سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

 معصوم بکري

باب-24

 

صفحو : 24

تاريخ بناءَ: مٿين شهتيرن مان شمالي شهتير تي انهيءَ چوڪنڊيءَ جي بناءَ جي تاريخ جو شعر اڪريل آهي، جيڪو مير معصوم جو پنهنجو نه، بلڪ ٻئي ڪنهن شاعر جي تصنيف آهي:

امير سيد فاضل محمد معصوم
 

بروي کوه بنا کرد منزلي بشکوه
 

عجب خجسته مقامي که خلق مي آيند
 

پيء زيارتش از هر طرف گروه گروه
 

چو از دبير خرد سال اين بنا جستم
 

قلم گرفت و رقم زد: عمارت سر کوه (1002هه)
 

چوني جي قبر؟

مير ابوالقاسم ۽ مير معصوم جي ٻن پٿر جي قبرن وچ ۾ چوني سان ٺهيل هڪ ننڍي قبر آهي، جيڪا ٻار جي معلوم ٿئي ٿي.

(4) ابوالقاسم جي قبر

چوٿون نمبر قبر مير معصوم جي وڏي ڀاءُ مير ابو القاسم جي آهي. پاڻ بهادر، اديب ۽ شاعر هو، ڦوهه جوانيءَ ۾ فوت ٿيو، هڪ فرزند مير محمد شجاع يادگار ڇڏيائين. قبر تي پيرانديءَ کان ڪتبو آهي:

چو شد مير ابوالقاسم نيک راي
سوي دار عقبيٰ ز دار فنا
چو نامي طلب کر د تاريخ او
خرد گفت: رفتا بدار البقا (991 هه)

 

گنبذ جي اندر ڪنارن تي هي شعر آهن:

1- رفتيم چو از ميانه، ياران رحمي
بر حال خراب دلفگاران رحمي

 

2- چون خاک شديم و خاک مگشت غبار
رحمي ! رحمي ! بخاکساران رحمي

 

3- چون خاک شودز غم وجود پاکت
و ز حادثه بر باد دهد افلاکت

 

4-  جز سبزه، کسي سر نکشد بر گورت
جز بار، کسي پا نه نهد، بر خاکت

 

هي اشعار مٿن کان آهن:

5- شاديء زمانه ، جز غمي بيش نبود
وين عمر گرانمايه دمي بيش نبود

 

6- سوداي بتان، جز المي بيش نبود
خونابهء ديده، جز نمي بيش نبود
             ----

7- ترا گر آسمان منزل نشين است
هم آخر جاي تو زير زمان است

 

(5) چوني جي قبر

اوڀر کان مرڪزي ڇٽيءَ هيٺ پهرين قبر ڪتبي کان سواءِ آهي، ٿي سگهي ٿو ته مير جي ڀاءُ مير محمد فاضل جي هجي. گنبذ جي ڪنارن تي اندران هي اشعار اڪريل آهن:

1- ماچهره بخون جگر آراسته ايم
وز ناله، جمال خويش پيرسته ايم

 

2- چون غنچه نديده خنده، بباد
ننهاده قدم، چوسرو برخاسته ايم

 

3- تنها باخود، در انجمن بايد بود
باخويش هميشه در سخن بايد بود

 

4- هم بلبل و هم گل چمن بايد بود
ديوانهء کار خويشتن بايد بود
 

پهرين سٽ اوڀر جي پاسي کان آهي، ٻي اتر کان، ٽين اولهه ۽ چوٿين ڏکڻ طرف کان آهي.

انهيءَ  ٿلهي واريءَ چوڪنڊيءَ سان گڏ پوءِ جي ٺهيل ٻي عمارت آهي. جنهن جي ڇت ۾ ٻه ڦاڪ دار گنبذ آهن.  جنهن جي هيٺان ٽي قبرون چوني جون ڪتبي کان سواءِ موجود آهن. انهن  ٻن عمارتن کان ٻاهر ساڳئي ٿلهي ۽ بلنديءَ تي 36 قبرون آهن (1962ع)، جيڪي گهڻو ڪري چوڏهين صديءَ جون آهن. ٽي قبرون پٿر جون آهن، جن مان ڪج تي مير صفائيءَ وارو ساڳو ڪتب آهي، غالبا اهو پيل هو جنهن کي هن قبر تي هنيو ويو آهي.

مير معصوم جي حرم جي قبر

قبرون جي انهيءَ مجموعه ۾، جنهن قبر تي هيٺيون ڪتبو آهي. انهيءَ لاءِ گمان غالب آهي ته اها مير صاحب جي حرم جي قبر ٿي سگهي ٿي. ڪتبي جو مطلب پڻ انهيءَ خيال جي تائيد ڪري ٿو. جيئن جلي اکرن مان ظاهر ٿيندو.

