داڳي
                محب ملڻ ريءَ وينديس مري.

 

 

 

 

پيرو

        پيرو جي هيٺين قافي 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ (1911ع ڌاري) قلمبند ٿيل قافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهي، جيڪا غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (وفات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳائي وئي. يعني ته پيرو ان وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذريائين.

 [1104] *

ساجن لاءِ سِڪي وو، ڪُوڙي مرندي ڪا نڪا

1-      ”خَتَمَ اللهُ عَليٰ قُلوبِهم“ ڌُران آهي ڌِڪِي
2-     ”وض مِنَ الناسِ مَن يَفولُ“ لُچي آهي لِڪِي
3-     ”يُخادِعُونَ الله وَهُوَ خَادِ عُهُم“ ڦوڳي ٿيندي ڦِڪي
4-     ”پيرو“ پار پرين جي ٽَٽِي پوِ ٽِڪِي.

 

جمال

        جمال جي هيٺين قافي 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ (1911ع ڌاري) قلمبند ٿيل قافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهي، جيڪا غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (وفات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳائي وئي. يعني ته جمال ان وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذريو.

 [1105] *

عمر ڪر انصاف، ڏي موڪل ميان سومرا

1-      مُنج موٽائي مارئي، ميان ڪر تون معاف
2-     باغ باغيچا بنگلا، ڪل ڀانيان ٿي ڪاف
3-     جيڏين ساڻ ”جمال“ چئي، سائين ڪر تون صاف.

 

 [1106]

ٻيلي جو ويان، ني وي رانجهن والي

1-      نِت نِت نديان تر تر ويسان، ڪر ڪر روز ڪشالي
2-     پنڌ ڪريسان يار پيادي، ڇلڪن ڇلڪن ڇالي
3-     پريت اساڏي لِکي هي جٿاهين، پالڻ والا پالي
4-     جلوي ”جمال“ دي نال سهڻا سائين، ڀالڻ والا ڀالي.

 

 

سعيد خان

 

        سعيد خان جي هيٺين قافي 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ 1911ع ڌاري) قلمبند ٿيل قافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهي، جيڪا غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (وفات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳائي وئي. يعني ته سعيد خان ان وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذريائين.

 

 [1107] *

روئي ريجهايون راءُ، کلندن خوف پراڻيو

1-      ”مَنَ شَغلُڪ عن الله فُهُوَ صَنَمُڪُ“ اهو بيهودو بَناءُ
2-     ”اِن اللهَ لَا يُحِب الفِرِحين“ ڇڏيو سُکن جو ساءُ
3-     ”فَليَضحڪُموا قلِيلاً ويَبڪُوا ڪُئيراً“ ڊپ رکو سو ڊاءُ
4-     ”سعيد خان“ چوي سنسار سڀ، فاني ٿيندو فناءُ.

 

 

عبد

        ”عبد“ جي هيٺين قافي 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ 1911ع ڌاري) قلمبند ٿيل قافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهي، جيڪا غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (وفات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳائي وئي. يعني ته سعيد خان ان وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذريائين.

 [1108] *

گهڙي غافل ٿي نه گذار، جاسين جوڳي جُوءِ ۾

1-      ”فا ذڪُرُوني اَذڪُرڪم“ جي پَتِ پِرينِ سان پوري پار
2-     ”يبڪُوا ڪثيراً“ ياد ڪريو، هنجهون حسرت جون هار
3-     ڀاڳ بهاني ڀيڙا ٿيندا، ويا ويراڳي جي وڻڪار
4-     ”عبد“ ڪريم ڪرم ڪيا ڪيڏا، وائي تن جي ڪيم وسار.

 

 [1109] *

ڪيئن وساريان ويڙهيچا مان عمر اَباڻا

عمر اَباڻا، اهي ڏوٿي ڏاڏاڻا

1-      ساهيڙين جي سورن جا ٿيا جيءَ ۾ جهو راڻا
        هتان وڃي هيڪر ڏسان پکا پيڪاڻا
2-     سِنجريس، سُرن جا ڏنا مون کي امڙ اوراڻا
        سُکن ساماڻي ڪيا منهنجي چِت کان چالاڻا
3-     ڪنڊن ڪَئِي آ سِٽ سگَر جي، لُلر ٿيا لاڻا
        مال چارڻ لئي مارن جا ٿيا ڀٽڙين ۾ ڀاڻا
4-     ٿر ۾ ساوڪ سبزي ٿي آ، سڱر ساماڻا
        چاريان چاهئون ڇيلا ڇيليون ٻڪر ٻاٻاڻا
5-      مڇر، پُسي پيرُن جا اڄ ڇڻ ڇڻ ٿيا ڇاڻا
        ڦريون ڦوڳ مرڪ مارن جو، کنڀن جا کاڻا
6-     سانگيئڙن جا سانگ سفر لئي، ٽڪر ٽِڪاڻا
        دکيل دونهان دردن جا نا ”عبد“ اُجهاڻا.

