سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :21

- حاجي عمر بيگ

حاجي عبدالرحيم ڀواٽا

وايه چوهٽن، ٻاهڙ مير (راج) 1962 – 10 – 6)

مشفق مهربان عزيزن کان عزيز،

السلام عليڪم: احقر هميشه کان هتي جوئي رهاڪو آهي. في الحال تندرست آهيان ناچيز پاڻ اهڙيءَ لکڻ لاءِ، سوچي رهيو هو ته اوهان جو مڪتوبه گرامي موصول ٿيو.

غلام کي ادبي بورڊ جي مختصر موٽ ملي آهي. جنهن مان اوهان جي ايڊٽ ڪيل ڪتابن جو پتو پوي ٿو. ٻيو ڪالهوڪي (منهنجي مهربان رئيس امام علي خان لغاري جي) خط مان به اهڙو پتو پوي ٿو. منهنجي دلي راءِ آهي ته اوهان جي هڪڙي ساعت ۾ جيڪي سنڌي ساهت کي ملي رهيو آهي. اهو آدم کان وٺي اڄ تڪ جي طويل عرصي ۾ به شايد مليو هجي!

اسان وٽ به سنڌي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا بيڪانير ٻاڙمير وغيره ۾. هاڻي شهرن ۾ به آيل هندو سنڌيءَ ڳالهائين ٿا. ناچيز سان ملن، مولوين جي سخت مخالفت هئي، پيرن جي به. جيئن تيئن ڪريو مس مس ڪٿي نه ڪٿي خانگي طرح ڪجهه مدرسي وغيره جي تڪميل ڪريان ته هو وهابي، مُرتد، دهريه وغيره جا لقب ڏيو معاملو ٺپ ڪرايو ڇڏين. ان کانسواءِ ٻيا ڪئين انهن جا آزار آهن جي پنهنجيءَ زندگي جي حالات ۾ تفصيل سان لکيا اٿم. خير هي خط نه اهڙي ڳالهين جي اظهار لاءِ آهي، ۽ نڪي اظهار ڪريان ٿو. احقر به هتي جو وکريل ادب سهيڙڻ چاهي ٿو، پر رستو ڪونهيم! ڪيئن ڪٺو ڪريان! ٻيو ڪل خير.

- عبدالرحيم

محترم مولوي عبدالوهاب چاچڙ

ماهنامه شريعت، سکر (1969 – 11 – 11)

محترمي و مڪرمي فخر سنڌ بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: عرض ته سائين جن جي وڏي مهرباني جو مصروفيت جي باوجود مضمون موڪلڻ جي عنايت ڪئي. هڪ ليٽر ڀل ۾ اسان ڏانهن موڪليل مضمون سان وچڙي آيو آهي. اهو موڪلجي ٿو.

مان ٻه ڀيرا سائينجن جي جاءِ تي آيو هوم، مگر اوهان ڪراچي هئا. اميد ته سائين جن خوش و خورم هوندا. اوهانجو.

- عبدالوهاب چاچڙ

محترم عبدالغفور ڀرڳڙي

لاڙڪاڻه، (14 جولاءِ 1965ع )

محترمي و مڪرمي جناب ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: اوهان جو عنايت نامون پهتو. منهنجي لکڻ کان اڳ ۾ ئي مون کي اطلاع پهتو ته ميٽنگ ملتوي ڪئي وئي آهي ۽ 28 جولاءِ تي رکي وئي آهي. ان حالت ۾ چيئرمين صاحب يا ٻئي ڪنهن ڏانهن لکڻ جي ضرورت نه رهي.

ادبي بورڊ جي معاملات ۽ انهن بابت جيڪو بنگامو متل آهي، ان کان اوهان بخوبي واقف آهيو. ادبي بورڊ جي ڪارڪردگي بابت جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي، تنهن کي نظر انداز ڪري ردي ڪاغذن جي ٽوڪري ۾ اڇلائي نٿو سگهجي، بلڪه بورڊ جي ميمبرن کي کپي ته ان تي سنجيدگي سان غور ڪري مناسب قدم اختيار ڪيا وڃن. آئون چاهيان ٿو ته 28 تاريخ واري ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيان، بشرطيڪ مون کي ڪورٽ جي ڪم مان فراغت حاصل ٿي اهڙي صورت ۾ آئون پهريائين توهان سان اچي ملندس. اميد ته اوهين خوش هوندا. اوهانجو نياز ڪيش.

