سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني تاريخ

باب: --

صفحو :6

ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ

124

گجرات صوبي کي لساني لحاظ کان ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (i)   ڪڇ، (ii) ڪاٺياواڙ ۽  (iii) گجرات. انهن مان ڪڇ جو احوال اڳ ۾ اچي چڪو آهي.

آزاديءَ کان اڳ ڪاٺياواڙ هڪ ايجنسيءَ جي حيثيت رکندو هو. اهو حصو گجرات صوبي کان ٻاهر، ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهايل هوندو هو. انهن رياستن جا حاڪم هونئن ته آزاد هوندا هئا، پر انتظامي ۽ دفاعي لحاظ کان هو انگريز راڄ ڏانهن جوابدار هوندا هئا.

ڪاٺياواڙ وارو حصو ان وقت چئن پرانتن (ڊويزنن) ۾ ورهايل هوندو هو. اهي پرانت (ڊويزنون) هئا: (i) جهالاوار، (ii) هالال (هالار) (iii) سئوراٺ، ۽ (iv) گوهيلوار، پر پراڻيون ڊويزنون ڏهه هيون: اُهي هيون: (i) مڇ ڪنٺا (جهالار جي اولهه ۾)، (ii) هالار (اتر اولهه ۾)، (iii) اوکا منڊل (بڙودي جي اولهه ۾)، (iv) باڙدا يا جيٺواڙ (ڏکڻ – اولهه سامونڊي ساحل سان)، (v) سئوراٺ (ڏکڻ ۾)، (vi) بابريوار (ڏکڻ – اوڀر جو جابلو علائقو)، (vii) ڪاٺياواڙ (وچيون حصو)، (viii) اُند سروي (سترنجي نديءَ جي ڪناري وارو علائقو)، (ix) گوهيلوار (ڪئمبي نار وارو ملڪ) ۽ (x) گوهيلا راجپوتن وارو ملڪ.

(الف) سياسي رشتا ۽ ناتا:

تاريخي حوالن مان ثابت ٿو ٿئي ته ڪاٺياواڙ تي نالو ڪاٺي قوم تان پيل آهي، جا سنڌ مان لڏي، ان پاسي وڃي آباد ٿي هئي. ڪئپٽن ولبر فورس لکي ٿو:

”ڪاٺي قوم سنڌ مان لڏي، ڪڇ ۾ پَوار (Pavar) ۾ اچي ويٺي، پوءِ اُتان سئوراشٽر ۾، ٿاڻي ۾ اچي آباد ٿي. ڪاٺي قوم بهترين جنگجو قوم جي حيثيت ۾ مشهور هئي. هيءَ قوم چوپايو مال چورائڻ ۾ خاص طور مشهور هئي“(1).

ڊاڪٽر محمد اسماعيل بيگ لکي ٿو:

”ڪاٺي قوم پهريون دفعو يارهين عيسويءَ ۾ سنڌ مان ڪڇ ۾، ۽ ٻيو دفعو پندرهين صديءَ عيسوي ۾ سئوراشٽر ۾ وڃي آباد ٿي. ڪاٺي قوم جي سنڌ مان سئوراشٽر وڃڻ جو هي سبب ٻڌايو وڃي ٿو ته سنڌ جي راجا جي درٻار ۾ هڪ رقاصه هوندي هئي، جنهن هڪڙي  ڏينهن ڀريل درٻار ۾ راجا جي بي عزتي ڪئي. راجا، انهيءَ تي ناراض ٿي، کيس پنهنجي ملڪ مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. مگر ڪاٺي قوم وارن هن کي پناهه ڏني. جڏهن راجا کي اها خبر پيئي، تڏهن هو ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ رقاصه سان گڏ ڪاٺي قوم وارن کي پڻ ديش نيڪالي ڏنائين.

سنڌ مان نڪرڻ کان پوءِ هيءَ قوم ڪڇ ۾ اچي آباد ٿي، ليڪن اتان هو سئوراشٽر ۾ وڃي رهيا. هتي مرهٽن سان هنن جا سخت مقابلا ٿيا. انهيءَ ڪري مرهٽن انهيءَ علائقي کي، جتي هو آباد ٿيا. ”ڪاٺياواڙ“ نالو ڏنو. اهڙيءَ طرح سئوراشٽ جو نالو ڪاٺياواڙ پئجي ويو“(1).

ڪڇ مان هنن کي ڄام عبد (Abda) پندرهين صدي عيسويءَ ۾ پڄائي ڪڍيو(2). هو پاڻ کي ڪورون جو اولاد سمجهندا هئا. ڪورون لاءِ مشهور آهي ته هنن جي وڏي گنڌارا جي حاڪم ”گڪني“ (Gakuni) کي يڌشٽر، پانڊون جي پنجن ڀائرن مان وڏي سان جوا کيڏڻ لاءِ تيار ڪيو. يدشٽر جوا ۾ پنهنجو الهو تلهو هارائي ڇڏيو، جنهن ۾ سندس حڪومت پڻ شامل هئي. پوءِ انهن پنجن ئي ڀائرن کي هڪ سال تائين بند رکيو ويو. دُريودن، هنن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. دريودن، ڇاڪاڻ ته کتري هو، تنهن ڪري اِنهيءَ ڪم جي بجا آوري ڪري نه سگهيو(3)، تنهن ڪري ڪرن زمين ۾ هڪ ڪاٺي کوڙي ته هڪدم انهيءَ مان هڪ ماڻهو ڀڙڪو کائي نڪتو. ان جو نالو ’ڪاٺي‘ رکيو ويو، جنهن جي معنيٰ آهي ’لٺ‘. هن جي پوين پوءِ مال هڻڻ (مال جي چوري ڪرڻ) ۾ فخر ٿي محسوس ڪيو(4).

ول راجپوت جي ’ويراول‘، ڪاٺي قوم جي هڪ حسين ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي(5). اڳتي هلي سئوراشٽر (ڪاٺياواڙ) جو اتر – اولهه وارو حصو ڪڇ کان آيل جاڙيجن جي سرگرمين جو مرڪز بنجي ويو، هنن انهيءَ ايراضيءَ ۾ پنهنجو پاڙون پختيون پئي ڪيون. پهرين جاڙيجا. چوڙا سما، جيسلمير جي ڀاٽين سان شامل ٿي ويا، ڇو ته اهي ٻئي گهراڻا، ٺٽي واري سماننگر جي سردار ’نرپٽ‘ سمي جي اولاد مان هئا. جڏهن چوڙا سما(1)، سئوراشٽر طرف نائين صديءَ جي پوئين حصي ۾ لڏي ويا، تڏهن سنڌ جي جاڙيجن سئوراشٽر طرف پنهنجا حملا شروع ڪيا، ۽ جيٺوائن(2) جي خلاف ڀرپور حملا شروع ڪيائون.

تيرهين صديءَ عيسويءَ جي وچ ڌاري ’لاکو گڙرا‘ ڄام جي لقب سان هن گهراڻي جو حاڪم ٿيو. هن جي اٺن پٽن مان وڏو ’ڄام انڙ‘ پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ تخت نشين ٿيو. پر هن کي سندن ڀائرن، ’موڙي‘ ۽ ’منهي‘ قتل ڪيو، ۽ پوءِ اهي ٻين ڀائرن سان ’ساند‘ ۽ ’ڦل‘ سان گڏجي ڪڇ ڏانهن ويا، جتي ٻين قومن جي سردارن کي ماري مڃائي، اُتي قبضو ڪيائون.