 

 

عمر

          عمر جون قافيون  20- صدي عيسوي  جي اوائل ۾ (1911ع ڌاري) قلمبند ٿيل قافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهن، جيڪا غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (وفات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳايون ويون، يعني ته عمر ان وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذريائين. هيٺ سندس 2 قافيون ڏجن ٿيون.

 [1110] *

سي تان لاشڪ پوندا لڙي، دم ساجن جي دوستي

1-      ”آعديٰ عَدُوڪ“ جو سمجهي اشارو، پٽين دشمن جي دڙي
2-     فهم عقل لڄ شرم انهن جو، ويڙو سوز ۾ سڙي
3-     اور، جن جي اِلاالله سان، سي عاشق رهن نه اڙي
4-     فاسو تي، ملڪو تي، جبرو تي ۾، خان نه رهن کَڙي
5-      ذاتي لنگهي ويا. ملڪ صفاتي، چينئون چاڙهيءَ تان چڙهي
6-     اَحديت ۾ احمد ٿيڙا، پائي قرب جي ڪڙي
7-     ”عمر“ چوي اها عبارت، ڪير پوري ڪندو پڙهي.

 

 [1111]

جِيَس ٻَڙي جيڏيون

مون کي پَي ته پڏڻ ڪوٺيو

1-      مِڙي مان کي خير مبارڪ اديون اچي ڏيو
        واحد منهنجو وَرُ وارايو، محب مان ڏنہ موٽيو
2-     ”اِنمعَ العُسرءِ يُسراً“، ابهو پڪو پارانڀو
        مولِي من مرادون پڄايون، کر جو وارو کوٽيو
3-     ”عمر“ چوي آزمايوسون، ايهو پرچڻ بہُ پيو
        نَسِي مون ڏي نيڻ کنيائون، الله اولو اوٽيو.

 

فيض محمد

        فيض محمد جون قافيون  20- صدي عيسوي  جي اوائل ۾ (1911ع ڌاري) قلمبند ٿيل قافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهن، جيڪي غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (وفات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳايون ويون، يعني ته عمر ان وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذريائين. سندس 4 قافيون نظر مان گذاريون.

 [1112] *

يار ڏٺو سون اڄ اظهار، ويو گمان لٿي گمراهي

1-      رُبوبيت جو ٿيو سِرُ سڀوئي

        غرق ٿي ويو غير سڀوئي

        خير ٿيو ويو وير سڀوئي

                                جوئي دشمن سوئي دلدار

2-     ”لا اِللهَ“ ٿيو لاثاني

        ”اِلا اللهِ“ ڪئي احساني

        ”في اللهِ“ ٿيڙو سِرُ سبحاني

                                جوئي دشمن سوئي دلدار

3-     ”مَن قَتلنُہُ“ آئي اِشارت

        ”ناًنادِيتَہُ“ برء بشارت

        ”مَن اللهُ الموليٰ“ عشق عبرت

                                عُبُوديت سِڪَ جو سينگار

4-     ”فيض محمد“ ٿي فڪر ۾ فاني

        مشفق محب ڪئي مهرباني

        ”وَفِي انفُسڪُم“ جيءَ جو جاني

                                ”فَحنُ اَفرَبُ“ دوست ديدار

 

 [1113]

اَم اميدون اديون آريءَ ۾

ساڻ ته سڏي هي نندو، هت نه ڇڏيندو

1-      آري اچڻ جي آس مون آهي

        ڪيچي  ڪرمؤن  ڪرهل ڪاهي

                        گولي ساڻ گڏيندو، اچي نيندو
2-     دلڙي جا دردن ڪئي درماندي

        ناهي وره کان هڪ دم واندي

                        دوست دلاسو دل کي ڏيندو، غم ويندو
3-     ”فيض محمد“ چوي فضلئون فائق

        ”لاتقنطوا“ چيو لطفئون لائق

                        ننگ ته پنهل کي پوندو، باليندو

 

 [1114] *

بِره وارن سان بي اختيار

بيٺيون ڏهاڙي اکيون جنگ جوڙي

1-      سيف سٽي سِر ڪپن ٿيون سارو

        ڪنهن کؤن ڪين مڙي ڪن ٽارو

                تَهه تَڪ ڪن تڪرار، خوني نيڻ خنجر سي کوڙي
2-     واه ورِاڌيون وڙهڻ لاءِ ويڙهيون

        ڳالهيون تن جون ڪيان مان ڪهڙيون

                جنگي ڪيون جنسار، وجهن هزارين نيڪ نهوڙي
3-     ظالم زور زوراور زنگي

        هوش عقل نين جو دئون جنگي

                چڙهي جاڏي ٿين تيار، ڪونه سگهي ڪو تن کي موڙي

 

