سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لب تاريخ سنڌ

باب؛ 2

صفحو ؛ 5

        مطلب ته همايون پنهنجين پريسانين، سنڌ جي ڏڪار ۽ اڪثر اميرن جي ڇڏي وڃڻ سبب تنگ اچي ويو. جيتوڻيڪ مرزا شاه حسن کيس رهڻ لاءِ ٺٽي، سيوهڻ ۽ بکر کان سواءِ ٻي ڪا به جڳهه ڏيڻ واسطي تيار هو، مگر همايون ٻئي ڪنهن به هنڌ رهڻ لاءِ تيار نه پئيٿيو. انهن ڏينهن ۾ همايون پنهنجي صحيح سان هڪ خط ارباب دائود ولد عمر شاهه کي لکي ڏنو هو، جو درٻيلي جو هڪ رئيس هو. ”تاريخ طاهري“ جي مولف تاريخ سان دلچسپي رکندرن جي عبرت لاءِ اهو خط نقل ڪيو آهي، جنهن مان همايون جي لاچاريءَ جو پتو پوي ٿو:

مان همايون بادشاهه ولد ظهير الدين بادشاهه ولد عمر شيخ بادشاهه پنهنجي بزرگ ۽ برتر الله سان، ۽ رسول عربي اُمي زڪيءَ سان، جنهن جي رسالت ۾ ڪو به سڪ شبهو نه اهي، عهد ٿو ڪريان ته جيڪڏهن بادشاه ڪارساز، نگهبان، بلند ۽ برتر (الله) بکر جو علائقو مون کي عطا ڪيو، ته اَوفُوا، بِعَهدِي اُفِ بِعَهدِ ڪُم (اوهين مونسان وعدو پاڙيو، مان اوهان سان واعدو پاڙيندس) جي ارشاد جي معمولي ڀڃڪڙي به نه ڪندس.مون درٻيلي جو علائقو ارباب دائود ولد عمر شاه سهتي کي ۽ سندس اولاد کي ۽ انهن جي پوين کي بخشيو. بالله الطالب الغالب (الله جو قسم، جو طالب ۽ غالب آهي).

جيئن ته الله جي مرضي نه هئي، تنهنڪري ائين نه ٿيو. بيشڪ ان ۾ به الله جي  حڪمت هوندي. اها روايت به آهي ته همايون جن ڏينهن ۾ ٻٻرلوءِ جي چار باغ ۾ رهندو هو، جمعي جي ڏينهن جمعه نماز پرهڻ لاءِ روهڙيءَ جي جامع مسجد ۾ آيو. ان وقت هڪڙي شاعر سندس حضور ۾ هيٺيون قطعه پڙهيو ۽ همايون کيس صله عطا ڪيو!

تا همايون نام اور در سکه بردل نقش کرد

مِهر ازُ مُهرئس دهان سکه پَرزر ميکند

سنبري کز خطبئه القاب او زينت گرفت

مشتري گوهر نثار فرق منير ميکند

(ترجمو: جڏهن کان همايون بادشاه جو مبارڪ نالو سِڪ جي دل تي نقش ٿيو اهي، تڏهن کان ائين ٿو ڀانئجي، ڄڻ زماني همايون جي مُهر لڳائي، سڪ جو وات سون سان ڀري ڇڏيو اهي. جنهن منبر خطبي وقت سندس لقبن جو اعزاز حاصل ڪيو آهي، مشتري (سيارو) انهيءَ منبر جي مٿان موتي گهوريندو ٿو رهي).

        همايون، بکر جي علائقي تي فتح حاصل نه ڪري سگهڻ، عزيزن ۽ واسطيدارن جي ڇڏي وڃڻ ۽ ڏڪار پوڻ جي ڪري مير محمد معصوم بکريءَ جي دل قول موجب؛ سنڌ ۾ همايون جي دل جي مراد پوري نه ٿي ۽ ماڻهن جي بي وفائي ظاهر ٿي پئي. ڀائرن جي بي وفائي ۽ بي مروتي به ڏٺائين ۽ زماني جي ناسازيءَ جو مشاهدو به ڪيائين، جنهنڪري لاچار ٿي پيو ۽ اجايا خيال ڪرڻ لڳو. مڪه معظمه ڏانهن وڃڻ جو ارادو به ڪري رهيو هو، پر نيٺ 939هه مطابق 1542ع جي شروع ۾ جوڌپور جي راجا جي منافقانه دعوت تي اُچ ۽ بيڪانير جي رستي راجپوتانا روانو ٿيو. همايون جي وڃن کانپوءِ مرزا شاه حسن ٺٽي کان بکر آيو ۽ جن ماڻهن همايون جي مدد ڪئي هئي، انهن مان ڪن کي سزائون ڏنائين ۽ ڪن کي رڳو ڦِٺ جُٺ ڪيائين. قلعي جي ڀڳل ٽٽل حصن جي مرمت ڪرايائين. ارباب دائود جي ڀائرن کي، جن جا نالا جمال ۽ ڪمال هئا ۽ بادشاه همايون جي خير خواهن مان هئا، جوال ۾ وجهرائي بکر جي قلعي جي خوني برج تان درياءَ ۾ اڇلايائين. جتي هو غرق ٿي ويوا. (قلعي جو خوني برج جماله ۽ ڪماله جي نشان جي مٿان هوندو هو. اهو نالو اڃا تائين مشهور آهي ۽ انهيءَ هنڌ يعني بکر وٽ درياءَ جي ڪناري تي ننڍڙي ٽڪري آهي).