1313ع ڌاري انهن ’کومليءَ‘ تي حملو ڪيو، ۽ جيٺوائن کي ’ڇايا‘ (Chaya) جي ڏکڻ طرف ڀڄائي ڪڍيائون. هو سئوراشٽر ۾ وڌيڪ عرصو ڪونه  رهيا، پر ڪڇ، موٽي آيا، اٽڪل 1535ع ڌاري هنن ’ڄام راول‘ جي ’هالار جي علائقي تي حملو ڪيو، جن کي هنن ’راءِ هميرجيءَ‘ جي قتل کان پوءِ ڪڇ مان شڪست ڏيئي ڪڍي ڇڏيو(3).

’ڄام راول‘ 1540ع ۾ ’نگنا بندر (نواننگر) ۾ وڃي آباد ٿيو، ۽ پنهنجي حڪومت ’هالاوڊ‘ قائم ڪيائين. هالاوڊ پوءِ هالال (هالار) جي نالي سان مشهور ٿيو. هي علائقو سئوراشٽر ۾ اُتر اولهه طرف آهي. ’ڄام راول‘ جي حڪومت کي ’هالاوڊ‘ يا ’هالال‘ نالو (هالي) جي نالي پٺيان ڏنو ويو، ڇو ته ڄام راول ’ڄام هالا‘ جي خاندان مان هو. ’ڄام راول‘ پوءِ پاڻ کي ’هالاڻي‘ سڏايو. اهڙيءَ طرح جاڙيجا خاندان جون ٻيون شاخون نواننگر جي پسگردائيءَ ۾ آباد ٿيون.

’ڄام راول‘ جي ڀاءُ ’ڄام هردولجيءَ‘، 1540ع ۽ 560ع جي وچ ڌاري دما چاوڙن کان ’درول‘ (Dhrol) رياست فتح ڪئي. هن پاڻ کي ’ٺاڪر صاحب‘ جي لقب سان مشهور ڪرايو(1).

1697ع ۾ ڪڇ جي راءِ، ’پراگمالجيءَ‘ پنهنجي ڀاءُ ’راءِ ريواجيءَ‘ کي قتل ڪيو. هن پنهنجي ڀائٽي ڪينوجيءَ‘ کي خوش ڪرڻ لاءِ کي ’موروي‘ (موربي) رياست جو حاڪم مقرر ڪيو(2)، جتي سندس پوين 1847ع تائين حڪومت ڪئي.

اهڙيءَ طرح سنڌ جي جاڙيجن مان ’ڄام ستاجيءَ‘ جي ٽئين نمبر پٽ، ’ڄام وڀوجيءَ‘، پيءُ جي مدد سان، سورهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري ’راڄ ڪوٽ‘ تي پڻ قبضو ڪيو. جاڙيجن جو ’گونڊل‘ تي ته اڳيئي قبضو هو. هيءَ رياست جاڙيجا ’ڄام ڪمڀوجيءَ‘ 1634ع ۾ قائم ڪئي هئي. هن پوءِ ’ڌوراجي‘، ’اپليتا‘ ۽ ’ڀياوڍر‘ شهرن تي پڻ قبضو ڪيو ۽ اُتي قلعا ٺهرائي، پنهنجي حڪومت جو پايو پختو ڪيائين.

ڪڇ واري بيان ۾ شجرو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ’ڄام جاڙي‘ ۽ سندس اولاد جي باري ۾ روشني وڌي ويئي آهي. ڄام جاڙي جي اولاد مان ’ڄام هوٿي‘ ٿيو. ڄام هوٿي جي ڀاءُ جو نالو ’ڄام گجن‘ جي اولاد مان هئا. مثال طور شجرو ڏسو:

(درول رياست جو باني) (نواننگر جو باني ۽ راءِ کنگهار جو چاچو)

اهڙيءَ طرح راڄڪوٽ رياست جو باني ’راءِ وڀوجي‘ ’ڄام راول‘ جي خاندان مان هو.

(1) جهونا ڳڙه:

وليئم ولبر فورس لکي ٿو ته: ”سنڌ جي سمن جو جهونا ڳڙهه تي قبضو رهيو آهي. ڪاٺياواڙ ۾ ولڀي خاندان جي تباهي کان پوءِ ومنسٿليءَ جو نواب آزاد حڪمران ٿيو. هن ڪاٺياواڙ جي ’ول خاندان‘ جي حاڪم ’ولرام‘ جي ڀيڻ سان شادي ڪئي. جيئن ته ولرام کي ڪوبه اولاد نه هو، تنهن ڪري سندس ڀاڻيجو ’چوڙا چندر‘ حڪمران ٿيو. چوڙا چندر جي اولاد پاڻ کي چوڙا سما سڏايو. هن خاندان جي حڪومت ۾ سورٺ ۾، اسلامي حڪومت جو مستقل قيام عمل ۾ آيو(1). ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته:

”راءِ ڏياچ، جو سن 1010ع ۾، پنهنجو سونهارو سر ڏيئي ڪاٺياواڙ جي تاريخ جا ورق پنهنجي رت سان رڱي ويو، سو سنڌ جي چوڙا سما راجپوتن مان هو. اهڙن لاڳاپن جي ڪري سنڌي ٻولي ايڏانهن چالو ٿي. جا اڄ تائين ڪاٺياواڙ جي اُتر واري ڀاڱي ۾ ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي“(2).

ڪڇ واري باب ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ڪڇ جو راءِ، جنهن جي حڪومت 1947ع تائين رهي، تنهن جي وڏن پندرهين صدي عيسويءَ ڌاري ’ڄام جاڙي‘ جي پٽ ’ڄام لاکي‘ جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪڇ تي قبضو ڪيو. جاڙي جو اولاد جاڙيجا سڏجڻ لڳا، تنهن ڪري ڪڇ جو راءِ پاڻ کي جاڙيجو سڏائڻ لڳو. 1540ع تائين راءِ جي ٽن نسلن ڪڇ تي حڪمراني ڪئي، پر 1540ع ڌاري راءُ کنگهار، احمد آباد جي مسلم حڪمران جي مدد سان ڪڇ تي قبضو ڪيو، ۽ پاڻ کي جاڙيجا قوم جو سردار سڏايائين. هن آحمد آباد جي حاڪم کان ڪاٺياواڙ جي اُترين ننڍي رياست ’موروي‘ تي راڄ ڪرڻ جو پروانو ورتو، ۽ پاڻ لاءِ راءُ جو خطاب پڻ حاصل ڪيائين.

’راءُ کنگهار‘ جي چاچي ’راءُ راول‘ جنهن ڪڇ جي ڳچ حصي تي قبضو ڪيو هو، ڪاٺياواڙ ڏانهن ڀڄي ويو، جتي نواننگر رياست جو بنياد وڌائين(1).نواننگر جا حڪمران رياست جي وجود تائين پاڻ کي ڄام سڏائيندا هئا. راءُ کنگهار پاڻ کي ’مهاراجا مرزا مها راءُ شري کنگهار‘ جي لقب سان سڏائيندو هو(2). هن جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ ’راءُ پراگهولجي‘ 1576ع ۾ تخت تي ويٺو. هو جاڙيجا خاندان جو سردار ٿيو، ۽ ڪڇ کان سواءِ ڪاٺياواڙ جي اُترئين ۽ اُلهندئين حصي جي ڪافي ايراضيءَ تي سندس حڪمراني هئي.

