سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: لب تاريخ سنڌ

باب؛ 3

صفحو ؛ 17

        ان کانپوءِ گورنر صاحب بهادر، سر چارلس اليونٽ صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ سان گڏجي، ڪراچيءَ کان ريل گاڏيءَ رستي سکر روانو ٿي ويو ۽ اتي سر مير فيض محمد خان صاحب بهادر والي ولايت خيرپور سنڌ، ساڻس هڪ خوشگوار ملاقات ڪئي ۽ وري موٽ ۾ گورنر صاحب، مير صاحب موصوف سان سندس قيام گاه ”پير صبريه“ ۾ وڃي ملاقات ڪئي. گورنر صاحب شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ دربارون منعقد ڪيون. خصوصيت سان ڪوئٽاه (شال ڪوٽ) پهچي، سياحت ڪيائين ۽ پوءِ بمبئيءَ روانو ٿي ويو.

        شڪارپور واري دربار ۾ فوج جي پينشر سپاهين جي وڏي قطار ڏسڻ ۾ آئي گورنر صاحب پهريائين انهن سان ڳالهايو ۽ سندن حال احوال همدردي ۽ شفقت سان ٻڌائين ۽ سهڻي نموني ساڻن ملاقات ڪندي، کين فرمايائين ته ”مان فوجي سپاهين جو وڏو قدر ڪندو آهيان. هنن پنهنجون پياريون جانيون اسان جي ملڪ، مال ۽جان تان قربان ڪيون آهن. مان پاڻ به فوجي آهيان ۽ اسان جو خاندان به“. گورنر صاحب جو اهو اشارو غالباً پنهنجي وڏي ڏانهن هو، جو انگريزن جي شروعاتي زماني سڄي هندوستان جو جنرل هو)

(4) مٿئين سال (1312هه مطابق 1895ع) ۾ آخر ۾ افغانستان جي والي امير عبدالرحمٰن خان صاحب بهادر جو ٻيو نمبر فرزند سردار نصر الله خان انگلينڊ جي سير ڪرڻ بعد واپسيءَ تي جهاز جي ذريعي ڪراچي بندر تي اچي پهتو. شهزاده صاحب سان اٽڪل هڪ سؤ معزز ۽ مخصوص ماڻهن جو مختصر عملو ساڻ هو. سندن پهچڻ کان اڳ ۾ بمبئيءَ سرڪار جي منظوريءَ سان سنڌ جي ڪمشنر صاحب معزز مهمانن جي مرحبا ۽ استقبال لاءِ هيٺين چئن ماڻهن کي مقرر ڪيو:

(1) مسٽر ليوڪس صاحب ڪليڪٽر ڪراچي (2) مسٽر جي سليڊن صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ (3) مسٽر ميڪيور صاحب ڪراچي پوليس جو عملدار ۽ (4) خان بهادر خداداد خان سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس جو وڏو منشي.

        هيٺ ڄاڻايل سرڪار لکپڙهه جي اقتباسن مان انهيءَ ڳالهه جي صدارت معلوم ٿيندي. اگرچه سردار صاحب جي تشريف آوريءَ وقت سر چارلس اليونٽ صاحب بهادر هڪ مهيني جي موڪل تي ڪلڪتي ويل هو ۽ سندس جاء تي ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ڪرنل ڪرافورڊ صاحب ڪم ڪري رهيو هو. تاهم اهو سڄو بندوبست انهيءَ جي پاران ئي هو.

انگريز خط نمبر 2820، مؤرخه 21 سيپٽمبر 1895ع جي ٽئين نمبر فقري جي اقتباس جو ترجمو،پاران ڪليڪٽر صاحب ڪراچيءَ جي، جو انهيءَ وقت سنڌ جو ايڪٽنگ ڪمشنر هو:

منهنجو خيال آهي ته جڏهن سردار نصير الله خان صاحب پنهنجن ماڻهن سان گڏجي، ڪراچيءَ ۾ اچي قيام ڪري، ته کيس سرڪاري مهمان سمجهڻ گهرجي ۽ انهيءَ صورت ۾ اهو بهتر ٿيندو ته جنهن وقت ڪرنل غلام رسول خان (هيءُ شخص افغانستان جي والي عبدالرحمٰن خان صاحب بهادر جي پاران هندوستان جي حڪمران جناب گورنر جنرل صاحب  بهادر جي ماتحت رهندو هو) ڪراچيءَ پهچي، انهيءَ وقت پنهنجي ملڪ جو آفيسر خان بهادر خداداد خان سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس جو وڏو منشي ساڻس گڏ رهي، ضروري شين ۽ ٻئي ساز سامان جي موجودگي ۽ سڀني ڪمن جي سر انجاميءَ جو بندوبست ڪري ته جيئن ڪنهن به قسم جي بي بندوبستگي نه ٿئي ۽ سڄو انتظام سهڻي نموني سانٿي وڃي.

انگريزي خط نمبر 432ع مؤرخه 24 سيپٽمبر 1895ع جي فقري نمبر چوٿين جو اقتباس، جو سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر ڏانهن، بمبئيءَ جي سرڪار جي وزير اعظم لکيو ته:

جنهن وقت سردار صاحب بندرگاه تي لهي، انهيءَ وقت استقبالي جماعت وڃي، جنهن ۾ ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر صاحب، اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب، ڪراچيءَ جو پوليس سپرنٽنڊنٽ ۽ خان بهادر خداداد خان وڏو منشي هجي.

تار: سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي پاران بمبئي سرڪار ڏانهن، مؤرخه 24 سيپٽمبر 1895ع ”مراسلي نمبر 427، مؤرخه 21 سيپٽمبر 1895ع جي فقري چوٿين ۾ استقبالي جماعت جي باري ۾ جيڪي تجويز ڪيو اٿو، سو منظور آهي.“

ايجنٽ جنرل صاحب (ڊپٽي جنرل) سنڌ، مراسلي نمبر 2454، مؤرخه 3- آڪٽوبر 1895ع جي فقري نمبر 2 تنبن (خيمن) جي باري ۾ لکي ٿو ته ”ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر صاحب ڏانهن. جيڪڏهن وڏو منشي خان بهادر خداداد خان، تنبن جي انچارج ڏانهن لکندو ته هو سردار صاحب جي ماڻهن لاءِ مناسب تنبن جي نشاندهي ڪندو.“

ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر صاحب پنهنجي مراسلي نمبر 1658، مؤرخه 4 آڪٽوبر 1895ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر صاحب کي لکيو ته ”ايجنٽ جنرل صاحب (ڊپٽي جنرل) جي خط جي ڪاپي مناسب فيصلي جي لاءِ موڪلجي ٿي ۽ انگريزي مراسلي نمبر 495، مؤرخه 30 سيپٽمبر 1895ع جي ڪاپي به، جو انهيءَ جي جواب ۾ خان بهادر خداداد خان جي خواهش تي لکيو هوم.“

