سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :16

لغت ۾ ”مُلا“ جي معنيٰ کڻي ڪهڙي به آهي، پر هن وقت جنهن معنيٰ ۾ لفظ ”ملا“ استعمال ڪيو وڃي ٿو، ان جو اوهان کي بخوبي اندازو آهي. نموني طور مثال حاضر آهي. منهنجي هڪ دوست وٽ ”عابده پروين“ جي هڪ مجلس جي ڪيسٽ ڀريل آهي. ان ڪيسٽ ۾ مذڪور عورت، مٿيان شعر ڳايا آهن ته سڄي محفل ۾ کلڪار ۽ واهه واهه جو آواز ٻڌجي ٿو ۽ دوباره انهن شعرن چوڻ جي فرمائش ڪئي وڃي ٿي، ۽ عورت به گلو ڦاڙي، داد حاصل ڪرڻ ۽ تاڙين ٻڌڻ لاءِ زور سان ڳائي ٿي ۽ هڪ اهڙو تاثر. ملا، مولوي، عالمن ۽ قرآن جي حافظن بابت ٿئي ٿو. جو غير مسلم به هوند شرمائجي وڃن ۽ ايئن محسوس ڪن ته شاهه سائين هٿ وٺي ملن سان عداوت سيکاري آهي، پر مسلمانن کي ڪو خيال ڪونهي، ان وقت وڏا ٽهڪ ڏيئي کلن ٿا!

ٻڌجي ٿو ته علامه دائود پوٽي ۽ قاسمي صاحب انهن شعرن جي تحقيق لاءِ قلم کنيو هو، پر خبر ناهي ته ڇا ٿيو ۽ اهي شعر ڪنهنجا ٿيا؟

هاڻي خدارا اوهان کي عرض آهي ته انهن شعرن بابت مڪمل تحقيق ڪيو.* هن جهالت جي دور ۾ مسلمان عالمن ۽ حافظن کي اهڙي حقارت ۽ بي عزتي کان نجات ڏياريو.

پيارا سائين، انهن شعرن جي تحقيق ڏانهن جو اشارو، در محمد ڪمال 15 نومبر 1980ع جي اخبار ڪاوش حيدرآباد ۾ به ڏنو آهي. ان مضمون جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي به موڪليان ٿو.

سائين، مهرباني ڪري! ان بابت جواب تحرير ڪندا ته اهي شعر واقعي شاهه سائين جا آهن يا نه؟

جيڪڏهن شاهه سائين جا شعر نه آهن، ته پوءِ ان لاءِ ڪهڙو دليل آهي؟ اميد ته عرض با غرض ٿيندو ۽ تحقيقي جواب جي عنايت ڪندا. اوهان جو مخلص ۽ اوهان جي محبت رکندڙ.      

- عبدالرسول قادري بلوچ

....2....

* مورخ 9 جنوري 1988ع، مجيد ڪيريو، تعلقو سڪرنڊ

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته،

پيارا سائين، اوهان سان پهريون ڀيرو حيدرآباد ۾ ملاقات ڪري تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي ۽ ويگن ۾ پڻ اوهان جي پياري گفتار ۽ نصيحتون تمام وڻيون. ان بعد حمل فقير تي اوهان جي ملاقات ۽ مختصر تقرير به دلي سرور بخشيو. اوهان جنهن نموني محبت ۽ اخلاق سان مليا، منهنجي عزت ۽ همت افزائي ڪئي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو ڪتابه بورڊ طرفان منظور ڪرايو انهن سڀني ڳالهين مونکي اوهان جو زر خريد بڻائي ڇڏيو آهي ۽ رات ڏينهن اوهان لاءِ دل سان دعائون ڪري رهيو آهيان. البت اوهان جي علمي لائبريري ڏسڻ جي حسرت دل ۾ رهجي وئي، انشاء الله وري ڪڏهن اوهان جي ڪتب خاني جي زيارت ٿيندي.