ڪڇ جي راڄڌاني ڪڇ تائين محدود ڪانه هئي، پر انتظامي لحاظ کان ڪڇ جو علائقو ٽن حصن ۾ ورهايل هو: هر حصي تي سڌيءَ طرح راءُ جي نگراني هئي، ٻيو حصو راءُ جي ڀاءُ ’ڀاياد‘ ۽ سندس ٻين عزيزن جي هٿ ۾ هوندو هو؛ ٽيون حصو جنهن کي آڌوئي سب ڊويزن ڪوٺيندا هئا، اُهو مورويءَ جي ٺَڪُر جي هٿ هيٺ هوندو هو.

ڪڇ، موروي ۽ جهوناڳڙه کان سواءِ، ڪاٺياواڙ جون ٻيون رياستون جيڪي سنڌ جي سما خاندانن جي هٿ هيٺ هيون ۽ جن ۾ حاڪمن جي زبان ’سنڌي‘ (ڪاٺياواڙي لهجو) هئي، سي هي هيون:

(i) ماهي ڪنٺ: گڏيل هندستان ۾ هيءَ  رياست بمبئي سرڪار ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ جي هٿ هيٺ هئي. هن جي اتر ۾ آديپور ۽ دنگاپور رياستون، ڏکڻ اوڀر ۾ ريواڪنٺ، ڏکڻ ۾ برطانيه حڪومت جي ضلعي ڪيرا جون سرحدون ۽ اُلهندي طرف بڙودا رياست، احمدآباد ضلعو ۽ پالنپور ايجنسيءَ وارو علائقو هو.

هن رياست جا اصلوڪا رهاڪو ڀيل ۽ ڪول هئا. جڏهن عربن سنڌ تي فتح حاصل ڪئي، تڏهن سنڌ جا ڪي راجپوت سنڌ مان نڪري ويا، ۽ هن رياست تي وڃي قبضو ڪيائون. 15 صدي عيسويءَ ۾ احمدآباد جي حاڪم هن رياست تي قبضو ڪيو. ان کان وري مغلن هيءَ رياست هٿ ڪئي. مغلن کان پوءِ مرهٽن هن تي قبضو ڪيو. 1811ع ڌاري حڪومت برطانيه هي حصو پڻ هٿ ڪيو(1).

(ii) درول: هن رياست ڪڇ جي رڻ جي اولهه طرف هئي، هن تي جاڙيجن جو قبضو هو، جيڪي ڪڇ جي راءُ جا عزيز هئا.

(iii) سانتلپور: هيءَ رياست ڪڇ جي رڻ جي اولهه طرف هئي، هن تي جاڙيجن جو قبضو هو، جيڪي ڪڇ جي راءُ جا عزيز هئا.

(iv) راڄڪوٽ: مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته ڄام گجن جي پٽ، ڄام راول جي عزيز، راءُ وڀوجيءَ هن رياست جو بنياد وڌو. هي جاڙيجو هو، ۽ ڪڇ جي راءُ جي خاندان مان هو. هيءَ رياست، درول رياست جي شاخ هئي. 82-1881ع هت ٻاواجي حڪومت ڪندو هو، جو ڪڇ جي جاڙيجا راءُ جي خاندان مان هو.

(v) ماليا: ڪاٺياواڙ جي هالا ڊويزن جي هڪ رياست هئي. هتي جو حاڪم ڪڇ جي جاڙيجا خاندان مان هو، جيڪو مورويءَ جي راجا جي اوڙڪ مان هو.

(vi) موروي: هالار ڊويزن جي هڪ رياست هئي. هن رياست جو حاڪم ڪڇ جي راءُ جو ڀائيٽو هو. هيءَ رياست ڪڇ جو هڪ حصو هوندي هئي. 1881ع ۾ هتي ٺاڪر صاحب واگهجي اها دعوا ڪندو هو ته هو ڪڇ جي جاڙيجا خاندان مان آهي(1).

(vii)واراهي: هن رياست تي پندرهين صدي عيسويءَ ۾ ’ملڪ عيسيٰ‘ قبضو ڪيو هو. ملڪ عيسيٰ جي خاندان وارن کي سنڌ مان ڪڍيو ويو هو، ڇو ته هن اتي ظلم ٻاري ڏنو هو. هنن واراهيءَ جي مسلمان حڪمران کي ڪڍي، پاڻ اتي قبضو ڪيو. 19 صديءَ جي پوين سالن ۾ ’ملڪ زوراور خان‘ جَت اتي جو حاڪم هو(2).

(viii) نوانگر: هن رياست جو باني ’ڄام راول‘ هو. هي ’ڄام هوٿيءَ‘ جي خاندان مان هو. هي ڄام هوٿيءَ جو ڀائٽيو، ۽ ’ڄام گجن‘ جو پٽ، ۽ ’ڄام کنگها‘ جو چاچو هو. ڪڇ واري باب ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته جاڙيجا ڪڇ مان لڏي ڪاٺياواڙ ۾ وڃي رهيا هئا، ۽ پور بندر مان جيٺوائن جي حڪومت ختم ڪيائون، ۽ گهملي نديءَ تي وڃي آباد ٿيا. هي شهر پور بندر کان 30 ميل پري اتر طرف هوندو هو. هن شهر جو اصلوڪو نالو ’ڀوملڪا‘ هو. جو پوءِ ڦري ’ڀومڀلي‘ ٿيو، ۽ آخر ۾ ’گهمليءَ‘ جي نالي سان مشهور ٿي ويو.(1).

رامچند کتري لکي ٿو ته:

”گهمليءَ تي قديم زماني کان سنڌين جي حڪومت رهي آهي. هتان جي کنڊرن مان ٽامي جا پترا ۽ ڪيترن ئي قسمن جا پٿر لڌا آهن. جن مٿان اڪريل لفظن جو مقصد هي آهي ته: هيءَ زمين اسان برهمڻ کي دان طور ڏيون ٿا. پٿرن تي انهن راجائن جا نالا پڻ اڪريل آهن. اهي سئندو راجا (سنڌ جي راجا جئدرٿ) جي اولاد مان هئا. گهمليءَ تي 730ع کان 860 تائين راجا سئندو راڄ ڪندو هو. اهي کتري هئا، ۽ جڏهن عربن جو سنڌ تي قبضو ٿيو، تڏهن سنڌ ڇڏي سئوراشٽر ۾ اچي آباد ٿيا(2). هنن سنڌ جي راجائن جو اولهه سئوراشٽر ۾ اولهه طرف سمنڊ تي چڱو اثر هو. ڇو ته هو سامونڊي لڙائيءَ ۾ ڀڙ هوندا هئا.

پور بندر جي راڻن جي باري ۾ راجا جا ڀٽ سلوڪن ۾ چوندا آهن ته اهي راڻا سئندو گهراڻي جا آهن. سندن سلوڪن ۾ 188 راجائن جا نالا ملن ٿا، جن جدا جدا وقتن تي سنڌ تي راڄ ڪيو. پور بندر جي راڻن جي گهراڻي جو نالو جيٺوا آهي. جيٺوا، کترين ونش جي اندر آهي(3). جنهن کي جيٺوا به چوندا آهن. وڪرماجيت جي زماني ۾ کترين ساهه کنيو، اروڙ سندن تخت گاه هو. ديبل ۽ ڌاراجا به سندن هٿ هيٺ هوندا هئا. ان وقت چندرونسي راجا جئدرٿ جي پوين جي حڪومت هئي، جنهن دوران راڄ جي ڪيترن ئي ڪٽنبن جا ماڻهو ڪاٺياواڙ لڏي وڃي ويٺا(1)“.

نوانگر جو بنياد 1540ع ۾ ڄام راول وڌو. پوءِ مسلمان حڪمرانن هن جو نالو اسلام ننگر رکيو، پر ڄامن اهوئي اصلوڪو نالو قائم رکيو(2).

