سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: آخري رات

صفحو :14

صادق:    توکي آخر گهرجي ڇا؟

نازنين:    آئون ڇا ٿي گهران! توکي سُڌ نه آهي... صادق... ڇا هيڏي حياتيءَ ۾ تون ڪڏهن به محبت جي لطيف جذبن کان واقف نه ٿيو آهين؟

صادق:    (طنزيه کل) محبت ۽ هن وقت... نازي ان وقت تون ڪٿي هئين جڏهن اسان جو وقت تي قبضو هو؟

نازنين:    وقت تي ڪڏهن به ڪنهن جو قبضو نه رهيو آهي، صادق.... اسين سڀ ان جي ڦيري جا تابعدار آهيون.... پر.... پر جي انسان چاهي ته وڃايل وقت کي ورائي سگهي ٿو...

صادق:    مون تنهنجو مطلب نه سمجهيو نازي....

نازنين:    ڇا اسان سدائين لاءِ هڪ نٿا ٿي سگهون؟

صادق:    تنهنجو مقصد آهي ته اسين شادي ڪريون... آه... اهو تون ڇا ٿي چئين نازي....

نازنين:    اهائي هڪ ڳالهه هئي جا مون سالن کان سانڍي هئي... همت نه پئي ٿي جو دل جي تمنا کي لفظن جي شڪل ملي، اڄ جڏهن سڄو داستان ختم ٿي چڪو آهي... تڏهن اها خواهش پوري ٿي آهي... تون پريشان ڇو ٿي ويو آهين، ويهه آئون تولاءِ چانهه جو گرم ڪوپ تيار ٿي ڪريان.

صادق:    مون کي چانهه نه گهرجي... آئون توکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته مون توسان ڪڏهن به محبت نه ڪئي آهي... مون تولاءِ جيڪي ڪجهه ڪيو هو، سو سڀ هڪ همدرد ۽ دوست جي حيثيت ۾ ڪيو هو... آئون توکي اڄ به فقط دوست ٿو سمجهان...

نازنين:    (غمزده کل) دوست!

صادق:    ها نازي... مون فلم جي پردي تي محبت جون ايريون ته ڪوڙيون رانديون کيڏيون آهن جو.... جو اڄ مون کي محبت مان اهو ساءُ ئي نٿو اچي.... ۽.... ۽....

نازنين:    چئو.... ماٺ ڇو ٿي ويئين... وري ڪوڙ جو سهارو ٿو وٺين؟

صادق:    نه.... شايد اڄ پهريون ڀيرو تنهنجي آڏو سچ ٿو ڳالهايان. (نهايت ڪرب ۾) تنهنجو ۽ منهنجو ميل نٿو ٿي سگهي نازي، آئون.... آئون... هن قوت ڪجهه به نه رهيو آهيان... مون وٽ دولت نه آهي.... تون دولتمند آهين.... اڄ آئون پنهنجي سڄي جهولي خالي ڪري چڪو آهيان.... مون وٽ تولاءِ ڪي به ڪينهي...

نازنين:    اڃان به محبت کي دولت ۾ تورڻ ٿو چاهين صادق؟

صادق:    (انتهائي ڏک ۾) آئون محبت ڪرڻ جي لائق نه آهيان، نازي... آئون.... نفرت جي لائق آهيان.... جڏهن مون وٽ سڀڪجهه هو، تڏهن به مون تولاءِ ڪجهه نه ڪيو.... اڄ جڏهن حياتيءَ جون مڙئي خوشيون ختم ڪري، عمر جي هن منزل تي اچي پهتو آهيان... تڏهن... تڏهن تون مون تي احسان ڪرڻ ٿي گهرين... صادق... تي احسان... ڇا تون سمجهين ٿي ته.... ته آئون ڪجهه به نه آهيان.... آئون اڄ به اهو ئي صادق آهيان... اهو ئي عظيم فنڪار.... جنهن فن لاءِ پنهنجو سڀڪجهه قربان ڪري ڇڏيو.... نازي..... ٻڌ، آئون تنهنجي هن خوبصورت ٺهيل ٺڪيل ڪمري کان ڪڏهن به متاثر نه ٿيو آهيان... مون کي انهن سهڻاين جي ڪا گهرج نه آهي.... تون هن حال ۾ مون کي پنهنجو نٿي ڪري سگهين...