جيئن  مون ايم. اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي آهي، ان ڪري اوهان صلاح ڏني ۽ همدردي طور فرمايو هو ته آءٌ پي. ايڇ ڊي لاءِ درخواست ڏيان ۽ انهن کي لکان ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب منهنجو سونهون مقرر ڪن. ان باري ۾ منهنجي رهنمائي ڪري ان جو طريقه ڪار لکندا ته ان تي عمل ڪري ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي – سوانح حيات ۽ علمي خدمات“ عنوان تي تحقيق ۽ مواد گڏ ڪيان. مونکي اميد آهي ته اوهان جيئن اڳ ۾ ”لطائف لطيفي“ ۽ ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي“ ڪتابن بابت رهبري ڪئي آهي. تيئن هينئر به ان ڪم ۾ رهنمائي ڪري ٿورائتو ڪندا. دعاگو.                          – عبدالرسول قادري بلوچ

....3....

* مورخ 28 مارچ 2005ع، سڪرنڊ، ضلع نوابشاهه

عزت مآب محترم سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

پيارا سائين! مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمت الله عليه جي ٿيسز کان پوءِ سندس ڪتاب ”حديقة الصفافي اسماءِ المصطفيٰ“ صلي الله عليه وسلم شايع ٿيو هو. ٻئي ڪتاب سائين جن جي خدمت ۾ سوکڙي طور ٽپال ۾ موڪليا هئم.

هينئر مخدوم ٺٽوي جو ڪتاب ”النور المبين في جمع اسماءِ البدريين“ ڇپيو آهي. تحفي طور خدمت ۾ حاضر آهي. محمد هاشم ٺٽوي ٿيسز بابت تازي ”مهراڻ“ بهار 2005ع ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جو تبصرو به ڇپيو آهي.

الله ڪندو ته حضورﷺ جي صدقي صحت سلامت ۽ باعافيت هوندا ۽ علم و ادب جي خدمت جاري رکندا.

تازو قلم! انعام شيخ سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ”منشور الوصيت“ سنڌي ترجمو اشاعت لاءِ چيو آهي. ان کي مسودو موڪليو اٿم. اوهان مهرباني ڪري کيس تاڪيد ڪري يا ميٽنگ ۾ چئي، منشور الوصيت ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرائيندا ته احسان مند رهندس. الله تعاليٰ اوهان کي شاد آباد رکي! خيريت جا ٻه اکر لکندا ته دلجاءِ ٿئي.

- عبدالرسول قادري بلوچ

محترم ڊاڪٽر عبدالحي ابڙو

اسلام آباد (14 فيبروري 2004)

قبله سائين ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته، نوازش نامون ۽ انڊونيشيا مان لکيل خط جي ڪاپي پهتي. لک ٿورا! انشاء الله شايع ٿيندو. رهاڻ 4 ۾ به انڊونيشيا بابت ڄاڻ جي وڏي کاڻ آهي. هن ڀيري سوچيوسين ته خيرپور يونيورسٽي واري ڪانفرنس ۾ توهان جي ڪيل تقرير هلايون جنهن ۾ وڏا نڪتا آيل آهن. اها ٻارن جي رسالي ۾ هلايل آهي، جيڪڏهن ان ۾ ڪا گهاٽي واڌي يا چڪون هجن ته عنايت فرمائي ان جي متن جي صحيح ۽ معياري ڪاپي موڪلڻ فرمائيندا.

اٿارٽي جو نيوز بليٽن ۾ اها خبر پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ته سائين جن ”سنڌي لغات“ تي نظرثاني وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. اها تمنا وڏي عرصي کان هئي. هردم دعاگو آهيون ته شال اهو ڪم توهان جي هٿان سهڻي نموني جلد توڙ رسي!

