سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

حصو چوٿون

صفحو :14

 

حصو چوٿون

 

ايوان

 

باب پهريون

گروشينڪا جي آڏو

اليوشا سڌو ديول جي چؤنڪ ڏانهن ويو ۽ اتان گروشينڪا کي ڏسڻ لاءِ موروزوف جي گهر ڏي روانو ٿيو، جنهن سويري صبح جو، فينا کي تڪڙي نياپي سان موڪيلو هو، ته وٽس اچي. فينا کان سوال ڪندي، کيس خبر پئي هئي، ته سندس مالڪياڻي گذريل ڏينهن جي واقعن کان بيحد رنجيده هئي. متيا جي گرفتاريءَ کان ٻه مهينا پوءِ، اليوشا کي اڪثر بيواهه موروزوف جي گهر ۾ گهرايو ويندو هو. هوُ پنهنجي طبعيت جي لاڙي جي سبب ۽ ڪجهه دمتري جي نياپي پهچائڻ لاءِ وٽن ويندو هو. متيا جي گرفتاريءَ کان ٽي ڏينهن پوءِ، گروشينڪا سخت بيمار ٿي پئي ۽ قريباً پنجن هفتن لاءِ بيمار رهي. هڪ سڄي هفتي لاءِ ته هوءَ بيهوش رهي. هوءَ هاڻي گهڻو مٽجي وئي هئي. هوءَ ڪمزور ٿي وئي هئي ۽ سندس شڪل هيڊي ٿي وئي هئي. پندرنهن ڏينهن کان پوءِ، هوءَ  ٻاهر نڪرڻ جهڙي ٿي هئي. پر اليوشا جي لاءِ سندس چهرو وڌيڪ ڪشش وارو بڻجي ويو هو ۽ هو جڏهن سندس گهر ويندو هو، ته سندس اکيون وڌيڪ جاذب ۽ دلڪش ڏسندو هو. سندس نگاهن ۾ پختگي ۽ معامله فهمي پيدا ٿي وئي هئي. منجهس روحاني وقار جي تبديلي اچي وئي هئي. ارادي جي مضبوطيءَ جي اچڻ سبب، ڪابه شيءِ کيس متزلزل ڪري نه ٿي سگهي. سندس ڀروئن جي وچ ۾ هڪ ننڍي عمدي ليڪ جي پيدا ٿيڻ سبب، سندس دلڪشي ۾ اضافو ٿي ويو هو ۽ اُن مان سندس فڪر جي پختگيءَ جي به خبر ٿي پئي. هيءُ نشانيون ايتريون ته واضح هيون، جو هڪ نگاهه ۾ معلوم ٿي پئي ويون. هاڻي سندس چهري مان مشڪل سان ڪنهن اڳوڻي هوس جو نشان ٿي مليو.

اليوشا جي لاءِ هيءَ نهايت حيرت جهڙي ڳالهه ٿي ڏٺي، ته باوجود اُن مصيبتن جي، جي اُن مسڪين ڇوڪري تي، سندس مڱيندي جي گرفتاري سبب پئجي ويون هيون، جو هڪ خطرناڪ ڏوهه جي هيٺ آيل هو، سو به اُن وقت جڏهن هوُ مڱڻي جي لاءِ تيار هئا ۽ اُن جي شگفتگي پنهنجي جاءِ تي قائم هئي. سندس اکيون جي ماضي ۾ پر غرور ٿي ڏٺيون، انهن ۾ محبت آميز نور ٿي ڏٺو. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ ماضي جي منتقم آڳ به روشن ٿي ڏٺي، جنهن سان هوءَ پنهنجي دل ۾ مضبوط تر، پريشان ڪندڙ خيال سان ڪنهن سان ملندي هئي. بي آراميءَ جي صورت اُهائي هئي، جا وٽس هميشه رهندي ٿي آئي. ڪيٽرينا ايونونا جي متعلق جو کيس اضطراب هو، اُهو سندس بيماري جي حالت ۾، هزيان جي صورت ۾ پنهنجي جاءِ تي قائم هو، اليوشا کي خبر هئي، ته هوءَ بري طرح سندس حاسد هئي. پر ڪيٽرينا هڪ ڀيرو به جيل ۾ متيا سان نه ملي هئي، جيتوڻيڪ هوءَ، آساني سان ايئن ڪري ٿي سگهي ۽ ڪنهن به وقت ساڻس ملي ٿي سگهي. هي سڀئي ڳالهيون، اليوشا لاءِ مشڪل مسئلو بڻجي پيون هيون، ڇاڪاڻ ته هيءُ ئي اهو هڪ ماڻهو هو، جنهن وٽ گروشينڪا پنهنجي دل کولي ٿي سگهي ۽ جنهن کان هوءَ مسلسل مشورو ڪري ٿي سگهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هوءَ ڪجهه به چئي نه ٿي سگهيو.

انتظار سان ڀريل هوُ سندس گهر ۾ داخل ٿيو. هوءَ گهر ۾ هئي. اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ هوءَ متيا جي ملاقات کان پوءِ موٽي آئي هئي. سندس تڪڙي چرپر مان، جنهن سان هوءَ ڪرسيءَ تان ٽپو ڏيئي، ساڻس ملڻ لاءِ اُٿي هئي، معلوم پئي ٿيو، ته هوءَ
بي صبريءَ سان سندس انتظار ڪري رهي هئي. ميز تي تاش جا پتا پکڙيل ٿي ڏٺا. ٻي پاسي چمڙي جي صوفي تي، بسترو وڇايل هو، جنهن تي ميڪزيموف لٽيل هو، جو نيم دراز هو. کيس رات جو لباس هو ۽ ڪپهه جي رات واري ٽوپي. هوُ بيمار ۽ ڪمزور ٿي نظر آيو، جيتوڻيڪ هوُ اطمينان سان مشڪي رهيو هو. جڏهن هيءُ
بي گهر پوڙهو ماڪرو مان گروشينڪا سان گڏ موٽيو هو، جنهن کي ٻه مهينا گذري چڪا هئا، هوُ اتي ئي رهي پيو هو ۽ اڃا اتي ئي هو. هوُ برسات ۽ ٿڌ ۾ ساڻس گڏ پهتو هو، هوُ بينچ تي ويهي رهيو ۽ مشڪندي، محبوب ۽ ملتمس نگاهن سان گروشينڪا کي ڏسندو رهيو. گروشينڪا جا سخت رنجيده هئي ۽ بخار جي ابتدائي حالت ۾ هئي، پنهنجي پهچڻ جي اڌ ڪلاڪ اندر کيس بلڪل وساري چڪي هئي. اوچتو ۽ اتفاقاً هن کيس ڏٺو. هوءَ رنج مان کلڻ لڳي، جنهن کل ۾ ڪابه راحت ڪانه هئي. هن فينا کي سڏ ڪيو ۽ کيس چيائين، ته هن کي ڪجهه کائڻ لاءِ ڏي. هوُ سڄو ڏينهن انهيءَ ئي جاءِ تي ويٺو رهيو ۽ مشڪل سان ڪاڏي چريو هو. جڏهن اونداهي ٿي ۽ درين کي بند ڪيو ويو، تڏهن فينا پنهنجي مالڪياڻيءَ کان پچيو ته:

 ”ڇا هيءُ سکر ماڻهو رات هتي ئي گذاريندو؟“

 ”هائو، سندس بستر صوفي تي وڇاءِ.“  گروشينڪا کيس جواب ڏنو.

وڌيڪ تفصيل سان کانئس سوال ڪندي، گروشينڪا کي معلوم ٿيو، ته ظاهر ۾ هوُ هاڻي ڪاڏي به وڃڻ جهڙو نه رهيو آهي. سندس مهربان ڪلگنوف، کيس صاف چئي ڏنو هو، ته هن جو وري پاڻ وٽ اچڻ نه ٿيندو ۽ کيس پنج روبل ڏئي ڇڏيائين.

 ”خير، خدا چڱائي ڪندو، چڱو آهي ته وٽن هتي ئي رهي پؤ. گروشينڪا پنهنجي ڏک ۾ هوندي به اهو فيصلو ڪيو ۽ کيس وڏيءَ دل سان مشڪندي ڏٺائين. سندس هن مشڪڻ پوڙهي ماڻهو جي دل تي وڏو اثر ڪيو. سندس چپ شڪرگذاريءَ جي ڳوڙهن وهائڻ سان گڏ لرزڻ لڳا. ان کان پوءِ ميڪزيموف وٽس رهي پيو. هوءَ جڏهن بيمار ٿي، ته هن هڪ گهڙي لاءِ به سندس گهر کي نه ڇڏيو. فينا ۽ سندس ڏاڏي بورچياڻي کيس ٻاهر ڪڍڻ جي بجاءِ کاڌو ڏينديون رهيون ۽ صوفي تي سندس بستري کي ٺاهينديون رهيون. گروشينڪا هاڻي کيس پنهنجي مطلب لاءِ ڪم آڻڻ لڳي. متيا جي ڏسڻ کان پوءِ، (جنهن کي هن پنهنجي صحت کان اڳ ۾ ڏسڻ شروع ڪيو هو) ويهي رهندي هئي ۽ ميڪزيمشڪا سان انهن سنگين معاملن بابت گفتگو ڪندي هئي، جيئن هوءَ انهن رنجيده حالتن کان نجات حاصل ڪري سگهي. هيءُ پوڙهو ماڻهو بهترين افسانه گو ثابت ٿيو ۽ آخر ۾ هوُ ان جي لاءِ ضروري شيءِ بڻجي پيو. گروشينڪا، اليوشا کان سواءِ ٻي ڪنهن ماڻهوءَ سان مشڪل سان ملندي هئي. هوُ روزانو نه ايندو هو، ۽ نه وري گهڻو وقت ترسندو هو. سندس پوڙهو واپاري گهر ۾ سخت بيمار پيو هو. جيئن شهر وارن چيو ٿي، هوُ پوين پساهن ۾ هو ۽ هوُ سچ پچ متيا جي مقدمي هلڻ کان هڪ هفتو پوءِ مري ويو. سندس موت کان ڪي هفتا اڳ ۾، هن پنهنجي موت کي قريب ايندو ڏسي، پنهنجي پٽن، سندن زالن ۽ ٻارن کي مٿي گهرائي ورتو ۽ کين حڪم ڏنو، ته هوُ وري کيس ڇڏي نه وڃن. ان گهڙيءَ کان پوءِ، هن سختيءَ سان پنهنجي نوڪرن کي چئي ڇڏيو، ته هوُ گروشينڪا کي اندر نه ڇڏين، ۽ جيڪڏهن هوءَ اچي ته کيس سندس پيغام ڏين، ته ”هوءَ وڏي حياتي ماڻي ۽ خوش رهي ۽ کيس وساري ڇڏي.“  پر گروشينڪا هر روز سندس احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ماڻهو موڪليندي رهي.

 ”تون آخر اچي وئين؟“  هنن پتن کي اڇلائيندي چيو ۽ نهايت چاهه مان اليوشا کي کيڪاريائين. ”مون کي ميڪزيمشڪا طعنو هڻندي ٿي چيو، ته تون نه ايندينءَ. مون کي ڪيترو نه تنهنجي ضرورت آهي. ميز جي ڀرسان ويهه. ڇا پيئندينءَ ..... ڪافي؟“

 ”هائو، تنهنجي مهرباني،“  اليوشا ميز وٽ ويهندي چيو.”مون کي سخت بک لڳي آهي.“

گروشينڪا رڙ ڪري چيو، ته ”فينا، فينا، ڪافي.“  اها گهڻي وقت کان تنهنجي لاءِ تيار پئي آهي. ڪجهه مانيءَ جا ٽڪڙا به آڻ. اهو ڏسج ته اهي گرم هجن. توکي خبر آهي، ته انهن مانيءَ جي ٽڪرن تي اڄ چڱو خاصو گوڙ ٿيو هو. مان هنن کي کڻي، هن لاءِ جيل ڏي وئي هيس. تون اعتبار ڪندين، هن وٺي مون ڏانهن اڇلائي ڇڏيا. هن انهن کي کائڻ نه ٿي گهريو. هن انهن مان هڪ کي زمين تي اڇلائي ڇڏيو ۽ ان کي پيرن ۾ لتاڙڻ لڳو. مون کيس چيو، ته مان هيءُ وارڊن کي ڏيئي ٿي وڃان. جيڪڏهن تون انهن کي شام کان اڳ ۾ کائڻ نه ٿو گهرين، ته پنهنجي بد رفتاريءَ جي سزا ڏسندين. ائين چئي مان هلي آيس. خيال ڪر ته ٻيهر وري اسان ۾ جهڳڙو پيدا ٿي پيو آهي. هر بار جڏهن به اُتي مان وڃان ٿي، ته جهڳڙو پيدا ٿي پوي ٿو.

