سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: گلدستهء قليچ

صفحو :2

 

غزل (4)

حضرت علي رضه جي مدح

هر دم اڙين جو آهين تون آڌار يا علي

مشڪ ۾ ٿي تون منهنجو مددگار يا علي

 

تون آهين شيرِ حق، تون يدالله تون ولي

تون مرتضيٰ، تون حيدر ڪرار يا علي

 

3.  تنهنجا آهن سلامي مَلَڪ، جِنَ ۽ بشر

بر حق تون آهين سيد سردار يا علي

 

4.  آهين خدا جو خاص تون، نائب رسول جو

ارض و سما جو مالڪ، مختار يا علي

 

5.   والي ولهن جو، حامي هيڻن جو، تون هتي

تون مومنن جو مهند ۾، مهندار يا علي

 

6.   آهي ”قليچ“ تنهنجي، غلامن سندو غلام

هر حال ۾ ٿجئين تون، سندس يار يا علي

*

 

 

 

غزل (5)

رات جا مزا

ڇا مزي سان آئي اڄ، رونق مٽائي راتڙي

روز روشن کان به وڌ، اڄ ٿي سهائي راتڙي

 

2-     چنڊ چڙهيو چوڏهينءَ جو ۽ چوڏس چٽو چانڊاڻ ٿيو

نور جي برسات جت ڪٿ ٿي وسائي راتڙي

 

3-     گل کليا گلشن ۾ بيحد، پئي اچي هٻڪار خوش

ٿي گلابي عطر اڄ گويا وسائي راتڙي

 

4-     ماهتابيءَ جي مزي ۾ ٿو لڳي محبوب خوب

ريجهه مر عاشق ڪري، تنهن کي رهائي راتڙي

 

5-      عيش عشرت کانسوا ٻولي نه گهرجي ڪابه اڄ

من ڪري مسرور، غم کي ٿي گنوائي راتڙي

 

6-     شوق مان دل جي پون پرچي رٺل پڻ ههڙي رات

وڇڙيلن ورهين جي محبن کي ملائي راتڙي

 

7-     درد مندن کي دلاسو، بيدلين کي دلبري

سڀ کي حال آهر ”قليچا“ ٿي سيبائي راتڙي

*

 

غزل (6)

زماني جي حالت

ويو اخلاص عالم مان، عجب هي دور آيو آهه

ڊڄي سڀ خلق ظالم کان، عجب هي دور آيو آهه

 

نه يارن ۾ رهي ياري، نه ڀائن ۾ وفاداري

سچائي وئي اٿي ساري، عجب هي دور آيو آهه

 

گهڻا جيڪو مڪر ڄاڻي، وڻي هر ڪنهن کي ٿو هاڻي

کريو کوٽو مزا ماڻي، عجب هي دور آيو آهه

 

دغابازن جي اڄ بازي، چغل خورن مان سڀ راضي

تڙين جي آبرو تازي، عجب هي دور آيو آهه

 

هنر وارن جي بدحالي، ڦرن در در مٿي سوالي

لچن جي اڄ چلي چالي، عجب هي دور آيو آهه

 

”قليچ“ آهين سياڻو جي، نه رک ڪو ڀروسو تن تي

گذارج تن کان تون پاسي، عجب هي دور آيو آهه

*

 

 

غزل (7)

بهار جي آمد

 

اڄ عجائب رنگ سان، گلزار ۾ آئي بهار

درد وارن کي دلين ۾ لهس، لئون لائي بهار

 

ٿي بهاري، وئي خزان، سر سبز ٿيا صحرا سڀئي

واهه بلبل کي ڏني، گل گل سندي وائي بهار

 

مي به ۽ مينا به ۽ ساغر به سڀ موجود آهه

ناهي جي محبوب مون وٽ، ڌوڙ پئي ڇائِي بهار

 

هاءِ اڄ ههڙن مزن ۾ ٿو ڏسان خورشيد ڪانه

آهي ان ري جا بجا، ارمان ۾ جائي بهار

 

جي مليو محبوب ٿيا، چوڏهن طبق روشن ”قليچ“

ورنه آهي هر طرف، افسوس! اونڌائي بهار

 

*

 

 

 

 

 

غزل (8)

صبا جي هٿان پيغام

 

1-  ڏي صبا! سعيو ڪري، آڻي سنيهو يار جو

من موهن منٺار دلبر، دل گهرئي دلدار جو

 

ٿي بهاري، وئي خزان، ساوا ٿيا صحرا سڀئي

بلبلن ۾ گفتگو پيو، هو گهڙي گلزار جو

 

ٿو وجهان هر وقت فالون، ۽ نهاريان چو طرف

مان ڪاٿئون ڪو لنوي، ڪانگل پرين جي پار جو

 

عمر ساري هجر جي هاڃي ڪيو مون کي هلاڪ

يا الاهي! حال ڪونهي، برهه جي بيمار جو

 

عمر نه کاءُ، ڪر صبر سورن ۾ سدائين اي ”قليچ“

مرد موُرئون ڪين ڪن، سنسو انهي سنسار جو

 

*

 

 

 

غزل (9)

سڀ ڪجهه ٿيو ته ڇا ٿيو؟

دنيا ۾ دل جو مطلب، پورو ٿيو ته ڇا ٿيو

آخر مليو نه، جي ربّ، ٻيو سڀ مليو ته ڇا ٿيو

 

مر هت هجي ئي شاهي، لک لشڪر ۽ سپاهي

ٿيندين عدم ڏي راهي، جڳ فتح ڪيو ته ڇا ٿيو

 

ٿين علم ۾ جي ڪامل، ڪر پڻ عمل کي شامل

عالم جي ٿيو نه عامل، دفتر لکيو ته ڇا ٿيو

 

هت فڪر جو فسانو، هت زر جو ٿئي زمانو

هٿ ڪر تون هو خزانو، هي مال ويو ته ڇا ٿيو

 

دنيا جا سُک ڦٽا ڪر، وٺ آخرت کي آخر

سودي ۾ سود خاطر، نقصان پيو ته ڇا ٿيو

 

سورهيه ڏکو ڏيکاريئي، ويري سچو وساريئي

پنهنجو نه نفس ماريئي، دشمن دسيو ته ڇا ٿيو

 

آهي ”قليچ“ ارمان، ڪيو شرڪ تو کي شيطان

من جي نه ٿيو مسلمان، ڪلمو پڙهيو ته ڇا ٿيو

 

*

 

غزل (10)

عجيبن جون عجب چالون

1.      عجب چالون عجيبن جون

ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون

وجهن حيرت ۾ جڳ کي ٿيون

ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون

 

2. اکيون تيغ ۽ ڀرون خنجر، کڙا پنبڻين جا ٿيا لشڪر

ڪيون مون سان انهيءَ ڪارون

ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون

 

3. کلي ڳالهائي ڪڏهن مونسان، ڪڏهن بيزار ٿئي مونکان

عجب مون سان هلي رمزون

ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون

 

4. نرالو عاشقن جو حال، اميد ۽ ڊپ ۾ ٿيا پامال

رهن تن کي سدا ڳڻتيون

ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون

 

5. ٿئن ڪڏهن ڊپ وڇوڙي جا، ملن ڪڏهن وصل جا واعدا

ٻڌن هر روز ٿا ٻوليون

ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون

 

6. ڪريان ڪهڙا ”قليچ“ اظهار، زماني جا عجيب اسرار

عجب ٻڌجن ٿيون خبرون

ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org