”السند“ جو ايندڙ شمارو نمبر 100 هوندو. ان کي خاص نمبر ڪري ته شايع نه ڪري سگهبو، پر ان موقعي تي شايع ٿيندڙ پرچي ۾ (خواهش آهي) ڪي دلچسپ ۽ نهايت معلومات افزا ليک ڏجن. قبله سائين جن پنهنجا يا ڪي ٻيا مضمون تجويز ڪري ۽ ان ڏس ۾ تجويزون عنايت ڪري سگهو ته اها وڏي مدد ٿيندي، جنهن جي روشنيءَ ۾ ان پرچي کي سهڻي نموني آڻي سگهبو.

(سائين، توهان جي مصروفيتن ۽ قيمتي وقت جو پورو احساس آهي، انهي جي مدنظر توهان لاءِ ڪا موٽ ڏيڻ ممڪن نه آهي هجي ته اسان ان کي بلڪل محسوس نه ڪنداسون) – دعاگو، عبدالحي ابڙو

محترم حاجي عنايت الله زنگيجو

ڪنري، ضلعو ٿرپارڪر (1971 – 5 – 28)

بخدمت جناب ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم ورحمت الله، سائين! مونکي توهان جي قلم سان قرب آهي. ملاقات جي شرف جي تمنا گهڻي وقت کان سانڍيندو پئي آيس. پر اوهان جي شان ۽ اسان جي حيثيت جي فرق ملڻ جو موقعو ڪونه ڏنو. ڪتاب ”لاڙين جون لاتيون“ روبرو پيش ڪرڻ چاهيم ٿي مگر توهان جي مخالفن طرفان مون تي هڪ غلط اثر وهاريو ويو ته جنهن فن تي ڊاڪٽر صاحب پاڻ لکندو آهي، انهيءَ تي ڪنهن ٻئي جي چڱيري تصنيف کي به مستحق نگاهه سان نه ڏسندو آهي ۽ ڪنهن با صلاحيت مگر غريب کي نوازڻ جي حق ۾ نه هوندو آهي وغيره وغيره.

مگر جڏهن نهٽي ۾ نون صاحب جي فرزند جي شاديءَ تي توهان سان پهرين ملاقات ٿي ته تف چيم انهن ڪينه پرور ۽ بد باطن حاسدن کي، جيڪي جڏهن پاڻ ڪجهه نٿا ڪري سگهن ته ٻئي جي ڪئي تي سهنور ڦيرڻ کي ڪار خير بلڪ عين عبادت سمجهندا آهن.

ڪرم فرما! توهان منهنجي جڏي ڦڏي تصنيف کي ساراهي مونکي مبارڪ ڏني ۽ جنهن قرب ۽ شفقت سان پٺي ٺپري اٿو، تنهن منهنجيون همتون وڌائي ڇڏيون آهن.

بهرحال سائين! صفا سُپ – تاريو ماستر آهيان، جنهن کي ڦاٽڪ وارو به ڪونه سڃاڻي. جي بنده نوازي ڪري ڪنهن طرح يونيورسٽيءَ ۾ کڻائي ڇڏيوم ته دعا جي صورت ۾ احسان لاهيندو رهندس. وڌيڪ ايترو به ٿيندو، جو توهان جي هڪ عقيدت مند ۽ هڪ اسلامي ذهن جو يونيورسٽي ۾ واڌارو ٿيندو.

- تابعدار، عنايت الله زنگيجو

....2.....

* مورخ 3 اپريل 1973ع، شعبو سنڌي ڊگري ڪاليج ناظم آباد ڪراچي

سائين! ادب ۽ ناز،

خدمت ۾ عرض هي آهي ته الله جي فضل ۽ توهان جي همٿائڻ سان، مرحوم ”قاضي سلطان مومن“ تي سو کن صفحن جو ڪتاب لکي مڪمل ڪيو اٿم؛ جو اميد ته توهان کي پسند ايندو.