گروشينڪا ڪاوڙ مان تڪڙو تڪڙو ڳالهائيندي وئي. ميڪزيموف هڪدم کيس ڏٺو ۽ چپن ۾ ڪجهه حجاب سان مشڪندو رهيو ۽ پنهنجون اکيون هيٺ ڪري ڇڏيائين.

 ”هن ڀيري اوهان ڇا تي جهڳڙو ڪيو؟“  اليوشا کانئس پڇيو.

مون کي ته ان جي ڪا به اميد نه هئي. فقط ائين ئي. هوُ ان پول کان ٽهي ٿو. هن مون کي چيو، ته”تو ان کي پاڻ وٽ ڇو رهايو آهي؟ تو وري هن کي پاڻ وٽ رهائڻ شروع ڪيو آهي. هوُ حاسد آهي، هوُ سڀ شيءِ سان حسد ٿو ڪري! ڇا کاڌو هجي ڇا ننڊ گذريل هفتي هن ڪزما سان به اهڙي ريت حسد ٿي ڪيو.“

 ”پر هوُ پول کي اڳ ۾ سڃاڻيندو هو ڇا؟“

هائو، پر ڳالهه جو منڍ هيءُ آهي، ته هوُ ابتدا کان کيس سڃاڻندو هو. پر هوُ اڄ اٿيو ۽ اُن بابت ڇينڀڻ لڳو. اُن کي ورائي چوڻ ۾ شرم ٿو اچي. بيوقوف انسان! ريڪيٽن اُن وقت وٽس آيو ۽ مان ٻاهر نڪتيس. شايد هوُ کيس ڀريندو ٿو رهي. تون ڇا ٿو سمجهين؟“  هن بي پرواهيءَ مان کيس چيو.

 ”هو توکان بيحد پريشان آهي.“

 ”مان پاڻ خيال ڪريان ٿي، ته ائين ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سڀاڻي مقدمو رکيل آهي. مان وٽس وئي هيس، ته سڀاڻي لاءِ مون کي ڪجهه چوي. ڇا لاءِ ته مون کي خوف آهي، ته سڀاڻي الائجي ڇا ٿيندو. تون چوين ٿو ته هوُ پريشان آهي، پر مان ڪيتري نه پريشان آهيان. ۽ هوُ وري پول جون ڳالهيون ٿو ڪري!ّ هوُ وڏو بيوقوف آهي. ڪيئن به هجي، هوُ اڃا مڪزيمشڪا جو حاسد نه بڻيو آهي.“

 ”نوڪريءَ وارين ڇوڪرين لاءِ.“

 ”پنهنجي زبان کي روڪ ميڪزيمشڪا، مان هاڻي کلڻ جي حال ۾ نه آهيان. مان غصو محسوس ٿي ڪريان. هنن مانيءَ جي ٽڪرن تي پنهنجي نظر نه وجهه. مان توکي هنن مان ڪجهه به نه ڏيندس. هيءُ تنهنجي لاءِ چڱا نه آهن. نه وري توکي وڊڪا (شراب جو قسم) مان ڪجهه ڏيندس. مان هن جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿي. ڄڻ ته مون کي يتيمخانو هلائڻو آهي.“  هوءَ کلڻ لڳي.

 ”مان تنهنجي مهربانيءَ جي لائق نه آهيان. مان هڪ حقير شيءِ آهيان.“  ميڪزيموف چيو. سندس آواز روئڻهارڪو بڻجي ويو. توکي پنهنجي مهرباني انهن ماڻهن تي ڪرڻ گهرجي، جي تنهنجي لاءِ وڌيڪ ڪارآمد ٿين.

 ”اڙي ميڪزيمشڪا، هر انسان ڪارآمد آهي. اسان ڪهڙي ريت چئي سگهون ٿا، ته هي وڌيڪ ڪارائتو آهي. چڱو ٿئي ها، ته هن پول جو وجود ئي نه هجي ها. خيال ڪر اليوشا، هوُ پڻ اڄ بيمار ٿي پيو آهي. ان کي به ڏسڻو اٿم. ڪجهه مانيءَ جا ٽڪرا کيس به موڪلڻا اٿم. مان ته کيس ڪجهه به نه موڪليندي آهيان، پر مـِـتيا مون کي ان جو گنهگار ٿو سمجهي، ان ڪري مان هاڻي کيس ڪجهه موڪليان ٿي. اجهو فينا کي هٿ ۾ ڪو خط آهي. هائو، هيءُ ان پول جو آهي. وري ڪجهه عرض ٿو ڪري!“

پان مسيالووچ، سچ پچ هڪ طويل، تفصيل وار، وڏي آب و تاب سان کيس هڪ خط ۾ لکي موڪليو هو، جنهن ّ۾ هن کيس عرض ڪيو هو، ته ٽي روبل قرض طور ڏياري موڪلي. خط ۾ هڪ رسيد به هئي. جنهن ۾ لکيل هو، ته هوُ اها رقم ٽن مهينن ۾ موٽائي ڏيندو. هن تي پان وربليوسڪي جي صحيح به هئي. گروشينڪا وٽ پنهنجي اڳوڻي عاشق جا اهڙا ڪيترائي خط رسيدن سان گڏ سندس بيماريءَ واري وقت ۾، ٻئي پول سندس عيادت لاءِ به آيا هئا. پهريون خط جو گروشينڪا کي، کانئن مليو، اهو ڪافي طويل هو. هو هڪ وڏي پيپر تي لکيل هو ۽ ان تي سندن خانداني مهر جو نشان هو. هوُ ايترو ته منجهيل ۽ نظم جي انداز ۾ لکيل هو، جو گروشينڪا ان جي اڌ پڙهڻ  کان پوءِ، ڪڪ ٿي پئي ۽ ان کي اڇلائي ڇڏيائين. ان مان هوءَ ڪو به مطلب نه ڪڍي سگهي. ان کان پوءِ، هوءَ خطن ڏي گهٽ ڌيان ڏيڻ لڳي. پهرئين ڏينهن جي خط اچڻ کان پوءِ، وري ٻي ڏينهن تي کيس خط پهتو، جنهن ۾ پان مسيالووچ کيس لکيو هو، ته کيس ٿوري وقت لاءِ ٻه هزار روبل قرض طور ڏي. گروشينڪا هن خط کي، جواب ڏيڻ کان سواءِ اڇلائي ڇڏيو. ان کان پوءِ، مسلسل خط ايندا رهيا. ڏهاڙي هڪ وڏي آب و تاب وارا ۽ نظم جي انداز وارا. پر انهن ۾ قرض لاءِ جا طلب ڪئي وئي هئي، اها آهستي آهستي گهٽجي وڃي سؤ روبل تي پهتي هئي. وري پنجويهه ۽ ڏهه تي وڃي پهتي. آخري خط، جو گروشينڪا کي مليو، ان ۾ ٻنهي پولن، کانئس فقط روبل جي طلب ڪئي هئي ۽ ان سان گڏ رسيد به هئي، جنهن تي ٻنهي جي صحيح موجود هئي.

اُن کان پوءِ اوچتو گروشينڪا کي مٿس افسوس ٿيڻ لڳو. منهن انڌيري هوءَ سندن رهڻ واريءَ جاءِ ڏانهن هلي وئي. هن کيس مفلسي ۾ مبتلا ڏٺو ۽ بلڪل برباد ٿيل. نه وٽن کاڌو هو، نه ٻارڻ، نه سگريٽ. جاءِ جي مالڪياڻيءَ جا مقروض. ٻه سؤ روبل جي ماڪرو ۾ هنن مـِـتيا کان ڦريا هئا، هاڻي غائب هئا. پر گروشينڪا کي ڏسي حيرت لڳي، ته سندن شان ۽ شوڪت ۽ خودداريءَ ۾ ڪو به فرق نه آيو هو. سندن گفتگوءَ ۾ به اهائي بي پرواهيءَ ۽ شان موجود هئي. گروشينڪا فقط کلي ۽ پنهنجي اڳئين محبت ڪرڻ واري کي ڏهه روبل ڏنائين. ان کان پوءِ هن کلندي مـِـتيا کي سڄي حقيقت ٻڌائي ۽ هوُ ان وقت حاسد نه ٿي ڏٺو. پر ان کان پوءِ پول گروشينڪا سان تعلقات رکندا آيا ۽ روزانو ڪجهه نه ڪجهه طلب ڪندا آيا ۽ هوءَ به کين ٿوري ٿوري رقم موڪليندي ٿي رهي. هن واقعي کي مـِـتيا پنهنجي دماغ ۾ جاءِ ڏني هئي ۽ خطرناڪ طرح سان حاسد بڻجي پيو هو.

 ”هڪ بيوقوف وانگر، مان وٽس ويندي. هڪ منٽ لاءِ رستي ۾ مـِـتيا کي ڏسڻ لاءِ ويس، ڇاڪاڻ ته منهنجو پول پڻ بيمار هو. ۽ گروشينڪا وري پنهنجي اعصابي تيزيءَ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. مان کلندي مـِـتيا کي هيءَ حقيقت ٻڌائيندي رهيس. مان کيس چيو تهءِ مون کي عجب لڳو ته، منهنجي پول کي اهو خوش ڪندڙ خيال هو ته مان ان کان متاثر ٿي وينديس ۽ ان سان شادي  ڪنديس! مـِـتيا قسم کائيندي ٽپو ڏئي اٿيو..... ان ڪري مان هاڻي کين مانيءَ جا ٽڪرا موڪلينديس! فينا اها ننڍڙي ڇوڪري موجود آهي، جنهن کي هنن موڪليو هو؟ کيس هيءُ ٽي روبل به ڏي ۽ ٻارنهن کن مانيءَ جا ٽڪرا به. کيس چؤ ته هيءُ شيون ان ڏي کڻي وڃي ۽ تون اليوشا، يقين سان مـِـتيا کي ٻڌائج، ته مان ان ڏي مانيءَ جا ٽڪرا موڪليا آهن.“

اليوشا مشڪندي کيس چيو، ته مان کيس ڪجهه به نه ٻڌائيندس.“

 ”اڙي، تون سمجهين ٿو، ته هوُ هن کي ٻڌي ناخوش ٿيندو ۽ هوُ حاسد آهي. پر کيس ان جي ڪابه پرواهه نه آهي.“ گروشينڪا آرزده ٿي چيو. ”هو هروڀرو حسد ٿو ڪري.“

”هروڀرو“، اليوشا کانئس پڇيو.