(ix) منگرول: جهونا ڳڙه رياست ۾ سامونڊي بندر ۽ شهر آهي. هن شهر تي هڪ مسلم نواب جو قبضو هوندو هو. جو پاڻ کي منگرول جو شيخ چوائيندو هو. هو جهونا ڳڙه جي نواب کي سالانو ڏن ڏيندو هو(3).

(ب) سماجي ۽ اقتصادي ناتا:

ڪاٺياوار ۾ سنڌي زبان جي ڦهلاءُ لاءِ نه فقط سياسي ناتا مکيه ڪارڻ هئا پر سماجي ۽ اقتصادي ناتا پڻ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءُ لاءِ سبب بڻيا. هن ڏس ۾ باهمي شاديون پڻ مددگار ثابت ٿيون. گرنار جي حاڪم ’راءِ ڏياچ‘ جا وڏا سنڌي هئا(4). راءِ ڏياچ جي پٽ ’نوگهن‘ جي دين جي ڀيڻ ’جاسل‘ وڏي شان مان سان سنڌ ۾ پرڻيل هئي(5).

ٻيءَ روايت مان معلوم ٿو ٿئي ته ديومارت جي ڌيءَ ’جاسل‘ وڏي شان مان سان سنڌ ۾ پرڻائي ويئي. سنڌ ۾ ’همير سومري‘ حاڪم، جاسل کي زوري کڻي وڃڻ ۽ ساڻس شادي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ تي جاسل ’ننگر‘ کي نياپو موڪليو، هن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ همير سومري کي شڪست ڏنائين.

اهڙيءَ طرح وقت بوقت سنڌ مان هنرمند ماڻهو، ڪاريگر، ديني مبلغ، عالم ۽ فاضل ڪاٺياواڙ ويندا رهيا، ۽ ڪي اتي آباد ٿي ويهي رهيا، جنهن ڪري به ڪاٺياواڙ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڦهلجڻ جو وجهه مليو.

هن ساري بيان مان نتيجو هي ٿو نڪري ته ڪڇ جي جاڙيجا سمن جي حڪومت ۽ تسلط ڪري ڪاٺياواڙ جي ماناوادر، سردار ڳڙهه، بهاءُ ننگر، ڄام ننگر، مانڊوي، درول، موروي، راڄڪوٽ، ماراهي، منگرول، جهونا ڳڙه، ڪُتياڻا، ڌوراجي، ڀانٽوا ۽ پور بندر وغيره رياستن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو، ڪڇي لهجي جي معرفت، اثر وڌيو ۽ ڦهليو ۽ انهن سڀني رياستن ۾ سنڌيءَ جو ڪڇي لهجو، ڪاٺياواڙي لهجي جي نالي سان روزمره جي استعمال ۾ ڪم اچڻ لڳو.

آدم شماريءَ جي ڌار ڌار رپورٽن مان پڻ ثابت ٿو ٿئي ته ڪاٺياواڙ واري ايراضيءَ ۾ 1947ع واري لڏ پلاڻ کان اڳ بيشمار آبادي اهڙي هئي، جنهن روزمره جي استعمال ۾ ڪڇي لهجو (ڪاٺياواڙي، ميمڻي ۽ جهوناڳڙهي محاورو) ڪم ٿي آندو. 1931ع واري رپورٽ مان معلوم ٿو ٿئي ته انهيءَ ايراضيءَ م سنڌي زبان (ڪڇي ۽ ميمڻي لهجن) ڳالهائيندڙن جو وڏو تعداد هو. 1947ع کان پوءِ لکن جي تعداد ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ هندو ورهاڱي جي ڪري سنڌ مان لڏي هندوستان ۾ وڃي آباد ٿيا. اهي هندستان ۾ وڏن وڏن شهرن ۾ ڦهلجي ويا آهن. انهن جو وڏو تعداد ڪاٺياواڙ ۾ به وڃي وسيو آهي جن جا انگ اکر هن باب جي آخر ۾ ڏنا ويا آهن.

2- گجرات ۾ ڦهلاءُ

(الف) مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته گجرات صوبي کي لساني لحاظ کان ٽن حصن ۾ ورهائجي ٿو سگهجي: (i) ڪڇ، (ii)ڪاٺياواڙ ۽ (iii) گجرات. مٿي  هڪ ڌار باب ۾ ڪڇ ۾ ۽ هن باب ۾ ڪاٺياواڙ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءُ جي باري ۾ تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي. هاڻي ڏسڻو هي آهي ته گجرات واري ايراضيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ ٿيو يا نه؟ جيڪڏهن ٿيو ته اُن لاءِ ڪهڙا سبب ۽ ڪارڻ هئا.

ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ وانگر گجرات سان به سنڌ جا سياسي، سماجي، مذهبي، علمي ۽ ادبي توڙي اقتصادي ناتا رهيا آهن. مختلف دؤرن ۾ ڪيترن سببن جي ڪري سنڌ جا هنرمند ماڻهو، واپاري بندرن ۽ ديني مرڪز طرفان ويندا رهيا آهن. سمن جي دؤر ۾ سنڌ ۽ گجرات جا سياسي ناتا ته گهڻا وڌيا، پر سياسي ناتن کان وڌيڪ سماجي، ثقافتي، علمي، ادبي ۽ مذهبي رشتا رهيا.

تاريخي حوالن مان معلوم ٿو ٿئي ته راءِ گهراڻي جي راڄ ۾ (450- 642ع) ۾ سندن حڪومت جون سرحدون، اوڀر ۾ ڪنوج تائين ڦهليل هيون، ۽ ڏکڻ ۾ سورت بندر تائين وسيع هيون(1). گويا گجرات جو سڄو علائقو سنڌ جي تسلط هيٺ هو. موريا گهراڻي جي پڄاڻيءَ کان پوءِ جڏهن هندستان، اُتر ۽ اولهه ۾ راجپوت رياستن ۾ ورهائجي ويو، تڏهن راءِ گهراڻي جي فوجي قوت مضبوط هئي هنن سڄو پنجاب، راجپوتانا ۽ اراولي ٽڪرين تائين، گجرات ۾ سورت بندر تائين اُتر ۾ هيلمند نديءَ تائين سڄو ملڪ پنهنجي قبضي هيٺ آندو. برهمڻن جي حڪومت جي زماني ۾ سنڌ جي حڪومت جون سرحدون اوڀر طرف چتور تائين هيون(1).

پندرهين صديءَ ۾ گجرات جي نومسلم مظفريه سلطانن سان جيتوڻيڪ سنڌ جي سمن جي مائٽي هئي، تنهن هوندي به سمن حاڪمن ٿر ۽ جوڌپور جي سرحد تي سومرن، ڪلهوڙن، سوڍن ۽ بلوچن جي ڪٽڪ کي ويهاري ڇڏيو هو(2). 1459ع ۾ انهن جوڌپور جي راجا، جوڌا راٺوڙ تي ڪاهه ڪئي. هن جنگ ۾ راجپوتن شڪست کاڌي ۽ راجا جو پٽ مارجي ويو(3). 1470ع ۾ سنڌين جي چوويهه هزار بي قاعدي فوج گجرات تي ڪاهه ڪئي. اهو سلطان محمود ٻيڳڙي (1459ع-1513ع) جو زمانو هو. سلطان ٻيڳڙي سنڌي لشڪر جي سردارن کي سورٺ ۾ جاگيرون ڏنيون. اهي جاگيرون انگريزي دؤر حڪومت تائين قائم هيون.