نهايت احسان مند ٿيندس، جيڪڏهن ڪتاب نظر مان ڪڍڻ جيترو وقت ڏيندا ۽ پسند پوڻ جي صورت ۾، پيش لفظ جي ٻن اکرن سان، منهنجي جڏي ڦڏي ڪاوش کي مُلهائتو ۽ مانائتو ڪندا. ٻيو ته مونکي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ جڳهه ملي ويئي آهي، هاڻي اُميد ته لکڻ جو سلسلو جاري رهندو. توهان جي رهبري، رهنمائي ۽ عالمانه نظر مونکي اڳتي وڌڻ ۾ ڏاڍي مدد ڏيندي.

- عنايت الله زنگيجو

....3....

* مورخ 21 اپريل 1973ع، ڪراچي

مخدوم معظم سائين ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم ورحمة الله، ڪرم نامو مليو، جنهن لاءِ تمام گهڻو شڪر گذار آهيان. سائين! مرحوم قاضي سلطان مومن مهراڻي جي هڪ عظيم شخصيت هو. هو مسڪيني حال مان محنت ۽ ديانت جي ٻن سونهري اصولن جي آڌار تي اوج رسيو پر طبيعت جو آخر وقت تائين مسڪين رهيو. سندس باري ۾ مون هڪ هنڌ لکيو آهي:

”الله تعاليٰ جو ڏنو سڀ ڪجهه: ڪم نيڪيءَ جا؛ لباس سادڙو ۽ چال چلت فقيراڻي“ اهو خاڪو آهي، جنهن مان سائينجن هن نيڪ مرد بابت راءِ قائم ڪري سگهن ٿا، سندن خدمتن جي لسٽ طويل آهي.

2 – ٻي خاص ڳالهه ته قاضي صاحب جي اولاد ۽ عزيزن قريبن جي بيان ۾ حاجي محمد ابراهيم مومن جو ذڪر قاضي صاحب جي احوال جيترو يا اڃا به ٻه ٽي رتيون سرس ٿيو آهي. حاجي ابراهيم، ٻيو مسڪين جهان خان کوسو اٿو. هن لاءِ مون لکيو آهي ته ”ماڻهو خدمت جي بهاني پنهنجا گهر ٺاهين، پر هن مولائي پنهنجو گهر پنهنجي ملڪيت ۽ پنهنجي صحت سڀ ڪجهه خدمت تان قربان ڪري ڇڏيا.

3 – ڪتاب مون پريس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، مسودو مڪمل ٿيڻ تي، سائينجن وٽ کڻي ايندس، نظر مان ڪڍي پوءِ پيش لفظ لکڻ جو احسان فرمائجو. جي حڪم ڪريو ته اڳ ۾ حاضر ٿيان. جي پرپٺ لکڻ مناسب لڳي ته به اکيون ٿڌيون. پيش لفظ لکڻ قبول فرمائي توهان مون تي وڙ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ احسان منهنجو همتون وڌايون آهن. هميشه لاءِ توهان جو عقيدتمند.