ڪمشنر صاحب بهادر پنهنجي مراسلي نمبر 495 مؤرخه 5 آڪٽوبر 1895ع ۾ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر صاحب ڏانهن سندس مراسلي نمبر 1658، مؤرخه 4 آڪتوبر 1895ع جي جواب ۾ لکيو ته ”سردار نصر الله خان جي ماڻهن لاءِ تنبن جي باري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب سمجهي ٿو ته حضور ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب ڪراچيءَ کي سڄوڪم پاڻ تي هموار ڪري، سموري بندوبست جي لاءِ زمه دار ٿيڻ گهرجي. خان بهادر خداداد خان کي ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر صاحب جي ماتحت سڀني ڪمن ۽ ضروريات وغيره جي سر انجاميءَ لاءِ رکيو ويو  آهي.“

5. مٿئين سال (1312هه مطابق 1895ع) ۾ ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ڪرنل ڪرافوڊ صاحب ڪيترائي سال نوڪري ڪرڻ ۽ گهڻين ئي ڪار گذارين ۽ وڏين خدمتن بجا آڻڻ بعد، پينشن وٺي، ولايت روانو ٿيو. روانگي کان اڳ ۾ سندس اعزاز ۾ يورپ وارن خواه سنڌ جي باشندن جي پاران ميونسپالٽيءَ جي باغيچي ۾ جيڪي رونقدار جلسا منعقد ڪيا ويا، سي ڏسڻ وٽان هئا.

6. مٿئين سال ۾ مرحوم خان بهادر محمد حسن علي صاحب افندي مجيدي صدر ”انجمن اسلاميان سنڌ“ وفات ڪئي انا الله وا انا اليه راجعون.

7. سال 1314 هه مطابق 1896ع جي شروع ۾ سر چارلس اليونٽ صاحب پنهنجي حسن ڪارڪردگيءَ سبب پهريائين بمبئي سرڪار جي وزير اعظم جي عهدي تي ۽ پوءِ ”ڪائونسلر“ جي وڏي عهدي تي مقرر ٿيڻ بعد (ڪراچيءَ کان بمبئي) روانو ٿيو ۽ پنهنجي ذمه داري چند ڏينهن لاءِ حيدرآباد جي ڪليڪٽر مسٽر روڊ برن صاحب جي سپرد ڪري ويو.

جيئن ته هن آفيسر (مسٽر ووڊبرن) جي حڪومت جو عرصو مختصر آهي، تنهنڪري سندس ڪار گذاريون نه ٿيون لکجن سواءِ هڪ ڳالهه جي، ته بمبئي سرڪار جي حڪم سان سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي توشاخاني مان هڪ عمده سوني ترار، هڪ شاندار قيمتي خلعت ۽ هڪ آفرين نامو مرحوم پير علي گوهر شاه کي پهچائي ڏيڻ لاءِ، راقم الحروف جي سپرد ڪيا ويا ۽ راقم الحروف پير صاحب موصوف جي شهر ۾ پهچي، هڪ مختصر دربار ۾ کيس هٿو هٿ ڏنا.

مسٽر ايڇ اي ايم جيمس (ڪمشنر) جو ٻيو دفعو اچي چارج وٺڻ

        سال 1314هه مطابق 1896ع ۾ انريبل مسٽر جيمس موڪل تان موٽڻ بعد سنڌ جي ڪمشنريءَ جون ذمه داريون سنڀاليون.

اگرچه حُرن جو فساد، شورشون ۽ خونريزيون گهڻو ڪري بند ٿي چڪيون هيون، مگر انهيءَ ڳالهه جو تحريري اطلاع بمبئي سرڪار کي هاڻي ڏنو ويو. ”بچو“ موچي، جو نالي وارو هو ۽ هن گمراه فرقي جو سرڪردو هو [1] چڪو هو. کيس ضلع ٿرپارڪر جي شهر سانگهڙ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ”شادي پلي“ نالي هڪ ڳوٺ ۾ دربار منعقد ڪري، اڪثر عملدارن، پوليس آفيسرن ۽ زميندارن کي ترارون ۽ لونگيون وغيره عطا ڪيون ويون ۽ سندس (ڪمشنر صاحب جي) لکڻ ۽ سفارش ڪرڻ تي مرحوم پير علي گوهر شاه صاحب کي ”شمس العلماء“ ۽ خان بهادر محمد يعقوب خان کي ”سردار جي لقب سان مسرور ۽ سرفراز ڪيو ويو ۽ هن خاڪسار راقم الحروف کي خدمتگذاري ۽ مددگاريءَ جي ڪري آفرين ۽ شاباد جو مستحق ٺهرايو ويو. بيشڪ، هر که خدمت کرد، او مخدوم شد. گهڻو ڪري چڱي ڪم جو نتيجو چڱو نڪرندو آهي.

سال 1314هه مطابق 1896ع جي آخر ۾ سنڌ جي جاگيردارن ۽ کاتيدارن جي ملڪيتن جي واگذاريءَ جو قاعدو، جنهن جو نالو ”قاعدو نمبر 2، سال 1886ع“ آهي، انريبل مسٽر جيمس جي سفارش سان سرڪار جي پاران بحال ڪيو ويو ۽ قرض ۽ وياج جي ڪيس فيصل ڪرڻ لاءِ هڪ عملدار مقرر ڪيو ويو، جنهن کي ”مئنيجر“ سڏيو ويندو، جو قرض ۽ وياج جا فيصلا ڪندو. انهيء مفيد ۽ سهڻي تجويز جي ڪري سمورا جاگيردار، زميندار ۽ کاتيدار بي حد خوش ٿيا. نه ته (ان کان اڳ ۾) هندو، قرض ۽ سود در سود جي چڪر ۾ سندن ملڪيتن (زمين) جا مالڪ ٿي ويندا هئا. انهيءَ ڪري هو (جاگيردار ۽ زميندار) آنريبل مسٽر جيمس جي تعريف ٿا ڪن جو انهيءَ جي ئي ڪوشش سان کين ايڏي سهولت ملي آهي. بيشڪ هيءُ قاعدو تمام ضروري هو. اگرچه سال 1290هه مطابق 1875ع ۾ سر وليم ميري ويدر صاحب (ڪمشنر سنڌ) جي ايامڪاريءَ ۾ ساڳئي مسٽر جيمس جي ڪوشش سان، جڏهن هو اڃا ڊپٽي ڪليڪٽر هو، اهڙو قاعدو جاري ڪيو ويو هو. مگر دعوائن جي شنوائي جو عرصو تمام ٿورو يعني فقط ڇهن مهينن جيترو هو. جيئن ته موجوده قاعدي جي مدت وڌائي، ويهه سال ڪئي وئي آهي، تنهنڪري سڀئي قرضدار آزاد ٿي سگهندا.

