سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :25

اڳئين خط جو ساڳيو احوال هي آهي ته هڪ وقت اوهان فرمايو هو ته ڪنهن به وقت ڪا ضرورت پوي ته هڪل ڪجان. هن وقت حالت سخت سقيم ٿي چڪي آهي قرضين چوطرف گهيري ورتو آهي، ازانسواءِ نياڻي به اٿارڻي آهي. نياڻي تان ڪجهه به وٺڻ ضمير برداشت نٿو ڪري، تنهن ڪري عرض آهي ته هن وقت گهڻي کان گهڻي مدد جيڪا به ٿي سگهي ڪا ڪرايو اميد ته اها اوهان کي وهي پهچائي ڏيندس. اها مدد هت پهچڻ گهرجي جو حيدرآباد پهچڻ جي به طاقت ڪانه آهي، هي عرض اميد ته ضرور درجه مقبوليت تي پهچندو.

بيت الهڏنو فقير

دنيا ۽ دولت جو ٻَل نه اٿم پر،

سڃ جي صلاح سان هي ترڪ ٿيو تر،

ڀاڳ جي ڀاڙيائي ڏسي، ڀينگ به ڪيو ڀر،

هي غريب ٿا گهر، انهيءَ طور الهڏنه چوي.

بيت غلام فقير

دنيا ۽ دولت جو اٿم دل مٿي داغ،

سَنت جڏهن سست ٿي، تڏهن ڀاڙي ٿيو ڀاڳ
بخت اچي بي ايمان ٿيو تڏهن نرين پيو نڀاڳ
وڃان جنهن وٽ ڪم لاءِ سو رڳو ٻڌائي راڳ،
سک ۽ سڀاڳ، گسايو وڃن غلام چوي.

- بنده غلام فقير ماڇي.

محترم غلام محمد لاکو

لڳ دولتپور صفن، (1991-6-25)

محترم سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: اوهان طرفان مليل ’شاهه جو رسالو‘  پهتو هو. ان جي رسيد پڻ موڪلي هئم. گڏو گڏ اوهان جي سنڌ جي آبپاشي نظام بابت انگريزي مقالي جي فوٽو اسٽيٽ لاءِ پڻ گذارش ڪئي هئم. ليڪن ڏسجي ٿو ته شايد اهو خط اوهان کي نه پهتو.

        هن گڏ مان پنهنجي تازه ترين پبليڪيشن موڪلي رهيو آهيان. اميد ته ان کي نظر مان ڪڍي پنهنجي معتبر ۽ مستند راين کان آگاهه ڪندا ته جيئن ايندڙ ايڊيشن ۾ اصلاح ڪري سگهجي.

        17آگسٽ تائين يونورسٽي موڪلن سبب بند آهي. انڪري آءُ ڳوٺ هوندس. اوهان جي خط جو پر زور انتظار رهندو.

- مخلص، غلام محمد لاکو

...........2............

مورخ 1997-3-2) دولت پور صفن

محترم سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

سدا سلامت، مهينو کن ٿيندو ته مون رجسٽرد ٽپال ۾ اوهان کي ”سمن جي سلطنت“ (نئون ڇاپو) موڪليو آهي. جيئن ته ان وقت اليڪشن ۽ پوءِ عيد جون موڪلون هيون، ان ڪري خدشو ٿي پيو آهي ته شايد ٽپال جي ڳڙٻڙ سبب ڪتاب اوهان تائين نه پهتو هجي. ڇو ته  ان بابت اوهان جو ڪو اطلاع نه مليو آهي. مهرباني ڪري ڪتاب جي پهچ ۽ پنهنجي علمي راءِ کان آگاهه ڪندا، ته خاص طرح شڪر گذار رهندس.

        تازو شاهه جو رسالو جلد ڏهون نظر مان نڪتو. مقدمت ۾ اوهان جنهن ريت ڪيڏاري تي تحقيق ڪئي آهي، منهنجي خيال ۾ هن بابت هي راءِ دنگ آهي. خدا ڪري ته مومن کي ان دل سان قبول ڪندا. والسلام.

- مخلص، غلام محمد لاکو

محترم فضل الدين شاهه

شاهه پنجو سلطان (1972-11-15)

مڪرم و محترم جناب بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: معروض آنکه توهان مهربانن جو نوازش نامه مورخ 72-10-3 جو ارسال فرمايل وقت سعيد پهتو. جواب ۾ دير لاءِ معافي طلب آهيان ۽ قصور فقط ان لاءِ ٿيو جو توهان جو فرمان هو ته نورچشم قطب علي شاهه گورنمينٽ کان ايم- ايڊ لاءِ اجازت حاصل ڪري. ڪوشش بعد مهرباني ٿي ۽ گورنمينٽ اجازت فرمائي هينئر قطب علي شاهه توهان جي خدمت ۾ اچي ٿو، اميد ته هن تي پنهنجي اولاد وانگر شفقت ٿيندي رهندي. آخر هڪ شاگرد به اولاد مثال آهي ۽ زياده ته مان توهان جي ياد لاءِ بيحد شڪر گذار آهيان ڇو ته اڄ ڪلهه ورهين جي وڇوڙي بعد ياد فرمائڻ وڏي اخلاق جو باعث آهي، ۽ مون مسڪين کي فخر آهي جو وڏي عهدي تي هجڻ بعد به مسڪين فراموش نه ڪيو ويو آهي، اميد ته تمام جلد ملاقات جي مشرف کان بنده شرف ٿيندو، اميد ته تمام جلد ملاقات جي مشرف کان بنده شرف ٿيندو، اميد ته خير و عافيت سان هوندا. السلام عليڪم جملي حاضرين جي خدمت ۾ عرض.

