سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لب تاريخ سنڌ

باب؛ 2

صفحو ؛ 4

        مؤرخن سومرن جي حڪومت جي زوال جي باري ۾ لکيو آهي ته سومرا شراب پيئڻ وقت گهڻو ڪري ننڍي ڪُونهٽ جو گوشت واپرائيندا هئا. هڪ دفعي ڪنهن سمي جي گهر مان زوريءَ ڪونهٽ کنيائون ۽ کائي ڇڏيائيون. سما، سومرن جي رعيت هئا. اُنهيءَ گَهَرَ جي عورت پنهنجي مرد کي چيو ته ”سومرا جيئن اڄ ڪونهٽ زوريءَ کڻي ويا آهن. سڀاڻي توهان جون زالون به ائين کڻي ويندا.“ مرد کي غيرت آهي. سنڌ ۽ ڪڇ مان پنهنجي قوم جي ماڻهن کي گڏ ڪري، اول چند سرڪرده سومرن کي قتل ڪيائين ۽ پوءِ هڪ وڏو حملو ڪري، ملڪ تي قبضو ڪري ورتائين.

        جيتوڻيڪ مؤرخن جي قول موجب سومرن جي حڪومت جو زوال سندن ظلم ۽ بُرن ڪمن جي ڪري ٿيو، پر حقيقت ۾ اهو سڀ ڪجهه ”تؤ تي الملڪ من تساء و تنزع الملڪ ممن تشاء“ جي حڪمت سبب ٿيو ۽ سومرن جي حڪومت سمن جي هٿ ۾ هلي وئي.

        هن وقت سومرا قوم مان ڪو به عزت وارو ماڻهو موجود ڪو نه آهي [1] هن قوم جا اڪثر ماڻهو ڌوٻي، رنگريز ۽ ڪورڪو ڪم ڪندڙ آهن. ڪي ڪاشتڪاري، زمينداري ۽ گهٽ درجي جي ملازمت ڪندڙ به آهن. الله جو شان باقي آهي ۽ ٻيو سڀ ڪجهه فاني. ڪنهن بزرگ چيو آهي ته:

”هر ڪسي را پنج روزه نوبت است“ (2)

 

ستون طبقو

سما ڄام سنڌ جا حڪمران

اٽڪل سنه 875هه مطابق 1470ع کان

        تاريخ معصوميءَ جي روايت موجب سما قوم جا ماڻهو اروڙ جي فتح ۽ ڏاهري جي قتل کانپوءِ دهل ۽ شرنايون کڻي محمد بن قاسم جي خدمت ۾ ”ٺري“ [2] کان آيا هئا ۽ اسلام قبول ڪيو هئائون. تاريخ طاهريءَ جي بيان موجب اصل ۾ هندو هئا، ۽ تحفة الڪرام جي لکڻ موجب عڪرمه بن عصام بن ابي جهل جي اولاد مان هئا، ۽ ”ڄام“ جو لقب به انهيءَ ئي قبيلي مان پاڻ سان آندو هئائون. ڪيئن به هجي، مگر اها ڳالهه ثابت آهي ته سنڌ جا قديم باشندا، سومرن جي رعيت ۽ سندن ڏن ڀريندڙ هئا.

        مطلب ته خونريزيءَ کانپوءِ سنڌ جي حڪومت سومرنجي هٿان کسي، پنهنجي قبضي ۾ آندائون. ۽ ”انڙ“ ولد ”پاپيه“ (2) کي ”ڄام“ جو لقب ڏئي، گاديءَ تي ويهاريائون. ڄام انڙ ”ساموئي“ شهر تي، جو مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي هو ۽ هن وقت سندس  وجود مفقود ٿي چڪو آهي (3) مڪمل ضابطو رکڻ بعد سيوهڻ فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ ملڪ ”رتن“ کي جو ترڪ سلطان (4) جو مقرر ڪيل حاڪم هو، جنگ ۾ شڪست ڏئي، بکر ڏانهن رخ رکيائين، مگر بکر جي حاڪم علي شير جي هٿان مارجي ويو. ڄام انڙ جي حڪومت جو عرصو ساڍا ٽي سال لکيو ويو آهي، پوءِ سندس ڀاءُ ڄام جوڻو تخت نشين ٿيو. ڄام جوڻو حڪومت تي مڪمل ضاطي رکڻ بعد، ٽلٽيءَ وٽان، جو سنڌونديءَ جي ڪناري تي هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، درياءُ ٽپي، بکر پهتو. بکرجو حاڪم، جو ترڪ هو، پنهنجنس اٿين سميت ڀڄي، اُچ هليو ويو. ڄامجوڻي بکر تي قبضو ڪيو. مگر بادشاهي لشڪرپهچڻ کان ڳ ۾ فوت ٿي ويو. ان کان پوءِ ”ڄامپاپي“ سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ چند سال حڪومتڪرڻ بعد وفات ڪريويو. پوءِ ”ڄام تماچي“ سنڌ جو حڪمران ٿيو. هن جي مٿان شاهي لشڪر ڪاهه ڪئي ۽ سيوهڻ ۾ ساڻس لڙائي ڪرڻ بعد گرفتار ڪيائينس ۽ ٻارن ٻچن سميت دهليءَ نيائينس. ڳچ عرصي گذرڻ بعد سندس فرزند ڄام خير الدين کي، جو ننڍپڻ کان پيءَ سان دهليءَ ۾ گڏ هو، شاهي سروپاء پهرائي، سنڌ جو حاڪم بڻايوويو. مگر تحفة الڪرام جي مولف جو چوڻ اهي ته ڄام پاپيو ولد ڄام انڙ حاڪم ٿيو پر تاريخ معصوميءَ جو قول زياده صحيح آهي ته ڄام خير الدين حاڪم ٿيو.