 ”مون توکي ٻڌايو، ته تون بيوقوف آهين، اليوشا. تون داناءَ هوندي به کيس نه ٿو ڄاڻين. مون کي هن لاءِ ڪابه ذهني ڪوفت نه ٿي ٿئي ته هوُ مون جهڙي ڇوڪريءَ لاءِ حاسد آهي. مون کي ذهني تڪليف پهچي ها، جيڪڏهن هوُ حسد نه ڪري ها. مان پڻ اِيئن آهيان. مان پاڻ حاسد ٿي سگهان ٿي، پر مان حسد نه ٿي ڪريان. مون وٽ هڪ خوفناڪ دل آهي. مان توکي ٻڌايان ٿي، ته هوُ هاڻي ڪنهن مقصد کان حاسد آهي. ڇا مان انڌي آهيان؟ ڇا مان ڏسي نه ٿي سگهان؟ هن مون سان هاڻي ان عورت ڪيٽرينا بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته هوءَ هيئن به آهي ۽ هونءَ به آهي. هن ڪيئن نه، هن جي لاءِ ماسڪو کان ڊاڪٽر گهرايو آهي، ته هوُ مقدمي ۾ کيس بچائي. ان کان سواءِ وڪيل، جو سندس مقدمي جي پيروي ڪري. جو بيحد هوشيار آهي. مان سمجهان ٿو ته هوُ هن سان محبت ٿو ڪري. جيڪڏهن هو منهنجي سامهون سندس تعريف ٿو ڪري، ته هيءَ سندس لاءِ وڌيڪ شرمندگيءَ جو باعث آهي! هوُ مون سان خراب هلت هلي رهيو آهي. هن مون کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ حملو ڪيو. مان پهريائين غلطي ۾ هيس، ان ڪري هن مون تي سڀ ڪجهه اڇلائي ڇڏيو. معلوم ٿئي ٿو، ته هوُ ڄڻ چئي رهيو آهي، ته تون منهنجي سامهون پنهنجي پول سان گڏ هئين، ان ڪري مان ڪيٽرينا تي ڪوبه ڏوهه ڏيئي نه ٿو سگهان. هوُ چاهي ٿو ته سڄو ڏوهه منهنجي مٿان اڇلائي وجهي. هن ڪنهن مقصد سان مون تي حملو ڪيو آهي، مان توکي ٻڌايان ٿي، ته مان وري....“

گروشينڪا پنهنجي جملي کي پورو ڪري نه سگهي، ته هوءَ ڇا ڪندي. هن رومال ۾ پنهنجي منهن کي لڪايو ۽ سڏڪن ۾ پئجي وئي.

اليوشا کيس مضبوطيءَ سان چيو ته ”هوُ ڪيٽرينا ايونونا سان محبت نه ٿو ڪري.“

 ”ڪهڙي خبر هوُ ساڻس محبت ڪري ٿو يا نه؟ مان ان کي پاڻهي معلوم ڪري وٺنديس. “ سندس آواز ۾ تحڪماڻو انداز هو ۽ هن منهن تان رومال کي کڻي ورتو. سندس منهن سـُـڄي ويو هو. اليوشا ڏُک مان کيس ڏٺو، ته نرم ۽ خوشي واري چهري جي بجاءِ، هاڻي سـُـڄيل ۽ نفرت واري ٿي ڏٺي.

 ”هيءَ بيوقوفي ڪافي آهي.“  هن اوچتو فيصلي واري انداز ۾ چيو. ”اليوشا پيارا، مان توڏي انهيءَ لاءِ نياپو نه موڪليو هو. سڀاڻي آخر ڇا ٿيندو؟ اها ڳالهه مون کي پريشان ڪري رهي آهي! مان سڀ ڏي نهاريان ٿي، پر ڪو به هن ڳالهه ڏي توجهه نه ٿو ڏئي. ڪو به ان جي پرواهه نه ٿو ڪري. ڇا تون به ان جي لاءِ ڪو خيال ڪرين ٿو؟ سڀاڻي هن تي مقدمو هلندو، جنهن جي توکي خبر آهي. مون کي ٻڌاءِ، ته ان تي ڪيئن مقدمو هلندو؟ توکي خبر آهي ته اهو نوڪر هو، جنهن کيس قتل ڪيو هو! خدايا! ڇا هوُ، هن نوڪر جي بجاءِ کيس ئي سزا ڏيندا. ڪو به سندس طرفداري نه ڪندو؟ هنن ته ان نوڪر کي ڪابه تڪليف نه ڏني آهي، اِيئن آهي نه! هوُ کيس تڪليف ڏيندا؟“

اليوشا هيءُ ٻڌي فڪر ۾ پئجي ويو ۽ کيس چوڻ لڳو، ته ”هن کان نهايت سختيءَ سان آڏي پڇا ڪئي وئي آهي، پر هر ڪو هن نتيجي تي پهتو آهي، ته هوُ ڏوهي نه آهي. هو هاڻي سخت بيمار آهي، هوُ بيماريءَ جي هن حملي کان اڳ ۾ به بيمار رهندو ٿو اچي. هوُ سچ پچ بيمار آهي.“

 ”اڙي پيارا! تون پاڻ وڪيل ڏي نه ٿو وڃي، کيس سڄي حقيقت کان آگاهه ڪرين؟ کيس ٽن هزارن روبل تي پيٽرسبرگ مان گهرايو ويو آهي. ماڻهو ته اِيئن ٿا چون.“

 ”اسان اهي ٽي هزار گڏجي ڪڍيا آهن، ايون، ڪيٽرينا ايونونا ۽ مان. پر هن ڊاڪٽر جي لاءِ ٻه هزار روبل پاڻ ڏنا آهن ۽ کيس ماسڪو گهرايو اٿائين. وڪيل فٽيوڪووچ وڌيڪ وٺي ها، پر هيءُ مقدمو سڄي روس ۾ مشهور ٿي ويو آهي. هيءُ مقدمو سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾ اچي چڪو آهي. فٽيوڪووچ، هيڏي اچڻ لاءِ، هن سبب کان تيار ٿي چڪو آهي، مان ساڻس مليو آهيان.“

گروشينڪا کانئس انتظار مان پڇيو، ته ”ڇا تو هن سان ڳالهايو به آهي؟“

 ”هن مون کي ڌيان سان ٻڌو، پر ڪو به جواب نه ڏنائين. هن مون کي ٻڌايو ته هوُ پنهنجي راءِ کي قائم ڪري چڪو آهي. پر هن هيءُ انجام ڪيو، ته هوُ منهنجي لفظن کي به زيرغور رکندو.“

 ”زيرغور! هيءُ دغاباز آهن! هيءُ سڀئي کيس برباد ڪري ڇڏيندا. هن ڊاڪٽر کي ڇو گهرايو آهي؟“

 ”هڪ ڄاڻوءَ جي حيثيت ۾. هوُ ثابت ڪرڻ گهرن ٿا، ته مـِـتيا پاڳل هو. هن جو ڪجهه ڪيو آهي، ان لاءِ کيس خبر ئي نه پئي سگهي هئي، ته هوُ ڪو خون ڪري رهيو آهي.“ اليوشا ڌيرج سان مشڪيو. ”پر مـِـتيا، هن کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو.“

 ”هائو، پر اها ته سچي ڳالهه ٿي پوندي ته هن، کيس قتل ڪيو آهي!“  گروشينڪا بلند آواز سان چيو. ”هوُ پاڳل هو ۽ پوريءَ ريت پاڳل هو. پر هيءَ سڄي منهنجي غلطي هئي. ڪيڏي نه مان بدبخت آهيان! بيشڪ هن اهو ڪم ڪيو آهي! هوُ سڀ هن جي خلاف آهن. سڄوئي شهر! رڳو فينا جي زباني به هيءُ ثابت ٿي ڪري، هن اهو ڪم ڪيو آهي. دڪان جي ماڻهن، آفيسرن ۽ هوٽل جي ماڻهن جي به ساڳي ڳالهه آهي. مان ماڻهن کي اِيئن چوندي ٻڌو آهي. سڀيئي سندس خلاف آهن. سڀئي سندس خلاف دانهون ڪري رهيا آهن.“  

 ”هائو، هن مقدمي جي لاءِ وڏو اجتماع آهي. جا نهايت خطرناڪ ڳالهه آهي.“  اليوشا ڊڄندي چيو.

 ”گريگري ۽ وسيلووچ، پنهنجي ڪهاڻيءَ تي مضبوطي سان قائم آهن، ته دروازو کليل هو. هو زور ٿو ڏئي ته هن کيس ڏٺو هو. منجهس ڪابه تبديلي نه آئي آهي. مان پاڻ وئي هيس ۽ ساڻس ڳالهايو هيم. هوُ هن معاملي ۾ بي رخو به آهي.“

 ”هائو، اهائي ان جي خلاف زبردست شاهدي آهي.“  اليوشا چيو.

 ”مـِـتيا جي بابت ته هوُ پاڳل آهي، يقيناً هاڻي هو اِيئن پيو نظر اچي. گروشينڪا خاص انتظار ۽ پراسرار نموني ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. اليوشا توکي خبر آهي، ته مان گهڻي وقت کان چاهيو ٿي، ته توسان ان بابت ڳالهايان. مان هر روز وٽس ويندي آهيان ۽ ان وقت عجب کائيندي رهندي آهيان. مون کي هاڻي ٻڌاءِ، ته تون ڇا ٿو سمجهين ته هاڻي هوُ ڪهڙين ڳالهين بابت سوچيندو هوندو؟ ڳالهائيندو ۽ ڳالهائيندو رهي ٿو. ۽ ان مان ڪو به نتيجو نه ٿو نڪري. مان حيرت ۾ پئجي ويس. هو ڪجهه دانائي جي ڳالهه ڪري رهيو هو، پر مان پنهنجي بيوقوفي جي باعث ان کي سمجهي نه سگهيس. فقط اهو ته هن اوچتو ڪنهن ٻار بابت ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو. اهو ذڪر ڪنهن ٻار جو. هي ٻار ڇو مفلس آهي؟ هن چيو. انهيءَ ٻار جي لاءِ ئي ته مان هاڻي سائيبريا ويندس. مان قاتل نه آهيان. پر مان سائيبريا ضرور ويندس! هن جو مطلب ڇا هو؟ ڪهڙو ڇوڪرو؟ مان سڄي حياتيءَ ۾ سندس اهڙيءَ گفتگو نه ٻڌي آهي. جڏهن هن اِيئن چيو، ته مان فقط رنيس. ڇاڪاڻ ته هن انهن لفظن کي نهايت عمدي ريت ادا ڪيو هو. هوُ به روئڻ لڳو ۽ مان به روئڻ لڳيس. هن اوچتو مون کي چميو ۽ منهنجي مٿان صليب جو نشان ٺاهيائين . اليوشا، هن جو مطلب ڇا هو؟ مون کي ٻڌاءِ. اهو ڇوڪرو ڪير آهي؟

 ”اهو ريڪٽن آهي، جو کيس روزانو ڏسڻ ويندو آهي.“  اليوشا مشڪيو.  ”جيتوڻيڪ .... هيءُ عمل ان جو نه آهي. مان ڪالهه مـِـتيا سان نه مليو هوس. مان اڄ ساڻس ملندس.“  

 ”نه اهو ريڪيٽن نه آهي. اهو سندس ڀاءُ ايون فيودورپاولووچ آهي، جو کيس پريشان ڪندو رهي ٿو. ان جي آمدورفت جي ڪري هيءُ سڀ ڪجهه ٿيوآهي.“  گروشينڪا ڳالهائڻ ته شروع ڪيو، پر جلدي خاموش ٿي وئي. اليوشا کيس عجب مان نهاريو. ”ايون وڃي ٿو. ڇا هو کيس ڏسڻ لاءِ ويو هو؟ مـِـتيا کيس پاڻ ٻڌايو هو، ته هو وٽس هڪ ڀيرو به نه ويوآهي.“  

 ”ها، ها، مان ڪهڙي قسم جي ڇوڪري آهيان، مان سڀني ڳالهين کي ظاهر ٿي ڪري ويهان!“  هوءَ اوچتو پريشان ٿي وئي ۽ سندس رنگ ڳاڙهو ٿي ويو. ترس اليوشا، بس ڪر. جيئن ته مان سڀ ڳالهيون ٻڌائي چڪي آهيان، مان سڄي حقيقت ٻڌائينديس. هوُ وٽس ٻه ڀيرا ويو آهي. پهريون دفعو ته هوُ وٽس سنئون سڌو پهچي ويو هو. هوُ ماسڪو کان تيزيءَ سان هت پهچي ويو هو. مان بيمار پوءِ ٿي هيس. هفتو کن ٿيو، ته وري ساڻس ٻيو ڀيرو به مليو هو. هن مـِـتيا کي چيو هو، ته هوُ ان بابت توکي نه ٻڌائي، پوءِ ڪهڙي به ضرورت ڇو نه هجي، پر ٻين کي نه ٻڌائي. حقيقت ۾ هوُ هتي رازدارانه آيو آهي.“  

 ”اليوشا ويهي رهيو ۽ خيالن ۾ گم ٿي ويو. هوُ ڪجهه سوچي رهيو هو. هن خبر مٿس وڏو اثر وڌو هو.