تازو عرض ته: قطب علي شاهه داخلا لاءِ دير سان ٿي آيو ڇو ته سندس ننڍڙيون خوش نه آهن، کين ننڍي ماتا يعني ارڙي نڪتل آهي، مگر مون کي تاڪيد ڪيو آهي، ته جلد وڃي داخله وٺي اچ.

 دعاگو

- فضل الدين شاهه

........2.......

• مورخ، 3 فيبروري 1973ع، شاهه پنجو سلطان، وايا اسٽيشن راڌڻ، ضلع دادو

محترمي و مڪرمي جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: واضح ته الحمدالله جو طرفين ڏانهن خيرت مطلوب آهي، مطلب ته توهان جون تمام مهربانيون ٿورا احسان آهن مان تمام هر وقت هر مهربانيءَ جو شڪر گذار آهيان، اميد ته توهان جو هن مسڪين ڏانهن اچڻ جو ارادو هوندو.

زياده عرض ته مان توهان کي زياده تڪليف هن طرف اچڻ جي ڏيندس مگر اهڙو موقعو هجي جو موسم خوش گوار هجي ۽ ڪجهه تحقيقات به ڪري سگهو، اهو موقع اپريل يا مئي جي پهرئين آچر تي ٿيندو، انشاءِ الله انهيءَ موقع تي چڱي طرح ملاقات نصيب ٿيندي.

ٻيو ته نورچشم قطب علي شاهه ڪجهه وقت غير حاضر رهيو آهي، جو سندس طبيعت ناساز آهي، هينئر اميد ته خدمت ۾ حاضر ٿيندو.

- سيد فضل الدين شاهه

محترم سردار فتح علي خان پتافي

ڳوٺ فتح علي خان پتافي(1969-6-7)

بخدمت عاليٰ درجت جناب ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم ورحمت الله و برڪاته، مزاج گرامي، مودبانه عرض ته، هر سال اسان کي اوهان جي زرين مصروفيات جي باوجود سال ۾ ٻه ڏينهن شرف ڪچهري لاءِ ڏنا ويندا آهن. حسب معمول هن طرف جي پروگرام ٺاهڻ جي يادگيري لاءِ عريضو ارسال خدمت آهي. حڪم احڪام هجن ته ياد فرمائيندا، سڀئي دوست السلام قبول فرمائن. فقط

- سردار فتح علي خان پتافي

محترم فولاد علي فقير شر بلوچ

ڳوٺ مينگهو فقير شر مورخ 7 رمضان

جناب فقير روشن ضمير، طالب الحق وعين اليقين، فقير نبي بخش بلوچ صاحب، سدا حق موجود، خيريت بطرفين واضح، احوال ته ڪيتري وقت کان توهان جو حال احوال ڪونه ٿو پهچي،. ڇو ايترو وسارڻ سٺو آهي ڇا؟ هي خط آڻيندڙ فقير رسول بخش کوسو بلوچ اسان جو فقير خاص طرح سان توهان ڏانهن خدمت ۾ روانو ڪجي ٿو. هن فقير ويچاري سان زماني جي ڪن ظالم ماڻهن ظلم ڪيو آهي، هن فقير جو ڪم طالب المولا مخدوم محمد زمان صاحب هٿان  ٿي سگهندو.

مخدوم صاحب بادشاهه آهي، اسان فقير ماڻهو آهيون، ۽  اوهان ڏانهن هن فقير کي روانو ڪيون ٿا. اوهان براهه نوازش هن فقير کي هڪ سفارشي خط مخدوم صاحب جن ڏانهن لکي ڏيندا.

قوي اميد ته هي اسان جو هڪ عرض قبول ڪندا هن فقير جو ڪم هڪدم ڪري ڏيندا ته احسان مند رهنداسون. ٻيو ته ڪتاب ”روح اعظم“ اڃا تائين اسان وٽ ڪو نه پهتو آهي. اسان وٽان ڪڏهن وانداڪائي ٿئي ته گهمي ڦري ويندا. ٿورو لکڻ گهڻو ڄاڻيندا. سلام مطالع ڪندا. فقير علي گوهر جي موجود نه هئڻ ڪري هي خط ٻئي فقير کان لکايو ويو آهي.      

- فولاد علي فقير شر

..........2.............

• مورخ 1378هه، مينگهو شر

ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،

جيڪي چڙهن چت تي متان لهن نه مور،

جيئن چوڙ ڪنڍي جا پور، تيئن دل واراڪي دوست سان.

محب الفقراءُ، مخلص اهل الله ميان نبي بخش فقير،

بعد از حق موجود جي واضح لائح باد، الحمدالله علي کل حال، خيريت طرفين بعافيت باد، مشهود رائي عطر پيرائي مشکه انجلائي باد، المطلب آنکه چند ايام نافر جام مفارقت جا گذريا آهن جو نه اوهان جو پيغام نه خط ڪتابت! ڪهڙو باعث ايتري فراموشي جو آهي.

مدتي شد که ميکشم بچشم، عوض سرمه انتظار بسي،

عام مسلمان عيد الفطر جي هلال جا منتظر ٿي باقيام تمام نظر جو ملاخط آسمان طرف ڪري بجذبات شوق و ذوق سان ڏسندا آهن. انهيءَ تمثال موافق اسان فقير به محبت الاهي جي دردمندن ۽ مشتاقان لقاءِ الاهي طالبان توحيد ذوالجلال جي آمدني لاءِ ايتري قدر اشتياق دلي رکندا آهيون.

ڏينهن ڪنهن من ڳلي اساڏي يار دا ٿيوي گذر

حضرت پير صاحب مرحوم روضه عارف روز گار محمد راشد رحمت الله عليه کي هڪ ملان منش ڏسي پڇيو ته: انت زاهد او عابد؟ کين جواب باصواب فرمايائون:

نه تنها زاهدم نه خشکه عابد- شڪر الله بار ندان رفيقم

ملان نا اميد ٿي ويو.