        مرزا شاه حسن بکر ۾ سڀ ڪم ڪاريون پورا ڪري، سيوهڻ ويو ۽ اتي به مرمت وغيره جا ڪم ڪرائي، ”سن“ جي رستي جو درياءَ جي ڪناري تي هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، ٺٽي پهچي، آرام ڪرڻ لڳو ته ايتري ۾ همايون جي سنڌ ۾ اوچتو موٽي اچڻ جي خبر پکڙجي وئي. همايون جوڌپور جي راجا، ظل آلٰهيءَ جي تعظيم خاطر قلعو خالي ڪري، سندس حوالي ڪيو. مگر همايون شروع ۾ قلعي کان ٻاهر منزل انداز ٿيو ۽ قلعي کي پوءِ پنهنجي سڪونت جو شرف بخشيائين. مير محمد معصوم بکريءَ جي قول مطابق اتي هڪ رات، جا آچر رات هئي ۽ تاريخ 5 رجب 949هه مطابق 1542ع، بلقيس زماني حميده بانو بيگم کي محمد اڪبر بادشاه تولد ٿيو.

        آنجهاني سربارٽل فريئر صاحب بهادر، جو سنڌ جو ٻيو ڪمشنر هو، 1269هه مطابق 1853ع ۾ اتي ويو ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ۽ جاچ ڪرڻ بعد عمرڪوٽ جي قلعي کان اتر طرف هڪ ميل جي فاصلي تي محمد اڪبر بادشاه جي ولادت واري جڳهه ڳولي لڌائين ۽ ان تي پٿر جو نشان نصب ڪرائي، ولادت جو سال لکايائين. راقم الحروف ڪيترائي ڀيرا اهو نشان ڏٺو آهي. همايون بادشاه پنهنجي فرزند ارجمند جي ولاد جو جشن ملهائڻ بعد اتان نڪري، سنڌ ڏانهن متوجه ٿيو ۽ ”باغستان“ (جون) ۾ تعلقي بدين ۾ هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، منزل ڪيائين، جنهنڪري سنڌ ۾ وڏي شورش برپا ٿي ۽ انهيءَ شورش، فساد ۽ جنگ ۾ فتح ۽ نصرت جي هير مرزا شاه حسن جي پرچم جي مٿان پئي گهُملي. پر جيئن ته ارغون ۽ ترخانن کي هر وقت بادشاه ظل الله جو انديشو لاحق پئي رهيو، تنهنڪري نقد ۽ جنس جي صورت ۾ نذرانا ڏئي ۽ بادشاه جون ضرورتون پوريون ڪري، کيس راضي ڪيائون. بادشاه اتان نڪري، ”جون“ جي پل پار ڪري، جا انهن ڏينهن ۾ تازي تيار ٿي هئي ۽ هڪ شاعر سندس تعمير جي تاريخ ”صراط مستقيم“ چئي هئي، جنهن جا عدد 950 آهن ۽ اهو هجري سال، عسوي سال 1543ع جي مطابق آهي، قنڌار جي طرف روانو ٿي ويو. راقمالحروف کي غالب گمان آهي ته ”همايون“ ڳوٺ تي، جو شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي وچ تي آهي. بادشاه همايون جي منزل انداز ٿيڻ سبب همايون نالو پيو آهي. ارغونن ۽ سندن واسطيدارن کي بادشاه جي طرفان جيڪو انديسو هو، سو دور ٿي ويو ۽ هاڻي اطمينان ۽ آسودگيءَ سان رهڻ لڳا. ڄڻ ڪا آسماني آفت هئي، جا سندن سرتان ٽري وئي.