 ”ايون، مون سان مـِـتيا جي مقدمي بابت ڪجهه به نه ڳالهايو هو.“  هن آهستگيءَ سان چيو. ”گذريل ٻن مهينن بابت، هن مون سان، نهايت ٿورو ڳالهايو آهي. جڏهن به مان ساڻس ملڻ ويو آهيان، ته هوُ منجهيل نظر آيو آهي. ڄڻ ته منهنجو وٽس وڃڻ، کيس پسند نه آهي. ان ڪري مان وٽس ٽي هفتا اڳ ويو  هوس ۽ وري نه ويو آهيان. هاڻ،...... جيڪڏهن هوُ وٽس هڪ هفتو اڳ ويو آهي...... ته پوءِ يقيناً مـِـتيا جي حالت ۾ تبديلي آئي هوندي.“

 ”منجهس ضرور تبديلي آئي هوندي.“  گروشينڪا قبوليت ڏيندي چيو.

 ”وٽن ڪو راز آهي، وٽن ڪو راز آهي، مـِـتيا مون کي پاڻ ٻڌايو هو. هيءُ ڪو اهڙو راز آهي، جنهن کان مـِـتيا ۾ بيقراري پيدا ٿي آهي. ٻي صورت ۾ هوُ اڳ ۾ نهايت کلمک هو. سچ پچ هاڻي به هو خوش آهي. پر جڏهن هوُ هيئن پنهنجي مٿي کي لوڏي ٿو ۽ تيز قدمن سان ڪمري ۾ گهمندي پنهنجي سڄي هٿ سان نراڙ جي سڄي پاسي جي وارن کي ڇڪي ٿو، تڏهن سمجهڻ ۾ اچي ٿو، ته کيس ڪا پريشاني آهي. مان ڄاڻان ٿي! هوُ اڳ ۾ بيحد خوش هو، جيتوڻيڪ اڄ به خوش آهي.“

 ”پر تو چيو ته هوُ پريشان هو.“

 ”هائو، هوُ پريشان ٿي ڏٺو، پر ان هوندي به کلمک. هوُ هڪ منٽ لاءِ جوش ۾ اچي ٿو ۽ وري کلمک بڻجي ٿو ۽ وري جوش ۾ اچي ٿو. اليوشا سچ پچ مون کي هيءُ ڏسي حيرت ٿي ٿئي. ڪا خطرناڪ شيءِ مٿس ضرور لٽڪندي نظر اچي ٿي. هوُ ڪڏهن ڪڏهن ته هنن نازڪ معاملن تي کلي ٿو، ڄڻ ته هوُ پاڻ ٻار آهي.“

 ”ڇا سچ پچ، هن توکي اِيئن چيو هو، ته ايون بابت مون کي ڪجهه به نه ٻڌائج؟ ڇا توکي هن چيو هو ته هن کي نه ٻڌائج؟“

 ”هائو، مون کي هن چيو هو ته هن کي نه ٻڌائج. اهو تون ئي آهين، جنهن کان مـِـتيا کي خوف ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته هيءُ راز آهي. هن چيو ٿي، ته هيءُ راز آهي. پيارا اليوشا هن ڏي وڃ، ۽ معلومات ڪر ته اهو راز ڪهڙو آهي؟ پوءِ اچي مون کي ٻڌاءِ.“  گروشينڪا اوچتي انتظار کان کيس ليلائي چيو.  ”تون پنهنجي دل کي مطمئن رک، توڙي جو منهنجي لاءِ ڪا بدترين خبر ڇو نه هجي. انهيءَ ئي حقيقت لاءِ مان توڏي ماڻهو موڪليو هو.“

 ”تون سمجهين ٿي ته اهو تنهنجي بابت آهي؟ جيڪڏهن اِيئن هجي ها، ته هوُ توکي ڪڏهن به نه ٻڌائي ها، ته ڪو راز آهي!“  

 ”مون کي خبر آهي، شايد هوُ مون کي اهو راز ٻڌائڻ گهري ٿو، پر سندس همٿ نه ٿي ٿئي، پر مون کي خبردار ڪري ٿو. ڪو راز آهي، جو هوُ مون کي ٻڌائڻ گهري ٿو. پر هوُ مون کي نه ٻڌائيندو ته ڇا آهي؟“

 ”تون پاڻ ڇا ٿي سمجهين؟“

 ”مان ڇا ٿي خيال ڪريان، اها منهنجي پڄاڻي آهي. مان اهوئي خيال ڪريان ٿي. هي ٽيئي، منهنجي انت آڻڻ لاءِ سوچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪيٽرينا انهن سان شامل آهي. هيءُ سڀ ڪيٽرينا جي سبب کان آهي. هوءَ ئي هيءُ ۽ هو آهي ۽ مان نه آهيان. هيءُ سڀ ڳالهيون هوُ اڳ ۾ ڪري رهيو آهي. ۽ مون کي خبردار ڪندو رهي ٿو. هوُ منصوبو ٺاهيندو رهي ٿو، ته مون کي اڇلائي ڇڏي. اهوئي سڄو راز آهي. هنن اهو منصوبو گڏجي ٺاهيو آهي. هيءُ ٽئي. مـِـتيا، ڪيٽرينا ۽ ايون فيودورپاولووچ. اليوشا، مان گهڻي وقت کان چاهيو ٿي، ته توکي هيءُ ٻڌايان. هڪ هفتو، هن اڳ ۾ مون کي چئي ڏنو، ته ايون ڪيٽرينا سان محبت ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو اڪثر کيس ڏسڻ لاءِ ويندو آهي. هن مون کي اهو سچ ٻڌايان؟ تون پنهنجي ضمير موجب مون کي ٻڌاءِ، ٻڌاءِ پوءِ کڻي ڇو نه بدترين هجي.

 ”مان توسان ڪوڙ نه ڳالهائيندس. مان خيال ڪريان ٿو، ته ايون، ڪيٽرينا ايونونا سان محبت نه ٿو ڪري.“

هائو، مان به اِيئن ئي خيال ٿي ڪيو. هوُ مون سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، بي شرم، فريبي. اهائي حقيقت آهي! هاڻي وري مون تي حاسد ٿي رهيو آهي، جيئن پوءِ مون تي سڄوئي ڏوهه اُڇلائي وجهي. هوُ بيوقوف آهي ۽ جو ڪجهه به ڪري رهيو آهي، ان تي هوُ پردو وجهي نه ٿو سگهي. هوُ هاڻي ظاهر ٿي پيو آهي، تون ڄاڻين ٿو..... پر مان هن راز کي ظاهر ڪنديس، تون اعتبار ٿي ڪرين، ته مون قتل ڪيو آهي، هن پاڻ اِيئن چيو. هن مون کي اِيئن چيو. هي مون کي ان بابت ملامت ڪندو رهيو. خدا کيس معاف ڪري. تون ترس. مان مقدمي جي پيروي وقت، ڪيٽرينا سان نبرنديس ۽ ان وقت ئي ڪجهه چئي سگهنديس....... مان سڀ ڪجهه ان وقت ٻڌائيندس.“

هوءَ وري سخت رودن ۾ پئجي وئي.

 ”هيءُ مان توکي يقين سان ٻڌايان ٿو، گروشينڪا!“  اليوشا اُٿندي چيو ته ”پهريائين ته هوُ توکي پيار ڪري ٿو، دنيا ۾ ڪنهن ٻي کان توکي وڌيڪ پيار ڪري ٿو، فقط مون تي اعتبار ڪرڻ گهرجي. مان اهو ڄاڻان ٿو. ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته مان نه ٿو چاهيان، ته کانئس سندس راز جو تجسس ڪريان، پر جيڪڏهن اڄ هن مون کي پنهنجو پاڻ ٻڌايو، ته مان کيس سنئون سڌو ٻڌائيندس ته مان توسان انجام ڪيو آهي ته توکي سموري حقيقت ٻڌائيندس. ان کان پوءِ مان اڄ تو وٽ ايندس ۽ توکي ٻڌائيندس. مون کي فقط هي عجب ٿو لڳي ته..... ڪيٽرينا جو هن سان ڪو به واسطو نه آهي ۽ اهو راز ڪو ٻيو آهي. مون کي ان جي پڪ آهي. هن جي ته ڪيٽرينا ايونونا سان ڪا مناسبت ئي نه آهي. مون کي ته اِيئن نظر ٿو اچي، حال خدا حافظ اليوشا ساڻس هٿ ملايو. گروشينڪا اڃا تائين روئي رهي هئي. هن ڏٺو ته کيس ٿوري تسلي اچي وئي هئي. پر اهو چڱو ٿيو، جو هن پنهنجي ڏک کي ٻاهر ڪڍيو. کيس ڏک پئي ٿيو، ته هن ڏک جي حالت ۾، هوُ کيس ڇڏي رهيو آهي، پر هوُ تڪڙ ۾ هو. کيس اڃا گهڻيئي ڪم ڪرڻا هئا.

 

dc

باب ٻيو

زخمي پير

سڀ کان مقدم اها ڳالهه هئي، ته هوُ خاتون هائلڪوف جي گهر وڃي ۽ هوُ تڪڙو تڪڙو اوڏانهين روانو ٿيو، ڇاڪاڻ ته هن چاهيو ٿي، ته مـِـتيا وٽ پهچڻ ۾ دير نه ٿئي. خاتون هائلڪوف ٽن هفتن کان بيمار هئي. سندس پير ڪنهن سبب جي ڪري سڄي پيو هو. جيتوڻيڪ هوءَ بستري داخل ته نه هئي، پر سڄو ڏينهن ڪرسيءَ ۾، ٽيڪ ڏيئي، پنهنجي خلوت گاهه ۾ ويٺي ٿي رهي. سندس صورت موهيندڙ ۽ آرائش واري ٿي ڏٺي. اليوشا هڪ ڀيري معصوماڻي حيرت سان کيس ڏٺو هو، ته باوجود بيماريءَ جي خاتون هائلڪوف چڱي پوشاڪ ۾ ٿي ڏٺي. مثلاً:  پنهنجي زلفن کي ربن (پٽيءَ) سان ٿي ٻڌائين، ويڪرو ۽ دل ڇڪيندڙ پهراڻ ٿي ڍڪيائين. سندس دلڪش ڏيکاءَ مان ٿورو شهبو ٿي پيو، جيتوڻيڪ هن عيش ۽ عشرت جي انديشن کي گهڻو وقت اڳي دل مان ڪڍي ڇڏيو هو. گذريل ٻن مهينن کان نوجوان آفيسر پروهيٽن لاڳيتو سندس گهر ۾ ملاقاتي بڻجي چڪو هو.

اليوشا کي چئن ڏينهن کان نه گهرايو ويو هو ۽ هن سڌو لزيءَ وٽ وڃڻ ٿي گهريو. هن ساڻس ڳالهائڻ ٿي گهريو. ڇاڪاڻ ته لزي اڳئين ڏينهن تي ساڻس ملڻ لاءِ پنهنجي نوڪرياڻي موڪلي ڏني هئي ۽ ساڻس ڪا ضروري گفتگو ڪرڻي اٿس. اهو هڪ اهڙو عرض هو، جو ڪنهن حد تائين اليوشا جي دلچسپين سان ڳنڍيل هو. پر جڏهن خادمه لزي وٽ سندس نالو ورتو تڏهن، خاتون هائلڪوف ڪنهن کان اهو ٻڌي ورتو ۽ هن هڪدم کيس چوائي موڪليو، ته هڪ منٽ لاءِ وٽانئس ٿي وڃي. اليوشا خيال ڪيو، ته چڱو ٿيندو ته پهريائين ساڻس نبري اچي. ٻي حالت ۾ هوءَ بار بار پئي ان ڏي ماڻهو موڪليندي. خاتون هائلڪوف هڪ ڪوچ تي ليٽي پئي هئي. هوءَ خاص طرح عمدي لباس ۾ هئي ۽ سندس جذباتي جوش منجهانئس ظاهر ٿي ڏٺو. هن اليوشا سان گرم جوشيءَ مان کيڪار ڪئي.