اي ڪدام آن روز گرددوي کدام آن ساعتي

تاشوم من هم نشين وهم بهم زانوء تو

درد هجران يا ما بسيار حيران ميکند،

شوق گل را عندليبي ناله افغان ميکند،

اندکه هم بسيار مشتي نمونه خروار

درد هجران بي اختيار ليل النهار مي باشد.

ٻيو خاص طرح احوال هي آهي ته ماستر محبوب علي فقير، جنهن کان بخوبي اوهان به واقف آهيو، جهڙو سندس نالو محبوب آهي، پاڻ به حسن عادات بلند اخلاقي ۾ نالي موافق آهي، ان جي محبت دلي جيڪا اسان سان حصول راهه حق لاءِ آهي، ان جي خبر شاهه اعظم مالڪ الملڪ ذات حق سبحانه تعاليٰ کي آهي، اهو محبوب علي فقير اسان جو نوراني فرزند آهي. ان جي تعارف سفارش ۾ اوهان ڏانهن زياده ڇا لکبو جو اهو ڪافي لکيو ويو آهي. ان جو رزلٽ آئوٽ ايم ايل وارو اوهان جو دوست آهي. الطاف فرمائي هن فقير کي سر بلند ڪري ڇڏڻ فرمائيندا. جهڙي طرح سندس زبان هر وقت اسان وٽ خواه ٻين محفلن ۾ شريڪ ڪندي رهي. اسان پڻ اوهان جي اهڙين عين نوازش مرحمتن کان دعاگو رهون. والسلام.

- فولاد علي فقير

محترم فاضل قائمي

سکر (13 نومبر 1962)

بخدمت عزت مآب جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

العرض، اوهان صاحبن جو جنسي عنايت نامو ۽ فوٽو سردار خدا بخش خان صاحب ۽ برادرم حسن علي خان ڏانهن موڪليو هيم، سندن جواب تائين ترسيل هوس. ان کان سواءِ اوهان صاحب پنهنجي خط ۾ ڏهرڪيءَ جي هنر بابت جيڪي لکيو هو تنهن هڪ عجيب الجهن ۾ وجهي ڇڏيو هو، جواب ئي نه پئي جڙيو.

گستاخي معاف! مان هڪ سوال پڇي سگهان ٿو ته اوهان اڪيلي سر پنهنجي ذاتي ملڪيت مان مهراڻ جي ماٿريءَ جي سموري فنڪاري ۽ هنر محفوظ ڪري سگهندو؟ ڇا اسان سنڌ واسين جو اهو فرض نه آهي ته پنهنجي گرد نواح جي فن جي حفاطت ڪريون ۽ قديمي هنر جيڪي نين هنرن جي ڪري مٽبا ٿيا وڃن، تن جا نمونا هڪ مرڪز تي گڏ ڪري آئينده نسلن کي انهن سان روشناس ڪرايون. جيڪڏهن پهرئين سوال جو جواب نفي ۽ پوئين جو اثبات ۾ آهي ته پوءِ اوهان صاحبن کي پنهنجا سوٿي طور موڪليل 1500 روپيا موٽائي وٺڻا پوندا.

اوهان صاحبن کي جيڪي شوين (ڏهرڪيءُ جون ٺهيل) پنهنجي خواه دوستن لاءِ کپن سي هڪدم گهرائي وٺو. ڏهرڪيءَ ۾ صراحيون صرف هڪ ماڻهو ٺاهيندو آهي. ان صاحب وعده خلافيءَ جي ڪنهن عادت سبب اوهان صاحب جي صراحي اڃا مڪمل نه ڪئي آهي. تڪميل بعد انشاءَ الله باقي رهيل سوکڙين (ڪهاڙي، چنگ ۽ رڪاب) سميت پهچائي ڏيندس.

سائين منهنجا! اڄ هڪ نهايت دکدائڪ خبر پهتي آهي ته اوهان صاحبن جو پسنديده ۽ اسان جي تر جو مايه ناز سگهڙ اکين سڄو صابر فقير ( شر) اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. هن اڻ پڙهيل عالم جي موت ڄاڻو طبقي جي دلين کي غم سان ڀري ڇڏيو آهي. اڄ اسان جي دوستن کي اوهان صاحبن جي ڪارڪرگيءَ جي اهميت ۽ شخصيت جو انداز ٿي ويندو. اوهان صاحبن، مرحوم صابر جي ادبي خزاني کي ڪجهه قدر محفوظ ڪري اسان اُترادين تي عظيم احسان ڪيو آهي. اوهان پنهنجي هڙان ڳرا خرچ ڪري، ملهائتو وقت سيڙهائي، اسان جي خطي تي جيڪو ٽڪر جيڏو ٿورو ڪيو آهي، سو درحقيقت ٿورڙو نه آهي. خدا ڪري اسان جي باقي سگهڙن جي ادبي سرمايو ضايع نه ٿئي. مون کي صرف هڪ مهينو اجازت ڏيو ته روهڙي ڊويزن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسيع دورو ڪري سگهڙن جي لسٽ تيار ڪريان ۽ پوءِ اوهان صاحبن کي تڪليف ڏيئي، گهرائي سڀني سگهڙن کي اوهان آڏو پيش ڪريان.