نازنين:    (ڏک وچان) صادق... ڪڏهن ڪڏهن انسان جذبات جي تيز وهڪري ۾ وهي پنهنجو هوش وڃائي ويهندو آهي- اڄ توسان به اهوئي حال آهي. تون محبت کي پئسن سان تورين ٿو. پر.... پر.... تو ڪوڙي انسان کي اها سُڌ نه آهي ته مون.... مون.... ]سڏڪو ٿي ڀري[.

صادق:    تون روئين پئي نازي.... مون کي انهن ڳوڙهن کان ڊپ ٿو ٿئي.

نازنين:    اهي انسان جي اک جا لڙڪ آهن صادق.... گلسرين لڳل ڪوڙا ڳوڙها نه آهن... (ڄڻ ته پنهنجي خيال ۾ گم) صادق.... مون.... پهرين ڏينهن کان ئي تنهنجي محبت کي پنهنجي سيني ۾ سانڍيو. ان محبت آڏو دنيا جي ڪابه طاقت بيهي نه سگهي... دولت.... عزت... شهرت.... سڀ انهي سچيءَ محبت جي آڏو ڪنڌ جهڪائي هليا ويا.... تون.... تون اڄ به پنهنجي هوڏ تي قائم آهين.

]’هوڏ تي قائم آهين‘، پڙاڏي ۾ هليو ويندو[

نازنين:    ڦلٽو.... ڦلٽو...

ڦلٽو:      نازنين صاحبه، سبحان الله! اڄ اسان سان ملاقات!

نازنين:    مون کي صادق سان ملڻو اهي... خبر اٿي ڪٿي آهي؟

ڦلٽو:      (کلي) صادق... جڏهن هوا جو رخ ڦري ويو آهي... خوشين جو سج لڙڻ وارو آهي... تڏهن به پنهنجي مرضي مڃائڻ ٿو گهري.

نازنين:    ائين نه چئو ڦلٽو.... هو هن دور جو عطيم فنڪار آهي... هن کي حق حاصل آهي ته هو ائين ڪري.

ڦلٽو:      (کلي) تنهنجي منهنجي چوڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پئي، اڄ اهو زمانو نه آهي، جڏهن هو اڪيلو هن دنيا جو بادشاه هو.... اڄ فن جي ڳالهه نه اهي، اڄ پروڊيوسر جنهن کي چاهي آسمان تي پهچائي، جنهن کي گهري گمناميءَ جي تهن ۾ گم ڪري سگهي ٿو...

نازنين:    تنهنجو چوڻ به سچ آهي... پر...

ڦلٽو:      پر.... پر ڪو زمانو هو، آئون هن انڊسٽريءَ جو سڀ کان وڏو مزاحيه اداڪار هوس... آئون پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي بنهه اڪيلو ڇڏي هن ٻيلي ۾ داخل ٿيو هوس... هن جي روشنين ۽ رونقن مون کان سڀڪجهه کسي ورتو، مون سوچيو هو ته آئون هيرو ٿي ڪمائي پنهنجن مائٽن جي خدمت ڪندس.... پر... پر هتي ڊائريڪٽر مونکي هيرو مان مسخرو بنائي ڇڏيو... اهڙو مسخرو جيڪو وک وک تي لڙڪن جا واهڙ وهائي، پر.... پر ٻين کي کلائي... خوش ڪري.... (غمزده) ماءُ جو مڙهه پيو هجي ته به مون کي شوٽنگ تي اچڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ انساني حياتيءَ کان شوٽنگ ڊيٽ مهانگي آهي...

نازنين:    تون ملول آهين ڦلٽو....

ڦلٽو:      بنهه نه.... مون حالتن سان ٺاهه ڪري ڇڏيو آهي... آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن آئون ائين نه ڪندس ته پوءِ آئون ڪٿي جو به نه رهندس، آئون صادق جي حال تي حيران آهيان جيڪو اڄ به ساڳين ئي خوابن ۾ رهي ٿو... جنهن وقت اهي خواب ٽُٽا تنهن وقت هو هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو... ڪير هن کي سڃاڻندو به ڪونه....

نازنين:    ائين نه چئو ڦلٽو.... ائين نه چئو.