زمانو گذريو، زمانو، برابر زمانو، جو اوهان کي ڏٺو آهي! سڄو هفتو گذري ويو، تون ان کي خيال ۾ ته آڻ. اڙي تون چار ڏينهن اڳ ۾ هتي آيو هئين، يعني اربع جي ڏينهن. تون لزيءَ سان ملڻ آيو آهين. تون اِيئن چاهيندو هوندين، ته ٻين تي هلي، سندس ڪمري ۾ ترڪي وڃي، جيئن مون کي خبر نه پوي. منهنجا عزيز اليڪسي فيودورپاولووچ جيڪڏهن توکي اها خبر پوي، ته مان هن جي لاءِ ڪيتري قدر پريشان آهيان، پر مان ان کي ڇڏي ٿي ڏيان ۽ پوءِ جي لاءِ ٿي رکان. عزيز اليوشا، مان پنهنجي لزي کي توکي پوريءَ ريت سپرد ٿي ڪريان. مربي زوسيما جي موت کان پوءِ، خدا! سندس روح کي آرام ڏي (هن ان وقت پنهنجي مٿان صليب جو نشان ٺاهيو) مان توکي راهب سمجهندي آهيان، جيتوڻيڪ تون نئين لباس ۾ نهايت دلڪش ٿو لڳين. هن ملڪ جي حصي ۾ تو اهڙو درزي ڪٿان هٿ ڪيو آهي؟ نه نه، اها ڪا مکيه ڳالهه نه آهي. اها پوءِ به ڪبي. مون کي هن لاءِ معاف ڪج، جو مان ڪڏهن ڪڏهن توکي اليوشا سڏيندي آهيان. مون جهڙي پوڙهي عورت کي اها آزادي هئڻ کپي. هوءَ نهايت وڻندڙ نموني ۾ مشڪي. ”پر اهي ڳالهيون به پوءِ ٿينديون. مکيه ڳالهه آهي، ته ڪنهن ضروري ڳالهه کي نه وسارجي. مهرباني ڪري پاڻ تون انهن ڳالهين جي يادگيري ڏيار. جڏهن مان ڪنهن گفتگوءَ کي شروع ڪريان، ته هڪدم مون کي چئي ڏي ته هي ضروري شيءِ آهي؟ اڙي مان هاڻي ڪيئن نه ڄاڻان ٿي ڪهڙي شيءِ ضروري آهي؟ جڏهن کان لزي، پنهنجي انجام کي واپس ورتو آهي، هوُ ٻاراڻو انجام، اليڪسي فيودورپاولووچ ته هوءَ توسان شادي ڪندي. هن مان تو سمجهيو هوندو ته هيءُ سڀ بيمار ڇوڪري جو هوَس هو، جا ڪيتري وقت تائين ڪرسي ۾ قابو ٿي رهي. خدا جو شڪر آهي، هوءَ هاڻي گهمي سگهي ٿي. نئون ڊاڪٽر، جنهن کي ڪٽيا، تنهنجي بد قسمت ڀاءُ جي لاءِ ماسڪو مان گهرايو آهي، جو سڀاڻي مقدمي ۾ پيش ٿيندو.... پر سڀاڻي جو ذڪر ڇا لاءِ؟ مان ته سڀاڻي جي خيال کان اڄ ئي مرڻ لاءِ تيار آهيان...... هن مونجهاري کان مرڻ لاءِ تيار آهيان...... اهو ڊاڪٽر ڪالهه اسان سان هو ۽ هن لزيءَ کي ڏٺو هو....... مان کيس هن تپاس لاءِ پنجاهه روبل ڏنا هئا. پر اها به ڳالهه نه آهي. توکي خبر آهي ته مان سڀ ڪنهن شيءِ کي گڏ ڪري رهي آهيان ۽ مان ايتري تڪڙ ۾ آهيان. مان ڇو ايتري تڪڙ ۾ آهيان؟ مان ان کي سمجهي نه ٿي سگهان. اها نهايت خطرناڪ ڳالهه آهي، جو مان هاڻي سڀ ڪنهن شيءِ کي سمجهڻ کان قاصر آهيان. هر ڪا شيءِ مون کي شڪي ٿي نظر اچي. مون کي خوف ٿو ٿئي ته تون به منهنجي گفتگوءَ کان ايترو ته ڪڪ ٿي پوندين، جو ٽپو ڏئي هليو ويندين ۽ اهوئي، مان توکان ڏسنديس.“  اِيئن چئي هن يوليا کي ڪافي آڻڻ لاءِ چيو.

اليوشا تڪڙ مان سندس شڪريو بجا آندو ۽ کيس چيائين، ته هوُ هاڻي ڪافي پي آيو آهي.

 ”ڪٿي؟“

 ”اگرافينا اليگزينڊرووينا وٽ.“

 ”انهيءَ وٽ...... انهيءَ عورت وٽ؟ افسوس اهو آهي، جنهن سڀ جي مٿان تباهي آڻي وڌي آهي، ان جي تون ڪافي پي آيو آهين! مان جيتوڻيڪ ان بابت ڪجهه به نه ٿي ڄاڻان. ماڻهو چون ٿا، ته هوءَ هاڻي درويش بڻجي وئي آهي، جيتوڻيڪ اهو دير سان ٿيو. کيس اڳ ۾ ئي بڻجڻ کپندو هو. هاڻي درويشي ڪهڙي ڪم جي؟ اليڪسي فيودورپاولووچ، چپ ڪر، مون کي توسان ايترو گهڻو ڳالهائڻو آهي، جو سمجهان ٿي ته ڪجهه به چوڻو نه آهي. هيءُ خطرناڪ مقدمو...... مون کي اتي وڃڻو پوندو. مان ان جي لاءِ تياري ڪري رهي آهيان. مان پاڻ کي ڪرسيءَ ۾ کڻائي به اتي پهچنديس ۽ اتي ويهنديس. مون سان گهڻائي ماڻهو هوندا ۽ توکي خبر آهي، ته مان انهيءَ مقدمي ۾ شاهد آهيان. مان اتي ڪيئن ڳالهائينديس، ڪيئن ڳالهائينديس؟ مون کي خبر نه آهي، ته مان اتي ڇا چونديس؟ اتي قسم کڻڻو پوندو، اِيئن آهي نه؟“

 ”هائو، پر مان سمجهان ٿو ته تون وڃي نه سگهندينءَ.“

 ”مان ويهي رهنديس. اڙي تو منهنجي گفتگوءَ کي ڦيرائي ڇڏيو. اڙي هي مقدمو، هي وحشياڻو فعل: تنهن کان پوءِ هوُ سڀئي سائبيريا وڃي رهيا آهن ۽ اُتي ڪي شادي ڪندا. هيءُ سڀ نهايت تيزيءَ سان ٿيندو. سڀ ڪا شيءِ تبديل ٿي رهي آهي ۽ آخر. ڪجهه به نه. سڀ پوڙها ٿي ويندا ۽ موت جا منتظر. هائو اِيئن ئي ٿيندو! مان ٿڪايل آهيان. هيءُ ڪٽيا، حسين شخصيت واري، منهنجي اميدن کي غائب ڪري ويٺي آهي. هاڻي هوءَ تنهنجي ڀائرن مان هڪ جي پٺ وٺي سائبيريا وڃي رهي آهي ۽ تنهنجو ٻيو ڀاءُ به ان جي پٺ وٺي رهيو آهي. هوُ ڪنهن قريبي شهر ۾ وڃي رهندا ۽ هوُ هڪٻئي کي عذاب ڏيندا رهندا. اهي ڳالهيون منهنجي دل کي تڪليف ڏئي رهيون آهن. سڀ کان وڌيڪ اخبارون. هيءَ آکاڻي لک ڀيرا، ماسڪو پيٽرسبرگ جي اخبارن ۾ ڏني وئي آهي. افسوس! تون هن ڳالهه تي اعتبار ڪندين، ته انهن ۾ هڪ ننڍڙي عبارت ۾ ڏنو ويو آهي، ته مان تنهنجي ڀاءُ جي عزيز دوست آهيان. مان اُهي خطرناڪ لفظ دهرائي نه ٿي سگهان. هن تي عجب ٿو لڳي.“

 ”نا ممڪن، اها عبارت ڪٿي آهي؟ ڪير ٿو چوي؟“

 ”مان توکي سنئون سڌو ڏيکارينديس. مان ڪالهه اها اخبار ورتي هئي ۽ اُن کي پاڻ پڙهيو اٿم. پيٽرسبرگ جي اخبار ”گاسپ“ . هي اخبار هن سال جاري ٿي آهي ۽ مان ان جي بيحد شوقين آهيان. مان ان کي خريد ڪندي آهيان، پر هاڻي ان جو چڱو بدلو ڏيئي رهي آهي. ”گاسپ“ هاڻي هن طرف به رجوع ٿي وئي آهي. اجها هيءَ آهي ۽ اها عبارت هن کي پڙهي ڏس.“

اِيئن چوندي، هن اخبار جو پنو، اليوشا جي هٿ ۾ ڏنو، جو وهاڻي جي هيٺان رکيو هو.

اليوشا کي چڱيءَ ريت خبر هئي، ته اِيئن به نه آهي ته هوءَ، انهيءَ ڳالهه جي ڪري بيچين هئي، هن جي مٿان خيالن جي ڀرمار هئي ۽ سندس دماغ ۾ هر چيز درهم برهم هئي. اها عبارت پـُـر معنيٰ هئي ۽ ان جي لاءِ ايذاءُ ڏيندڙ، پر خوش قسمتيءَ سان، هوءَ ان گهڙيءَ ۾ ڪنهن هڪڙي مضمون تي ڌيان ڏئي نه سگهي هئي. ٿي سگهي پيو ته هوُ هڪ منٽ ۾ هڪ کان ڪنهن ٻي شيءِ ڏي هلي وڃي ۽ اخبار کي وساري ڇڏي.

