سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني تاريخ

باب: --

صفحو :2

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، لسانيات جي ماهرن مان هڪ آهي. هُن جا مقالا، پاڪستان ۾ مهراڻ رسالي ۾ ڇپجي چڪا آهن. جيٽلي صاحب سان لسانيات جي حوالي سان ادبي نوڪ جهوڪ ٿيندي رهي آهي. هُو برهمڻ وڌيڪ آهي، ان ڪري اسان جهڙن کي ’شودر‘ سمجهندو آهي. جيٽلي صاحب طرفان ڪيل تنقيد کي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي مقالي ”سنڌي ٻوليءَ جو محاورو“ ۾ دليل طور پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر جوڻيجي جو اهو مقالو سه ماهي مهراڻ جي نمبر 3/1992ع ۾ ڇپيل آهي. ڊاڪٽر جوڻيجو صاحب، جيٽلي صاحب جو حوالو ڏيندي صفحي 141 تي لکي ٿو:

”حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ڪتاب (سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي) تي جيڪو سرو ڏنو ويو آهي اُن مطابق بحث ٿيل نه آهي. لساني جاگرافي (صحيح لفظ لسانياتي جاگرافي هئڻ گهرجي) جو مقصد آهي ڪنهن ٻوليءَ جي جدا جدا اُپڀاشائن، انهن جي آوازن جي خاصيت ۽ وياڪرڻي بيهڪ ۾ جيڪو تفاوت نظر اچي ٿو، انهيءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، هڪ تفصيلوار بيان پيش ڪرڻ، پر هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جدا جدا اُپڀاشائن جو اهڙي قسم جو ڪو به بيان ڏنل نه آهي، انهيءَ جي بدران جدا جدا تاريخي دورن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڀر وارن علائقن ۾، ڪهڙيءَ طرح ڦهلاءُ ٿيو، اُن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. راجسٿان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلجڻ جا انگ اکر ۽ اتهاس نه ملڻ ڪري ليکڪ ٻن صفحن ۾ احوال لکي باب پورو ڪيو آهي“.

ڊاڪٽر جوڻيجي طرفان، ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي ڏنل هن راءِ تي مون جيڪي وضاحتي جملا لکيا هئا، تن ۾ مون عرض ڪيو هو ته:

”جيٽلي صاحب ”لسانياتي جاگرافي“ جي جيڪا وصف بيان ڪئي آهي، اُها دراصل Dialect Geography جي وصف آهي ۽ نه ڪه لسانياتي جاگرافيءَ (Linguistic Geography) جي. ڊاڪٽر جوڻيجي، ماريو پاءِ (Mario Pei) جي لغت مان وصفون ڏنيون آهن. ماريو پاءِ، پنهنجي ڪتاب ڊڪشنري آف لنگئسٽڪس (Dictionary of Liguistics) ۾ صفحي 56 تي dialect جي جيڪا وصف ڏني آهي، سا هيءَ آهي:

“Dialect is a specific from (vii) of a given language, spoken in a certain locality of geographic area, showing sufficient differences from the standard of literary from of that language, as to pronounciation, grammatical considered a distinct entity, yet not sufficiently distinct from other dialects of the language to be regarded as a different language.”

پنهنجي ڪتاب جي ساڳئي صفحي (ص 56) تي ماريو پاءِ، Diallect geography جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو:

“The Study of local linguistic differences within given speech area”.

هنن ٻنهي وصفن جي ڏيڻ کان پوءِ، مون اڳتي لکيو آهي ته:

”انهن ٻنهي وصفن جي روشني ۾ آءٌ اڃا به هن راءِ جو آهيان ته لساني جاگرافي ڪتاب ۾ جيڪو مواد شامل آهي سو Linguistic geography واري وصف مطابق آهي. Linguistic geography جي وصف، صفحي 124 تي بيان ڪندي، ماريو پاءِ لکي ٿو:

“Linguistic geography is that branch of linguistic which studies and classifies the geographic extension and boundaries of linguistic phenomena.”

مون پنهنجي وضاحتي مقالي ۾، صفحي 115 تي عرض ڪيو هو ته:

”آءٌ اهو قبول ٿو ڪريان ته ”لساني جاگرافيءَ“ جي ڀيٽ ۾، ’لسانياتي جاگرافي‘ عنوان وڌيڪ درست آهي: منهنجي ذهن ۾ لفظ Linguistic geography of Sindhi language هو، جنهن جو سنڌي نعم البدل مون ”لساني جاگرافي“ پئي لکيو آهي، جيڪو ”لسانياتي جاگرافي“ هجڻ گهرجي.