ڦلٽو:      ڏاڍو سيڪ ٿو اچئي صادق جو...؟

نازنين:    ڦلٽو... آئون.... آئون... صادق کي پنهنجو ڪرڻ ٿي چاهيان.

ڦلٽو:      (کلي) هو خود سر آهي.... هن پنهنجي ذهن ۾ عجيب انساني خاڪا تيار ڪري رکيا آهن، جن کي هو حقيقت جو رنگ ڏيڻ چاهي ٿو، ايتري ڳالهه سا آئون به چوندس ته انهن خاڪن ۾ تنهنجي چهري جي هڪ ليڪ به نه آهي.

نازنين:    ڦلٽو!

ڦلٽو:      ها نازنين.... پر تون ڪوشش ڪر.... هن جي انا کي قبضي ۾ ڪر... متان توکي تنهنجي منزل ملي وڃي....

نازنين:    آئون سڄي عمر انتظار ڪنديس.... هڪ هڪ گهڙي ڪوشش ڪنديس، انهي موهوم ۽ اڻ ڄاتل سڃاتل خاڪن ۾ ڪٿي هڪ ليڪ منهنجي به ٿي پئي....!

ڦلٽو:      اميد انسان جي سڀ کان وڏي دولت آهي نازي.... آئون به تنهنجي لاءِ هن سان حال اوريندس، ممڪن آهي ته حالتون صادق کي به انهي گس تي وٺي اچن، جنهن واٽ جي تون مسافر آهين.

]تيز ڏکاري موسيقي[

ڦلٽو:      سهڻا صادق...

صادق:    چئو ڦلٽو... اڄ تنهنجي چهري تي مايوسي پئي بکي؟

ڦلٽو:      سهڻا صادق، جڏهن ڪا ڳالهه دل جي گهراين تائين پهچي ويندي آهي، ۽ ان ڳالهه تي ڪو وس نه هلندو آهي، تڏهن سواءِ مايوس ٿيڻ جي ٻيو ڪو گس ئي نه رهندو آهي... ڇاڪاڻ ته اِهائي هڪ ڳالهه آهي، جنهن تي اسان جو قبضو آهي.

صادق:    واه.... ڦلٽو، اهي ڪهڙي فلم جا ڊائلاگ آهن؟

ڦلٽو:      تنهنجي ذهن مان فلم الائجي ڪڏهن نڪرندي صادق....؟ ڪڏهن حقيقت کي به ڏس ۽ سمجهه.

صادق:    (کلي) حقيقت ڇا کي ٿو چئجي؟

ڦلٽو:      نازنين جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟

صادق:    نهايت چڱي ڇوڪري آهي، پنهنجا ڪردار نهايت دل سان ادا ڪندي آهي.

ڦلٽو:      توکي اها خبر آهي ته اڄ هن جو انڊسٽري ۾ وڏو مان آهي.

صادق:    ها، اِها به مونکي خبر آهي، ۽ ڄاڻان ٿو ته اهو سڀڪجهه منهنجي ڪوشش جو نتيجو آهي.... هڪ عام ايڪسٽرا گرل کي هيروئن جي درجي تي مون ئي پهچايو آهي، آئون نه هجان ها ته اڄ هن جي اها منزل نه هجي ها.

ڦلٽو:      سچ ٿو چئين.... پر اهو واءُ جيڪو اڄ گهلي پيو، ان تي به ڪا ديد اٿئي؟

صادق:    (کلي) اڄ هو نهايت معروف اداڪار آهي ۽.... آئون واندو!

ڦلٽو:      اڄ هو ان منزل تي پهتل آهي، جتي هو توکي به ڪم ڏياري سگهي ٿي صادق سهڻا!

صادق:    اڄ هو ان منزل تي پهتل اهي، جتي هو توکي به ڪم ڏياري سگهي ٿي صادق سهڻا!

صادق:    مونکي به ڪم ڏياري سگهي ٿي؟ (کلي) پر ڦلٽو، توکي شايد اهو وسري ويو آهي ته جڏهن هن جي ابتدا هئي، تڏهن ئي مون هن کي ٻڌايو هو ته آئون ٻين جي سهاري سان اڳتي نه وڌندو آهيان.... تنهنجي منزل الڳ آهي ۽ منهنجي راه جدا... تون مون لاءِ پاڻ نه پتوڙ....

