سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد ٻيو)

 باب:

صفحو :8

4-     تنهن جي شان شرف جو شاديون ٿيون

ملڪوت ملڪ ۾ شاديون ٿيون
        مٿي عرش مبارڪباديون ٿيون

برسيا باغ جنت گل ڦل گوهر
5-      ڪيئي حيرت ۾ هشناڪ چوان

ڪيئي ”غمدل“ جهڙا غمناڪ چوان
        ڪيئي سالڪ مست مشتاق چوان

تنهنجي جلوي عڪس جا اهڙا اثر

 

[6/1369]

هِت هُتِ هرجا حاضر ناظر، هر دم حق موجود ميان

1-      وحدت ڪثرت ڪُل شيِء اندر، محو مگهن معبود ميان
2-     ظاهر باطن ذات صفت ۾، ساجد سو مسجود ميان
3-     محو مدامي ترت تمامي، ماسويٰ الله مقصود ميان
4-     ديدن جي دربار دروني، واصل ورق وجود ميان
5-      نئون نئون نقش نظاري نازل، شامل شوق شهود ميان
6-     غائب الغيب غواصي ”غمدل“، مالڪ ملڪ مشهود ميان

 

[7/1369]

ظهور يار ذاتي جو صفاتيءَ ۾ ڇپايئي ڇو

هُتون ظاهر ٿي هِت آئين، پردو بشري بنايئي ڇو

1-      منجهئون قلزم سندي قطري ڪيئي ارض و سما پيدا
        تمامي بعد خلقت جي اچي احمد سڏايئي ڇو
2-     نفي جي نانهه منجهان نڪري تون ٽئين اثبات ۾ آخر

احديت ۽ عبديت جو پيارل پوش پايئي ڇو
3-     ڪيو ٿي خواب ۾ منظور زليخا عشق يوسف کي
        بره جو بي بها موتي تنهن جو مُلهڙو چُڪايئي ڇو
4-     ڪهڙي سانگي آئين سهڻا ڪري سينگار صورت جو
        ڪاٿي مورت مثل مخفي اهي رمزون رلايئي ڇو
5-      جلايو طورسينا کي تنهنجي ئي تاب تجلّي جي
        ائين مخمور موسيٰ ٿي، اچي ’ارني‘ اَلايئي ڇو
6-     ڪڏهن هسوار دلدل جو، ڪڏهن مظلوم ڪريل جو
        رضا جي رَه مسافر تي خنجر قاتل وهايئي ڇو
7-     ڪڏهن عاشق ڪڏهن محبوب ڪڏهن طالب ڪڏهن مطلوب
        ڪڏهن ”غمدل“ ڪڏهن خوشدل، اهي الون چلايئي ڇو

 

[8/1369]

جاٿي نينهن الم نيشان ڏٺم

سر عاشق جا عريان ڏٺم

1-      جتي عشق بهادر قدم ڌري

اتي عقل ڀڄي ٿيو بيزار پري

سؤدي سِر کانسواءِ ٻي گهر نه گهري

اتي قرب وارن کي قربان ڏٺم

 

2-     پرت وارن جا پاڻ ۾ پوري پيا

تڏهن دنگ حجابي دور ٿيا

پئي سر سُولي مشهور ٿيا

وٺي عشق وارن جو امتحان ڏٺم

3-     درياء فراق ۾ درڪ سدا

آهي محبت وارن جو مرڪ سدا

غم سوز هجر ۾ غرق سدا

لاغرضن کي غلطان ڏٺم

4-     جنهن جاءِ ٻري آڙاهه اهو

وانگي طور سڙيو آ ساهه اهو

آهي عاشق دم ارواح اهو

جنهن کي بار وڏو باران ڏٺم

5-      ڪٿي شاد ڏٺم، ناشاد ڏٺم

آباد ڏٺم برباد ڏٺم

نئون ناز ادا ايجاد ڏٺم

سڀ عبرت جو سامان ڏٺم

6-     ڳولي پريم نگر جي لڏم ڳلي

جتي بره جي بازر خوب کُلي

مون کي محبت يار جي آهي ملي

ريءَ درد نه ٻيو داستان ڏٺم

7-     پڪ پاڻ پرين پڄائي آ

هڪ وار نه ”غمدل“ وداعي آ

ويجهو وصل وصال وفائي آ

خوش بلڪل دربُستان ڏٺم

 