راقم الحروف هن برگزيده انسان (ڄام خير الدين) جون ڪي سهڻيون وصفون بيان ڪرڻ گهري ٿو. هيءُ ڄام اسم باسمي هو يعني جهڙو نالو چڱو هوس،  پاڻ به اهڙو ئي چڱو هو، بلڪه ولي الله هو. هڪ ڏينهن پنهنجن خاص ماڻهن سان گڏجي گهمڻ لاءِ نڪتو. اوچتو انساني بدن جي هڏن تي نظر پيس، جي هڪڙي کڏ ۾ پيل هئا. گهوڙو جهلي، ڪجهه وقت انهن هڏن کي بيهي ڏٺائين ۽ پوءِ پنهنجن ماڻهن کي چيائين ته ”توهان کي خبر آهي ته هي هڏا مونکي ڇاٿا چون؟“ هو ڪو به جواب ڏئي نه سگهيا. ڄام چيو ته ”هي مظلوم آهن ۽ انصاف جي تقاضا ٿا ڪن.“ پوءِ هقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ اوسي پاسي وارن ڳوٺن ۾ ماڻهو روانا ڪيائين. هڪڙو پوڙهو ماڻهو، جو انهيءَ تر جو هو، حاضر ٿيو ۽ انهن هڏن جي باري ۾ ٻڌايائين ته ”ست سال اڳ ۾ گجرات کان واپارين جو هڪ قافلو آيوهو، جنهن کي هن ڌر جي ماڻهن قتل ڪيو ۽ سندن سامان اسباب کڻي ويا. ڄام انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪيو ۽ اهو مال هٿ ڪري، گجرات جي حاڪم ڏانهن ڏياري موڪليائين ۽ کيس لکيائين ته ”هيءُ مال مقتولن جي وارثن کي ڏنو وڃي“ ۽ پوءِ قاتلن کي سندن ڪيفر ڪردار تائين پهچايائين. ڄام خير الدين چند سال اطمينان ۽ آزاديءَ سان هڪومت ڪرڻ بعد هن عالم فاني مان رحلت ڪئي.

پوءِ ڄام خير الدين جو فرزند ”ڄام پاپيو ٻيو“ پنهنجي پيءَ جو جانشين ٿيو پر دهليءَ جي بادشاه سان بغاوت ڪرڻ جي الزام ۾ قد ڪري کيس هليءَ نيو ويو، جتي تمام سٺيون خدمتون بجا آندائين، جنهنڪري کيس آزاد ڪري واپس موڪليو ويو ۽ سنڌ جي حڪومت سندس حوالي ڪئي وئي. آخر پندرهن سال حڪومت ڪرڻ بعد انتقال ڪيائين [3]. ڄام پاپيي کانپوءِ ڄام تماچي حڪمران ٿيو ۽ چند سالن جي حڪمرانيءَ کان پوءِ وفات ڪري ويو. سندسجانشين سندس فرزند ڄام صلاح الدين ٿيو ۽ تمام سٺي طريقي سان حڪومت ڪري فوت ٿي ويو ۽ پوءِ ڄام نظام الدين پنهنجي موروثي حڪومت جو وارث بڻيو. مگرهو عياش هو ۽ عياشيءَ جي ڪري حڪومت جي معاملات کان بي خبر رهندو هو. جنهنڪري سندس چاچي مٿس حملو ڪيو. ڄام نظام الدين ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اتي ئي رهي پيو. ڄام علي شير، جو گهڻو ڪري گوشه نشين رهندو هو، پنهنجي عقلمندي ۽ بهادريءَ سبب حڪمران ٿيو ۽ چند سالن بعد شهيد ٿي ويو. ڄام علي شير کانپوءِ ”ڄام ڪرن“ تخت نشين ٿيو. پر سخت گير ۽ چيڙاڪ هجڻ سبب سندس نوڪرن غسلخاني ۾ ماري وڌس. جنهن کانپوءِ ڄام فتح خان ولد سڪندر خان پنهنجي شجاعت، سخاوت ۽ مروت سبب حڪمران بڻيو ۽ نهايت ئي دانشمنديءَ سان حڪومت ڪرڻ بعد رحلت ڪري ويو. ان کانپوءِ سندس ڀاءُ ”ڄام تغلق شاه“ سندس جانشين ٿيو، جنهنڪمال درجه جي دانائيءَ ۽ حڪومت جي معاملات کان پوري پوري آگاهيءَ سان حڪمراني ڪئي. پنهنجن ڪيترن ئي عزيزن قريبن کي سيوهڻ ۽ بکر ۾ اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيائين. مڪليءَ تي ”تغلق آباد“ جي نالي سان هڪ شهر تعمير ڪرايائين، جنهن جا کنڊر اڃا تائين موجود آهن، پنهنجي گادي ٺٽي مان ڦيرائي، تغلق آباد ۾ وڃي رکيائين ۽ پنهنجي مملڪت ۾ جابجا ”ٿاڻيدار“ مقرر ڪيائين. نيٺ چند سال حڪومت ڪرڻ بعد فوت ٿي ويو، ۽ سندس فرزند ڄامسڪندر ننڍپڻ ۾ سندس جانشين ٿيو. ڄام سڪندر جي عمر ننڍي هجڻ سبب سرڪشي، حڪم عدولي ۽ بغاوت پيدا ٿيڻ لڳي. ”مبارڪ“ نالي سندس هڪ غلام، سندس غير حاضريءَ ۾ ٽن ڏينهن تائين حڪومت ڪندو رهيو. جنهنڪري سڄي ملڪ ۾ افرا تفري مچي وئي. انهن هالتن جي ڪري ”ڄام رائدن“ ڪڇ کان هلي، سنڌ ۾ آيو ۽ حڪومت تي قابض ٿي ويو. ڄام رائدن اهڙو داناء ۽ بيدار دماغ هو، جو ڏيڍ سال جي عرصي اندر ملڪ جون حدون ”اوباري“ [4] تائين ڦهلائي ڇڏيائين. نيٺ چند سالن جي حڪومت بعد ”سنجر“ نالي پنهنجي هڪ ملازم جي هٿان زهر ملڻ سبب شهيد ٿي ويو. پوءِ ”ڄام سنجر“ رعيت، اميرن ۽ فوج جي صلاح سان ملڪ جو والي ٿيو. چيو وڃي ٿو ته ڄام سنجر ايڏو ته خوبصورت ۽ حسين و جميل هو، جو ڪيترائي ماڻهو (کيس ڏسڻ خاطر) بنا کائڻ پيئڻ جي پنهنجو گهڻو وقت سندس خدمت ۽ ڪمن ڪارين ۾ گذاريندا هئا. هڪ اهل دل ۽ صاحب ڪرامت درويش ته مٿس مفتون ٿي پيو. هڪ ڏينهن وجهه وٺي درويش کي عرض ڪيائين ته ”مان چاهيان ٿو ته سنڌ جو حڪمران ٿيان، ڀلي ته اٺ ڏينهن ئي سهي.“ درويش چيس ته ”تون اٺ سال سنڌ جو حڪمران ٿيندين.“ درويش جي دعا مستجاب ٿي ۽ ڄام سنجر پورا اٺ سال بالڪل بي فڪريءَ سان سنڌ جي مٿان حڪومت ڪندو رهيو. مير محمد معصوم بکري روايت ٿو ڪرين ته [5] ”معروف“ نالي هڪ قاضي، جو ڄامسنجر جي تخت نشينيءَ کان اڳ ۾ ئي قضا جي عهدي تي فائز هو، معمولي پگهار هجڻ سبب فيصلي ڪرڻ وقت مدعيءَ کان به ۽ مدعاعليه کان به ڪجهه نه ڪجهه رقم ضرور وٺندو هو. اها خبر ڄام کي پئي ته قاضيءَ کي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنائين. قاصي حاضر ٿيو، ته ڄام چيس ته ”مان ٻڌو آهي ته تون مدعي خواه مدعاعليه کان زوريءَ رشوت وٺندو آهين؟، قاضيءَ جواب ڏنو ته ”ها، وٺندو آهيان ۽ چاهيان ٿو ته شاهدن کان به وٺان، پر جيستائين مان هنن کان ڪجهه وٺان، تنهن کان اڳ ۾ ئي هو ٻاهر نڪري ٿا وڃن.“ ڄام کلي ويٺو، پوءِ قاضيءَ عرضڪيو ته ”سڄو ڏينهن دارالقضا (ڪورٽ) ۾ ويهان، سمورو وقت سرڪار جي خدمت ۾ صرف ڪريان ۽ پٺيان گهر ۾ منهنجا ٻچا بک ۽ پاه پيا ٿين!“ ڄام کي اها ڳالهه دل سان لڳي. قاضيءَ جي پگهار ۽ سندس الائونس وڌائي، کيس رخصت ڏنائين. ان کانپوءِ سڄي سنڌ جي اندر سڀني قاضين جون پگهارون، صالحن ۽ درويشن جا وظيفا وڌائي ڇڏيائين. نيٺ ڄام سنجر الله جي حڪم ۽ درويش جي دعا سان پورا اٺ سال سنڌ تي حڪومت ڪري، راهه رباني وٺي ويو ۽ ڄام نندو سندس جانشين ٿيو.