اليوشا کي هيءَ خبر هئي، ته هيءَ ڪهاڻي هڪ خطرناڪ مقدمي جي صورت ۾ سڄي روس ۾ پکڙجي چڪي هئي. خدايا! ڪيڏا نه سندس ڀاءُ جي لاءِ وحشياڻا افواهه هئا. سڀني ڪرامازوف جي ڪٽنب جي ڀاتين لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ، هنن ٻن مهينن جي وچ ۾ هن اخبارن ۾ ڪوڙيون ۽ فرضي ڳالهيون پڙهيون هيون. هڪ اخبار ته هيستائين وڌي، پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو هو، ته هوُ ڀاءُ جي گناهه کان خوفزده ٿي مڙهيءَ ۾ راهب بڻيو آهي. ٻيءَ صورت، ان سان اختلاف ظاهر ڪندي لکيو هو، ته هوُ ۽ سندس پير مربي زوسيما، مڙهيءَ جي خيراتي صندوق کي ڀڃي ۽ ڀڄي ويا آهن. ”گاسپ“  اخبار جو ٽڪرو ڏنو ويو هو، ان جو عنوان هو ”اسڪوٽو پريگونيوسڪ ۾ ڪرامازوف جو مقدمو“. (هيءَ هڪ ننڍڙي شهر جو نالو هو، مان ان ڪري، هن کي راز ۾ رکيو آهي.) هيءَ اخبار وارو ٽڪرو مختصر هو، جنهن ۾ سنئون سنواٽو، خاتون هائلڪوف جو ذڪر ڏنل نه هو. حقيقت ۾ نالا ڏنل ئي نه هئا. ان ۾ هي بيان ڏنل هو، ته ”جنهن ڏوهي جي مقدمي، ايڏو هراس پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ جنهن جو مقدمو هلڻ وارو آهي. اهو هڪ فوج جو نڪتل ڪپتان آهي. هوُ هڪ بيڪار، آوارا رجعت پسند بدمعاش آهي. هوُ لاڳيتو، ڪيترن ئي عشق جي معاملن ۾ بدنام ٿيل آهي. خاص ڪري، ڪن خاص عورتن وٽ گهڻو پسند آهي، جي تنهائي ۾ تڪليفون برداشت ڪنديون ٿيون رهن. هڪ اهڙي خاتون، جا اڪيلائيءَ ۾ ڪڙهندڙ بيواهه آهي ۽ جا پاڻ کي نوجوان سمجهندي آهي. جيتوڻيڪ کيس نوجوان ڌيءَ به آهي، ايتري ته ساڻس موافق آهي، جو هن ڏوهه کان ٻه ڪلاڪ اڳ ۾، کيس ٽي هزار روبل هن شرط تي ڏيڻا ڪيا هئا، ته هوُ ساڻس ڀڄي، سون جي کاڻين ڏي هلي. پر ڏوهي ان جي سزا کان بچڻ لاءِ، پنهنجي پيءُ کي قتل ڪري، ٽي هزار روبل هٿ ڪرڻ آسان سمجهيا. اڪيلائي ۾ هڪ ڪرڙوڍ ڪڙهندڙ عورت جي محبت ۾ هن سائيبريا وڃڻ پسند نه ڪيو. هيءُ واهيات ٽڪرو، وڃي هن ريت ختم پئي ٿيو، ته هيءَ سڄي توهين آميز حرڪت هئي، جنهن ۾ ڏوهي جي مذمت هئي، ته ڏوهي پيءُ جو قاتل آهي ۽ هن سڀني اخلاقي اصولن کي پنهنجي ذلالت سان مات ڪري ڇڏيو آهي. الوشيا، ان کي عجب مان پڙهڻ بعد ويڙهيو ۽ خاتون هائلڪوف کي اخبار موٽائي ڏني.

 ”ها ته مان ئي اها عورت ٿي سگهان ٿي، هن وري جلدي مان چيو. بي شڪ مان ئي آهيان. مشڪل سان واقعي کان هڪ ڪلاڪ اڳ ۾، مان ئي کيس سون جي کاڻين ڏانهن وڃڻ جي صلاح ڏني هئي. هن ۾ هڪ ڪرڙوڍ عورت جي سحر انگيزيءَ جو ذڪر ڪيل آهي. خدا کيس ڪرڙوڍ عورت جي ساحريءَ لاءِ معاف ڪري، جيئن مان کيس معاف ڪيو آهي! توکي خبر آهي ته اهو ڪير آهي؟ هيءُ تنهنجو دوست ريڪيٽن آهي.“

 ”ٿي سگهي ٿو،“ اليوشا کيس چيو، ”جيتوڻيڪ مون کي هاڻي سندس ڪابه خبر نه آهي.“  

 ”اهوئي آهي، اهوئي آهي. اهي انهيءَ جون ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. توکي خبر آهي، ته مان کيس پنهنجي گهر مان هڪالي ڇڏيو آهي....... توکي اها سموري ڪهاڻي ٻڌڻ گهرجي. توکي ته خبر به آهي. ڪيئن؟“

 ”مون کي خبر آهي، ته تو هن کي چيو هو، ته هوُ وري توسان ملاقات نه ڪري. پر اِيئن ڇو ٿيو؟ اهو مون نه ٻڌو آهي..... گهٽ ۾ گهٽ توکان ته نه ٻڌو اٿم.“

 ”اڙي، ٿي سگهي ٿو، ته تو هن کان ٻڌو هجي! هو مون کي گاريون ٿو ڏئي ۽ مان خيال ڪريان ٿي ته هوُ مون کي گاريون ڏيندو هوندو.“

 ”هائو، هوُ اِيئن ڪندو آهي، پر ٻين کي به ته گاريون ڏيندو آهي. پر تو، هن کي ڇو ڇڏي ڏنو، اهو مان هن کان نه ٻڌو آهي. مان هاڻي ساڻس ورلي ملندو آهيان. سچ پچ. پر مان هاڻي سندس دوست نه آهيان.“

 ”بهتر، هاڻي مان توکي ان لاءِ سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿي. هن کان سواءِ ڪو چارو نه آهي، مان اُن لاءِ قبوليت ٿي ڏيان. هي فقط هڪ نقطو آهي، جنهن ڪري مون تي ڏوهه اچي سگهي ٿو. پر اُهو تمام خسيس ۾ خسيس نقطو آهي، ايتري قدر جو ان کي شمار به نه ٿو ڪري سگهجي. منهنجا پيارا ٻار،“  خاتون هائلڪوف اوچتو، چيلهه کي ڏنگو ڪيو ۽ نهايت دلڪش نظر اچڻ لڳي، جيتوڻيڪ ڳجهارت جهڙي مشڪ سندس چپن تي کيڏي رهي هئي. مون کي شڪ ٿو پوي. ڄڻ ته تون مون لاءِ پيءُ وانگر آهين. ماءُ جو ڪم سوال ئي نه ٿو اُٿي. مان اِيئن سمجهان ٿي، ته ڄڻ مربي زوسيما جي سامهون اعتراف پيش ڪري رهي آهيان. اِيئن آهي به. مان توکي ٿورو اڳ ۾ راهب ڪري سڏيو هو. خير اهو مسڪين، نوجوان، تنهنجو دوست ريڪيٽن (خدا اسان تي پنهنجو رحم فرمائي، مان اتي ناراض نه ٿينديس ۽ جيتري قدر ٿي سگهندو، ته سندس پرده پوشي ڪنديس.) هوُ عياش نوجوان، تون اعتبار ڪندين، ته سندس دماغ ۾ الائجي ڪيئن اچي، هيءَ ڳالهه ويٺي، ته هوُ مون سان محبت ڪري. جنهن کي مان پوءِ سمجهيو پهريائين. مهينو کن گذريو، هوُ ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ملاقات لاءِ ايندو هو. پوءِ اڪثر هڪ نه ٻي ڏينهن. جيتوڻيڪ اسان هڪٻئي سان اڳ ۾ ئي واقف هئاسون، پر مان ان جي لاءِ ڪجهه به نه ٿي ڄاتو..... هوُ اوچتو منهنجي مٿان اُڀري پيو ۽ مان حالتن کي عجب مان ڏسڻ شروع ڪيو. توکي خبر آهي ته ٻه مهينا اڳ ۾ هوُ شرميلو، دلڪش ۽ اعليٰ نوجوان پيوٽراليچ پروهيٽن، جو هتي ملازمت ۾ آهي، منهنجو هميشھ جو ملاقاتي بڻجي پيو هو. تون به کيس هتي ڪيئي ڀيرا ملي چڪو آهين. هوُ نهايت اعليٰ ۽ سنجيدهه نوجوان آهي. ڪيئن، اِيئن آهي نه؟ هوُ پهريائين هر ٽئين ڏينهن تي ايندو هو ۽ نه هر روز (جيتوڻيڪ مون کي خوشي ٿي ته هو هر روز مون وٽ اچي.) هوُ هميشھ عمدي ريت لباس پهريل هوندو آهي. ان کان سواءِ، اليوشا مان نوجوانن کي پيارو گهرندي آهيان. جن ۾ ڪي لياقتون هجن ۽ شرميلا هجن، جيئن تون. هن وٽ ته هميشھ سياستدان جي دل آهي. هوُ ايتري قدر ته دلڪش گفتگو ڪندو آهي، جو مان يقيناً، مٿس موهجي پوندي آهيان. هوُ مستقبل جو سياستدان آهي. ان خوفائتي ڏينهن تي، هن مون وٽ رات جو اچي، مون کي موت جي منهن مان بچائي ورتو هو. تنهنجو دوست ريڪيٽن وري اهڙن غليظ بوٽن سان اچي، پير ڊگهيري، منهنجي غاليچي کي خراب ڪندو آهي..... هوُ پنهنجي جذبات متعلق اشارا ڏيڻ لڳو. ظاهر ظهور ۽ ڏهاڙي هڪ ڏينهن جيئن هوُ وڃي رهيو هو، هن منهنجي هٿ کي نهايت زور سان ڀڪوڙيو. سندس زور ڏيڻ سان، منهنجو پير سـُـڄڻ لڳو. هوُ پيوٽراليچ سان اڳ ۾ هتي مليو هو ۽ توکي اعتبار ايندو ته هوُ الائجي ڪهڙي سبب کان مٿس طعني زني ڪندو هو ۽ سندس مذاق اڏائيندو هو. مان فقط ان وقت هي ڏسندي رهندي هيس ته ڪهڙي ريت، هڪٻئي تي اندر ئي اندر کلندا رهن ٿا.

اهڙيءَ ريت، مان هڪ ڏينهن ويٺي هيس. اڪيلي. نه مان اُن وقت ليٽي پئي هيس. خير مان هتي اڪيلي ليٽي پئي هيس، ته ريڪيٽن آيو. رڳي حيرت جهڙي ڳالهه آهي! هن پنهنجي تصنيف مان ڪي شعر مون وٽ آندا. هڪ ننڍڙو نظم، جو هن منهنجي بيمار پير تي لکيو هو. يعني هن منهنجي پير بابت نظم ۾ ذڪر ڪيو هو. هڪ منٽ ترس. اها اهڙي ريت هئي:

