سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :2

- محمد حنيف عاقلاڻي

محترم مختيار احمد لاشاري

ڪراچي، خط مؤرخ 10 جولاءِ1998ع

بخدمت گرامي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

اسلام عليڪم، اميد ته اوهان خوش هوندا،عرض ته والد محترم رشيد احمد لاشاري جو هڪ ڪتاب”ڪلام رشيد“گهڻي جاکوڙ کانپوءِ شايع ٿي چڪو آهي ۽ خدمت گرامي ۾ حاضر آهي. قبول ڪندا.

ٻيو ڪتاب ”لڙڪ ۽ مرڪ“ ( جنهن ۾ اوهان جا تاثرات به شامل آهن) والد محترم متعلق اديبن ۽ شاعرن جا تاثرات گڏ ڪرڻ، ضخيم هجڻ ۽ ٻين ڪيترن مختلف مسائل سبب ٿوري تاخير سان شايع ٿيندو پر انشاءَ الله جلد شايع ٿيندو ضرور. اهو منهنجو مقصد حيات ۽  Commitment آهي.

ڪتاب جي پهچڻ جو اطلاع ضرور ڏيندا ۽ ٻئي مجموعه ڪلام ”لڙڪ ۽ مرڪ“ لاءِ پنهنجي هڪ ننڍي تصوير موڪلي ڏيندا ته مهرباني.

سدائين آباد هوندا.

- مختيار احمد لاشاري

محترم خليفو محمود نوحاڻي

گولاڙچي

خدمت ۾ عاليجناب برادرم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

بعد السلام عليڪم جي عرض ته هت سڀ خير آهي اميد ته توهان صاحبن ڏانهن به رب پاڪ جي فضل و ڪرم سان خير هوندو. آمين مطلب ته ڪيترا روز گذري چڪا آهن ته توهان صاحبن جي طرف کان ڪابه خوشخبري ڪونه آئي آهي. پيارا سائين اوهان اتي خوش آهيو، پنهنجي عهدي ۾ ڀرپور آهيو پر ڪجهه غريب فقراء ڏانهن ڌيان آڻي يادگيري ڪندا وڃو. ڀٽائي صاحب جن فرمائين ٿا، سرماروي جو بيت آهي ته:

ڪڪر ڪاري ريهه، مٿان ماروئڙن جي

پسائيندم پکڙا، وسائيندم ڏيهه

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري

-

آيس اڳئين هير، ڳالهڙين ڳاٽ ڀري

پڙ ۾ پسان نه پير، ويون ڪتڻ واريون

-

مٺُ مٺُ سورن سڀ ڪنهن مون وٽ وٿاڻان

ڀريو ڪريون ڀوڻان، ويا وِهائو نڪري

-

وڌي وڻ ٿيون، ڳالهيون پيٽ ورَن ۾

پر سان مون نه ڪيو، گوشي پرين نه گڏيا

ادا سائين هي ڳالهه کٽڻ جي ڪونهي پر اهڙي پَهرَ ڪونهي جنهن سان ويهي رهاڻ ڪري دل جا ڪس لاهيون.

نيل سلامن سڄڻين لک سلامن لوءِ

پهرين چئج پرين کي پرکي چئج پوءِ

هي جوڳڻڻ ساڻ ڳڌوءِ، تنهن بندي ٿي بندگيون چيون.

هت اسان به دعا گهرندا ٿا رهون ۽ اوهان به ڀٽي صاحب جي حق ۾ دعا گهرندا رهو.