        تحفة الڪرام واري ڄام نظام الدين جو شجرو هن ريت لکيو آهي: نظام الدين ولد پاپيو ولد انڙ ولد صلاح الدين ولد تماچي. پر سندس مقبري جي مٿان جو مڪليءَ تي آهي هن ريت لکيل آهي: ”سلطان نظام الدين شاه ولد سلطان صدر الدين شاه ولد سلطان صلاح الدين شاه ولد سلطان رڪن الدين شاه ولد سلطان فيروز شاه“. تنهنڪري راقم الحروف ڄام نظام الدين جي انهيءَ شجري تي اعتبار ٿو ڪري جو سندس مقبري تي لکيل آهي. هيءُ ڄام نهايت ئي ديندار، متوضع ۽ سهڻين خصلتن وارو، فقيرن جو دوست ۽ برگزيدو انسان هو. هت سندس گهڻيون خصلتون بيان ڪيون ٿيون وڃن.

        ڄام نظام الدين جي دور حڪومت ۾ ڪو به ماڻهو بي نماز ۽ بنا وـضو نه رهندو هو [6] ڄام هر هفتي اصطبل ۾ ويندو هو ۽ گهوڙڻ جي پيشانين تي هٿ گهمائي، کين چوندو هو ته ”اي غازيو! مان نٿو چاهيان ته توهان جي مٿان هروڀرو سواري ڪئي وڃي ڇو ته منهنجي مملڪت جي چئني پاسن کان مسلمان حڪمران آهن. دعا ڪريو ته مونکي بنا ڪنهن شرعي سبب جي ڪيڏانهن وڃڻو نه پوي ته مان مسلمانن جي خون ۾ ملوث نه ٿيان ۽ نه وري ڪو غنيم مون تي چڙهائي ڪري اچي“. اهو به چيو وڇي ٿو ته مڪليءَ جي قبرستان ۾ ڪنهن بزرگ جو لاش قبر مان ظاهر ٿي پيو. ڄام جي مٿان اهاڳالهه منڪشف ٿي، ته هن جي جنازي جي نماز ٻيهر پـڙهڻي آهي ۽ امامت اهڙي شخص کي ڪرڻي آهي، جنهن بنا وضوعءَ جي آسمان ڏانهن نظر نه ڪئي هجي ۽ نه وري بنا سبب جي پنهنجي اُگهڙ ڏٺي هجيس. شهر ۾ منادي ڪرائي وئي، مگر اهڙو پرهيز گار خود ڄام کانسواءِ ٻيو ڪو به ملي نه سگهيو، جنهنڪري ڄام کي امامت ڪرڻي پئي.

        سنڌ جي ڪن مورخن جوچوڻ آهي ته ٺٽي شهر جو بنياد به ڄام نظام الدين ئي وجهرايو هو. جڏهن سندس دل ۾ نئين شهر تعمير ڪرائڻ جو خيال آيو، ته نجومين ڏانهن رجوع ڪيو ويو. هنن چيو ته جيڪڏهن نئون شهر (مڪليءَ جي) ٽڪريءَ تي اڏيندا ته شهر جا ماڻهو ڪي قدر سنگدل، جاهل ۽ آره زورا ٿيندا، جنهنڪري وقت جي حاڪم کي هميشه فڪر مند رهڻو پوندو ۽ جيڪڏهن ٽڪريءَ کان هيٺ نرم زمين تي شهر اڏايو ويو ته ماڻهو نرم دل، عقلمند ۽ نازڪ بدن ٿيندا. جن مان وقت جي حاڪم کي ڪو به فڪر لاحق نه ٿيندو. آخر نجومين جي صلاح سان شهر جو پايو مڪليءَ کان هيٺ ميداني علائقي ۾ وڌائون. ٺٽي جي تعمير جي تاريخ ”به بين بسم الله الرحمٰن الرحيم“ مان نڪري ٿي، جنهن جا عدد 893 آهن ۽ اهو هجري سال مطابق 1585ع سال جي [7] شهر جو نالو ”تهه تهه“ رکيو ويو ۽ ان جو سبب هيءُ اهي جو ٺٽي جو شهر، زمين تي تعمير ٿيل ٻين شهرن جي بنسبت گهڻو هيٺ آهي، انهيءَ ڪري ”تهته“ مشهور ٿيو، ۽ نيٺ اڳڀرو هلي ”ٺٽو“ بڻجي ويو.