ڪتبي جي عبارت مان معلوم ٿو ٿئي ته مير صاحب جي وفات کان پوءِ ستت ئي ساڳئي سال (1014هه) ۾ سندن حرم به فوت ٿي فراق ۽ فرقت کان آجا ٿي پيا! ڪتبو هي آهي:

مهد عليا سرشت اهل بهشت
بي رخ حضرت نواب بدهر
رفت و رست از الم فرقت آن
سال فوتش ز خرد جستم، گفت؛

روح پا کش پجنان بادا شاد
يکز مان چشم جهان بين نکشاد
اين بود صدق وفاي ميعاد
منزلش گلشن قدوسي باد

انهن مان ڪن قبرن تي ڪاشيءَ ۽ پٿر جا ڪتبا آهن. ڪن مدفونن جا نالا هي آهن. سيد پير غوث علي شاهه (1303هه). سيد مير فيض علي شاهه. سيد مير عظيم علي شاهه. مير محمد علي شاهه (1322هه). سيد مير لعل شاهه (؟13هه). مير جعفر علي شاهه، مير علي اڪبر شاهه (1311هه). مير عنايت علي شاهه (1317هه) والده ارباب علي شاهه (1266هه). مير ارباب علي شاهه ولد مير حسين علي شاهه( 1337هه).

قبر تان جي موجوده حالت: مير جي انهيءَ تاريخي قبرستان تي هن وقت ٽن ڌرين جو قبضو آهي. خاندان جو، محڪمه آثار قديمه جو ۽ اوقاف کاتي جو، فن، اڻ ڄاڻ هٿن هيٺ وقت بوقت جي مرمت تاريخي حيثيت کي گهڻو نقصان پهچايو آهي. اها رفتار ۽ طريقو قائم رهيو ته هن گورستان جو به ٺٽي جي جامع مسجد وارو حشر ۽ حال ٿيندو.

(3) منارو 1002ع – 1013هه

قبرستان جي احاطي اندر چتيءَ جي اولهه ۾ مير معصوم جو مشهور منارو موجود آهي، جنهن تي تقريباً صديون گذري ويون آهن، ساڳي توانائي ۽ تازگيءَ سان سروقد بيٺو آهي. ۽ ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ سکر مٿان پاسياني ڪري رهيو آهي.

مناري جي تعمير ۾ هيٺ پٿر جي پيڙهه آهي ۽ مٿي پڪيون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. مناري جي ڪرسي 84 فوٽ ويڪري آهي ۽ مٿي جوٽيءَ تائين پهچڻ لاءِ اندران منجهس 84 ڏاڪا آهن. ڪزنس جو چوڻ آهي ته مناري جي بلندي به 84 فوٽ آهي. سرون چيروليءَ سان اوساريل آهن.

ڏاڪڻ جي مٿان ڪتبو آهي، جنهن مان تعمير جي آغاز جو سال1002هه ۽ پڄاڻيءَ جو سال 1013هه ملي ٿو. گويا مير جنگ کان فارغ ٿي. مناري جو بنياد وڌو ۽ باقي سال پاڻ مختلف جاين تي سفر ڪندو رهيو- جيئن ته سيوي، قنڌار آسير، ايران، آگرو وغيره، ۽ منارو پٺيان تعمير ٿيندو رهيو. پاڻ جڏهن ايران کان 1013هه ۾ موٽيو. انهيءَ سال منارو به ٺهي راس ٿيو. مناري جي سلسلي ۾ تحفت الڪرام جي موءلف هڪ بي بنياد رويات نقل ڪئي آهي. لکي ٿو:

”جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه وڏي رقم حرمين ڏانهن نذر ۾ موڪلي هئي. جيڪا واپس آئي. پوءِ حڪم مطابق مير معصوم اها رقم مناري ۽ ٻين  يادگارن کي ٺهرائڻ ۾  خرچ ڪئي(1).

مناري جي سلسلي ۾ مقامي طرح ٻيون به  ڪيتريون روايتون مشهور آهن. جن ۾ ڪا به حقيقت ڪا نه آهي. اصل ۾ پنهنجي افتاد طبع جي بناءَ تي مير معصوم اهو منارو نهايت وڻندڙ ۽ موزون جاءِ تي يادگار لاءِ ٺهرايو. سندس ذهن ۾ دهليءَ جو قطب مينار ۽ انهيءَ جي عظمت موجود هئي. غزنيءَ طرف ويو ته اتي غزنونين جا يادگار منارا ڏٺائين. يقينا افغانستان جو ”منارو جام“ به سندس نظر مان گذريو هوندو. اهڙي طرح جڏهن اصفهان ۾ ويو ته اتي به کيس سلجوقين  جو يادگار مسجد عليءَ وارو مشهور منارو نظر آيو. جنهن جي ڀڪ ۾ پاڻ ڪتبو نصب ڪيائين.