4-     ”فيض محمد“ مُڙڻ جون نا هِن

        سِر عشاقــان ڪسُون ڪاهِن

                سوڀاريون صدبار، ذيُون گُهور وڃن ٿيون ويڙهي

 

 [1115] روپ آسا

                تنهنجي ناز نسنگ نهوڙي وڌا

                                سلطان هزارين مان نه رڳو

1-      تنهن زلف زوراور دام ڏٺم

        قابو قيد ڏني خاص عام ڏٺم

        ڦاٿل محبت منجهه مدام ڏٺم

                                ديوا، هزارين مان نه رڳو
2-     ابـرو سيف سَٽن سرواهيــون سدا

        ماري  ماري  ڪئي تن جان  جدا

        ٿيا  عجيب غــريب  شاهـه گـــــدا

                                قربان هزارين مان نه رڳو
3-     واه جــلــوو ذات صــفــت چــوان،

        پـڙهــن وصف وڏي صلواة چوان

        پريون حورون مَلڪ جنات چوان

                                غلمان هزارين مان نه رڳو
4-     هــر جاءِ حُسن جــي هاڪ هـلــي

        پايون نور قمر سان ڏئي تجلي

        ويو تاب انهي ۾ طـــور جلي

                                پروان هزارين مان نه رڳو
5-      ”فيض محمد“ منهن مهتاب مثل

        منور سو محراب مثل

        تنهين قرب قريني ڪعب مثل

                                دربان هزارين مان نه رڳو.

 

 

نظر محمد

        نظر محمد جي هيٺين قافي 20- صدي عيوسي جي اوائل ۾ (1911ع ڌاري) قلمبند ٿيل قافين جي بياض ۾ شامل آهي. جيڪا غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (وفات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳائي وئي، يعني ته نظر محمد اُن وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.

 [1116] *

بيڪس آهيان ويچاري، پرور ڪر پوئواري

1-      ڏسي حال حقير جو، سائينم ڪر ستاري
2-     ورنہَ وير وساءِ تون، هن پورهيت جي پاٿاري
3-     ”نظر محمد“ کي نينہ مان، تو ڏاتر ڏات ڏياري.

 

 

گيهي شاهه

        گيهي شاهه جون ٻه قافيون 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ 1911ع ڌاري) قلمبند ٿيل قافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهن، جيڪي غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (وفات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳايون ويون. يعني ته گيهي شاهه ان وت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذريو.

 [1117] *

ٻئي ڪنهين پاسي نه پس

وٺيو گَسَ، هل پنهنجي هوت پنهون ڏي

1-      پُڄين توڙي نه پڄين، ڪر وڃڻ سين وس
2-     وکون وجهه تون ورتيون، سر واڻن لاءِ سرس
3-     اوري آريءَ ڄام کان، هڪڙو تِل ناترس
4-     گؤنرن کي ”گيهي شاه“ چئي، روئي روئي وَس.

 

 

لعل

        لعل جون هيٺيون 3 قافيون 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ (1911ع ڌاري) قلمبند ٿيل قافين جي هڪ قلمي بياض ۾ شامل آهن، جيڪي غالباً پير رشيد الدين جهنڊي واري (وفات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳايون ويون. يعني ته لعل ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.

 

 [1118] روپ سسئي*

درد اٿم دلبر جو، جيڪي اٿم جيءَ ۾

1-      ڇو ٿا چريءَ جا چاڪ چڪايو، وِره اٿم پنهنجي ور جو
2-     سرتيون ڪونه سماء پيو، ڏيرن جي ته ڏمر جو
3-     پاهڻ پير پٿون ڪيا، ڏک اٿم ڏونگر جو
4-     ”لعل“ چوي لکيو ائين هيو، هي انڌير امر جو.

 

 [1119]

آيو ساهه سيبايو، من محرم سو محب آيو

1-      ”هُوَ الاول هُوَ ال آخر“، واحد وچ وڃايو
2-     ”لِمَن المُلڪ“ جو اڄ اسان وٽ، وارو وِره وڄايو
3-     سڀڪنهن صورت سُونهي سهڻو، سائين سڀ ۾ سمايو
4-     هم غم وهم سڀئي وِيَڙا، پِريَم پاڻ پسايو
5-      ”لعل“ کي لائق لطفؤن پنهنجي، هادي حق سمجهايو

 [1119]

ساهڙ سان ساهيڙيون، منهنجي جيءَ جي جڙي

روز ازل کان

1-      ڪُنڊي يار قريب جي، اندر منجهه اڙي
2-     ٻُڏان ٻَن پيو جندڙو، گهٽجي شل نه گهڙِ
3-     ور وريءَ ڪيئن ويهي رهان، خيالن ڪيس کڙي
4-     لائق ايندم ”لعل“ چئي، لهرين پاس لڙي.