        951هه مطابق 1544ع ۾ بادشاه همايون جو ننڍو ڀاءُ مرزا ڪامران، ڀاءُ کان ناراض ٿي، سنڌ ۾آيو، مرزا شاه حسن، شاهي خاندان جي مان ۽ مرتبي کي مد نظر رکي، پنهنجي صاحبزادي ”چوچڪ بيگم“ سندس نڪاح ۾ ڏني ۽ خوب ڏاج ڏاوڻ، وڏا ساز سامان ۽ ٻانها ٻانهيون ڏئي مرزا ڪامران کي خوش ڪري قنڌار روانو ڪيائين. قنڌار ۾ همايون بادشاه، مرزا ڪامران جون اکيون ڪڍائي، کيس نابين ڪري ڇڏيو. جنهنڪري دوباره 954هه مطابق 1547ع ۾ بکر موٽي ايو ۽ مرزا شاه حسن سندس رهائش جو انتظام ”شاد ٻيلي، ۾ ڪيو، جو بکر جي اولهه ۾ درياءَ جي وچ ۾ آهي ۽ ”ساڌ ٻيلي“ جي نالي سان مشهور آهي. مرزا ڪامران چند ڏينهن اتي رهڻ بعد، مڪه معظمه (زاد الله شرفها) روانو ٿي ويو. روانگيءَ وقت سندس اهليه محترمه چوچڪ بيگم به ساڻس گڏ جي وڃن لاءِ تيار ٿي. سندس والد مرزا شاه حسن ۽ ٻين عزيزن منع ڪيس، مگر چوچڪ بيگم کين چيو ته ”ماڻهو مهڻو ڏيندا ته جيستائين ڪامران کي اکيون هيون، تيستائين گهر واري وفادار رهيس ۽ جڏهن نابين ٿيو ته بي وفائي ڪيائينس.“ مير محمد معصوم بکريءَ جي قول مطابق چوچڪ بيگم پنهنجي والد مرزا شاه حسن کي چيو ته جڏهن ڪامران کي اکيون هيون، ته تو مونکي هن جي حوالي ڪيو. هاڻي دنيا ڇا چوندي ته شاه حسن جي ڌيءَ مڙس جي نافرمان ٿي پئي ۽ مان واقعي بدنام ٿي پونديس.

        مرزا شاه حسن پنهنجي حياتيءَ جي آخري زماني ۾ جڏهن سخت پوڙهو ٿي ويو هو، فالج ۾ مبتلا ٿي پيو. انهيءَ ڪري ٺٽي جي حڪومت پنهنجن غلامن ۽ ٻين ادنيٰ درجي جي ماڻهن جي حوالي ڪري، ”تخت روان“ (محفي) ۾ چڙهي ڪڏهن ٺٽي ۾، ڪڏهن ٻٻر لوءِ جي چار باغ ۾، ڪڏهن بکر ۾ وڃي رهندو هو. انهيءَ ڪري گهڻائي ارغون، ترخان ۽ مغل هن جي خدمت کان پري رهڻ سبب باغي ٿي پيا، بلڪه سندس انتها درجي جي غفلت ۽ بي پرواهيءَ سبب جنگ ڪرڻ لڳا. انهيءَ سرڪشي ۽ بغاوت جي شروعات مرزا عيسيٰ ترخانيءَ جي طرفان ٿي، جو انهيءَ وقت ترخان قوم جو وڏو هو. هنن مرزا شاه حسن جي اهليه محترمه ”ماه بيگم“ کي به نظر بند ڪيو. مرزا شاه حسن سلطان محمود خان (بکر جي امير) کي ٺٽي ۾ گهرايو، جنهن مرزا شاه حسن کان مرزا عيسيٰ کي معافي وٺي ڏني ۽ ماه بيگم کي به نظر بنديءَ کان آزاد ڪرائي، مرزا شاه حسن جي حوالي ڪيائين.

        انهن ئي ڏينهن ۾ سلطان محمود خان ۽ مرزا عيسيٰ خان جي وچ ۾ مخفي طور تي طي ٿيو ته ”مرزا شاه حسن جيئن ته ڏاڍو ضعيف، بيمار ۽ بي اولاد آهي ۽ فقط چند ڏينهن جو مهمان آهي، تنهنڪري پنهنجي قدرتي موت مري، ته اسين پاڻ ۾ سنڌ کي اڌو اڌ تقسيم ڪري، مٿس قبضو ڪنداسين ۽ سندس جيئري کيس تڪليف نه ڏينداسين.“ اهو عهد نامو قرآن مجيد تي لکيو ويو . پوءِ مرزا شاه حسن کي ٻيريءَ تي سوار ڪري، بکر ڏانهن وٺيو ٿي ويا ته رستي ۾ 12 ربيع الاول 962هه مطابق 1554ع ٽپهريءَ جي نماز وقت سندس روح ”ارجعي اليٰ ربڪ راضية مرضية“ (اي روح! پنهنجي پروردگار ڏانهن خوشيءَ سان موٽي اچ) جو سڏ ٻڌي، بهشت جي چراگاهن ڏانهن پرواز ڪريويو. سچ پچ، اها هڪ مبارڪ تاريخ آهي ۽ راقم الحروف مڪليءَ تي پنهنجين اکين سان ڏٺي آهي (يعني انهيءَ تاريخ تي سندس وفات جي تصديق ڪئي وئي آهي). مرزا شاه حسن جو لاش چنگيز خاني رسمن جي ادائگي بعد، سلطان محمود خان بکر نيڻ ٿي گهريو. مگر سندس بي بي ماه بيگم، احمد ولي جي حاويليءَ ۾ امانت طور رکايو ۽ ٽن مهينن بعد پوري عزت، احترام ۽ ماتم گساريءَ کانپوءِ اول مڪليءَ تي ۽ پوءِ اتان مڪه معظمه (زاد الله شرفها) نيئي، سندس والدماجد مرزا ماجد مرزا شاه بيگ ارغون جي پاسي ۾ دفن ڪرايو. ميرمحمد معصوم بکريءَ جي قول مطابق مرزا شاه حسن جي ولادت 896هه مطابق 1490ع ۾ ٿي هئي. انهيءَ حساب سان سندس عمر 66 سال ٿي. اڪثر تاريخن جي لکڻ موجب مرزا شاه غازي، بهادر، سخي، غريب نواز ۽ فاته هو.