ڦلٽو:      پر سهڻا صادق، هوءَ ته اڄ به تنهنجي منزل کي پنهنجي ئي منزل ٿي سمجهي.

صادق:    اسان جي منزل هڪ نٿي ٿي سگهي.... مون کي هن جي دوستي پسند ضرور آهي. نهايت لائق ڇوڪري آهي، پر انهيءَ جو مقصد اهو نه آهي ته آئون هن کي هر هنڌ پاڻ سان وٺي هلان!

ڦلٽو:      انهيءَ ۾ آخر توکي ڪهڙو نقصان آهي؟

صادق:    ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين ڦلٽو... هن دنيا کان تون چڱيءَ طرح سان واقف آهين. هتي جا ماڻهو چوندا ته صادق، نازنين جي ڪڍ لڳي، وري پاڻ کي مٿي آڻن ٿو گهري، اهو منهنجي سهپ کان ٻاهر آهي ته آئون ڇوڪريءَ جي پٺيان سڏجان، جيڪا منهنجي محنت سان ان منزل تي پهتي آهي....

ڦلٽو:      تون پنهنجي انا جي تسڪين لاءِ هڪ اهڙي دل ٿو ٽوڙين، جيڪا واقعي پيار جي لائق آهي. تون ايڏو سنگدل ڇو ٿيو آهين؟

صادق:    سنگدل! (کلي) ڦلٽو.... مونکي دنيا ۾ فقط هڪ شيءَ سان عشق آهي ۽ اهو منهنجو فن آهي.

ڦلٽو:      اها خود ثنائي آهي، تو سمورا انساني جذبات وساري ڇڏيا آهن!

صادق:    تون ڇا به چئين.. پر آئون پنهنجي فن لاءِ جيئان ٿو، ۽ پنهنجي فن لاءِ مرندس.... اهي وقتي لاها چاڙها مون کي ڪجهه به نه ڪري سگهندا، آئون انهن ڳالهين کان تمام مٿي آهيان ڦلٽو... تمام مٿي....

]’تمام مٿي آهيان‘ پڙاڏي ۾ هليو وڃي ٿو[

صادق:    بس بس... نازي بس.... آئون تنهنجن لفظن جا گهاوَ وڌيڪ سهي نٿو سگهان، تنهنجو هر لفظ منهنجي روح لاءِ چهڪ آهي....

نازنين:    ۽ صادق مون سڄي عمر تنهنجي اوسيئڙي جا چهڪ سٺا آهن.... دنيا جون مڙيئي خوشيون ڇڏي آئون هر گهڙي تولاءِ واجهائيندي رهي آهيان....

صادق:    بيشڪ نازي... آئون تنهنجو ڏوهاري آهيان... آئون صادق، نازنين جو ڏوهاري آهيان... پر... پر....

نازنين:    چئو صادق..... دل جو بار لهي ويندءِ.

صادق:    مون کي... مون کي صادق نه چئو... آئون ڪوڙو آهيان.... مون سدائين پنهنجو پاڻ سان به ڪوڙ ڳالهايو آهي، مڪر ڪيو آهي.... آئون خود فريبيءَ ۾ مبتلا هئس.... نازنين!

نازنين:    چئو صادق....

صادق:    توکي اڃا به مون سان محبت آهي؟

نازنين:    شايد.... اها محبت آئون پان سان سانڍي وڃي قبر ڀيڙي ٿينديس صادق.

صادق:    مون کي صادق نه چئو.... اڄ صادق سدائين لاءِ مري ويندو... اهو صادق جنهن کي گذريل وڏي عرصي تائين عظيم اداڪار تصور ڪيو ويندو هو.

نازنين:    صادق! هي تون ڇا پيو چئين؟

صادق:    صادق جيڪو نازنين جو نه ٿي سگهيو، سو سلمان جي شڪل اصلي ۾ مريم جي ٿيڻ لاءِ تيار آهي.

نازنين:    (خوش ٿي) سلمان... مونکي تنهنجي هر روپ سان پيار آهي- پر... پر سلمان منهنجو سائين آهي...

صادق:    ۽ مون کي تنهنجي نازنين واري روپ کان نفرت آهي... پر آئون مريم سان محبت ڪريان ٿو.

نازنين:    سلمان....

صادق:    (غمزده) مريم... مون کي ڪجهه مهلت ڏي... صادق منهنجي ذهن تي سالن کان سوار آهي، آئون ان کان پاڻ ڇڏائي سلمان جو روپ وٺڻ گهران ٿو...