سال 1314هه مطابق 1896ع ۾ پير علي گوهر شاه صاحب وفات ڪئي. انا الله و انا اليه راجعون. مرحوم پير صاحب بي اولاد فوت ٿيو، جنهنڪري سندس ٽيون نمبر ڀاءُ شاه مردان شاه سندس جانشين ٿيو.

مٿين سالن ۾ ٽيون ڀيرو آنريبل جيمس صاحب کي ڪلڪتي ڏانهن سخت قحط ساليءَ جي معاملن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ منتخب ڪري موڪليو ويو،. بيشڪ، سڄي هندوستان مان اهڙي مدبر ۽ سياڻي عملدار جو انتخاب سندس غير معمولي دانائي ۽ ديانتداريءَ جي ڪري ڪيو ويو ۽ سچ پچ اهڙن نازڪ ۽ اهم ترين ڪمن لاءِ اهڙو ئي سياڻو ۽ لائق عملدار منتخب ٿيڻ گهربو هو.

مٿين سالن ۾ درياء مهراڻ (سنڌو ندي) جي مٿان ڪوٽڙيءَ وٽ (اولهائين پاسي کان) ۽ گدو بندر وٽ (او ڀارين پاسي کان) سرڪار پل تعمير ڪرڻ جي رٿ منظور ڪئي، جنهن جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، ۽ اميد آهي ته سال 1318هه مطابق 1900ع ۾ ٺهي راس ٿيندي، ۽ سندس افتتاح ٿي ويندو.

پندرهون ڪمشنر: مسٽر ونگيٽ صاحب (ايڪٽنگ)

        سال 1314هه مطابق 1897ع جي آخر ۾ بمبئيءَ کان ڪوٽڙي (سنڌ) ۾ وارد ٿيو. سندن اسستنٽ پهريائين مسٽر جي. سليدن صاحب هو ۽ پوءِ مسٽر لارينس صاحب ٿيو. ونگيٽ صاحب ڏاڍو بردبار هو. ڪمشنريءَ جو ڪاروبار نهايت بردباري، ڌيرج ۽ سياڻپ سان سر انجام ڪندو رهيو. دستور ۽ معجول وارا ڪم تمام سهڻي نموني سان ادا ڪندو هو.

سندس ايامڪاريءَ ۾ طاعون يا هيضي جي بيماري ڦهلي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ پليگ سڏيندا آهن. زياده تر بيماريءَ جو زور ڪراچي، ٽي، حيدرآباد، ڪوٽڙي، سکر ۽ شڪارپور شهرن ۾ هو. انگريز سرڪار جي ملازمن، يورپي ڊاڪٽرن جي صلاح سان بيماريءَ جي مدافعت ۽ خاتمي لاءِ ڪيترن ئي قسمن جون ڪوششون ڪيون. ڊاڪٽرن جي راءِ گهڻو ڪري هيءَ هئي ته هيءَ منحوس بيماري غلاظت، گندگي ۽ بدبوءِ جي ڪري ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري ان جي علاج وقت صفائي، تازي هوا ۽ ڪُشادو ۽ خلاصو ٿي رهڻ لاءِ زور ٿي ڀريائون ۽ خوشبودار دوائون ٿي ڏنائون، جنهنڪري ڪجهه نه ڪجهه مڙئي بيماريءَ جي اثر ۾ هلڪائي پئي ٿي ۽ اهڙي ريت مٿي ڄاڻايل شهر هن منحوس بيماريءَ کان آزاد ۽ پاڪ صاف ٿيا. بيماريءَ ۾ هزارها ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيون يعني سڄي سنڌ ۾ پنج هزار ماڻهو بيماريءَ جو بک ٿيا [2] ۽ اٽڪل هڪ لک رپيا سرڪار ۽ ميونسپالٽين جا خرچ ٿي ويا. انگريز سرڪار جي ملازمن کي آفرين، بلڪه هزار آفرين هجي. جو رعيت جي خاطر، جا الله جي مخلوق آهي، ايتر5يو خرچ ڪيائون ۽ ايڏي ڪوشش ورتائون، جنهن جو نتيجو آخرڪار چڱو نڪتو. اگرچه هن بيماريءَ جي تدارڪ ۽علاج وغيره جي باري ۾ يورپ جي ڊاڪٽرن جي راءِ اها هئي، جا مٿي بيان ڪئي وئي، تاهم صحيح روايتن موجب هيءَ بيماري ”آسماني آفت“ آهي، جا حضرت موسيٰ عليه السلام جي خواهش ۽ دعا سان بني اسرائيل جي گمراه ماڻهن جي مٿان سندن بُرن افعالن جي ڪري نازل ٿي هئي ۽ اسان جي نبي آخر الزمان صلي الله عليه و آله وسلم جي زماني ۾ به ڪيترائي ڀيرا ٿي آهي. هن وبائي بيماريءَ پيدا ٿيڻ وقت اُن کي ٽارڻ لاءِ هيٺيون تسبيحون پرهڻ گهرجن، جي بالڪل مجرب آهن:

(1) لاَ اِلٰهَ اِلا اَنتَ سُبحَانَڪَ اِني ڪُنتُ مِنَ الظاَلِمِينَ.

(2) سُبحَانَ اللهِ وَ الحَمدُ للهِ وَلاَ اِلٰه اِلا اللهُ وَ اللهُ اَڪبَرُ وَلاَ حَولَ وَلا قُوة اِلا بِاللهِ العَلي اِلعَظِيم.

(3) سُبحانَ اَللهِ وَ بِحَمدِه، سُبحَانَ اللهِ.

العظيم وَ بِحَمدِه. اَستَغفِرُ اللهَ رَبِي مِن ڪُل ذَنب وَ اَتُوبُ اِلَيهِ.

درود شريف: اَللهُم صَل عَليٰ سيَدِ نَا وَ مَولاَ نَا مُحمدِ وَ عَليٰ آلِ سَيدِ نَا وَ مَولاَ نَا مُحمد. بِعَدَدِ، ڪُل دَاءِ وَ دَوَاءِ وَ بِعَدَدء ڪُل مَرَض. وَ شِفَاءِ.