- عبدالغفور ڀرڳڙي

محترم مولوي عبدالحميد ڦل

حبيب جي وانڊ، ميرواهه، ضلعو خيرپور

مڪرم و محترم سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

بعد تسليم: عرض ته ”صوفياء ڪرام سنڌ“ جو مقصد انسانذات کان ”اناالحق“ جو نعرو هڻائڻ هيو، جنهن جو مطلب ته هر هڪ انسان قانون آ، ۽ سچ آ، اهڙي تمام غلاظت کان پاڪ ۽ صاف آهي جيڪا انسانذات لاءِ ايذاءَ ۽ رنج جو سبب آهي. هر هڪ انسان خدائي ڪلمي جي پيدائش آهي ۽ خدائي ڪلمو قانون ۽ سچ آهي. ڪامل ۽ فرمانبردار انسان کي پنهنجي پاڻ مان اهڙا هزارها ڪلما پنهنجي مالڪ جي خيال ۽ ارادي کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ظاهر ڪرڻا آهن، جيڪي انسانذات لاءِ پيار محبت سان گڏجي رهڻ ۽ امن جي دعوت هجن اهڙا ڪلما ۽ اهڙو آواز قانون آهي. اها قوم غلام آهي جنهن جي زبان ۽ آواز قانون نه آهي. انسان پنهنجي زبان مان اهڙو ڪلمو ۽ آواز يا هٿ سان اهڙو عمل نه ڪري جنهن مان انسانذات کي رنج ۽ ايذاء پهچي. اهڙو آواز ۽ عمل ملعونيت آهي. هر انسان خدائي ڪلمي مان پيدا ٿيل آهي، انجي ايذائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته جنهن وقت مظلوم ظالم جي ايذاء کان بچڻ لاءِ خدا کي فرياد ڪري ٿو ته خدا انجي ڪلمن کي ظالم جي عذاب لاءِ صورت ڏيئي ٿو، جنهن جو آخرت ۾ نالو دوزخ ۽ دنيا ۾ جهالت هوڏ تڪبر آهي.

جيڪو انسان پاڻ کي حادثي ”مختلف مادن جي ارتقاء“ جي پيدائش سمجهي، پاڻکي باطل بنائي، ٻين ۾ حق جي ڳولها ڪري ٿو ته اهو انسان غلام جاهل مشرڪ آهي پنهنجي مالڪ جي رحمت کان محروم آهي.

ھن وقت وري انسانذات کان ”اناالحق“ جو اقرار ڪرائڻو آهي. پاڻ کي انسانذات لاءِ دعا جو سبب بنجڻ لاءِ مظلوم جي ڦِٽ کان بچڻ لاءِ، ظالم جي صلاح مشوري کان پاڪ رهڻ لاءِ، هڪ اتحاد ۽ ڀائپي قائم ڪرڻي آهي. جنهنکي سڄي ڪائنات جو مظلوم ”لبيڪ“ چوي.

ان لاءِ توهانکي پنهنجي آواز ڏي متوجهه ڪرڻ لاءِ هي پنهنجا جذبات ”خيال“ توهانکي پيش ڪجن ٿا. ڇو ته هر انسان کي حق ۽ باطل وچ ۾ حد فاصل بڻجڻو آهي.

اميد ته هنن چند لفظن کي پڙهڻ کانپوءِ پنهنجي خيالات کان واقف ڪندا. اسان اوهان کي دعوت ٿا ڏيون ته اسانجو ساٿ ڏيو ته هن حق جي ڪلمن کي ڪائنات جي ڪوني ڪوني تائين پهچايون. اسانجي زندگيءَ جو هيءَ ئي مقصد رهيو آهي. پنهنجي صلاح مشوري کان اسانکي مطلع ڪندا. ناچيز.*

- مولوي عبدالحميد ڦل

محترم عزيز بلوچ

41 پيمبروڪ روڊ، لنڊن (25 مارچ 1968)

برادرم محترم نبي بخش،

السلام عليڪم، نوازش نامو اوهانجو پهتو. ڏاڍي خوشي ٿي. برابر توهانجي وڃڻ کان پوءِ هتي ڏاڍي برف پئي. شايد توهانجي وڃڻ لاءِ ترسي ويئي هئي. توهين وڏي خوش قسمتي وارا آهيو جو حرمين شريفن جي زيارت ڪري آيا آهيون، اميد ته مان ٻه هڪ ڏينهن ايها ڪماليت حاصل ڪندس، جيڪا اوهانکي نصيب ٿي آهي.