هن کان اڳ مون سوچيو هو ته هڪ ٻه ڏينهن اوهان صاحب کان تربيت وٺي، لوڪ ادب جي مختلف پهلوئن جي واقفيت حاصل ڪري، پنهنجي واندي وقت ۾ سگهڙن جي واهڻن تي وڃي وٿانئن ساهٿ سهيڙيان، پر صابر مرحوم جي اوچتي موت انهيءَ ڳالهه لاءِ مجبور ڪيو آهي ته هن لمبي چوڙي پروگرام کي ترڪ ڪري ترت سڀني سگهڙن جو اڪثر مايو سهيڙي وٺجي. ظاهر آهي ته اهڙي تڪڙي ۽ گهڻي سهيڙ جي توقع صرف اوهان صاحبن جي ذات گراميءَ کان ئي ڪري سگهجي ٿي. سردار صاحب ۽ ميان حسن علي خان به منهنجي رٿيل پروگرام سان شامل راءِ آهن. وڌيڪ جيئن حڪم ٿئي، اميد ته بخيريت هوندا. والسلام.

- نياز مند، فاضل قائمي

......2......

• مورخ 30 نومبر 1971ع، سکر

عرض ته، انيس شاهه صاحب توڙي باقي سنگت اوهان جي آمد لاءِ نهايت ئي منتظر آهن. سردي ڄڻ ته آهي ئي ڪانه، بلڪ ڏينهن جو ته ڪڏهن ڪڏهن گرمي محسوس پيئي ٿئي، اهڙيءَ موسم ۾ پروگرام انشاءِ الله بيحد ڪامياب رهندو. پروگرام کان پنج چار ڏينهن اڳ اطلاع ڏيڻ فرمايو ته جيئن سڄي سنگت کي مطلع ڪري سگهجي. ممتاز مرزا صاحب تي اڄ ڪلهه وڏيون ذميداريون آهن، پر جي شيخ صاحب جي همراهيءَ ۾ هن موقعي تي اچي نڪري، ته اتراڌي دوست جيڪر بهار ٿي وڃن.

انيس شاهه صاحب اوهان جي شيان شان استقبال ۽ استقباليه لاءِ ڪوشان آهي، سگهڙن لاءِ وٺ پڪڙ هاڻي سان شروع آهي. سيد صالح محمد شاهه سان ڳالهه ڪڍيم ته خوشيءَ کان ٻلهار پيو وڃي. هتي جي ماڻهن کي، اوهان کي ڏٺي ڏينهن به گهڻا ٿيا آهن. آخر انهن جو به اوهان تي حق آهي، اوهان ته سڄي سنڌ جا سائين آهيو، لاڙ ۾ ويهي اتر کي وسارڻ، يا اتر وارن کي نينڊ تائين انتظار ڪرڻ اوهان کي ڪٿي ٿو جڳائي، مان رڳو پنهنجي طرفان يا پنهنجي جذبن جي ترجماني نٿو ڪريان، اها سڄي اتر جي خواهشن جي ترجماني آهي. اميد ته هر طرح خوش هوندا.

قلم تازو: انيس شاهه صاحب جو رئيس امروهويءَ جي آمد تي لکيل استقباليه پيش خدمت آهي، انبن جي سڪ انبڙين مان ته نه لهندي آهي، پر ڀت بنياد تي وئي آهي: والسلام.

- فاضل قائمي

محترم قادر بخش نظاماڻي

بيروت (1974-1-10)

مانوارا ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم ٻه ڏينهن اڳ استنبول ۾ هڪ اتفاقي ملاقات وسيلي خبر پئي ته اوهين اتي آيل هئا. شايد اندازو نه ڪري سگهو ته ڪيڏي نه اداسي ٿي جو ملي نه سگهيس. ڪجهه اڳ پهچان ها ته  ڪنهن اتفاق سان ملاقات ٿئي ها ۽ ڪجهه حال ڪجن ٿا. اتي ئي اوهان جي ان مقالي جو به ٻڌم جنهن ۾ مولاناءِ روم جي ڀٽائي تي اثر جو احوال هو ۽ اوهان اتي پڙهيو، ڪيترائي عالم جن شاهه صاحب جو اڳ نه ٻڌو هو سي پڇائو ٿي پيا هئا.

ڏاڍي سڪ ٿي ته هوند اهو مقالو هجيم ۽ ور وري ڪري پڙهان. ڪو وسيلو ڪو نه ٿو سجهي سواءِ اوهان جي پنهنجي نوازش جي. ڪرم ڪري سگهو ته هڪ ٻه ڪاپيون رجسٽرڊ ڪري موڪليندا، بيحد ٿورائتو ٿيندس. سائين ڪري شال سدائين خوش هجو. و السلام.

قادر بخش نظاماڻي.

استاد محترم قادر بخش جتوئي*

محبت ديرو جتوئي (1944-7-16)

برخوردار نورچشم راحت جان سعادت و اقبال مند شاد باش،

وسلام عليڪم و دعائي خيريت.

بابا سائين شڪر آهي ڌڻي جو مان نهايت مشڪور، مالڪ جو شڪر گذار آهيان، ڪه توهان کي ڌڻي تعاليٰ ڪماليت جي راه ۾ آندو آهي. آمين. اميد ته توهان کي خالق اڪبر پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان پنهنجي الاهي جو صدقو توهان کي فتحياب ڪندو.

هن دنيا ۾ نيڪ پٽ ۽ سعادت مند شاگرد مائٽن ۽ استادن جو مان مٿي ڪندا آهن، انهن مان  توهين به هڪ آهيو، الله ۽ رسول صه ڪريم توهان کي خوش و آباد رکندو، ۽ هميشه پنهنجي اولاد ۽ عزيزن سان قائم ۽ قدارا هوندا، بس وڌيڪ توهان کي هدايت ڪهڙي ڪبي جو توهان سائين جي مهر سان سلڇڻا فرزند پنهنجي  مائٽن ۽ اسان جا فرمانبردار متعلم آهيو. پنهنجو سٺو ڪم ڪبو ته فائدو پاڻ کي ئي رسندو. بابا سائين هيءَ املهه وقت اجايو جئن نه وڃي، ته پوءِ اميد ته ڌڻي تعاليٰ جي فضل ۽ رحم سان دلي نيڪ مطلب پورا ڪندو. منهنجو رب کي رات ڏينهن توهان جي حق ۾ بار بار عرض آهي ته توهان کي فتحياب ڪندو ۽ هن جهان ۾ تمام چڱو ۽ عين درجو حاصل ڪندو. آمين. سدائين خوش هوندا. ڪڏهن به توهان کي ڪا تڪليف پيش نه ايندي. سدائين بلند هوندا. زياده خير.