- نياز مند خليفه حاجي محمود نوحاڻي

 

محترم مير حسن نون

نهٽه، تعلقو عمر ڪوٽ

محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بزرگوار،

السلام عليڪم، جي واضح هجي ته منهنجي والد مرحوم خانصاحب حاجي محمد اسماعيل خان نون ڳوٺ نهٽه ۾

تاريخ 23 جنوري 1974ع جي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. خدا ڪارڻ سندن فاتحه خواني جي ماني تاريخ 31 جنوري 1974ع خميس ڏينهن12 بجه منجهند جو مقرر ڪئي آهي. اوهان صاحبن کي دعوت عرض آهي.*

-  مخلص، ميرحسن

محترم شاعر محمد خان گڏاڻي

خانپور مهر، تعلقو ميرپور ماٿيلو (20 آگسٽ 1980ع)

خدمت ۾ فيض واري مڪرمي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

اسلام عليڪم:عرض ته هت سڀ خير آهي اوهان ڏانهن به الله تعاليٰ خير ڪيو هوندو. مطلب احوال هن ريت آهي.

جنوري ۾ اوهان صاحبن سان حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي. اوهان صاحبن مون کي حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي مزار به گهمائي هئي. اوهان جي وڏي مهرباني. ان کانپوءِ اوهان جو ڪوبه خط وغيره ڪونه آيو آهي. اڄ اوهان سان مخاطب آهيان.

ملاقات کان پوءِ اوهان جي مهرباني سان مون مسڪين کي 7 مهينا وطيفو 500 رپيا ماهوار جي حساب سان 3500 رپيا برابر مليا جولائي کان وٺي يعني جولائي ۽ آگسٽ ٻه مهينا انتظار ۾ گذري رهيا آهن. اگر اهو وظيفو بند ٿي ويو ته شايد منهنجو بچڻ مشڪل آهي. اگر وظيفو شروع ٿي ويو ته پوءِ گيهل ڪري ڪجهه وقت زندهه رهنداسين.

- محمد خان گڏاڻي

محترم محمد عمر مجاهد

قائد اعظم روڊ، جيڪب آباد (18 سيپٽمبر 1974ع)

 

محترم جناب بلوچ صاحب،

اسلام عليڪم: اوهان جي سنڌي علمي ميدان ۾ جدوجهد کان نهايت متاثر آهيان ۽ دعا ٿو ڪريان ته اهڙا مانجهي مرد سنڌ جي سرزمين ۾ پيدا ٿين ۽ سنڌ جي غريب، مهمان نواز، رحم دل، اٻوجهه ۽غيرتمند ستل ننڊ غفلت کان بيدار ڪري علم جي نور سان روشن ڪن. رب جا لک لک شڪرانا آهن جو هن وقت سٺي رفتار سان هي ٻيڙو منزل مقصود ڏانهن روان آهي.

عرض ته اسان جا سنڌي جوان هيٺين ڳالهين ۾ پوئتي پيل آهن، تن جي برابري ۾ آڻڻ لاءِ هن وقت سڀ کان وڌيڪ پرچار لاءِ ريڊيو، ٽيليويزن، اخبار، رساله ۽ ناٽڪ وغيرهه آهن تن ذريعي سنڌي نوجوانن ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جو شعور پيدا ڪيو وڃي. جيئن اسان جا سنڌي ڀائر ٻين پاڪستاني ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وطن دشمن جي لاءِ آهني ديوار ٿي بيهن ۽ اسان جو هن ڏس ۾ ڪنڌ مٿي ٿئي. اسان هن ۾ تمام پوئتي پيل آهيون.

ٻيو ڳوٺ يا شهر ڇڏي نوڪري يا واپار ڪرڻ، علم پرائڻ لاءِ کين سهولتون ڳوٺن ۾ مهيا ڪرڻ ۽ ان تي نظر داري ڪرڻ هن ميدان ۾ اسان جا وڏيرا ڪڏهن به نٿا چاهين ته هو علم حاصل ڪري نوڪري ۾ يا لياقت سبب هنن جي روبرو مٿي ويهن، هو کين هيٺ ويٺل پسند ڪن ٿا ۽ اڻ سڌي طرح هنن کي ناڪام بڻائين ٿا. سو وڌيڪ اوهان خود داناءَ آهيو اسان جو فرض عرض ڪرڻ.