 

 

لالو

           لالو جي هيٺين قافي 20- صدي عيسوي جي اوائل ( 1911ع ڌاري) قلمبند ٿيل قافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهي، جيڪا غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (وفات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳائي وئي. يعني ته لالو ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.

 *[1121]

وهَ ماهي مرلي وڄائي، ساڏڙي ساهَ مَواريان

ساڏڙي ساه سِبائي

1-      ماهي مالڪ مُل ساري دا، شوقؤن ڇوڙيس شاهي
        لوڪان دي ليکي چاڪ مَنجهين دا، هِي سو آپ اِلاهي
        ”الانسان سِري اَنا سِره“ وچ راول رمز رلائي
2-     تخت هزارا ڇوڙ ڪرا هُڻ ديس دي وچ آيا
        ”اَن اُعرف“ دا روز ازل ڪنون، راول ڪُون اَها رايا
        ”انا بشر“ وچ آ ڪرا هُڻ لالڻ لِڪَ لِڪائي
3-     بين وڄيندا رمز رليندا، چاڪان دي چال چليندا
        آبي آواز ”اَنا احمد“ والا، ٻَهه ڪي ڪولُ ٻُليندا
        ”يا ڪُلُ الطعام وَيَمشي في الاسواق“ نظر مان عادي آئي
4-     ”لالو“ آکي لنؤ لنؤ دي وچ لالڻ لنؤڙي لائي
        ”من رّاني“ رمز رلاڪي چاڪ ساڏي دل چائي
        آپ ڀَلاڪي آپ ويکايس، مئنون ڪَل نه ڪائي.

 

محمد عابد

        محمد عابد جي هيٺين قافي 20- صدي عيسوي جي اوائلي ۾ 1911ع ڌاري) قافين جي هڪ قلمي بياض ۾ شامل آهي، جيڪا غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (وفات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳائي وئي. يعني ته محمد عابد اُن وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.

 [1122] *

        خوشي ويراڳين کي نه وڻي، سامي سَنَرا سورَ ۾

1-      ”عرَبّ ربّہُ ڪلّ لِسانُہ“ اها اندر ۾ اَڙينِ آڻي
2-     زيب زينت ضايع ڪيائون، هڪ باريءَ سان اٿن بڻي
3-     دُوئي دل مان دور ڪيائين، ڌُريُون ڌُنائون هڪ ڌڻي
4-     ”محمد عابد“ ”مازاغ“ ڪر تون، پائي اکين پرَ جي پڻي.

 

ميوو

 

        ميوي جي هيٺين قافي 20- صدي عيوسي جي اوائل ۾ قلمبند ٿيل قافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهي، جيڪا غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (وفات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳائي وئي. يعني ته ميوو ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.

 [1123] *

آءُ منهنجا پنهل اوتاري، هيءَ گوندر ڏينهن ٿي گذاري

1-      ٻڌي سورن سندرو، هيءَ ٻانڀڻ ٿي ٻاڪاري
2-     ڪڍيو پار پنهل لئي، اُڀيو هيءَ اوساري
3-     اڳي روز الست کان، لڳيس تنهنجي لاري
4-     مانديءَ تي ”ميوو“ چوي، ورنَہ ايندو واڳ واري.

 

 

 

نورل

        نورل جون هيٺيون 3 قافيون 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ 1911ع ڌاري قلمبند ٿيل قافين جي هڪ بياض ۾ شامل آهن، جيڪي غالباً پير رشيدالدين جهنڊي واري (وفات 1899ع) جي حاضري ۾ ڳايون ويون، يعني ته نورل ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.

 [1124] *

برهَ لائڻ بدنامي، ائين ڪونه چڱو ڪو چوندو

1-      دردُ مُرادَ مڙئي دلبر جي، خام ڳولن خود ڪامِي
2-     سوزُ سرود سَرَا ٻنهين جو، حُزنُ ڄاڻن ٿا حامي
3-     عشق اَمانَت آهي اِلاهي، ڀُوڪَ ڄاڻن بي بي آرامي
4-     ”نورل“ نينہ آهي نُور خداءِ جو، اکيون اُپَتِ ڇڏ عامي.

 

 [1125]

                ڳجهه جيون ڳالهيون ڳَرهيان

                                چاه منجهان سڀ چوئي
1-      کُڻ جي خواهش لئي ويٺي ڏينهن ڏسان
        مارو ماڙ ڪندم، خيال انهين کان نه کِسان
        کَٿِي پييم کُسِي، ڏيندم لڄَ  جي لوئي
2-     اُڪنڊ اباڻن جي آهيم ساهَ سَمر
        وهمئون شل نه وڃي پهنوار پچر
        آخر اُنِ جي آهيان، پِرت جني سان پوئي
3-     ”نورل“ نيڻن ٺرن ڏوٿيئڙن کي ڏسي
        حامي هيڻيءَ جي وٺندا هٿ هَسِي
        جنهن سان جِيُ جڙيو، ساه سيباڻمَ سوئي.
 