- قادر بخش

محترم ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو

سنڌي لئنگويج اٿارٽي (2004-8-19)

محترم سائين،

السلام عليڪم: حڪومت سنڌ جي فيصلي مطابق انگريزيءَ ٻوليءَ کي سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ پرائمري سطح کان لاڳو ڪيو پيو وڃي.

جيئن ته هن وقت تائين سرڪاري اسڪولن ۾ صرف مادري زبان ئي پرائمري کان پڙهائي ويندي هئي، تنهن ڪري ڪجهه ساڃاهه وند ماڻهن ۽ لاڳاپيل ڌرين جو خيال آهي ته انگريزيءَ جي پرائمري سطح کان پڙهائڻ سان سنڌي ۽ ٻين مادري ٻولين جي پڙهائي متاثر ٿيندي.

هي معاملو جيئن ته ٻولي ۽ مادري زبان کان علاوه سنڌ صوبي جي سماجي ۽ علمي ترقيءَ سان لاڳاپيل آهي، تنهن ڪري اسين چاهيون ٿا ته هن مسئلي تي غور ويچار ڪري نتيجي تي پهچي ان کان حڪومتي ڌرين کي آگاهه ڪجي ته جيئن کين فيصلي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي.

ان سلسلي ۾ 24 آگسٽ 2004ع صبح جو 10 وڳي سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي ڊاڪٽر بني بخش بلوچ هال ۾ هڪ مذاڪرو منعقد ڪيو ويو آهي. مذاڪري جي صدارت ڊاڪٽر حميده کهڙو، وزير تعليم، حڪومت سنڌ ڪندي. جڏهن ته عالمن اديبن ۽ لاڳاپيل ڌرين کي شريڪ ٿيڻ جي ڪوٺ ڏئي رهيا آهيون.

اوهان کي هن خط ذريعي هن اهم مذاڪري ۾ شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي. اميد ته شريڪ ٿي پنهنجي ويچارن جو اظهار ڪندا ۽ ٻين جي ويچارن کي ٻڌندا ته جيئن ٿيل بحث مباحثي مان مستقبل ۾ تعليم ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪي نتيجا ڪڍي سگهجن.

- قاسم ٻگهيو.

محترم سگهڙ قائم الدين سهتو

پوسٽ مدئجي، ڳڙهي ياسين، شڪارپور

بخدمت جناب اعليٰ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

عرض ته وڏيون اوهان جون مهربانيون جون مون ناچيز جا ٻه ٽي سينگار جا بيت اوهان کي پسند آيا. اوهان پنهنجي ڪتاب ۾ شايع ڪرايا. اهو اوهان جو ٿورو لاهڻ جهڙو ناهي. ٻي ڳالهه ته استاد محمد ملوڪ عباسي مون سان احوال ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب کي هنر جي بيت جي ڪتاب جو شوق آهي ۽ اوهان طرح به موڪلي آهي، جو حمل فقير جو شعر آهي. ان لاءِ اوهان جي خدمت ۾ هڪ هنر جو بيت موڪليان ٿو جيڪڏهن اوهان کي ٺهڪي ته پوءِ حڪم نامو لکي موڪلجو ته ٻيا به گهڻائي بيت هنر جا اوهان جي خدمت ۾ موڪليندس.

عمر هن نه اهڙا مون کي ساهه ۾ سئا

آءُ ڏهان ٻڪريون ڏوهي ۾ جي سڀ هجن سئا،

کاڌو کاڄ اسان جو آ ساڳ پليون –سئا،

لعل لوئي لڄ اباڻي سانگين جي سئا،

سڏ نه ها سئا، جي ڪيم تن کي قائم چوي.

وڌيڪ مهرباني جي ڪرم ڪريو اسان مسڪينن تي ته هڪ سينگار بيت جو ڪتاب موڪليندا ته لائق پيا ڳائينداسين.

- قائم الدين سهتو

محترم قادر بخش ڏيٿو

گورمينٽ مدرسه ۽ هاءِ اسڪول نوشهروفيروز(1984-4-21)

سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته، اميد ته رب العالمين جي رحم ۽ ڪرم سان خوش خورم هوندا.

قبلا سائين! اوهان جو مهر ڀريو خط عزيزم محمد سليمان جي واسطي سان مليو، رب العالمين اهڙيون وٺندڙ تڪليفن جو اجر ٻنهي جهانن ۾ ڏيندو. آمين.

سائين! جيئن اوهان لکيو هيو ته رمضان شريف کان پوءِ جشن ملهايو پيو وڃي ته بهتر ۽ اوهان جي انهيءَ ڏنل رٿ موجب جشن عيد کان پوءِ رکيو ويو آهي ۽ سائين ظفر علي شاهه صاحب جن کي آگاده ڪيو ويو آهي.

اسڪول جي پراڻي بلڊنگ جي سهڻي نموني مرامت ٿي رهي آهي ۽ اميد ته مرامت کان پوءِ بلڪل نئين بلڊنگ پئي لڳندي.