مون پنهنجي ڪتاب ۾ جنهن سنڌ جو ذڪر ڪيو آهي اُها سنڌ اڄوڪي سرحد واري سنڌ نه، پر سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر واري سنڌ آهي، ان لحاظ کان اُن وقت سنڌ جون جيڪي جاگرافيائي حدون هيون، يا اهي خطا جيڪي تڏهوڪي سنڌ جي ماتحت نه هئا، پر سنڌي ٻولي انهن ملڪن ۽ رياستن تائين پنهنجا اثر وڌايا هئا، جنهن سبب جي ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي سرحدن ۾ به واڌارو ٿيو هو، جن جو ذڪر لساني/ لسانياتي جاگرافيءَ م ڪيل آهي.

ان دليل جي آڌار تي ڪتاب جو نالو بيشڪ لسانياتي جاگرافي رکجي (جيئن عمر چنڊ صاحب سندس ڪتاب ۾ صفحي 20 تي لکيو آهي) پر مواد اهوئي آهي جيڪو ”ماريو پاءِ“ جي وصف تي لهي ٿو اچي. هن ڪتاب ۾ سر گريئرسن سندس ڪتاب Linguistic Survey of India جي جلد اٺين جي پارٽ پهرئين ۾ هيئن فرمايو آهي:

“Sindhi has extended its isoglosses beyond the geography boundaries of Sind”.

جيٽلي صاحب جو حوالو ڏيندي، ڊاڪٽر جوڻيجو ساڳئي مقالي ۾ صفحي 141 تي لکي ٿو:

”لساني جاگرافي ڪتاب ۾، سنڌي ٻوليءَ جي اُپڀاشائن جي وياڪرڻي تفاوت وغيره تي بحث ڪيل نه آهي“

ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب جي انهيءَ تنقيدي راءِ تي مون پنهنجي جواب ۾ هيئن عرض ڪيو هو:

”ان ڏس ۾ منهنجو هيءُ عرض آهي ته محترم ڊاڪٽر جيٽلي ۽ جوڻيجو صاحب منهنجي انهيءَ ڪتاب (لساني جاگرافي) جا صفحا 45 کان 49، 110 کان 111، 132 کان 135، 152 کان 157 ۽ 235 کان 239 تائين پڙهي ڏسن. انهن صفحن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪڇي، فراڪي، جدگالي لهجن کان سواءِ بلوچيءَ تي سنڌيءَ جو اثر ۽ سرائڪي ۽ سنڌيءَ جي صوتيات، صرف ۽ نحو، ۽ علم معانيءَ جي باري ۾ گهڻي معلومات موجود آهي“ (ص 116).

مون مٿي چيو آهي ته هن ڪتاب جو نالو ”لساني جاگرافيءَ جي بدران لسانيات جاگرافي وڌيڪ مناسب ٿئي ها. مون ائين به عرض ڪيو آهي ته:

”دراصل منهنجو هي ڪتاب ڊائليڪٽالاجي (dialectology) متعلق نه آهي پر لسانياتي جاگرافيءَ متعلق آهي، جنهن جي واضح وصف ماريو پاءِ ڏني آهي، ان لحاظ کان منهنجو مذڪور ڪتاب چنڊ صاحب طرفان واضح ڪيل پوئين نڪتي جي باري ۾ بلڪل صحيح معلومات ٿو ڏئي، جيئن چنڊ صاحب، سندس ڪتاب ۾ صفحي 20 تي فرمايو آهي، هو لکي ٿو:

”جنهن صورت ۾ پاڻ وٽ ’لنگوسٽڪس‘ کي ’علم اللغة‘ يا ’علم اللسان‘ جي بدران ’لسانيات‘ چئجي ٿو، ان صورت ۾ اسان تي لازمي آهي ته ’لنگيوسٽڪس‘ جي صفت، ’لنگوسٽڪ‘ جي لاءِ ’علم اللغة يا ’علم اللسان‘ جي صفتن (لغوي يا لساني) ڳولهڻ جي بدران ’لسانيات‘ جي صفت استعمال ڪريون، جيڪا ٿيندي لسانياتي، ٻئي طرف جيڪڏهن ’لغت‘ جي صفت ’لغوي‘ ۽ لسان جي لساني آهي ته ضروري ٿيندو ته ’علم اللغة‘ ۽ ’علم اللسان‘ لاءِ ’لغوي‘ ۽ ’لساني‘ کان سواءِ ٻيا ڪي لفظ استعمال ڪجن، جيڪي ’لغة‘ ۽ ’لسان‘ ۽ ’علم اللسان‘ جي صفتن ۾ فرق ڪري سگهن. انهيءَ لحاظ کان ’لنگوسٽڪ‘ جي لاءِ ’لسانياتي‘ استعمال ڪرڻ وڌيڪ موزون ٿئي ها ۽ ڪتاب جو نالو هوند رکجي ها: ’سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي جاگرافي‘.