- عنايت الله زنگيجو

محترم عبدالقادر قادري کٽي

ميرپور بٺورو

محترم سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: احوال ته آئون اوهانکي روانو ڪري سجاول ۾ رهي پيس، ۽ شاهه صاحب جي تمام گهڻي ڳولها ڪيم ۽ جيڪي شاهه ڪريم جا سيد مريد هئا، انهن کان به پڇا ڪيم پر ڪنهن کان به معلوم نه ٿيو ته شاهه ڪريم جي خاندان مان سجاول ۾ ڪي سيد رهن ٿا. ۽ مونکي انهن سيدن جي نالن جي خبر نه هئي جو کڻي پڇا ڪريان. اوهان نالو ٻڌايو هو ته ڪريم ڏنه شاهه يا ڪو ٻيو نالو هوندو. پر صرف هڪ سيد نالي عبدالرزاق شاهه اهو ٻڌايو ته ڪريم ڏنو شاهه، صاحب ڏنه شاهه جو رشتيدار هو. جيڪو ميان ملوڪ جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. جنهن کي وفات ڪئي 15 يا 20 سال ٿيا آهن، ۽ ان جي پٽ کي به ڪافي عرصو ٿيو جو وفات ڪري ويو. جنهن جو نالو هو نور محمد شاهه. نور محمد شاهه جو اولاد آهي جيڪو انهيءَ ساڳي ڳوٺ ۾ رهن ٿا پر انهن کي ڪابه خبر نه آهي، ان کانپوءِ ٻئي  ڏينهن تي شاهه ڪريم ويس توهانجو نياپو کڻي استاد ابراهيم جي لاءِ پر اهو نه مليو. خبر پئي ڪنهن دعوت تي ويل آهي. آئون سندس دڪان تي توهانجو نياپو ڏيئي پوءِ ويس درگاهه تي.

درگاهه جي خليفي سان ملاقات ٿي ۽ ان کان به پڇا ڪيم پر ان به اها ساڳي ڳالهه ٻڌائي جيڪا عبدالرزاق شاهه ٻڌائي. هن ٻڌايو ته ڪريم ڏنو شاهه سائين صاحبڏني شاهه جو سوٽ هو. باقي گادي تي سائين ڪڏهن ويٺو انجي خبر سائين جي پوٽي سائين منير شاهه کان پوندي جيڪو ويل آهي ڪراچي ميلي تي، ايندو پوءِ ان کان خبر پوندي.

سائين توهان ٻڌايو ته ڏهين تاريخ تي جاتي شهر ۾ ادبي ڪانفرنس آهي جتي توهان ايندا. منهنجي راءِ آهي ته 10 اپريل تي توهان ڳوٺان ٿورو سوير نڪرو ۽ اچو ديوان مل تي، مل گهمي پوءِ هليا وڃو جاتي. ڇو ته هي ئي رستو آهي جاتي وڃڻ جو ۽ ٻيو رستو سجاول کان آهي. سلام سڄي سنگت جا قبول ڪندا.

- بنده، عبدالقادر کٽي

محترم ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

وارهه، ضلعو لاڙڪاڻو

محترمي و مڪرمي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: گذارش ته اوهان الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان خير و عافيت سان هوندا. آمين.

احوالن عرض ته مون کي فقير شير خان جتوئي شائق ۽ مولوي حاجي عبدالله ولد محمد سومرو (ڊکڻ) (ڳوٺ الهه رکيو جلباڻي ۽ ڳوٺ جوڻاڻي)، جن جو ڪلام گهربل آهي، ڇو ته مون پنهنجي لوڪ شاعرن جي ڪلام، اوهان جي لوڪ ادب جي سهيڙيل ڪتابن ۾ پڙهيو آهي. اهڙن ڪتابن ۾ ڇپيل ڪلام کان علاوه اوهان وٽ قلمي حالت ۾ به ٻنهي شاعرن جو ڪلام گهڻو ئي هوندو. مهرباني ڪري هن بنده ڏانهن مذڪور شاعرن جو ڪلام فوٽو اسٽيٽ ڪرائي، وي پي ذريعي موڪلڻ جي نوازش فرمائيندا ته عين عنايت ٿيندي.

فقير شير خان جي ڪلام ۾ اوهان سنڌي ڪافيون جلد – ص 971 تي درج ڪيو آهي ۽ فقير صاحب جي هڪ قلمي نسخي جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ فقير صاحب جون 322 ڪافيون ٻڌايون آهن. ان سان گڏ ٻين شاعرن جو ڪلام به درج ٿيل آهي.

هي بندو ٻنهي شاعرن جو ڪلام سهيڙي رهيو آهي ۽ ان ڏس ۾ ڪجهه اڳڀرائي به ٿي آهي. جنهن لاءِ اوهان صاحبن جي مدد جي به اشد ضرورت آهي. ان ڏس ۾ اميد ته پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ڪري مدد پڻ ڪندا ته احسان سمجهندس. لک لائق اوهان جا.