        ارغون گهراڻي جي حڪومت 927ع مطابق 1521ع کان شروع ٿي ۽ 962هه مطابق 1554ع ۾ ختم ٿي وئي. يعني مرزا شاه بيگ جي حڪومت 928هه مطابق 1522ع تائين هلي ۽ ان کانپوءِ سندس فرزند مرزا شاه حسن جي حڪومت شروع ٿي جا 32 سال هلي. مرزا شاه هسن ڪمال درجي جي جرات، حشمت، دانائي ۽ انتهائي شاهانه انداز سان حڪمراني ڪرڻ بعد رحلت ڪئي. ارغون، جي چنگيز خان جي اولاد مان هئا، پڙهندڙ انهن جي احوال مان عبرت حاصل ڪندا (ته ڪيئن نه مختصر عرصي جي اندر سندن حڪومت ختم ٿيوئي) بيسڪ، فنا کي بقا ڪانهي.

        تاريخ ”طاهري“ جي مولف نسيانيءَ جي مٿان افسوس آهي جو پنهنجي تحرير کي اهڙي انسان جي شڪايت سان آلودو بڻايو اٿس. جيتوڻيڪ هر شخص جي راءِ پنهنجي هوندي اهي، پر مرڻ کانپوءِ ڪنهن انسان جي گلا ڪرڻ عقلمند ماڻهو جائز نه سمجهندا آهن. راقم الحروف کي چڱي طرح معلوم آهي ته هن وقت سنڌ جي اندر ڪو به ارغون نالي ماتر به موجود ڪو نه آهي. مگر تاريخ طاهريءَ جي تحرير مان ائين ٿو معلوم ٿئي ته مرزا عيسيٰ ترخان جي فرزند مرزا محمد باقيءَ جي دور حڪومت ۾ ارغون جو قتل ڪيو ويو ۽ جيڪي باقي بچيا، سي گجرات ڏانهن ڀڄي ويا. اميد اهي ته اڃا اتي هوندا [1].

نائون طبقو

سنڌ ۾ ڪوڪلتاش ۽ ترخان گهراڻن جي گڏيل حڪومت

(الف) ڪوڪلتاش گهراڻو

        مرزا شاه حسنغازي ولد مرزا شاه بيگ ارغون 926هه مطابق 1554ع ۾ هن فاني دنيا مان بي اولاد ٿي رحلت ڪئي هئي. تنهن کان اڳ ۾ مرزا شاه حسن جي ٻڍا پڻ ۽ بيماريءَ جي زماني ۾ محمود خان ڪولڪتاش ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي درميان، جي ٻئي وڏا نامور ۽ طاقت وارا امير هئا، سنڌ جي مٿان حڪومت ڪرڻ جي باري ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جو قرآن مجيد تي لکيو ويو هو. انهيءَ معاهدي موجب سنڌ کي هن ريت ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو هو، ته لڪ علويءَ (لڪي) کان مٿي ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي تائين وارو علائقو بکر جي صوبي جي ماتحت سلطان محمود خان جي قبضي ۾ رهندو ۽ لڪيءَ کان هيٺ وارو علائقو سمنڊ جي ڪناري تائين مرزا عيسيٰ خان ترخان جي هٿ ۾ هوندو.