 [1126]

  نِنڌَر کي نيندا اَلا، ڪين ڇڏيندا ڇوري ڇَپَرَ ۾

1-      ”يَومَ نَدعُوا“ ياد ڪري، سڳر ساڻ سڏيندا
2-     ”قُل ڪُل“ جي قرب سان گولي گڏ گڏيندا
3-     ”نَاد خُلي“ جي فضل سان ڏاتِ ڏکي کي ڏيندا
4-     ”لطيف“ بِعِبادِه“ توڏنِ کي نه تَڏيندا
5-      ننگ ڌڻي ”نورل“ وي، اَجها اوري اَڏيندا.

 

 

 

 

 

خليفو محمد خان جمالي

        خليفو محمد خان 5- جمادالاول 1274هه ۾ ڳوٺ ميوي خان جمالي تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو. ننڍي هوندي مال چاريندو هو، پر پير صاحب رشيدالدين جهنڊي واري جي هدايت تي ڳوٺ جان محمد جمالي تعلقي هالا جي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. وڏي هوندي پير صاحب جن جي نه فقط مريدي ۾ آيو، پر پير صاحب جن کان قادري طريقي جو ذڪر ورتائين. خليفي صاحب پنهنجا ڪتاب تصنيف ڪيا ۽ ان سان گڏ پير صاحب جهنڊي وارن جون جملي تصنيفون ڪتابت ڪيائين، جيڪي هن وقت به پير صاحب جهنڊي واري جي لئبريري ۾ موجود آهن. تاريخ 27- صفر 1337هه/1918ع تي وفات ڪيائين. سندس هيٺين قافي 1911ع ڌاري قلمبند ٿيل قافين جي بياض ۾ شامل آهن.

 [1127 *

        آهي عشق بنان ڏاڍو اهنجو

                        اِتي پير پاوڻ سِر گهاوڻ يار

1-      ڪنڊو پير ۾ ڪونه سهي ٿو

                                هِت ڪات اڳيان ڪنڌ ناوڻ يار
2-     سِجَ جو تڙڪو ڪونه سهي ٿو

                                هِت پرت ۾ پاڻ پچاوڻ يار
3-     سوين مُرادان سڀڪو ڳولي

                                اِتي اصلئون پاڻ کپاوڻ يار
4-     ”محمد“ چوي مام پروڙج

                                پاڻ پلڻ مؤن پاڻ سڃاڻڻ يار.

 

بلاول

        بلاول جي هڪ قافي 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ ڇپيل قافين جي هڪ ڪتاب ۾ شامل آهي، يعني ته بلاول ان وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذريو.

 

 [1128] سر ڪلياڻ*

بازي يار بنائي آهه، ڪين کٽي ڪن هاري آهه

1-      کٽي راند جن هاري، بازي پئي آهه تن تي ساري
        ويهي ڪري جن وساري، آڳ تِنهين تي آئي آهه

2-     هڪڙا کيڏيو وري ٿا کيڏن، هڪڙا هوڏي وري ٿا هوڏن
        هڪڙا کوٽي راند ٿا کيڏن، هڪڙن رند رَسائي آهه

3-     هڪڙا کيڏ کيڏي ويا يارو، بازي پئي آهه پِڙ ۾ پَسارو
        سوليءَ جو ڪو ڍري ڍارو، پوندي ڪل نه ڪا ئي آهه

 

4-     يار ”بلاول“ باري بازي، کيڏن گُر ڪرامت غازي
        هُت نه هلندي دم درازي، کيڏڻ صا صفائي آهه.

 [1129] سر ڀيروي*

تم دم مالڪ جي در تي، ڀَر جانا تون ڀَر جانا

1-      تون مسافر منزل اڳتي، آڏي ويٺين آستانا
        سنجهه صُباح سرڪار جا ايندئي، پَٽُلَ کڻي پروانا
2-     مايا ڏسي مغرور جو ٿِيَڙين، دنيا کي ڙي ديوانا
        ڪيئي سڪندر شاهه ڇلي ويا، انهيءَ راه روانا
3-     ”ڪُل نفس ذائقةالموت“، لکيو منجهه قرآنا
        ڪندو بچاءَ ”بلاول“ چئي، مِٺو مُحّمد مسلمانا.

 

 

جهنگل فقير

        جهنگل فقير جون قافيون 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ ڇپيل قافين جي هڪ ڪتاب ۾ شامل آهن، يعني ته هو ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو. جهنگل فقير جون 6 ڪافيون نظر مان گذريون، جن مان 3 هيٺ ڏجن ٿيون.