مناري جي ساخت ۾ مٿي پهچي، ٿورو هڪ طرف ڏانهن جهڪاءَ ٿيو آهي، جيڪو ٺاهن وقت ئي رکيو ويو آهي.

مناري جي تعمير يا ڪنهن خاص سبب جو تفصيل ڪٿي بيان ڪو نه ٿيو آهي، فقط سڀني ڏسندڙن انهيءَ جي تعمير جي ساراهه ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح انگريز اهل قلم به انهيءَ جا مداح رهيا آهن. جهڙوڪ: برٽن، هيوز، ڪزنس وغيره تعريف ڪن ٿا.(1)

مٿي وڃن لاءِ جيڪا ڏاڪن آهي، انهيءَ لاءِ هيٺ پاڙ وٽ دروازو آهي. جنهن جي مٿان تعمير جي سالن جو ڪتبو هيٺينءَ عبارت سان لڳل آهي:

بناء هذالمناره في زمان

سلطان جلال الدين محمد اکبر پادشاهه غازي

بدر فلک علا محمد  معصوم

کزوي بزمانه صيت نيکو ناميست

 افراشت چنين بناء عالي که ز قدر

 افرا خته سر بچرخ مينا فاميست

تاريخ بناء او ملايک از عرش

گفتند: - جهان نما منار ناميست (1002هه)

مير معصوم آن رفيع القدر

که اوز کار دين بائين است

کرد طرح منار تا گويند:

کين پي ياد گار ديرين است

پير چرخ از براي تاريخش

طاق عرشي برين بگفت اين است(1)

قايله مير بزرگ بن سيادت پناه مير محمد معصوم

اهو ڪتبو – جيئن آخري سٽ مان ظاهر آهي- مير بزرگ جو تيار ڪيل آهي، جيڪو پاڻ به ايران ويندي پيءُ سان ڪم از ڪم افغانستان تائين ساڻ هو. جيئن فراه واري ڪتبي مان ظاهر ٿئي ٿو.

سکر جي گزيٽئر ۾ غلطيءَ سبب 14 سال تيار ٿيڻ جو عرصو بيان ڪيو ويو آهي.(2) ظاهر آهي ته ٻه سال زياده لکيا ويا آهن. تاريخ معصوميءَ جي سنڌي مترجم انهيءَ لکت جي پيروي ڪندي، ساڳئي عرصي کي لکيو آهي. سال به غلط لکيا اٿس. يعني 1003هه ۾ بنياد رکيو ويو ۽ مير بزرگ پيءُ جي وفات بعد مناري جي تڪميل 1026 ۾ ڪئي.(3)

(4) آرامگاهه 1004هه

مناري ۽ قبرن جي مرڪزي چوڪنڊيءَ جي وچ ۾، گنبذ سان هشت پهلو هڪ عمارت آهي، جيڪا آرامگاهه لاءِ ڪتب اچي سگهي ٿي. منجهس چار دروازا آهن ۽  چار پاس بند اٿس. گنبذ جي اندران ڇت تي يا ٻاهران ڇت تي نهايت خوبصورت ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي ۽ اندر خواهه ٻاهر مٿئين ڪناري سان به ڪاشيءَ جو پٽو اٿس. ٻن دروازن جي مٿان نشيمن وانگر وڌاوڙا آهن. جن جي ڇت تي اندران خوبصورت نستعليق خط ۾ اشعار اڪريل آهن. پنهنجي وضع ۽ بيهڪ جي لحاظ سان هيءَ عمارت نهايت خوبصورت ۽ نزاڪت واري معلوم ٿئي ٿي.