        مير محمد معصوم بکريءَ جي قول موجب سلطان محمود خان ڪوڪلتاش ولد مير فاضل ولد عادل خواجه افصهاني، جنهن جي نسب جو شجرو آڻويهين پيڙهيءَ ۾ عدي ولد حاتم طائي سان ملي ٿو، ۽ سندس والده ڪاشي شال پشنگ جي پٺاڻن مان هئي (هيءَ قوم اڃا تائين ڪوئٽه جي علائقي ۾ رهي ٿي). وڏو بهادر، سخي ۽ خوش خلق انسان هو، ۽ سنڌ جي مٿئين حصي تي تمام سهڻي نموني سان حڪومت ڪيائين ۽ ٻه ٽي ڀيرا ملتان جي حاڪمن لانگاهن، ڌاريجن، ڏهرن، ناهرن ۽ بلوچن تي غلبو حاصل ڪيائين. اگرچه شروع ۾ مرزا عيسيٰ خان ۽ سندس فرزند مرزا محمد باقيءَ سان عهد شڪني ڪري، شورش ۽ فساد بريا ڪيائين، پر نيٺ کيس پنهنجي عهدي تي قائم رهڻو پوي. هڪڙي نياڻيءَ کان سواءِ، جا پڻ نامور بادشاهه جلال الدين محمد اڪبر کي نڪاح ڪري ڏني هئائين، کيس ٻيو ڪو به اولاد ڪو نه هو ۽ سندس ٻڍاپڻ جي زماني ۾ گهڻو ڪري ارغون ۽ ترخان هن سان جهڳڙا ڪرڻ لڳا، جنهنڪري اڪبر بادشاهه کان هڪڙي اهڙي امير جي گهر ڪيائين، جو سنڌ ۾ اچي بکر جي حڪومت سنڀالي، مگر گيسو خان (اڪبر جو موڪليل امير اڃا بکر تائين پهتو ئي ڪين هو، ته سلطان محمود خان ماه صفر 986هه مطابق 1574ع ۾ ڇنڇر ڏينهن ٽپهريءَ جي نماز وقت هن فاني جهان مان عالم جاوادنيءَ ڏانهن رحلت ڪئي، ڪنهن شاعر سندس وفات جو سال ”دربهشت آسود“ مان ڪڍيو آهي، جنهن جا عدد 986 آهن. مير محمد معصوم بکريءَ جي قول موجب سندس ولادت 898هه مطابق 1492ع ۾ ٿي. انهيءَ حساب سان سندس عمر 84 سال هئي. راقم الحروف جو پختو خيال آهي ته سندس تربت نئين سکر ۾ ٽڪريءِ تي مير محمد معصوم بکري جي مناري جي اُتر ۾ آهي.

اهي حاڪم يا نواب جيڪي سلطان محمود خان ڪوڪلتاش جي وفات کانپوءِ اڪبر بادشاه جي طرفان دهليءَ کان بکر ۾ مقرر ٿي آيا.

حاڪم يا نواب جو نالو

سنڌ ۾ اچڻ جو سال

ضروري احوال

1- گيسو خان

982هه مطابق 1574ع

سلطان محمود خان ڪوڪلتاش جي وفات کانپوءِ پهتو

2 – ترسو خان

983هه مطابق 1875ع

سلطان محمود خان ڪوڪلتاش جي وفات کانپوءِ پهتو

3 – مير سيد محمد امير ولد مير عبدل

983هه مطابق 1575ع

گذاري جي لاءِ پنجاهه هزار جريب جاگير مليل هيس. راقم الحروف جو پختو خيال آهي ته اها جاگير ”ديهه بڪار“ آهي.

4 – سيد ابو افضل ولد مير سيد محمد امير

1984هه مطابق 1576ع

پنهنجي والد (سيد محمد امير) جي شهادت کانپوءِ مقرر ٿيو.

5- اعتماد خان خواجه سرا

985هه مطابق 1577ع

ذليل طبقي مان هجڻ سبب شريف ماڻهن کي تڪليفون ڏنائين. اهي ماڻهو بادشاه وٽ دانهن کڻي ويا. بادشاه جي واتان نڪتو ته ”اهڙو آهي ته مارجي ويندو“ ۽ سچ پچ ائين ئي ٿيو يعني قتل ٿي ويو. بيشڪ، بادشاه جو سخن، سخنن جو بادشاه آهي.

6 – نواب فتح خان مهادت جنهن سان راجا پرمانند جاگير ۾ شريڪ هو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

(7) نواب صادق خان

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

(8) نواب اسماعيل قلي خان

(9) نواب شير شيرو سلطان

 

 

10- نواب صادق خان

 

11- نواب مير ابو القاسم خان نمڪين

 

 

12- نواب مرزا نور ولد خان اعظم

 

13 – نواب مير ابو القاسم خان نمڪين

 

14- نواب سعد خان

 

15 – نواب بقرا بيگ

 

 

 

 

 

 

 

 

16 – نواب سردار خان

 

17 – نواب قاضي خان

 

18 – نواب سيد تاج خان

 

19- نواب بازيد خان

 

20- نواب هوشيار خان

 

21 – نواب مرزا علي محمد بيگ

 

 

 