        بيشڪ، انهيءَ زماني جي نجومين جي صلاح ڏاڍي معقول هئي، جو ٺتي جي شهر جي باشندن جو حال ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته هو نازڪ مزاج، داناء ۽ ڪم همت آهن.

        رقم الحروم جي، ٺٽي جي ڪيترن ئي معززن سان دوستي ۽ محبت آهي ۽ ڪيترائي سال ساڻن گڏجي اُٿڻ ويهڻ جا تعلقات رهيا آهن. شهر جي تعمير جي تاريخ به بلڪل موزون آهي، جو سڀني ديني ۽ ڪتابن جو زيب عنوان ”بسم الله الرحمان الرحيم“ ئي آهي.

        جيئن ته هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مڪليءَ جو نالو آيل آهي ۽ اتي گهنن ئي اوليائن، حڪمرانن، نامورن ۽ معزز ۽ بزرگ شخصيتن جون مزارون آهن، جي اڃا تائين موجود آهن، تنهنڪري اهو لکڻ ضروري نظر ٿو اچي ته مڪمليءَ تي ”مڪلي“ نالو ڪيئن پيو. راوين جو چوڻ آهي ته هڪ خدا پرست درويش ۽ اهل الله هندوستان کان مڪليءَ ۾ آيو، جنهن کي زيارت لاءِ مڪه معظمه وڃڻوهو. هڪ رات ڪو عجيب و غريب خواب ڏٺائين. جڏهن جاڳيو ته جذب ۽ بي خوديءَ جي عالم ۾ چوڻ لڳو ته ”هٰذا مڪة لي، هٰذ مڪة لي“ يعني منهنجو مڪو هيءُ آهي، منهنجو مڪو هيءُ آهي. پوءِ آهستي آهستي انهيءَ خطي جو نالو ”مڪلي“ مشهور ٿي ويو. سچ پچ مٿي ڄاڻايل بزرگن جي مزارن جي ڪري هيءَ هڪ برڪت ڀريو خطو آهي ۽ پنهنجين عجيب و غريب ڳالهين، شاندار عمارتن ۽ رنگا رنگي نقش و نگارن جي ڪري سنڌ جي هيءَ تڪري ڏسڻ وٽان آهي. راقم الحروف مڪليءَ تي وڃي اڪثر عمارتون ڏٺيون آهن ۽ ڄام نظام الدين جي وفات جي تاريخ ”سال 914“ به ڏٺي اٿس. اهو هجري سال، 1508 عيوسي سال جي مطابق آهي. قصو ڪوتاه، اهڙا حاڪم تمام ٿورڙا ٿي گذريا آهن.

         ڄام نظام الدين کان پوءِ سندس فرزند ”ڄام فيروز“ پنهنجي موروثي تخت تي ويٺو، پر جيئن ته اڃا صغير هو، تنهنڪري پڻس جي وصيت موجب حڪومت جو ڪاروبار سندس وزير دريا خان هلائيندو رهيو. ڄام فيروز جڏهن لائق ٿيو، ته حڪومت جو ڪاروبار پنهنجي پيءَ جي دستور جي خلاف هلائڻ لڳو، جنهنڪري دريا خان ناراض ٿي، ٺٽو ڇڏي هليو ويو. دريا خان جي عدم موجودگيءَ جو فائدو وٺي، ڄام صلاح الدين، جو هميشه حڪومت جو دعويدار هوندو هو، ڪڇ کان سنڌ ۾ آيو ۽ معمولي لڙائي کانپوءِ فيروز جي مٿان فيروزمند (فتحمند) ٿيو ۽ اٺ مهينا حڪومت ڪيائين. تنهن کانپوءِ ڄام فيروز، دريا خان جي مشوري ۽ مدد سان ڄام صلاح الدين کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ 926هه مطابق 1520ع تائين سنڌ جي مٿان اطمينان ۽ آزاديءَ سان حڪومت ڪيائين. اخر 937هه مطابق 1521ع مرزا شاه بيگ ارغون قنڌار کان سنڌ ۾ آيو (جنهن جو تفصيل ارغونن جي احوال ۾ بيان ڪيو ويندو) ۽ سنڌ تي قبضو ڪري، حڪومت ڪرڻ لڳو.

        راقم الحروف ارغونن جي احوال کڻ کان اڳ ۾ مناسب ٿو سمجهي ته سومرن ۽ سمن جي حڪومت جي عرصي (ميعاد) جي باري ۾ ڪجهه احوال بيان ڪري. ڇو ته سنڌ جي متعلق لکيل تاريخن جي ڪنهن به مولف انهن بنهي گهراڻن جي حڪومتن جي عرصي جي باري ۾ ڪو به احوال بيان نه ڪيو آهي ۽ هر پوئين مورخ اڳين مورخن جي نقش قدم تي هلي، سڀ ڪجهه پنهنجي خيال ۽ گمان جي آڌار تي لکيو آهي ۽ وري سڀني مورخن جا خيالات هڪ ٻئي کان مختلف اهن، جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ مونجهاري جو باعث بڻجي ٿا پون.

        پڙهندڙن کي نيڪ روشن هجي ته سنڌ جي باري ۾ آخري، معتبر ۽ تفصيلي تاريخ، ”تاريخ معصومي“ آهي، جنهن جو مولف مير محمد معصوم بکري ”نامي، هو. مير معصوم هندوستان جي بادشاهه جلال الدين محمد اڪبر جي زماني ۾ هو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو داناءُ، تجربيڪار ۽ نامور انسان هو. مٿي ڄاڻايل ڪتاب (تاريخ معصومي) ۾ سنڌ جا حالات مرزا جاني بيگ ترخاني جي قيد ٿيڻ واري زماني 9-1008هه مطابق 1600-1599ع تائين قلمبند ڪيا اٿس. ميرمحمد معصوم 1014هه ۾ هن جهان فانيءَ مان عالم جاودانيءَ ڏانهن رحلت ڪئي. سندس وفات جو سال (1014هه) ”بود نامي صاحب ملک سخن“ مان نڪري ٿو، جو 1605ع جي مطابق ٿو ٿئي. هيءُ هڪ عجيب اتفاق هو، جو اڪبر بادشاهه جو انتقال به انهيءَ ئي سال ٿيو، جو ”فوت اکبر شه“ مان ظاهر ٿو ٿئي. مير محمد معصوم جو اولاد اڃا تائين سکر ۾ موجود آهي.