 [1130] *

        سڄڻ سنڀارون، سوڍا تون سارون

                                لهجانءِ ڪي مُئيءَ جون
1-      اکڙيون کڻين ٿو، بَڙڇون هڻين ٿو

                                ڦَٽي ڪين ڦارون
2-     رُس نه تون راڻا، ساهه سيباڻا

                                مون تي ميارون
3-     آيس ڪاڪ ڇڏي، سوڍو مون سڏي

                                ڪريان ٿي ڪارون
4-     کولج يار دري، ٻڌي من وري

                                ”جهنگل“ جهونگارون.

 

 [1131]

        آيو منهنجو يار، ٿيان ٿي بهار

                        ڪهڙو ڪريان مان عام سان اظهار
1-      سڪ جا هُيم،  صاحب سا پيم

                        تنهن کان ٿيم مدامي قرار
2-     ڪيو مون جتن، جهليو تن من

                        تڏهن ٿيو اَمن، مليو مون ڀتار
3-     منهنجي گهر شادي، آهي نت آبادي

                        آيو جو اَنادي، سدائين ستّار
4-     وڄي تند سائي، وڻي مٺي وائي

                        جيڪا ”جهنگل“ جائي، تاڻي آهي تار.


 [1132]

شل ويکان نور نظارا، جنهن دا ساري جڳ ۾ اوتارا

1-      جڏان سڪ هُوئي مئن نون غالب

        تڏان مئن به هوا هون طالب

        جاني! پُر ڪرين ميڏان قالب

                                پيڇي ماران نينهن دا نعرا
2-     سڪ سڪ مئن عمر وڃائي

        عمر ويئي اِيوين اَجائي

        ڪيتم هڪ گهڙي نه سجائي

                                نه ڪو مليا يار پيارا
3-     جڏان پوندي ياد گناهيان

        تڏان روندي شاهه گدايان

        جڏان ڪرندي آپ ڀَلايان

                                تڏان ڏوهه ثواب هي سارا
4-     سُڻ وي ”جهنگل“ يار سچارا

        جانب ڪر تون جان نثارا

        پڇِي ڪون سڪندر دارا

                                جڏان نينَ کلي ٿيا اُجارا.

 

 

ڇتن شاهه

        ڇتن شاهه جون قافيون 20- صدي عيوسي جي اوائل ۾ ڇپيل قافين جي ڪتابن ۾ شامل آهن، يعني ته ڇتن شاه ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.

 [1133] *

        عجيبن جا ڪي قريبن جا

                        آيا اڄ ڪي سلام عجيبن جا

1-      روڪ رسيدان خط به خوشيءَ جا

                        خاصا طعام غريبن جا
2-     واعدا ڪري وئين موٽي ملڻ جا

                        هاواڻا ڪي حبيبن جا
3-     ”ڇَــتــن شاهــه“ ســوال سڻــائين

                        ڪر ڪي غور غريبن جا

 

 [1134] *

عشق نٿو ڏي آرام، ناحق آيل ڇو ٿيو ماريو

1-      ڪار ڪَتڻ جي مون نه ڄاڻان، سرتيون چوان ٿي صاف
                چرخو چندن عاج جو ساڙيو ڪي ٻاريو

2-     عشق اوهان جو بيشڪ باري، چس نٿو ڏي طعام
                ناهيان ننڍي مون کي ڇو ٿيون ڌتاريو

3-     عشق اوهان جي واٽان ڪيڙيون، آيل مان اڻڄاڻ
                نينهن جي نشي مون کي اڙايو

4-     ”پير ڇتن شاهه“ لوري جا لاتي، ڪري وئين مَستان
                بيوس آهيان مان تڏهين ٿي پڪاريو

 

حسين

        حُسين جي هيٺين قافي 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ ڇيپل ڪافين جي هڪ ڪتاب ۾ شامل آهي، يعني ته حُسين اُن وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذاريو.

 [1135] *

محب نه ڪر مون سان ماڻا، ٻاجهه پوئي ڪا مهر پوئي

1-      ريت رسڻ جي ڪنهن کان سکئين، سچ چئو تون يار سياڻا
2-     هنڌ پٿڻيون گلم غاليچا، ڪين وڻن ٿا وهاڻا
3-     تو ريءَ ٻاجهون سهڻا سائين، ٻئي کي ڪيئن ٿي سڃاڻا
4-     ”حُسين“ جهڙا در توهان جي، ڪيئي لک وڪاڻا

 

 

صفي الله ”عاشق“    

        صفي الله ”عاشق“ جون هيٺيون ٻه قافيون 20- صدي جي اوائل ۾ ڇپيل قافين جي ڪتاب ۾ شامل آهن، يعني ته صفي الله ان وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذاريو.