مطلب ته جيڪڏهن ڪتاب جو نالو ’لساني جاگرافي‘ جي بدران ’لسانياتي جاگرافي‘ رکجي ها ته پوءِ بقول عمر چنڊ صاحب جي هي ڪتاب سڀ گهرجون، ضرورتون ۽ وصفون پوريون ڪري ٿو.

مون اهو قبول ڪيو آهي ۽ انگريزيءَ جي بدران سنڌيءَ ۾ ’لساني جاگرافي‘ جي لحاظ کان هي ڪتاب لکيل آهي ۽ انگريزيءَ جي بدران سنڌيءَ ۾ ’لساني جاگرافي‘ نالو رکيو ويو. جنهن ۾ ’لسانيءَ‘ جي بدران ’لسانياتي‘ لفظ ڪم آڻڻ وڌيڪ درست لڳي ها.

بهرحال هن ڇاپي ۾ به مون هن ڪتاب جي عنوان (لساني جاگرافي) ۾ ڪا به تبديلي ڪا نه آندي آهي ڇاڪاڻ ته اُستاد، شاگرد توڙي عام پڙهندڙ، هن عنوان سان 1979ع کان وٺي مانوس ٿي چڪا آهن. پڙهندڙ ڄاڻن ٿا ته سنڌيءَ جي پهچ ۽ پکيڙ جي سلسلي ۾ سنڌ جي قومن ۽ نسلن جي تاريخ ۽ Ethno Archaeology جي علم جي باري ۾، سنڌ جي سماجي لسانيات جي اڀياس جي سلسلي ۾، سنڌ جي سياسي تاريخ جي حوالي سان، سنڌ جي جاگرافيائي تاريخ واري باب ۾ هي ڪتاب پنهنجو اهم مقام رکي ٿو. آءٌ جيڪڏهن چاهيان ها ته سر گرئيرسن، ڪاڪي ڀيرومل ۽ ٻين انگريز ماهرن جي ڪتابن مان صفحن جا صفحا نقل ڪري، سڀ ڪجهه پنهنجي نالي ۾ ڇپائي ڇڏيان ها، پر مون ائين نه ڪيو. هن ڪتاب جو مطالعو ثابت ٿو ڪري ته سنڌي زبان ۾ تحقيقي ادب واري شعبي ۾ هن ڪتاب کي شامل ڪري خوشي حاصل ڪري سگهجي ٿي.

بهرحال مون ٻئي ڇاپي جي ”ح“ صفحي تي عرض ڪيو هو ته:

”هت هڪ حقيقت واضح ڪري ڇڏيان ته هيءُ موضوع سياسي، سماجي، علمي، ادبي، مذهبي ۽ جاگرافيائي تاريخ جي موضوع تي لکيل ڪتابن توڙي مشاهدي سان گهڻو واسطو ٿو رکي. مون پنهنجي سر ڪافي ڪتابن جو مطالعو ۽ سرزمين جو اڀياس پڻ ڪيو آهي. انهيءَ هوندي به آءٌ اها هام نٿو هڻان ته هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل هر ڳالهه حرف آخر آهي. مثال طور سبيءَ واري علائقي ۾ ڪم ايندڙ لاڙيچي ٻوليءَ جي باري ۾ ڪجهه به نه لکيو اٿم. ممڪن آهي ته فراڪي ۽ لاڙيچي ٻوليون ساڳيون هجن. اهڙيءَ طرح کيتراني ٻوليءَ جي باري ۾ مواد شامل نه ڪري سگهيو آهيان. ساڳيءَ طرح سرائڪي ايراضيءَ ۾، سرائڪي زبان جا اهي شاعر جن سنڌي زبان ۾ به شاعري ڪئي آهي، انهن جو احوال ڏيئي نه سگهيو آهيان. بلڪل اهڙيءَ طرح جهل مگسيءَ جي مگسي شاعرن جو احوال نه پر هڪ ڍانچو سمجهڻ گهرجي، جنهن ۾ ڪافي اضافو آڻي سگهجي ٿو. آءٌ هن سلسلي ۾ وڌيڪ لکڻ مناسب نٿو سمجهان.“