- علي اڪبر اسير قريشي

....2....

* مورخ 22 مارچ 2005ع، جناني شريف

محترمي و مڪرمي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: اوهان جو نوازش نامو تاريخ 18 – 3 – 2005 موصول ٿيو. جنهن لاءِ وڏي ڪرم نوازي.

احوال ته مون اوهان ڏانهن فقير شير خان جتوئي شائق ۽ مولوي حاجي عبدالله ڊکڻ جي ڪلام متعلق لکيو هو، جنهن جي جواب ۾ اوهان لکيو آهي ته ”مون وٽ انهن جو ڪلام موجود ناهي.“

اوهان جا ترتيب ڏنل لوڪ ادب جا ڪتاب پڙهيا اٿم، جن ۾ اوهان ٻنهي صاحبن جو مختصر ذڪر ڪيو آهي ۽ سندن ڪلام به نموني طور پيش ڪيو آهي. فقير شير خان جي ڪلام متعلق اوهان لکيو آهي ته فقير جو هٿ اکر لکيل بياض 1940ع ڌاري قلمبند ڪيو ويو. جنهن ۾ فقير جون 322 ڪافيون ۽ سچل، خوش خير محمد هيسباڻي، گروهڙي صاحب جي پيشنگوئي ۽ رضا محمد وغيره بيت ۽ ٻين شاعرن جون ڪافيون درج ٿيل آهن. (ڏسو سنڌي ڪافيون جلد ٻيو، ص 971)

هي ته ٿيو فقير شير خان جتوئي شائق جي ڪافين بابت احوال، ان کان علاوه مولوي حاجي عبدالله ڊکڻ جو به ڪلام لوڪ ادب سلسلي جي ڪتابن ۾ شامل ڪيو آهي.

- علي اڪبر اسير

محترم عنايت الله شاهه

چوٽياريون شريف، سانگهڙ (2005 – 3 ....)

بخدمت جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته، احوال جناب ڊاڪٽر صاحب بعد از سلام جي عرض هي آهي ته الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان توهان جون علمي دنيا ۾ ڪافي ساريون خدمات آهن، خصوصاً سنڌ ڌرتيءَ جي عالمن ۽ مشائخن جي ڪتابن متعلق انهيءَ سلسلي ۾ توهان ئي پهريان شخص آهيو، جو حضرت ميان محمد مبين رحمت الله تعاليٰ جن جي باري ۾ معلومات گڏ ڪري پيغام رسالي ۾ توهان مضمون شايع ڪرايو ۽ حضرت ميان صاحب جن جي فيض متعلق ڪافي ڪجهه توهان لکيو انهيءَ سلسلي ۾ توهان چوٽياريون شريف به آيا هئا ۽ ميان صاحب جن جي اولاد سان توهان ملاقات مدينه طيبه ۾ ڪئي هئي ۽ شايد توهان ڪجهه ڪتاب به مين صاحبن جا گڏ ڪيا هئا گذريل رمضان المبارڪ ۾ منهنجي ناني سيد مريد علي شاهه صاحب جن جو لاڏاڻو ٿيو آهي، هاڻي اسان ميين صاحبن جي انهيءَ علمي فيض کي زندهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، توهان سان ملڻ جي ڪافي تمنا آهي ته جيئن توهان کان ڪي مفيد مشورا رهنمائي حاصل ڪري سگهون، اميد ته اسان جي مٿين درخواست کي قبول ڪري ملاقات جو وقت ڏيندا.