        وبا جي بيماريءَ جي باري ۾ انگريز سرڪار جي عملدارن جون تجويزون گهڻو ڪري اسان جي حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي حڪم ۽ حديث جي مطابق آهي. حديث شريف ۾ آهي ته فَاِ ذآاسَمِعتُمِ اِنَ الطاعُونَ وَ قَعَ بِاَرض فَلاَ تَدُ خُلُو هَا، فَاِ ذَا وَقَعَ بِاَرض وَ اَنتُم بِهَا فَلاَ تَخرُ جُوا مِنهاَ. (يعني اوهان جڏهن ٻڌو ته فلاڻي ملڪ ۾ طاعون جي بيماري پئي آهي ته اتي نه وڃو ۽جتي اوهان رهو ٿا، اتي بيماري پوي، ته اتان نڪري ٻئي هنڌ نه وڃو) اهڙيءَ ريت اسلامي ڪتابن ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون آهن، جي يورپ جي ڊاڪٽرن جي طريقهء علاج سان مشابهت رکن ٿيون. ائين ڇو نه ٿئي، جو يورپ جا ڊاڪٽر وڏي عقل ۽ سمجهه وارا ۽ زماني جا آزمودگار آهن.

        اگرچه ظاهر ۾ سنڌ جي اندر تندرستن ۽ بيمارن کي هڪ ٻئي کان الڳ رکڻ ۽ گهرن، ڪپڙن ۽ ٻئي گهريلو سامان وغيره جي صفائي ڪرڻ ۾ ماڻهن کي وڏيون تڪليفون پهتيون، تاهم يورپي ڊاڪٽرن جون سموريون تجويزون بي مقصد ۽ بي معنيٰ نه ٿيون ۽ نه وري بي مقصد ٿي سگهن ٿيون. البت ايڏي افرا تفريءَ جي زماني ۾ ماڻهن جي ملڪيت جي سنڀال بالڪل مشڪل هئي، جا اوباش ماڻهو موقعي مان فائدو وٺي ڦري لٽي ويا.

2. سال 1314هه مطابق 1897ع ۾ ڪن يورپي صاحبن خواه مخواه راقم الحروف جي خلاف فرياد داخل ڪيو ته سندس ڪراچيءَ واري گهر جي ٻاهران گندگي موجود رهندي آهي. جنهن  تي آخري تحرير نمبر 2212، مؤرخه 67 آگست 1898ع ۾ لکيو ويو ”خانبهادر خداداد خان پنهنجي حسن اخلاق، ايمانداري ۽ سهڻي نموني سان خدمتن بجا آڻڻ سبب نيڪ نامي حاصل ڪئي اهي، انهيءَ صورت ۾ ههڙو فرياد بنا ڪنهن سبب جي مٿس ڪرڻ نه گهرجي.“ گويا اهو فرياد منهنجي لاءِ مفيد ثابت ٿيو.

3. سال 1314هه مطابق 1897ع ۾ قنڌار جو سابق والي مرحوم سردار شير علي خان، جنهن کي ڪراچيءَ ۾ پنج هزار رپيا پينشن ملندي هئي، انتقال ڪري ويو. انا الله و انا اليه راجعون.

4. سال 1315هه جي شروع ۾ ۽ 1897ع جي آخر ۾مسٽر ونگيٽ، اُنهن خدمتگذارين جي صله ۾، جي هن صاحب طاعون ڦهلجڻ واري زماني ۾ ڪيون هيون، بمبئي جي وزارت عظميٰ (چيف سيڪريٽري) جي عهدي تي مقرر ٿيڻ بعد بمبئيءَ روانو ٿيو، ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جون ذمه داريون ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر مسٽر آر جائيلس جي سپرد ڪري ويو، جيستائين آنريبل جيمس صاحب هندوستان ۾ پيدا ٿيل قحط ساليءَ جي معاملن کي منهن ڏيڻ بعد واپس اچي.

مسٽر جيمس جو ٽيون ڀيرو اچي چارج وٺڻ

        سال 1315هه مطابق 1898ع ۾ بمبئيءَ جي گورنر لارڊ سينڊ هرسٽ صاحب بهادر جيڪب آباد (سنڌ) ۾ دربار منعقد ڪئي، جنهن ۾ سر فيض محمد خان صاحب بهادر والي رياست خيرپور به پنهنجي اولاد ۽ معزز دربارين سميت تشريف آور ٿيو. انهيءَ دَربار دُربار ۾ سمورا مير صاحب ۽ سڄي سنڌ جا معزز جاگيردار ۽ نامور زميندار مدعو ڪيا ويا هئا. ڇا ڪاڻ ته انهيءَ دربار ۾ مير فيض محمد خان صاحب کي لارڊ موصوف جي هٿان ”جي سي آءِ اي“ (يعني ”سر)) جو خطاب هڪ تمغي ۽ عالي شان جنبي سميت عطا ٿيو. جنهنڪري مير صاحب موصوف بي حد خوش ٿيو. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته هيءُ اهو ئي شاندار خطاب آهي، جو مير فيض محمد خان جي والد بزرگوار مرحوم سر مير علي مراد خان کي پنجاه سال حڪومت ڪرڻ بعد ۽ بهترين ۽ هر قسم جي خدمتن بجا آڻڻ بعد سرڪار نامدار وٽان عطا ٿيو هو، مگر آنريبل مسٽر جيمس صاحب، سر مير فيض محمد خان، صاحب کي فقط پنجن سالن جي حڪمرانيءَ بعد وٺي ڏنو. بيشڪ، اها سموري همت، سياڻپ ۽ مهرباني آنريبل مسٽر جيمس صاحب بهادر جي هئي، جو هميشه سرڪار سان وابسته ماڻهن ۽ پنهنجن زيردستن جي ڀلائيءَ جو خواهشمند هوندو آهي. انهيءَ دَربار دُربار جو بندوبست هن خاڪسار راقم الحروف جي هٿان ٿيو، جنهن جو پتو پڙهندرن کي هيٺين لکپڙهه مان پوندو:

نمبر 204

انگريزي مراسلي نمبر 647، مؤرخه 16 ڊسمبر 1898ع

(پوليٽيڪل ڊپارٽمنٽ) جو تصديق شده ترجمو

مهربان ڊپٽي ڪمشنر صاحب اپر سنڌ (جيڪب آباد) ڏانهن.

        انهيءَ اطلاع جو نقل موڪليو وڃي ٿو، جو هن کان اڳ ۾ مرحوم سر مير علي مراد خان صاحب کي جي سي آءِ ايس جو لقب عطا ٿيڻ وقت مهربان ڪليڪٽر صاحب شڪارپور ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ صاحب رياست خيرپور وٽان پهتو هو، ۽ اهو اطلاع به مراسلي نمبر 234 سان گڏ هلندر مهيني جي 14 تاريخ هن آفيس جي طرفان موڪليو ويو آهي. انهن ٻنهي اطلاعن کي ڇپارائي، سڀني ضلع آفيسرن ڏانهن موڪليو وڃي ۽ جيڪي سردار ۽ معزز هن دربار ۾ حاضريءَ جا خواهشميد هجن، انهن جا نالا مسٽر ميڪنزي صاحب (ڊپٽي ڪمشنر) کي موڪليا وڃن.