22- محمد علي فوجدار

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

23- مرزا حسيني

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

24- عزت خان فوجدار

 

25- سيد محمد فوجدار

 

26- نواب اسد خان

 

 

 

27- نواب محمد يوسف خان

28- نواب محمد خان

29- نواب شاه قلي خان

 

 

30- ميران سيد جاون

 

31- مرزا التفات بيگ

32- مزار زمان خان

 

 

33- نواب سعد خان

 

 

 

 

 

34- خواجه لطف ۽ مير محمد ناظر

 

 

35- نواب خواجگي

 

36- شيخ احمد

37- مرزا لعل بيگ

 

38- خواجه عبداواحد

 

39- شيخ احمد

40- خواجه محمد شريف

 

 

41- باقر خان

 

 

 

 

 

42- عبدالله خان

 

 

 

43- خنجر خان

44- شيخ ابراهيم

45- نواب سيد عزت خان

 

 

 

46- نواب سيد علام مصطفيٰ خان

47- سيد مير يعقوب خان رضوي

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

48-سيد مير صادق علي خان

49- نواب خدايار خان

50- مير محمد اڪرم حڪيم

986هه مطابق 1548ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

994هه مطابق 1585ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

992هه مطابق 1587ع

997هه مطابق 1588ع

 

998هه مطابق 1589ع

1004هه مطابق 1595ع

 

 

1005هه مطابق 1596ع

 

1007هه مطابق 1598ع

 

1009هه مطابق 1200ع

1014هه مطابق 1205ع

 

 

 

 

 

 

 

1015هه مطابق 1202ع

1012 هه مطابق 1207ع

1020هه مطابق 1611ع

1025هه مطابق 1616ع

1028هه مطابق 1618ع

1031هه مطابق 1611ع

 

 

 

1038هه مطابق 1628ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

1039هه مطابق 1629ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

1041هه مطابق 1631ع

1043هه مطابق 1634ع

1045هه مطابق 1635ع

 

 

1046هه مطابق 1632ع

1048هه مطابق 1638ع

1049هه مطابق 1639ع

 

 

1050هه مطابق 1640ع

1051هه مطابق 1641ع

1052هه مطابق 1642ع

 

1045هه مطابق 1644ع

 

 

 

 

1058هه مطابق 1648ع

 

 

1061هه مطابق 1650ع

1026هه مطابق 1652ع

1065هه مطابق 1655ع

1066هه مطابق 1656ع

1067هه مطابق 1657ع

1068هه مطابق 1658ع

 

1069هه مطابق 1659ع

 

 

 

 

1070هه مطابق 1660ع

 

 

1070هه مطابق 1660ع

1071هه مطابق 1661ع

1074هه مطبق 1663ع

 

 

 

1078هه مطابق 1667ع

 

1081هه مطبق 1670ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

1085هه مطابق 1675ع

1087هه مطابق 1677ع

1090هه مطابق 1679ع

 

ٻن سالن بعد راجا پرمانند جي شراڪت ختم ٿي ۽ سڄي جاگير نواب فتح محمد خان جي ٿي وئي ۽ سندس عهدي ۾ به اضافو ٿيو. راقم الحروف کي هيٺين نظم جي مضمون مان معلوم ٿو ٿئي ته روهڙيءَ جي جامع مسجد، جا حضور رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي وار مبارڪ جي درگاه جي ڀرسان آهي. انهيءَ ئي نواب جي تعمير ڪرايل آهي.

نظم

خسرو دين پناه اکبر شاه

هست کان تاج بخش ملکستان

شاه انجم سپاه، چرخ سرير

جامع شرع، مقتدائ زمان

بندگانش چو قيصر و فغفور

چاکرانس چوطغرل و خاقان

بنده کمترين او يعني

جان جسم مستمند در دوران

سرور و نيڪ رائ دريا دل

منبع الجود و مجمع الاحسان

چون فتح خان که خون ريزش

کرد بنياد ظلم را ويران

مسجد جامع از برائ ثواب

ساخته بر اميد قصر جنان

دل کشا همچو مسجد کعبه

جان فشاهمچو روضهء رضوان

تا بود گنبذ فلک برپائ

باد سالم ز آفت دوران

سال تاريخ از خرد جستم

”مسجد گه جنان گفت“ روان

ابجد جي حساب موجب آخري مصرعه مان 993هه جو سال نڪري ٿو، جو 1585ع جي مطابق ٿو ٿئي، اهو سال نواب فتح خان جي حڪومت جو آخري سال هو.

(نظم جو ترجمو)

(1) شهنشاه دين پناه اڪبر ۽ تخت بخشي ڇڏيندو آهي ۽ بهادر اهڙو جو ملڪ فتح ڪندو آهي.

(2) اهڙو بادشاهه جنهن جو لشڪر ستارن جيتو (گهڻو) آهي ۽ سندس تخت آسمان جيڏو (بلند) آهي. شريعت جو پابند ۽ زماني جو پيشوا آهي.