جيتري قدر سووينئر جو سوال آهي، تنهن لاءِ عرض آهي ته اهو ڪم اولڊ بواز اسوسيئيشن جي حوالي ڪيو ويو آهي. اسان قرب وارن کي گذارش ڪئي آهي ته اسان کي ائڊورٽائيزمينٽس وٺي ڏين. ڪن احسان ڪيا ۽ ٻيا به جلد ڪندا. اهڙي طرح سان ٻي مالي مدد به ملي رهي آهي. سائين مراد علي شاهه صاحب جن سان به ملاقات ڪئي اٿئون، ۽ پاڻ پوري پوري مدد ڪرڻ جو انجام ڪيو اٿائون ۽ اهو به چيائون ته هر طرح سان مدد ڪئي ويندي ۽ جشن کي ڪامياب ڪيو ويندو.

قبلا! اوهان خاطري رکو اوهان کي هر ڳالهه کان آگاهه رکيو ويندو ۽ اوهان جي دعائن سان هن جشن کي اهڙي شاندار نموني ۾ پيش ڪيو ويندو جو اسڪول جي تاريخ پاڪستان جي تاريخ ۾ پنهنجو مثاڻ پاڻ هوندي

آخر ۾ وري اها گذارش آهي ته دعا ڪندا رهندا ۽ پنهنجي نيڪ مشورن کان آگاهه ڪندا رهندا ته اسان جي جيڪي هن ميدان ۾ اڻڄاڻن جي حيثيت رکون ٿا رهبري ٿيندي رهندي.

- قادر بخش ڏيٿو

محترم قائم الدين ڪنڀر

پوسٽ کاڻ، وايا ميرپورخاص (1977-1-20)

مڪرمي و محترمي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: عرض ته اوهان جي پراڻي ۽ پياري همدرد ۽ هڏڏوکي ساٿي مرحوم ٻيڙي فقير جو چاليهو 5 فيبروري بروز ڇنڇر شام يعني آچر جي رات فقير سائين جي قربائتن ۽ آسائتن ڪکن تي ٿي رهيو آهي، انهيءَ موقعي تي فقير مرحوم جي زندگي جي هر پهلو تي مختلف مڪتبه فڪر جا صاحب روشني وجهندا، اوهان جهڙن جو هن مجلس ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ فقير مرحوم جي زندگي بابت چند گوهر گفتا چوڻ اسان ۽ آيلن لاءِ تقويت جو باعث بنبا.

        سائين، اوهان جيئن فقير مرحوم جي آخري سفر تائين پنهنجي لائق فرزندن سميت ساٿ ڏنو تيئن اميد ته آئنده به احسان سان تعاون ۽ ساٿ رهندو. اسان جون آسائتيون دليون اوهان جي اهڙي قرب لاءِ هميشه واجهائينديون رهنديون.

- قائم الدين ڪنڀر

محترم قيمت سونارو

ڪرمپور، تعلقو سيوهڻ (1964-10-19)

بخدت عظيم القدر محب الفقراء جناب ڊاڪٽر صاحب،

بعد گهڻن نيازن ادبن قدم بوسي جي عرض و ندنا ٿي ڪجي ته اوهان جو لکيل جوابي پريم پتر پهتو. وڏي نوازش. وڌيڪ معلوم هجي ته خانپور مان لکيل استدعا نامون ۽ ان جو جوابي نوازش ٿيل خط بنده کي نه خانپور نه وري هتان واري ائڊريس تي پهتو. بنده وت آهر ڏاڍو غرض عرض ۾ پر بيتن جي صورت ۾ پيش ڪيو هيو، يعني جنهن بيماري يا مجبوري ۾ مريض مبتلا هوندو آهي، ڏاهي يا حڪيم و ڊاڪٽر صاحب سان به ان مرض جو بيان ڪرڻ شروع ڪندو آهي، اها استدعا جي صورت ۾ بيت خدمت ۾ ٽپال رستي خانپور مان پيش ڪيم. ان جو  جواب ندارد، ضرور پهتو، مون کي ڇو نه! خير ڪل. هن خط نوازش ۾ ڏاڍو قرب ڪيو اٿو تڪليف به توهان کي نه ڏجي بهتر، جو ڪم جهجها اوهان تي عظيم عظيم قدرتي ڪائناتي مڙهيل آهن. اڳ ۾ به اوهان صاحبن جهوڪ شريف ۾ روبرو فرمايو هوته ڀلا ٽپال ته لکندو ڪر. پر تڪليف ڏيڻ ادب ۾ گستاخي ۽ حجت جو انديشو ٿي ڀانيم ان ڪري وري به معافي طلب ٿو ٿيان اوهان کي تڪليف ڏيڻ جو جن و انس فرمان فائق و فرقاقن موجب واعدي ” الست بريڪم“ جو قول ”قالو بليٰ“ ۾ ويچارا وڪوڙجي ويا. هاڻ ته انجام شڪني اهانت ويچاي مخلوق مان اهي ٻه جنسون فڪر ۽ مجبور آهن لکان يا هوندين لکان، ويتر پيٽ جي پٽڻي ته حلال حرام جي سنڌي يعني فرق فهم کان بيدار ڪن کي ڪيو ته سڌ کا بي خبر ڪن کي ڪيو. اوهان صاحب جي ملاقات واري اشاري مان معلوم ٿو ٿئي ته شايد قلندر لعل شهباز جي ميلي مجمع ۾ ملاقات نصيب ٿيندي يا الائي ڪڏهن. زياده خير، بنده خادم الفقراءَ غلام الاهي

- قيمت سونارو

محترم قليچ بيگ لغاري

ڪراچي ( 1956-8-3)

عزيز المحترم جناب ڊاڪٽر صاحب.