 ”هڪ پير درد وارو.“

ڪجهه اهڙي طرح شروع پئي ٿيو. مون کي شعر ياد نه رهندو آهي. اهو مون وٽ هتي آهي ۽ مان پوءِ توکي ڏيکارينديس. پر هيءَ نهايت دلچسپ شيءِ آهي. توکي خبر هئڻ گهرجي، ته ان ۾ فقط پير جو ذڪر نه آهي، پر ان ۾ ڪي چڱا اخلاقي نقطا به آهن. چڱو دلچسپ خيال پر مون کي ياد نه آهي. حقيقت ۾ اها شيءِ پاڻ وٽ سانڍي رکڻ جهڙي هئي. مان ان ڪري سندس شڪريو بجا آندو ۽ هوُ ظاهر آهي ته ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو. مان سندس مشڪل سان شڪريو بجا آندو ته ان وقت پيوٽراليچ، اوچتو اچي ويو ۽ ريڪيٽن اِيئن ته ڪارو بڻجي ويو، جيئن رات. مان ڏسان پئي ته پيوٽراليچ سندس راهه ۾ اٽڪاءُ هو. ڇاڪاڻ ته نظم کي ڏيڻ کان پوءِ، پڪ سان ريڪيٽن مون کي ڪجهه چوي ها. مون کي اچڻ واري واقعي جو اڳ ۾ احساس ٿي چڪو هو، پر پيوٽرايليچ اچي ويو. مان پيوٽر کي اها نظم ڏيکاري، پر کيس اِيئن ڪونه چيم ته اها ڪنهن جي تصنيف آهي. پر مان سمجهان ٿي، ته هن صحيح ڪري ورتو هو. جيتوڻيڪ هوُ اڄ تائين به ان جو انڪار ڪندو رهيو آهي ۽ ظاهر ڪندو رهيو آهي ته وٽس! اهو خيال ئي نه هو. پر هوُ هروڀرو اِيئن چوي ٿو. پيوٽرايليچ کلڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ان تي اجائي تنقيد ڪرڻ لڳو. هن چيو ڪنهن راهب شاگرد هن کي لکيو آهي. سندن لفظن ۾ تيزي ۽ تندي هئي. هاڻي تنهنجو دوست کلڻ جي بجاءِ غصي سان ڀرجي ويو، ان وقت مان سوچيو ته خدايا، هيءُ ته هڪٻئي سان وچڙي ويندا. هن چيو، ته اهو مان آهيان، جنهن هي نظم لکيو آهي. مان هن کي طنزيه انداز ۾ لکيو آهي. ڇاڪاڻ ته مان سمجهندو آهيان، ته شعر لکڻ ڪا عزت واري شيءِ نه آهي.... پر هي چڱا شعر آهن. هي شعر تنهنجي پشڪن جي ان نظم جي يادگيري ٿا ڏيارين، جي هن عورت جي پير بابت لکيا آهن. هوڏانهن مان ڪنهن اخلاقي نقطي کي مدنظر رکي، هن کي لکيو آهي ۽ تون چوين ٿو، ته هيءُ رذالت ٿي ڏيکاري. تو وٽ ڪابه انسانيت ڪانه آهي. تو وٽ جديد جذبات جي نورانيت مفقود آهي. تو بنا ڪنهن اثر جي ترقي ڪئي آهي. تون رڳو سرڪاري ملازم آهين ۽ رشوت وٺندو رهين ٿو. مان اُن وقت رڙيون ڪرڻ لڳيس ۽ خاموشيءَ لاءِ کانئن تقاضا ڪرڻ لڳيس. توکي خبر آهي ته پيوٽرايليچ سڀ ڪجهه آهي، پر بزدل آهي. هن هڪدم پنهنجي آواز کي شريفاڻي انداز ۾ بدلايو ۽ کيس مسخراڻي انداز ۾ ڏسندي معافي گهري. منهنجو اهو مقصد نه هو، هن چيو مون کي جيڪڏهن اها خبر هجي ها، ته مان اِيئن ڪڏهن به نه چوان ها، پر تعريف ڪريان ها. شاعر سڀئي جوشيلا ٿيندا آهن. مختصر ته هوُ نهايت شريفاڻي انداز ۾ مٿس کلندو رهيو. هن پوءِ مون کي تشريح ڪندي ٻڌايو هو، ته هي سڀ مذاق هو. مان خيال ڪيو ٿي ته هوُ ان وقت انتظار ۾ هو. مان اڳ ۾ ليٽي پئي هيس، جيئن هاڻي ڏسين ٿو، ان وقت خيال ڪيم ته اهو چڱو نه ٿيندو، ته ريڪيٽن کي هن بيهودگيءَ سان رڙين ڪرڻ جي ڪري، گهر کان ڪڍي ڇڏيان، جو منهنجي ملاقاتيءَ سان بـُـرو پيش اچي رهيو آهي ۽ منهنجي ئي گهر ۾. تون اعتبار ڪندين، مان اِيئن ئي ليٽي پئي هيس ۽ اکيون ٻوٽيل هيم. اُن وقت ڳڻتيون کائيندي رهيس، ته منهنجو اهو قدم صحيح ٿيندو يا نه؟ مان پريشان ٿيندي رهيس ۽ منهنجي دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي. مان ڪو به فيصلو ڪري نه سگهيس، ته اهڙيءَ ريت پنهنجي آواز کي بلند ڪريان يا نه؟ هڪ آواز مون کي چوندو ٿي رهيو ته ڳالهاءِ، ته ٻيو آواز مون کي منع ڪندو ٿي رهيو، ته نه ڳالهاءِ. جلدي ٻي آواز چيو ته چؤ ۽ مان رڙ ڪري چيو ۽ ٻڏي ويس. بيشڪ هيءَ بيهودگي هئي. مان اوچتو اٿي بيٺيس ۽ ريڪيٽن کي چيم ته مون کي ڏک ٿو ٿئي، جو ڪجهه مان چئي رهي آهيان، پر مان توکي وري هن گهر ۾ ڏسڻ نه ٿي گهران. اِيئن مان کيس گهر کان ڪڍي ڇڏيو. آهه! اليڪسي فيودورپاولووچ مان هيءُ غلط ڪيو. مان سچ پچ مٿس ڪاوڙيل به نه هيس، پر مان اوچتو خيال جي گهيڪ ۾ اچي ويس. منهنجي عمل جو اهوئي سبب هو. اهو هڪ عجيب منظر هو.... پر ان هوندي به مان سمجهان ٿي، ته اهو فطرتي هو. ڇاڪاڻ ته مان ڪيترا ڏينهن پوءِ روئيندي رهيس ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي رهيس ۽ اوچتو هڪ ڏينهن منجهند جو سڀ ڪجهه وساري ويٺيم. کيس ٻه هفتا گذريا هئا، ته هوُ هتي آيو ۽ مان هاڻي عجب مان منتظر آهيان ته هوُ وري مون وٽ ايندو ڇا؟ مان ڪالهه پڻ ان تي غور ڪري رهي هيس ۽ اوچتو گذريل ڏينهن جي گاسپ اخبار آئي. مان ان کي پڙهيو ۽ حيران رهجي ويس. ڪير هن کي لکي سگهي ٿو؟ هن ئي، ان کي لکيو آهي. هوُ گهر ويو ۽ ويٺو، ان تي لکيائين ۽ موڪلي ڏنائين. هنن به شايع ڪيو. هن کي ٻه هفتا گذريا. پر اليوشا هيءَ خطرناڪ شيءِ آهي، جو مان ڳالهائيندي وڃان ٿي. جا مٿي مون کي چوڻ گهربي هئي، سا چئي نه سگهي آهيان. اڙي الفاظ پنهنجو پاڻ ٻاهر ايندا آهن!“

 ”اهو منهنجي لاءِ نهايت ضروري آهي، ته مان پنهنجي ڀاءُ کي ڏسڻ لاءِ اڄ وقت تي پهچان.“  اليوشا هٻڪندي چيو.

 ”پڪ سان، پڪ سان! اتان جي خبر مون وٽ سڄي آڻج. ڌيان ڏيئي ٻڌ ۽ مون کي سمجهاءِ، ته راهه کان ڀٽڪي وڃڻ ڇا کي چئبو آهي؟“

 ”ڪنهن جو راهه کان ڀٽڪڻ؟“  اليوشا کيس عجب مان ڏسندي چيو.

 ”قانوني نقطهِّ نگاهه کان راهه کان ڀٽڪي وڃڻ، جنهن کي سڀ ڪو قصور معاف ڪري سگهجي ٿو. تون کڻي ڪجهه به ڪر، پر توکي معاف ڪيو ويندو.“

 ”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“

 ”مان توکي ٻڌائيندس هيءَ ڪٽيا.......... هوءَ نهايت دلڪش انسان آهي. مان فقط اهو اندازو نه لڳائي سگهي آهيان، ته هوءَ ڪنهن سان محبت ڪري رهي آهي. مون سان هوءَ ڪجهه وقت اڳ ۾ گڏ هئي، پر مان هن مان ڪجهه به ڪڍي نه سگهيس. هاڻي ته هوءَ خاص طرح مون سان هن سطح تي نه ڳالهائيندي. هوءَ مون سان منهنجي صحت بابت هاڻي ڳالهائيندي، آهي ۽ وڌيڪ ڪجهه به نه. مان پاڻ سان چوندي آهيان ته چڱو ٿيو، مون کي سندس پرواهه به نه آهي.... ها، ته مان راهه کان ڀٽڪي وڃڻ تي ڳالهائي رهي هيس. هي ڊاڪٽر آيو آهي. توکي خبر آهي ته ڊاڪٽر آيو آهي؟ بيشڪ تون ان کي ڄاڻين ٿو. اهو جو پاڳل ماڻهن جي تشخيص ڪري ٿو. ان کي لکيو. نه تو لکيو هو، پر ڪٽيا لکيو هو. اهو انهيءَ جو ئي ڪم آهي. صحيح آهي ڪو ماڻهو حواس باخته ويٺو هجي ۽ اوچتو بي راهه بڻجي وڃي. هو شايد هن کان به خبردار هجي، ته ڇا ڪري رهيو آهي ۽ اُن هوندي به هو اهڙي حالت ۾ پهچي وڃي ٿو، جو پنهنجي هٿ کان تحمل کي ڇڏي ٿو ڏئي. اهو مشڪل ٿي سگهي ٿو ته دمتري فيودورپاولووچ انهيءَ ئي بيماريءَ جو مريض آهي. جڏهن کان ڪورٽن کي سڌاريو ويوآهي، تڏهن کان هن بيماري يعني غير متحمل ٿيڻ کي لڌو آهي. اهو انهن اصلاح پذير قاعدي جي ڪورٽن جو مؤثر قدم آهي. ڊاڪٽر ڪالهه هتي آيو هو ۽ ان گذريل شام بابت مون کان سوال ڪيا هئا. اُهي سوال سون جي کاڻين بابت هئا. هن مون کان پڇيو، ته هوُ ان وقت ڪيئن ٿي ڏٺو؟ هو ضرور غير متحمل حالت ۾ هوندو. هوُ رڙيون ڪندو آيو ته، پيسا، پيسا، ٽي هزار، مون کي ٽي هزار روبل ڏيو. ان کان پوءِ هوُ هليو ويو ۽ جلدئي خون ڪيائين. هن چيو ٿي ته مان هن کي خون ڪرڻ نه ٿو گهران، پر هوُ اوچتو ويو ۽ اُن کي خون ڪيائين. اهو سبب آهي، جو سڀئي کيس گنهگار نه ٿا سمجهن، ڇاڪاڻ ته هوُ اُن لاءِ پاڻ سان وڙهندو رهيو آهي، پر هن خون ڪيو آهي.“

 ”پر هن خون نه ڪيو آهي،“  اليوشا سختيءَ سان ڳالهائيندي وچ ۾ ٽپي پيو. هو وڌ کان وڌ انتظار ۽ بي صبري محسوس ڪرڻ لڳو.

 ”هائو مان ڄاڻان ٿي، اهو پوڙهو گريگري هو، جنهن اُن کي قتل ڪيو هو.“

 ”گريگري“، اليوشا رڙ ڪري چيو.

هائو، هائو، اهو گريگري هو. جيئن ئي دمتري فيودورپاولووچ کيس ڌڪ هڻي ڪيرائي ڇڏيو ، هوُ اتي پيو رهيو. جڏهن هوُ اٿيو ته هن دروازي کي کليل ڏٺو. هوُ اندر گهڙي ويو ۽ فيودورپاولوچ کي قتل ڪري ڇڏيائين.“