[9/1369]

مرز اويڙي راند، ڀل خان کيڏن رند بره جي بازي

1-      رت اويڙي، ريت اويڙي، ري توڪل جي تارن ٻيڙي
                                        پر جني جي پاند
2-     ڪشف قلب قبور نه ڄاڻن، زهد زوال ضرور نه ڄاڻن
                                        هوش ڇڏ هيڪاند
3-     سڙي خاڪ ٿيا سي کامي، باقي ڪين بچيا بي نامي
                                        کوري سان کاهاند
4-     شهرت شور ملامت مهڻا، سي ڳچي ڳڻ ڳانا ڳهڻا
                                        خوب ٿيا خورساند
5-      اڻلک عاشق لڪ نه لڪائن، بار ملامت سر تي سهائن
                                        وِرهون نه ويساند
6-     ”غمدل“ گوهر گُر گرناري، پائن سوڀ سراسر ساري
                                        مٽي ماڳ مهاند

 

[10/1369]

مر جان محب مران، تنهنجي درد فراق ۾

1-      ڳڻن ڀريون تنهنجون ڳالهيون، ڳايو روز ڳران
                                        ڦيريدار ڦران
2-     سِڪان ساريان سپرين، ساعت ڪانه سران
                                        گهوريو سر گهران
3-     دم نه ديدان مٽيان، دلبر تنهنجي دران
                                        وسالؤن نه وران
4-     عشق حسن آڙاهه ۾ ٻهڳڻ روز ٻران
                                        پچان ۽ پچران
5-      ”غمدل“ نالو نينهن ۾ ڌريُون پاڻ ڌَران
                                        تنهنجي تار تران

 

[11/1369]*

نازن ساڻ نهوڙن ٿيون، اکڙيون اربيليون

1-      اکڙين جا دستور الستي، سودا ڪن ٿيون دست بدستي
                        روئي روئي حال وڃائن ٿيون

2-     اکڙيون جاڏي ڪرن امارا، ٽوڙين ڪوٽ حجابن وارا
                        ڏوڙا ڏاج ڏيوارن ٿيون

3-     اکڙين جا پرواز اوڏاهين، بوءِ بشر جي ناهي جيڏاهين
                        سڃا ڪاف سڌارين ٿيون

4-     ملڪ انعام اکين کي سارو، ”غمدل“ هڻ نينهن جو نعرو
                        سوريءَ سر سينگارين ٿيون

 

[12/1369]

هوت جنهين هنيڙي لنؤن لاتي ڏونگر سي ڏسنديون

ڏونگر سي ڏسنديون سي پُنهل پنهل ڪنديون

1-      جن ڦٽڙا سڄڻ فراق جا، سي چاڪن ۾ چڪنديون
        ووءِ ووءِ وائي وات اُنهن، ويون روه مٿي رڙنديون
2-     عشق جنهين وٽ آراهه ٻاريو، جوشن ۾ جلنديون
        سوريتيون ڙي سور انهيءَ ڳجهه ڳاراڻي ڳرنديون
3-     ڪاڪيون ڙي ڪيچيڙن جا پنڌڙا جي پڇنديون
        ڏک سور ملامت طعنا تُنڪا سِر مٿي سي سهنديون
4-     ”غمدل“ تلقين يقين ڪيون پنهل سي پسنديون
        خوف رجا سب خرا لاهي چوٽ وڃي چڙهنديون

 

[13/1369]

هر مظهر وچ آپ سَمايس، صورت سِرُ سبحانا، بشر بهانا

1-      جسم ڪنوان چاڪري وِسارا

ويک دروني نينہ نظارا

دم دم جهاتي پانا، سمجهه ديوانا

2-     ڪيتس ڪربل وچ پسارا

ٿي منصور مريندا نعرا

بِرهين بانگ بُلانا، سِر نيشانا

3-     جٿان ڪٿان هي جلوه ذاتي

توڙي صيفات نفي اثباتي

هر شيءَ اندر جانا، شرڪ نه آنا

4-     شمس لٿي تبريزئون ڪٽايا

سرمد هوڪي سِيسُ ڪٽايا

ڳل زُنار دي ڳانا، شاه صفحانا

5-      رنگا رنگي روپ بنايُس

غمدل“ اپنا نام ڌارينس

قلندر وار ڪَهانا، شاهه مردانا

 