اها عمارت 1004هه ۾ تعمير ٿي، جنهن جي تاريخ- مکان با فيض- مان نڪري ٿي. تاريخ واري شعر جي پهرينءَ مصرع ۾ ”محل فيض“ ترڪيب استعمال ٿيل آهي. تنهنڪري انهيءَ عمارت کي خاندان يا عوام ۾ ”فيض محل“ سڏيو وڃي ٿو. عمارت 17 فوٽ ويڪر ۾ ۽ 50 فوٽ اوچائيءَ ۾ آهي. صورتحال نقشي ۾ ڏسڻ گهرجي. اشعارن جي شروع ۾ نمبر ڏنا ويا آهن ۽ نقشي ۾ اشعارن واريون جايون انهن ساڳين نمبرن سان نروار ڪيون ويون آهن:

1- اي بنده نواز ذره پرور
روزي که چو سبزه سر بر آرم

از لطف تو ذره، مهر انور
زابر، کر مت اميدوارم

-----

2- هر چند که خار بوستانم
نوري بدلم فگن خدايي

بخشا بطفيل گلستانم
تا با تو رسم بروشنايي

-----

3- من بيخود ورفته دل زد ستم
صد ديو گريز از برونم

دستي، که بخاک مانده پستم
زين ديو که هست در درونم

-----

4- کوديده که هر چه اوست، بينم
هر چند که چشم ماست نا پاک

بکشايم و روي دوست بينم
يک رشحهء لطف بس برين خاک

-----

5- چون موبتن ار گناهه رويد
بخشش بود اربه نيک کاران

عفو تو ز ابر لطف شويد
پس واي بما تباه کاران

-----

6- هر چند گناه رحمتت بيش
من خفتم و د شمنم نگهبان

زان روي اميد ارام از خويش
از دشمن خانه چون برم جان

-----

7- نامي که چو خاک آستان است
اي خاک بر آن که  خاک بنود

زان خاک سرش بر آسمان است
بر خاک درت هالک نبود

-----

8- اين گنبد با شکوه نامي
چون بود محل فيض، ازان رو

کز قدر شد آسمان با فيض
تاريخ شدش مکان با فيض

هي ٻه رباعيون وڌاوڙن جي چت تي اڪريل آهن:      (1004هه)

9- سر منزل درد ما هوائي دارد
ديوانه دل مرا ملازمت مکنيد

ويرانھء غم نيز صفائي دارد
اين وادي نيز، ره بجاي دارد

-----

10- فرياد رحيل ازهمه کس ميشنوي
کرده همه شبگير بسر منزل دور

آواز دراز پش وپس ميشنوي
تو خفته بره بانگ جرس ميشنوي

(5) قنڌار جو باغ 1006هه

مير معصوم جي هڪ دستاويز جو پير علي محمد شاهه راشديءَ ذڪر ڪيو آهي. جيڪو قنڌار اندر هڪ باغ جي خريداريءَ متعلق آهي. انهيءَ دستاويز مان ظاهر ٿئي ٿو ته 2 محرم 1006هه جو مير معصوم خواجه محمد هاشم ولد خواجه حسين کان باغ خريد ڪيو. جنهن ۾ انگورن جا درخت هئا ۽ هڪ جريب جي ايراضيءَ ۾ هو.

اهو تڏهن مذڪور آهي، جڏهن پاڻ مير معصوم قنڌار جي فوجي خدمت مامور هو.

(6-7) منزل گاهه 1006هه-1007هه

ساڌ ٻيلي جي سامهون درياهه جي سکر واري ڪناري تي، هڪ ڀتائين احاطي جي اندر ٻه عمارتون آهن. جن کي ”منزل گاهه مسجد“ سڏيو وڃي ٿو. اهي اهي عمارتون آهن. جن جي ڪري هتان جي هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هميشه جي لاءِ جدا ڪندر خون خرابو ٿيو ۽ سماجي خواهه سياسي تاريخ لاءِ انهن جا نتيجا نهايت آگرا ۽ اندر هناڪ ثابت ٿيا. انهي احاطي ۾ ٻه عمارتون آهن. جن مان هڪ 1006هه ۾ تيار ٿي ۽ ٻي 1007هه ۾ ٺهي. پهرينءَ جو ڪتبو هن ريت آهي:

1- خوشا منزلي باغ رضوان رقم
که جان را دهد فيض باغ ارم

 

2- بتاريخ اين جاي عشرت سرشت
زهي جاي عشرت- رقم زد قلم


(1)  جلال الدين محمد اکبر پادشاه مبلغي گرانقدر براي نذر حرمين فرساتاده بود، پس آمده. مير معصوم حسب الامر شاهي ازان مبلغها نشيمنهاي پاکيزه و مناره معروضه يادگاري درو ترتيب داده (3: 124 ڇاپو قديم.)

(1)  هيوز گزيٽئر  ص. 827- سکر گزيٽئر ص. 9- ڪزنس ص. 151، وغيره.

(1)  952- 61- 1013.

(2)  ڊسثرڪ گزيٽئر، ص 59.

(3)  تحفة الڪرام، مخدوم امير احمد، ص 27 .

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org