 ”پر ڇو؟ ڇو؟“

اهوئي غير متحمل هئڻ. دمتري فيودورپاولووچ جي مٿي واري ڌڪ کان، جڏهن هوُ هوش ۾ آيو، هوُ ان وقت غير متحمل هو. هوُ ويو ۽ قتل ڪيائين. هوُ جيڪڏهن هاڻي چوي ٿو، ته هن ڪيو آهي ته ٿي سگهي ٿو، ته کيس ياد نه هجي. فقط تون ئي هن کي چڱي طرح ڄاڻي سگهين ٿو، ته دمتري فيودورپاولووچ کيس قتل ڪيو آهي يا نه؟ جيتوڻيڪ مان چوان ٿي، ته اهو گريگري آهي. ڏسڻ ۾ اهو دمتري فيودورپاولووچ ٿي سگهي ٿو ۽ ان ۾ پختگي به آهي، پر اهو چڱو نظر نه ٿو اچي ته پٽ پنهنجي پيءُ کي ماري. مان ان جو ڪو بچاءُ نه ٿي ڪريان، پر ٻارن کي پنهنجي والدين جي عزت ئي ڪرڻي پوي ٿي. پر ان هوندي به معلوم ٿئي ٿو، ته هوئي گنهگار آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪم، هن ان وقت ڪيو هو، جڏهن هوُ پنهنجي هوش ۾ نه هو. پر جيڪڏهن هوش ۾ به هو ته کيس اها خبر ڪانه ٿي پئي، ته هوُ ڇا ڪري رهيو آهي؟ ڀلي ته ان کي آزاد ڪري ڇڏين. هيءَ انسانيت به آهي ۽ هيءُ به ڏسڻ ۾ ايندو ته هيءُ اصلاح پذير ڪورٽون ڪيتري قدر نه برڪت ڀريون آهن. مون کي هنن جي باري ۾ ڪابه خبر نه آهي، پر ماڻهو چون ٿا ته ڪيتري وقت کان هيءُ خير ۽ برڪت جو سبب آهن. مان ڪالهه جڏهن اهي ڳالهيون ٻڌيون، ته مون تي اثر پيو ۽ مان چاهيو ٿي ته توڏي هڪدم ماڻهو موڪليان. جڏهن کيس آزاد ڪيو وڃي، ته کيس سڌو مون وٽ وٺي اچج ته رات جي ماني مون وٽ کائي. مان دوستن جي مجلس گهرائينديس ۽ اسان اصلاح پذير قاعدي جي ڪورٽن جو جام عيش، پيئنداسون. مان نه ٿي سمجهان، ته هوُ خطرناڪ ثابت ٿيندو. ان کان سواءِ مان ڪيترن ئي دوستن کي گهرائيندس ته جيئن، ڪا گڙ ٻڙ ڪري، ته هو کيس راهه راست تي آڻين. ان کان پوءِ ڪنهن ٻي شهر ۾ کيس امن جو منصف بڻايو وڃي. ڇاڪاڻ ته جي ماڻهو پاڻ تڪليف ۾ ايندا آهن، اهي چڱا جج ثابت ٿيندا آهن. ان کان سواءِ، هن دور ۾ ڪير آهي، جو غير متحمل نه آهي؟  تون، مان ۽ ٻيا سڀئي، انهيءَ حالت ۾ مبتلا آهيون، جنهن جا ڪي ئي مثال ملي سگهن ٿا. ڪو ماڻهو ڳائڻ ويهي ٿو ۽ اوچتو ڪو کيس چيڙائي ٿو. هو پستول کڻي ٿو ۽ جو ماڻهو پهريائين وٽس اچي ٿو، ان کي هڻي ٿو ڪڍي. هاڻي ڪوبه ماڻهو ان لاءِ کيس گنهگار نه ٿو سمجهي. مان هن کي دير سان پڙهيو آهي ۽ سڀئي ڊاڪٽر ان کي قبول ڪن ٿا. هو هميشھ ان جي تصديق ڪن ٿا، ڊاڪٽر ته تصديق ڪرڻ وارا ئي ٿيندا آهن ۽ ڪهڙي به شيءِ جي تصديق ڪري سگهن ٿا. منهنجي لزي به ارادي جي غير متحمل هئڻ جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهي. هن مون کي ڪالهه به رئاريو هو، هڪ ڏينهن اڳ به ۽ اڄ به مان اوچتو محسوس ڪيو، ته هيءَ سڀ ارادي جي غير متحصل هئڻ جي سبب کان آهي. ها، لزي مون کي ايترو ڏک ٿي ڏئي! مان سمجهان ٿي ته هوءَ بلڪل چري ٿي پئي آهي. هن توڏي ماڻهو ڇو موڪليو آهي؟ ڇا هن توڏي ماڻهو موڪليو آهي. يا تون پاڻ هن ڏي ٿو وڃين؟“

 ”هائو، هن مون ڏانهن ماڻهو موڪليو آهي ۽ هاڻي مان ان ڏي وڃي رهيو آهيان.“  اليوشا مستقل مزاجيءَ سان اٿي بيٺو.

 ”او منهنجا پيارا اليڪسي فيودورپاولووچ، شايد، هيءُ سڀ کان وڌيڪ ضروري شيءِ آهي.“  خاتون هائلڪوف درد ڀري آواز ۾ چيو ۽ سندس لڙڪ وهڻ لڳا. خدا ڄاڻي ٿو، مان دل ۽ جان سان لزي توکي سونپيان ٿي، جيڪڏهن هن ماءُ کي ٻڌائڻ کان سواءِ توڏي ماڻهو موڪليو آهي، ته ان ۾ ڪوبه حرج نه آهي. پر مون کي معاف ڪر، پر مان پنهنجي ڌيءُ بابت آسانيءَ سان تنهنجي ڀاءُ ايون فيودورپاولووچ تي اعتبار نٿي ڪري سگهان. جيتوڻيڪ مان کيس اڃا به هڪ همٿ وارو نوجوان ٿي سمجهان. مون کي فقط حيرت آهي، هو لزيءَ جي ملاقات لاءِ آيو هو ۽ مون کي ٻي وڌيڪ خبر نه آهي!“

 ”ڪيئن؟ ڇو؟ ۽ ڪڏهن؟“  اليوشا حد کان وڌيڪ عجب ۾ پئجي ويو. هو وري ويٺو ته نه، پر بيهي ٻڌڻ لڳو.

 ”مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿي، شايد اهوئي سبب هجي، جو مان توکي پاڻ وٽ گهرايو آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻي مون کي خبر نه ٿي پوي. مان توکي ڇو پاڻ وٽ گهرايو هو. خير ايون فيودورپاولووچ، منهنجي ملاقات لاءِ ٻه ڀيرا آيو آهي. مان سمجهان ٿي، جيئن ئي هو ماسڪو کان موٽي آيو آهي، پهريون ڀيرو هو هڪ دوست جي حيثيت ۾ مون سان ملڻ لاءِ آيو هو. ٻيو ڪٽيا مون وٽ هئي، هو مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو، جو کيس خبر پئي، ته هوءَ مون وٽ آهي. مون منجهس هيءَ اميد نه ٿي رکي، ته هو ڪو اڪثر مون وٽ ايندو، ڇاڪاڻ ته کيس ڪيئي ڪم، پنهنجي پيءُ جي موت جي سلسلي ۾ ڪرڻا هئا. پر مون اوچتو ٻڌو ته هو وري آيو هو. مون کي ڏسڻ لاءِ نه، پر لزيءَ جي ملاقات لاءِ. هن واقعي کي ڇهه ڏينهن گذريا. هو آيو ۽ فقط پنج منٽ ترسيو ۽ هليو ويو. مون کي ٽن ڏينهن تائين سندس اچڻ جي خبر پئجي نه سگهي. مون کي پوءِ گلافيرا کان خبر پئي ۽ بيحد صدمو آيو. مان سنئون سڌو لزيءَ کي گهرايو، پر لزي کلي چوڻ لڳي، ته هن چيو ٿي ته تون ننڊ ۾ هئين. هو مون وٽ به انهيءَ لاءِ آيو هو ته تنهنجي صحت بابت دريافت ڪري. بيشڪ اهو معاملو اِيئن ٿي گذريو. پر لزي، خدا مٿس رحم فرمائي، هوءَ ڪيئن نه مون کي تڪليفون پهچائيندي ٿي رهي. تون اعتبار ڪندين، چار ڏينهن ٿيا، هڪ رات جو، جڏهن تون پويون ڀيرو کيس ڏسڻ لاءِ آيو هئين، تنهنجي وڃڻ کان پوءِ، اوچتو مٿس دورو پيو، هو ريهون ڪرڻ لڳي ۽ هسٽيريا جي نموني وڦلڻ لڳي. هي ڇو؟ مون کي ته ڪڏهن به هسٽيريا نه ٿي هئي. ان کان پوءِ، وري ٻي ڏينهن تي کيس وري ٻيو دورو پيو. ٽئين ڏينهن تي به ساڳي حالت پيش آئي. ڪالهه به ڪالهه ته بنا ڪنهن ارادي جي نامستحمل رهي. هن اوچتو ريهون ڪندي چيو، ته مان ايون فيودورپاولووچ سان نفرت ڪريان ٿي. مان توتي زور ڀريان ٿي ته ان کي وري گهر ۾ اچڻ نه ڏي. مان ته چپ ٿي ويس. هيءُ لفظ مون کي حيرت جهڙا لڳا. چيومانس ته آخر مان ڪهڙي بنياد تي چوان ته هو منهنجي گهر ۾ نه اچي؟ سو به اهڙو بي نذير نوجوان ۽ عالم، جو هاڻي بدقسمت آهي. ڇاڪاڻ ته جو ڪجهه وهيو ۽ واپريو آهي، اها سڄي بدقسمتي آهي. ڪيئن آهي نه؟ هوءَ اوچتو منهنجي لفظن تي کلڻ لڳي ۽ ايڏو ته بي مروتي سان، جنهن کي تون ڄاڻين ٿو. مان ڏاڍي خوش ٿيس. مان سمجهيو ته مان کيس ڏاڍو خوش ڪيو آهي ۽ هاڻي مٿس دورو نه پوندو. خاص ڪري مان هيءُ سوچيو، ته ايون فيودورپاولووچ کي ڏسڻ کان مان انڪار ڪري سگهنديس. ڇاڪاڻ ته هن منهنجي اجازت کان سواءِ هيءَ ملاقات ڪئي هئي ۽ ان کان سمجهاڻي نه پڇي سگهنديس. پر اڄ صبح جو سويرو لزي جاڳي ۽ يوليا سان بگڙي وئي، تون اعتبار ڪندين، هن سندس منهن تي چماٽ هڻي ڪڍي. هيءُ انسانيت سوز هلت هئي. مان هميشھ پنهنجي نوڪرن سان محبت سان هلندي آهيان. ڪلاڪ کان پوءِ، هوءَ وري يوليا کي ڀاڪر پائڻ لڳي ۽ سندس پيرن کي چمڻ لڳي. هن مون ڏي نياپو موڪليو، ته هوءَ ڪڏهن به وٽس نه ويندي ۽ نه وري مون سان ملندي. جڏهن مان وٽس وڃي پهتس، ته هوءَ مون کي چمي ڏيڻ لاءِ ڊوڙي ۽ روئڻ لڳي. پر جڏهن هن مون کي چميو ٿي، ته بنا ڪنهن لفظ چوڻ جي، هن مون کي ڌڪا ڏيئي ڪوٺيءَ کان ڪڍيو ۽ مان سمجهي نه سگهيس، ته آخر ڳالهه ڇا آهي؟ پيارا اليڪسي فيودورپاولووچ، هاڻي منهنجون سڀئي اميدون توتي مدار ٿيون رکن ۽ منهنجي سڄي حياتي تنهنجي هٿن ۾ آهي. مان توکي فقط اهو عرض ٿي ڪريان، ته لزيءَ ڏي وڃ ۽ ان کان سڀ ڪجهه معلوم ڪر. ڇاڪاڻ ته تون ئي اِيئن ڪري سگهين ٿو. تنهن کان پوءِ مون وٽ موٽي اچ، ۽ مون کي سڀ ڪجهه ٻڌاءِ. مون کي سندس ماءُ کي. تون ڄاڻين ٿو، ته هي سڀ ڪجهه منهنجي موت جو سبب ٿيندو. جو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، آخر مان ان کان ڀڄي وينديس. مان هاڻي وڌيڪ سهي نه سگهنديس. مون کي صبر آهي، پر مان اهو وڃائي ويهنديس ۽ پوءِ.... ڪا خطرناڪ ڳالهه ظهور ۾ ايندي. او پيارا، آخرڪار پيوٽرايليچ اچي ويو.“  خاتون هائلڪوف رڙ ڪري چيو. هوءَ چتائي ڏسڻ لڳي، جيئن هو ڪمري ۾ اندر گهڙيو. ”تون دير سان آيو آهين، دير سان! خير ويهه، ڳالهائي ۽ اسان کي پريشانيءَ کان ٻاهر ڪڍ. وڪيل ڇا ٿو چوي؟ اليڪسي فيودورپاولووچ تون ڪاڏي ٿو وڃين؟“

 ”لزيءَ ڏانهن.“

 ”صحيح آهي، پر مان توکي جو ڪجهه چيو آهي، ان کي تون نه وساريندين. هيءُ موت ۽ حياتيءَ جو سوال آهي!“

 ”بيشڪ مان ان کي نه وساريندس... پر مون کي دير ٿي وئي.“  اليوشا غصي مان چيو ۽ هو تڪڙو تڪڙو پوئتي هٽڻ لڳو.

 ”نه، توکي پڪ سان اچڻ گهرجي. اِيئن نه چئو، ته جيڪڏهن توکان ٿي سگهيو ته. جيڪڏهن تون نه ايندين، ته مان مري وينديس.“  بيگم هائلڪوف سندس پويان ڳالهائيندي رهي، پر اليوشا ڪمرو ڇڏي چڪو هو.

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org