نازنين:    مون سڄي ڄمار تنهنجو انتظار ڪيو آهي سلمان... اڄ آئون پنهنجي منزل تي پهچڻ کانپوءِ ڪجهه وقت اڃان به انتظار ڪري سگهان ٿي....

صادق:    مريم... آئون.... مريم مون کي اجازت ڏي... آئون وڃان ٿو... صادق کي دفن ڪرڻ لاءِ.... ۽ سلمان کي زنده ڪرڻ لاءِ....

نازنين:    ائين نه چئو صادق.... صادق سدائين حيات رهندو.

صادق:    صادق مري ويو- مريم... اِن کي نه سڏ، ان کي نه سڏ، مون کي نازنين کان نفرت آهي ]قدمن جا آواز[

نازنين:    آئون تنهنجو انتظار ڪنديس صادق....

صادق:    (پريان) صادق مري ويو.... مريم.... صادق ۽ نازنين مري... صادق مري ويو.

]’صادق مري ويو‘، پڙاڏي ۾ گم ٿي وڃي ٿو[

نازنين:    (ايڪو ۾) صادق مري ويو... صادق مري ويو... (ايڪو ختم) يا خدا... هي ڇا ٿيو! اڄ اڃا اميدن کي حقيت جو رنگ نصيب ٿيو هو، هڪ سهڻو جواب.. جيڪو ڇرڪ سان ٽٽي پيو... ]پني جي کڙکڙ[’گذريل رات... پنهنجي وقت جو مشهور اداڪار صادق نهايت ڪسمپرسيءَ جي عالم ۾ اوچتي دل جي حرڪت بند ٿيڻ جي ڪري انتقال ڪري ويو’... نه نه.... هي ڪوڙي خبر آهي... هي غلط آهي.... صادق ڪونه مئو آهي.... صادق جيئرو آهي‘... هن مون سان وعدو ڪيو هو ته هو ايندو... مون وٽ موٽي ايندو منهنجو صادق، سلمان بنجي مون وٽ ايندو.... منهنجو سلمان جنهن لاءِ آئون اڃان به واٽون پئي واجهايان.... (دانهن ڪندي) سلمان... سلمان... توکي اڄ نئين حياتي ملي آهي.... ترس.... ترس..... آئون نازنين.... نه نه... توکي نازنين سان نفرت آهي.... آئون مريم تو وٽ اچان پئي.... تون مون کان سواءِ نٿو مري سگهين... تو مون سان وعدو ڪيو هو ته تون وري مون وٽ ايندين.... پر..... هاڻي مون کان انتظار نٿو ڪيو ٿئي.... آئون..... مريم..... آهيان... مريم... آهيان... نازنين نه آهيان... نازنين نه آهيان....

           ]سڏڪا ڀريندي رهي ٿي، ۽ ڏکاري موسيقي اڀري فيڊائوٽ ٿي وڃي ٿي[


 

 

ماءُ ۽ محبت

           ]شروعاتي موسيقي، تيز هوا ۽ مينهن جو تاثر، رکي رکي گوڙ جو تاثر[

جاويد:     (ٿڌو ساهه ڀري) حياتي جون اُهي گذريل گهڙيون، جن ۾ سڪون ميسر هو، ڪيئن نه آهستي آهستي، چو چاپ گذري ويون- ائين ڄڻ اسان جي حياتيءَ ۾ اهي لمحا آيا ئي نه هئا، ڪيڏو نه مختصر عرصو هو انهيءَ زماني جو... ۽ هيءَ حياتي ڏونگر وانگر ڏاڍي ۽ منهنجين اکين جهڙي اونداهي... گذارڻ گهران ٿو، گذري نٿي (غمزهده مرڪ) واقعي وقت تي ضابطو نٿو رهي سگهي (قدمن جو آواز) زينت...؟

زينت:     جي....

جاويد:     تون ائين اوچتو اوچتو مون کي اڪيلو ڇو ڇڏي ويندي آهين؟

زينت:     تنهنجي دوا کڻڻ ويئي هئس.