        مير محمد معصوم پنهنجي تاريخ جي شروع ۾ لکي ٿو ته ”جڏهن سنه 801هه (مطابق 1398ع) جي صفر ۾ صاحب قرآن (امير تيمو) جو ڏهٽو مرزا پير محمد ملتان کان سنڌ ۾ آيو، ته ان کانپوءِ سومرا گهراڻي جا حڪمران، دهليءَ جي بادشاهن جي اطاعت ترڪ ڪري، سنڌ جي مٿان آزادي ۽ خود مختاريءَ سان حڪومت ڪرڻ لڳا.“ تاريخ معصوميءَ ۾ ٻئي هنڌ درج آهي ته ”ڪو به ڪتاب، جنهن ۾ سومرن ۽ سمن جو تفصيلي احوال درج هجي، منهنجي نظر کان نه گذريو آهي، تنهنڪري جيڪو مختصر احوال هٿ اچي سگهيو آهي، سو لکيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي هن کان وڌيڪ ڪجهه ملي سگهي، ته اهو هن (تاريخ معصومي) ۾ شامل ڪري ڇڏي.“

        ٻي تاريخ ”بيگلارنامه“ آهي، جا 1000هه مطابق 1591ع ۾ مغلن جي دور حڪومت جي باري ۾ لکي وئي آهي. پر افسوس هيءُ آهي، جو مولف جو نالو نٿو ملي [8] ۽ سندس اولاد جو پتو به ڪو نه ٿو پوي. انهيءَ تاريخ ۾لکليل آهي ته ”سومرا گهراڻي سنڌ جي مٿان پنج سئو پنج سال حڪومت ڪئي. ان کانپوءِ سما حڪمران ٿيا ۽ هنن مان پندرهن ڄڻن سنڌ ۾ وڏي ڪر فر ۽ دٻدٻي سان حڪومت ڪئي ۽ هڪ سئو نوي سالن جي حڪمرانيءَ بعد سندن حڪومت جو دور ختم ٿي ويو.“

        ٽين تاريخ ”طاهري“ آهي، جنهن جو مولف سيد طاهر محمد نسياني ولد سيد حسن ٺٽوي آهي (جنهن جو اولاد هن وقت ظاهر نه آهي) تاريخ طاهريءَ ۽ بيگلارنامه جي تاليف جو زمانو ساڳيو ئي نظر اچي ٿو. تاريط طاهري وارو لکي ٿو ته ”سومرا ۽ سما سنڌ جا آڳاٽا زميندار هئا ۽ انهن مان گهڻا هوندو هئا. جيڪڏهن انهيءَ زماني ۾ سنڌ جا حالات ڪنهن شخص لکيا هوندا ته اهي هندي رسم الخط ۾ هوندا، جو مشهور (يعني عام طور تي مروج) نه آهي.“ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ”سنڌ جي جهونن ماڻهن کان جيڪي ٻڌڻ ۾ آيو آهي، سو هيءُ اهي ته سنڌ ۾ ستين صدي هجريءَ کان 843هجريءَ تائين هندو مذهب رکندڙ سومرا حڪمران هئا“ ٽئين هنڌ لکي ٿو ته ”سمن جي حڪومت جو عرصو 84 سال هو.“

        چوٿين تاريخ تحفة الڪرام آهي، جا بالڪل آخري ۽ تفصيلوار تاريخ آهي ۽ 1187هه مطابق 1773ع ۾ لکي وئي اهي، ان جو مولف مير علي شير (فانع) مير شڪر الله شيرازيءَ جي اولاد مان هو. مير شڪر الله مرزا شاه بيگ ارغون جي زماني ۾ ٺٽي ۾ آيو هو ۽ اڃا تائين سندس اولاد ٺٽي ۾ موجود آهي. تحفة الڪرام وارو لکي ٿو ته ”سومرا گهراڻي سنڌ تي پنج سئو پنج سال حڪومت ڪئي“ ۽ سمن جي باري ۾ لکي ٿو ته ”هڪ سئو پنجهتر سال حڪومت ڪيائون.“

        مٿي ڄاڻايل چئني مورخن ۾ سومرن ۽ سمن جي حڪمرانيءَ جي ميعاد ۾ اختلاف آهي [9] اڪثر تاريخن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته جڏهن صاحب قرآن امير تيمور جي ڏهٽي مرزا پير محمدکانپوءِ هندوستان ۾ وڏو انتشار پيدا ٿيو، تڏهن سنڌ جي مٿان سومرا گهراني جو آزادانه ۽ خود مختيارانه تسلط ٿيو ۽ اهو سال 801هه مطابق 1398ع هو. تنهنڪري هن گهراڻي جي حڪومت جي ابتدا انهيءَ ئي زماني کان سمجهڻ گهرجي. از انسواءِ تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام مطابق هن گهراني جي حڪومت جو خاتمو ”ارميل“ جي دور حڪومت کان سمجهڻ گهرجي، جنهن جي ظلم جي نتيجي ۾ سومرن جي حڪومت ختم ٿي وئي. پر افسوس اهو آهي جو سندن هڪومت جي خاتمي جو سال يقيني طور تي معلوم ٿي نه ٿو سگهي. تحفة الڪرام جو هيءُ چوڻ ته ”سومرن جي حڪومت جو زوال ”حمير سومري“ کان ٿيو“، اعتبار جوڳو نه آهي. تحفة الڪرام واري اها روايت ”منتخب تاريخ“ تان ورتي وئي آهي، مگر هن وقت انهيءَڪتاب جو نانءُ نشان نه ظاهر آهي ۽ نه وري ڪنهن ٻئي تاريخي ڪتاب مان ئي ان جي تائيد ٿي ٿئي. البت راقم الحروف تحفة الڪرام جي ٻئي قول جي فقط هيتري تائيد ٿو ڪري ته ڪن شعرن، ڪافين ۽ قصن ۾ سومرا قوم جي چند سرڪرده ماڻهن جا نالا ملن ٿا، جي عوام ۾ مشهور اهن. جهڙوڪ دودو، چنيسر، ٻهڻو، عمر، حمير ۽ مينڌرو وغيره. انهيءَ ڪري غالباً گمان آهي ته شايد انهن ماڻهن سنڌ جي ڪنهن علائقي تي انهيءَ زماني جي بادشاهن جي طرفان حڪومت ڪئي هجي باقي سندن آزاد ۽ خودمختيار حڪومت جي ثابتي نه ٿي ملي.