(3) سندس غلام (مرتبي ۾) روم ۽ چين جي بادشاهن جهڙا آهن ۽ سندس خادم سلجوق ۽ ترڪ تاجران جهڙا آهن.

(4) جمشيد هن جو انديٰ غلام ۽ محتاج آهي.

(5) سردار، سهڻي سمجهه وارو ۽ سخي آهي. سخا جو سرچشمو ۽ نيڪيءَ جو مجموعو آهي.

(6) فتح خان جنهن جي خونريز (ترار) ظلم جون پاڙون پٽي ڇڏيون آهن.

(7) ثواب جي خاطر ۽ بهشت جي آسري تي مسجد تعمير ڪرائي اٿس.

(8 جا ڪعبي جي مسجد وانگر دلڪشا (فرحت بخش) آهي ۽ روضهء رضوان (بهشت) وانگر جان فزا ( زندگي بخش) آهي.

(9) جيستائين آسمان جو قبو (دنيا يا ڪائنات) قائم آهي. شال اوستائين زماني جي آفتن کان محفوظ رهي.

(10) پنهنجي عقل کان سندس تعمير جو سال پڇيم ته منهنجي روح هيءُ جواب ڏنو [2].

شاهي فرمان موجب ٺٽي جي حڪام مرزا جاني بيگ تي ڪاهه ڪيائين. پهريائين هن کي عاجز ڪيائين. پوءِ بادشاه جي حڪم سان کيس ”عاجزيءَ“ کان آزاد بخشيائين. ڇو ته مرزا جاني بيگ بادشاه جي خدمت ۾ مناسب نذرانا موڪلي، کانئس معافي گهري هئي.

انهيءَ سال سڄي سنڌ ۾ ڏڪار پيو.

هميشه نشي ۾ مدهوش رهڻ سبب کيس برطرف ڪيو ويو.

ترجبيڪار هجڻ سبب کيس دوباره مقررڪيو ويو.

هن نواب جو مقبرو روهڙيءَ طرف درياءَ جي ڪناري تي آهي ۽ ”قاسم خاني“ جي نالي سان مشهور آهي.

”خان اعظم“ شايد اشارو آهي خان خانان نواب عبدالرحيم خان ڏانهن.

بکر جي حالات کان واقف هجڻ سبب کيس ٻيو ڀيرو مقرر ڪيو ويو.

شايد روهڙيءَ جي سيدن مان هو. و الله اسلم.

انهيءَ سال اڪبر بادشاه فوت ٿيو. ”فوت اڪبر شه“ مان ابجد جي حساب سان 1014هه جو سال نڪري ٿو ۽ انهيءَ ئي سال کان سندس فرزند جهانگير جي سلطنت جو دور شروع ٿئي ٿو.

قنڌار جي مهم ۾ قتل ٿي ويو.

قنڌار جي مهم ۾ قتل ٿي ويو.

قنڌار جي مهم ۾ قتل ٿي ويو.

قنڌار جي مهم ۾ قتل ٿي ويو.

هيءُ نواب ”خان جهان“ جو خواجه سرا هو.

هيءَ نور جهان بيگم جي طرفان هاڪم مقرر ٿيو هو. ڇو ته بکر جوعلائقو نورجهان بيگم جيجاگير هو.

هيءُ، آصف جاهي خاندان جي پاران ”بکر جي فوجدار“ جي لقب سان مشهور هو. جو بکر انهيءَ خاندان جي جاگير هو. انهيءَ سال جهانگير بادشاهه وفات ڪئي ۽ سندس فرزند شاهجهان تخت نشين ٿيو. جهانگير جو مقبرول لاهور ۾ آهي. [3]

بيگ محمد ولد زنده علي بيگ جي تحرير موجب، جا ”تاريخ معصوميءَ“ سان لاحق ڪئي اٿس، بکر، گنجابه (گندا واه) ۽ سبي مرزا حسينيءَ جي جاگير هئا. مگر شيرخان ترين، ”پشنگ“ کان ڪاهه ڪري، گندا واه تي قبضو ڪيو ۽ اهو شير خان راقم الحروف يعني ”لُب تاريخ“ جي مولف خان بهادر خداداد خان جو پڙ ڏاڏو هو.

هيءُ ”فوجدار“ جي لقب سان مشهور هو.

هيءُ به ”فوجدار، جي لقب سان مشهور ٿيو.

هيءُ پنهنجن پٽن سميت حڪمراني ڪندو هو. وٽس جاگيرون هيون.

بهادر مڙس هو

 

...  ...  ...  ...  ...  ...  ...

پرهيزگار انسان هو. سومر رات ۽ جمعي رات (مسڪينن کي ماني کارائيندو هو.)