جاويد:     دوائون پي پي ته آئون هاڻي ٿڪجي پيو آهيان. آئون ٿڪجي چور ٿي پيو آهيان. ائين جيئن ڪو رڻ جو راهي هجان، جنهن جي ڪا منزل نه هجي. جيڪڏهن ڪا هئي ته رڻ جي اٿاهه گهراين ۾ گم ٿي ويئي آهي.

زينت:     اڄ وري توتي پراڻيون يادگيريون پلٽجي پيون آهن. ڪيترا ڀيرا توکي چيو اٿم ته ويل وقت کي پچاري پنهنجي حال کي هروڀرو هيڻو نه ڪندو ڪر، جيڪڏهن گذريل وقت موٽندو هجي ها ته حياتيون ڪڏهن به اهڙو عذاب نه بنجن ها.

جاويد:     تو مونکي سدائين روشنائي واري گس جا ڏس ڏنا آهن، زينت، پر آئون ڇا ڪريان، پنهنجي وانداهي زندگي جو نانگ مونکي هر گهڙي ڏنگي پنهنجي ياد ڏياريندو رهي ٿو. هڪ لمحي لاءِ وساريان ٿو ته ايڏي شدت سان ڌڪ هڻي ٿو، جو منهنجو روح لڏيو وڃي. مون ۾ انهن ڏنگن سهڻ جي سامت ئي ڪانهي زينت، آئون ڇا ڪريان.

زنيت:     توکي گرمي ته نه ٿي لڳي؟

جاويد:     مينهن وٺي کان پوءِ موسم مڙيئي ڪجهه ٿڌي ٿي وئي آهي.

زينت:     مون کي ته هن ڪمري ۾ گُهٽ پئي محسوس ٿئي.

جاويد:     ٻاهر شايد ٿڌڪار تمام گهڻي آهي، تنهنڪري توکي هتي گهٽ محسوس ٿي ٿئي، پر آئون ته اڄ گهڻي فرحت پيو محسوس ڪريان- توکي الائجي ڇو ٿي گهٽ لڳي؟

زينت:     ڇاڪاڻ ته اڄوڪي رات تمام اونداهي آهي.

جاويد:     ڇا رستي جون بتيون به بند ٿي ويون آهن؟

زينت:     ها، مينهن جو گهڻو وٺو آهي...

جاويد:     (پنهنجي پور ۾) توکي اوندهه کان ڊپ ٿو لڳي؟

زينت:     مون کي سدائين اوندهه ڊيڄاريو آهي. تو لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪانهي.

جاويد:     ها، سچ ٿي چئين، پر (غمزده کل) پر اوندهه ۾ رهندي رهندي، مون کي اهو به احساس نه رهيو آهي ته روشني ڇا ٿيندي آهي، ان ۾ هاڻي چهرا ڪيئن ٿا ٻهڪن ۽ ڪيئن ٿا رنگ مٽائين. مونکي ته سڀڪجهه وسري ويو آهي... ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن تون پنهنجن ڪمن ۾ مشغول هوندي آهين، تڏهن آئون يادگيرين جي تهن مان ڪي ڄاتل سڃاتل چهرا پنهنجي ذهن ئي ذهن ۾ ورجائڻ لڳندو آهيان، اهي چهرا جيڪي ڪڏهن مون ڏٺا هئا، پر اڄ فقط انهن جي آوازن ۽ ساهن مان سندس چهرن جي احساس کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ڇا توکي ڪڏهن اهڙي فرق جو احساس ٿيو آهي زنيت؟

زينت:     منهنجي احساس جي ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪرين... زمانا ٿيا جو محسوس ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو اٿم. آئون اهو ئي ڪجهه محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان، جيڪي تون چاهين ٿو. انهيءَ کان ٻاهر نه مون ڪڏهن ويچاريو آهي نه ئي ويچارينديس.

جاويد:     (آواز هلڪي پريشاني) تو.... تو اڳي ته ڪڏهن به ائين مون کي نه چيو آهي زينت! اڄ تون به شايد ٻين وانگر...

زينت:     (يڪدم) نه نه، ائين نه چئو. تون ته منهنجي زندگي آهين. شايد تون اڄ تمام گهڻو ٿڪجي پيو آهين، توکي آرام ڪرڻ گهرجي.

جاويد:     آرام (کلي) ننڊ ته مون کان ائين رسي ويئي آهي، جيئن روشني. جڏهن حياتيءَ ۾ ڏينهن رات جو فرق نه رهي تڏهن ننڊ کي پرچائڻ منهنجن اصولن جي اُبتڙ آهي.