        راقم الحروف پنهنجي مٿان واجب ٿو سمجهي ته جڏهن سومرا گهراڻي جو سومرو احوال بيان ڪيو ويو آهي ته سما گهراڻي جو احوال به بيان ڪري.

        مٿي بيان ڪيل احوال مان واضح ٿو ٿئي ته ارميل سومري کانپوءِ سما گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي، مگر افسوس آهي جو سخت ڪوشش جي باوجود راقم الحروف جي نظر مان اهڙو ڪو به ڪتاب نه گذريو آهي، جنهن مان پتو پوي ته سمن جي حڪومت ڪهڙي سال ۾ شروع ٿي. باقي جاڳالهه ثابت ٿي سگهي آهي، سا اها آهي ته سما گهراڻي جي پهرئين حڪمران جو نالو ”انڙ“ هو. اهڙيءَ ريت اها ڳالهه به يقيني آهي ته 926هه مطابق 1520ع ۾ شاه بيگ ارغون جي قبضي کان پوءِ هن گهراڻي جو خاتمو ڄام فيروز ولد ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي تي ٿيو.

        راقم الحروف جو چوڻ آهي ته مٿي بيان ڪيل احوال مان سومرا گهراڻي جي حڪومت جي شروعات 801هه مطابق 1397ع کان بنا شڪ شبهي جي ثابت آهي ۽ سما گهراڻي جي حڪومت جو زوال 926هه مطابق 1520ع کان به بنا شڪ شبهي جي ظاهر آهي، ۽ اهو عرصو هڪ سئو پنجويهه سال آهي. ٻنهي گهراڻن جي وچ ۾ انهيءَ عرصي (125 سال) جي تقسيم نهايت ئي پختن دليلن ۽ سهڻي طريقي سان ڪري، مٿي بيان ڪئي وئي آهي.

        هن وقت سمن جو اولاد به سومرن جي اولاد وانگر پنهنجي اصليت بدلائي، ٻين قومن سان گڏجي سڏجي ويو آهي ۽ جيڪو جنهن رنگ ۾ آهي اهو انهيءَ ئي رنگ ۾ سڃاڻجي ٿو. گهڻا ڌوٻي، نيروٽي ۽ درزي آهن. ڪي زميندار، سرڪاري ملازم ۽ هنر وارا به آهن. مگر نالي وارا زميندار ۽ جاگيردار ”نهمردي“ يا ”نومهري“ قوم جا آهن، جن جو سردار ملڪ صوبدار خان ولد سردار خان آهي. يا جت قوم، جنهن جو سردار ملڪ علام حسين ولد جهان خان جت آهي ۽ اهي پاڻ کي ”سماٽ“ سڏائيندا آهن يعني سمي جو اولاد.

 

اٺون طبقو

سنڌ تي ارغون گهراڻي جي حڪومت

سنه 927هه مطابق 1521ع جي شروعات کان

        تحفة الڪرام جي قول مطابق ارغون، چنگيز خان جو اولاد آهن، جنهن جو تفصيل هن ريت اهي: ارغون خان، ولد هلاڪو خان، ولد تولي خان، ولد چنگيز خان. ارغون جي اولاد مان مرزا شاه بيگ ولد امير زوالنون ولد حسن بصري 926هه مطابق 1520ع ۾ بابر شاه کان ناراض ٿي، قنڌار کان سيوي ۽ گنج آبه (سبي ۽ گندا واه) جي رستي ٺٽي آيو ۽ انهيءَ وقت جي حڪمران ڄام فيروز سان لڙائي ڪري، مٿس فتح حاصل ڪيائين. ڄام فيروز اطاعت قبول ڪئي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ معاهدو ٿيو ته لڪ علوي (لڪي) کان هيٺ وارو حصو سمنڊ جي ڪناري تائين ڄام فيروز جي هٿ ۾ رهندو، مگر مير علي اڪبر ارغون هن جو معاون هوندو. انهيءَ معاهدي موجب مرزا شاه بيگ ارغون مير عليڪه ارغون، سلطان مقيم بيگلار ۽ ڪيبڪ ارغون کي سيوهڻ ۾ مناسب عهدن تي مقرر ڪرڻ بعد، پاڻ پکر ڏانهن ڪوچ ڪيو ۽ اتي سلطان محمود خان ولد مير فاصل خان ڪوڪلتاس کي، جو اڃا پندرهن سالن جو هو، حاڪم مقرر ڪيائين. بکر جو قلعو کيس پسند آيو ۽ رضوي ساداتن ۽ ترڪن وغيره کي، جي گهڻي عرصي کان اتي رهندا هئا، روهڙيءَ ۾ وڃي رهڻ جو حڪم ڏنائين. انهن ڏينهن کان بکر جا سادات هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا. هن وقت گهڻا روهڙيءَ ۾ آهن. ڪي سنگرار ۾، ڪي ڪنڊياري ۾، ڪي نصرپور ۾ ۽ ڪي گجرات ۾ ٿا رهن. بکر جي قلعي ۾ جيڪي عمارتون آهن، سي اررو شهر جي سرن مان ٺاهيون ويون (انهيءَ قلعي جي اها تعمير ٽيون دفعو ٿي آهي). مطلب ته مرزا شاه بيگ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي عملي جي لاءِ هر ڪنهن جي لياقت آهر عمارتن جي تعمير ۽ مرمت ڪرائي، پاڻ شال ڪوٽ (ڪوئٽه) هليو ويو.