 

(د) سيد فضل علي شاهه ۽ سندس طالب

 

فضل علي شاهه

 

سيد فضل علي شاه، مدئجي ضلعي سکر جو ويٺل هو ۽ مدفون به اتيئي آهي. سندس ٻه قافيون هيٺ ڏجن ٿيون.

 

[1370]

عشق عشاقن ڪيو اختيار

ڏيئي سر صادق ڪين ڪڇن ٿا

1-      دل ۾ درد مچاين ديرو

اندر جوش جلاين جيرو

کيپ خمار ڪيف نان کيرو

وهم ڇڏي ٻيا ڪل ويچار

مرڻ کان اُهي اڳي مرن ٿا

2-     نشي اُنهن کي ناهه جو ڪيڙو

وهم وڍي ويراڳن نيڙو

پائي وجود ۾ سامن لئڙو

گوش رکيائون هڪ گفتار

عام جو ٻولڻ ڪين ٻڌن ٿا

3-     خوشؤن خان خوديءَ کي کائن

پنهنجي پر ۾ پاڻ لڪائن

فضل شاهه“ عليءَ جو ڀائن

صابر گهوري سر سردار

هاديءَ جي پوءِ روءِ اچن ٿا

[1370]

وڻن قيدياڻي ڪين، باهه برابر بنگلا ماڙيون

1-      هيرا حاڪم پاءِ انهن کي

سونهن گڏ توسان راءِ جنهن کي

بس مون بينسر بين

2-     لڳ خدا کٿيءَ ۾ ويڙهي

نيئي رسائج مارن ميڙي

ڍاري پاند ڍڪين

3-     ڪلهن ڪانڌي ٿيندم ڪُر جا

فضل علي“ مارو ملڪ موهر جا

لتون ڏيئي لٽين

 

 

شاهنواز علي شاهه

شاهنواز علي شاه، مدئجي جو ويٺل هو. سندس قبر درگاه سيد سليم شاه آباد لڳ مرزانپور ضلعي سکر ۾ آهي

 

[1372]

جڏهن عشق ٿيو انظهار، بره بازار لڳي

1-      ذوق زليخان ٿيڙا ظاهر، يوسف مصر بازار

حسن هٻڪار لڳي
2-     باغ اِرم وچ سروَ صنوبــر، بيــد بسنت بهــار

ڀؤنرن ڀڻڪار لڳي
3-     رنگپور دي وچ ويک تماشا، کليا چمن چوڌار

گلن گلزار لڳي
4-     ”شاه نواز علي“ امر عشاقن، نينهن ڪيا نروار

تکي تلوار لڳي

 

 

سيد غلام علي شاه

 

سيد غلام علي شاه مدئجي ضلعي سکر ۾ مدفون آهي. هيٺين سرائڪي قافي هن عبدالقادر ”بيدل“ روهڙي واري جي هڪ ڪلام جي ڀران چئي.

 

[1373]

رمز اِهين وچ رانجهن نال دم قدم ڌريسون

1-      ”ونحن اقرب“ وچ وصالي، سهجئون سهج گهتيسُون
2-     نور نظارا احمد والا، صِدقئون سهي ڪريسون
3-     شوق نال اِهين جو دم ڪون، ديرئون دير ويکيسون
4-     ڪثرت دي وچ ڳولي ڦولي، رانجهن يار لهيسون
5-      ”فاذڪروني اذڪر ڪم“ وِردئون ورد ڪريسون
6-     ”غلام“ ٿي علي دي در تي، مطلب سڀ پائيسون

 

باب چوٿون

چوڏهين صدي هجري جي اوائلي دور جا ڪي غير معروف شاعر

 

هن باب هيٺ ڏنل شاعر چوڏهين صدي هجري جي اوائلي دور (19- صدي عيسوي جي آخر ۽ 20- صدي جي شروع) ۾ ٿي گذريا. سندس قافيون ڪن قلمي بياضن يا ڇپيل ڪتابڙن مان چونڊيون ويون آهن.