جيئن مٿي عرض ڪيو اٿم ته هن ڪتاب ۾ سنڌي لسانيات جي ڌار ڌار موضوعن کان سواءِ قديم سنڌ جي وسعت، تاريخ، جاگرافي، نسلي، آرڪيالاجي ۽ معاشرتي تاريخ جي باري ۾ گهڻو ئي مواد ملي ٿو.

آءٌ سنڌالاجيءَ جي پبليڪيشن شعبي جي هر ڪارڪن، خصوصاً ديوان وليرام ولڀ، نياڻي رضيه ٻگهيو ۽ پياري الهه بچائي ”ناز“ ڀٽي جو شڪر گذار آهيان، جن هن ڪتاب جي ٽئين ڇاپي جو بندوبست ڪيو. هن ڏس ۾ الهه بچائي ”ناز“ ڀٽي، پريس جا چڪر ڪاٽيا ۽ مون کي پنڌ کان ڇڏايو. هن سلسلي ۾ آءٌ سنڌ يونيورسٽي پريس جي مئنيجر محترم شهزادي گلفام جو به شڪر گذار آهيان جو هن سنڌ يونيورسٽي پريس جي ڪمپيوٽر سيڪشن مان، هن ڪتاب جو مواد ڪمپوز ڪرايو، پروف پڙهيا، پليٽون ٺهرايون، مواد پيسٽ ڪرايو، جيڪو گهڻي جوابداريءَ جو ڪم آهي.

آخر ۾ آءٌ منهنجي دوست ۽ ساٿي، محترم عبدالقادر جوڻيجي جو ٿورائتو آهيان، جو هن، هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ دلچسپي ورتي ۽ ٽئين ڇاپي پڌري ڪرڻ جو فيصلو ڪرايو.

گهڻي ڪوشش جي باوجود، وقت نه ملڻ سبب، آءٌ هن ڪتاب جي مواد ۾ ڪو به اضافو ڪري نه سگهيو آهيان، جنهن جو احساس اٿم. سنڌ جي ماڻهن، عالمن، اُستادن، شاگردن ۽ سنڌي لسانيات سان دلچسپي رکندڙ دوستن جي آڏو شرمسار آهيان. مون کي فخر آهي جو سنڌي ماڻهن منهنجي هن محنت جو قدر ڪيو آهي، اُن جو ثبوت هن ڪتاب جو هي ٽيون ڇاپو ڇپجي ظاهر ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ رب ڪريم جا شڪر ۽ لاتعداد احسان مڃيان ٿو.

سنڌي زبان جو فدائي

غلام علي الانا


 

ناشر طرفان

(ڇاپو ٽيون)

سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي ڪتاب جو ٽيون ڇاپو پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪندي ادارو گهڻي خوشي محسوس ٿو ڪري.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هن وقت تائين 163 ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آهن جن ۾ علم ادب جي ٻين موضوعن جي قابل قدر خدمت ڪئي آهي. لسانيات جو موضوع ڪو نئون ناهي، البت جديد لسانيات واري شعبي ۾ پاڪستاني ٻولين ۾ ايترا گهڻا ڪتاب شايع نه ٿيڻ جي باوجود سنڌي زبان ۾ پوءِ به چڱو مواد ڇپجي چڪو آهي.

هن ڪتاب جي مڃڻوتيءَ جي باري ۾ مصنف طرفان لکيل پيش لفظن ۾ تفصيل سان لکيو ويو آهي، انهيءَ ڪري ان کي دهرائڻ جي ضرورت نه آهي. هي ڪتاب لسانياتي جاگرافيءَ جي ڏسِ ۾ هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ موضوع جي باري ۾ ڪافي مواد موجود آهي جيڪو پڙهندڙن لاءِ سٺي معلومات مهيا ڪري ٿو.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ڇپائي لسانيات جي ڏس ۾ اڳتي قدم کنيو آهي.

اُميد ته لسانيات جي موضوع سان دلچسپي رکندڙ سڄڻ هن ڪتاب مان چڱو لاڀ پرائيندا.