778هه (74-1973ع) ۾ سنڌ جي زميندار چوويهه هزار ماڻهن جو ڪٽڪ گڏ ڪيو ۽ سنڌ جي ڪڇ ۽ ٿر واري حصي تي توبخاني سميت قبضو ڪيائين(4). هن حملي ۾ هن ڪيتريون ئي سنڌي عورتون پڻ گرفتار ڪيون، ۽ انهن کي جهونا ڳڙه موڪلي ڏنائين(5).

گجرات جي حاڪمن ارغونن جي خلاف سنڌ جي سمن حاڪمن تمام گهڻي مدد ڪئي. ڄام فيروز، مرزا شاهه حسن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ گجرات مان لشڪر جي مدد وٺي سنڌ تي حملو ڪيو، پر شڪست کاڌائين(1).

(ب) سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي ناتا:

سيد حسام الدين شاهه راشدي لکي ٿو ته: ”گجرات پاڙو پاڙي سان هو. سنڌ ۽ گجرات وارن جي مائٽي هوندي هئي“(2). سلطان مظفر گجراتي 817هه (1497ع) ۾ تخت تي ويٺو. سنڌ جي سمي حڪومت ڄام صلاح الدين سمي جي سؤٽ، بي بي راڻي، سندس گهر واري هئي(3). اهڙيءَ ريت ڄام جوڻي جون ٻه نياڻيون، بي بي مغلي ۽ بي بي مرڪي، گجرات جي شاهي گهراڻي ۾ پرڻيل هيون. بي بي مغليءَ جو سڱ سلطان محمد واليءَ گجرات سان ٿيو، ۽ بي بي مرڪي شاهه عالم سان پرڻائي ويئي. بي بي مغليءَ مان سلطان محمد کي رمضان مهيني 849هه (1445ع) ۾ فتح خان نالي پٽ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي سلطان محمود ٻيڳڙي جي نالي سان گجرات جو بادشاهه بڻيو(4).

بي بي مغلي وڏي دانا عورت هوندي هئي. ايدلجي ڏوسا ڀائي لکي ٿو: ”سلطان محمود ٻيڳڙو، شعبان مهيني ۾ 863هه (18 جون 1459ع) ۾ تخت تي ويٺو. هن کي معلوم ٿيو ته سندس اميرن، سندس اعتماد واري وزير عمادالملڪ جي خلاف منصوبو سٽيو آهي. سازش کي منهن ڏيڻ لاءِ هن پنهنجي ماءُ کان صلاح وٺڻ مناسب سمجهيو ڇاڪاڻ ته هوءَ سنڌ جي حاڪم جي شهزادي هئي، ۽ هڪ دانا عورت هوندي هئي(1). اهڙيءَ طرح سمن حاڪمن گجرات جي بااثر صوفي بزرگن سان به مائٽيون ڪيون(2).

سنڌ جي سمي حاڪم ڄام جوڻي جي گجرات جي سرزمين سان ايتري قدر ته محبت هوندي هئي، جو سندس وفات کان پوءِ سندس لاش سنڌ مان کڻائي گجرات ۾ ملڪ ڳوٺ ۾ دفن ڪيائون. سندس مقبرو سندس نالي سان مشهور آهي، سندس ڌيءَ (شاهه عالم جي راڻي بي بي مرڪي) پڻ ساڳئي مقبري ۾ دفن ٿيل آهي(3).

گجرات جي سلطانن سان سنڌ جي سمن حاڪمن مائٽي ۽ عزازت سبب سلطان محمود شاهه ٻيڳڙي جا روپيا (گجراتي سڪو) ’لاڙي‘ ۽ محمودي ’اشرفيون‘ سنڌ ۾ هلندا هئا. محمودي هڪ سڪي (روپئي) جي سنڌ ۾ ٻارهن آنا 4/3 حصو) قيمت هئي. انهيءَ کان سواءِ گجراتي واپارين جي معرفت ڊچن جا ڪارو منڊل ڪناري تي پاليڪاٽ واري ڪوٺي وجهڻ کانپوءِ چالو ڪيل سڪا ’گلڊر‘ (Gilder) پڻ سنڌ ۾ هلندا هئا(4).

گجرات جي حاڪمن سان سڱن پوتن جي ڏيڻ وٺڻ جو رواج سنڌ جي سما گهراڻي جي آخري حاڪم ڄام فيروز جي دؤر تائين جاري هو. ڄام فيروز پنهنجي هڪ نياڻي گجرات جي حاڪم سلطان بهادر بن سلطان مظفر گجراتيءَ کي پرڻائي ڏني هئي(5).

گجرات ۽ سنڌ جي وچ ۾ ثقافتي ناتا پڻ ڏاڍا گهاٽا رهيا آهن. ڄام نندي جي مقبري جي تعمير ۾ مختلف طرزن کي هڪ ٻئي سان ملائي اهڙيءَ طرح ته پيوست ڪيو ويو آهي جو تعمير جي تاريخ ۾ اهو مقبرو هڪ يگانو نمونو ۽ هڪ غير معمولي مثال ٿي پيو آهي. بناوت ۾ گجراتي، هندو مسلم ۽ خالص سنڌي طرزن کي گڏي، انهن جي دلڪش امتزاج مان هڪ عجيب و غريب شاهڪار تخليق ڪيو ويو آهي.

گجراتي توڙي هندي فن عمارت سازي جو اهو اثر، ڄام نظام الدين جي مقبري تي يا سمن جي ٻين چوڪنڊين، مقبرن، انهن جي گنبذن ۽ پيل پاون تي، جن سببن جي ڪري پيو ٿو ڏسجي، انهن جو خاص سبب هي آهي ته گجرات ۽ سنڌ پاڻ ۾ همسايگي ۽ انهيءَ ڪري عام جام آمدرفت کان سواءِ ٻيو اهم ڪارڻ ٿيو، سمن ۽ گجراتي سلطانن جي هڪ ٻئي سان مٽي مائٽي جنهن نه فقط سياسي طرح سنڌ ۽ گجرات کي هڪ ٻئي جي قريب ڪري ڇڏيو، بلڪه سماجي خواه تمدني طرح پڻ ٻنهي ملڪن ۽ سلطنتن جا ناتا استوار ۽ مضبوط ڪري ڪيترائي ثقافتي ويڇا وچان مٽائي ڇڏيا(1).

(ج) ماڻهن جي لڏ پلاڻ:

ڪاٺياواڙ وانگر گجرات ۽ سنڌ جي وچ ۾ پڻ قديم زماني کان ماڻهن جي لڏ پلاڻ جاري رهي آهي. بادشاهن جون مٽيون مائٽيون هيون، انهيءَ ڪري به ماحول سازگار هو. هزارن جي تعداد ۾ سنڌي واپاري، هنرمند ماڻهو، فنڪار، عالم ۽ فاضل ۽ ديني مبلغ سنڌ مان لڏي گجرات ۾ وڃي آباد ٿيا. انهن ۾ ميمڻ، خواجه، لوهاڻا، ڀاٽيا، پڃارا، ڪنڀار، لوهار، سونارا، کتري، رنگريز، جت، اوڏ، ملتاني ۽ ٻيون قومون گجرات جي سامونڊي ساحل، وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي رهيون(1). مسٽر مسرا لکي ٿو ته: ”سنڌي ماڻهو بڙودي ۾ گهڻي تعداد ۾ آباد آهن، جتي هو رياست جي پوليس ۽ فوج ۾ گهڻي قدر ڀرتي ٿيل آهن. اهڙيءَ طرح ڪي سنڌي سامونڊي ساحل تي ٻيڙين جا ناکئا ۽ مير بحر پڻ آهن(2). 1931ع واري آدمشماري جي رپورٽن مان معلوم ٿو ٿئي ته گجرات ۾ سنڌي گهڻا آباد هئا. اهو تعداد انگريزي راڄ جي شروعات کان لکن جي صورت ۾ به ملي ٿو، يعني 1881ع واري رپورٽ موجب گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو ڪل تعداد 32526 هو . اڄ به گجرات ۾ وسندڙ اُهي قومون پنهنجن گهرن ۽ روزانه وهنوار ۾ پنهنجي ٻولي يعني سنڌي ڪم آڻيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ٻولي پنهنجن مختلف لهجن: ڪڇي، ڪاٺياواڙي ۽ ميمڻي ۾ گجرات ۾ زنده رهندي آئي آهي.