وڏو بهادر ۽ شمشير زنيءَ جو ماهر هو.

هيءُ مشهور حاڪم هو.

شهزاده مراد بخش جو ملازم هو ۽ ”فوجدار“ جي لقب سان مشهور هو.

شايد هيءُ اهو ئي سعد خان آهي، جنهن جو احوال مٿي (نمبر 14 ۾) بيان ڪيو ويو آهي ۽ شايد ٻيو دفعو سنڌ ۾ آيو آهي.

پهريون فوجدار هو ۽ پويون ديوان. ٻئي ڄڻا شهزاده محمد دارا شڪوه جا ملازم هئا.

شهزاده محمد داراشڪوه جو ملازم هو.

مشهور حاڪم هو.

هيءَ ”فوجدار“ جي لقب سان مشهور هو.

هن کي ”حاڪم“ سڏيو ويندو هو ۽ وڏو ٻٽاڪي هو.

هي ٻيو ڀيرو حاڪم ٿي آيو.

انهن ڏينهن ۾ شهزاده داراشڪوه جي ڪري وڏو فساد برپا ٿيو.

هن کي ”فوجدار“ جو لقب مليل هو. انهيءَ سال شاهجهان بادشاه وفات ڪئي ۽ سندس وڏو فرزند اورنگزيب عالمگير تخت نشين ٿيو.

هيءَ ”قلعدار“ جي لقب سان مقلب هو ۽ چئن مهينن بعد کيس تبديل ڪيو ويو.

هن جو لقب ”فوجدار“ هو.

هن جو لقب ”قلعدار“ هو.

اڪثر معاملا ”گوپي ناٿ“ پيشڪار جي معرفت سر انجام ڪندو هو.

شايد روهڙيءَ جي سيدن مان هو.

هن جو اولاد اڃا تائين روهڙيءَ جي ڀرسان رهي ٿو ۽ ڪوٽ ۾ رهائش ٿو رکي، جو سندس نالي سان مشهور آهي. هن وقت هن خاندان جو سرڪردو سيد مير يعقوب خان پويون آهي. افسوس آهي جو غريب آهي، پر سرڪاري دربار ۾ ڪرسي نشين ۽ عزت وارو آهي.

پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ بکر جو نواب ٿيو.

... ... ... ... ... ...

روهڙيءَ جي قاضين مان هو. سندس اولاد اڃا تائين قاضين جي محلي ۾ رهائش پذير آهي.

پڙهندرن کي معلوم هجي ته تاريخن مان پتو پوي ٿو ته مير محمد اڪرم حڪيم کانپوءِ سنڌ جي گهڻن حصن تي عباسين يعني ڪلهوڙن جو غلبو ٿوي، جنهنڪري دهليءَ جي بادشاهي طرفان حاڪمن جو غلبو ٿيو، جنهنڪري دهليءَ جي بادشاهن طرفان حاڪمن يا نوابن جو اچڻ بند ٿي ويو، ۽ جتي ڪٿي ڪلهوڙن جي طرفان هاڪم مقرر ٿيڻ لڳا، مگر اهي دهليءَ ۾ بادشاهن طرفان موڪليل نوابن جهڙا (با اختيار ۽ با اقتدار) نه هئا. انهيءَ ڪري انهن جا نالا لکڻ مناسب نظر نه ٿا اچن.


 


[1]  هن پئرا جو پويون حصو مبهم آهي. لب تاريخ جي مولف جيڪي لکڻ گهريو ٿي، ان کي وضاحت سان لکي نه سگهيو آهي (مترجم)

[2] هن نظم جي ڪن بيتن (نمبر چوٿين، ڇهين، اٺين ۽ ڏهين) ۾ سقم آهن. خاص طور تي آخري بيت (نمبر ڏهين) جي مصرعه ثاني، جنهن جي ڪن لفظن (مسجد گه جنان گفت) کي مادهء تاريخ بنايو ويو آهي، انتها درجه جي غلط، لغو، غير موزون ۽ ٻي معنيٰ آهي. انهن لفظن مان جيڪي عدد نڪرن ٿا، سي 736 آهن. حالانڪه هت 993 عدد گهربل آهن.

          منهنجي خيال ۾ اهو قصور شاعر جو نه هوندو، بلڪه ڪتاب کان نقل ڪرڻ وقت ڪوتاهي ٿي هوندي. البت شاعر کان اهو سقم ضرور سرزد ٿيو آهي، جو اڪبر بادشاه جي مدح کانپوءِ فتح خان جي ڪار گذاريءَ ڏانهن گريز ڪرڻ جو ڪو معقول طريقو اختيار ڪري نه سگهيو آهي (مترجم).

[3]   نواب آصف جاه ملڪهء نورجهان بيگم جو ڀاءُ ۽ لاهور جو گورنر هو. (مترجم).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org