السلام عليڪم جي واصح هجي ته هڪ خط اڳ اوهان ڏانهن لکيو هوم جو اميد ته پهتو هوندو. هن خط رستي ڪتابن جي تفيصل موڪليان ٿو. جيڪڏهن خيال هجي ته پوءِ ڪتاب وٺون، جنهن وٽ ڪتاب آهن سو ٽاڪ سُڃو ۽ تمام سست طبيعت جو ماڻهو آهي. هو چوي ٿو ته مون کي صرف پيسا گهرجن. رتبي وغيره جي مون کي ضرورت ناهي. ڪتابن جي ڪل قيمت 5000 هزار روپيه چوي ٿو ته سڀئي گڏ وڪڻڻ چاهي ٿو، هاڻي جيئن اوهان جي صلاح هجي. ٻيو ته مون کي پڪيءَ طرح سان معلوم ٿيو آهي ته سائين شاهه نواز ” پير حسن بخش جو ڪلام“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ مان ڪتاب شايع ڪرائين ٿا. جنهن ۾ ڪجهه اسان جو به بيان ڪيو اٿن ته بيگ پهريائين گڊا هئا ۽ پوءِ سائين کير پياڪ جي دعا سان سکيا ٿيا ۽ کين بيگن جو لقب ڏنو وغيره“ اوهين پاڻ سمجهي سگهو ٿا ته اها سراسر اسان جي بعزتي آهي ۽ سائين شاهه نواز کي اهڙن الفاظ لکڻ جي ضرورت ته نه هئي. ائين هوند بهتر ٿئي ها جو لکي ها ته سائين کير پياڪ جي دعا سان وڌي وڻ ٿيا وغير وغيره تنهنڪري اوهان کي پڻ اهو عرض آهي ته سائين شاهه نواز کي چئو ته اهڙي ڦير گهير ڪتاب ۾ ڪري ۽ پنهنجي اڳين محبت ۽ دوستي ۾ رخنو نه وجهي وڌيڪ مالڪ آهن.

ڪتابن جو تفصيل هن طرح آهي؛

هنن ڪتابن تي جيڪا پراڻي صورتخطي لکيل آهي سان لکوه نٿا.

هي ڪتاب منج قصو امام حسن حسين جو آهي.

ڪتاب ماينبغي للحمائل من معددة المسائل تصنيف عبدالرحيم گرهوڙي جي (هن ڪتاب جي وچ ۾ هيئن لکيل آهي ته ) ۽ جيڪو پڇي تاريخ کاته چئج تهم کا، ستن اڳري ستر هئي بارهين سئون ٿا)

هن ڪتاب ۾ حديثون قصا ۽ نصيحتون آهن ( ڪتاب تي مٿان ٽائيٽل نه آهي، هن ۾ نور نامه ابوالحسن آهي.

عهد نامون، رحلت نامون، باب نصيحتون، باب دوزخ جو، باب بهشت جو، باب صدقي جو، باب حج جو.

هن ڪتاب منج پهر ئي هيڪڙو باب، خلقت آڀ ڀُويين آهي تنهن پوءِ قصو حضرت يوسف جو آهي.

”تفسير تبارڪ جي سيپاريجو سنڌي زبانم ملي مهرو جي تصنيفا“.

ڪتاب جن تي تاريخ لڳل آهي.

هن ڪتاب منج پهرئي رسالو شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو آهي، تنهنا پوءِ ليلا مجنو، تنهنا پوءِ کينا آهن، شروع مان جمادي الثاني بتاريخ 20 روز جمع 1270.

نورنامه (ڪاتب محمد عارف) بتاريخ 10 رمضان 1202.

هي ڪتاب فرائض الاسلام آهي تصنيف مخدوم صاحب جو آهي، (هن ڪتاب تي هيئن به لکيل آهي) ڪتاب فرائض السلام ملڪ حاجي عيسيٰ، اس پر بيس روپيه خرچ هووي هي. تمت تمام شد ڪتاب مستطاب فراض الاسلام سندهي بدست فقير عبدالله ساڪن باٽوَه بتاريخ نوم ماه ذوالقعد بروز پنجشبند 1278 شهر مبمئي تمام يافت در مسجد ميان اسماعيل حڪيم فقط.

هي ڪتاب عقائد الاسلام بناءُ الاسلام آهي. (ڪتاب عقائد سندي ملڪ حاجي عيسيٰ اس پر نو روپيه خرچ هووي هين. تمت تمام شد اين ڪتاب بناءَ السلام سنڌي از دست خط عاجز عاصي ملان عبدالله بن فتح محمد مرحوم درساڪن قصبه دهوراجي بتاريخ ششم ماه ذي العقد 1278 هجري.

الجزاول من ڪتاڊ بناء الاسلام سندي عقائد ٻئي سنڌي زاد الفقير جنهنجو نان ئي ٻئي ڪتاب تصنيف مخدوم هاشم جا تمت تمام هون الملڪ العلام بدست خام فقير حاجي رحمت الله سنڌي روز دو شنبه يوم الحج بتاريخ نهم من ذوالحج 1190.

هي ڪتاب زادالنسوان يعني نصيحت عورتن جي تصنيف عبدالرحمان جي آهي. قد واقع الفراغ من نسخته زادالنسوان بيد مولفه في التاريخ تسبح عشر من شهر ربيع الاول در روز دوشبنه بوقت ضحي در 1279 هجرة النبي صلي الله عليه وسلم هن ڪتاب جي آخر ۾ هي بيت لکيل آهي

 

الهيٰ هر آن کس که اين خطه نوشت،

عفوکن کنا هش عطا کن بهشت

مقدمة الصلوات سندي نالو تنہ رکيوم الاهي ابوالحسن نکي تو ملا، هي رسم الخط جيڪي ڪتابن تي لکيل آهن، سي ئي لکيا ويا آهن.