(د) مذهبي، علمي ۽ ادبي ناتا:

ڪڇ واري باب ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته سنڌ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ ڪيتريون ئي درگاهون، تيرٿ ۽ آسٿان هئا. جتي هر سال هزارن جي تعداد م ماڻهو درگاهن تي ٿيندڙ عرسن، ميلن ۽ ملاکڙن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. حاضري ڀريندا هئا. اهڙيءَ طرح گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ تيرٿ ۽ تڪيا هوندا هئا. جن جي  ياترا ۽ جاٽن لاءِ سنڌ مان قافلا ڪهي ويندا هئا، ماڻهن جي انهيءَ سلسلي واري آمد رفت جي ڪري به ٻولين جي تبديلي ٿي.

ڪڇ وانگر گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ به خليفي نبي بخش لغاريءَ جي تبليغ هيٺ هزارين ماڻهو پير صاحب پاڳاري جي مريديءَ ۾ داخل ٿيا. انهن ۾ رياست گونڊل کان ڏهه ميل اوڀر ۾ رياست ڪوٽڙو سانگهاڻيءَ جي شهر ڪوٽ رامود، ڌوراجي، رياست ڀاوننگر جي ڏونگر گام، رياست بڙودي، راڄڪوٽ، پوربندر، منگرول، بڙودي ۽ ڀاوننگر رياستن جا ڪيترائي ماڻهو پير صاحب پاڳاري جي مريديءَ ۾ داخل ٿيا. جماعت جي استدعا تي پير صاحب شاهه مردان شاهه (ڪوٽ ڌڻي) ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف سفر ڪيا. ۽ پاڪستان جي قيام تائين پير صاحب جي جماعت جو اهو سلسلو ۽ نظام اُتي جاري رهيو.(1)

گجراتيءَ جو سنڌ جي ٿر ۽ لاڙ واري ڀاڱي تي اثر ٿيو، ۽ سنڌيءَ جو گجرات واري علائقي ۾ ڦهلاءُ ٿيو. ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ٻولي سمجهي سگهندا هئا. انهيءَ ڪري سنڌ جا لاڙ ۽ ٿر وارا خطا ٻه- ٻوليا علائقا بنجي ويا. ٿر ۾ ننگر پارڪر جي طرف واري ٻولي گاڏڙ ٻولي بنجي ويئي ته وري گجرات پاسي به سنڌ جي ننگر پارڪر واري ايراضيءَ سان لڳو لڳ ايراضيءَ جي ٻولي گاڏڙ بنجي ويئي.

سنڌ جي سر زمين علم ادب جي دنيا ۾ برک رهي آهي. سرائڪي ۽ سنڌيءَ جي ناتن جي بيان ڪندي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ملتان، سنڌي علمائن جي وجود ڪري علم ادب جو هڪ جامع (University) بڻجي ويو هو. اهڙيءَ طرح گجرات ۾ به سنڌي علمائن علم ادب جي شمع کي روشن ڪيو. غلام گهراڻي جي حڪومت جي زماني ۾ سادات ڪرام ۽ صوفيا، عظام سنڌ مان نڪري هندستان جي مختلف شهرن ۾ اسلامي تبليغ لاءِ درسگاهون قائم ڪيون. سندن روحاني فيض گجرات کان وٺي اڳتي دکن ۽ بنگال تائين پهتو(1). ڪيترن ئي سنڌي عالمن گجرات ۾ پنهنجا ديني مدرسا کوليا. انهن مان هڪ سنڌي بزرگ شيخ حميد هو. جو علم و ادب کان سواءِ حديث ۽ تفسير ۾ مهارت رکندو هو. ان جو مدرسو گجرات ۾ هوندو هو. اڪبر اعظم جي گجرات تي فتح کان پوءِ مير عبدالرحيم خان خانان، شيخ حميد جي مدرسي ۾ شاگردي اختيار ڪئي ۽ اتي مشڪواة شريف ۽ حديث جا ٻيا ڪتاب لکي پورا ڪيائين(2).

گجرات اسماعيلي فرقي جي داعين جي تبليغ جو به مکيه مرڪز رهيو آهي. پير ستگر نور کان وٺي، هر داعي (پير شمس، پير شهاب الدين، پير صدرالدين، پير حسن ڪبيرالدين، پير تاج الدين ۽ پير امام شاهه) گجرات ۾ اسلام جي تبليغ ڪئي، ۽ هزارن جي تعداد ۾ هندو سندن هٿ هيٺ مسلمان ٿيا.(3) انهن مان پير ستگر نور ۽ پر امام شاهه ۽ سندس پويان گجرات ۾ مدفون آهن(4)

3- گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد:

ڀارت ۾ 1961ع واري آدمشماري وقت ڪل 977023 ڄڻن پنهنجي مادري زبان سنڌي لکارائي. اهي 977023 ماڻهو هيٺينءَ ريت ڌار ڌار علائقن ۾ آباد هئا(5):

پرديش ۽ علائقا

سنڌي ڳالهائيندڙ

آسام

718

آنڌرا پرديش

5293

انڊمان نڪوبار ٻيٽ

6

اتر پرديش

57457

اوڙيسا

27

اولهه بنگال

2165

بهادر پرديش

3823

ترپرا

21

پانڊيچري

23

پنجاب

1306

جمو ۽ ڪشمير

91

دادرا ۽ ناگر حويلي

8

دهلي

27198

راجسٿان

233321

سڪم

5

ڪيرالا

184

گجرات

156152

گووا، ڊمن ڊيو

53

مدراس

7148

مڌيه پرديش

179858

مهاراشٽر

295131

مئسور

6949

منيپر

19

نيفا

32

هماچل پرديش

33

انهن مان فقط گجرات جي ڌار ڌار حصن ۾ رهندڙن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

ضلعو

سنڌي ڳالهائيندڙ

امريلي

171

احمدآباد

45520

بڙودا

16776

بانس ڪانٺا

4050

ڀڙوچ

875

ڀاونگر

8986

پنج مهل

5711

جهونا ڳڙهه

22867

دانگ

85

راجڪوٽ

9835

سابہ ڪانٺا

1130

سريندر نگر

524

سورت

5813

ڪڇ

18470

کيڙا

4334

مهسانا

5341

4- نتيجا:

هن ساري بيان مان هي نتيجو ٿو نڪري ته سنڌ ۽ گجرات جا سياسي، سماجي، ثقافتي، مذهبي، علمي ۽ ادبي رشتا ڪافي آڳاٽا رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪ ٻئي جون ڳالهيون سمجهندا هئا. ٻنهي ملڪن جا ڀر وارا خطا، يعني سنڌ ۾ لاڙ ۽ ٿر وارو حصو، ۽ گجرات جو اولهه وارو خطو ٻه- ٻوليا علائقا هئا. ماڻهن جي اچ وڃ، وڻج واپار، باهمي شادين ۽ ميل جول، مذهبي رشتن سبب سنڌيءَ جو ڪڇي لهجو ڪاٺياواڙي لهجي جي نالي سان اثر انداز رهيو.