ڊاڪٽر غلام علي الانا

ڊائريڪٽر

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي

ڄامشورو

ناشر طرفان

(ڇاپو ٻيو)

پڙهندڙ دوستن کي معلوم آهي ته هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو جولاءِ 1979ع ۾ شايع ٿيو هو، يعني هن قسم جي خشڪ موضوع وارو ڪتاب چئن سالن اندر ٻيو دفعو ڇپجي ظاهر ٿيو آهي. ان مان اِهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته لسانيات وارو موضوع سنڌ جي عام پڙهندڙن جي دل پسند موضوعن مان هڪ آهي.

لسانيات جي علم تي سنڌي زبان ۾ هن وقت تائين چڱا خاصا مضمون ۽ ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيا آهن، ۽ هن علم جو شوق ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي.

هن ڪتاب جي مقبوليت جو وڏي ۾ وڏو ثبوت هي آهي جو هن ڪتاب کي ٻن ادبي اوارڊن لاءِ بهترين ڪتاب سمجهيو ويو.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ڪارڪردگيءَ جي باري ۾ هاڻي ڪجهه دوستن ۽ سڄڻن جي نيڪ تمنائن سان، ٻين الاقوامي اداري جي حيثيت وٺي چڪو آهي. هن اداري جتي لائبرري، مائڪرو فليمنگ سيڪشن، سائونڊ آرڪائيوز، ميوزيئم ۽ آرٽ گئلريءَ جهڙا شعبا قائم ڪيا آهن، اُتي شعبہ تصنيف و تاليف ۽ ترجمي ذريعي ڪافي معياري ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آهن، جيڪي سنڌي زبان جي پڙهندڙن ته خير، پر پاڪستان جي ٻين زبانن جي اديبن، عالمن ۽ فاضلن پڻ پسند ڪيا آهن.

مون کي اميد آهي ته موضوع تي ٻيا به ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويندا ته جيئن لسانيات جي علم سان دلچسپي رکندڙ ساٿي پنهنجي علم ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري سگهن.

3- جون 1983ع

سنڌي زبان جو فدائي

ڊاڪٽر غلام علي الانا

پروفيسر انچارج

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي

مهاڳ

(ڇاپو پهريون)

سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ واري موضوع تي لکڻ، ان لاءِ جاگرافيائي حدون مقرر ڪرڻ، دراصل ڪنهن اڪيلي ماڻهوءَ جو ڪم نه آهي. هن موضوع تي تحقيق ڪرڻ، مواد گڏ ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن جو هڪ جٿو گهرجي، جيڪي ڪڇ، ڪاٺياواڙ، راجسٿان، بهاولپور (سابق رياست واري ايراضي)، بلوچستان جي کيتران، ساراوان، جهالاوان، قلات، لس ٻيلي، مڪران ۽ ويندي ايران واريءَ سرحد تائين پهچن، مقامي ماڻهن سان ملن ۽ مواد رڪارڊ ڪن. هر هڪ ڪارڪن وٽ هڪ ڪيسٽ رڪارڊر هجي ۽ هڪ سوالنامو پڻ ساڻ هجي. جي آڌار تي هو مقرر خطي ۾، ان خطي ۾ مروج سنڌي ٻوليءَ جي لهجي، ۽ ان لهجي جي محاوري جا نموني رڪارڊ ڪندو وڃي، ۽ ماڻهن سان ڳالهائيندو وڃي. ائين ڪرڻ سان ئي سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ تي صحيح ۽ سائنسي طريقي سان ڪم ڪري سگهبو.

هن ڏس ۾ اسڪيم جو ڍانچو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تي باقائدگيءَ سان ڪم ڪرڻ لاءِ وڏي رقم درڪار ٿيندي، جنهن تي في الحال عمل درآمد ڪرڻ جو پروگرام ڪونهي، پر جيڪڏهن زندگيءَ وفا ڪئي ۽ حڪومت طرفان مدد ملي ۽ ساٿين سهارو ڏنو ته هيءُ ڪم ڪو مشڪل نه آهي. هن ڏس ۾ ڪجهه ڪم هٿ ۾ کنيو ويو آهي.