 

(الف) سنڌي ادبي بورڊ ۾ محفوظ 1920-1922ع ڌاري لکيل قلمي بياض مان کنيل

هيٺيان شاعر 1920-1922ع ڌاري حيات هئا يا ان کان اڳ ٿي گذريا.

 

الهه اوباهيو فقير

 

الهه اوباهيو ولد غلام قنبر فقير، ڌامراها ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مدفون آهي. فقير خداداد ولد غلام حيدر شر جو سئوٽ هو.

[1374]

دل منهنجي کي دلبر، لاتُوَ جادو جوڙي

1-      زيور پائي ڳهڻا، ڪَيُوَ سينگار سهڻا

ڪات اکين جي ڪُهڻا

خنجر هَنيا ٿي کوڙي

2-     عقل ويو ويچارو، نينہ هنيو آ نعرو

لوڪ ٻُڌي سڀ سارو

عشق ٽڳا ٿو ٽوڙي

3-     عشق تنهنجي جون آوجان، محبت لايون موجان

لهريون لک لک فوجان

ڇڏ ٻيائي کي ٻوڙي

4-     آهي ”اوٻاهيا“ ايندا، سِرُ اَڏيءَ تي ڏيندا

غازي گوءِ نيندا

تابش هوندي توڙي

  

 

الله ڏنو

 

[1375]

حيدر چئو هر دم دم، والي فيض ڪرم جو

1-      اسدالله عليَّ الغالب، تهدل ٿيء تهين جو طالب
        حيدر روح ٻيو سڀ قالب، افسر عرب عجم جو
2-     حيدر صفر شير غضنفر، ماه منوّر نوري انور
        قاتل آڪفر فاتح خيبر، صاحب سيف علم جو
3-     لحمڪ لحمي شان عليءَ جو، جِسمڪ جسمي شرف عليءَ جو
4-     چار ئي يار رسِول جا برحق، عالي شان مڪرّم مشفق
        خارج رافض مُلحد مُنفق، داخل نار ندم جو
5-      آءُ ”الهڏنا“ هيءَ مَست ڪر ڪَن، دست اُميد جو هڻ منجهه دامن
        حيدر شاه ضعيفن ضامن، مالڪ لُطف رحم جو

 

الهندو

 

[1376]

سهڻل ڪري سينگار، ويس جوڳيان دي ڪر جانب آيا

1-      دارون دوائِين مئن دست جو رکيان

طرحين طبيب مئنون ڏيندي ڦڪيان

درد ڪنون مئن چاٽي چکيان

ٺر پَئي نيڻان دي نار

2-     ويس درويشان سو حال فقيران

ڪڏان وت چلدئين حال اميران

ڪڏان وت لوئي لال لَويران

گهمندئين تون بي اختيار

3-     ماهي جو مُرلي مست وڄائي

هب سر سائين ٿيا رنگ الاهي

هار سينگار کڙا ڳل پائي

عجب بڻيا اسرار

4-     اڱڻ ”آلهندي“ سو آوين ٽِلدا

نَنگي نال خوشي دي کِلدا

تون هَئِين پيارل آپ دليين دا

مست ڪيتئي منٺار

 

 

 

 

بچل شاه

 

[1377]

واهه ڍولڻ اکيون، وتن مُشڪ مکيون

منهنجي دل کسڻ لئي هڻن ٻاڻ ٻَکيوُن

1-      پايُون هار هسيون، مُنہ ۾ مُنہ رکيون

مون کي واهه وڻن ٿيون تن جون ٻانهر کيون

2-     عجب ٽور ٽِلن، مون کي واهه وڻڻ

وِکان واهه وجهن، ڪنهن نه لوڪ لَکيون

3-     آکي ”بچل شاهه“ اجهي پرين ايندا

مان به من اندر وتان اِيها آس رکيوُن

 

 

بخشڻ شاهه

 

[1378]