- محمد عمر مجاهد

محترم محمد صديق سومرو ميهڙائي

گهوٽڪي (3 ڊسمبر 1974ع)

محترم جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب

اسلام عليڪم: اوهان جو نوازشنامو پهتو. اوهان صاحبن تي الله پاڪ جي رحمت هجي جو اوهان سنڌي معاشري جي عزت کي وڌائي هن ”ساڻيهه جي سينگار“ واري پروگرام کي ريڊيوپاڪستان حيدرآباد مان 9 بجي کان 10 بجي تائين آندو آهي. سنڌ جي سگهڙن، اديبن، بهترين شاعرن، دانشورن کان سنڌ جي ثقافت کي زور وٺايو آهي. جنهن ۾ سنڌ جا نامور سگهڙ ان کان سينگار حضرت رسول ڪريم صه جي شان ۾ ڏور جا بيت، ڳجهارتون ۽ مولود خواني ڪرائي سنڌ جو نانءَ نشان بلند ڪيو آهي. اوهان جي انهي هلايل هلچل مان ڪيترا بهترين فنڪار، راڳيندڙ، سگهڙ، اديب اچي انهيءَ رٿيل پروگرام کي وقت جي نزاڪت آهر تمام ڪامياب بڻايو آهي.

هاڻي اوهان مرد مجاهد کي عرض آهي ته اهڙيو ڪچهريون ساڻيهه جو سينگار واري وقت ۾ بهترين فنڪار ۽ راڳيندڙ کي پهرين فرست ۾ ڳائڻ وڄائڻ جو موقعو ڏيندا. درويشن جي درگاهن تان ڪيترا پانڌيئڙا هٿ ڪري سندن فن جو مظاهرو ڪرايو. جهڙوڪ شاهه عنايت جهوڪ شريف جي متولي صاحب جي مدد سان، سيد چيزل شاهه جي فقيرن کان صوفياڻه ڪلام، انور سائين جهانپور تعلقي گهوٽڪيءَ مان

صوفياڻه ڪلام جا بهترين ڳائيندڙن کي دعوت ڏئي پروگرام کي ڪامياب بڻايو. ان کانسواءِ مولوي سڳورن کي اسان پاران التجا ڪريو ته هو اسان جي ڪيل فرمائش مطابق مولود شريف پڙهن.  مولوي صاحبن کان اوٺاڻيون چوائجن، جيڪو سنڌ ۾ بهترين فن سماع بابت آهي. ان کانسواءِ آئون عرض ڪندس ته اوهان جي لکيت مطابق گهوٽڪي تعلقي ۾ سگهڙن مان هڪ ماڻڪ گڏاڻي آهي جو بهترين سگهڙ پڻ آهي ۽ باگو ڊهو مان هڪ صوفي فقير سومرو صاحب آهي، ان کي انهيءَ پروگرام ۾ پڻ شامل ڪرڻ لاءِ عرض رکجي ٿو. اوهان جو دعاگو.

- محمد صديق سومرو ميهڙائي.

محترم آخوند محمد حسين

مختيار ڪار سنجهورو (1مارچ 1947ع)