ڇاپي جا ڪتاب:

سير بوستان، قصص الانساءَ، تصنيف ميان محمد حسين سو سعي شاهه قاضي فتح محمد ب حاجي الحرمين الشرفين جناب قاضي نور محمد صاحب مرحوم و جناب شيخ نورالدين جيوا خان مرحوم جي منجهه مطبع حيدري شهر ممبئي جي ڇاپي تيار ڪيو1301 .

هاڻي هي قصو شهادت امير المومنين امان حسن حسين جو جنهن کي جنگ نامي مارو (ماڻهو) چون ٿا ۽ مصنف تنهنجي نالو رکو روضته الشُهدا ۽ سوٻاوا ميان بن حاجي رحمة الله ۽ عبدالصمد بن حاجي محمد مقيم ۽ محمد صديق  بن مرحوم عبدالرحمان جي ڪنا اولاد زبدت الاولياءِ مرحوم مخدوم نورنگ رحمت الله عليه جي آهين، مطبع حيدري ممبئيءَ جي ۾ بتاريخ 12 ذيقعد 1280.

هاڻي هي سندي دوزخ جي تصنيف مخدوم مرحوم سلطان العلماءُ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي جنهنجو نالو نادالفقير سو سعبي سان جناب قاضي ابراهيم بن قاضي نور محمد پلنبدري جي منجهه مهني جمادي الاول1282 مطبع محمد ممبئي هن ۾ ٻه پارٽ آهين.

راحة المومنين2. مطلوب المومنين، تصنيف مخدوم مرحوم ميان عبدالخالق ٺٺئي جي.

 ڪل ڪتاب سورهن آهن ۽ تمام سٺي ڪنڊيشن ۾ آهن اکر تمام عمدا ۽ تعريف جي قابل آهن. اوهين صلاح مشوره ڏيندا ته ڪتاب وٺون يا نه ۽ ڪهڙي طرح وٺون وغيره. ٻيو ڪل خير.

- قليچ بيگ لغاري

محترم سيد قطب علي شاهه

شاهه پنجو سلطان، ضلعو دادو (1972-7-24)

بخدمت فيض درجت ابر رحمت عاليشان جناب استاد سائين،

السلام عليڪم، نيازن بعد عرض ته مون کي سائينجن جي اچڻ جي پروگرام واري يادگيري هر وقت آهي. بابا سائينءَ کي به توهان جا سلام ۽ اچڻ واري ڳالهه ٻڌايم. ڏاڍا خوش ٿيا ۽ فرمايائون ته  سندن وڏا احسان آهن جو هيتري ڪري سائينجن کي مدعو ڪري نه سگهياسين. هاڻي سائينجن جڏهن به ارادو ڪن ته سندن دل ۽ جان سان خدمت ڪيئي ويندي.

2. اسان وٽ حضرت شاهه پنجو سلطان جو ميلو هر مهيني جي پهرين آچر يعني سومر جي رات سميت ٿيندو آهي، جنهن ۾ جنات وغيره ( ڪنڌ هڻڻ) شامل هوندو آهي. مطلب ته دل وندرائڻ جهڙي ڪافي شغل ٿيندا آهن. سو جيڪڏهن هن صفر مهيني جي پهرين آچر تي ايندا ۽ اسان غريب ساداتن کي خدمت جو موقعو ڏيندا ته  بيحد مسرت ٿيندي. پاڻ سان پنهنجي دل وارا دوست به آڻيندا ته اڃا به وڌيڪ خوشي ٿيندي. هتي سيدن جو ننگر آهي کٽڻ جي ڳالهه نه آهي ۽ اوهان استادن جون دعائون به شامل حال آهن ته اسان کي ڪوبه فڪر نه آهي. اچڻ کان اڳ ۾ ٻه اکر نوازش ڪندا ته خاص احسان سمجهيو ويندو. نه ته به اسان هر وقت تيار آهيون بلوچن ۽ سيدن جي عقيدن ۾ جدائي نه آهي. السلام عليڪم بابا سائين جا مطالعه ڪندا.

- سيد قطب علي شاهه

محترم قربان علي قربان خاصخيلي

بوزدار وڏا، ضلعو خيرپور (1982-2-8)

قبلا سائين!

فارم پهتو. مون ڀري موڪليو. رجسٽر رسيد عرض آهي ۽ مون رسيد به پهتي آهي. مون ڄاتو ته اها ڪرم نوازي سائين جن کان ٿي آهي.

اهڙيءَ ڪير ڪري، ساميءَ بنا ستگرو

عالي جاه! آءُ هفته کن ٻاهر ويو هوس، جو جواب ڏيڻ ۾ دير ٿي آهي.

جنهن آهي لڄ کنئي، اسين آهيون ان جي آسري

سائين علي گوهر فقير شاد آهي، شيطان هٿيڪو ڪيو اٿن. هاڻي سڀڪو بي ڊپو ٿي رب سائين کي ياد ڪري ۽ زندگي جون گهڙيون گهاري حياتي تي ڀروسو ڪونهي. اهي صُحبتون ۽ صيقل اڪيلائپ ۾ عجيب ٿينديون. ڪڏهن به ڪرم نوازي ٿئي ته ياد فرمائجو. آمين. آءُ ڏانهن اوهان صاحبن جي احسان ۽ ياد جا قرب موڪلي رهيو آهيان ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته عثمان فقير سانگي جو رسالو ڇاپي ۾ آيو آهي، تلاش ۾ آهيان هٿ آيو ته خدمت ۾ پيش رکبو. دعائن جو طالب


*مون کي پرائمري اسڪول ۾ استاد پڙهايو. شاگردن تي مهربان هوندو هو. رحمت الله عليه-  نبي بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org