        اڃا هڪ سال به نه گذريو هو ته ڄام صلاح الدين، جو هميسه حڪومت جو دعويدار هوندو (۽ جنهن جو ذڪر مٿي به ڪيو ويو آهي) ٺٽي تي ڪاهه ڪئي ۽ ڄام فيروز کي ڀڄائي پاڻ حڪومت تي قبضو ڪري ويهي رهيو. ڄام فيروز سيوهڻ جي ارغون هاڪمن وٽ ويو ۽ اتان مرزا شاه بيگ کي مدد لاءِ عرضي موڪليائين. مرزا شاه بيگ پنهنجي فرزند ارجمند مرزا شاه حسن غازيءَ کي وڏو لشڪر ڏئي روانو ڪيو، جنهن ٺٽي پهچي، ڄام صلاح الدين سان جهنگ ڪئي ۽ سندس پٽ ڄام هيبت علي خان کي ميدان جنگ ۾ ماري، فته ۽ نصرت حاصل ڪيائين ۽ دستور موجب حڪومت ڄام فيروز جي حوالي ڪري پٺتي موٽ کاڌائين. انهيءَ وچ ۾ سندس والد بزرگوار مرزا شاه بيگ به ”باغبان“ ۾ اچي پهتو، جو دادو ضلعي جو هڪ ننڍو ڳوٺ آهي. اتي ٻنهي (پيءُ پٽ) جي ملاقات ٿي ۽ ٻئي گڏجي سيوهڻ ويا، جتي ڪي جايون وغيره تعمير ڪرايائون. پوءِ ٽلٽيءَ وٽان سنڌو ندي اُڪري بکر جي قلعي ۾ پهتا. جيتوڻيڪ ٽلٽيءَ وٽ ڪي سما ۽ ٻين قومن جا ماڻهو مرزا شاه بيگ سان وڙهيا، مگر هن سان پڄي نه سگهيا. مرزا شاه بيگ بکر جي قلعي ۾ عمارتن درست ڪرائڻ بعد سال کن اطمينان سان گذاريو. 968هه  مطابق 1522ع ۾ پنهنجي فرزند ارجمند مرزا شاه حسن سان گڏجي، وڏو اٽالو ساڻ ڪري، بکر کان گجرات فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، ته نصرپور وٽ ملڪ الموت جي لشڪر مٿس ڪاهه ڪئي ۽ 22 شعبان 928هه تي هن فاني جهان مان عالم جاودانيءَ ڏانهن راهيٿيو. ڪنهن ظريف سندس وفات جي تاريخ ”شهر شعبان“ (شعبان مهينه) جي لفظن مان ڪڍي آهي، جنهن جا عدد 928 آهن. مرزا شاه بيگ جو لاش چنگيز خاني رسمن ادا ڪرڻ بعد بکر نيائون ۽ هڪ سال بعد مڪه معظمه (زاد الله شرفها) نيئي دفن ڪيائون.

        اڪثر تاريخن مطابق مرزا شاه بيگ سڪرات جي وقت، محمد شريف نالي هڪ حافظ قرآن کي گهرايو ۽ کيس يٰسين شريف پرهڻ لاءِ چيائين. حافظ جڏهن هن آيت تي پهتو ”و مالي لا اعبد الذي فطرني واليه ترجعون“ (مونکي ڇا ٿيو آهي، جو مان ان عبادت ٿو ڪريان، جنهن مونکي پيدا ڪيو آهي. حالانڪه اوهان ۽ اسان کي ان ڏانهن موٽي وڃڻو آهي) ته چيائينس ”حافظ! وري پڙهه.“ وري حافظ جڏهن هن آيت تي پهتو ”قال يا ليت قومي يعلومون بما غفرلي ربي“ (چيائين ته ڪاس، منهنجي قوم کي اها ڄاڻ هجي ها ته منهنجي پرورد گار مونکي ڇا جي ڪري بخشي ڇڏيو) ته سندس روح پرواز ڪري ويو.

        مورخن اهو به لکيو آهي ته مرزا شاه بيگ نه فقط ميدان جنگ جو سپاهي هو، پر ديني علمن تفسير ۽ حديث کان به چڱي طرح واقف هو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن تي پنهنجي هٿ سان حاشيا لکيا هئائين. انهيءَ ئي سال 928هه مطابق 1522ع ۾ مرزا شاه بيگ نصرپور ۾ پنهنجي پيءُ جي گاديءَ تي ويٺو ۽ بابر بادشاه جي نالي جو خطرو پڙهيائين (نصرپور هن وقت ٽنڊي الهيار تعلقي ۾ هڪ وڏو ڳوٺ آهي).

        ڄام فيروز، مرزا شاه بيگ جي وفات کانپوءِ قدري نافرماني ڪئي، جنهنڪري مرزا شاه حسن نصرپور کان ٺٽي تي ڪاهه ڪئي ۽ بندوقن، تيرن ۽ ترارن جي جنگ کانپوءِ ڄام فيروز شڪست کائي ڀڳو ۽ مرزا شاه حسن فتح حاصل ڪئي. روايت اهي ته جڏهن ارغونن ۽ سمن جو لشڪر هڪ ٻئي کان آمهون سامهون ٿيو، ته انهيءَ وقت سما گهوڙن تان لهي پيا. مٿن تان پڳون لاهي اڇلايائون ۽ پيڙاهڻن جي دامن هڪ ٻئي سان ٻڌي، جنگ جوٽيائون (انگريزن جي تسلط کان اڳ ۾ سڄي سنڌ جي اندر اها رسم موجود هئي، جا قسم جي برابر سمجهي ويندي هئي.) قصو ڪوتاه، ڄام فيروز ڀڄي ويو ۽ مرزا شاه حسن فتح ۽ نصرت حاصل ڪرڻ بعد ٺٽي ۾ داخل ٿيو ۽ اميرن ۾ مال غنيمت تقسيم ڪري، ڇهه مهينا ”تغلق آباد، ۾ رهي پيو (هن وقت تغلق آباد جو فقط هڪ ويران دڙو موجود آهي) ۽ ٺٽي ۾ ترخان قوم منجهان هڪ حاڪم مقرر ڪري، پاڻ هالا ڪنڊي (هالا) سيوهڻ ۽ درٻيلي (ڊڀري) کان شڪارڪندو ۽ مستحقن ۾ انعام ورهائيندو ”ٻٻرلوءِ جي چارباغ“ ۾ اچي داخل ٿيو (هن وقت هيءُ هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، البت ان جي ڀرسان ”شاه جو دونهون“ نالي هڪ ٻيو نئون اڏيل ڳوٺ آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري سادات رهندا آهن،جن وڏو سيد انور عيل شاهه ولد سيد خاڪي شاهه آهي). مرزا شاه حسن ۽ ٻٻر لوءِ ۾ چند ڏينهن آرام ڪرڻ بعد بکر ۾ آيو ۽ پنهنجي دليري ۽ قلمنديءَ سان سنڌ جي حدن ۾ اضافو ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جون هدون هن ريت هيون: اوڀر ۾ ملتان جي ويجهڙائي تائين.اُتر ۾ سبيءَ تائين، ڏکڻ ۾ ڪڇ تائين ۽ اولهه ۾ سمنڊ تائين. مرزاشاه حسن پنهنجي سر ايڏو وڏو دلير ۽ قلمند هو، جو ڌاريجا، ڏهر، ماڇي ۽ ڪي ٻيون قومون، جي سخت سرڪش هيون، انهن کي دڙڪي داب سان پنهنجو فرمان بردار بڻائي ڇڏيائين. مرزا شاه حسن ڇهه مهينا بکر جي قلعي ۾ رهندو هو ۽ ڇهه مهينا ٺٽي ۾. سلطان محمود خانهاڪم جي حيثيت ۾ مستقل طور بکر ۾ رهندو هو ۽ بکر جو سڄو نظم نسق سندس ئي هٿ ۾ هوندو هو.