منهنجا پيار مسٽر نبي بخش خان،

اسلام عليڪم: اوهان صاحبن جا ٻئي خط پهتا ( نيويارڪ مان) اهي ٻئي خط ته نه هوا مگر هڪڙو هڪڙو سبق هو. انهن مان پهريون خط ته مسٽر مولابخش کڻي ويو، باقي ٻيو خط اخبار ۾ شايع ٿيڻ لاءِ ڏئي ڇڏيو اٿم، سواءِ خانگي احوال جي اميد ته اوهان صاحب خوش خورم هوندا. سانگهڙ ضلعي جي تعمير خواهه جدا ٿيڻ جو ڪم زور شور سان چالو آهي. مسٽر جي ٽامڪنس ان جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ رجسٽرار ۽ ڪليڪٽر صاحب مقرر ٿيو آهي، جدا ڊي ايس پي ، مقرر ٿيو آهي. اميد ته پهرين اپريل 1947ع اهو مڪمل ٿي ويندو ۽ پوءِ اوهان صاحبن لاءِ وڌيڪ احوال عرض رکيو ويندو. هت مسلم ليگ زور آهي، سڀ بل بنا مخالفت جي پاس ٿي رهيا آهن، سنڌ يونيورسٽي بل به پاس ٿي ويو، ڪانگريس ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا. اهڙي طرح لئنڊ ائلينيشن بل به اميد ته پاس ٿي ويندو. پوءِ ته ويتر حشر ڪندا اخبارن ۽ ٻين طريقن ذريعي، مگر مڪمل پاڪستان سنڌ ئي پهريان هٿ ڪيو آهي، جو اميد ته چالو رهندو. الله سائين جل شانه شل حياتي ڏئي اسان جي سر صاحب ۽ ٻين جي طمع ميمبرن صاحبن کي ته پوءِ وڌيڪ سڌارا ٿيندا. پر ڪهڙا ويهي سور روئجن پنهنجن ڀائرن جا جن کي سواءِ ڪافرن جي ڪوبه رزاق ڪونه ٿو سمجهي ۽ نه ستار ئي مٿن ڪو رحم جو ڦيرو ڪري ٿو. هن وقت اوهان ۾ اسان جون اکيون آهن ته اچي ڪا علم جي شروعات ڪيو ۽ وساڻل ڏيئو وري ٻاري مشل روح تي ڪو ڦيڻو پڙهي بجليءَ جي وسيلي منجهه روح ڦوڪي وري جياريو.

- بنده، محمد حسين.

محترم آغا محمد اسماعيل

جيڪب آباد، خط مؤرخ 1- 2004ع

مانوارا سائين جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

بعد گهڻن نياز ۽ سلامن جي ڪتابڙو ”سنڌوءَ جو عقيدو ۽ قديم سنڌ جي ڪوشاني حڪمرانن جي ڪارگذاري“ خدمت ۾ ادب ۽ احترام سان، سندن رهنمائيءَ جي لاءِ درخواست سان گڏ پيش ڪري رهيو آهيا.

        جيئن جو سائين جن کي نيڪ روشن آهي ته سنڌ جي تاريخ جون ابتدائي ڇهه صديون تاريڪ رهيون آهن، تنهن دور جون ڪي ڳالهيون خادم جي مطالعي ۾ آيون تن کي هن ڪتابڙي جي صورت ڏني وئي آهي.  حالانڪ سنڌ جي تاريخ جي ان دور جي ڳولا ڪرڻ هر هڪ سنڌي خواندهه فرد جي مادري وطني فرض آهي. پر اهو ڪم ڪنهن به هڪ انسان جي اڪيلي سر وس جي ڳالهه ئي نه آهي. تنهن ڳنڀيرتا جي پيش نظر سائين جن کي برک عالم ڄاڻندي سهڪار لاءِ درخواست گذار آهيان. تنهن قديم دور جو احوال لکڻ جي ڪوشش ورتي اٿم. تنهن کي تاريخ ته  چئي نه ٿو سگهان البته تاريخ نويسن کي مواد ميسر ڪرڻ چاهيان ٿو. مطالعو جاري اٿم. اميد ته اوهان جي گران قدر رهنمائيءَ سان ان ڪم کي صحيح ڏس ۾ اڳتي وڌائي سگهبو.از راهه ڪرم ان موضوع تي ڪو ڪتاب يا ليک تجويز ڪري يا پنهنجي ڄاڻ کان آگاهه فرمائي حوصله افزائي فرمائيندا. اوهان جو موڪليل احوال اوهان جي نالي سان ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويندو.


*  مرحوم نون منهنجو پيارو دوست ۽ منهنجو محسن هو. هي خبر مون لاءِ هڪ وڏو صدمو هئي. آئون ويس پر اتي به ڏک جهلي نه سگهيس ۽ راڄن آڏو اوچنگارون ڏئي رنس. بي وس هوس! بس بي وس هوس! نبي  بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org