(2) خان بهادر خان ڪمشنر صاحب جي آفيس جي وڏي منشيءَ کي حڪم ڏنو وڃي ته مسٽر ميڪنزي صاحب سان گڏ رهي، سندس مدد ڪري. جيڪي ماڻهو دربار ۾ اچن، انهن کي انهن جاين تي ويهاري، جيڪي هنن جي لياقت آهر هنن جي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. مهربان ڪليڪٽر صاحب شڪارپور  ۽ پوليتيڪل ايجنٽ (خيرپور) کي لکيو وڃي ته نون ڏينهن جي موڪل پوري ٿيڻ بعد، فوراً اسستنٽ ڪليڪٽر روهڙي ۽ مئجسٽريٽ صاحب شڪارپور کي موڪلي ته هو هت اچي بندوبست رکڻ ۾ مدد ڪن. جناب گورنر صاحب بهادر بمبئيءَ جي تشريف آوريءَ تي جيڪو به خرچ اچي، ان جو حساب پوري خبرداريءَ سان رکيو وڃي ۽ ادائگي لاءِ بل هن آفيس کي موڪليو وڃي ته انهيءَ موجب ادائگي ڪرڻ ۾ اچي.

ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ جي حڪم سان

صحيح

مسٽر جي سليڊن صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ

انگريزي مراسلي نمبر 59 (پوليٽيڪل ڊپارٽمنٽ) آفيس ڪمشنر صاحب (ڪيمپ جيڪب آباد) مؤرخه 12 جنوري 1898ع جو تصديق شده ترجمو

هز هائينس مير حاجي نور محمد خان حيدرآباد، سڀاڻي، 13 جنوري 1898ع 12 بجي گورنر صاحب بهادر بمبئيءَ جي ملاقات لاءِ ايندو ۽ ڪمشنر صاحب جي ڪيمپ ۾ هڪ تنبوءَ ۾ قيام ڪندو، ۽ وري ٿوري دير بعد جناب گورنر صاحب، مير صاحب موصوف جي جوابي ملاقات لاءِ ايندو، خان بهادر خداداد خان، هز هائينس حاجي مير نور محمد خان سان گڏجي ڪمشنر صاحب جي تنبوءَ ۾ اچي پوءِ اتان مير صاحب کي حيدرآباد جو ڪليڪٽر وٺي ويندو.

ڪمشنر صاحب جي حڪم سان

صحيح

مسٽر جي سيلڊن صاحب

اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ

        جيڪب آباد جي دربار جي باري ۾ راقم الهروف کي جيڪو حڪم جيڪب آباد جي ڊپٽي ڪمشنر صاحب وٽان پهتو هو، ان جو اختصار هيٺينءَ ريت آهي:

منهنجا دوست خان بهادر خداداد خان!

        جيڪب آباد جي دربار جو بندوبست ڪمشنر صاحب بهادر جي حڪم موجب اوهان جي ذمي رکيو ويو آهي، تنهنڪري اوهان وڏي ڏاکڻي دروازي تي پاڻ حاضر رهي، اهڙو خيال رکو جو ڪنهن به قسم جي ڪا گهٽ وڌائي نه ٿئي.

فقط. تاريخ 13 جنوري 1899ع.

صحيح

ميڪنزي صاحب ڊپٽي ڪمشنر سرحد سنڌ

(6) سال 1318هه مطابق 1898ع ۾ آنريبل مسٽر جيمس صاحب بهادر کي ”اسٽار آف انڊيا“ (هندوستان جو ستارو) جو معزز لقب مليو. بيشڪ، جيمس صاحب سڄي هندوستان ۾ منهنجن همعصرن جي وچان ڄڻ ستارو هو، جنهنڪري کيس اهڙي وڏي شاندار خطاب سان نوازيو ويو. ان کانپوءِ صاحب موصوف هندوستان ۾ پيدا ٿيل قحط ساليءَ جي باقي رهيل معاملن جي تصفيه لاءِ جيڪب آباد کان ڪلڪتي روانو ٿي ويو، ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جو انتظار ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر مسٽر آر. جائيلس جي سپرد ڪيائين.

سورهو ڪمشنر: مسٽر آر جائيلس صاحب (ايڪٽنگ)

        سال 1315هه مطابق 1898ع ۾ ڪراچيءَ کان جيڪب آباد آيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جون ذمه داريون سنڀاليائين. جيئن ته هيءُ صاحب ڪيترن ئي سالن تائين سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر، شڪارپور ۽ ڪراچي ضلعن جو ڪليڪٽر ۽ اپر سنڌ (جيڪب آباد) ۽ ٿر پارڪر ضلعن جو ڊپٽي ڪمشنر رهي چڪو هو ۽ تمام سهڻي نموني سان حڪومت جو ڪاروبار هلايو هئائين، ان ڪري نهايت ئي همت ۽ عقلمنديءَ سان ڪمشنريءَ جي ذمه دارين کي نباهيائين. پهريائين مسٽر جي سيلڊن صاحب سندس اسسٽنٽ هو. جائيلس صاحب معمول مطابق جيڪي روز مره جا ڪم سر انجام ڪيا، انهن کان قطع نظر، جيڪي نازڪ ۽ وڏا ڪم ڪيائين يا سندس ايامڪاريءَ ۾ جيڪي عبرت آموز هالات پيدا ٿيا، هت انهن کي قلمبند ڪيو وڇي ٿو:

مٿن سالن (1315هه مطابق 1898ع) ۾ وري طاعون جي منحوس بيماري ڪراچيءَ ۾ واپس آئي ۽ ايڏي شدت سان آئي، جو گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ ماڻهن جي مرڻ جو تعداد وڌي ويو. انهيءَ صورت حال جي پيش نظر صفائي، رهائش ۽ خلاصائي ۽ دوادرمل وغيره جو اهڙو انتظام ڪيائين، جو ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي بئي ڪنهن شهر ۾ هڪڙو ماڻهو به نه مئو. اگرچه ڪراچي شهر جي ”پشاوري نانوائين“ جي محلي ۾ فساد جهڙيون حالتون پيدا ٿيون، مگر وقت جي حڪمران (مسٽر جائيلس) جي حسن اخلاق جي ڪري ۽ راقم الحروف کي حالتن سڌارڻ جو حڪم ڏيڻ ڪري، شورش ختم ٿي وئي، حالتون سڌري ويون ۽ ماڻهو راضي ٿي ويا.

انهن سالن ۾ وري ”حُر فرقي“ جي شرير ماڻهن مٿي ڄاڻايل سرحدن تي گمراهي ۽ بدڪاري ڦهلائي (شورش برپا ڪئي). مگر وقت جي حڪمران جي سهڻين تجويزن ۽ سهڻي بندوبست سبب امن امان قائم ٿيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ پير شاه مردان شاه کان جيڪا مدد ورتي وئي، ان جو نتيجو سٺو نڪتو.