        جيتوڻيڪ 947ع مطابق 1540ع ۾ سلطان همايون بادشاهه ملتان ۽ اُچ جي رستي روهڙيءَ پهچي، بکر هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سلطان محمود سان جنگ جهڙي روش اختيار ڪيائين. مگر سلطان محمود، مرزا شاه حسن جي اجازت کانسواءِ بادشاهه کي بکر ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. بادشاهه همايون جي شاهي حق کي مدنظر رکندي، خوراڪ ۽ ضروريات زندگيءَ جون ٻيون شيون موڪليندو رهڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪيائين. نيٺ بادشاهه مجبور ٿي، چند مهيا ٻٻر لوءِ جي چار باغ ۾، ڪجهه عرصو دربيلي ۽ سيوهڻ ۾ گذاريو. بکر تي ڪيترائي ڀيرا ڪاهه ڪيائين، پر ڪامياب نه ٿيو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ وڏو ڏڪار هو ۽ ڪيترائي شهر ويران ٿي ويا هئا. انهن ڏينهن ۾ بادشاهه درٻيلي کان پاٽ ۾ آيو (پاٽ هن وقت سنڌونديءَ جي ڪناري تي هڪ ننڍو ڳوٺ آهي) ۽ شيخ علي اڪبر جي نياڻي حميده بانو بگم سان نڪاح ڪيائين. شيخ علي اڪبر مرزا هندال جي اميرن مان هو.


 


[1]  ”لب تاريخ“ جي تاليف کانپوءِ، خان بهادر الله بخش سومرو سنڌ جو سابق وزير اعظم هڪ معزز ترين شخصيت جو مالڪ ۽ سياسي خواهه اخلاقي نقطهء نگاهه کان اعليٰ درجي جو انسان ٿي گذريو آهي. جنهن تي سنڌ کي هميشه فخر رهندو ۽ سنڌ جي تاريخ سندس ذڪر خير کان سواـءِ غير مڪمل رهندي. سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي نامور ۽ معزز سومرا اڳ ۾ به ٿي گذريا آهن ۽ هن وقت به موجود آهن (مترجم).

(2) شيخ سعديءَ چيو آهي ته ”هر کسي پنج روز نوب اوست، (مترجم)

[2]  سما ”ساوندري“ کان آيا هئا (ن . ب). (2) صحيح ”بانبهنيه“ آهي. (3) ساموئي جا کنڊر ڪوه مڪليءَ جي ڀرسان اُتر جي پاسي کان موجود آهن. (4) يعني سلطان محمد شاهه تغلق (ن .ب).

[3]  پندرهن سالن واري ڳالهه مشڪوڪ آهي (ن .ب)

[4]  اصل ”بادره“ آهي، جا غالباً ”اوباره“ جي بگڙيل صورت آهي. هن سلسلي ۾ تاريخ معصوميءَ جي عبارت هن ريت آهي: ”ڏيڍ سال جي عرصي ۾ سنڌ جو سڄو ملڪ سمنڊ کان وٺي ڪاجريلي ۽ ڪنڌيءَ تائين، جا ماٿيلي ۽ اوٻاري جي سرحد آهي، پنهنجي قبضي ۾ آندائين. (ن. ب).

[5]  تاريخ معصومي، مطبوعه ڀنڊارڪر اورينٽل انسٽيٽيوٽ پونا ص 27.

[6]  اهو مبالغو ٿو ڏسجي. البت اها حقيقت آهي ته ڄام هڪ صالح انسان هو ۽ پاڻ هميشه باوضو رهندو هو.

[7] هن روايت جي ڪا تاريخي ثابتي ڪانهي. ٺٽو ڄام نظام الدين کان اڳ ۾، سلطان محمد بن تغلقن جي دور (425- 752هه) ۾ به موجود هو. ابن بطوطه، جو 734هه ۾ سنڌ ۾ آيو هو، ٺٽي جو ذڪر نه ڪيو آهي. جنهنڪري ائين سمجهڻ گهرجي ته ٺٽي جو بنياد 734 ۽ 752 جي درميان رکيو ويو. ”بيين بسم الله الرحمٰن الرحيم“ جا عدد 850 آهن، نه 893. از انسواءِ سال 893 هجري، تاريخ 17 ڊسمبر 1487ع کان شروع ٿيو. تنهنڪري عيسوي سال 1487 – 1488 جي مطابقاهي، نه 1585ع جي (ن . ب).

[8]  بيگلارنامي جي مولف جو نالو ”ادراڪي بيگلار“ آهي، جو پنهنجي وقت جي مشهور ۽ نامور شاعرن منجهان هو (ن . ب).

[9]  تحفة الڪرام ۽ بيگلارنامي ۾ ٿورڙو اختلاف آهي، ۽ اهو به فقط سمن جي حڪومت جي ميعاد جي باري ۾ (مترجم).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org