هن ڪتاب ۾ في الحال انهيءَ اسڪيم متعلق تجويز ڪيل نه آهي. مذڪوره اسڪيم جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، نه فقط سنڌيءَ ٻوليءَ جي ڌار ڌار لهجن ۽ مهاورن جا نمونا سامهون ايندا، پر هر لهجي ۽ محاوري جي نموني تي جديد تشريح ۽ تقابلي لسانيات جي اصولن موجب سنڌي ٻوليءَ جي صوتي، صرفي، نحوي صورتن جو تجزيو ڪري سگهبو: جنهن ۾ هر لهجي ۾ هر محاوري جا خاص لفظ، اصطلاح چوڻيون ۽ پهاڪا به گڏ ٿيل هوندا. هڪ معياري لفظ لاءِ مختلف لهجن ۽ محاورن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نعم البدل لفظ ڪم اچن ٿا: هڪ معياري لفظ لاءِ مختلف خطن ۾ ڌار ڌار ڪهڙا ڪهڙا لفظ ڪم ايندا آهن، مختلف خطن جا اهي ڪهڙا ڪهڙا لفظ آهن، جيڪي معياري لهجي ۾ مروج نه آهن جڏهن انهيءَ اسڪيم مطابق سنڌي زبان جو مختلف لهجن ۽ جاگرافيائي حدن موجب مواد گڏ ڪيو ويندو، تڏهن انهيءَ گڏ ڪيل مواد جي مدد سان نه فقط سنڌي زبان جي لغت ۾ ڪافي اضافو ٿيندو، ۽ ويا ڪرڻ جون انوکيون ڳالهيون نمودار ٿينديون، پر علم الانسان (Anthropology) جي مطالعي ۾ دلچسپي رکندڙ عالمن کي ڪم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مواد مهيا ٿي ملندو.

اهو هڪ وڏو ڪم آهي، جو مون جهڙي هڪ ادنيٰ انسان لاءِ سر تي کڻڻ ناممڪن آهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ في الحال، ٿلهي ليکي، سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ جون حدون مقرر ڪيون ويون آهن، ته جيئن پڙهندڙن کي معلوم ٿي سگهي ته سنڌي زبان جون جاگرافيائي حدون برصغير ۾ ڪيستائين ڦهليل آهن، انهن حدن تائين سنڌي زبان جو ڦهلجڻ ۽ پکڙجڻ جا سبب ۽ ڪارڻ ڪهڙا هئا؟ هن سلسلي ۾ لسانيات جي جڳ مشهور ماهرن جيڪي اصول مقرر ڪيا آهن، ڪوشش ڪري انهن اصولن جي راهه وٺي، هن ڪتاب ۾ سنڌي زبان جي لساني جاگرافيائيءَ واري موضوع تي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويئي آهي. ان کان سواءِ سرگريئرسن، ڊاڪٽر سورلي، ڊاڪٽر بلوچ، ڪاڪي ڀيرومل ۽ ٻين ملڪي توڙي غير ملڪي ماهرن جي ڪتابن ۾ بيان ڪيل سنڌي ٻوليءَ جي لساني حد بندين کي پڻ سامهون رکيو ويو آهي: ته جيئن پڙهندڙ منهنجي دعويٰ کي خوش فهمي سمجهي، يا سنڌي زبان جي عشق ۾ غرق سمجهي، ”وڏي دعويٰ ڪندڙ“ وارو الزام نه هڻن.

جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ هيٺ حاشيي ۾ حوالا پڻ ڏنا اٿم، انهيءَ هوندي به مواد رهجي ويو هو، جو مون کي پوءِ ڪن سڄڻن جي معرفت هٿ آيو. منهنجي جماعت جي هڪ ڪاٺياواڙي دوست مسٽر جعفر ڀائي جنهن جي مادري زبان ڪاٺياواڙي (سنڌي لهجو) آهي، تنهن سان هن سلسلي ۾ گفتگو ڪندي معلوم ٿيو ته موجوده هندستان ۾ به ميمڻ، خواجا ۽ ٻيا مسلمان ماناوادر، جهونا ڳڙهه، ڪتياڻا، ڌوراجي، ڀانٽوا ۽ پور بندر ۾ گهڻو ڪري ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙي ٻوليون (سنڌيءَ جا لهجا) ڳالهائيندا آهن.

اهڙيءَ طرح هر خطي ۾ ڪيسٽ رڪارڊر ذريعي سارو مواد رڪارڊ ڪيو ويندو، تڏهن اٿاهه ساگر تي قبضو ڪري سگهبو، جنهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ سان، بي انتها مواد ميسر ٿي ويندو، جيڪو سنڌ جي سماجي، سياسي، تجارتي ۽ اقتصادي تاريخ جي املهه مواد تي نئين روشني وجهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com