غور طلب نقطو هي آهي ته سنڌ جي شهزادين جون شاديون گجرات ۾ شاهي گهراڻن ۾ ٿيون. اهڙيءَ طرح سنڌ جي سمن، سومرن، جتن، منڌرن، نهڙئن، ٻارڻن جي سردارن، حاڪمن ۽ راڄن جي چڱن مڙسن گجرات ۽ ڪاٺياوا مان شاديون ڪيون، يقيناً ٻنهي پاسن طرف پرڻجي آيل نياڻيون ۽ شهزاديون يا ته ساهري گهر جي ٻوليءَ مان واقف هونديون يا ساهري گهر ۾ پرڻجي ويل ڪنوار جي ٻولي پڻ مروج هوندي، نه ته گهرو وهنوار، روزانه زندگيءَ ۾ رهڻ ۽ گذارو ڪرڻ هنن لاءِ ممڪن نه هجي ها.

مطلب ته سنڌي ٻولي مذڪوره علائقن ۾ پڻ چالو هئي. اها ان ايراضيءَ اندر سمجهي ۽ ڳالهائي ويندي هئي. هن ڪتاب ۾ نقشي ذريعي گجرات جو اهو حصو نشان ڪري ڏيکاريو ويو آهي جتي (گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾) سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ ممڪن ٿي سگهيو هو.

ببليوگرافي

ڀيرومل آڏواڻي، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع.

خانچند، ڪي- کوڙاڻي ماستر: مضمون: ”ڪاٺي راجپوت“، هفتيوار هندواسي، 11 ڊسمبر 1960ع.

رامچند – ايس- کتري: هنگلاج جي ياترا، ڪراچي، اڇي قبر، رامپاٽ روڊ، 74-1973ع.

رائچند چيلهاري: تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع.

علي شير قانع: مڪلي نامہ، بتصحيح و حواشي سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع.

علي ڪوفي: چچنامو، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1954ع.

محمد اسماعيل بيگ ڊاڪٽر: جهونا ڳڙه، حيدرآباد، حميد منزل، فقير جو پڙ، ڪاٺياواڙ پبلشنگ ايجنسي، 1964ع.

مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، 1959ع.

هفتيوار هندواسي، 13- آڪٽوبر 1964ع.

برهانپور ڪي سنڌي اوليا، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع.

Edalji Dosabhai, History of Gujrat, Ahmedabad, the United Printing General Agency, Company’s Press 1894.

Imperial Gazetteer of India, VolE XI, London, Trubner & Co. 1815, p.48.

Ibid, Vol. IV, pp. 57-64.

Imperial Gazetteer of India, VolE IX, London, Trubner & Co. 1885, pp. 175-177 & 519.

Ibid, Vol. XIII p. 521.

Ibid, Vol. XIII p. 521.

Ibid, Vol X, pp. 252-53.

Ibid, Vol. IX, pp. 175-177.

Misra, S.C. Muslim Communities in Gujrat, New york, London, Asia publishing House, 1964.

Tod, J., Annals of Rajisthan, Vol.II. p.21.

Wilberforce. H. Bell, The History of Kathaiwar, William Heinemann, London, 1916.

4

راجسٿان ۾ سنڌي ٻوليءَ جوڦهلاءُ

ڪڇ ۽ گجرات وانگر سنڌ ۽ راجسٿان جا ناتا به پراڻا آهن. سرائڪي ٻوليءَ سان نسبت واري باب ۾ توڙي ڪڇ ۾ ڦهلاءٌ واري باب ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته برهمڻ گهراڻي کان وٺي سنڌ جي حڪومت جون سرحدون اوڀر ۾ قنوج تائين هيون. انهيءَ لحاظ سان راجسٿان جو جيسلمير، بيڪانير ۽ جوڌپور وارو خطو قديم زماني کان سنڌ جي حڪومت جي تسلط هيٺ رهيو آهي. تالپرن جي حڪومت ۾ خيرپور جي حاڪم، مير سهراب خان جي حڪومت جون سرحدون اوڀر ۾ جيسلمير جي ريگستاني علائقي تائين هيون.

انهيءَ کان سواءِ سنڌ ۽ راجسٿان جي وچ ۾ موسم آهر لڏ پلاڻ به ٿيندي رهي. جڏهن سنڌ تي غازي محمد بن قاسم حملو ڪيو هو. تڏهن ڪيترائي غير مسلم سنڌي لوهاڻا ۽ ٻيون ذاتيون سنڌ مان لڏي راجسٿان جي غير مسلم رياستن ڏانهن هليون ويون هيون(1).

راجسٿان طرف سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءُ ۾ سگهڙن ۽ سياڻن جو به وڏو هٿ آهي. لسانيات جي محققن جي راءِ آهي ته ناگر اپڀرنش، قديم دؤر ۾ علم ادب جو ذريعو هئي، ۽ جا گجرات، راجسٿان ۽ ان جي اولهه طرف واري خطي تي ادبي لحاظ کان ڇانيل هئي. ڏکڻ، ڏکڻ اوڀر ۾ اڀرندي سنڌ جا گجرات ۽ راجسٿان جي اولهه واري سرحد سان ناتا هجڻ سبب ان وقت جا سگهڙ ۽ سياڻا ٻنهي ملڪن ۾ ايندا رهندا هئا. پروفيسر جهمٽ مل لکي ٿو:

”اپڀرنش مان جدا جدا ديس ڀاشائون جهڙوڪ سنڌي، راجسٿاني، گجراتي ۽ هندي وغيره ڇڄي ڌار ٿيون(1). اها جدائي عيسوي يارهين صديءَ ۾ شروع ٿي، پر پوءِ به گهٽ ۾ گهٽ ٻه صديون سنڌ ۽ اولهه راجسٿان جي لوڪ وهنوار ڀاشا ۾ گهڻو ڦيرو ڪين آيو. حڪومتي ٻوليءَ ۾ برابر گهڻو ڦيرو آيو، پر انهيءَ جو لوڪ ڀاشا تي اثر خيرڪو پيو. ڪن سنڌي عالمن عربي ۽ فارسيءَ ۾ ادبي مهارت حاصل ڪئي، پر عام خلق جي ٻولي سنڌي ئي هلندي آئي، جا ان وقت جي اولهه راجسٿانيءَ کان گهڻي علحدي ڪانه هئي. ڪي صديون پوءِ به هاڻوڪيءَ سنڌ جي ڪجهه حصي جو راجسٿان سان سياسي ۽ سموريءَ سنڌ جو راجسٿان سان پنگتي ناتو هلندو آيو“(2).

ڪڇ ۽ گجرات جي حاڪمن وانگر، راجسٿان جي راجائن مان سنڌ جي سوڍن، راڻن ۽ ٻين راجائي ڪل وارن مائٽيون ڪيون. امرڪوٽ جي پرمار راجا سسوڍ جي ڌيءَ سان، لدوري ۽ پونگل جو يادونسي راجا منڊم راءِ پرڻيل هو(3). ٿرپارڪر جا سوڍا به پنهنجون نياڻيون ڪڇ، ماڙواڙ ۽ جيسلمير ۾ پرڻائيندا هئا(4). انهيءَ ڪري سنڌ ۽ راجسٿان جي وچ ۾ سياسي ناتن کان سواءِ سماجي ناتا پڻ قائم هئا.

ببليو گرافي

غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1974ع.

جهمٽ مل ڀاوناڻي: ڍولا مارو، بمبئي، هندستان ساهتيه مالا، 1956ع.