”مبارڪ باشد و باشد مبارڪ، يکي اين آست ديگر صد مبارڪ“

ڪتاب اميد ته ٻن هفتن اندر بلاڪ وڌيڪ دير جي اوهان ڏي موڪليو ويندو. ڦير ڦار ڪرڻ سبب دير ٿي وئي آهي، قاضي صاحب جي هينئر طبيعت بهتر آهي. ٻه هفته کن ٿيا ته پاڻ ۾ مليا هواسين. هينئر ڪاليج ۾ باقاعدي هر روز آهي، گيتار توهانکي ڏاڍا پيار جا سلام ٿي موڪلي. اوهانجون محفلون ته هميشه ياد رهنديون. اميد آهي ته وري جلد ملنداسون. مان پنهنجي گيتار سان ۽ صوفي سوسائٽي جي ڪمن ۾ ڏاڍو مشغول آهيان: ”رلهي ڪلهي تي، ماني راڄ تي، ڪلمو نبيءَ تي.“ وڌيڪ خير و سلام توهانجو ڀاءُ.

- عزيز

محترم سيد علي شاهه

سجاده نشين درگاهه جهانيان شاهپور (1957 – 12 – 16)

محترم عاليشان ڊاڪٽر صاحب نبي بخش خان،

بعد السلام عليڪم جي واضع هجي ته هت سڀ خير آهي، اوهان صاحب لاءِ درگاهه ايزدي تعاليٰ مان شب روز دعا نيڪ مطلوب آهيان. صورت احوال هن ريت آهي ته فقير سائين (مهدي شاهه) جن جو بياض 240 صفات مون وٽ لکيل موجود ٿيا آهن. ٻيو بياض معلوم ٿيو آهي جيڪو ڪافي آهي، مگر هٿ اچڻ مشڪل آهي جو انهيءَ زماني جا موجود انسان ڪونه آهن، اڳيان درويش فوت ٿي ويا آهن تنهنڪري به وڏي محنت ڪرڻ سان 240 صفحا گڏ ٿيا آهن.

مسڪين ٻه ٽي مهينا کن سخت بيمار هو نه ته انهيءَ وچ ۾ اوهان سان ضرور ملاقات جو شرف حاصل ڪري ها. مسڪين اوهان صاحبن ڏانهن ميلي شريف جهانيان سائين جي دعوت ارسال ڪئي هئي، مگر اوهان صاحبن کي ڪو ضروري ڪم هو جنهن وقت تي نظر نه ڪرڻ فرمائي هئي. منهنجي طبيعت ڪجهه ٺيڪ ٿي آهي ۽ اميد ته ملاقات ٿيندي. درگاهه تي غريب خانه تي اچڻ جي شفقت ڪڏهن ڪندا ته اهڙي پروگرام تي مسڪين به موجود هجي ۽ حقيقت روبرو ڪئي وڃي زياده خير.

- سيد علي شاهه

محترم عبدالڪريم سعدي

الهلال پريس، ٽنڊوالهيار (8 مئي 1966)

جناب محترم و مڪرم ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم و برڪاته، گذارش ته اڄ محترم محمد شفيع صاحب لوهر ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد وٽ ”ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر ڪميٽي“ جو دعوت نامون ڏسي بيحد مسرت حاصل ٿي. ڪميٽي جو هي مجاهدانه اعلان ته، هن سال شاهه جي ڪلام ۾ اسلامي اقدار جي عنوان تي مقالا گهرايا ويا آهن. انهيءَ ڳالهه شاهه جي شيداين ۾ خوشي جي لهر ڊوڙائي ڇڏي آهي....

آفرين باد، برين همت مردانه تو

اين کار از تو آيد، مردان چينن کنند

ڊاڪٽر صاحب، توهان يقين رکو ته سنڌ جو عوام ۽ شاهه جا شيدائي سئو سيڪڙو اوهان سان شامل راءِ آهن. اوهان جو مخلصا نه محنتون، ۽ محدود وسائل باوجود، اڻ ورچ ڪوششون قابل داد وستائش آهن.

ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر پاران ڪوٺايل اجتماعن جي سلسلي ۾ ڪا به خدمت مون کان وٺڻ چاهيو ته آءٌ پنهنجي لاءِ باعث فخر ڄاڻندس.

- عبدالڪريم سعدي


*  نوٽ: اعليٰ فڪر ۽ اعليٰ فھم، جيڪو ھڪ ”فلسفي“ ۽ عملي اخلاقي تحريڪ جو بنياد بنجي سگهي ٿو. نبي بخش.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org