آهي ته اجهاڳو پنڌ ڙي اديون

مون کي وڃڻ پيو انهيءَ پار ڏي

1-      وارئون سنهڙي تيغئون تِکڙي

ناهين وٿي هڪ سَنڌ ڙي اديون
2-     ڏور وڌي ٿــئيــن ڏاهــــي دلــبــر

فرق فـراق جــي تند ڙي اديون

3-     مــون کــي لالا لطيف جــو لـڳــو

لُنءَ ۾ لَوند ڙي اديون
4-     مسـڪـــيـن “بخشڻ شاه“ چــوي

مليو دوست مٺو دلبند ڙي اديــون

 

 

پتاشو

 

[1379]

کڻي ٻَئي نيڻ نوراني، لايائين جيوت جِيءَ جيري

1-      اکيون باشا بِرهه بحري

هنيائين ڪانَ مون قهري

جگر جِيءَ جانِ ۾ زهري

هڻي ويو هوت ٻئي ڀيري

2-     اکيون اَنور ڪُنڊيون ڪاريون

سڄڻ سَجهئون سي سينگاريون

مُٺيءَ کي محبت ويو ماريُون

هڻي هٿ هوت ڪِيُوَ هيري

3-     ڪري ڳجهيون مِٺيون ڳالهيون

وِڌائين دل اندر دُواليون

سَڪيلا نيڻ مون ماريون

ڪهي ويو ڪات سان ڪِيري

4-     ”پتاشا“ چشم چيائين

گهايل گهُورن سان گهايائين

اندر ۾ آڳ لايائين

وِڌئين جند جان منجهه ڄيري

 

 

 

 

جڙيل شاه

 

[1380]

جيجان جتن کان ڌار، ٿينديس جوڳياڻي جڳ جڳ ۾

1-      ڏونگر ڏورينديس، جيءَ جند گهورينديس الا
        واري وندر سڀ وڻڪار، دُرس دلاسو ٿم دڳ دڳ ۾
2-     سمر ساه کي، آهي ارواح کي الا
        جانب ريءَ مونجهار، ووڙ وجهي ويم وڳ وڳ ۾
3-     جيڪس جاڳنديس، سڄڻ کي سارينديس الا
        جاڳي ڪيم نه جار، نينہ نهوڙي نيم ننڊ ننڊ ۾
4-     ’جڙيل شاهه‘ چوي ننڊ نڀاڳي الا
        سُتي پيم نه سار، دوست هليا ويم اڳ اڳ ۾

 

 

حسين بخش

[1381]

دل ڪــو لُـٽن زوران زري

چِشما ڍولڻ ديان ڪاليان

مَن ڪو موهن زوران زوري

موهن اکيان متواليان

1-      مخفي جو ڏينديان مام وو

زلفان دا گهت ڪي دام وو

هئي هئي کسن آرام وو

نوڪان نينان ديان نراليان

2-     سِر ڪو هَلاون ناز سين

صد شاه آون نياز سين

مڙي نڀاون راز سين

ويکون شاه حسن ديان چاليان

3-     ڪر گهور دليان ڪو کسن

وانگي ساهين دي پِيان ڇُٽن

ڪر قياس هرگز نا هٽن

لڙ ديان سدا لااُباليان

4-     عبدالقادر وه عجب*

جڏهون هِلاوي هر دولب

جب هوشمندان مُذبَذب

سُڻ ڪي سُهڻي ديان ڳاليهان

5-      ”حسين بخش“ هڪ ڄٽ اِٿان

نهين غلامان مَٽ اِٿان

هردم عشق اُلهٽ اِٿان

جِٿان مُلهه کڙوتا لاليان

 

حسين شاه

 

[1382]

جن کي عشق لڳو سي آرام نه ڪن

اهي سو اندر جو ڪنهن سان ڪين سَلن

1-      عشق چاڙهيا ڏاڍا بار نوان

اتي بانڪا ٿيا بيقرار ميان

پسي صورت جو سردار ميان

اهي جوش انهي ۾ ٿا ته جَلن

2-     جيڪي حب ۾ آهن سي هردم

دوست نه وسارن هڪڙو دم

جن جو ڪوهيارل سان پيڙو ڪم

اهي هينڙي سان ٿا هوت ڏي هلن

3-     ”حسن شاه“ چئي سڀ وهم ويو

جڏهن لالڻ پاتو اچي ته لِيو

هاڻي روشن ٿيڙو اندر ڏيو

اتي وحدت جا وير وهن

 