مسٽر جيمس جو چوٿون ڀيرو اچي چارج وٺڻ

        سال 1315هه مطابق 1898ع جي آخر ۾ وري آنريبل مسٽر جيمس صاحب قحط ساليءَ جي معاملن کان فارغ ٿي، دارالحڪومت ڪلڪتي کان ڪراچيءَ آيو ۽ ڪمشنريءَ جي عهدي جون واڳون ورتائين ۽ نهايت ئي هوشياري ۽ داندائي سان خلق خدا جي ڀلائي لاءِ، جيئن شروع کان سندس عادت هئي، ڪوششون ڪندو رهيو. انهن ڏينهن ۾ مسٽر ڪينڊل صاحب سندس اسستنٽ هو، جنهن سندس خوب مدد ڪئي.

طاعون جي منحوس بيماري اڇا پوري طرح دفع نه ٿي هئي. مگر آنريبل جيمس صاحب جي اچڻ بعد سندس سهڻين تجويزن سان هڪدم دفع ٿي وئي. بيسڪ، بزرگن جو چوڻ آهي ته ”هر انسان جي قدم ۾ زمين ۽ آسمان جي مالڪ (الله) جي فضل سان چڱو اثر هوندو آهي“. جيڪڏهن قارئين ڪرام بُرو نه ڀانئين ته اها ڳالهه واضح ڪئي وڃي ته ”لُبِ تاريخ“ جي هن مؤلف مسٽر جائيلس، آنريبل مسٽر جيمس صاحب ۽ پنهنجن عزيزن قريبن ۽ معزز دوستن جي صلاح جي باوجود پنهنجو بنگلو نه ڇڏيو ۽ قدم ٻاهر نه رکيائين، بلڪه الله تي توڪل ڪري، درود شريف ۽ تسبيح پاڪ ۾ مشغول رهيو. الله جي حڪم ۽ تسبيحن جي برڪت سان خير جي گذري وئي. اهڙيءَ ريت سکر ۾ منهنجا جيڪي عزيز ۽ دوست هئا، اهي به منهنجي نقش قدم تي هلي، گهر کان ٻاهر نه نڪتا. قرآن پاڪ جو ارشاد آهي ته فَاِز اجاءَ اجلهم لاَيَستَا خيرُ ونَ سَاعَةَ وَ لاَ يستَقدِ مُونَ (يعني جڏهن هنن جو موت اچي ٿو ته هڪڙي گهڙي به اڳي پوءِ نه ٿا ٿين). پوءِ انهيءَ آيت سڳوري جي مصداق هن خاڪسار جي جنا به ۽ عزيزن دوستن جي جان به ڪراچيءَ ۾ خواه سکر ۾امن امان ۾ رهي.

آخر ۾ هيءُ چند سٽون آنريبل مسٽر جيمس صاحب جي خصوصيتن جي بيان ۾ قلمبند ڪيون وڃن ٿيون. پڙهندڙ هيءَ ڳالهه نهايت ئي تعجب ۽ دلچسپيءَ سان پڙهندا:

جيمس صاحب کي جڏهن ڪائونسل جي معزز عهدي تي مقرر ڪيو ويو، ته هن رومزره (ڪمسنريءَ جي عيهدي) جا فرائض معطل ڪري ڇڏيا. يعني هاڻي کيس اڳين ڊيوٽي ڏيڻي ڪا نه هئي. مگر انهيءَ هوندي به جيمس صاحب سرڪار کان گهٽ پگهار سان پندرهن ڏينهن جي موڪل وٺي، چند نازڪ سرڪاري ڪم، جي رهجي ويل هئا، پورا ڪيا. راقم الحروف سترهن ڪمشنرن جي ماتحت رهيو آهي ۽ هميشه پنهنجي ڊيوٽي تي موجود رهيو آهي، مگر ڪڏهن به ڪنهن اعليٰ عملدار کي ائين ڪندي نه ڏٺو اٿس ته پنهنجي پگهار جو نقصان سهي، سرڪار جو ڪم سر انجام ڪري. اِهو سرڪار سان خير خواهيءَ جو عجيب مثال آهي.

سال 1312هه مطابق 1898ع جي شروع ۾ بمبئي سرڪار کي راقم الحروف جي باري ۾ سفارش ڪيائين ته کيس ”پينشن“ جي طور تي سموري پگهار خصوصي نموني ۾ عطا ڪئي وڃي ۽ انهيءَ سفارس ۾ نهايت ئي خوش اسلوبيءَ سان ۽ سهڻي لهجي ۾ سهڻا الفاظ درج ڪيائين ۽ راقم الحروف جي محنت، هوشياري ۽ سرڪاري معاملا ت ۾ 45 سالن کان ايمانداريءَ سان خدمتگذاري وغيره جو ذڪر ڪيائين. جيئن ته اها سفارشي لکپڙهه ”نيم سرڪاري“ قسم جي هئي، انهيءَ ڪري ان جو تفصيلي احوال لکڻ ۽ هر خط ۽ جوابي خط جو حوالو ڏيڻ بالڪل مشڪل آهي ۽ نه وري راقم الحروف کي انهيءَ لکپڙهه جو نقل ئي مهيا ڪيو ويو آهي، جو ان جو تصديق ٿيل ترجمو پيش ڪري سگهجي. مگر الله تعاليٰ جي بارگاه ۾ قوي اميد آهي ته بلند اخلاقيءَ کان ڪم وٺي ۽ عمومي ڀلائي جو خيال ڪري، راقم الحروف جو ذڪر سهڻي انداز ۾ ڪيو ويو هوندو. جنهن ٽيهن سالن کان عوامي ڀلائي جا ڪم ڪندي ۽ عوام جي نگاهن جي اڳيان سهڻو وقت گذاريو آهي.

سال 1316هه مطابق 1898ع جي شروع ۾ جڏهن بامبي ڪائونسل جي معزز عهدي تي فائز ٿيڻ بعد، بمبئيءَ تشريف نيئي رهيو هو، ته ڪمشنريءَ جي ايوان ۾ پنهنجن سڀني ماتحت آفيسرن سان گڏجي تصوير (فوٽو) ڪڍايائين، جنهن ۾ پاڻ وچ ۾ تشريف فرما آهي. ڪمشنر صاحب جي بنگلي ۽ آفيس ۾ بلڪه سڀني زيردست ملازمن وٽ انهيءَ مبارڪ تصوير جون ڪاپيون موجود آهن ۽ اِهو کيس ياد ڪرن ۽ سندس حق ۾ دعا ڪرڻ جو ذريعو آهي.