رائچند هريجن: تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع.

(4) Thadhani, T.S. “The Lohanas”, an article published in Journal of Sind Historical Sciety, Vol. VIII, No: 3, Karachi, January, 1948.

5

بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اثر

1- جاگرافيائي حالت:

سياسي لحاظ کان بلوچستان ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. انهن مان هڪ حصو ايران جي سرحدن ۾ شامل آهي، جنهن کي ايراني بلوچستان چئبو آهي، ۽ ٻيو حصو پاڪستان جو هڪ صوبو آهي. پاڪستان وارو بلوچستان، جنهن کي 1971ع ۾ صوبائي حيثيت ڏني ويئي آهي، طبعي لحاظ کان هيٺين قدرتي حصن ۾ ورهايل آهي: ساراوان، جهالاوان، مڪران، خاران، قلات ۽ لس ٻيلو.

صوبائي انتظامي لحاظ کان هي صوبو ٻن ڊويزنن ۽ نون ضلعن ۾ ورهايل آهي. اُهي هي آهن:

(الف) ڪوئيٽه ڊويزن ۽ (ب) قلات ڊويزن،

(الف ڪوئيٽه ڊويزن ۾ هي ضلعا شامل آهن: (i) سبي ضلعو، (ii) ڪڇي ضلعو (iii) لورالائي ضلعو، (iv) زهوب ضلعو ۽ (v) چاغي ضلعو.

(ب) قلات ڊويزن ۾ هي ضلعا شامل آهن: (i) سبي ضلعو، (ii) مڪران ضلعو (iii) خاران ضلعو ۽ (iv) لس ٻيلو ضلعو.

2- ٻوليون:

اڳوڻي قلات رياست جي ”خان“ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي گورنر، مير احمد يار خان جي لکت موجب بلوچستان ۾ ٻه – ٻوليائي (دو – زباني) قبيلا جام رهن ٿا(1). هن جي راءِ موجب هن صوبي ۾ جملي ڇهه ٻوليون ڳالهايون ۽ سمجهيون وينديون آهن. 1961ع واري آدمشماريءَ موجب انهن ٻولين جي ڳالهائيندڙن جو ضلعيوار سيڪڙو هن ريت ملي ٿو:


(1) Wilberforce, H. Bell, The History of Kathiawar, William Heinemann. London, 1916, p.67.

(1)  محمد اسماعيل بيگ ڊاڪٽر: جهونا ڳڙهه، حيدرآباد، ڪاٺياواڙ پبلشنگ ايجنسي، حميد منزل، فقير جو پڙ، 1964، ص ص 17 ۽ 18 ۽ پڻ ڏسو: ماستر خانچند، ڪي کواڻي: مضمون، ”ڪاٺي راجپوت،“ هفتيوار هندواسي. 11 ڊسمبر 1960ع ص ص 7 ۽ 8.

(2) Wilberforce, op. Cit., p. I.

(3) Imperial Gazetteer of India, Vol: XI London, Trubner. & co: 1885, p.48.

(4)  Imperial Gazetteer of India, Vol: XI, London Trubner, & co: 1885, p.48.

(5) Wilberforce, Op. Cit., p.67.

(1)  ولبر فورس لکي ٿو ته چوڙا سما اصل سنڌ جا رهاڪو هئا، جتان لڏي اچي جهونا ڳڙه جي ويجهو ويٺا. ڏسو:

Wilberforce, pp.48-49.

(2) Ibid.

(3) Ibid, Op. Cit, p. 99.

(1) Imperial Gazetteer of India, Vol: XI, London Trubner, & co: 1885, p.280.

(2) Wiberforce, Op. Cit., p. 100.

(1)  محمد اسماعيل بيگ ڊاڪٽر: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 89.

(2)  ڀيرومل آڏواڻي ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، ص 30.

(1) Imperial Gazetteer of India, Vol: IV, pp. 57-64.

(2) Ibid. p. 63.

(1) Imperial Gazetteer of India, Vol: IX,p.419.

(1) Imperial Gazetteer of India, Vol: IX, pp. 175-177.

(2) Imperial Gazetteer of India, Vol: XIII, p.521.

(1)  رامچند ايس – کتري: هنگلاج جي ياترا، ڪراچي، اڇي قبر، رامپارٽ روڊ، 47-1973، ص 162.

(2)  ايضاً.

(3)  اڳ ۾ ولبر فورس جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته جيٺوا جتن سان نسبت رکن ٿا.

(1)  رامچند کتري: هنگلاج جي ياترا، ص ص 167 ۽ 170.

(2) Imperial Gazetteer of India, Vol: X, pp. 252-253.

(3) Ibid. Vol: IX, pp. 175-177.

(4)  رائچند هريجن: تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ص 29.

(5)  ايضاً، ص 40.

(1)  مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، 1959ع، ص 122، ۽ پڻ ڏسو چچنامو، سنڌي ادبي بورڊ، ص 151.

(1)  چچنامو، ص 151.

(2) مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، ص 373.

(3)  Tod, J. Annals of Rajistan, Vol. II. P. 21.

(4)  حوالو پهريون، ص 373.

(5) Edalji Dosabhai, History of Gujrat, Ahmedabad, the United Printing and General Agency, Company’s Press 1894, p.86.

(1)  علي شير قانع: مڪلي نامہ، بتصحيح و حواشي، سيد حسام الدين شاهه راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، ص 119.

(2)  ايضاً، ص 98.

(3)  علي شير قانع: مڪلي نامہ، بتصحيح و حواشي، سيد حسام الدين شاهه راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، ص 115.

(4)  ايضاً، ص 119.

(1)  Edalji Dosabhai, History of Gujrat, Op. Cit, p.83.

(2)  رائچند چيلهاري: تاريخ ريگستان، ص 70.

(3)  علي شير قانع: مڪلي نامہ بتصحيح و حواشي، سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ ص 131.

(4)  مولا.ي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، ص 392.

(5)  مڪلي نامہ، ص 113.

(1)  مڪلي نامہ، ص 98.

(1) Misra, S.C. Muslim Communities in Gujrat, New York, London, Asia publishing House, 1964, p.71.

(2) Ibid, p.136.

(1)  ڊاڪتر نبي بخش خان بلوچ: خليفي صاهب جو رسالو، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع، ص ص 18-19.

(1)  مولائي شيدائي، تاريخ تمدن سنڌ، ص 416.

(2)  مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، ص 416.

(3) Misra, S.C., Op, Cit. pp. 11& 13.

(4)  پير ستگر نور نوساري ۾ مدفون آهي. پير حسن ڪبيرالدين اوچ شريف ۾، پير تاج الدين تلهار ۽ ٽنڊي باگي جي وچ ۾، ڳوٺ اڇ شريف وٽ ۽ پير امام شاهه، احمدآباد جي ويجهو پيراڻا ۾ آرامي آهي.

(5)  ڏسو: هندواسي، 13 آڪٽوبر، 1964ع، ص 2.

(1) Thadhani, T.S. “The Lohanas”, an article published in J.S.H.S., VolE VIII, No. 3, January 1948, p. 166.

(1)  سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي سلسلي ۾ ڏسو:

الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1974ع.

(2)  جهمٽ مل ڀاوناڻي: ڍولا مارو، بمبئي، هندستان ساهتيه مالا، 1956ع، ص 77.

(3)  رائچند هريجن: تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، ص 27.

(4)  ايضاً.

(1) Mr. Ahmed Yar hkan Baluch, Inside Baluchistan, an autobiography, Karachi, Royal Book company, 1975, pp. 4 and 5.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com