 

 

خاڪي

 

[1383]

تڏنہ ڪاٿي هئين فهم فرقان

عشق جڏنہ پئي لامان کوڙيون

1-      اَمُر نضهِي ميان هاڻي ڏَسين ٿو

پيالو پر سان جڏهن ڏسين ٿو

ڪِيا عقل ڪِيا عرفان

بائُليون بره جو ڏنڙيون ڏوڙيون

2-     عشق باران جان اچي وَسيو آءِ

لا مڪاني لفظ رسيو آءِ

ڪُلُّ مَن عليها فانِ

عشق اسان لئي واڳان ڇوڙيون

3-     عشق جڏهن ڀي هَٽ تي آيو

تڏهن تو ڇو چُمي ڪُلهي تي چايو

تاتي ”والسّماء، حٰه ميم، دُخان

پنڌ عاشقن لئي آيُون اوڙيُون

4-     ”خاڪي“ ڏي جڏهن عشق پئي آيا

آپ خدا ني مرحبا وايا

عشق اسان جو آءِ قرآن

موتواقبل“ جي مام ٿا موڙيون

 

 

 

دائود

 

[1384]

رهي بلڪل نٿي دلڙي، جدا جانب کان ڪريان ڪيئن

1-      عجيبن جان ۾ جوڙي، هنيو خوني خنجر کوڙي
        منهنجو رت جان پر ٻوڙي، جهليائون هٿ سَڃيائون سنبري
                        ڏنــائـــون سور واريـــان ڪيئن

2-     هڻڻ دل لئي ڪيائون ڌاڙو، پڇي آيو پرين پاڙو
        لکين هُيو لوڪ ٻيو سارو، پسنديءَ ۾ اچَي اُڀري
                        ڪڍيئون ڪاتــي لٽايـــان ڪيئن

3-     ڏسي محبوب مستانيون، ٿيون هِن دُرس ديوانيون
        ٿيون في الحال حيرانيون، وڍيو وٽ ويڙهه ۾ وچڙي
                        اکيون اٽڪيون نه ڄاڻان ڪيئن

4-     هڻج ”دائود“ نينهن نعرو، ڪندو ڇا لوڪ جڳ سارو
        ڏنس جڏنهن يار ڏيکارو، شُڪر لِله آيو اُسري
                        ڀَــلــين آيـــو، لــڪــايــــان ڪيئــن

 

 

 

ساقي

 

[1385] روپ تلنگ

اِهين ديدان والي دُنالي، سڀ ڪيتي زُهد زَوالي

1-      سروهه سِپر ڪر سِينا آون، مستو مست موالي
2-     ٿي نيشان نظارا ويکن، ڪامل ڪار ڪلالي
3-     فوج حسن دي فير ڪريندي، بيسر بيک بحالي
4-     ”ساقي“ سر وچ ثابت ڪيتا، جنگي جوش جلالي

 

[1386] روپ تلنگ

اِهين صورت سِرُ سبحاني، هس ڪيتا هوش حيراني

1-      نين تفنگي تير چلائي، پا ڪجل دي ڪاني
2-     سُرخي صاف لبان سِر لالي، مثل ماه ڪنعاني
3-     رمزان دي وچ رمزان رليان، راز کليا رحماني
4-     ”ساقي“ سهڻي سُرڪ پلائي، سير ٿيا سلطاني

 

[1387] روپ تلنگ

ايهو بيک بنايو جاني، پهري پوش آيو انساني

1-      عشق حُسن اچي بازي پٿري، لاشڪ ٿي لاثاني
2-     سِر صفت ۾ ثابت آهي، حاضر حال حقاني
3-     ”وفي انفسڪم“ سمجهه اشارو، ڪامل قول قرآني
4-     ”ڪُل شيءِ محيط منوّر“، ”ساقي“ سِرُ سبحاني

 