سال 1316هه مطابق 1898ع ۾ تشريف نيڻ وقت پنهنجن سڀني ماتحت آفيسرن ۽ ملازمن کي سندن ڪار گذارين ۽ لياقتن آهر نيڪ ناميءَ جا پروانا عطا ڪيائين ۽ راقم الحروف کي هيٺئين مضمون تي مشتمل پروانو ڏنائين:

”خان بهادر خداداد خان جي باري ۾ تازو (بمبئي) سرڪار کي (جيڪي) لکيو ويو آهي (اهو ڪافي آهي) وڌيڪ لکڻ جي ضرورت ڪانهي. تاهم هت ڪجهه لکجي ٿو ته هو پنجيتاليهن سالن تائين ايمانداريءَ سان (انگريز) سرڪار جي بهترين خدمتگذاريءَ بعد هاڻي آرام ڪرڻ (پينشن تي وڃن جو ارادو رکي ٿو ۽ جڏهن ويندو ته سر بارٽل فريئر صاحب جي حڪمرانيءَ جي زماني جا راز (يعني انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين جا راز) ۽ علم ۽ معلومات جي خزاني جون صندوقون پاڻ سان کڻي ويندو.

جولاءِ 1898ع.

صحيح

آنريبل مسٽر جيمس صاحب بهادر

ڪمشنر سنڌ

روانگيءَ وارن ڏينهن ۾ راقم الحروف کي ٻن هزار رپين جي سوني ترار سان نوازيائين ۽ هڪ تمغو عطا فرمايائين، جنهن تي انگريزي ۽ فارسيءَ ۾ هيءَ عبارت اُڪريل هئي: ”سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي پاران ، خان بهادر خداداد خان کي سندس بهترين ۽ گهڻي عرصي تائين ڪيل خدمتن سبب عطا ڪيو ويو. جولا3 1898ع مطابق صفر المظفر 1316هه.“

بيشڪ، هيءُ سڀ ڪجهه الله جي فضل ۽ سندس خاص مهربانين جو اثر آهي ۽ آنريبل مسٽر جيمس صاحب بهادر جي شفقت. نه ته راقم الحروف ڪهڙي شيءِ آهي. راقم الحروف کي پنهنجي باري ۾ پاڻ معلوم آهي ته هن جي قيمت تِر جيتري به نه آهي. جيڪڏهن الله جو فضل و ڪرم ائين ئي جاري رهيو ته راقم الحروف جي قيمت جو ڪاٿو ئي نه رهندو.

سال 1316هه جي شروع ۾ (سال 1898ع جي وچ ڌاري) جنهن ڏينهن آنريبل مسٽر جيمس صاحب بهادر روانو ٿي رهيو هو، تڏهن مهرباني فرمائي راقم الحروف جي باري ۾ پنهنجي آفيس ۾ هيٺيون نوٽ ڇڏي ويو:

”مان سنڌ ۾ هجان يا نه هجان، خان بهادر خداداد خان کي، جو هاڻي پينشن تي وڃن جو ارادو رکي ٿو، سندس لياقت، گهڻي عرصي جي ملازمت ۽ 45 سالن تائين ايمانداريءَ سان بهترين خدمتگذاريءَ جي عيوض ٽي سؤ ايڪڙ ٽئين نمبر جي جاگير ڏني وڃي.“

جيمس صاحب جي روانگيءَ وقت ڪياماريءَ جي بندرگاه تي عام ۽ خاص ماڻهو اچي گڏ ٿيا، جن ۾ يورپي، ڪراچي شهر ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن جا باشندا به هئا، انهيءَ موقعي تي جيمس صاحب کي الوداع دعوت ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. شربت، چاءِ ۽ خوردو نوش جو سهڻو انتظام هو. انگريزي بئنڊ وڄي رهي هيئ. جيمس صاحب کي جيڪا الوداعي ايڊريس پيش ڪئي وئي، ان ۾ سندس ڪار گذارين جو ذڪر خير ڪيو ويو هو. اهڙي الوداعي مجلس هن کان اڳ ۾ ڪنهن به ڪمشنر جي اعزاز ۾ منعقد نه ڪئي وئي هئي. جيمس صاحب ٻيڙيءَ تي سوار ٿيڻ کان اڳ ۾ وڏي خوشيءَ سان سڀني سان هٿ ملائي موڪلايو. راقم الهروف سان به وڏي خوشيءَ سان هٿ ملايائين، ڇو ته مون تي ڏاڍو مهربان هو. موڪلائڻ وقت بي اختيار منهنجي واتان هيءُ بيت نڪتو:

بهرجا که باشي خدا يار تو،

خداوند گيتي نگهدار تو.

(تون جتي به هجين، الله تنهنجو مددگار هجي

۽ زماني جو مالڪ (الله) تنهنجو نگهبان ٿئي).

        سچ پچ، مون اهو بيت خوشامد ڪري نه چيو، بلڪه بي اختياريءَ جي عالم ۾ منهنجي واتان نڪتو.

مسٽر جائيلس ٽيون ڀيرو ايڪٽنگ ڪمشنر ٿيو

        انهيءَ ئي سال (1616هه مطابق 1898ع ۾) مسٽر آر. جائيلس ٽيون ڀيرو سنڌ جو ايڪٽنگ ڪمشنر ٿيو. هيءُ عملدار جيئن ته وڏو هوشيار ۽ سنڌ جي حالات کان چڱي طرح آگاه هو، انهيءَ ڪري وڏي هوشياريءَ سان سرڪاري معاملات ۽ روزمره جو دستوري ڪاروبار هلائڻ شروع ڪيائين. سندس اسسٽنٽ شروع ۾ مسٽر ڪينڊل صاحب، پوءِ مسٽر ريو صاحب ۽ ان کان پوءِ مسٽر وان صاحب هئا. هن جي ايامڪاريءَ ۾ جيڪي اهم ڪم ٿيا يا عجيب و غريب حالات پيدا ٿيا، اهي هت درج ڪيا وڃن ٿا:

مٿي جھاڻايل سالن (1316هه مطابق 1898ع) ۾ ڪراچيءَ جي انهن باشندن ۽ سرڪاري ملازمن کي لونگيون ۽ گهڙيون انعام طور ڏنيون ويون، جن پليگ جي منحوس بيماريءَ وقت مدد ڪئي هئي.

بيشڪ، هرکه خدمت کرد، او مخدوم شد.