 [1136] *

        شوقئون شراب جي پِيئن پِيئن،

                        عشق سندي اسرار ۾
1-      سرڪي چڱي ڏسين جي سڪ واري

        سِرُ سوريءَ تي ڏِئين ڏِئين

                        دين سندي دربار ۾
2-     جيئن سو رانجهن تخت لٽايو

        طلب رک تون تِئين تِئين

                        محبت ميگهه ملهار ۾
3-     طالب ٿي طلب ڪر توڙ کؤن

        حُب ڏاڍي لاءِ هِئين هِئين

                        برهه سندي بهار ۾
4-     ”عاشق“  عشق عجيب  جو اصلي

        نينهن نسنگ ٿو نِئين نِئين

                        چشمن سندي چمڪار ۾

 

 [1137]

رک ذوق ذڪر تون ذاتي، ڪر عام جسم کي وسارو

1-      اَلا نِسان سِري و انا سرَهُ پاڻ ۾ پاءِ تون جهاتي
                        ڏس سَير سلطاني سارو

2-     ”مُوتُوا قبل انّ تموتوا“، ٿيندي هميشه حياتي
                        پوءِ هن نسنگ تون نعرو

3-     ساڻ محبوب حقيقت واري، تون ٿيندين ملاقاتي
                        ڏس نرمل نور نظارو

4-     منجهه محبت شوق الاهي، جني جهاتي پاتي
                        وٺ چُست تني جو چارو

5-      هڻي تيز ترار عشق جي، ”عاشق“ ڪر اثباتي
                        رک ”لااِلہَ“ سندو لارو

 

 

 

عبدالرحمان ”سائل

        عبدالرحمان ”سائل“ جي هيٺين قافي 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ ڇپيل قافين جي ڪتاب ۾ شامل آهي، يعني ته عبدالرحمان اُن وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.

 [1138] *

           ڍولڻ مل مون هڪڙي رات

                        ڏور وڃي ڇو پاڻ لڪائين

1-      راتيان ڏينهان ساجن سائين، تن ۾ آهي تنهنجي تات
2-     سانول سائين ڪر نه جدائي، ڪر ملڻ جي ڪا بات
3-     سختيءَ ويل سڪرات جي، اچي وجهه تون وائي وات
4-     هادي هن ”سائل“ کي، سولي ڪندين سڪرات.

 

 

 

عبدالفتاح

        عبدالفتاح جون هيٺيون ٻه قافيون 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ ڇپيل قافين جي هڪ ڪتاب ۾ شامل آهن، يعني ته هو اُن وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو. ڪتاب ۾ کيس عبدالفتاح ”درويش“ ڪري ڄاڻايل آهي.

 [1139] *

وڌي ڏس فهم فڪرت، جي اندر حيرت سو حيراني

ربوبي  رمز  ٿي  رلِمل ،  اندر  پوشاڪ  انساني

1-      اصولي خيال سمجهڻ ٿي، پاڻهين مون پاڻ پرجهڻ ٿي
        برهه جي بات ڳولڻ ٿي، ايهائي راهه رباني
2-     ڪڏهن عشان آ عاشق، ڪڏهن محبوب آ صادق
        ڪڏهن حاڪم آ شائق، ڪري ٿو حڪم سلطاني
3-     ڪُل شيء ۾ آهي الله، بهر سُو آ وَجَہُ الله
        حسن خوبيان جمال الله، ايهو ٿي سِرّ سبحاني
4-     مصوّر نقش انساني، بہ انسان نيست پنهاني
        ”فتاح“ کي ذوق حقّاني، مليو ڏنہ رمز رنداني

 

 [1140]

      هر مظهر ڏس بيرنگ ذات، برهه آ کي آ اِيها بات

1-      طرف اصولي رخ نه موڙين، نقش نگينا دل ۾ جوڙين
        ذڪر ذاتي دا خيما کوڙين، ٻنڌ طنابان منجهه صفات
2-     صورت انساني عڪس خدائي، ذات صفت نون ناهه جدائي
        آپي آپ کڙا رنگ لائِي، آيو خاڪي ۾ محلات
3-     نحن آ قرب راز اَلايا، تونهين آهين تو وچ آيا
        ڪهڙا سهڻي ڇپ ڇپايا، هر طرف اٿئي هو هيهات
4-     فاسد خطرا وهم اُڪاڻي، شوق حقيقي دل وچ ماڻي
        سوا انهي سڀ ڪوڙ ڪهاڻي، رهبر عشق ڏتي تسَلات
5-      سمجهه سهي ڪر ذات سڃاڻي، خيال دوئي دا مول نه آڻي
        آهي ”فتاح“ سان سيد ساڻي، هر دم ڏينهان رات

 

 

عنايت الله (چوڍو؟)

        عنايت الله جون قافيون 20- صدي عيسوي جي اوائل ۾ ڇپيل قافين جي ڪتاب ۾، ۽ 22-1920ع ڌاري لکيل بياض ۾ شامل آهن، يعني ته عنايت الله اُن وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذريو. عنايت الله جون ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل 20 قافيون نظر مان گذريون، جن مان 8 قافيون هيٺ ڏجن ٿيون.