[1388] روپ تلنگ

ڪر تاب حُسن بيتاب ڪيتا

اسان فوج فراقان دي ڦٽيان نون

1-      پا ڌار ڪجل دلدار آيا

چمڪار ٿيا دونهين وچون

هر حال حُسن هسوار ٿيا

هُلُ ويک حِلاجي هَٽيان نون

2-     تنہ تاب تکا تجلات ڪيتا

جهلڪار ٿيا جنسار جنگي

هَس هوش هُوَڻ همذات ٿيا

گُمُ گهوران والي گهٽيان نون

3-     مچ مرد مدامي موج ڪرن

ٿي مست منگهن ميخاني ڪنون

منصور ڪيئي مخمور رهن

پي مئي محبت دي مَٽيان نون

4-     سردار ”ساقي“ صاف سچي

اِثبات ڪيتا اِسرار اَصل

وهنوار لڳا ويراڳ والا

آءُ ڪات ڪَلالي ڪَٽيان نون

 

 

سرور

[1389]

ڏس عشق جي بازار، جنهن ۾ طرحين خريدار

1-      ڪيئي اچي سؤدو وٺن، ڪن ميڙا مٿي مٽن
                                        ڪي گهمن بيڪار
2-     ڪن وٺي وڻج وهايو، ڪن پيهي پاڻ ڦرايو
                                        ڪي ڳنهڻ کؤن بيزار
3-     ڪن واپار ڪيو ويهي، ڪن ڀڳو آرس بيهي
                                        ڪِني وڪيا هنڀار
4-     ڪر خريد سِڪَ جي ”سرور“، تنهن ۾ آهي توکي ڪثر
                                        اَٿِي وکر اڪيچار

 

 

شرم خاتون

[1390] روپ سورٺ

منهنجي لڳڙي پريت پياري سان

سچ ساول صورت نياريءَ سان

1-      چينچل چوريءَ ڪا چوٽ چلائي

سانول سورهيه سَٽڪاري سان
        2-     ٽن ٽم ٽور ٽلڻ ڍولــڻ جــي

دلڙي لُٽي لِچڪاريءَ سان
        3-     لڳي پريت نٿي لڪي جاني

پوي ٿي پڌر بي اختياريءَ سان
        4-     سِڪ سَدائي رکــڻ سوائـي

دوست نه ڪم گِلا واريءَ سان
        5-      الله ڪندو شل دم دم ملندين

مُدعي مرندو مُنهن ڪاريءَ سان
        6-     ”شرم خاتون“ جي ڀر سين سائين

پارج پارس پريت ستاريءَ سان

 

[1391] روپ بلاولي

سانون عشق سانول وي چيٽڪ لائي وي يار

سمجهه نه جهيڙ تون مئنون مائي وي يار

1-      مال مِلڪ هُڻ بَٺِ گهَتيجي

سِر ساجن دي ڪم آئــي وي يار

2-     باغ بسؤنــت بهاران ڪُلــي

مُول نه آوي ڪش ڪائي وي يار

3-     جنهن تن لڳڙي سوئي تـن ڄاڻـي

هور نه ڄاڻي ٻيا ڪائي وي يار

4-     درد فراق تيڏي ڪيتي دل ماندي

دوست درد دي ڏيـــويــن دوائــي وي يار

5-      شير شرم ”شرمــان“ دي تئن تــي

شاه نجف مــوليٰ سائين وي يار

 

 

صاحبڏنو

 

صاحبڏنو اُتر طرف جو ويٺل هو ۽ پير صاحب علي گوهر شاه ”اصغر“ جو مٿس اثر هو. سنه 22-1920ع ڌاري لکيل قافين جي هڪ قلمي بياض ۾ سندس ڏهه قافيون شامل آهن.