- عنايت الله شاهه

محترم علي نواز وفائي

وفائي پرنٽنگ پريس، ڪراچي (1984 – 5 – 30)

عزيز محترم سلامت هجو سدائين،

وعليڪم السلام: اوهان جو خط پهتو ۽ احوال معلوم ٿيو. بروقت حڪم جي تعميل ڪندي ائڊريس درست ڪئي وئي. جيئن ته اوهان صاحبن جو علم ۽ ادب، تاريخ، تحقيق ۽ تخليق سان تعلق آهي. ته اهڙي قسم جا علمي ۽ ادبي ڪتاب هميشه ئي دير مدار سان شايع ٿيندا رهندا آهن ڇو ته هر دور جو پنهنجو مزاج مقرر ٿيل هوندو آهي. اوهان صاحبن کي معلوم آهي ته هن دور ۾ علمي ادبي ڪم ڪيئن ٿي رهيا آهن، ڪير ڪري رهيا آهن ۽ ڪيئن ٿيندا رهن ٿا. گويا هي دور قلم ۽ اهل قلم جو دور نه آهي صرف بال پين جو بول بلند ۽ بالا آهي.

جناب والد سائين جا قلمي نسخا تذڪره مشاهير سنڌ نقل ڪرائي پوءِ ڪمپوز ڪرايا ٿا وڃن، اصلي قلمي ڪتاب جلد ٻڌي محفوظ ڪيا ويا آهن.

ڪافي عرصو گذري چڪو آهي جو ملاقات نه ٿي آهي، جڏهن به توهان صاحبن جو ڪراچيءَ اچڻ ٿئي ته فقير کي اطلاع ڪندا ته ملاقات ڪئي ويندي. جيڪڏهن منهنجو اسلام آباد اچڻ ٿيو ته ضرور اچي زيارت ڪندس. بهرحال پروردگار اوهان صاحبن کي شاد ۽ آباد رکي. هن طرف ڪوبه ڪم ڪار هجي ته حڪم ڪندا.

- فقير وفائي

محترم عبدالرحيم ميمڻ

ميٺا رام ھاسٽل، ڪراچي (18 – جنوري 1932)*

پيارا نبن! بعد السلام عليڪم جي واضع بادکه احوال الطرفين بکلي خيريت است. المطلب ته خط اوهان پيارن ڀائرن جو پهتو.

پڙهي پيار نامو ٿي پڪ مونکي،

سچي آهي سِڪ منهنجي نبن کي

ڀائو ڪڏهين ڪين اهو ڪج خيال،

ته مان ڪين پڇيو ڪڏهن حال احوال

هميشه ۽ هر هنڌ اوهين ياد آهيو،

قادر جي ڪرم سان شل سڀ شاد ٿيو

شب وروز مدرسه (نوشهره) ٿو من ۾ وسي،

نڪرن دل مان دلسوز فرياد ڪي

ڪيان ڪئن مان سڀ وس صحبت جي آهه،

پئجي پلئي وئي! فرقت جي آهه،

اتي ٿو لڳي ماهه رمضان جو غلبو،

رهان شاڪر مانيٽر صاحب بي ڀلائي اسر جو،

آڻي ڏيندا ها ملائي جو وٽو،

ڪڏهين ڪين کائڻ ٿيو روح کتو،

منهنجو حصو ويندو ڇڪ تاڻ ۾ اوڀاهيو کائي،

عارب عبدالرحيم لاءِ فيض ذري نا رهائي.

محبت ۽ صحبت جا ويا هلندا ڏينهڙا

جدائي جي سياري جام وسن مينهڙا

خدا شل لطف سان منهنجي واڳ واري

اچي مان ڏسان اوهانکي سنڀالي ساري.

امتحان اسانجي ڪمائي سڄي جو،

ٻاويهين فيبروري جي ٿي بحال ويو،

دعا سان مسافر کي هردم ياد ڪج،

فتح جو وسي مون مٿان گنج گنج،

خانڻ کي به خوب ڏج منهنجا سلام،

چئيس ڪوڙا ڪاڏي ويا سنداتو سلام.

ساري سنگت کي ساري ڏج سلام،

غلام صديق جو به مسڪين آهي غلام.