 

 [1141] *

        دردن مون کي ڪيو ديوانو

                        سڪ سڄڻ جي صبر وڃايو

1-      ڏينهن ازل کؤن پيچ جو پيڙو

        انگ اَلستي وهي وِيڙو

        هي سورن جو سامان، لائق منهنجي باب لِکايو
2-     ڄايس مان سورن ۾ آيس

        سندي جانب جوش جلايس

        برهه ڍولڻ جي ڪيو پيران، دردن دل تي دُود دُکايو
3-     عيش آرام عقل سڀ ويڙهه

        گونــدر ساڻ گــــذاران پِــيــڙو

        هوت بنان حيران، ڏکن منهنجو ڏيل ڏکايو
4-     اڱڻ ”عنايت الله“ جــــي ايندا

        ننگي پنهنجو ننگ نه ڇڏيندا

        صدقو صدقو ٿيان قربان، مولي جڏهن مون محبت ملايو

 

  [1142] *

ور ڪوهيارل ور، ٿڪيس آءٌ ٿَرَ ٿوري اَلا

1-      واقف ناهيان ڪيڍ وڻن جي، ساڻم، ناهي ثمر
                        ڏڪيس ڏونگر ڏوري اَلا

2-     ڀنڀوران ڀينگ ڀانئيان، سچو سڀ شهر
                        ڪيچ مُلڪ کؤن اوري اَلا

3-     محل ماڙيون ڪين وڻن ٿا، بندر ڀانيان مون بَر
                        گهر تڙ تو تؤن گهوري اَلا

4-     ”عنايت الله“ آس اوهان جي، ڪيئن ڇڏيان تو در
                        تڪيو ناهي ٻيو تو ري اَلا

 

 [1143]

        اديون آريءَ ڄام کي نال نه نيائون

                        نجال نه نيائون ڇوري ڇپر ۾ ڇڏيائون

1-      آءٌ سُتي هو هليان، سنجهي ساهيائون

                        توڏن کي تڙ ڀيڙ ۾ تکو تاڻيائون

2-     سڃي سنجهه ڇڏي ويا ڪرهل ڪاهيائون

                        ور وٺي هو واٽ ٿيا رُليءَ روليائون

3-     جيئري هن جليءِ کي وره وڌائون

                        پنهل نيائون پاڻ سان ڏهڳ ڏنائون

4-     عاصي ”عنايت الله“ کي گوندر گڏيائون

                        سکن هاڻي جندڙي سورن سٽيائون.

 


* [1101]  ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل

* [1102]  ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل

* [1103]  ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل

* [1104]  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل

* [1105] کان [1106] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل

* [1107]  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل

* ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

* تعلقي روهڙي مان عبدالرزاق ٻانڀڻ کان مليل.

* [1101]  ۽  [1111]  ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل

* [1112]  ۽  [1113]  ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل

* [1114] * ۽ [1115]  لاڙڪاڻي مان ماستر فتح محمد کان مليل، جنهن 1916ع جي لکيل هڪ قلمي نسخي تان نقل ڪيون

* [1116]  ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل

* [1117]  ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل

* [1118]  کان  [1120]   ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

* [1121] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

* [1122] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل

* [1123] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

* [1124]  کان  [1126]  ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل

* [1127]  ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

* [1128]  هريسنگ جي ڇپايل قافين جي ڪتاب، مفيد عام پريس لاهور، 1906ع (ڇاپو ٻيو) ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوط قافين جي قلمي بياض تان ورتل.

* [1129]  سندي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ قافين جي بياضن تان ورتل.

* [1130]  کان  [1132]   ”قافين جو ڪتاب“ هريسنگ سکر، 1906ع.

* [1133]  ”قافين جو ڪتاب“ هريسنگ سکر، 1906ع تان ورتل.

* [1134]  ”نيون قافيون“ (ڀاڱو پهريون) ڇپائيندڙ شوالداس سکر، آگسٽ 1915ع.

* [1135]  ”قافين جو ڪتاب“ پوڪرداس شڪارپور، 1906 تان ورتل

* [1136]  ۽  [1137]  ”قافين جو ڪتاب“، بوڪرداس شڪارپور 1906ع.

* [1138] ”قافين جو ڪتاب“ بوڪرداس شڪارپور، 1906ع تان ورتل.

* [1139]  ۽  [1140]  ”قافين جو ڪتاب“ بوڪرداس شڪارپور، 1906ع.

* [1141]  کان  [1142]  ”قافين جو ڪتاب“ پوڪرداس شڪارپور، 1906ع

* [1142]  کان [1146]   سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ 22-1920ع ڌاري لکيل قافين جي قلمي بياض تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org