انهيءَ ئي سال، آنريبل مسٽر جيمس صاحب جي نوٽ ملاحظه ڪرڻ بعد، جو راقم الهروف کي ٽي سؤ ايڪڙ زمين ڏيڻ جي باري ۾ هو، بمبئي سرڪار کي سفارش ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي ڪريمانه اوصاف سبب از راه مهرباني جيڪي مشفقانه الفاظ لکيائين، پڙهندرن کي انهن جو پتو هيٺين خط مان پوندو جو بمبئي سرڪار کي موڪليائين:

مراسلي نمبر 1316، مؤرخه 22 آڪٽوبر 1898ع جو تصديق شده ترجمو، جو سنڌ جي ايڪٽنگ ڪمشنر مسٽر جائيلس صاحب بمبئي سرڪار کي لکيو

پوليٽيڪل ڊپارٽمنٽ

نمبر 1616

تاريخ 22 آڪٽوبر 1898ع

منهنجا سائين!

        آنريبل مسٽر جيمس صاحب پنهنجي آفيس ۾ جيڪو نوٽ ڇڏي ويو آهي، انهيءَ کي ملاحظه ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته سندس ارادو هو ته سرڪار کي سفارش ڪري، ته سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس جو وڏو منشي خان بهادر خداداد خان، جو جلد پينشن تي وڃاڻ جو ارادو ٿو رکي، کيس ٽي سؤ ايڪڙ ٽئين درجي جي جاگير عطا ڪئي وڃي. اها زمين کيس تعلقي سکر ضلعي شڪارپور ۾ ڏيڻ گهرجي. ڇو ته خانبهادر موصوف پوري پوري ديانتداري ۽ ايمانداريءَ سان سرڪار جي خدمت ڪئي آهي ۽ اڃا تائين ڪندو رهي ٿو.

(2) خان بهادر خداداد خان جي بهترين خدمتن جو اهوال ڪيترائي ڀيرا ڪيترن ئي ڪمشنر صاحبن وقت بوقت سرڪار جي ڌيان تي پئي آندو آهي، انهيءَ ڪري اُنهن ڳالهين کي وري وري دُهرائڻ جي گهڻي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن سندس سموريون ڪار گذاريون قلمبند ڪيون وينديون، ته دفتر ڀرجي ويندا. انهيءَ ڪري هن جي متعلق جيڪا استدعا ڪئي پئي وڃي، هو اُن جو لائق به آهي ۽ حقدار به.

(3) خان بهادر خداداد خان، آنجهاني سر وليم ميري ويدر صاحب جي ماتحت، ڪيترن ئي نازڪ سياسي معاملن سان واسطو رکندو رهيو آهي ۽ ميري ويدر صاحب  هن جي باري ۾ هيٺيون نوٽ لکيو آهي. سال 1846ع جي انهيءَ رپورٽ ۾ جا هندوستان جي سرڪار کي موڪلي هئائين ۽ جنهن ۾ خان بهادر خداداد خان کي نيڪ ناميءَ جي پرواني ڏيڻ لاءِ به لکيو هئائين، ميري ويدر صاحب لکيو هو ته:

هيءُ منشي (خان بهادر خداداد خان) گهڻي عرصي کان سرڪار جون بهترين خدمتون ڪندو رهيو آهي. هيءُ شخص پهريون دفعو سر ايف. جي گولڊ اسمڊ صاحب سان گڏجي سال 1858ع ۾ جيسلمير ۽ پوڪران ڏانهن ويو هو ۽ سال 1861ع ۾ ساڳئي صاحب سان گڏجي هڪ خاص خدمت جي سلسلي ۾ مڪران جي ساحل کان لنگهي، اڳتي ويو هو ۽ انهن ٻنهي خاص خدمتن جي لاءِ کيس ئي منتخب ڪيو ويو هو جنهن زماني ۾ مسٽر ايس مينسفيلڊ صاحب خليج فارس ۽ دجلي کان اڳتي وڌي بغداد ويو هو، تڏهن به انهيءَ مخصوص خدمت جي لاءِ خان بهادر خداداد خان کي ئي پاڻ سان ساڻ کنيو هئائين. مسٽر هيولاڪ صاحب، جو اُن کان اڳ ۾ ڪمشنريءَ جي عهدي تي فائز هو، خان بهادر خان کي سندس سهڻين خدمتن سبب هڪ ترار انعام ۾ ڏني هئائين. خان بهادر خداداد خان ڪيترائي ڀيرا فارسي، عربي، مڪراني ۽ بلوچي زبانن جي مترجم جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو آهي. از انسواءِ هيءُ شخص ڪراچيءَ جي ممتحنن جي جماعت جو ممبر به آهي، جا تعليم کاتي جي ماتحت آهي ۽ ٻين به ڪيترن ئي اهم سياسي معاملن ۾ وڏو بهترو وٺندو رهيو آهي، جن جي اظهار جي هت ضرورت نه آهي. انهن ڳالهين جي پيش نظر منهنجو خيال آهي ته خداداد خان جي لاءِ نيڪ ناميءَ جي پرواني ڏيڻ جي جيڪا تجويز پيش ڪئي وئي آهي، ان تي عمل ڪيو وڃي ڇو ته هو بالڪل لائق ۽ ان جو حقدار آهي“. ان کانپوءِ جڏهن سر وليم ميري ويدر صاحب سنڌ مان وڃڻ لڳو، گه کيس هڪ سٺي ولايتي ترار انعام طور ڏئي ويو هو.


[1]  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نوٽ: ”بچو“ ذات جو خاصخيلي هو. مگر هن تاريخ جي مؤلف هڪ مشڪوڪ ڳالهه ڪئي آهي. دراصل ”موچي“ هن جو هڪ دوست هو، جنهن جو نالو ”گُلو“ هو. سنڌ ۾ حرن جي پاران انگريز سرڪار جي خلاف ٻيو ڀيرو بغاوت (96- 1895ع ۾) ٻارهن اڳواڻن جي همت سان برپا ٿي. اهي ٻارهن باغي ”ٻارهن ڄڻا ٻهروٽيا“ جي نالي سان مشهور ٿيا. در حقيقت هو انقلابي هئا. انهن مان اٺن ڄڻن جا نالا ملي سگهيا آهن، جي هيءُ آهن: (1) بچو خاصخيلي جنهن جو لقب ”بادشاه“ هو (2) پير بخش وساڻ، جنهن جو لقب ”وزير“ هو (3) گلو موچي (4) تڳيو چانگ (5) ڀلو ڳاهو (6) خميسو وساڻ (7) فتلو قاضي ۽ (8) فلاڻو (؟) قاصائي.

[2]  اهو انگ صحيح نه آهي. جن ماڻهن هيءَ مهلڪ بيماري ڏٺي هئي ۽ انهن مان جيڪي اڃا تائين زنده آهن، انهن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هن بيماريءَ جي وگهي ٻن لکن کان زياده ماڻهو مري ويا ۽ وڏن شهرن کان ٻاهر، خاص طور تي ڳوٺن ۾ سرڪار جي پاران صحت جي اُپائن ۽ دوا درمل جو ڪو به بندوبست ڪو نه هو. (ن .ب).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org