- عبدالرحيم ميمڻ

....2....

* مورخ 29 جون 1939ع، ڀيان ضلع دادو

السلام عليڪم ورحمت اللھ،

مان توھانجي محبت نامه يا حڪم نامه کان اڳئي خاص طور ڪئمپ لاءِ ڊٺڙي پهتس. ڊٺڙو ڪئمپ، سڄي سنڌ ۾ هن وقت تائين ٿيل ڪئمپن ۾ پهريون نمبر رهي. ڪم از ڪم 15 هزارن تائين اسانجي تحريڪ جو آواز پهتو.


*  خط ۾ لکيل بيت، انهن پڙهڻين سان، ”شاهه جي رسالي“ جي ڪنهن به قلمي نسخي يا ڇاپي ۾ ڏنل ناهن ۽ شاهه صاحب جي شعر ۽ فڪر جي معيار کان ڪريل آهن. مڪتب ۾ پڙهائيندڙ ”مُلا“ (پرائمري ٽيچر) تي، مفڪرن ۽ صوفين سالڪن گهڻي وقت کان تنقيد ڪئي پر اها تنقيد تعليمي نقص جي لحاظ سان هئي. شاهه صاحب پڻ ان طرح تنقيدي بيت چيا جيڪي رسالي جي مستند متن ۾ سر يمن جي داستان 3 هيٺ موجود آهن. جيڪي بيت پوءِ فرقيواريت يا جهالت سببان ”ملا“ لاءِ حقارت طور چيا ويا، تن جي شروعات هڪ اوائلي بيت جي غلط پڙهڻي سان ٿي. اهو بيت قاضي قادن جي ڪلام ۽ پوءِ شاهه جي ڪن رسالن ۾ شامل ٿيو. اصل بيت اڻ ڄاڻ طبيبن بابت هو ته:

پتو ڦٽو پيٽ ۾، وڍي مُلا ماه،

ڌائين ڏني ڌوڙ ۾، الله اوري آه.

يعني مرض اندر ۾ آهي پر طبيب پيو ٻاهرين جسم وٽان (ملا) گوشت ڪوري: يعني اڻ ڄاڻ حڪيم مٽي ۾ ٽٻي هنئي آهي، ۽ الله شل منهنجي آهه اگهائي (اوري)، هن بيت ۾ (مُلا) جي (هلندڙ)    معنيٰ (وٽان) هئي ۽ موضوع جاهل حڪيم جو هو. اها ڳالهه هڪ ته عام پڙهندڙ کي سمجهه ۾ نه آئي ۽ ٻيو ته مخالفن ان کي ملا (مولوي) جي معنيٰ ۾ ڦيرائي پڙهيو ته:

ملين مٺي ماء، جئن پتو ڦٽو پيٽ ۾،

سُڃاڻي الله، ٽٻي ڏنائي ڌوڙ ۾.

تفصيل لاءِ ڏسو ”شاهه جو رسالو: رسالي جو ڪلام“ مستند متن جلد ڏهون 1999ع، صفحو 265. نبي بخش

*  محترم عبدالرحيم ميمڻ، نوشهره مدرسه ۾ ڇهون درجو پڙهندو هو جڏهن آءٌ 1939ع ۾ پهرئين درجي ۾ داخل ٿيس. نهايت خوش طبع ۽ همت وارو هو ۽ مون هن کي پنهنجو وڏو ڪري سمجهيو. هو 1931ع ۾ ڪراچي ۾ انجنيئري پڙهڻ ويو ۽ مون ڏانهنس خط لکيو، جنهن جو هي جواب ڏنائين. محترم عبدالرحيم وڏو خاڪسار ٿيو ۽ آءٌ پڻ سندس محبت ۾ خاڪسار ٿيس (1936ع). هو پوءِ چيف انجنيئر ٿيو. وڏو ذهين دلير ۽ لائق هو. رحمة الله – نبي بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org