زينت:     (تيز لهجي ۾) اوه، اصول.... اصول... تو هميشه حياتي جي مقابلي ۾ اصولن کي وڌيڪ ڀانئيو آهي. ڪڏهن تو سوچيو آهي ته اهي اصول حياتي سان ئي لاڳو آهن. جيڪڏهن حياتي، حياتي نه رهي هت پوءِ اُهي اصول ڪهڙي ڪم جا. اهي واريءَ جي ڪوٽن وانگر هوا جي هلڪي جهوٽي سان ڪٿان جو ڪٿي وڃي نڪرندا آهن.

جاويد:     آئون تنهنجي لهجي جي تلخي کي چڱي طرح محسوس ڪري رهيو آهيان زنيت. توکي خبر آهي ته مون پنهنجي حياتي ۾ سوين صعوبتون سٺيون پر پنهنجي اصولن کي نه مٽايو. مون سدائين انهن تي عمل ڪيو ۽ انهن کي بچايو. منهنجا اصول ڏونگرن کان به ڏاڍا ۽ اُچا آهن زينت.

زنيت:     (طنزيه انداز ۾) ڏونگر جهڙا ڏاڍا- اونهه...

جاويد:     مون کي خبر آهي ته تو منهنجين اصولن کي سدائين ڌڪاريو آهي. اها نفرت سرهائي واري زماني ۾ به مون محسوس ڪئي هئي، اڄ به نهايت چٽيءَ طرح سان محسوس ڪريان پيو. پر انهيءَ هوندي به آئون پنهنجي دل ۾ انهن اصولن کان اڄ به ائين ئي خوش آهيان جيئن اڳ هئس.

زينت:     (تيز لهجي ۾) تون خوش آهين، مون کان به ته پڇ ته تو ۽ تنهنجن اصولن مون کي اڄ تائين ڇا ڏنو آهي. زندگي جي ڊگهي پنڌ ۾ فقط چند گهڙيون، جن ۾ مون کي پنهنجي روح جي سڪون جو احساس ٿيو هوندو، نه ته باقي سڄو زمانو ائين لڳيم ٿو ڄڻ ته هڪ رليل روح ڪنهن رُڃ ۾ ڀٽڪندو هجي.

جاويد:     زينت!

زنيت:     آئون عورت آهيان، منهنجي دل کلئي آسمان هيٺ ڪنهن اهڙي سهاري جي ڳولائو رهي آهي، جتي رڻ جي ڀٽڪيل راهي وانگر هڪ گهڙي سک حاصل ڪري سگهي. آئون ماءُ آهيان، جنهن جا اولاد سان ازل کان اهڙا رشتا آهن، جن کي ٽوڙڻ ۾ دنيا جا ڪي اصول لڳي نٿا سگهن. انهن رت جي رشتن سان محبت جهڙي ڏاڍي شيءِ به مقابلو نٿي ڪري سگهي.... پر آئون.... آئون اها ماءُ آهيان، جنهن پنهنجي دل جو پاڻ رت وهايو آهي. رشتا ٽوڙيا، جن جي مرادن پورين ٿيڻ لاءِ اکيون سدائين آسائتيون رهيون آهن. فقط تنهنجي ڪري.... فقط تنهنجي ڪري....

جاويد:     (نهايت جهيڻي آواز ۾) مون کي تنهنجي نفرت ۽ ڌڪار جو احساس آهي.

زينت:     تو پنهنجن اصولن جي ڪري انهي کي رنجايو ۽ ڌڪاريو جنهن هن گهر ۾ ٻيهر خوشين آڻڻ جو سعيو ڪيو هو. تو انهيءَ دل کي پنهنجن اصولن جو آواز ڀانيو، جنهن اسان کي ٻڌائڻ کان سواءِ پنهنجي دنيا وڃي آباد ڪئي- جنهن کي تو ڪجهه نه ڏنو، اهو اڄ به هن گهر بابت سوچيندو رهي ٿو، ۽ جنهن کي تو سڀڪجهه ڏنو، انهيءَ هن اونداهي گهر کي ائين وساري ڇڏيو آهي، ڄڻ ته هن گهر ۾ جنم ئي نه ورتو هئائين

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org