[1392]

عشق ٿي آسان ڀانيان، نينہ پر اوکو اديون

1-      بحر وحدت جي وِڌيون ٻيڙيون ٻيائي جون ڀڃي
        جي نَهِيءَ جي سير ۾ جهاڳي چڙهيا ناميا نديون
2-     بيٺا سنبري سَهج کؤن ڪمريون ڪولابا حق جا ٻَڌيُون
        پوءِ سالڪن سوريءَ اُتي لائقن لاوان لڌيون
3-     جُهد ڪر جا ڪُون جِئيِن، ڇوڙ تون ڇانوان ٿڌيون
        جن ڇڏيون ”صاحبڏنو“ چوي، سيئي پِرَ کي پهچنديون

 

 

 

صالح

 

[1393]

مُڪو يار نيشاني ڇَلڙو، منهنجو ٿِيَڙو سبب سولڙو

1-      ڇلو چيچ چڱيءَ ۾ پايان، هرهڪ هِئين اکين کي لايان
                        رکــان پنبڻين ۾ پيار لــڙو

2-     ڇلو چوکو آهي چاندي، آڻ ڏِتُڙس ٻانهن سيراندي
                        آهي مُحب ماکيءَ کان مِٺڙو

3-     ڇلو هٿ جنهين جو آهي، يوسف تنهين اڳيان ڇاهي
                        آهـــي سورج کــان سُهڻلـــڙو

4-     ڇلو ”صالح“ کي سُونهين سدائي، جنهن ڏي مبارڪ مِلڻ جي آئي
                        ڪيس ڀال ڀَلي، ٿيس ڀَلــڙو

 

 

عاجز

 

[1394]

رانجهن تَهان جي رخ ۾، چِهرو چَپن مچايو

1-      سُرخي مِسي موچاري، سڄي قرب سان آءِ ساري
        شربت لبن مان جاري، سُرڪي سڄڻ پياريو
2-     لَبڙا لبن سان لايو، نينان نينن سان ملايو
        سينو سيني سان لايو، گولي اوهين گڏايو
3-     چپڙا چوڌاري ڳاڙها، ٻَئِي مَلهه ملنگ مارا
        سنهڙا مٺا موچارا، چپڙا چپن سان لايو
4-     لعلي لبن جي ماريو، ڳڻتين لبن جا ڳاريو
        ماريو توڙِ جياريو، ”عاجز“ تَهان ڏي آيو

 

 

 

عبدالرحيم

 

[1395]

اهڙو عشق بهادر آهي، سب خيال خوديءَ جا کائي

سارو ننگ ناموس لُڙهي

1-      هوڏنهن حسن بيٺو جنگ جوڙي، تير تفنگي توڙي
        خوني خنجر سيني ۾ کوڙي، ته به پير نه پٺتي هٽائي
2-     کيڏي عشق عجائب بازي، روزئون روز رهي سا تازي
        اها گوءِ کڻي ڪو غازي، پنهنجي جان جسم کي جلائي
3-     هڪ بيحد بيقراري، ٻي خلق سندي آءِ خواري
        ٽِين سِرُ ڏيڻ جي تياري، چوٿون پروانو پاڻ پچائي
4-     ”عبدالرحيم“ تون آءُ اوراهون، عشق جو پنڌ آءِ پرانهون
        اچن عاشق سِرڙو سنباهيون، دَمُ اناالحق آلائي

 

 

 

عزت علي

 

[1396]

تڪڙو رهج طالب ادا، متان تر گٿو ترڪي پوين

1-      پختا ڪري تون پير گهر

منجهه بيڪران اونهي بحر

هت هوش رک سالڪ سدا

متان گهير تؤن گِهرڪي پوين

2-     لاهِي اَٿِي آهنجي ادا

چاڙهِي چِڪڻ ٿِي چؤڌاري

محڪم رهج غازي گدا

متان ڦير تؤن ڦرڪي پوين

3-     سِڪ سوز جو تو ساٿ ڪيو

تنهن تي تو ڪيڏو گاٿ ڪيو

هردم رکج خوف خدا

متان راهه تؤن رڙهڪي پوين

4-     ”عزت علي“ ڪر ياد حق

سهڻي جي سِڪ جو پڙهه سبق

مطلب اَٿِي ايهو مُدعا

متان سِر ڇڏي سِرڪي پوين


 


* [11/1369]  کان  [13/1369]  سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوط قافين جي قلمي بياض تان ورتل.

* -4  هن مصرع ۾ ’عبدالقادر‘ ڏانهن اشارو آهي جنهن سان غالباً شاعر جو محبت جو ناتو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org